ناشر پاران
”زنبيل“ لفظ پڙهڻ سان خيال وڃيو ”عمرو عيار“ تائين
پهچي، ان ڪري جو عمرو عيار جون ڪهاڻيون ڏاڍيون
دلچسپ آهن. هي ڪتاب به عمرو عيار جي زنبيل (ڳوٿري)
مثل آهي، جنهن ۾ بي بها خزانا سمائجي ويندا هئا.
سائين عبدالجبار جوڻيجو صاحب جي ڪتاب جو عنوان به
زنبيل ئي آهي ۽ ان ۾ انمول خزانا آهن، ادب به هڪ
انمول خزانو ئي آهي جو سائين لکندو به ويو آهي ته
سانڍيندو به ويو آهي. سائينءَ جو هي ڪتاب مختلف
عنوانن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ شخصيتون، مقالا،
مضمون، ڪتابن تي تبصرا، انٽرويو، پهاڪا، اُچار، خط
۽ مختصر سفرنامن جو ذڪر پڻ هن ڪتاب ۾ ملندو.
سائين جوڻيجو صاحب 1950ع کان وٺي لکندو اچي.
جوڻيجو صاحب پڙهندڙن کي تمام سٺو ۽ معياري ادب ڏنو
آهي ۽ سائينءَ جا جملي 75 ڪتاب شايع به ٿيا آهن،
انهن ۾ ”ڪٺمال“، ”سنڌي ادب جي تاريخ“، ”شاهه جي
رسالي جو مطالعو“، ”سچل سرمست: هڪ مطالعو“ ”لاڙ جو
مطالعو“ ۽ ڪجهه ٻيا ڪتاب به شايع ٿي چڪا آهن.
سائين عبدالجبار جوڻيجو صاحب 1993ع کان 1995ع
تائين سنڌي ادبي بورڊ ۾ چيئرمن به ٿي رهيا آهن.
سندن هي ضخيم ڪتاب شايع ڪندي اسان کي ڏاڍي خوشي
محسوس ٿي رهي آهي، اميد ته هي ڪتاب پڙهندڙن کي
ضرور پسند ايندو ۽ سنڌي ادب جا شاگرد ۽ عام پڙهندڙ
ان مان لاڀ حاصل ڪندا.
02- جولاءِ 2010ع
بمطابق 18 رجب المرجب 1431هه |
(پروفيسر سيد زوار نقوي)
سيڪريٽري |
مهاڳ
جيترو مون کي ياد پوي ٿو ته اٽڪل 14 – 15 سالن جي
عمر ۾ 1950ع ۾ ’الوحيد‘ ۽ ٻين روزانين اخبارن جي
”ٻارن جي ٻارين“ وارن حصن ۾ مون ننڍا ننڍا مضمون
لکيا. اُن کان پوءِ 1956ع ۾ منهنجن افسانن ۽ بيتن
جو گڏيل مجموعو ’سوکڙي‘ شايع ٿيو. سال 2006ع تائين
ڪُل 57 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. اٽڪل ايڪيهين صديءَ
جي ابتدا کان پنهنجن مختلف مضمونن، افسانن، مقالن،
تبصرن، تاثرن ۽ ٻين تحريرن کي ڇپيل رسالن ۽ اخبارن
مان گڏ ڪرڻ شروع ڪيم. ڏٺم ته منهنجو پهريون افسانو
”مٿي جو سور“ هو، جو ’فردوس‘ (هالا) مارچ 1954ع ۾
ڇپيو هو ۽ سنڌيءَ ٻوليءَ جي اُچارن (محاورن) بابت
هڪ مقالو به 1954ع ۾ ئي ’نئين زندگيءَ‘ ۾ ڇپيو هو.
جيڪي مقالا گڏ ڪيم، اُنهن جو پهريون مجموعو
’ڪٺمال‘ نالي سان سنڌالاجيءَ 2002ع ۾ شايع ڪيو. ڪي
ليک ابتدائي دور ۾ گم به ٿي ويا. اُهي روزانين
اخبارن ڪاروان، هلال پاڪستان، نواءِ سنڌ ۽ نئين
سنڌ ۾ ڇپيا. اُنهن مان ڪي اخبارون 1970ع ۾
سنڌالاجيءَ کي ڏنم. تن ۾ يا ڪن ٻين اخبارن ۾ ون
يونٽ جي خلاف ليک به هئا- اٽڪل ڏهه هوندا. اُهي گم
ٿي ويا آهن.
مقالا جيڪي ترتيب ڏنم تن مان ”ڪٺمال“ ۾ 67، ”شاهه
جي رسالي جو مطالعو“ (2005ع) ۾ 32 ۽ ”سچل سرمست:
هڪ مطالعو“ (2006ع) ۾ 21 اچي ٿي ويا. اُن کان پوءِ
هن موجوده مجموعي ۾ 107 ليک (مقالا وغيره) آندل
آهن. مقالن ۽ ٻين ليکن جي هنن چئن مجموعن ۾ ڪل 200
مقالا ۽ 7 ليک اچي چڪا. انهن کان سواءِ پنهنجين
پراڻين تحريرن کي به گڏ ڪيو اٿم جيڪي ڪتاب جي آخر
۾ آهن. اُهي يادگار طور آهن.
ڪتاب جيڪي پبلشرن غفلت يا ڪن ٻين سببن ڪري روڪيا ۽
مسودا واپس به نه ڪيائون اُهي هي آهن: ’پاسيرا
لڙڪ‘ (1956ع)، ’بيشڪ‘ (1956ع)، ’سورٺ مئي سُک ٿيو‘
(1985ع)،’ لِيو خُولان‘ (1980ع)،
’چچ مچ چئنچلداس‘ (1987ع) ۽ ’شڪار‘ (1991ع).
شاهه ۽ سچل تي ابتدائي دور جا ڪي مقالا ’ڪٺمال‘ ۾
به آهن ۽ جدا مجموعن ۾ به آهن. هونئن تعداد اهميت
نه ٿو رکي معيار بنيادي شيءِ آهي. هڪ لکڻ واري جي
تحرير ۾ بتدريج معيار بلند ٿيڻ کپي.
معيار ڪيترو وڌيو آهي، اُن جا منصف پڙهندڙ آهن.
پنهنجن دوستن ۽ شاگردن هميشه منهنجي همت افزائي
ڪئي آهي. آءٌ انهن جو ٿورائتو آهيان.
عمرو عيار جي ’زنبيل‘ مشهور آهي. هونئن به ٿيلهي ۾
ماڻهو پنهنجون شيون کڻن ٿا. مون ڪتاب جو عنوان فقط
’زنبيل‘ اُن ڪري قائم ڪيو آهي جو هن ۾ منهنجا
ننڍپڻ جي زماني کان وٺي 2006ع تائين جا ليک،
مقالا، تبصرا ۽ ٻيا مضمون شامل آهن. اِن لحاظ سان
ڪن ٿورن پراڻن گم ٿيل ليکن کي ڇڏي، ڪٺمال ۽ زنبيل
۾ منهنجون سڀ تحريرون شامل آهن. ٻيا ڪتاب ان کان
علاوه آهن. اُميد ته هي ڪاوشون پڙهندڙن وٽ قبول
پونديون.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
13- جنوري 2007ع، بدين
سنڌ جو
روحاني ۽ لوڪ سنگيت
(Devotional
and Folk Music of Sindh)
راڳ سنگيت دنيا جو گڏيل ورثو به آهي ۽ ديس ديس جي
راڳ راڳڻين ۽ آهنگ ۾ فرق به آهي. ائين چوڻ ۾ ڪوبه
وڌاءُ نه ٿيندو ته هيءُ هڪ قديم فن آهي ۽ ابتداءِ
آفرينش کان وٺي ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾، توڙي مختصر
سُرن ۾ موجود رهيو آهي. مشرق ۽ مغرب جي موسيقيءَ ۾
گهڻو فرق آهي. اُهو بنيادي طور آهنگ ۽ تال جو آهي.
موزارٽ (1756 – 1791ع) کڻي ڪيڏو به وڏو ڪمپوزر
آهي، پر هن جي سِمفنيز کي مشرق جو ذهن قبول نه
ڪندو، مغرب جا فنڪار بيٽلز، سُپريمز، مائيڪل جئڪسن
۽ ٻيا اوڏانهن ئي سُونهن ٿا. البت ترڪي، عرب ۽
ايران جو سنگيت فاصلي جي مدنظر بتدريج اسان کي
ويجهو آهي.
آءٌ جڏهن اسان جو سنگيت ٿو چوان ته اُن مان مُراد
هندستاني پڪو راڳ Indian
Classical Music) آهي.
اُن جو دائرو پاڪستان، اُتر ڀارت، نيپال، بنگلاديش
۽ افغانستان تائين وسيع آهن. باقي ڏکڻ ڀارت جا
علائقا ڪرناٽڪ راڳ (Karnatak
Music)
جي دائري ۾ اچن ٿا. هندستاني ۽ ڪرناٽڪ سنگيت جو
رابطو ماضيءَ کان هلندو اچي، پر آهنگ جي لحاظ کان
ٻئي سرشتا (Systems)
عليحدا آهن.
بنيادي طور هندستاني ڪلاسيڪل سنگيت جو واسطو هندو
تهذيب ۽ ڌرم سان رهيو ۽ هلندو اچي(1).
هندن جي سوچ موجب راڳ عبادت آهي. راڳ راڳڻين، ٻولن
۽ هندو ڌرم جي بنيادي اصطلاحن ۾ اهو نمايان آهي.
ڀڄنن ۾ پوڄا جي زبان موجود آهي. هندو موسيقارن سان
گڏ مسلمان موسيقار به هن سرشتي جو حصو بنيا ۽ نالو
ڪڍيائون. اڪثر راڳيندڙ اڻ پڙهيل هئا ۽ پنهنجي طرز
ادائگيءَ ۾ ڪنهن کي نه ڪو شريڪ ڪيائون نه ڪو طريقي
سان سمجهائي ٿي سگهيا. (2) جن
هندو موسيقارن موسيقيءَ تي ڪتاب لکيا، انهن جو
بنياد ڌرمي شاستر هئا. انهن شاسترن ۾ زندگيءَ جي
ٻين شعبن سان گڏ راڳ راڳڻين، تالن، اُنهن جي
استعمال، ٻولن، اسٿاين، انترن ۽ راڳ سنگيت جي مقرر
قانونن جو ذڪر هو.(3) تنهن
سان گڏ بنيادي مول راڳن، راڳڻين ۽ اُنهن جي قسمن
جو به ذڪر ڪيل هو. اِنهن ڪتابن ۾ جيڪي نسبتاً ماضي
قريب ۾ لکيا ويا تن ۾ سنگيت رتناڪر اهم آهي. پنڊت
وشنو نارائڻ ڀات کنڊي به معياري ڪتاب لکيا، جيڪي
مراٺي زبان ۾ هئا ۽ پوءِ هندي، اردو ۽ ٻين زبانن ۾
ترجمو ٿيا. (4) پاڪستان
۾ راڳ ۽ تال بابت ڪجهه ڪتاب آهن. انهن ۾ قاضي ظهور
الحق جو رهنماءِ موسيقي ۽ محفوظ کوکر جو راڳ سروپ
اهم آهن. سنڌيءَ ۾ راڳ بابت پير بخش مغل جو راڳ
ساگر ۽ منظور نقويءَ جو سنڌي راڳ ۽ تال اهم آهن.
موسيقيءَ جي سنڌ ۾ ڪهڙي حيثيت ۽ تاريخ آهي، تنهن
باري ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو محققانه ڪتاب سنڌي
موسيقيءَ جي مختصر تاريخ روشني وجهي ٿو. ڀارت جي
ڪلاسيڪي فنڪاره شانو کڙانا پنهنجن مقالن م هي بحث
به ڇيڙيو آهي ته ڇا ڪلاسيڪي موسيقي قديم آهي يا
لوڪ گيت قديم آهن؟ هيڏانهن سنڌ ۽ پنجاب ۾ خاص طور
ڪلاسيڪي موسيقيءَ مان مقامي نوعيت جا مذهبي ۽ لوڪ
گيت بهره ور ٿيا. هن سلسلي ۾ امير خسرو دهلويءَ
جون خدمتون به اهم آهن. جنهن هڪ طرف هندي راڳن ۾
ايراني بهارون ملايون ته ٻئي طرف قول، قلبابه ۽
ٻين نغماتي صنفن جو اضافو ڪيو. هن سلسلي ۾ سماع،
نعت، لوڪ گيت ڪافيون به تخليق ٿيون. ڪافيون سنڌءَ
پنجاب جي روحاني تڪين ۽ خانقاهن ۾ مروج ٿيون. ساڳي
ريت هندن جي مندرن ۽ آستانن ۾ ڀڄن ۽ ٻاڻيون هن
روحاني جوت جاڳائڻ ۾ راڳ سنگيت جو ذريعو رهيون.
ستين صدي هجريءَ (13 صديءَ) کان وٺي حضرت غوث
بهاءُ الحق زڪريا ملتاني جي درگاهه تي به روحاني
مدحيه ۽ نعتيه ڪلام ذريعي موسيقيءَ جو سلسلو جاري
رکيو ويو. سماع جي سلسلن کي ڏسجي ته سنڌ ۾ ڏهين
صدي هجريءَ کان سيد علي شيرازي ٺٽويءَ وٽ سماع جون
محفلون ٿينديون هيون. مخدوم نوح هالائيءَ جي سلسلي
جو سماع ڏهر سڏجي ٿو ۽ شاهه عبداللطيف جي رسالي
آڌار شاهه جو راڳ هڪ اداري جي حيثيت رکي ٿو. ايئن
مولود، منقبت ۽ ٻين مداحي صنفن سان گڏ غير مسلمن
جي راڳ جي سلسلن جو آڌار به ڪن شعري صنفن تي آهي.
الف: جڏهن
اسين روحاني ۽ لوڪ سنگيت جي ڳالهه ڪريون ٿا ته
اُنهن جي پهچ شعري صنفن جي ذريعي ئي ٿي آهي.
انهيءَ ڪري چئبو ته شعر ۽ سنگيت جو ساٿ هن موضوع
جي تڪميل ڪري ٿو. هونئن شعر ۽ سنگيت جو وجود
پنهنجي پنهنجي جدا حيثيت به رکي ٿو.
ساراهه، پيدا ڪندڙ جي هر دين ڌرم ۾ پهرين اچي ٿي.
اُن کان پوءِ نبين، رشين، درويشن ۽ اڪابرن جي
تعريف ۾ شعر ڳايا وڃن ٿا. مسلمانن ۾ حمد پهرين صنف
آهي، جنهن کي ڳايو ويو. سماع جي محفلن ۾ حمديه ٻول
”الله الله ذي شان الله“ آيا. راڳن ۾ به مسلمان
توڙي غير مسلم گوين حمديه ٻول آندا. مثال طور راڳ
اڊانه جو ٻول آهي: ”تون رحيم تون ڪريم، تون غفار،
تون ستار جو تيري رضا“. اُن سان گڏ راڳ راڳڻين ۾
معنيٰ ۽ تاثر موجب به سُر لڳندا آيا آهن. (5)
1. سماع:
روحاني تڪين ۽ خانقاهن تي سماع جون محفلون ٿينديون
آهن. سماع کي سنڌيءَ ۾ سمهه يا سمنهه ڪري به
اُچاريو ويندو آهي. خانقاهن تي درويش مخصوص دائرن
ٻول خاص لباس پهري ادا ڪندا آهن. مولانا روميءَ جي
خانقاه تي سماع جو هيءُ سلسلو اسلامي دنيا ۾ خاص
طور مقبول آهي.
سماع جا سلسلا برصغير هند پاڪ ۾ به ڪيترائي آهن.
هر ڪنهن جو پنهنجو رنگ آهي. پنهنجا پنهنجا ٻول ۽
شعر آهن جيڪي اُچاريا وڃن ٿا. سنڌي شاعريءَ جي
تاريخ جي ابتدا ۾ اسماعيلي پيرن جا گنان ۽ وينتيون
آهن. جن کي مخصوص سُرن ۾ ٻوليو وڃي ٿو. پير
نورالدين، پير صدرالدين ۽ ٻين جا گنان ۽ وينتيون
هن سلسلي جو نه رڳو شعري سرمايو آهن پر اُهي سنگيت
جي لحاظ کان به اهم آهن. وينتين جي گائڪي آهنگ جي
مدنظر وائيءَ سان مشابهه آهي. هونئن گنانن کي سماع
ته نه چئي سگهبو. پر وحداني فڪر ۽ روحاني ڪلام جي
تاريخ ۾ پهرين اچن ٿا. مثال طور پير صدرالدين
(1290ع – 1409ع) چوي ٿو-
اُٿي الله نه گهرين بندا تون سُتين ساري رات
نه ڪا جهوري جِيوَ جي نڪو سمر ساٿ.
روايت آهي ته ستين صدي هجري کان وٺي سنڌ (۽ ملتان)
۾ سماع جو سلسلو نمايان رهيو. حضرت غوث بهاءُالدين
زڪريا کان وٺي ٽن سون سالن تائين اُهو خاص طور
عروج تي هو. معنوي لحاظ کان صوفي بزرگن وٽ سماع حق
ڏانهن مائل ڪندڙ ۽ پاڪيزه خيالن ۽ احساسن توڙي
قلبي سڪون پيدا ڪرڻ لاءِ اختيار ڪيو ويو. ڏهين صدي
هجريءَ ۾ سيد علي شيرازي ٺٽي ۾ سماع جون محفلون
برپا ڪيون ۽ ان کان پوءِ سندس ننڍي همعصر شاهه
عبدالڪريم بلڙي واري ع(1538 – 1623ع) هن سلسلي کي
قائم رکيو ۽ سڌايو.(6) اُن
کان سواءِ ٻين صوفين وٽ به سماع جاري رهيو. نمايان
بزرگن ۾ هڪ نالو شيخ عبدالجليل چُوهڙ جو آهي. پاڻ
نائين صدي هجريءَ ۾ ٿي گذريو آهي ۽ قطب عالم جي
لقب سان مشهور آهي. وٽس سماع جون محفلون منعقد
ٿينديون هيون جن ۾ ذاڪرين سنڌي ڪلام به ڳائيندا
هئا. هي سماع جون محفلون دهليءَ تائين مقبول ٿيون.
شاهه رڪن عالم جي محفل ۾ حسن قوال ۽ حضرت نظام
الدين اولياء دهلويءَ وٽ حسين قوال جي گهڻي شهرت
هئي. هنن محفلن ۾ سنڌي ڪلام ڳايو ويندو هو. هي بيت
گهڻو مقبول ٿيو:
جو گهڙي سوني، ڪوجو قهر ڪلاچ ۾،
خبر ڪونه ڏي، رڇ ڪڄاڙي رنڊيو.
سماع جي سلسلن ۾ مخدوم نوح سرور هالائيءَ (1506ع –
1590ع) ۽ سندن خانوادي جو ذڪر به ڪتابن ۾ اچي ٿو.
مخدوم نوح سرور جا ملفوظات موجود آهن. ڪلام مان هڪ
بيت گهڻو مقبول ٿيو:
پيئي جا پرڀات، سا ماڪ نه ڀانئيو ماڻهو ئا،
روئي ڇڙي رات، ڏسي ڏکوين کي.
هنن جي سماع جي سلسلي ۾ جيڪي بيت ۽ ٻول رائج هئا،
اُهي ڏهر سڏجن ٿا. مشهور بزرگ صوفي شاهه عنايت
شهيد جي خانقاهه تي به سماع جو سلسلو جاري آهي. (8) اُن
سان (7)گڏ
پير صاحب پاڳارن جي درگاهه تي به سماع جو سلسلو
آهي جنهن کي جماعتي راڳ سڏجي ٿو. اِهو بنا ساز سرؤ
جي آهي. (9) نه
رڳو ايترو پر ٻين صوفين، جهڙوڪ صوفي صادق سومري ۽
رکيل شاهه جي درگاهن تي به سماع جا سلسلا آهن. هي
ٻئي بزرگ صوفي شاهه عنايت شهيد جي درگاهه جا
پانڌيئڙا آهن. سماع جي سرشتي ۾ جنهن ڳالهه کي
سنگيت سان منسلڪ ڪيو ويو، اُهي سماع جا ٻول، بيت،
ڏهر ۽ ڪافيون آهن، جن جي ادبي ڪٿ ۽ تور تڪ هڪ جدا
موضوع آهي. ’الله هو‘ جي آهنگ جو ڪنهن نه ڪنهن
طرح ردم سان، تال سان لاڳاپو آهي ئي آهي. مختلف
خانقاهن جي سماع جي محفلن ۾ هلندڙ ٻولن ۽ شعرن جو
راڳ جي لحاظ کان اڃان پورو تجزيو نه ڪيو ويو آهي.
بهرحال سماع جو سلسلو تزڪيه نفس خاطر اختيار ڪيو
ويو ۽ اُن جو بنياد موسيقي آهي.(10)
2. مولود: هيءَ
صنف خاص طور تي حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن
جي ولادت مبارڪ جي خوشيءَ ۾ تخليق ٿي آهي. لفظ
مولود عربي اصل جو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي نئون
ڄاول ٻار. عملي طور مولود شعر جي هڪ سنڌي صنف آهي.
سنڌي شاعرن بنيادي مضمون سان گڏ حضور ڪريمن جي
مڪمل صفت ۽ ساراهه ۾ به مولود چيا. ڪيترن سنڌي
شاعرن مولود چيا پر جنهن شاعر مولودن جي ئي ڪري
گهڻي مقبوليت ماڻي، اُهو مخدوم عبدالرؤف ڀٽي
هالائي 1682ع – 1752ع) آهي. سندس 77 مولود ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل ڪتاب مولود ۾ ڇپجي
چڪا آهن. هن صنف جي گائڪيءَ جو هڪ مخصوص انداز
آهي. عام ڳائڻ وارا ۽ گويا آلاپ ”آ“ سان شروع ڪندا
آهن، پر مولودي اُهو ”اي“ سان ڪندا آهن. مولود
نسبتاً ڪلاسيڪي راڳ ۾ موزون ڪري پڙهيا وڃن ٿا.
مولودن جي گائڪيءَ ۾ چئن يا ڇهن مولودين جون
ٽوليون يا ٻاريون گڏ ويهنديون آهن. اُتر، وچولي ۽
ٻين سنڌ جي خِطن کان لاڙ جي مولودين جو انداز قدري
مختلف آهي. اُنهن ۾ خاص طور جسڪاڻين ۾ مڱڻهارن جون
ٻاريون وڌيڪ مقبول آهن. لاڙ جي مولودين جي
ادائگيءَ جي انداز بابت حاجي عنايت الله زنگيجي جو
ڪتاب لاڙاين جون راتيون روشني وجهي ٿو. (11) مولود
مسجدن ۾ خاص طور ۽ جناري سان يا ڪن ٻين موقعن تي
پڙهيا وڃن ٿا.
مولودن سان گڏ مدح، منقبت ۽ ٻيون صنفون به آهن جن
جي گائڪي طرز جي لحاظ کان جدا آهي، پر مضمون صفت ۽
ساراهه آهي. هي سڀ شعري صنفون روحاني ڪلام طور
ڳڻجن ٿيون. مولودي، مولودن کي مختلف ڪلاسيڪي راڳ
راڳڻين ۾ ترتيب ڏيئي پڙهن ٿا.
3. شاهه جو راڳ: شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ (1690ع – 1752ع) جو راڳ هڪ
موضوع نه پر هڪ ادارو آهي. جنهن جي باري ۾ تمام
ٿورو ابتدائي نوعيت جو ڪم ٿيو آهي، پر اڃا منظم
طرز تي ڪم ٿيڻو آهي. شاهه جي راڳ جي به هڪ تاريخ
آهي جا خود شاهه صاحب جي زماني کان شروع ٿيل سمجهڻ
کپي. حالانڪ مخدوم نوح سرور ۽ شاهه ڪريم کان وٺي
سنڌي سماع جا سلسلا هلندا آيا، انهن جو ذڪر مٿي ٿي
آيو آهي.
شاهه جو رسالو، جيڪو مختلف سُرن ۾، فصلن ۽ هر سُر
داستانن ۾ ورهايل آهي ۽ هر داستان بيتن سان شروع
ٿي هڪ يا وڌيڪ واين تي ختم ٿئي ٿو. ڪن سُرن جا
نالا ئي موسيقيءَ جي سُرن / راڳ راڳڻين موجب رکيل
آهن. مثال طور ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ، کنڀات، سورٺ،
آسا، رامڪلي، پورب، بلاول، سارنگ، سري راڳ، ڪاموڏ،
ديسي، حسيني بروو ۽ ڪيڏارو وغيره. باقي موضوع يا
داستان جي مدنظر نالا رکيل آهن. اُنهن ۾ به ڪي
داستان سان گڏ راڳ جي به نمائندگي ڪن ٿا. جئن
سهڻيءَ جي داستان ۽ راڳڻي سوهني (سهڻي) تي ’سُر
سهڻي‘ آڌاريل آهي. حسيني ۽ ديسي، سسئيءَ جي پنجن
سُرن مان ٻه آهن پر راڳڻيون به آهن.
شاهه جي رسالي جي سُرن سارنگ، ڪاموڌ، رامڪلي،
برووي، سورٺ، راڻي، ديسيءَ ۽ حسينيءَ توڙي وائيءَ
جي ڳائڪيءَ بابت منهنجا مقالا شايع ٿيل آهن. انهن
مان مثال طور سُر ديسيءَ بابت هي نتيجو ڪڍيل آهي
ته راڻو اِنهيءَ ۾ ڳايل آهي. اُستاد منظور علي خان
هڪ ڪيسٽ ۾ اهڙو عملي مظاهرو به ڪيو آهي. |