جِپِسِي
(Gypsy)
1988ع ۾ آءٌ برطانيه ويس ۽ اسڪول آف اورينٽل ائنڊ
آفريقن سٽڊيز لنڊن ۾، گهڻو اچ وڃ جو سلسلو رهيو.
لئبرري، ڪلاسن، ڪئنٽين، هاسٽلن ۽ شاگردن جي ٻين
مشغولين ڏسڻ جو موقعو مليو. موٽي اچڻ کان پوءِ ڪي
ڳالهيون ذهن ۾ ڪر موڙينديون رهيون. اُنهن ۾ سري
لنڪا، پاڪستان، آفريقا ۽ ٻين هنڌن تي دهشت گردي ۽
انسان تي ظلم جي حوالي سان ناوليٽ شڪار لکيم. جيڪو
1994ع جي مهراڻ (3 – 4) ۾ ڇپيو. هن ناوليٽ جو
منظرنامو لنڊن واري اسڪول جو ٺهيل هو. جتي دنيا جي
مختلف ملڪن جا شاگرد اچي ٿا گڏ ٿين. اُنهن ۾ سنڌ
جو دودو، ڀارت جا گل بهار سنگهه ۽ انوپ، سري لنڪا
جي سريتا، چين جي چِنگ لِنگ کُو، هالينڊ جا مارٿا
۽ هڪ جِپسي ڪردار لکانو آهي. ناوليٽ جي ڪهاڻيءَ جي
رٿا پنهنجي جاءِ تي آهي، پر اُن ۾ جپسين بابت
انسائيڪلوپيڊيا مان مليل انگ اکر ڏنا هئم. اُنهن
جو مول مقصد لکاني جي سڃاڻپ ڪرائڻ هو. ناوليٽ جو
اُهو خاص ٽڪرو هتي تمهيد طور ڏيان ٿو. جنهن ۾
جسپين جو يورپ ۾ پهچڻ ۽ مٿن ٿيل ظلمن جو مختصر
بيان آهي:
”جئن ٻئي اُميدوار جو نالو پڪاريو ويو، تئن سڀني
سنڌين جا ڪن کڙا ٿي ويا. نالو هو لکانو. هڪ قداور
شخص اسٽيج طرف وڌيو. جينز پاتل، ڇيٽَ جي ويڪري
قميض ۽ مٿي تي نراڙ وٽ سائي پٽي ٻڌل. وڏن مڻين جي
هڪ مالها ڪنڌ ۾، ۽ هڪ مالها چيلهه تي پٽي وانگر
ٻڌل هئس. جنهن مان به ڪي مڻين جون سرون هيٺ لڙڪي
رهيون هئس. جِست جي سِڪن جي به هڪ مالها ڪنڌ ۾
جهرمر ڪري رهي هئس. دودي جو ته وات ڦاٽي ويو! ته
ڇا کيس هڪ سنڌيءَ سان مقابلو ڪرڻو پوندو! لکانو ته
سنڌي نالو هو. ويٺلن ۾ جپسي جپسي جا سرٻاٽ ٿيا.
هاڻي دودي کي به ڪجهه سمجهه ۾ آيو.
لکانو جيڪا انگريزي ڳالهائي رهيو هو سا لهجي جي
لحاظ کان ڪن کي فرينچ ته ڪن کي رومانين لڳي رهي
هئي. لکاني جو آواز آهستي آهستي بلند ٿيندو ويو:
آءٌ اوهان جو حقيقي خادم آهيان. آءٌ هڪ برجستو ۽
بي تعصب شخص آهيان. تاريخ مون کي اهو سبق ڏنو آهي.
منهنجا وڏا اندازاً اٺ سوء ورهيه اڳ پنهنجو وطن،
جيڪو اتر اولهه ڀارت هو؛ ڇڏي مصر (Eygpt)
کان ٿيندا يورپ ۽ اَمريڪا تائين پکڙجي ويا. اُن
ڪري اسان کي جپسي سڏيو ٿو وڃي. اسان تي ۽ دنيا جي
ٻين ڪمزور طبقن تي ظلم ڪيو ويو. سوين ڪتاب جپسين
جي باري ۾ لکيا ويا آهن. اولهه جي ڪنهن به ملڪ ۾
اسان سان سٺو ورتاءُ نه ڪيو ويو. مون جئن هوش
سنڀاليو تئن پاڻ کي اسپين (Spain)
جي هڪ شهر بارسيلونا جي ٻاهران گهوڙن سان ڇڪجندڙ ۽
ڳوڻين سان ڍڪيل هڪ ٽريلر ڍانچي ۾ ڏٺم. منهنجا ماءُ
پيءُ ۽ ٻيا مائٽ صبح جو شهر ويندا هئا ۽ شام جو
چار پئسا ڪمائي گهر موٽندا هئا. مون کي خبر نه هئي
ته ڪهڙو ڌنڌو ٿا ڪن. ڪجهه وڏو ٿيس ته خبر پيئي، ۽
پوءِ ته آءٌ به روزگار لاءِ ٻاهر نڪتس.
مون کي معلوم آهي ۽ اوهين به ڄاڻو ٿا ته جپسي ڪير
آهن؟ پر دوستو! مسئلو فقط جپسين جو نه آهي. مسئلو
دنيا جي مسڪين ۽ بي گهرن جو آهي. آءٌ پنهنجي هم
وطن مسٽر دودي سان مقابلو ڪريان يا هٿ کڻي وڃان،
پر هن پليٽ فارم تان دنيا جو ضمير جاڳائڻ اسان جو
بنيادي مقصد آهي. ليکڪن اسان کي متفق طور اُتر
اولهه ڀارت يعني سنڌو ماٿر مان لڏي اولهه ڏي آيل
ڄاڻايو آهي. ڪن اِهو خيال به ظاهر ڪيو آهي ته اسين
پهرين مصر پهتاسين. اسان جي قوم اڄ يوروپ ۽
اَمريڪا ۾ لکن ۾ آهن ۽ گهڻو ڪري ٽوڪرا ٺاهڻ، قسمت
ٻڌائڻ، نچڻ ڳائڻ ۽ ڪن صاحبن جي خيال موجب چوريون
ڪرڻ اسان جو ڌنڌو آهي. شايد دنيا ۾ ٻيو ڪير به
چوري ڪونه ٿو ڪري. ڪتابن ۾ اسان کي رُولو، لوفر ۽
ڳُجهڙا به سڏيو ويو. انسائيڪلوپيڊيا ۽ تاريخ جي
ڪتابن موجب جپسي ڪريٽ ۾ 1322ع ۾ نظر آيا. 1346ع ۾
ڪورفو ۾، جرمنيءَ جي شهر هيلڊشين ۾ 1416ع ۾،
مالديويا ۽ هنگري ۾ 1417ع ۾، پئرس ۾ 1427ع ۾
بارسيلونا ۾ 1447ع ۾ نظر آيا. اسين پاڻ کي روم به
چوندا آهيون. جنهن جو مطلب آهي ماڻهو. ايئن منش به
سڏائيندا آهيون. باقي خلق کي گاجي يعني ڌاريون
ڄاڻندا آهيون. اسان جو اسپيني نالو گيٽانو آهي.
اسان کي اولهه ۾ ويڙهاڪ ۽ هاڃيڪار ڄاتو ويو ۽
يوروپ ۾ اسان کي ماريو ويو. جرمنيءَ ۾ اسان کي
پنهنجي اهل وطن جي مناسبت سان سنتي يا سنڌي سڏيو
ويو. قانون ٽوڙيندڙ ۽ ٺڳ به ڄاتو ويو.
فريڊرڪ وليم اول 1725ع ۾ حڪم ڏنو ته 18 سالن کان
وڏي عمر جي سڀني جپسين کي ڦاسي ڏني وڃي. ساڳين
سالن ۾ رومن سلطنت جي چارلس ٻئي به سڀني جپسين
لاءِ موت جو وارنٽ ڪڍيو. بوهيميا ۾ عورتن جو ساڄو
ڪن ڪپڻ، سلسيا ۽ موراويا ۾ کاٻو ڪن ڪپڻ جو حڪم ڪيو
ويو. جناب، عالي! اِهي ڳالهيون ڪتابن ۾ لکيل آهن!
انصاف ڏسو!! هٿ ڏيکاري اوهين پنهنجو ڀاڳ ڄاڻڻ ٿا
گهرو ۽ ڏوهه اسان جو آهي! راڳ ٻڌڻ اوهين گهرو ٿا ۽
ڏوهه ڳائڻ واري جو آهي. مرچ اوهان کي پسند ڪونهي،
پر ڪو ٻيو کائي ته اُهو اوهان جو ڏوهاري آهي.
ويهين صديءَ ۾ به اسان سان نسلي فرق روا رکيو ٿو
وڃي. اسان جا هم قوم اسپين، فرانس، برطانيه،
جرمني، رومانيه، بلگيريا، روس ۽ آمريڪا ۾ اٽڪل هڪ
ڪروڙ آهن. اوهين ڏسو ڪٿي نڪورنو ڪارا باخ ۾ اسان
کي ته نه پيو ماريو وڃي. ڪٿي نڪولائي چائو سِسڪو
جي ظلم هيٺ اسين ته نه پيڙهيا ويا آهيون! اسان تي
ظلم به ٿيندو رهيو آهي ۽ اسان جي آدم شماري به وڌي
پيئي. ڪوڙا ۽ گهٽايل انگ اکر گهڻو وقت هلي نه
سگهندا. اسين به مغرب جي چمڪ ۾ پنهنجو خوبصورت
چهرو ڏسڻ گهرون ٿا. برطانيه جي جپسي قومي ڪائونسل
جي صدر چيو آهي ته اسين به ٻي مخلوق وانگر هڪ هنڌ
رهي مفيد ۽ ڪامياب زندگي گهارڻ ٿا گهرون.
نازي ڪئمپني ۾ پنج لک جپسي ماريا ويا. جپسين کي
باهه ۾ ساڙيو ويو. ٻانهن تي سڃاڻپ جا داغ ڏنا ويا.
فرانس ۾ سڃاڻپ جون خاص چٺيون رکڻ ۽ طلب ڪرڻ تي
پوليس کي ڏيکارڻ جو حڪم ڪيو ويو. مَنُش (جپسي)
قبيلي کي فرانس ۾ ووٽ ڏيڻ کان روڪيو ويو. يوروپي
برادريءَ ۾ فقط ٽيهه سيڪڙو جپسي ٻار اسڪول وڃي
سگهن ٿا. جپسين کي فقط بيڪار پيل زمين تي رهڻ ڏنو
وڃي ٿو.
هاڻي حالات بدليا آهن. 1989ع ۾ يوروپي برادريءَ جي
وزيرن جي ميٽنگ ۾ جپسين جي تعليم، ثقافت ۽ روماني
زبان جي ترقيءَ لاءِ سوچيو ويو آهي. اڄ جپسي
نوجوان سماج جو هڪ ڪارآمد حصو بنجن گُهرن ٿا.
دوستو! مون کي اوهان جي ساٿ جي ضرورت آهي.
جذبات کان ٻئي اُميدوار مغلوب آهن. دودو ۽ لکانو
ٻئي ڀاڪرين پئجي ٿا وڃن. لکانو دودي کي زور ڀري
صدارت لاءِ اڳيان آڻي ٿو. خير! جپسين جي باري ۾
انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا جو ڏنل احوال لکاني جي
تقرير ۾ هو. اِهو بنيادي ۽ مختصر احوال آهي. جيڪو
ٻين ليکڪن به پنهنجن مقالن ۾ آندو آهي. آئون گذريل
اٽڪل ٻارهن سالن ۾ هن موضوع تي مواد گڏ ڪندو رهيو
آهيان. اُن جي بنياد تي هن گروهه جي اصل نسل،
زندگي، ثقافت، زبان جي باري ۾ ڪجهه ڳالهيون عرض
ڪريان ٿو – عبدالجبار.
جپسي هڪ وڏو گروهه هو، جو انسائيڪلوپيڊيا جي تحرير
۽ ٻئي تحقيقي مواد موجب ڀارت (هاڻي هندو پاڪ) جي
اُتر اولهه علائقن مان اولهه طرف اندازاً هزار سال
اڳ لڏيندو ويو. شايد اُهو گروهه پهرين ايران ۽ مصر
۽ پوءِ اُتان يوروپ ڏانهن ويو.
ايترو آسان ڪونهي جو جپسين بابت چند حوالن ڏيڻ سان
ڪنهن آخري نتيجي تي پهچي سگهجي. ڪافي ڪجهه لکجڻ
بعد به اِهو حتمي فيصلو نه ٿيو آهي ته اُهي سنڌ،
پنجاب، راجسٿان، گجرات يا بلوچستان مان لڏي ويا؟
هڪ صوبي مان يا اِنهن سڀني صوبن (۽ ايراضين) مان
لڏي ويا. مغرب ۽ مشرق ۾ اُنهن خانه بدوش ماڻهن تي
ڪافي ڪجهه لکيو ويو آهي. اِن ڳالهه تي سڀ محقق
مُتفق آهن ته: ”جپسي هڪ رولُو ۽ خانه بدوش نسل
آهي. اُهي روماني زبان ڳالهائين ٿا. اُهي اصل اُتر
اولهه ڀارت جا رهاڪو هئا. اندازاً 1000ع ۾ اولهه
ڏي لڏ پلاڻ شروع ڪيائون. اُنهن جو تعداد 5 کان 6
ملين (50 کان 60 لک) آهي.“
ڪينٿ ڪازنر (Kenneth
Katzner)
لکي ٿو ته ”جپسين جي عام ۽ بنيادي ٻولي روماني (Romany)
آهي، جيڪا لفظ روم – Rom -
(ماڻهو) مان نڪتل آهي. هيءَ اُها ٻولي آهي، جيڪا
يوروپ ۽ آمريڪا جا رهاڪو مختلف جپسي ٽولا ڳالهائين
ٿا–(1).“ جپسين ۽ سندن ٻولين اولهه ۾ گهڻي دلچسپي
پيدا ڪئي آهي ۽ مشرق ۾ به ماڻهن ۾ تجسس آهي. جارج
ايف بلئڪ (George
F. Black)
هڪ جپسي ببلوگرافي تيار ڪئي، جنهن ۾ 4577 عنوان
(ڪتاب ۽ مقالا) ڄاڻايل آهن. اُهي ڪتاب ۽ مقالا
گهڻو ڪري يوروپ جي سڀني ٻولين ۾ آهن. اُنهن ۾
اسپيني (Spanish)
زبان به شامل آهي.
هيستائين موجود ڪيل تحرير مواد، سوانحي خاڪن،
انسائيڪلوپيڊيا ۽ ڊڪشنرين موجب جپسين جي مختلف
ٽولن جا اصل وطنَ به مختلف آهن. پر اِهو سڀ مڃين
ٿا ته جپسي رولو گروهه آهن ۽ اوڀر کان اولهه ڏانهن
آيا آهن. مئڪملن جي Concise
Dictionary of World History ۾
آيو آهي ته: ”اهي اُتر هند کان ايران ڏي لڏي آيا.
اِهو وقت ڏهين صدي عيسويءَ جو هو. يورپ ۾ 15 صدي
عيسويءَ ۾، ۽ اتر آمريڪا ۾ اندازاً 18 صديءَ ۾
آيا. پراڻي ريت موجب جپسي هنرمند آهن. وندرائيندڙ
۽ قسمت ٻڌائڻ وارا به بنيا. اُهي قافلن سان سفر
ڪندا رهيا. هر هنڌ ٻاهريان هئا، اُن ڪري کين ظلم ۽
ڏاڍ جو شڪار ٿيڻو پيو. خاص طور هٽلر (Hitler)
جي هٿان اندازاً چئن کان پنجن لکن تائين جپسي
ماريا ويا-(2).“ هن باري ۾ هڪ ٻيو محقق رالف ايل
ٽرنر (Ralph
L. Turner)
لکي ٿو ته: ”جپسي نيم – خانه بدوش (Semi-nomadic)
سِنتي / سنڌي (Sindi)
آهن. جرمني ۾ اِهو نالو (سندي) اٿن.(3)“
لفظ سِنتي لاءِ اهو به خيال ظاهر ڪيو ويو ته چيني
زبان ۾ سنڌ کي سِنت (۽ سنڌي کي سنتي) چئجي ٿو. اِن
سلسلي ۾ ليلو رچنداڻي پنهنجي ڪتاب ’سنڌوءَ جي
جهلڪ‘ ۾ پنڊت نهروءَ جي ڊسڪوري آف انڊيا جو حوالو
ڏي ٿو(4). حقيقت ۾ چيني زبان ۾ سنڌ کي شِن تَ (
) چئجي ٿو(5). اهو معياري محاوري (Dialect)
موجب آهي. آءٌ اُهو پڙهيو آهيان. ٻين محاورن ۾ ش
گهڻو ڪري س ۾ تبديل ٿئي ٿو.
انسائيڪلوپيڊيا آمريڪا موجب جپسي رولو ٽولا آهن. ۽
اوڀر مان 14 صدي عيسويءَ ۾ لڏي آيا. خاص طور هند
مان-(6). اُهي يورپ ۾ چوڏهين صدي عيسوي کان وٺي
نظر اچن ٿا. اِها داخلا يورپ جي تاريخي رڪارڊ ۾
ٿيل آهي. اُن جو اختصار تمهيد ۾ ناوليٽ جي ڪردار
لکاني جي گفتگو ۾ به آندل آهي. اُهي
انسائيڪلوپيڊيا مان ورتل انگ اکر (Data)
آهن. يورپ ۾ اِهو عام طور تسليم ٿيل آهي ته جپسي
مصر / ايجپٽ کان آيا. ايجپشن مان بگڙي لفظ جپسي
ٿيو. اُنهن تي جرمني ۽ ٻين هنڌن تي جيڪو ظلم ٿيو
اُهو تمهيد ۾ ڏيئي آيا آهيون.
گروليئر جي اڪيڊمڪ انسائيڪلوپيڊيا ۾ جپسين جي زبان
جي باري ۾ معلومات ڏيڻ سان گڏ اِهو به چيو ويو آهي
ته اُهي مَنوش آهن- کين اِهو نالو فرانس ۾ مليل
آهي. جرمنيءَ ۾ سنتي (Sinti)
سڏجن ٿا. سندن ٻولي رومانيءَ وانگر آهي پر ڪافي
جرمن لفظ اٿس(7) (هتي شايد روماني مان ليکڪ جي
مراد رومانين Romanian آهي).
هي ليکڪ جپسين کي ڪارڪيزين (Caucasoid)
نسل سان واسطو رکندڙ سڏي ٿو(8). هي ليکڪ کين گهٽ
ذات به سڏي ٿو.(9).
جپسين جي زبان ۽ ثقافت بابت تفصيل سان ذڪر اڳتي
ايندو، پر ڪي زبان جي باري ۾ حوالا هتي به آڻيون
ٿا. ڪامپٽن جي انسائيڪلوپيڊيا موجب، جپسين جو خيال
آهي ته هُو ڀارت کان آيا آهن ۽ سندن زبانون سنسڪرت
تي آڌاريل آهن، جيڪا ڀارت جي قديم زبان آهي(10).
لوئي برٽرانڊ جي تاريخ اسپين ۾ آهي ته هُو پاڻ کي
روم (ماڻهو) ۽ ٻين کي گاجي (ڌاريون) چوندا آهن.
مسلمانن جي اسپين ۾ حڪومت دوران عيسائي ۽ يهودي،
اسپيني زبان جو پهريون محاورو رومان ڳالهائيندا
هئا(11).
سنڌ ۽ هند جي محققن، ليکڪن ۽ سياحن به جپسين بابت
ڪجهه لکيو آهي. اُنهن ۾ گنگارام سمراٽ، ليلور
چنداڻي، شيخ عزيز ۽ خورشيد قائم خانيءَ جا حوالا
ڏيڻ مناسب ٿيندا. جناب گنگارام سمراٽ، هن کان گهڻو
اڳ آريه ورت ڪتاب ۾ سنڌ، هند، هندو مذهب ۽ سنسڪرت
زبان جي عظمت ۽ ڦهلاءَ توڙي يوروپ تي ٻولين جي اثر
بابت گهڻو لکيو هو. هن وقت جنهن ڪتاب مان حوالا
وٺي رهيا آهيون سو سنڌو سؤوير آهي. هِن ۾ ڀارت ورش
جي زبان ۽ ثقافت جي قدامت ۽ ڦهلاءَ بابت ۽ پڻ سنڌ
جي عظمت بابت گهڻو لکيو ويو آهي. تنهن سان گڏ سنڌ
جي جپسين بابت به لکيو اٿس. انگريزي ڪتابن جي
حوالن سان پنهنجي دعويٰ کي پڪو ڪيو اٿس. هو لکي ٿو
ته جپسين جا مختلف ٽولا مصر (ايجنٽ) کان ٿيندا،
يوروپ ۽ اَمريڪا ۾ داخل ٿيا(12). سمراٽ لکي ٿو ته:
”لڏي ويندڙ سنڌو يا اُن جي ڀر مان روانا ٿيا ۽
ايجپٽ ۾ ڏکڻ کان داخل ٿيا. لڏي ويندڙ سنڌي اڳتي
وڌيا ته نئين پرديش جي ڳولا ۾ ڦُٽي الڳ ٿيا. جيڪي
اُتي رهيا، سي ايٿوپين هئا ۽ اوڀر ۾ رهيا. اسين
سدا اِهو ٻڌندا پئي آيا آهيون ته ايٿوپيا وارا
ڀارتي (سنڌي) آهن(13).“ ”هڪڙو ٽولو اُتر آفريقا ۾
لڏي ويو ۽ لبيا ۾ وڃي وسيو. هڪڙي ٽولي اُنهن
(سنڌين) کان الڳ ٿي آفريقا ۽ يورپ جي وچ وارو
جيرالٽر جو ڳچي سمنڊ پار ڪري ايبيرين ٻيٽ کي آخري
منزل بنايو(14).“ سمراٽ رابرٽ شا (Robert
Shaw)
جي حوالي سان لکي ٿو ته: ”سنڌوءَ جا سنڌي ايٿوپيا
۾ ويا، پوءِ ايجپٽ (مصر) ۾ وڃي ان کي آباد ڪيائون
۽ پوءِ اسپين به ويا(15).
ايئن سنڌ جي ماڻهن سنڌ ورڪين جي واپار لاءِ
لڏپلاڻ، جاوا، ٻين ٻيٽن ۽ ملڪن ۾ وسڻ، وڌڻ ۽ ويجهڻ
جو ذڪر به سمراٽ صاحب تفصيل ۽ ڪتابن جي حوالن سان
ڪري ٿو (ص 342). دنيا ۾ سنڌين جي پراڻن ماڳن مڪانن
۽ ڳوٺن جو ذڪر ڪندي، فلسطين ۾ هڪ ڳوٺ سنڌياڻي (Sindhiany)
جو به ذڪر ڪري ٿو(16). جپسين جي باري ۾ لکي ٿو ته:
”سڄي يورپ، رشيا، ايجپٽ وغيره ۾ گهمندڙ هڪ جاتي
آهي، جنهن ۾ مختلف پرانتن جا ڀارت واسي شامل آهن،
جيڪي هزارين ورهن کان گهمندڙ حالت ۾ رهن ٿا. يورپ
جي هر ڀاڱي ۾ ڦهليل آهن. سندن ٻولي هڪ آهي. مڪاني
حالتن ڪري فرق به آهي. اڪثر قسمت ڀيٽڻ جو ڪم ڪندا
آهن. گهوڙيسوار به ڏاڍا سٺا آهن. نالا، سنسڪار سڀ
هندو اٿن، جن لاءِ هڪ عجيب نالو الائي ڪئن جپسي (Gypsy)
پرسڌ ٿي ويو آهي(17).“ وڌيڪ لکي ٿو ته انهيءَ جپسي
جاتيءَ ۾ سنڌي به آهن. هُو هڪ ٻئي کي سنتي / سنڌي
ڪري سڏيندا آهن.(18) هڪڙن سنڌين جو يوناني مؤرخ
هيروڊوٽس (Hirodouts)
ذڪر ڪيو آهي، جيڪو پنج سؤ قبل مسيح ۾ ٿي گذريو
آهي- (ص 333)، انهيءَ ڪري سنڌين، سنڌورڪين، ۽
جپسين جي لڏپلاڻ اڃان به آڳاٽي ليکبي. هِن مؤرخ
عاري سمنڊ وٽ سنڌيڪا (Sindhica)
بندر جو به ذڪر ڪيو آهي(19). سمراٽ لکي ٿو ته:
”رشيا ۾ هُو گهڻي ۾ گهڻو ڦهلجي وڌيا ويجهيا آهن.
روس ۾ اٽڪل 35 ورهيه اڳ هُو اتي ٻه لک کن هئا.
سندن خوبين ڪري هُو اُتي ملي هضم (ضم) ٿي ويا.
روسي گيت، روسي لوڪ گيتن، روسي ساهتيه جپسي لوڪ
گيتن سان ڇانيل آهي. روسي – جپسي شاديون هڪ اتهاسڪ
حقيقت آهي(ص 335).“
ليلورچنداڻي، جپسين کي وڻجارا سڏي ٿو: ”شاهه جن
وڻجارن جو ذڪر ڪيو آهي، اُهي سنڌ جا ئي رهاڪو هئا.
اُنهن چين ولايت وڃي واپار ڪري سنڌ کي ڀريو ڀاڳيو
پئي رکيو- پر وڻجارن جي ٻي هڪ قوم آهي، جنهن جو ڪو
مقرر ٺڪاڻو ڪونهي. انهن وڻجارن کي عام طور جپسي
چيو ويندو آهي(20).“
رچنداڻي صاحب اِهو به لکي ٿو ته: ”اِهو به چيو وڃي
ٿو ته انهن جو وطن ڪنهن سمي هندستان هو. هنن جي
ٻوليءَ جا ڪيترا اکر ۽ نحوي بناوت، ڪجهه اُتر
اولهه ڀارت خاص سنڌيءَ، پنجاب جي ٻوليءَ جي اکرن
سان ميل جول رکندي نظر اچي ٿي. ٻوليءَ جي هڪجهڙائي
اها سِڌِ ٿي ڪري ته انهن جو ڪنهن سمي سنڌ سان
گهاٽو سنٻند هو(21).“
”اُهي شايد هزار ورهيه اڳ هند مان لڏي وڃي دنيا جي
مختلف ايراضين ۾ وسيا. انهن وڻجارن کي روس ۾
زگيني، اسپين ۾ زنڪيلي، بالڪن ٻيٽن ۽ بلگيريا ۽
ائزنگين، جرمنيءَ ۾ زنگير، ايران ۽ ترڪستان ۾
زنگيري چيو ويندو آهي. اُهي پاڻ به ڪن هنڌ پاڻ کي
زنگيرو ته ڪن هنڌ زنڪيلي ته ڪن هنڌ وري سنتي
(سنڌي) سڏائيندا آهن(22).“ مختلف نالن جو جيستائين
تعلق آهي ته اُنهن جي باري ۾ ليکڪن ۾ اختلاف به
آهي. هِن کان اڳ اُن ڳالهه جو ذڪر ٿي آيو آهي.
منهنجي دوست شيخ عزيز، جپسين تي هڪ مضمون ”ڇا جپسي
نسل جو تعلق واديءَ سنڌ سان آهي؟“ جي عنوان سان
لکيو آهي، جنهن ۾ شيخ صاحب جپسين جي اصل نسل بابت
مليل معلومات سان گڏ، اُنهن جي ثقافت ۽ جيوت جي
مختلف معاملن بابت لکيو آهي. سنڌ مان ايران ڏي
ويندڙ لولايان / لوريان واري نظرئي جي پس منظر ۾
مشهور شاعر فردوسيءَ جي ايران جي بادشاهه بهرام
گور (220 – 238ع) جي ڪيل بيان جو حوالو ڏيندي، شيخ
صاحب لکي ٿو ته: ”جنهن (بهرام) هِتان (سنڌ مان)
اٽڪل 20 هزار موسيقارن کي پاڻ وٽ گهرائي، انهن کي
پنهنجي ملڪ ۾ آباد ڪيو(23).“ شيخ عزيز، ڊچ مستشرق
ڊي گوئسجو جي حوالي سان سنڌ جي جت قبيلي کي جپسين
جو جد امجد قرار ڏنو آهي. جن کي عربن زط چيو-(24).
شيخ صاحب موسيقيءَ سان وابستگيءَ جو به ذڪر ڪيو
آهي(25).
ڪن سياحن به جپسين جو ذڪر ڪيو آهي. اُنهن پنهنجي
سفر جي بياني سلسلي ۾ ذڪر ته ڪيو آهي، پر اُن جي
ڪا تاريخي حيثيت ۽ سَنَدَ نه آهي. جناب خورشيد
قائم خانيءَ جي ڪتاب ’ڀٽڪتي نسلين‘ ۾ به جپسين تي
ٻه ٽي عنوان آهن. هُن به مليل تاريخي حوالن کي
ورجايو آهي. ڪٿي ڪٿي ذاتي رابطي جو ذڪر به آهي.
سندس لکڻ موجب پهريون حوالو حمزه اصفهانيءَ جي
تحريرن ۾ ملي ٿو، جنهن لکيو ته هندستان مان ٻارهن
هزار ڳائڻ ۽ نچڻ وارا آيا(26). سنڌ جي تاريخ ۾
اِها مشهور روايت آهي ته سنڌ مان ڪي ڳائڻا ايران
ويا. اُنهن کي لوليان / لوريان سڏيو ويو آهي. ممڪن
آهي، ته اُن جو بنياد لورو (فارسيءَ ۾ جمع لوريان)
هجي. ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي ڪتاب سنڌي موسيقيءَ جي
مختصر تاريخ ۾ لوليان جي باري ۾ لکيو آهي: ”ڪي
ڪاسبي ۽ گداگر قبيلا پهرين ايران مصر، اندلس ۽
برطانيه پهتا- مصر ۾ پهرين ڏٺا ويا ته انگريزن کين
جپسي ڪوٺيو-(ص 16). ترڪيءَ ۾ لوهارڪو ڌنڌو ڪرڻ ڪري
کين سيگان سڏيو ويو- (ص 17). گهڻا لورن جي نسل مان
آهن-(ص 17). لورن کي ٻه صديون اڳ ايران ۽ مصر سان
واقفيت ٿي چڪي هئي- (ص 17).“ ڊاڪٽر صاحب ڪن فارسي
شعرن جا حوالا به ڏنا آهن، جن موجب لوليان /
لوريان واري نظرئي کي هٿي ملي ٿي(27).
جيڪڏهن ايرانين لوريءَ کي لولي (ج- لوليان) ڪري
ڄاتو آهي ته لورا يا لوري سنڌ جي هڪ ذات به آهي.
لغات ۾ به لورو، هڪ ذات ڄاڻايل آهي(28). جُنگ شاهي
طرف به ذات جا لورا رهن ٿا. لورو لفظ عام معنيٰ ۾
ڪنهن ڪريل شخص يا پيڇو نه ڇڏيندڙ کي به چئبو
آهي(29). لوريڙ به هڪ ذات آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي
هڪ فارسيءَ جي (سابق) استاد محترم ڊاڪٽر قاضي نبي
بخش صاحب، جيڪو اصل روهڙيءَ جو آهي؛ تنهن هڪ
ملاقات ۾ ٻڌايو ته لوليان اصل ۾ روهڙيان مان آهي.
فارسيءَ وارن اڪثر ’ر‘ کي ’ل‘ سان بدلايو آهي ۽
روهڙيءَ کي لهري لکيو اٿن. لفظ لوري شاهه جي رسالي
۾ ڪوهياريءَ ۾ هڪ وائيءَ ۾ ٻن مصرعن ۾ آيو آهي:
اديون آريچن جو لَهُ لڳو مون لوري،
ڪشي ڪان ڪمان مان، لائي وئڙا لوري(30).
سُر ديسي جو هڪ بيت به اهڙو آهي، جنهن ۾ لفظ لوري
ذات جي لحاظ کان نمايان آهي:
ڇوري ندوري، نڪو مائٽ مُنڌَ جو،
سوين هلن ساٿ ۾، ڪمي ۽ ڪوري
آءٌ پڻ آهيان اُن ۾، لنگهي ۽ لوري
لنگهائين لطيف چئي، ٿر جا ٿوري،
آهيان آزوري، تنهنجي جوري جبل لنگهيان(31).
اڪثر شاعرن جي ڪلام ۾ لنگهي، فقير، منگتي ۽ پٺيان
پوندڙ جي معنيٰ ۾ لوري لفظ گهڻو ڪم آيو آهي. ڊاڪٽر
بلوچ صاحب ڪن شعرن جا جيڪي حوالا ڏنا آهن، اُنهن
مان به اِهو نظريو پڪو ٿو ٿئي ته سنڌ جا لورا ذات
جا ماڻهو، جن جو ڳائڻ وڄائڻ سان به واسطو هو،
غريب، ڪاسبي ۽ گداگر به هئا، سي ايران ويا ۽
لوريان / لوليان سڏجڻ ۾ آيا. شعر هي آهن:
ازان لوريان برگزيده ده هزار،
نر و ماده بر زخم بربط سوار.
(فردوسي)
---
فغان ڪين لوليان شوخ و شيرين شهر آشوب
چنان بُردند صبر از دل ’ڪه‘ ترڪان خوان يغمارا.
(حافظ)
ڇو جو لورا موسيقي / لوليان مقبول ٿي، اُن ڪري اُن
قوم جي ايران ۾ شهرت ٿي-(32). اڳتي مصر، يوروپ ۽
خاص طور اسپين ۾ هن سنگيت پنهنجو نه رڳو اُتي اثر
ڇڏيو، پر جپسي موسيقي ۽ ناچ لئه جو به شُهرو
ٿيو(32). سپين ۾ جپسين کي سِن تانو (Sintano)
يعني ’سنڌ جا‘ سڏيو ويو، جيڪو هتانو (Hitano)
ٿيو، ۽ هاڻي عام طور گيٽانو (Getano)
سڏجن ٿا(33).
حوالا ۽ سمجهاڻيون
1. Katzner
Kenneth. Languages of the World, London 1977, p
– 107
2. Macmillan's
Concise Dictionary of World History, Bruce
Wetterau, New York, 1983, pp: 337 - 338.
3. Turner,
Ralph L. Position of Romani in Indo - Aryan,
1927, p: 649.
4. رچنداڻي،
ليلو. سنڌوءَ جي جهلڪ، ڪمل سنڌي پرنٽنگ پريس
احمدآباد، 1963ع، ص 44.
5. A
Concise English - Chinese Dictionary Peking,
1965, p: 920.
6. Encyclopedia
Amricana, Vol. 13, 1987, p: 649.
7. Groliar's
Academic Encyclopedia, Vol. 9, 1985, p: 415.
8. Ibid,
p: 415.
9. Ibid,
p: 415.
10. Compton's
Pictured Encyclopedia and a fact Index, Vol. 6,
pp: 235-236.
11. Bertrand,
Louis Part - c & History of Spain, Part I,
London, 1952, p: 74.
12. سمراٽ
گنگارام. سنڌو سؤوير،
ڪپل پرنٽنگ پريس، سهجپور احمدآباد 1979ع ص ص 316 –
317.
13. ايضاً
– ص 316.
14. ايضاً
– ص 317.
15. ايضاً
– ص 322.
16. ايضاً
– ص 330.
17. ايضاً
– ص 332.
18. ايضاً
– ص 333.
19. ايضاً
– ص 329.
20. سنڌوءَ
جي جهلڪ، ص ص 40 – 41.
21. ايضاً
– ص 41.
22. ايضاً
– ص 41.
23. عزيز،
شيخ. رسالو شهباز، حيدرآباد، (جنوري – فيبروري
1993ع) مقالو: ’ڇا جپسي نسل جو تعلق واديءَ سنڌ
سان آهي.‘ ص 150
24. ايضاً
– ص 151.
25. ايضاً
– ص 152.
26. قائم
خاني، خورشيد، ڀٽڪتي نسلين، روهتاس بڪس لاهور،
1991ع ص 60.
27. بلوچ،
نبي بخش خان، سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ، شاهه
لطيف ثقافتي مرڪز 1978ع ص ص 16 – 17.
28. ايضاً
– جامع سنڌي لغات، جلد پنجون، سنڌي ادبي بورڊ، ص
2527.
29. ايضاً
– ص 2527.
30. قاضي،
علامه آءِ. آءِ شاهه جو رسالو، سنڌي ادبي بورڊ،
1961ع – وائي داستان ڇهون، سُر ڪوهياري.
31. ايضاً
– سُر ديسي، بيت 20، داستان 4.
32. حوالو
ڏنل، نمبر 27، ص ص 8 – 9.
33. ايضاً
– ص 17.
ديک ڪبيرا رويا
ڊاڪٽر جعفر حسن، هندي زبان جي باري ۾ پنهنجي تاليف
’منتخابات هندي ڪلام‘ جي تمهيد ۾ لکي ٿو: ”هندي هڪ
شيرين زبان آهي. سچ پڇو ته جئن يورپ ۾ فرانسيسي ۽
اسلامي ملڪن ۾ فارسي زبان شيرين زبان تسليم ٿيل
آهي، ايئن هندستان جي ڪيترين ئي زبانن ۽ ٻولين ۾
هندي سڀ کان دلنشين ۽ مؤثر ڀاشا آهي(ص 9).“
هندي زبان جا ڪيترا قديم دفتر اهڙا آهن، جن ۾ هندي
شعر جو خزانو محفوظ آهي. انهن مان ڪن جي تلخيص وقت
بوقت شايع ٿي آهي. خاص طور اڄڪلهه جيڪو هندي شعر
اسان وٽ پهتو آهي، سو اڻويهين صديءَ جي آخري ڏهاڪن
جي هيٺين ڪتابن وسيلي پهتو:
1. ڀڳتي پرڪاش: هن جو ليکڪ آسنداس مهتاب راءِ آهي.
ڪتاب 1891ع ۾ شايع ٿيو. هن ۾ ڀڄن، دوها، ڪبت ۽
چوپايون آهن. ديوناگري ۽ اردو رسم الخط ۾ لکيل
آهي.
2. سارنگ ست سئي: دوهن جو هيءُ انتخاب جوشي انندي
لال ڪيو ۽ 1899ع ۾ منشي نول ڪشور جي پريس ۾ ڇپيو.
هن ۾ 600 دوها آهن، جن ۾ گهڻا بهاري لال جا آهن.
دوهن جي تشريح فارسيءَ ۾ ڪيل آهي.
3 پدماوت باکا: هي ڪتاب ملڪ محمد جائسيءَ جي
’پدماوتي‘ جو اردو ترجمو آهي جو 1890ع ۾ مرزا
عنايت علي بيگ لکنوي ڪيو ۽ مطبع اعظمي ڪانپور مان
شايع ڪيو. ايئن پدماوتي جو ٻيو مشهور اردو ترجمو
محمد قاسم علي بريلوي ڪيو ۽ 1873ع ۾ نولڪشور
ڪانپور ڇاپيو.
4. تلسي ڪرت رامائڻ: هي اردو ترجمو پنڊت لڇمي دت
ڪيو ۽ 1872ع ۾ گيان پرڪاش پريس ميرٺ مان ڇپيو. هن
۾ تلسي داس جي رامائڻ جا دوها ۽ چوپايون آهن.
ايئن ٻين ڪجهه ڪتابن سان گڏ ويهين صديءَ ۾ نياز
فتحپوريءَ جو ڪتاب جذبات ڀاشا ۽ نگار رسالي جو خاص
هندي شاعري نمبر (1936ع) اهم آهن. انهن سڀني ڪتابن
جي مدد ۽ پنهنجي ذوق سان ڊاڪٽر جعفر حسن پنهنجو
ڪتاب ’منتخابات هندي ڪلام‘ مرتب ڪيو. هن اڪثر اهڙن
دوهن کي ڇڏي ڏنو آهي. جن ۾ جنسيت جو شائبو هو.
ادبيات عاليه ۾ شاعريءَ جو مرتبو نهايت اعليٰ آهي.
شاعريءَ ۾ ادب جي طالب علم کي زبان جي تخصيص کان
مٿي ٿي سوچڻ کپي ۽ شعر کي بين الاقوامي تناظر ۾
وسيع نظر سان ڏسڻ کپي. انهيءَ لحاظ کان مون هيءَ
مقالو پيش ڪيو آهي.
شاعرن جا خزانا علم ۽ دانش، عقل ۽ عشق توڙي دنيا
جي دستور ۽ پند و نصيحت جي موتين سان ڀرپور آهن.
ڪهڙي به زبان هجي اُها شعر جي املهه ماڻڪن سان
جرڪي رهي آهي. مون جن چند زبانن جو مطالعو ڪيو آهي
۽ مون کي پنهنجي مادري زبان وانگر عزيز آهن. اُنهن
۾ سرائڪي، هندي ۽ فارسي به آهن. هن صحبت ۾ هندي
شعر جي ڀنڊار مان ٿورو واس وٺون ٿا.
سنڌي زبان ۾ سنڌي ۽ هنديءَ جي لاڳاپي بابت مون کي
هڪ تفصيلي مقالو سُجهي ٿو. اُهو محترم سائين ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ جو آهي. هي مقالو سماهي مهراڻ ۾
ٽن قسطن ۾، ٽن شمارن ۾ (1-2-3 / 1955ع) ڇپيل آهي.
هن مقالي ۾ ڊاڪٽر صاحب سنڌي ۽ هندي شاعريءَ جي
لاڳاپي، سنڌيءَ تي هندي شعر جي اثر، هندي شعر جي
حوالي سان، عورتن جي قسمن ۽ سينگار شاعريءَ جي
حوالي سان لکيو آهي. مقالي ۾ مثالن سان سنڌي ۽
هندي شاعريءَ جي لاڳاپي جو بيان ڪيو ويو آهي.
”سنڌ ۾ هندي شاعري“ جي عنوان سان هڪ مقالو مون به
لکيو هو. جيڪو سهڻي پبليڪيشن جي مجموعي ’موٽندڙ
ڇوليون‘ ۾ جولاءِ 1969ع ۾ ڇپيو هو. هن مقالي ۾
مختصر طور سنڌ جي شاعرن جي هندي ڪلام جو ذڪر ڪيو
هئم. هونئن ته ڪافي هندي ڪلام سنڌ وارن به چيو
آهي، پر مون پير صدرالدين، پير شمس، روحل، مراد
فقير، دريا خان، عثمان فقير، خليفي نبي بخش، حمل،
صورت سنگهه، مصري شاهه ۽ قطب شاهه جو ٿورو ذڪر ۽
ڪلام جو نمونو ڏنو هو.
هندي شعر جي هڪ طالب جي حيثيت سان آءٌ مطالعو ڪندو
رهيس. ديوناگري خط جو به اڀياس ڪيم. 1988ع ۾ لنڊن
ويس ۽ برٽش لائبرري مان به ڪي هندي دوها اصل
ديوناگريءَ ۾ مليا. هتي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي
سنڌي شعبي جي لائبرري ۾ ڊاڪٽر جعفر حسن جو ڪتاب
’منتخابات هندي ڪلام‘ لاڳيتو اڀياس هيٺ رهندو آيو
هو. ڪن ٻين ذريعن سان به هندي دوها هٿ آيا. شاهه
جي رسالي جو سُر بيراڳ هندي به مطالعي هيٺ رهيو.
ايئن هندي ڪلام جا ڪتاب هندستان مان گهرائڻ جي به
ڪوشش ڪيم؛ پر ڪامياب نه ٿيس. منهنجو جپاني دوست ۽
شاگرد ڪِن ساڪُو مامِيا دهليءَ ويو، ڪو ڪتاب آڻي
نه سگهيو ته پروين سلطانه جي ڪيسٽ وٺي آيو.
بهرحال هِن مطالعي ۾ وڌيڪ ڪشش ميران ٻائي جي جيون
ڪٿا ۽ ڀڄنن به پيدا ڪئي. هن سلسلي ۾ هڪ ننڍي
چوپڙيءَ ميران بابت ڪجهه معلومات به مليم. هيءَ
چوپڙي مون پنهنجي پياري دوست ڊاڪٽر انور فگار کان
هٿ ڪئي ۽ فوٽو اسٽيٽ ڪرائي ورتم. اُن ۾ ميران جا
ڪي ڀڄن آهن ۽ مختصر طور سندس جيون ڪٿا به آهي.
ڪتاب تي پورو نالو ۽ ٻي معلومات لکيل نه هئي. شايد
ڪي پنا ڦاٽل هئا.
هن هيٺ آءٌ جيڪا هندي دوهن جي ڳالهه ڪرڻ گهران ٿو،
اُن جي مهاڳ ۾ ٿورو ميران ٻائيءَ بابت مليل احوال
آڻيان ٿو: ميران جو جنم راجپوتانا جي هڪڙي جابلو
علائقي ۾ نيرٽ نالي ڳوٺ ۾ هڪڙي بيٺل ڪٽنب ۾ ٿيو.
هوءَ نهايت خوبصورت هئي. جوان ٿي ته سندس شادي
چتور جي راج ڪٽنب ۾ راجڪمار ڪمڀاسنگ سان ٿي. جو
پوءِ چتور جي گاديءَ تي ويٺو، ائين ميران مهاراڻي
ٿي. پر هن جو من رام ڀڳتيءَ ۾ لڳل هو. بيراڳڻ ٿي
پنڌ پڇندي نيٺ وڃي بندرابن پهتي. پويان ڪنهن سار
به نه لڌي. جڏهن هوءَ رچي ريٽو ٿي ته هڪ ڏينهن
سندس ور به وٽس آيو. ميران به راضي ٿي راج محل ۾
واپس آئي پر هر سال ۾ ڇهه مهينا بندرابن ۾ رام
ڀڳتيءَ ۾ مگن رهندي هئي. سندس ڀڄن هنڌين ماڳين
ڳائجڻ لڳا. ٻه ڀڄن هيٺ ڏجن ٿا:
راڳ رامڪلي
مين تو شام ديواني، ميرا درد نه جاني ڪوءِ
سولي اوپر سيج پياڪي، ڪس بڌ ملڻا هوءِ
گهايل ڪي گيت گهايل جاني، جس تن لاگي هوءِ
ميران ڪي پرڀو گرڌر ناگر، وئد سانوريا هوءِ.
راڳ سورٺ
ميري گرڌر گوپال، دوسرا نه ڪوئي
جانڪي سر مور مڪٽ ميرو پتي سوئي
تات مات ڀرات بنڌو آپنو نه ڪوئي
ميران پرڀو لگن لگي، هوني هو سو هئي(1).
هونئن ته هنديءَ ۾ ڀڄنن جي کوٽ نه آهي پر ميران جي
جيون ڪٿا ۽ ڀڄن گهڻو مقبول ٿيا. هوءَ هنڌين ماڳين
وڄي ويئي. ميران وانگر ڪبير دادو، سمن، تلسي،
رحمان ۽ ٻين ڪيترن جا دوها به مقبول ٿيا. سنڌ ۾
هندي دوهن جي اثر جو ذڪر آءٌ پنهنجي مٿي بيان ڪيل
مقالي ۾ ڪري آيو آهيان. هتي فقط اهم هندي شاعرن جي
دوهن مان پنهنجي پسند جي چونڊ پيش ڪريان ٿو. هونئن
ته هندي دوهن جا ماخذ گهڻا آهن، پر هتي آءٌ پنهنجي
پهچ ۽ حال سارو ٻين ماخذن جو سهارو وٺان ٿو. اُهي
آهن: شاهه جي رسالي جو ”سُر بيراڳ هندي“ ۽ ڊاڪٽر
جعفر حسن جو ڪتاب ”منتخابات هندي ڪلام.“
رسالي جي پراڻن ڇاپن ۾ ’سر بيراڳ هندي‘ موجود آهي.
اُن مان ٻه دوها نروار ڪري مشتاق علي جعفري پنهنجي
اردو ڪتاب ’سندهه ڪي جديد اردو شعراء‘ ۾ انهن کي
شاه عبداللطيف جو ڪلام سڏي ٿو. دوها هي آهن:
بلبل رووي رين دن، ڪهان ڀئي گلزار،
اُن ڪي قيامت آج هي، جن ڪي بڇڙي يار.
---
لا الله ڪر آرسي، الا الله سي ديک،
محمد صورت رب ڪي، اس مين نه ميک.
نه رڳو ايترو بلڪ لکي ٿو: ”اگر ڪو اردو دان، جو
سنڌي زبان مان واقف هجي سو هن (شاهه) جي شاعريءَ
جو تجزيو ڪندو ته هن (شاه) جي ڪلام م گهڻا اردو
شعر لڀندا“(2). هڪ ته اردو شعر لڀڻ واري لاءِ سنڌي
ڄاڻڻ جي ضرورت نه آهي. ٻيو ته جعفري جيڪي به هندي
دوها ڳولهي سگهيو انهن مان پويون فقط قاضي ابراهيم
واري رسالي (1867ع) ۾ آهي. خود پاڻ جي ٻه دوها
ڳولهي سگهيو ته ٻيا به ڳولهي وٺي ها.
هن جملي معترضه کان پوءِ اُنهن هندي دوهن جي اپٽار
ڪريان ٿو؛ جن منهنجو ڌيان ڇڪايو آهي. فقط چند دوهن
جو سنڌي ترجمو به گڏ ڏنو اٿم. ماخذن جا حوالا
منتخابات ۽ بيراڳ جي صورت ۾ آهن. دوهن کي ٻن
عنوانن پند و نصيحت ۽ محبت جي سِري هيٺ رکيو اٿم.
1. محبت
(1)
پريتم هم تم ايڪ هين، ديکن ڪي هين دو،
من سي من ڪو تولئي، ڪڀي نه دو من هو(3).
هن دوهي ۾ شاعر لفظ من کي ٻن هنڌ آڻي ذو معنيٰ ڪيو
آهي. هڪڙو من (دل) ۽ ٻيو مڻ (ماپو) جي نسبت سان
آهي. ان طرح محبوب سان هڪ هجڻ جي ڳالهه ڪيل آهي.
هنديءَ ۾ شاعر عورت جي روپ ۾ ڳالهائي ٿو ۽ سنڌيءَ
جي قديم شعر ۾ به ايئن آهي.
(2)
ندي ڪناري ڌُنوان اٺت هي، مين جا نون ڪُڇ هوءِ،
جا ڪارڻ جوگن ڀئي، وهي نه جلتا هوءِ(4).
عورت جا لطيف جذبات ۽ وسوسو هن دوهي ۾ نمايان آهن.
دونهن ڏسي شڪ ٿو جاڳي ته جنهن لاءِ جوڳڻ بڻيس،
متان اُهوئي نه سڙندو هجي؟ جئن عرض ڪيم ته هنديءَ
۾ عورت جو روپ وٺي شاعر جذبات ظاهر ڪري ٿو، پوءِ
کڻي پاڻ مرد ڇو نه هجي. سنڌ جي قديم شاعرن هن
انداز کي پسند ۽ اختيار ڪيو آهي.
(3)
آجا پياري نين ۾، پلڪ ڍانپ توهي لون،
نا مين ديکون اور ڪو، نا توهي ديکن دون(5).
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو هيٺيون بيت هن دوهي جي
مڪمل معنيٰ ظاهر ڪري ٿو. توارد ۽ اثر جو قريب ترين
مثال آهي:
اکين ۾ ٿي ويهه، ته آءٌ واري ڍڪيان،
توکي ڏسي نه ڏيهه، آءٌ نه پسان ڪي ٻيو.
البت ڪن اسڪالرن (منظور نقوي) معنيٰ بابت هي خيال
ظاهر ڪيو آهي ته شاهه جو بيت محبوب کي وسيع نظريءَ
سان چوي ٿو ته آءٌ ٻيو ڪجهه نه ڏسان تون ڀلي پيو
ڏس ۽ دنيا توکي پئي ڏسي. جڏهن ته هندي واري دوهي ۾
اهو اشارو آهي ته توکي ڪير به نه ڏسي!
(4)
پرديسي ڪي پريت ڪو، سب ڪو من للچائي،
اوگن وا ۾ ايڪ هي، رهي نه سنگ ليجائي(6).
شاعر چوي ٿو ته پرديسيءَ جي پريت هر ڪنهن کي وڻي
ٿي، پر اُنَ ۾ عيب هي آهي ته نه ساڻ رکي ٿو نه وٺي
وڃي ٿو. هتي عورت جي ڪومل من جي وهمن جو ذڪر ڪيو
ويو آهي.
(5)
ڇوٽي موٽي ڪامني، سڀ هي بِس ڪي بيل،
بيري ماري دانوءُ دي، يه ماري هنسي کيل(7).
شاعر چوي ٿو: جهڙي تهڙي عورت به زهر جي ول آهي.
بهادر داءُ پيچ سان ماري ٿو، پر هيءَ کل خوشيءَ ۾
ئي ماري ٿي.
(6)
ڪاگا نين نڪاس دون، سو پيا پاس ليجات
پهلي درشن دکائي ڪي، پاڇي ليجو کاءَ.
(7)
ڪاگا سڀ تن کائيو، چُن چُن کائيو ماس،
دونينان مت کائيو، ڪه پيا ملن ڪي آس.
(8)
چونچ تمهاري ڪاٽ ڪي، تا پي ڇڙڪون نون،
پيا ميري مين پيا ڪي، تو پي ڪهي سو ڪون(8).
پهرين ٻن دوهن ۾ ڪانگ سان گفتگو آهي. پهرئين ۾
شاعر چوي ٿو ته ڪانگ توکي نيڻ پنهنجي ڪڍي ڏيان،
محبوب کي ڏسي پوءِ کائج. انهي دوهي ۾ چوي ٿو ته
ڪانءُ منهنجو سڄو تن کائي ڇڏ، فقط نيڻ نه کائج
انهن سان محبوب کي ڏسڻ جي آس اٿم. انهيءَ موضوع تي
شاهه، سچل ۽ ٻين شاعرن گهڻو ڪجهه چيو آهي. خاص طور
پهرئين (6 نمبر) دوهي سان هي لطيفي روپ مماثلت رکي
ٿو:
ڪڍي ڪانگل تو ڏيان، هنيون ساڻ هٿن،
وڃي کاءُ ولات ۾، مهندان محبوبن،
پرين مانَ پڇن، هيءَ قرباني ڪنهن ڪئي.
هن سٽ ۾ ٽيون (8) نمبر دوهو عاشق جي مخصوص حسد جو
اعليٰ نمونو آهي. جنهن موجب هُن جي تمنا آهي ته
محبوب جو نالو به کانئس سواءِ ٻيو ڪونه اُچاري.
پيار ڪرڻ وار پپيهي کي ’پي پي‘ ٻوليندي ٻڌي سهي
نٿو سگهي. سندس قوت برداشت جواب ڏيئي وڃي ٿي چي:
تنهنجي چهنب ڪٽي اُن تي لوڻ ٻُرڪيان! محبوب (پِي)
منهنجو آءٌ محبوب جي تون ڪير آهين جيڪو ’پي پي‘
پيو ٻولين؟
سنڌي شاعريءَ ۾ شاهه عبداللطيف جو سُر ’پورب‘ ۽
سچل سائينءَ جو سُر ’مالڪونس‘ ۾ ڪانگ سان گفتگو ۽
ان سان پيغام رسانيءَ جي معاملي تي نهايت موثر
انداز اختيار ڪيل آهي. هي بيان دل ڀڄائيندڙ آهي.
ٻين سنڌي شاعرن به شاه ۽ سچل جي پيرويءَ ۾ ڪانگل
کي ڳايو آهي.
(9)
پريتم تم يه جانيو، تم بڇڙي موهي چين!
آلي بَن ڪي لاڪڙي، سلگت هون دن رين.
(10)
جو مين ايسا جانتي، پريت ڪِئي دک هوءِ،
نگر ڍنڍورا پيٽتي، ڪه پريت نه ڪيجو ڪوءِ.
(11)
نينا ري تم هي بُري، تم سا بُرا نه ڪوءِ،
آپ هي پريت لڳائي ڪي، آپ هي بيٺي روءِ(9).
ذرا هنن ٽن دوهن ۾ پيار ڪرڻ واري جي جذبن جي اُٿل
کي ڏسو – چي پريتم تو کان وڇڙي مون کي ڪهڙو چين
آهي؟ آلي ڪاٺيءَ وانگر ڌڳان پئي!- جي آءٌ ايترو
ڄاڻان ها ته پريت ڪرڻ سان رڳو دک حاصل ٿئي ٿو ته
شهر ۾ پڙهو گهمايان ها چي ڪير به پريت نه ڪري-
اڃان به ٻه قدم اڳتي وڌي پنهنجين اکين کي ڏوهه ڏي
ٿي چي: اکيون ڏوهه سڄو اوهان جو آهي. اوهان جهڙو
برو ٻيو ڪونهي. خود ئي پريت لڳايو ۽ خود ئي ويٺيون
رو!
(12)
سونا لاون پي گئي، سُونا ڪر گئي ديس،
سون ملا نه پي ملا، روپا هو گئي ڪيس.
هي دوهو مون ڪٿان ٻڌو آهي يا پڙهيو هوندم. هن جو
سنڌي ترجمو تُز لفظن ۾ ٿي سگهيو آهي. ترجمو هيئن
ڪيو اٿم:
سون کٽڻ ويو سپرين سُڃُو ڪري ديس
سون مليو نه پرين وريو، روپا ٿي ويا ڪيس.
سونا (سون) ۽ سُونا (سُڃو) ٻن لفظن جي مناسبت سان
شاعر جذبا ظاهر ڪيا آهن.
(13)
سپنا تم سلطان هي، اُتم تيري ذات،
سو ڪو هين ساجن بسي، موهي آڻ ملاوين رات.
(14)
سپنا تم جُوٺا هي، جُوٺا سارا انيڪ،
جب سووُن تو دوجني، جب اوٺون تو ايڪ (10).
شاهه جي رسالي ۾ سُر بيراڳ هنديءَ ۾ اڪثر دوهن تي
سنڌي ۽ سرائڪيءَ جو اثر ۽ ملاوٽ نظر اچي ٿي. مثال
طور:
ساڌ سڏاوڻ ڪٺن هي، مت ڪوئي ساڌ سڏائي،
ساڌ تب سڏائيي، جب جيتا هي مرجاءِ(11).
يا
پک نهين پاور نهين، پهچ نهين پِي دور،
اُڏر نه سگهان سکيان ڙي، مران سُور بسور(12).
(15)
بانهن ڇڙائي جات هو، نربل جان ڪي موهي،
هردئي ۾ سي جاؤگي، تو مرد بندوگي توهي(13).
سهجو ٻائي چوي ٿي ته: ٻانهن ڇڏايو هليو ٿو وڃين جو
مون کي نٻل ڄاڻين ٿو. دل مان ويندين ته پوءِ توکي
مرد ڪري مڃينديس. هن دوهي جو مون هي سنڌي ترجمو
ڪيو آهي:
ٻانهن ڇڏايو ٿو وڃين، نٻل ڄاڻين مون،
دل منجهان ويندين جڏهن، مرد پوءِ چئبين تون.
(16)
چمپا تو ۾ تين گن، رنگ روپ اور باس
اوگن تو ۾ ڪون هي، ڀؤنر نه بيٺي پاس(14).
هن دوهي ۾ سنڌي ترجمو مون هيئن ڪيو آهي:
چمپا تو ۾ ٽي گڻ، رنگ روپ ۽ باس،
اوگڻ تو ۾ هڪڙو، ڀؤنر نه ڦري پاس.
شاعر جي هن خيال جو مطلب اهو آهي ته چمپا جي گل تي
(يا اُن جي ويجهو) ڀؤنر نٿو ويهي. بوءِ جي پسند نه
اچڻ ڪري (شايد). چمپا بابت هڪ ٻيو دوهو ٻڌو يا ڪٿي
پڙهيو اٿم. اُهو هي آهي:
ناس ڪيل ڪو ڪيل، ڪنٺ گلي سر موڙ،
ڀرون سجن ڪي شام، جيون چمپا تي ڀؤنر.
دوهي جي پهرين سٽ معنيٰ ۾ پڙهڻيءَ ۾ واضح نه آهي.
ٻيءَ مان جا معنيٰ نڪري ٿي سا محبوب جي ڀروئن جي
ڪاري هجڻ جي تشبيهه آهي. يعني ”جئن چمپا تي ڀؤنر“،
ته پوءِ پهرئين دوهي جي خيال جو هن دوهي ۾ رد آهي.
پند ۽ نصيحت
(17)
چلنا هي رهنا نهين، چلنا بيوس بيس،
”سَهجُو“ تنڪ سهاگ پر، ڪيون گنڌوائي ڪيس(15).
مون هن دوهي جو سنڌي ترجمو هيئن ڪيو آهي:
هلڻو آهه رهڻو ناهي، هلڻو آخر ڪار،
”سَهجُو“ پڏي سهاڳ تي، ڇو ويڙهائين وار.
(18)
دادو دعويٰ ڇوڙ دي، بن دعويٰ دن ڪاٽ،
ڪتني سودي ڪرگئي، پاساري ڪي هاٽ(16).
دادو شاعر فنا بابت هي دوهو چيو آهي ۽ زندگيءَ ۾
ڪا دعويٰ ڪرڻ کان منع ڪري ٿو.
(19)
مايا ڪو مايا ملي، ڪر ڪر لنبي هات
تلسي داس گريب ڪو، ڪوئي نه پوڇي بات(17).
مايا ۽ غربت جو موازنو ڪري تُلسيداس چوي ٿو ته
مايا ۽ غربت ۾ گهڻو فرق آهي. غريب کي ڪير پڇي ئي
نٿو.
(20)
سونا ڪهي سُنار سي، ڪه اُتم ميري ذات
ڪاري مُنهه ڪي گهونگهچي تُلي هماري ساٿ(18).
هن دوهي ۾ هي نُڪتو آهي ته سون ٿو سوناري کان پڇي
ته منهنجي ههڙي اچي ذات (۽ چمڪ) ڪاري منهن واري
گُمچي (رتي) مون سان گڏ ٿي تُري سو ڇو؟
گمچي (رتي) جواب ٿي ڏي ته اي سون اکيون کول ۽ ڏس
ته آءٌ به گهٽ ڪونه آهيان – چي:
لالن ڪي هم لال هين، لال ئي همرو رنگ،
ڪريا منهه جب سي ڀيو، تُلي پنج ڪي سنگ(19).
(رنگ لال هوم پر نيچ سان گڏ تُرڻ ڪري ڪارو ٿي
ويو).
(21)
تن اُجرو من ڪوئلا، بگله ڪا سا ڀيس،
تو سي تو کاگا ڀلو، باهر ڀيتر ايڪ(20).
هي نصيحت جو نُڪتو آهي، جنهن موجب شاعر چوي ٿو ته
توکان، اي انسان! بگلو چڱو اندر ٻاهر هڪ آهي.
تُنهنجو رڳو تن اُجرو آهي اندر ڪوئلي وانگر ڪارو
آهي.
(22)
جو تُو آيا جگت ۾، جگ سراهي توهي،
ايسي ڪرني ڪر چلو، پاڇي هنسي نه هوئي(21).
هن دوهي ۾ هيءَ نصيحت آهي ته اي انسان! جڳ ۾ آيو
آهين، جڳ تنهنجي تعريف ڪري ٿو ته اهڙا ڪم ڪري وڃ
جو پٺيان توتي ماڻهو نه کلن ۽ برو نه چون.
(23)
آگ لگي هي برڪش ۾، جلني لڳي پات،
تو ڪيون جري هي پنکيان! پنک هين تيري ساٿ(22).
وڻ ۾ باهه لڳي آهي، پن به سڙي ويا، پکيءَ کي صلاح
پئي ڏني وڃي ته تنهنجا ته کنڀ آهن. اُڏامي جان
بچاءِ وڻ سان سڙين ڇو ٿو؟ پر وفا جي تقاضا ڪهڙي
آهي. اُها ڳالهه پکي ٿو جواب ۾ چوي:
(24)
ڦل کائي اس برڪش ڪي، گندي ڪيني پات،
اب هي ميرا ڌرم يه، جر جاؤن ايهه ساٿ(23).
دنيا ۾ وفا جا جيڪي داستان بيان ڪيل آهن، اُنهن ۾
هي ننڍڙو مثال وڏي ڳالهه آهي.
(25)
سهجو جڳ ۾ يون رهيي، جيون جڀا مک مانهن،
گهيو گهنا بڪشن ڪري، تو ڀي چڪني نانهن(24).
هن ۾ ڄڀ جي تشبيهه سان واضح ڪيو ويو آهي ته وات ۾
جئن ڄڀ آهي، تئن دنيا ۾ رهڻ کپي جو گيهه کائڻ کان
پوءِ به سڻڀي نٿي ٿئي.
(26)
نينهن سگا سوئي سگا، هاڙ سگا نهين هوءِ،
مان بيٺي تِريا جري، اچرج جڳ ڪو هوءِ(25).
هرڪو رت جي رشتي جي ڳالهه ڪري ٿو، پر هتي ستي ٿيڻ
جي حوالي سان زال جي جذبن کي ساراهيو ويو آهي ته
مرڻ واري جي ماءُ ويٺي آهي، پر اُن جي چتا سان زال
سڙي ٿي. اِهو اُن جو ڌرم آهي. اِها قرباني آهي.
هوءِ ڌاري آهي. مڙس سان ڪو رت جو رشتو ڪونه اٿس.
(27)
حد حد چليا هرڪو بيحد چليا نه ڪوءِ
بيحد ڪي ميدان ۾، کڙا ڪبيرا روءِ(26).
هن خيال تي سچل پنهنجو خيال هيئن ترميم سان پيش
ڪيو آهي:
حدين وڃي هرڪو، بيحد وڃي پير،
سچُو سو فقير، جو حد لاحد لنگهي ويا.
---
(28)
نانڪ ننها هو رهو، جيسي ننهي دوب
سڀي گهاس چرجائين گي، دوب خوب ڪي خوب(27).
شاعر سادگيءَ ۽ نهٺائيءَ جي تلقين ڪري ٿو ۽ ننڍي
گاه جو مثال ٿو ڏي. چوي ٿو ته ننڍي گاهه کي مٿان
چوپايا کائي ٿا وڃن ته به گاهه اوترو ئي اوترو
رهي.
(29)
روکي سوکي کائي ڪي، ٺنڊا پاني پي،
دي پرائي چوپري، جِنَ للچائي جي (28).
هن دوهي ۾ پنهنجي حال تي مست رهڻ جي تلقين ڪندي
شاعر چوي ٿو ته پرايو ڪپاهه ڏسي حرص نه ڪجي. ڪپاهه
کي شاهوڪاريءَ جو نشان ڪري ڄاڻايل آهي.
(30)
آگي ڪي دن پاڇي گئي، هري سي ڪيو نه هيت،
اب پڇتاوي هوت ڪيا، جب چڙيان چُگ گئين کيت(29).
هي مشهور دوهو اجايو وقت وڃائڻ کان بچڻ لاءِ چيل
آهي.
(31)
ڪبير آپ ٺڳائيي، اور نه ٺگيي ڪوءِ
آپ ٺگي سُک اوپچي، اور ٺگي دک هوءِ (30).
ڪبير چوي ٿو ته پاڻ ٺڳائجي ٻئي کي نه ٺڳجي. پاڻ
ٺڳي ڪرڻ سان اطمينان ٿئي ٿو جو ٻيو اسان کي ٺڳي ٿو
ته ڏک ٿئي ٿو.
(32)
چندن پڙو چمار ڪين، نت نت چيرت چام،
ڪهو چندن ڪيسي ڀئي، پڙو نيچ سين ڪام(31).
چندن (صندل) جي ڳالهه ڪيل آهي. اُهو خوشبوءَ وارو
صندل جيڪو پوڄا پاٺ ۾ ڪم اچي ٿو. شاديءَ ۾ گهوٽ
ڪنوار جي سينگار لاءِ ڪم اچي ٿو. اُن جو تيل ۽ عطر
ٺهي ٿو. جي تختو چمار کي هٿ اچي ويو ته ان تي چم
کي ڪپڻ جو ڪم وٺي ٿو. شاعر ٿو چويس ته صندل اڄ خبر
ڏي! ڏس نيچ سان ڪم پيو اٿئي ته تنهنجو هي حال
آهي!!
(33)
ماٽي ڪهي ڪمهار ڪو، تُو ڪيا روندي موهي،
اِڪ دن ايسا آئي گا، مين روندون گِي توهي (32).
ڀڳت ڪبير هن دوهي ۾ قبر جي يادگيري ڏياري ٿو، جا
ڪنڀار کي مخاطب ٿي چوي ٿي ته اڄ تون مون کي ڳوهين
ٿو هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جو آءٌ توکي ڳوهينديس. قبر
۾ تنگي ڪنديس(33).
(34)
تنڪا ڪڀون نه نندئي جو پائين تر هوءِ،
ڪڀون اُڙي آنکين پري، پير گهنيري هوءِ (34).
درسي ڪتاب ۾ هن دوهي جو ترجمو ڪجهه هن طرح آيو هو:
ڪک ڪڏهن نه نندجي، ڪک به وڏي وٿ،
اُڏي پئي اک ۾، ڏاڍو ڏي ڏُک.
(35)
چلتي چڪي ديک ڪي، ديا ڪيبرا روءِ،
دو پاٽن ڪي بيچ ۾، ثابت رهيا نه ڪوءِ (35).
چڪيءَ جي ٻن پُڙن ۾ پيسجڻ جو ذڪر ڪندي ڪبير خود
جواب ڏئي ٿو:
(36)
چاڪي چاڪي سڀ ڪرين، ماني ڪهي نه ڪوءِ،
ماني سي جو لڳ رها، بال نه بيڪا هوءِ(36).
مراد آهي ته چڪيءَ جي وچ ۾ ڪِليءَ (ماني) جي ڀرسان
جو رهيو سو پيسجڻ کان بچي ويندو.
(37)
ڪبير سنگت ساڌو ڪي، جيون گَنڌِي ڪا باس
جو ڪُڇ گنڌي دِي نهين، تو ڀي باس ڪي باس.
ڪبير چوي ٿو ته ساڌ جي سنگت عطر فروش جي ساٿ وانگر
آهي جي ڪجهه ڏي نٿو ته به خوشبوءِ ملي ٿي.
(38)
سانچي ڪو سانچا ملي، اَڌڪ بڙهي سنيهه،
جوٺي ڪو سانچا ملي، تڙ دي ٽُوٽي نيهه (38).
چوي ٿو ته سچي کي سچو ملي ته پيار وڌي ٿو،پر جي
ڪوڙي کي سچو مليو ته نينهن ٺڪا ڏيئي ٽُٽي وڃي.
(39)
سنگت هي گُن اُوپجي، سنگت هي گُن جاءِ،
باس ڦانس اور ميصري، ايڪ هي بها بڪاءِ (39).
تلسي داس ٿو چوي سنگت وڏي وڏي شئي آهي. اِهو وڏو
گڻ آهي. نه ته ڪاٺ ڪچرو ۽ مصري هڪ ئي اگهه
وڪامندا.
(40)
تلسي جو تم ڪهت تي، سنگت هو گُن هوءِ،
مانجهه اوکاري رمسرا، رس ڪاهي نهين هوءِ. (40).
تلسي ٿو چوي: هي جو تون چئين ٿو ته سنگت ئي وڏو
گُڻ آهي ته پوءِ اهو به ٻڌائي ته ڪمند جي ٻنيءَ ۾
اُڀرندڙ نرڪل ۾ رس ڇو ڪونهي؟ اُن جو جواب خود تلسي
هيئن ڏي ٿو:
(41)
تلسي سانچي سُجن ڪو، ڪا ڪر سَڪِي ڪُسنگ؟
مليا بِش لاگي نهين، لِپٽي رهي ڀُوجنگ (41).
اي تلسي! هڪ سچي ماڻهوءَ کي خراب سنگت ڇا ڪندي! جو
صندل کي زهر ڪونه لڳندو کڻي اُن کي نانگ چنبڙيو
رهي.
(42)
مِين ڪاٽ جل ڌوئي، کائي اَڌڪ پياس،
”رحمن“ پيت سراهيي، موئي ميت ڪي آس (42).
هي دوهو عبدالرحيم خان خانان جو آهي. مڇي جي
پاڻيءَ سان پياس جو ذڪر ڪندي چوي ٿو ته: مڇي
(مِين) جڏهن ڪپجي ٿي ته وري پاڻيءَ ۾ ئي ڌوئجي ٿي.
وري مڇي کائڻ سان اُڃ وڌيڪ لڳي ٿي ۽ پاڻي پيڻو پوي
ٿو. ايئن جهڙو پاڻ اڃان به مڇيءَ ڏانهن ويو. اِتي
شاعر مڇيءَ کي پاڻيءَ جو مرده دوست ٿو سڏي.
(43)
بيچون کوٽي دام سون، مِٽي جيو ڪي هان،
بلهاري سونا ڪيجئي، جا سون ٽوٽي ڪان (43).
شاعر چوي ٿو جنهن شئي جي ڪري دل کي تڪليف رسي، اُن
کي ٿوري اگهه ۾ وڪڻي ڇڏجي. اُهو سون ئي گهوريو
جنهن سان ڪن ڇڄن. هيءَ سنڌي چوڻي به آهي. اردو ۽
هنديءَ ۾ به اهڙي چوڻي آهي: ڦٽ پڙي وه سونا جس سي
ٽوٽي ڪان.
(44)
رحمن ڌاگا پريم ڪا، جن توڙو جهٽڪائي،
ٽوٽي سين ڦِر نه جوڙي، جوڙي گانٺ ٻڙجائي (44).
رحمن چوي ٿو ته محبت جو رشتو جهٽڪو ڏيئي نه ٽوڙ.
جي جڙي ويو ته به ڳنڍ بيهي رهندي. اِهو مفهوم شاهه
عبداللطيف هيئن ظاهر ڪيو آهي:
ڇِنن توءِ م ڇِن، پاءِ اُميري اُن سين.
(45)
تلسي يه سنسار ۾، رهيي سڀي ملاءِ،
ملين سينگهه ماري نهين، انمل ماري گاءِ (45).
تلسيداس اتحاد جي ڳالهه ڪري ٿو. چي ملي جُلي رهجي
ته فائدو آهي. اتحاد جي صورت ۾ شينهن به حملو ڪري
نه سگهندو. نفاق ۾ ڳئون به ماري ويندي.
هيٺيان دوها به فن ۽ فڪر جي لحاظ کان نهايت اعليٰ
۽ وڻندڙ آهن:
دادو دنيا بانوري، پٿر پُوجن جائي،
گهر ڪي چڪي ڪوئي نه پوجي، جِسڪا پيسا کائي
---
رين بن جگ دُکي، سو دکي چندر بن رين،
تم بن بالم هم دُکي، سو دکي درس بن نين.
---
جو مين جانتي بڇڙت هين سيان، گهونگهٺا مين، آگ
لگاديتي،
موهي بِره اگن ۾ ڦُونڪ ديو، جيا کول ڪي اپنا دکا
ديتي .
هندي دوهن بابت ٻين ڪتابن مان هيٺين جو فقط ڏس پتو
ئي ملي ٿو پر دستياب نه ٿيا، جئن انهن مان دوهن جو
انتخاب ۽ شاعرن جو احوال هن مقالي ۾ آڻجي ها:
1. ڪوتا
ڪومدي
2. هندي
ادب جي تاريخ (انگريزي) از ايف. اِي. ڪي.
3. ڪبير
جنم ساکي
بهرحال، جيڪو حال حبيبان سو پيش پريان. |