ڪبت، نثر آهي يا
نظم؟
آڪٽوبر 1964ع جي نئين زندگيءَ ۾ محترم شمس الدين
عرساڻي سنڌي جي نثر جي شروعات جو ذڪر ڪندي،
ابوالحسن ۽ سندس همعصرن جي ڪبتن کي نثر چيو آهي.
انگريزيءَ واري نظماڻي نثر (Poetic
Prose)
جو اطلاق مٿين بزرگن جي ڪبتن تي ڪيو اٿس، حقيقت ۾
هيءَ هڪڙي ادبي غلط فهمي آهي. آءٌ هن مضمون ۾ ثابت
ڪندس ته ابوالحسن، ضياءُ الدين ۽ سندن همعصرن جيڪي
ڪبت لکيا آهن، سي نظم جو اعليٰ نمونو آهن.
فاضل مضمون نگار نثر جي شروعات بابت لکيو آهي پر
کيس مخدوم جعفر بوبڪائي جو ”طلاق“ جي مسئلي تي
ڪتاب نظر ئي نه آيو، جنهن ۾ سنڌي نثر جا اوائلي
اهڃاڻ موجود آهن. مخدوم جعفر ارغونن جي دور جو هو.
بهرحال فاضل مضمون نگار شروعات ابوالحسن کان ڪئي
آهي، جنهن کي هو پهريون نثر لکندڙ ٿو سمجهي. گذريل
ٻن صدين ۾ اهو خيال ڪنهن کي به پيدا نه ٿيو محترم
عرساڻي هيءَ ڪا کوجنا نه ڪئي آهي، پر مٿاڇري
مطالعي مان اهڙا ئي نتيجا نڪرندا آهن. فقط ميمڻ
صاحب جي ادبي تاريخ مان ٻه مثال ڏيئي ڪو فيصلو
صادر ڪرڻ سان پاڻ کي نقادن جي قطار ۾ ڳڻائڻ جي خوش
فهمي نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ جيڪڏهن فاضل مضمون
نگار ”مقدمه الصلوات“ ۽ ”ڪنزالعبرت“ کي نظر مان
ڪڍي ها ته نظم کي نثر ڪڏهن نه سڏي ها.
ڪبت هنديءَ جي ”ڇند وديا“ تي ٻڌل آهي. بلڪل ائين
جيئن اسان جو سنڌي بيت. ڪبت ۾ شاعراڻيون خوبيون
ڳولهڻيون آهن، پر سوال ٿو اٿي ته فاضل مضمون نگار
شاعراڻيون خوبيون ڇا کي ٿو سڏي. اها ته مڃيل ڳالهه
آهي ته نثر جا به چند قسم اَهڙا آهن، جن ۾ بحر،
وزن ۽ قافيا ٿيندا آهن. تخيل جي پرواز نثر توڙي
نظم ۾ ٿيندي آهي. فاضل مضمون نگار ڪي به مڃيل اصول
لاڳو ڪري فيصلو نه ٻڌايو آهي، هيٺ آءٌ ابوالحسن ۽
ٻين جي ڪبت بابت ڪي ڳالهيون پيش ڪريان ٿو.
”ڪبت“ اصل ۾ سنسڪرت لفظ ڪو Kav مان
نڪتل آهي، سنسڪرت ۾ شعر کي ”ڪاويه“ چئبو آهي، جيڪو
هنديءَ ۾ ڦري ”ڪوتا“ ٿيو، سنڌيءَ ۾ گهڻو ڳالهائڻ
کي به ”ڪوت ڪرڻ يا ڪبت ڪرڻ“ چئبو آهي. سنڌي شعر جي
اصناف ۾ ڪبت ان شعر کي چئجي ٿو جو الف اشباع، ”ن“
۽ واد وغيره جي قافين سان وڌندو هليو وڃي، بيت جون
مصراعون محدود هونديون آهن، پر ڪبت ۾ اهڙو قيد نه
آهي، ڪبت ۾ ويهارو مصراعون يا ان کان به وڌيڪ
هونديون آهن، ڏوهيڙي (دوها، دوهره) وانگر ڪبت به
چند وديا تي ٻڌل آهي، جنهن
۾ وري سنگيت ۽ تال وديا جو وڏو دخل آهي، ڇند جو
بنياد تال وانگر ماترائن تي آهي. ماترائن جي تعداد
جي لحاظ کان ڪيترائي تال بنجن ٿا. ڪي ڏهن ماترائن
جا ته ڪي ٻارهن ماترائن جا ٿين. ڪي مشهور تال هي
آهن: تين تال، جهپ تال، جهومرا تال، ايڪ تال، آڙهه
چوتاله ۽ ڌمار وغيره. ماترا برابر آهي. طبلي يا
پڪواز تي هڪ چوٽ هڻڻ جي. مثال طور هيٺ ڏنل
ماترائون ڏهه آواز ڏيکارين ٿيون. ”ڌن ڌن ڌن نا، ڌن
ڌن ڌن نا، ڌن نا.“
دوهو جو پوءِ ڏوهيڙو ٿيو سو هنديءَ يا اتر هندستان
جي ٻولي ”برج“ مان آيو. دوهو يعني ٻن سٽن وارو
شعر، دوهي جو نعم البدل مثنوي آهي، دوهي جو بنياد
چند وديا تي آهي. ڪيترن ئي مختلف ڇندن کي عالمن
مختلف نالا ڏنا آهن، انهن مان ڪن مقبول ڇندن جي
بيهڪ ۽ سٽاءِ توڙي سمجهاڻي هن ريت آهي:
دوها ڇند: هن
۾ قافيا سٽ جي پڇاڙيءَ ۾ ايندا، هر سٽ ۾ ٻه اڌ
ٿيندا آهن، جن مان هر هڪ کي ”پد“ چئبو آهي، هيٺ
ڏنل نقشي ۾ ” x“
قافيه جو هنڌ ڏيکاري ٿو:
_______ ، _______x
_______ ، _______x
مثال(1):
نينهن نياپي نه ٿئي، سڌئين سيڻ نه هون.
ڪارئين راتئين رت ڦڙا، جان جان نيڻ نه رون.
(شاهه ڪريم)
مثال(2):
ساجن ميرا ايڪ هي، دوجا ڪرون نه ڪوءِ،
دوجا ساجن تب ڪرون، جب ڪل دوجي هوءِ.
(ڪبير)
مٿي ڏنل ٻن مثالن مان ظاهر آهي ته دوها ۽ قافيا
ٻئي ۽ چوٿين پد ۾ اچن ٿا.
سورٺا ڇند: دوها
جي ابتڙ سورٺا ۾ وري قافيا پهرئين ۽ ٽئين پد ۾ اچن
ٿا، جنهن جو نقشو ۽ مثال هي آهن:
_______ x
_______،
_______ x
_______،
مثال:
ايڪ قصر در لک، سهسين ڪڻس ڳڙکون
جيڏاهه ڪريان پرک، تيڏانهن سڄڻ سامهون
انهن ٻنهي ڇندن جو ميل هڪ نئين تشڪيل ڏي ٿو ۽ ان
کي دوها سورٺا ميل سڏجي ٿو:
_______ ، _______x
_______ x
_______،
هن ۾ هڪ سٽ دوها جي آئي هڪ سورٺا جي. سنڌي شاعرن
انهن هيئتن ۾ گهڻي جدت ڏيکاري ان ڪري ڪيترائي نوان
ڇند ٺهيا، ڪن جا مثال هي آهن:
سورٺا، دوها، سورٺا ميل
نه ڪو خبر نه خواب، نه ڪو اوٺي آيو
هتان جو هت ڪنهن، ڏنو ڪونه جواب
هميرن حساب، ڪوءِ ڄاڻان ڪئن ٿيو.
ڏيڍو دوها ۽ سورٺا ميل
_______ ، _______x
_______ ، _______x
_______ ، _______x
_______ _______.
اهڙي ريت سٽن جي تعداد وڌڻ ڪري، اهو محدود نه رهيو
۽ نيون هيئتون بڻجي پيون. ”شاه جي ڪلام ۾ آيل ڪا
پائتيءَ واري ”مت“ جنهن لاءِ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ لکي
ٿو: ”فارسي مسمط جي طرز تي چيل آهي. ڌاريون ڪلام
آهي“.
ڊاڪٽر دائود پوٽو ”حافظ پنيل جي تصنيف ٿو ليکي،
اها به ڇند جي جي هڪ صنف آهي، ان کي ”مت“ ڇند وديا
جو ڏنل نالو آهي.
تلسيداس ۽ ٻين هنديءَ جي شاعرن به مت چئي آهي.
ڪبت جي سٽاءُ هي اهي چند هيئتون آهن جيڪي ڏوهيڙي
سان لاڳو ٿين ٿيون، هونئن هنديءَ ۾ ٻيون به انيڪ
صنفون موجود آهن، جن مان دڪپال ڇند، چوپائي ڇند،
ارڌالي، چوپائي، مالي، چندرايڻ ۽ ات بروا وڌيڪ
وڌيڪ مروج، مقبول ۽ مشهور آهن. چندرايڻ ۽ ات بروا
ڇند ۾ هندي ڪوين مسلسل ڪافين وارا ڪبت چيا آهن.
وزن توڙي سٽاءُ جي لحاظ کان اسان جي سنڌي ڪبت جو
تعلق به چندرايڻ ڇند ۽ ات بروا ڇند سان آهي. هي
ڇند دوها ۽ سورٺا کان ايترو ئي مختلف آهن جيترو
رسالي جي بيت کان نڙ جو بيت. پهريائين ڏسو ته دوهي
۾ ڪيتريون ماترائون آهن. هر متحرڪ حرف ۾ ٻه ۽ ساڪن
حرف ۾ هڪ ماترا ليکبي، نشاني ” s“
ٻن ماترائن لاءِ نشاني ” 1 “ هڪ ماترا لاءِ آهي:
1 s 1 1 s s s s 1 s 1 1 s s s
سائي صورت عين ڪي، سائي صورت غين،
1
s s 1 s 1 s
s 1 1 s s 1 1 1 1 1
سمن نقطا دور ڪرو، اوءِ عين ڪي عين.
دوهي جي پهرئين مصرع ۾ ڪل ” s “
جا نشان 9 آهن جن جون 9 x 2 = 18
ماترائون ٿيون ۽ ساڪن حرف ساڳي مصرع ۾ ”1“ نشان
سان 6 آهن، 6 + 18 = 24
ماترائون سڄي مصرع ۾ ٿيون، اهو آهي دوهي جي سٽ جو
وزن هڪ پد 13 ماترائون جو ۽ ٻيو 11 ماترائن جو.
چندرايڻ ڇند ۽ ات بروا ۾ ڪبت نويسن طبع آزمائي ڪئي
آهي. چندرايڻ ڇند جي هر مصرع ۾ ڪل 21 ماترائون ٿين
ٿيون ۽ ات بروا ۾ پڻ. پر ٻنهي جي پدن جي ماترائن ۾
فرق آهي. چندراين جي مصرع جي پهرين پد ۾ 11 ۽ ٻئي
۾ 10 ماترائون آهن، ات بروا جي پهرئين پد ۾ 12 ۽
ٻئي ۾ 9 ماترائون آهن، ماترائن جي ڪل تعداد ۾ ٻئي
ڇند هڪجهڙا آهن، مثال طور گرهوڙي صاحب جي ڪبت مان
مثال ڏجي ٿو:
چندرايڻ
s 1
s 1 s s s
s 1 1 s 1 s
اسم ساڻ الله جي، سڀئي ٿوڪ ٿيا.
11 10
دڪپال ڇند ۾ وري 12، 12 ماترائون ٿين ٿيون، ڪل
تعداد 24 اٿس ان ڪري ڪبت کان وڌيڪ دوهي سان واسطو
رکي ٿو، پر ڪي ڪبت دڪپال ڇند ۾ به آهن (مثال
لاءِ محمد صلاح جي ڪبت)
سنڌي عالمن جتي ڪبت ۾ قرآن، حديث ۽ قصيده برده مان
حوالا ڏنا آهن اتي وزن مقرر حد کان وڌي ويو آهي،
نه ته ٻي حالت ۾ وزن چندرايڻ ۽ ات بروا وغيره تي
پورو بيهي ٿو، ڀٽائي جي بيتن ۾ به ڌاري تضمين سبب
وزن وڌي ويو آهي، هيءَ آهي ڪبت جي جوڙجڪ ۽ هيئت جي
مختصر ماهيت ۽ سمجهاڻي.
ڪبت جو مضمون
ڪبت جو بنياد عام طور مذهبي نوعيت جي مضمونن تي
ٻڌل هو، ڪلهوڙن جي دور ۾ جيڪي به ڪبت جا مثال ملن
ٿا تن ۾ شريعت جو چٽو بيان آهي. ايمان، عقائد ۽
شرعي مسئلن کي سلجهايو ويو آهي، ڪبت ۾ جيڪي مضمون
عالمن نهايت خوبيءَ سان نباهيا آهن، تن ۾ وضو ۽
نماز جي سمجهاڻي (ابوالحسن) ترڪو (گرهوڙي) ڪلو ۽
حج (ضياءُ الدين) عام اسلامي اصول تفسير (محمد
هاشم) رسول ڪريم جن جي حيات ۽ عادات اطوار
(عبدالله)، اچي وڃن ٿا. اهڙي طرح هر قسم جا شرعي
مسئلا ڪبت جي قلم ۾ سموهيا ويا آهن، جهڙوڪ: زڪوات،
خيرات، اخلاقي قدر، حلال ۽ حرام شيون، عام ورتاءُ،
ايمان جون صفتون، قبرستان ۾ وڃڻ، ولين کان مرادون
پنڻ، پڙ وجهڻ، جادو ۽ ڪامڻ، ٽوڻا ڦيڻا، پوشاڪ
تعليم ۽ تربيت وغيره. مطلب ته ميان ابوالحسن کان
وٺي مخدوم گرهوڙيءَ تائين ڪبت جي بازار گرم رهي،
اهو اتفاقي امر آهي ته ساڳيو دور سنڌي بيت جي عروج
جو دور ثابت ٿيو. ڪبت نويس حضرات مداحون،
مناجاتون، معجزا ۽ مناقبا به چيا، مخدوم عبدالروف
ڀٽي (1682ع – 1752ع) جيڪو مولودن جي ڪري وڌيڪ
مشهور آهي، تنهن ڪي مداحون ۽ مناقبا ڪبت جي طرز تي
به چيا آهن، ساڳئي دور ۾ جن شاعرن، رسول ڪريم جي
حيات بابرڪات کي موضوع بنائي، ڪبت ۾ طبع آزمائي
ڪئي، تن ۾ ميون عيسو هالائي. مخدوم غلام محمد
بگائي، مولوي محمد صلاح ٽنڊي قيصر وارو، علي اڪبر
۽ مولوي عبدالسلام خاص طور قابل ذڪر آهن. انهيءَ
کان سواءِ جن شريعت جي سمجهاڻيءَ سان گڏ رسول ڪريم
جن جي صفت ۽ ساراهه سان ڪبت کي سينگاريو تن ۾
مخدوم محمد هاشم، مخدوم ابوالحسن، مخدوم ضياءُ
الدين، مخدوم محمد ابراهيم ڀٽو، مخدوم عبدالله ۽
مخدوم عبدالخالق جا نالا پيش پيش آهن ڪبت
۾ عشقيه داستان ۽ قصا ميرن ۽ انگريزن جي دور ۾ چيا
ويا، انهن ۾ رمضان ڪنڀر جا ڪلمات مشهور آهن جن عشق
محبت جا نوازما آڻي رسول ڪريم جن جو معجزو بيان
ڪيو ويو آهي.
تڏهن چئبو ته هن ۾ مذهب جو عنصر غائب آهي.
ڪلهوڙن جي دور ۾ ڪبت وارو شعر رڳو شريعت جي
سمجهاڻيءَ لاءِ موجود ٿيو، ان ۾ ڪوبه نج عشقيه
مزاحيه ۽ تفريحي مضمون داخل نه ٿيو، اها هن دور جي
هڪ علحدي خوبي آهي، جو منجهس ڪي به مذاحيه مضمون
داخل نه ٿيا، جيڪي انگريزن جي دور ۾ ان کان پوءِ
ڪبت ۾ آيا.
جئن ڏوهيڙن، بيتن، ڪافين ۽ لوڙائن کي پنهنجي
پنهنجي نغمگي ۽ موسيقيت آهي، تيئن ڪبت ۾ جا موسيقي
آهي ان جو مزاج منفرد ۽ علحدو آهي. ڪبت ۾ عشقيه
مضمون آڻجي يا مذهبي. مخدوم محمد هاشم جي ڪلاماڻي
مدح شريف جي ”ملڪي سنڌي“ هجي يا مئين عيسي جي مداح
هجي، ڪبت هر حالت ۾ قاريءَ جي ذهن تي پنهنجو اثر
ڇڏي ٿي. ڪبت هڪ تحريڪ هئي، جنهن جو اولين ڪارج
شريعت جي سمجهاڻيءَ سان پورو ٿيو. جئن ته هن ۾ خدا
۽ رسول جي مدح ۽ ثنا ٿيڻ لڳي، ان ڪري وڌيڪ مقبول
ٿي، انهيءَ ڪري ڪبت ۾ جا نغمگي سمايل هئي تنهن
سنجيده ذهنن تي گهرو اثر ڪيو. ايئن چوڻ ۾ ذرو به
وڌاءُ نه ٿيندو ته ڪبت نه رڳو ابوالحسن جي هٿن کان
گرهوڙي جي هٿن تائين ارتقائي منزلون طئي ڪيون پر
پوري عروج تي پهتي.
ٻولي
هتي ڪبت ۾ ڪم آيل ٻوليءَ تي سرسري نظم وجهڻ ضروري
آهي ته جئن خبر پوي ته ڪبت جي استادن ڪا تڪلف ۽
تصنع واري زبان ڪم آندي آهي يا سندن ٻولي بنهه
سامي ۽ عالماڻي آهي ۽ ان سان گڏ ڪيترائي اهڙا لفظ
ڪم آندا اٿس جيڪي ميان ابوالحسن به ڪم آندا آهن ۽
انهن مان گهڻا هاڻي متروڪ آهن. هڪ ڳالهه جي ڪري
ميان ابوالحسن جي استعمال ڪيل اهڙن جهونن ۽ لاڙي
لفظن جو ذخيرو ٻين ڪبت نويسن کان گهڻو ۽ مختلف
آهي. هن سلسلي ۾ سندس پيروي، ڪنهن حد تائين مخدوم
ضياءُ الدين، مخدوم محمد هاشم ۽ مخدوم عبدالله ڪئي
آهي. جهڙي طرح ڀٽائي جي زبان انهيءَ وقت جي عوام
جي روزمره جي زبان هئي، اهڙي طرح ڪبت جي زبان ۽
عوام جي روزمره جي مروج هئي، پر ڪبت جو دائرو
محدود هو. ڪلهوڙن جي دؤر ۾ جيڪي به ڪبت نويس ٿي
گذريا آهن، تن سڀني جو (گرهوڙي صاحب کان سواءِ)
ٺٽي سان تعلق هو، پاڻ لاڙ جا رهاڪو هئا، تنهنڪري
ٻوليءَ ۾ لب ۽ لهجو توڙي الفاظ گهڻي ڀاڱي لاڙي
اٿن. گرهوڙي صاحب به لاڙيءَ جي اثر کان آجو ڪونهي.
مٿي ڪبت جي سٽاءُ، مضمون ۽ ٻوليءَ تي اسان مختصر
طور تبصرو ڪيو آهي. ان ڳالهه کان ڪوبه انڪار ڪري
نه سگهندو ته ڪبت کي مقرر وزن آهي. جئن ته اسان
مٿي چيو ته هي ڇند تي ٻڌل آهي، ڪبت ۾ ڪي قافيا
برابر ڪچا آهن پر اهڙا مثال ته ڀٽائي صاحب جي ڪلام
۾ به آهن. جهڙوڪ:
پاڻهي ملندءِ هوت، ڪجهه تون به ٿي اڳڀري،
متان چئي خان بلوچ، ته ڪميڻيءَ کان ڪين ٿيو.
... ... ...
تون حبيب تون طبيب، تون دردن جي دوا،
جانب منهنجي جيءَ ۾ آزار جا انواع.
’هوت‘ مان ”بلوچ“ جو قافيو ۽ ”دوا“ ساڻ ”انواع“
فقط هم آواز جي بنياد تي برداشت ڪري سگهجي ٿو، نه
ته معيوب آهي. جيڪڏهن ڪنهن ”محقق“ کي ڪبت ۾ قافين
جي ڪچائيءَ ڪري شڪايت آهي ته ڀٽائي صاحب جي اهڙن
بيتن بابت هن وٽ ڪهڙو جواب آهي؟
هن هيٺ آءٌ ابوالحسن، محمد هاشم، عبدالله ۽ ٻين جي
ڪبت مان شاعراڻيون خوبيون ڪڍي نروار ڪريان ٿو،
اميد ته مضمون نگار جي شڪايت دفع ٿي ويندي ۽ اڳتي
هو نظم کي نظم ئي چوندو.
ابوالحسن جو ”مقدمه الصلوات“ نماز جي بيان ۾ آهي،
اسان کي هيءُ ڌيان رکڻ کپي ته هو موضوع سان متعلق
۽ مناسب ڳالهيون ڪندو ۽ ان ۾ عشقيه شيرينيءَ ۽
فلسفي جو درياهه وهائيندو.
ابوالحسن، نماز کي نور ۽ سهائي سڏي ٿو، چنڊ جي
تشبيهه ڏي ٿو، سندس ڪبت ۾ بياني طرز جوبه سهڻو
مثال موجود آهي:
پنو پهريون باب، اي جو وضوءَ جو،
هاڻي پڙهه نماز جو، ٻهڳڻ باب ٻيو،
ٿئي نور نماز جي سين، اندر سهائو،
سهائي راهه لهين، پسين پريان لوءِ،
جنهين نينهن نماز سين، هنيان هيج ٿيو،
منهن تنهن جو مولو ڪندو، چوڏهين چنڊ جهو
ڪريو نينهن نماز سين، ڪاهل ڪي م ٿيو.
مٿين چند مصرعن ۾ نه رڳو تشبيهه جو حسن موجود آهي،
پر تجنيس حرفيءَ جو جوڙ ۽ قافين جي نغمگي موجود
آهي. هڪ مقرر وزن ۾ به پوريون مصرعون آهن. هن کي
جيڪڏهن نثر سڏبو ته اها سڏڻ واري جي بي علميءَ کان
سواءِ ٻي ڪهڙي ڳالهه چئبي. مخدوم ضياءُ الدين جي
ڪبت ۾ به اهي ساڳيون ڳالهيون موجود آهن. مثال:
جي پاڻي ڪنهن کڏ ۾، پڌرو پيو هوءِ،
تنهن کي تون تميز ڪر، پسي پاڻي پوءِ،
جان بوءِ ڪيائين بڇڙي ڪ سائو تنهن رنگوءِ،
وضو غسل ان مان عاقل ڪونه ڪندو.
مخدوم محمد هاشم جي ڪتابن مان سنڌي ڪبت ۾ ”فرائص
الاسلام“، ”ذبح شڪار“، ”زادالفقير“ نه رڳو موضوع
جي ڪري اهم آهن، پر ادبي نقطه نظر کان هنن ڪتابن
جي منزلت تسليم ٿيل آهي. اسين ”زادالفقير“ مان هڪ
مثال وٺون ٿا. هن ڪتاب ۾ روزي جي فلسفي تي روشني
وڌل آهي. مخدوم صاحب دنيا جي بي ثباتيءَ تي نهايت
موثر انداز ۾ پنهنجو رايو ظاهر ڪري ٿو، هو چوي ٿو:
بقا ناهي بلاد کي، دنيا ناهه دوام،
اجل ٿو اوتون ڪري، ٿي قريب قيام،
سمر سندي ساٿيا، ڪريو تات تمام،
ڪريو ياد ڪريم کي، سنجهي صبح شام،
ڪهو ڪلمو صدق سين مٿي محمد ڄام.
ڪبت نويسن ۾ مخدوم عبدالله اهم جڳهه والاري ٿو،
سندس زبان توڙي ڪبت جون شاعراڻيون خوبيون ٻين ڪبت
نويسن کان معيار ۾ اعليٰ ۽ سونهن ۾ سرس آهن سندس
مشهور ڪتاب ”ڪنزالعبرت“ ۽ ”قمرالمنير“ آهن،
ڪنزالعبرت مان سندس شاعراڻي ڏات جو مثال هي وٺي
سگهجي ٿو:
اهي منهنجي اکين جو ٺار منجهه دنيا،
۽ پڻ ميوو هوم دل جو وندر وجودا،
آنڍا جگر منهنجا ان سين هئا ٺريا،
هيجا سانڍيو مون هنج ۾، سو پيارو پاڻا،
ڪوڏان نپايم جنهن کي، جهجهي سڪ منجها،
هوم آڳانڊو اکيين، دلبر منجهه دنيا.
ڪبت ۾ رقت ۽ سوز جو مثال به مٿين مصرعن ۾ موجود
آهي، جيڪو شعر و شاعري جو اهم جزو ڳڻجي ٿو، مخدوم
عبدالله جي قمرالمنير مان هيٺيون مثال وٺون ٿا:
مون کي جئڻ مشڪل ٿيو، ڌاران دوستن،
نفسانيت نابود ڪي، مٺائي مڙن،
مهر محبت لڏيو، هيج نه هندن،
ماڻڪ موتي تنهين، مرتبو مان لهن،
جتي پارک پڌرا، صراف هون سندن،
راهي جي رڍن جا سڃ منجهه سهڙن،
جواهر ياقوت جي، ڪوه قيمت سڃاڻن،
هيري لعل فيروز جي، پرک نه پنهوارن،
لهي پاڙ پتل جو، سون ري صرافن.
مٿين عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي ڪبت کي ڏسو ته ان ۾ به
اسان کي مقرر وزن، قافيا، لفظي ۽ معنوي صفتون عام
جام ملنديون. چوي ٿو:
اسم ساڻ الله جي سڀئي ٿوڪ ٿيا،
جو خالق مخلوقن جو رهبر رحيما... الخ
”حقيقت – محمدي“ جي تشريح گرهوڙي صاحب جنهن شگفته
زبان ۽ نئين اسلوب ۾ ڪئي آهي، ان جو نظير سنڌي ادب
۾ ٻيو ڪونه ٿو ملي. مثال طور:
اصل مڙني ماهيتين ماهيت محبوبا،
آگو چو م ان کي م ڪي مخلوقا،
آدم ولد ان جو توڙي والد آهه،
ولد آهه وڻ جئن، ميوو مولوداءِ.
نرمل نوري پاڻ ۾ ٻيا نور انا... الخ
اسان مٿي ابوالحسن، محمد هاشم، عبدالله، ضياءُ
الدين ۽ گرهوڙي صاحب جا جيڪا نموني طور مثال آندا
آهن تن ۾ مجموعي طور نه رڳو ادبي زبان موجود آهي
پر اُهي هڪ مقرر وزن ۾ آهن ۽ منجهن معنوي ۽ لفظي
صفتن جو جوڙ به آهي. اهڙي شيءِ کي نثر سڏڻ گمراهي
کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي.
سنڌالاجيءَ
جا شايع ڪيل ڪتاب
(1987ع تائين جائزو)
لکڻ هڪ فن آهي ته ڪتاب کي مناسب انداز ۽ هيئت ۾
پڙهڻ وارن تائين پهچائڻ به هڪ فن آهي. ٻين لفظن ۾
ائين چئبو ته ڪتاب سازي هڪ فن آهي. هر ناشر اُهو
فن پنهنجي پنهنجي سطح تي ڄاڻي ٿو. پنهنجي پنهنجي
مالي حيثيت سارو ڪتاب کي وڻندڙ ۽ ديده زيب بنائڻ
جي ڪوشش ڪري ٿو. تجارتي لحاظ کان به ناشر هن فرض
کان آجا نه آهن، پر ڪي فقط تجارتي پهلو ڌيان ۾ رکن
ٿا. علمي ادارن جون ذمه داريون انهيءَ ميدان ۾ هڪ
تاجر واريون نه آهن. جن ادارن کي سرڪاري گرانٽون
ملن ٿيون، تن کي ڪتاب جي چونڊ ۽ ڇپائيءَ کان وٺي
بائينڊنگ تائين وڌيڪ محتاط رهڻو ٿو پوي.
سنڌ ۾ ڪتابن جا تاجر ۽ خانگي اشاعتي ادارا شروع
کان ئي ڪم ڪري رهيا آهن. سڀني پنهنجي بساط آهر
خدمت ڪئي آهي. انهن مان هر هڪ جو اشاعتي پروگرام
اهميت وارو آهي ۽ انهن جو جائزو دلچسپيءَ کان خالي
نه ٿيندو. سنڌ جي سڀني اشاعتي ادارن ۾ اسان جا ٽي
اهم ۽ وڏا علمي ۽ اشاعتي ادارا آهن: سنڌي ادبي
بورڊ ۽ شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز ۽ انسٽيٽيوٽ آف
سنڌالاجي.
هنن ادارن گذريل چاليهن سالن ۾ جيڪو ادب، تاريخ،
ثقافت ۽ آثار قديمه وغيره جي سلسلي ۾ ڪم ڪيو آهي،
سو ڪنهن هڪ مقالي سان ڪنهن ڪتاب لکڻ سان دنيا کي
ٻڌائي نه سگهبو. اُهو تمام گهڻو آهي ۽ منهنجي خيال
۾ بنيادي نوعيت جو آهي. ٽنهي ادارن پنهنجي اشاعتي
پروگرام ۾ پنهنجي مقرر ڪيل مقصدن جي سلسلي ۾ اهو
ڪم گهڻي ڀاڱي خوبيءَ سان ڪيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ
جي اڳيان بنيادي ڪم سنڌ جي تاريخ جو هو، جيڪو
”سنڌي ادبي بورڊ“ گهڻي ڀاڱي ڪيو. تاريخ جي ماخذن،
ڪن دؤر وارن تاريخن سان گڏ لوڪ ادب جي رٿا ۽ ٻيا
ڪيترا ڪتاب ”سنڌي ادبي بورڊ“ سنڌي، اردو، انگريزي،
عربي ۽ فارسيءَ ۾ شايع ڪيا. هن ڪم ۾ ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ ۽ پير حسام الدين راشديءَ جو ڪم قابل قدر
آهي ۽ دنيا ان جو داد ڏيئي رهي آهي. شاهه
عبداللطيف ثقافتي مرڪز ۾ به ڊاڪٽر بلوچ صاَحب جي
خدمت اهم ۽ نشانبر آهي.
ٽيون اهم ادارو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي آهي، جنهن
جي ٻين شعبن سان گڏ اشاعتي پروگرام کي گهڻي اهميت
حاصل آهي. هن گفتگو ۾ سنڌالاجيءَ جي اشاعتي ڪاوشن
جو مختصر جائزو حاضر آهي. سنڌي اڪيڊمي جڏهن قائم
ٿي ته ان جو بنيادي ڪم ريسرچ لئبرري ۽ ڪتاب شايع
ڪرڻ تي هو. پوءِ اداري جو دائرو وسيع ٿيو ۽ موجوده
نالو به ڏنو ويو. ٻين شعبن سان گڏ ڪتابن جي اشاعت
جو ڪم به هڪ مقرر رفتار سان شروع ٿيو ۽ آهستي
آهستي وڌندو ويو.
سنڌالاجي اوليت جي بنياد تي ڪي سلسلا به شروع ڪيا،
انهن ۾ هڪڙو اهم فيصلو ڪيو ويو ته ”سنڌ جي ثقافتي
تاريخ“ لکائي وڃي. هن لاءِ رٿا تيار ٿي ۽ مختلف
ليکڪن کي مختلف موضوع ڏنا ويا. اهڙيءَ طرح ٻيو وڏو
ڪتاب جنهن جي رٿا ابتدائي دؤر ۾ تيار ڪئي ويئي، سو
هو ”مشاهيرِ سنڌ“ هي ٻه ڪتاب اڃا شايع نه ٿيا آهن
۽ انهن جو مواد يقيناً ڪنهن مرحلي ۾ هوندو.
سنڌالاجيءَ جي اشاعتي ڪاوشن کي موضوع وار ڏسڻ سان
انهن جو صحيح تاثر ملي سگهندو. هن اداري شاهه
لطيف، سنڌي نثر ۽ نظم، سنڌ جي تاريخ ۽ ٻين موضوعن
تي خاص طور سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ ڪتاب شايع ڪيا آهن.
چند ڪتاب ٻين ٻولين ۾ آهن. ڪي ڪئٽلاگ ۽ فهرستون
توڙي لاڳاپيل مواد تي بنيادي طور ڌيان ڏنو ويو.
اچو ته اتان کان ڳالهه شروع ڪريون:
تحقيق ڪرڻ لاءِ اسڪالر لاءِ ببليوگرافيون، ڪئٽلاگ،
فهرستون ۽ اهڙو ٻيو حوالا جاتي مواد بنيادي نوعيت
جو هوندو آهي. سنڌالاجي جي اشاعتي ڪاوشن ۾ انهن
فهرستن کي اهم ڄاتو ويو ۽ ڪارڪنن ڊائريڪٽر جي
سنڀال ۽ نظر هيٺ هيءُ ڪم ڪيو. اهي خاص ڪتاب هي
آهن:
1. سنڌ
جي ديني ادب جو ڪئٽلاگ.
2. سنڌي
مخزنن جو ڪئٽلاگ.
3. ڇپيل
سنڌي ڪتابن جي ببلوگرافي (47 – 1973ع)
4. ڇپيل
سنڌي ڪتابن جو ببلوگرافي (73 – 1979ع)
5. سنڌي
ليکڪن جي ڊائريڪٽري.
6. قلمي
نسخن جو تشريحي ڪئٽلاگ.
7. لطيفيات.
هنن ببلوگرافين ۽ فهرستن جي افاديت کان انڪار نٿو
ڪري سگهجي. هن جي ڪري ريسرچ ۾ گهڻي مدد ملي آهي.
اُنهن جي تڪميل يا نظرثاني ٿيڻ کپي ها. ويجهڙائيءَ
۾ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جيڪو ”ڏات ڌڻين“ جو رڪارڊ
جوڙڻ شروع ڪيو آهي، سو هن قسم جي کوٽ کي گهڻي ڀاڱي
پورو ڪندو ۽ نين فهرستن کي جنم ڏيندو. توڙي انهيءَ
رڪارڊ مان به مٿين فهرستن کي مڪمل ڪرڻ ۾ مدد ملندي
ته هن سلسلي ۾ ملازم ڪارڪن کان وڌيڪ ليکڪ – ڪارڪن
بهتر ڪم ڪري سگهن ٿا.
ببلوگرافين وانگر لغاتون به حوالا جاتي ڪتابن ۾
اچن ٿيون. سنڌالاجي انهيءَ سلسلي ۾ به ڪن اڳ ڇپيل
ڊڪشنرين جا ڇاپا وري ڪڍيا آهن. سنڌي ادبي بورڊ جي
جامع لغات ۾ هنن لغتن توڙي شهاڻيءَ جي ڊڪشنرين
کانسواءِ به اڃا هن ميدان ۾ گهڻي گنجائش آهي. خاص
طور لغت جي سلسلي ۾ اڃان گهڻو ڪم ڪرڻو آهي.
سنڌالاجي، سنڌ جي فقط ٿورن شاعرن جا مجموعا ڪلام
شايع ڪيا آهن: انهن ۾ شاهه لطف الله قادري، شاهه
شريف ڀاڏائي، تمر فقير ۽ موجوده شاعرن ۾ شيخ اياز
۽ استاد بخاري اچي وڃن ٿا. شيخ اياز جي ڪلام جا
منتخب حصا اردو ۽ پنجابيءَ ۾ ترجمو ڪرائي شايع ڪيا
ويا ۽ استاد بخاريءَ جو ڪتاب ”ڪُوڪڻ يا ڪلياڻ“ تازو
شايع ٿيو آهي.
سماجي علوم لاءِ سنڌالاجيءَ جي هڪ رٿا رهي آهي،
جنهن موجب ڪيترن ليکڪن ۽ استادن سان رابطو قائم
ڪيو ويو هو ته اهي طبعزاد يا ترجمو ڪري پنهنجي
سبجيڪٽ جو ڪتاب تيار ڪن. اهڙي سڏ جي موٽ گهٽ ملي،
پر ته به ڪي ڪتاب تيار ٿي سگهيا ۽ شايع ٿيا. سنڌي
ڪتاب هي آهن:
1. سياسيات جا اصول - عبدالقيوم صائب
2. رياست جو علم - بشير احمد شيخ
3. سماجيات جا اصول - تنوير جوڻيجو
4. بين الاقوامي اقتصاديات - غلام حسين
خاصخيلي
5. ناڻي واري اقتصاديات - عبدالرحمان پهوڙ
6. اقتصادي فڪر جي تاريخ - ديدار حسين شاهه
انگريزيءَ ۾ به خاص طور سياسيات ۽ اقتصاديات تي
پروفيسر ماڙيوالا، پروفيسر غلام حسين خاصخيلي،
عشرت حسين ۽ ٻين جا ڪتاب شايع ڪيا ويا. تاريخ ۽
لاڳاپيل موضوعن بابت به سنڌالاجيءَ ڪجهه ڪتاب شايع
ڪيا آهن، تن ۾ انگريزيءَ ۾ شايع ڪيل ڪتاب خاص
اهميت وارا آهن. چند اهم ڪتاب هي آهن:
1. Source Material on Sindh
M. H. Panhwar
2. Chronological Dictionary of Sindh
M. H. Panhwar
3. Geo-hydrology of River Indus A.
K. Snelgrove
4. Crafts and Textiles of Sindh & Balochistan
- Adrain Duarte
5. Historical Geography of Sindh
Manek Pithawala
6. Historiy of the Arghuns & Tarkhans of Sindh
M. H. Siddiqui
7. Arab Kingdom of Almansurah
Mumtaz Pathan
مٿي فقط اهم ڪتابن جا نالا ڳڻايا اٿم جيڪي
انگريزيءَ ۾ هجڻ ڪري سنڌ جي مختلف پهلوئن بابت
معلومات هڪ وسيع ڊائري ۾ فراهم ڪن ٿا. خاص طور
جناب ايم. ايڇ. پنهور جي ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري ۽
پٿاولاجي هسٽاريڪل جاگرافي معيار جي لحاظ کان
مٿاهان آهن. ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جا ايڊٽ ڪيل ڪتاب
خاص طور انگريزن جي دور جي تاريخ تي روشني وجهن
ٿا.
شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ جي باري ۾ سنڌالاجيءَ
هيٺيان ڪتاب شايع ڪيا آهن:
1. لطيفيات - عبدالجبار جوڻيجو
2. ٻاروچي ٻولي - ڪمتر نقوي
3. Symbolism in Latif’s Poetry - Akram Ansari
پهريون شاهه صاحب جي سوانح ۽ ڪلام جي باري ۾ ترتيب
ڏنل هڪ ببلوگرافي آهي، جيڪا مون 1977ع تائين شايع
ٿيل مواد تي ترتيب ڏني. هن ۾ ڪجهه مواد هٿ نه اچي
سگهيو هو، تنهن جي کوٽ آهي ته به سڀ اهم ڪتاب
شامل ڪيل آهن. ٻيو ڪتاب ”ٻاروچي ٻولي“ جناب ڪمتر
نقويءَ جو تيار ڪيل آهي. سڄي ڪتاب جو فقط هڪ حصو
رسالي ۾ الف سان شروع ٿيندڙ لفظن تي مشتمل ۽ پيش
لفظ ۾ ڏنل اشاري موجب ڪنڪارڊنس (concordance)
آهي. هن ۾ پروف جون ايتريون غلطيون آهن جو مشڪل ڪو
ٻيو ڪتاب ان جو مقابلو ڪري سگهي. عبداللطيف به
ڪيترن ئي هنڌن تي غلط ڇپيو آهي. هن ڪتاب ۾ مشڪل ۽
معنيٰ طلب لفظن جي وضاحت جيڪا ٿيل آهي، سا گهربل
به آهي. پر اُهو، اهي، ابهي، اُها ۽ اهڙن لفظن جي
اپٽار فقط ڪنڪارڊنس خاطر ڪبي آهي. فقط ان لحاظ کان
هن ضخيم ڪتاب جي افاديت کي مڃيو. پر پروف جي غلطين
اڪثر لفظن جي معنيٰ کي به اُبتو بنائي ڇڏيو آهي.
پروفيسر اڪرم انصاريءَ جو ڪتاب علامت نگاريءَ جي
موضوع تي سنڌ لاءِ نئون ضرور آهي. سٺو لکيل ۽ ديده
زيب ڇپايل به آهي. پر پروفيسر صاحب موضوع جي وصف
پوري ڪري نه سگهيو يا ان کي اهم نه ڄاتائين. سنڌي
بيتن جي ترجمي ۽ سمجهاڻيءَ جي لحاظ کان هيءَ ڪاوش
قابل قدر آهي ۽ هن ۾ شاعر جي خيال کي ٻئي تائين
پهچائڻ (Convey ڪرڻ)
۾ سٺي جاکوڙ ڪيل آهي. پروفيسر صاحب انگريزيءَ ۾
شاهه صاحب تي هڪ ٻه ڪتاب ٻيا به لکيا، هي ڪتاب
انهن ۾ ته اهم آهن، پر انگريزيءَ ۾ لکيل شاه صاحب
تي مڙني ڪتابن ۾ به سونهي ٿو.
سنڌالاجيءَ جي شايع ڪيل ٻن ڪتابن تي هن هيٺ چند
لفظ تبصري جي انداز ۾ چوڻ ٿو گهران.
سنڌي غزل جي اوسر:
غزل مشرقي شاعريءَ جي هڪ اهم ۽ مقبول صنف آهي، خاص
طور اسان وٽ فارسي ۽ اردو غزل جو گهڻو غلغلو رهيو
آهي. سنڌي غزل گهڻي ڀاڱي فارسي غزل جي اثر ۽ ڪجهه
اردوءَ جي تقليد ۾ اسريو. مون ان جو ذڪر پنهنجي
ٿيسز ”سنڌي شاعريءَ تي فارسي شاعريءَ جو اثر“ ۾
ڪيوآهي.
اياز قادري خاص طور سنڌ ۾ غزل جي اوسر تي ٿيسز
لکي، جيڪا ٻن جلدن ۾ لکي ويئي ۽ سنڌالاجيءَ به ٻن
جلدن ۾ شايع ڪئي. هي ٻه جلد 1983ع ۽ 1984ع ۾ شايع
ڪيا ويا. ڪل ضخامت 1127 صفحا آهي. چوڏهن بابت تي
مشتمل ٿيسز ۾ غزل جي وصف کان ڳالهه شروع ڪئي ويئي.
هن سلسلي ۾ فاضل محقق عالمن جي ڏنل وصفن جي اُپٽار
ڪئي آهي ۽ غزل سان متعلق مڙني بنيادي ڳالهين جو
بيان ڪيو آهي. ٻيو باب فارسي شاعريءَ جي اثر جي
بيان ۾ لکيو ويو آهي، جنهن ۾ ايران سان سنڌ جي
تعلقات کان وٺي سنڌ ۾ فارسيءَ جي رواج، پهرين
فارسي شاعرن ۽ دؤر واري جائزي سان پنهنجي بيان کي
سينگاريو آهي.
پنهنجي تحرير ۾ اياز قادري فارسيءَ بجاءِ ”پارسي“
لکيو آهي. خود ايران ۾ لفظ فارسي ڪم آندو ٿو وڃي
ته پارسي لکڻ مناسب ڪونهي. هي لفظ پارسي اسان وٽ
ته خاص طور پارسي آتش پرست ماڻهن لاءِ ڪم اچي ٿو.
فاضل محقق وٽ ان جو ڪهڙو جواب آهي؟
ڪتاب جو ٽيون باب سنڌي غزل تي فارسي غزل جي اثر
لاءِ مخصوص ڪيل آهي. فارسي شاعريءَ جي اهڃاڻن،
مناسبتن ۽ ٻين لاڳاپيل ڳالهين سان واسطو رکي ٿو.
بيان ۽ جزئيات جي لحاظ کان نهايت اهم آهي. ان کان
پوءِ چوٿون باب سنڌ ۾ غزل جي ابتدا ۽ اهم غزل گو
شاعرن بابت آهي، جنهن ۾ قاسم ۽ فاضل سان ڳالهه
شروع ڪئي ويئي آهي ۽ آخوند گل جو نالو به نه آندو
ويو آهي، جيڪو ليکڪ ٻئي ڀاڱي ۾ ته ڏنو آهي، پر
ڳالهه هتان شروع ڪيل آهي ۽ گُلَ جو ذڪر هتان ئي
شروع ٿئي ها ته بهتر هو. ڪتاب جا باب نمبر 5، 6 ۽
7 اخبارن، رسالن، بزم مشاعرن ۽ ادبي ڪانفرنس جي
رڪارڊ تي مشتمل مواد فراهم ڪن ٿا، جيڪو اهم ۽ قابل
قدر آهي ۽ ايندڙ وقت جي تحقيق ۾ ڪارائتو ٿيندو.
ڪتاب جي پهرئين ڀاڱي وانگر ٻيو ڀاڱو به مواد جو
ڀنڊار آهي. هن ۾ دور وارو غزل گو شاعرن جو ذڪر ڪيو
ويو آهي. ڪل ستن بابن کي دور وارو هيئن ورهايو ويو
آهي:
سنڌي غزل جي ابتدا، گل جو دؤر، خليفي قاسم جو دؤر،
سانگيءَ جو دؤر، قادريءَ جو دؤر. ورهاڱي کان پوءِ،
ڀارت ۽ سنڌ ۾ غزل. ڪل 161 مشاعرن جو ذڪر ڪيو ويو
آهي. هر هڪ دور جي شاعرن جي تذڪري کان اڳ سياسي ۽
سماجي جائزو به ڏنل آهي، جنهن سان شاعريءَ جو
انداز وڌيڪ واضح ٿئي ٿو. منهنجو ذاتي خيال آهي ته
انتخاب ڪلام ۾ ننڍي وڏي شاعر جي مناسبت سان غزل به
وڏن شاعرن جا ڪجهه ڏجن ٿا.
بهرحال غزل جي هن تحقيقي جائزي کي سنڌي شاعريءَ ۾
هڪ مستقل حيثيت رهندي ۽ ادبي تاريخ لکڻ وارو هن
مان استفادو ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندو. جيڪڏهن ڪو محقق
تنقيد ڪرڻ گهري ته ان کي به اهو حق ڏيڻ کپي، جيڪو
محترم اياز قادري نه ڏنو آهي. جڏهن هو پهرئين جلد
جي مقدمي ۾ صفحي ح تي لکي ٿو:
”ان کان اڳ جو ٿيسز جي مواد بابت ڪجهه لکان، ايترو
عرض ته منهنجي هيءَ ٿيسز عيبن ۽ اوڻاين سان ڀريل
آهي، جيڪي خاص طرح انهن کي جي عيبن ۽ اوڻاين جي
نوس نوس ڪندا وتن تن کي وڌيڪ چتا ڏسڻ ۾ ايندا.“
جملي جي سناء کان قطع نظر فاضل محقق جيڪو نوس نوس
ڪرڻ وارن لاءِ انديشو ظاهر ڪيو آهي، تنهن لاءِ ڇا
عرض ڪجي. ڪتاب جي تعريف آءٌ ڪري آيو آهيان، ته به
هي رمارڪ مون کي سٺو نه لڳو، ڇو جو پروف جون
غلطيون آءٌ به ڪڍندو آهيان.
بهرحال هي هڪ اهم ڪتاب آهي، جيڪو سنڌالاجيءَ شايع
ڪيو آهي.
سنڌ جي تاريخ جي سلسلي ۾ جئن شروع ۾ عرض ڪيو اٿم
ته ادبي بورڊ هڪ رٿا تي ڪم ڪندو رهيو آهي. ڪي
تاريخون ۽ ڪي اهڙا ڪتاب شايع ٿيا، جيڪي تاريخ جا
ماخذ آهن. سنڌالاجيءَ جي شايع ڪيل ڪتابن ۾ محترم
ايم. ايڇ. پنهور جو ڪتاب: آهي،Chronological
Dictionary of Sindh جيڪو
تاريخ واقعات جي تسلسل تي مشتمل آهي. محنت ۽ حاضر
دماغيءَ سان تيار ڪيل هڪ دستاويز آهي. ڪتاب ۾ سال
وار رڪارڊ ڏنل آهي. هن ۾ طبقات الارضي ڪئلينڊر
شروع ۾ شامل ڪيل آهي. پٿر واري دؤر کان وٺي سمن جي
دؤر، دهليءَ جي تسلط، سمن جي جدوجهد 1536ع تائين
جو سال وارو رڪارڊ ۽ واقعات جي ڏسڻي آهي. هي ڪتاب
پنجن سون کان مٿي صفحن تي مشتمل آهي. منجهس 46
نقشا ۽ 24 چارٽ شامل آهن. ڪيترو ئي مواد انگن اکرن
جي ذريعي سمجهايل آهي. تاريخ، جاگرافي ۽
طبقاتالارض اهڙا موضوع آهن، جن جي کوجنا دقت طلب ۽
محنت طلب آهي، جيڪو پنهور صاحب مستند ڪتابن جي
حوالن سان گڏ ڪري ترتيب ڏنو آهي. هن ۾ مواد جي
سهيڙ خاصي ڌيان گهرندي آهي ته ڪهڙي طريقي سان مواد
گڏ ڪري ترتيب ڏجي ٿو.
پنهور صاحب 70 صفحن تي مشتمل جاگرافيڪل انڊيڪس ۽
66 صفحن تي آڌاريل ببلوگرافي ڏني آهي، جنهن مان
سندس خاص سورس ۽ ڪم جي وسعت معلوم ٿئي ٿي. هي ڪتاب
سنڌالاجيءَ جي اشاعتي سلسلي جو هڪ اهم ڪتاب آهي،
جيڪو سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، طبقات الارض ۽ ثقافت
تي تيار ڪيل آهي. 1983ع ۾ شايع ٿيو آهي. هي منهنجو
ذاتي خيال آهي ته هي ڪتاب سنڌالاجيءَ جي ڪتابن جو
نڪ آهي.
|