حوالا
1. ڪتابڙو
ميران ٻائي، 1900ع ص ص 16 – 17.
2. ڏسو
راقم جو مقالو: ”سنڌ ۾ هندي شاعري“ سهڻيءَ جو
موٽندڙ ڇوليون، جولاءِ 1969ع ص 75 ۽ مشتاق علي
جعفريءَ جو ڪتاب ’سنده ڪي جديد اردو شعراء‘ ظهير
سنز حيدرآباد سنڌ 1961ع ص 18.
3. منتخبات
هندي ڪلام از ڊاڪٽر جعفر حسن، حيدرآباد بوڪ ڊيپو
حيدرآباد دکن، ص 160.
4. ايضاً
– ص 158
5. ايضاً
– ص 165
6. ايضاً
– ص 181
7. ايضاً
– ص 173
8. ايضاً
– ص ص 168 - 184
9. ايضاً
– ص ص 187، 189 ۽ 191
10. قاسمي،
مولانا غلام مصطفيٰ. شاهه جو رسالو، (سُر بيراڳ
هندي) بشير احمد سنز ڪراچي 1951ع ص 409.
11. بيراڳ
– 412
12. بيراڳ
– ص 404. هن دوهي جي پڙهڻي مون قوالن کان هيئن ٻڌي
آهي. جا صحيح ۽ اصل ٿي لڳي:
پک نهين پاور نهين، پهنج نهين پي دور،
اُڙ نه سڪون سکيا ري، روون بِسُور بِسُور.
بيراڳ ۾ اڪثر دوهن تي سنڌيءَ جو اثر ملي ٿو – ع
پر هوون ته اُڏر ملان، مجهه نت نت ماري پيڙ،
جئن جئن ساجن سنڀرن، تئن تئن لاڳن تير(ص 404).
13. منتخبات
– ص 183
14. ايضاً
– ص 131
15. ايضاً
– ص 78
16. بيراڳ
– ص 411
17. هي
دوهو عام آهي ۽ گهڻو ٻُڌل آهي، پر ڪنهن ماخذ ۾ نظر
نه آيو آهي.
18. منتخبات
– ص 69
19. ايضاً
– ص 69
20. ايضاً
– ص 38
21. ايضاً
– ص 14
22. ايضاً
– ص 55
23. ايضاً
– ص 55
24. ايضاً
– ص 73
25.ايضاً
– ص 142
26. بيراڳ
– ص 408
27. منتخبات
– ص 95، ٿي سگهي ٿو گرونانڪ جو دوهو هجي
28. ايضاً
– ص 96
29. ايضاً
– ص 97
30. ايضاً
– ص 98
31. ايضاً
– ص 133
32. ايضاً
– ص 136
33. عام
طور ڪبير ڪي ڀڳت ۽ داس سڏيو ٿو وڃي، پر ڪن حلقن ۾
هن کي مسلمان ڄاتو ويو آهي. سندس هي دوهو مسلمانن
جي عقيدي موجب آهي.
34. ايضاً
– ص 141
35.ايضاً
– ص 197
36. ايضاً
– ص 198
37. ايضاً
– ص 215
38. ايضاً
– ص 108
39. ايضاً
– ص 117
40. ايضاً
– ص 120
41. ايضاً
– ص 121
42. ايضاً
– ص 60
43. ايضاً
– ص 81
44. ايضاً
– ص 83
45.ايضاً
– ص 93
سفر ۽ ملاقاتون ملتان
۾ ٻه ڏينهن
ڪيتري وقت کان دوست محترم عمر ڪمال خان ملتان اچڻ
لاءِ پيو دعوتون ڏيندو هو. ساڻس پهرين ملاقات
فيبروري 1988ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٿي هئي، جتي
هُو بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ
آيو هو. پنهنجي اشاعتي اداري بزم ثقافت ملتان جا
شايع ڪيل ويهارو ڪتاب سنڌي شعبي جي لاءِ ڏنائين ۽
ڪتاب مون کي به ڏنائين. ڪانفرنس وارن لاڳاپن کي هن
پوءِ به قائم رکيو ۽ وڌايو. پنهنجا نوان شايع
ٿيندڙ ڪتاب به مسلسل موڪليندو رهيو. اُنهن ۾ ڪي
ڪتاب پنهنجا لکيل هئس. جن ۾ پنهنجي جد امجد نواب
مظفر خان شهيد تي هڪ ڪتاب (اردوءَ ۾)، ۽ هڪ سدوزئي
پٺاڻن تي (انگريزيءَ ۾) شامل هو. سنڌ ۽ ملتان جي
پراڻي رشتي سبب کيس سنڌ جي تاريخ سان خاص شغف
رهيو. هن سلسلي ۾ سندس مطالعو نهايت وسيع آهي.
منهنجو ڪتاب ”سرائيڪي شاعري: هڪ مطالعو“ کيس
موڪليم ته اُن جي اردوءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جي فرمائش
ڪيائين. جيڪا مون پوري ڪئي ۽ 2001ع ۾ اردو ترجمو
ڇپايائين. اُن کان پوءِ خواجه غلام فريد تي ڪتاب
لکڻ لاءِ چيائين. اُهو مڪمل ڪيم ته اُهو به بزم
ثقافت طرفان 2002ع ۾ شايع ڪيائين. جئن هُو اداره
بزم ثقافت جو روح روان آهي تيئن پبلڪ لائبرري باغ
لانگي خان ملتان ۽ ٻين ادارن جو به مدارالمهام
آهي. هاءِ ڪورٽ جو سينئر وڪيل هجڻ سان گڏ هُو
ثقافتي ۽ ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺي ٿو. گذريل سال
بهاولپور مان ڪن حلقن مون کي جشن فريد ۾ شرڪت لاءِ
دعوت موڪلي. عمر ڪمال خان سان فون تي رابطو ڪيم ته
چيائين: ”اِنهن کان ڪجهه ڪونه ٿيندو تون ملتان پهچ
ته ڪو مٺن ڪوٽ جو پنهنجو پروگرام ٺاهي وٺنداسين ۽
ملتان به ڏس.“
2002ع جون جي پهرئين هفتي ۾ وري به دعوت آئي ته
کيس واقف ڪيم ته چيائين: ”هاڻ هليو اچ، پروگرام
پنهنجو ٺاهينداسين.“ مون هونئن دعوت ڏيڻ واري جناب
مجاهد جتوئيءَ سان حامي به ڀري پر هُن وري رابطو
نه ڪيو. آءٌ عمر ڪمال خان کي 16 جون تي اچڻ جو
اطلاع ڏئي شاهه رڪن عالم ايڪسپريس (شاليمار) جي
بُڪنگ موجب 16 جون رات جو ڏهين بجي ملتان ڇانوڻيءَ
تي لٿس ته پليٽ فارم تي چند قدم هلڻ سان قداور عمر
ڪمال خان سنڌي ٽوپي ۽ لڪڻ سان مسڪرائيندو نظر آيو.
1988ع ۽ 2002ع وارو ويهن سالن جو فرق اسان ٻنهي جي
چهرن تي نمايان هو.
ڪار ۾ مون کي اڳيان ويهاريائين. حال احوال ڪندا
گهر پهتاسين. منهنجي لاءِ اي سيءَ وارو بيڊروم
مخصوص ڪيو هئائين. ٿوري گفتگو ٿي. ٻار سڀ شادي شده
آهن ۽ ٻاهر نوڪرين هجڻ ڪري خود مسٽر ۽ مسز گهر ۾
هئا. نوڪر نوڪرياڻيون ۽ ڊرائيور کانسواءِ ٻه ڪتا
به پاليل هئا جيڪي رات جي ڊيوٽيءَ تي هئا. ماني
کائي سمهي پيس. تان جو فجر جو سجاڳي ٿي.
خدمت ٿي جيڪو ڏهن ٻارهن سالن جو ڇوڪرو مقرر هو
تنهن جو سڄو نالو عمران نذير هو. صبح ساڻ چانهه
آندائين ۽ اٽڪل ساڍين اٺين ناشتو کڻي آيو. عمر
ڪمال خان به تيار ٿي ويو. کيس ڪورٽ وڃڻو هو. مون
کي اشتياق نالي نوجوان ڏنائين جيڪو مون سان مٺن
ڪوٽ گڏجي هلڻو هو. ڪار ۾ ڪوچ جي اڏي تي پهتاسين ۽
اٽڪل يارهين بجي اسان جي وين مٺن ڪوٽ رواني ٿي.
اشتياق کي عمر ڪمال خان اهڙيون هدايتون ڏنيون هيون
جو هن مون کي ٽڪيٽ سميت ڪوبه خرچ ڪرڻ نه ڏنو. مظفر
گڙهه ۽ ٻين ننڍن اسٽاپن کان ٿيندي وين اڍائي بجي
راڄڻ پور پهتي. اُتان لوڪل ڪوچ ۾ ستن ميلن جو
مفاصلو طئي ڪري اڌ ڪلاڪ ۾ مٺن ڪوٺ پهتائين. گرميءَ
جو به جوڀن هجي ته پوليس طرفان سارسنڀال جو به
جوڀن هجي. ڪوچ واري پنجن بدران ڏهه روپيا ڀاڙو
ورتو پر مٺن ڪوٽ پهچڻ تائين، سندس کيسو خالي ٿي
ويو.
سڌا خواجه غلام فريد جي مزار تي پهتاسين. اڳين جي
نماز تيار هئي. نماز کان پوءِ اشتياق ٻيون به
نمازون جوٽي بيهي رهيو. آءٌ سندس بوٽ جي چوڪيداري
ڪندو رهيس. نماز کان پوءِ مسجد سان متصل مقبري ۾
وڃي خواجه غلام فريد جي مرقد جو ديدار ڪري دعا
گهُري ٻاهر آياسين. منجهند جو وقت، گرميءَ بيحال
ڪري ڇڏيو هو.
فريد ڪانفرنس ۾ وڃڻ جو خيال هو پر گرميءَ کان بچڻ
جو به خيال هو. وري ڪانفرنس جي وقت تي شروع ٿيڻ جو
ڪو آسرو ڪونه هو. هڪ ننڍي هوٽل ۾ ويهي ماني کاڌي
سين ته اُها به ميلي جي مانيءَ وانگر لڳي. نه قيمو
قيمو هو نه دال دال. بس ٻه ٽي گراهه ڀري پاڻي
پيئندا رهياسين. ڪجهه وقت پکي ڏانهن هوا لاءِ
واجهائيندا رهياسين. جڏهن پکي جلوو نه ڏيکاريو ته
واپس ورڻ جو ارادو ڪري اچي وين ۾ ويٺاسين. هن ڀيري
ديري غازي خان وارو رستو هو. واٽ تي سردار فاروق
احمد لغاريءَ جو قافلو مليو. ٻه ٽي ڏينهن پوءِ ٽي
وي خبر نامي ۾ فلم رپورٽ مان به فريد ڪانفرنس ۾
لغاري صاحب جي شرڪت جو پتو پيو. چئن ڪلاڪن جي سفر
کان پوءِ ديري غازي خان جو مهانڊو ڏسندا ملتان
پهتاسين.
رات جو ڏهين بجي ملتان پهتاسين ته خبر پيئي ته عمر
ڪمال خان ڪنهن موسيقيءَ جي پروگرام ۾ ويل هو. وچ ۾
مون لاءِ گهر ڪار موڪلي به هئائين پر آءٌ پنڌ ۾
هوس.
خير رات جي ماني کائي عمر ڪمال خان سان ٿوري ڪچهري
ڪري ستس صبح جو دستور موجب اُٿي ناشتو ڪري اڄوڪي
پروگرام جي پوئواريءَ ۾ پهرين پبلڪ لائبرري باغ
لانگي خان ڏسڻ ڏسڻ ۽ ڪن درگاهن جي زيارت ڪرڻ شامل
هو. مون کي لائبرري ۾ ڇڏي عمر ڪمال خان ڪورٽ هليو
ويو. اٽڪل ڪلاڪ کان پوءِ ڪار آئي تنهن وچ ۾ مون
لائبررين صفير بيگ کان لائبرريءَ جو احوال ورتو ۽
مختلف شعبا به گهمي ڏٺم. ضروري نوٽس ورتم.
ڊرائيور مون کي درگاهن جي زيارت لاءِ وٺي هليو.
رستي ۾ شهر جي قديم ديوار جا نشان به ڏيکاريندو
هليو.
پهرين شاه يوسف گرديزيءَ جي درگاه ڏٺم. دعا گهري
ورتي اڳتي هلياسين. حضرت بهاءُالحق زڪريا ۽ شاهه
رڪن عالم جي زيارت کان پوءِ شاهه شمس تبريز جي
درگاهه تي حاضري ڀري شهر جو سرسري چڪر هنيوسين ۽
ڪئنٽ مارڪيٽ مان ڪجهه شاپنگ ڪري اٽڪل ڏيڍ بجي واپس
پهتس. ڊرائيور واپس ڪورٽ ويو. ٿوري دير ۾ عمر ڪمال
خان ۽ سندس هم عصر چاچو حامد خان به اچي ويا. حامد
خان انبن جو آبادگار آهي. وڏن کان وٺي انبن جو شوق
عشق جي حد تائين اٿن. پاڻ تازو هڪ ڪتاب ’صلا ۽ آم‘
به لکيو اٿس.
منجهند جي مانيءَ تي ڪجهه انبن تي ڪجهه ادب تي
ڪچهري هلندي رهي، پر انب کاڌي جي ميز تي به ڇانيل
رهيا.
اڄ شام 18 جون تي واپسيءَ جي بڪنگ ٿي چڪي هئي.
ريلوي اسٽيشن ڏانهن روانو ٿيڻ کان اڳ لئبرري باغ
لانگي خان جو احوال ڏيڻ گهران ٿو.
هن لائبرري کي ڏسڻ جو مون کي گهڻي وقت کان اشتياق
هو. 18 جون 2002ع تي عمر ڪمال خان مون کي لائبرري
جا مختلف هال ۽ ڪمرا ڏيکاريا. لائبرري ۾ ٻه وڏا
هال هئا، جيڪي ڪتابن جي المارين سان سينگاريل هئا.
هر هڪ هال ۾ هر الماري جدا موضوع تي ڪتابن سان
ڀريل هئي. انهن تي اهڙا ليبل لڳل هئا، وچ تي
استقباليه ڪمري جي ٻن پاسن کان هال ۽ هڪ پاسي عملي
جي ڪم ڪار جا ڪمرا هئا.
هيءَ لئبرري 1886ع ۾ انگريزن جي دؤر ۾ قائم ٿي.
مختلف مرحلن مان گذرندي 1972ع ۾ عمر ڪمال خان جي
انتظام هيٺ آئي. هن انتظام هلائڻ لاءِ هڪ ڪميٽي
قائم ڪئي. لئبررين ۽ ٻيو عملو مقرر ڪيائين. سرڪار
پاران ٻه لک امداد ملڻ سان لائبرري جي نئين سر
مرمت ڪرايائين ۽ نه رڳو عمارت کي ڪِرڻ کان بچائي
ورتائين پر خوبصورت به بنايائين. لائبرري اڳيان هڪ
ننڍڙو پارڪ به آهي. هيءَ عمارت زمين کان اٽڪل اٺ
فوٽ مٿي بيٺل آهي.
مختلف زبانن ۽ موضوعن تي ڪتاب گڏ ڪيل آهن. انهن ۾
قلمي نسخا به شامل آهن. لائبرري ۾ علحدي الماريءَ
۾ هر موضوع ۽ زبان جا ڪتاب موجود آهن. عربي،
فارسي، انگريزي، اردو، پشتو، بلوچي، پنجابي، سنڌي
۽ سرائڪيءَ ۾ ڪتاب موجود آهن. مون کي خوشي ٿي ته
سنڌي ڪتابن سان به هڪ الماري مڪمل طور ڀريل هئي.
جنهن ۾ سنڌي ڪتاب نمايان نظر اچي رهيا هئا.
استقباليه واري ڪمري ۾ ڪئٽالاگ پيل هئا. ٻن هالن
مان زبانن واري هال ۾ تحقيق لاءِ ميزون ۽ ڪرسيون
پيل هيون، پر اُن وقت خالي هيون. ٻئي هال ۾ وڏي
ميز جي چوڌاري نوجوان اخبارون ۽ رسالا پڙهڻ ۾
مصروف هئا.
بلاشڪ هيءَ هڪ پراڻي ۽ نئين لائبرري آهي. مون کي
خوشي ٿي جو اُن ۾ سنڌي ڪتاب به هئا. خود سنڌ ۾
ڪيتريون ئي لائبرريون سنڌي ڪتابن کان ڪنهن حد
تائين وانجهيل به ملنديون.
هيءَ لائبرري روز بروز ترقي ڪري رهي آهي. اُن جو
داد عمر ڪمال خان ۽ لائبرريءَ جي انتظامي ڪميٽي
توڙي عملي کي ڏيڻ کپي. خاص طور لائبررين جناب صفير
بيگ ۽ محمد اشتياق داد جا مستحق آهن.
سو ائين ڇهين بجي زڪريا ايڪسپريس ۾ واپس هئي. دوست
محترم عمر ڪمال خان اوستائين پليٽ فارم تي بيٺو
رهيو جيستائين آءٌ پنهنجي برٿ تي ويهي نه ويس. فون
ڪرڻ جي تاڪيد ڪري پوءِ واپس ويو.
مِٺن ڪوٽ ۾ ٻه ڏينهن
خواجه غلام فريد هڪ وڏي شاعر ۽ عالم طور مشهور
آهي. آءٌ کيس هميشه سرائيڪي زبان جي هڪ شاعر طور
مڃيندو پيو اچان. 1999ع ۾ جڏهن منهنجو ڪتاب
”سرائيڪي شاعري: هڪ مطالعو“ ۽ ٻه سال پوءِ اُن جو
اردو ترجمو شايع ٿيو ۽ 2002ع ۾ ملتان مان ئي خواجه
غلام فريد تي منهنجو ڪتاب ”ميرا عشق ڀي تو“ شايع
ٿيو ته اُن جي اثر جي گهڻي اُميد نه هئم. سرائيڪي
شاعري ۽ خواجه غلام فريد جي شائقن توڙي مريدن چڱي
موٽ ڏني. هڪ ڀيري گذريل سال جون ۾ عرس جي موقعي تي
دعوت ملي. ملتان به ويس ۽ ڪوٽ مٺن وڃي عرس ۾ شريڪ
ٿيس.
هن سال جو پهريون سج اُڀريو مس ته جشن ولادت فريد
جي دعوت ملي. هن ڀيري فريد فائونڊيشن جي روح روان
۽ سجاده نشين سائين معين الدين محبوب خود ياد ڪيو.
30 جنوريءَ تي مقرر هن جشن جي لاءِ روانگيءَ لاءِ
هڪ ڏينهن اڳ تياري ڪيم. پنهنجي محترم دوست ڊاڪٽر
مظهر ٻگهئي کي خوشحال ايڪسپريس ۾ سيٽ جي بڪنگ لاءِ
گذارش ڪيم. پاڻ نه رڳو بڪنگ ڪرايائين پر اڌ رات جو
سيءَ ۾ مون سان گڏ ڪوٽڙيءَ ريلوي اسٽيشن تي هليو ۽
رات جو ٻارهين بجي مون کي ريل ۾ ويهاري، سرديءَ
سان روح رهاڻيون ڪندو واپس ويو. باقي سرديءَ کي
مون صبح ٿيڻ تائين منهن ڏنو.
لاڙڪاڻي کان جناب غلام سرور سومرو ۽ سندس پنج
پيارا، ريل ۾ چڙهيا ۽ جيڪب آباد ۾ مون تي نظر پين
۽ سڃاتائون. غلام سرور ٻڌايو ته مون کي ڪوٽ مٺن
کان حڪم ٿيو هو ته اوهان کي ريل ۾ ئي هلان ۽ ڪوٽ
مٺن (مٺن ڪوٽ) ريلوي اسٽيشن تائين ساٿ ۾ رهان.
بهرحال ڪشمور کان پوءِ روجهاڻ مزاريءَ جي رڻ مان
لنگهي اچي مٺن ڪوٽ پهتاسين، پر ريل بيٺي ڪانه.
غلام سرور چيو: پرواه ناهي اڳيان راڄڻ پور تي
بيهندي. چند منٽن ۾ راڄڻ پور پهچي اسٽيشن کان ٻاهر
آياسين ته ڊرائيور جيڪو سجاده نشين جو پيجارو کڻي
مٺن ڪوٽ آيو هو تنهن گاڏيءَ کي نه بيهندو ڏسي راڄڻ
پور ڏي رخ ڪيو هو سو چند منٽن ۾ پهچي ويو. تنهن وچ
۾ غلام سرور پي. سي. او تان فون به ڪري ورتي. 3
بجي مٺن ڪوٽ پهتاسين. جشن جي سيڪريٽري مجاهد
جتوئيءَ آجيان ڪئي. فريد ميوزيم جي عمارت ۾
وهاريائون جنهن ۾ ڊرائيونگ روم ۾ رهڻ جا ڪمرا به
هئا. پهرين جنهن شخصيت سان ملاقات ٿي سو مجاهد جو
والد مريد حسين راز جتوئي هو. هو به هڪ ليکڪ ۽
سرائيڪي ڪاز لاءِ ڪم ڪندڙ بزرگ آهي. نهايت پُرجوش
۽ جوان همت ڏسڻ ۾ هڏن جي مُٺ، عزم ۾ خولاد صفت!
چند منٽن ۾ ماني اچي ويئي. اُن کان پوءِ مجاهد
جتوئي جيڪو ميوزيم ڏيکارڻ لاءِ آتو هو ۽ هڪ پير تي
پئي نچيو. تنهن جي جذبات جو قدر ڪندي ميوزيم ڏسڻ
ويس. ڪي ماڻهو اسان کان ٿوري مفاصلي تي به شوڪيسن
۾ نواردات ۽ ڪتاب ڏسندا پئي آيا. پر مجاهد نهايت
قرب سان مونکي هڪ هڪ شئي بابت ٻڌائيندو اڳتي پئي
هليو. هي ميوزيم سجاده نشين حضرت معين الدين محبوب
سائين جي حڪم سان تيار ٿيو آهي. محنت سڄي مجاهد
جتوئي ۽ سندس ساٿين جي آهي. ڪُل ٻن سالن جي اندر
سجاده نشين سائينءَ جي ڏنل هن عمارت (بنگلي) ۾
مجاهد مجاهدانه عزم سان هي ميوزيم مڪمل ڪيو آهي.
مون محسوس ڪيو ته هي فرهاد جي تيشيءَ سان شيرين
لاءِ نهر کوٽي چڪو آهي. ميوزيم ۾ خاص طور شوڪيس
فراهم ڪيل هئا ۽ ڪي تصويرون ديوارن تي آويزان
هيون.
ميوزيم ۾ جيڪا بنيادي ۽ اهم گئلري مون کي متاثر
ڪندڙ هئي، سا خود اُن لائبرري جي قلمي ۽ ڇاپي
ڪتابن تي مشتمل هئي جيڪا خواجه غلام فريد جي
استعمال ۾ رهي هئي. اُهي ڪتاب هن وقت تائين محفوظ
رهيا ۽ دستياب ٿيا، اِها ڳالهه اطمينان بخش آهي.
ڪتاب قرآن، حديث، تفسير، تصوف، منطق ۽ ٻين علوم تي
آهن. گهڻو ڪري سڀ ڪتاب سالم آهن.
ميوزيم ۾ خواجه فريد جي ڇپيل ديوانن سان گڏ سندس
باري ۾ به هن وقت تائين شايع ٿيل رسالا ۽ ڪتاب
موجود آهن. اُن کان پوءِ سرائيڪي ادب جي ڪتابن جا
شو ڪيس آهن. هن علمي خزاني سان گڏ خواجه فريد جي
لباس ۽ استعمال هيٺ سامان به شامل آهي.
خواجه فريد جي حيات ۽ ڪلام جي باري ۾ لکندڙ اديبن
جا فوٽو به آهن. منهنجا ڪتاب فوٽو به ميوزيم ۾
موجود نظر آيا. خواجه فريد جا زندگيءَ جي مختلف
دورن جا فوٽو به موجود ڪيل هئا. خواجه فريد جي
ڪلام جا گرامو فون رڪارڊ به ميوزيم جي زينت هئا.
ميوزيم ۾ هڪ شعبو خاص طور ڌيان ڇڪائي رهيو هو.
اُهو هو ڪلام فريد ۾ ذڪر ڪيل شين جو نماءُ. جن شين
جو ڪافين ۾ ذڪر ٿيو آهي. اُنهن ۾ نهايت خوبصورت
نمائش ڪيل آهي. روهي ۽ چولستان جا نظارا به فوٽن ۾
ڏيکاريل آهن. فوٽو ٻيا به ڪيترا آهن. جن ۾ سجاده
نشين عالمن، اديبن، دوستن ۽ سياسي اڳواڻن سان ملي
رهيو آهي.
هونئن سرڪار، فريد لائبرريءَ لاءِ هڪ عمارت جوڙائي
آهي جيڪا بلڪل خالي پيل آهي. فريد ميوزيم کان پوءِ
سجاده نشين سان ملاقات ٿي ۽ اُن کان پوءِ ڇهين بجي
اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور جي وائيس چانسيلر جي
رهنمائيءَ ۾ آيل اُستادن ۽ اسڪالرن سان چانهه تي
ڊرائينگ روم ۾ سجاده نشين ۽ ٻين ڪارڪنن سان ملاقات
ٿي. جاويد چانڊيو به هِن وفد ۾ هو. هن خاص طور
بهاولپور جي اسلاميه يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسيلر
جناب ڊاڪٽر منير اختر سان منهنجو تعارف ڪرايو.
ڊاڪٽر منير اختر مون وٽ اچي قرب سان مليو. اُن کان
پوءِ غلام سرور سومري چيو ته هلو درگاهه تان ٿي
اچون. هُو هن درگاه جو خليفو به آهي. سڀ حال احوال
به ڪندو هليو. حضرت خواجه غلام فريد، سندس وڏن ۽
اولادن جون قبرون مقبري ۾ آهن. ڀرسان مسجد آهي.
اُن ۾ طالب قرآن شريف جي تعليم وٺي رهيا آهن. سڄو
خرچ سائين سجاده نشين برداشت ڪري ٿو. رات جي ماني
به حضرت سجاده نشين سان گڏ کائي پنهنجي قيام گاهه
تي آياسين. هي ڪنهن جو بنگلو هو. ٻه بيڊروم هئا،
جن ۾ آءٌ غلام سرور، محمد موسيٰ سومرو، نديم ساجد،
حسين ۽ رحمت الله ٽڪياسين. سڀ سهوليتون موجود
هيون. نوجوان ساٿين جا ٽهڪ، چرچا ۽ لطيفا مون کي
ننڊ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا. صبح جو بنگلي جي مالڪ
نهايت پر تڪلف ناشتو خود آندو ۽ هر طرح خاطرداري
ڪيائين.
ڏهين بجي ادبي نشست جو ٽائيم رکيل هو. خيرپور مان
سخي قبول محمد ۽ پير غوث محمد گوهر به پهتل هو.
اسٽيج روهيءَ جي پس منظر ۾ ٺهيل هو. پاسن کان ٻه
چؤنرا (گهر) ٺهيل هئا. لين ۽ لاڻن سان اسٽيج
سينگاريل هو. زمين تي ڪک وڇائي اُن مٿان گلم وڇايل
هئا. اڳيان اهم ماڻهن لاءِ غاليچا ۽ طُول هئا.
سجاده نشين، سخي قبول محمد، پير غوث محمد، آءٌ ۽
ٻيا مقرر اُنهن غاليچن تي طولن جي ٽيڪ سان
ويٺاسين. اسٽيج سيڪريٽري اجمل ملڪ هو. جنهن ڪوشش
ڪري خواجه فريد جو سڄو ديوان پڙهڻ جي شوق ۾ گهڻو
وقت ورتو ۽ اُٿندي ئي چيائين: پهرئين خواجه فريد
جو ڪلام مولوين روزي روٽيءَ لاءِ عام ڪيو، پوءِ
ڪافي ڳائڻ وارن ڪلام روزي روٽيءَ خاطر وڌيڪ مشهور
ڪيو ۽ آخر ۾ مقاله نگارن اهو ڪم ڪيو سو به روزي
روٽي لاءِ ڪيائون. مون پنهنجو مقالو پڙهڻ وقت اُن
کي سخت جواب ڏنو.
بهرحال مقالا نگارن ۽ مقررن جو سلسلو شروع ٿيو.
بهاولپور ۽ ملتان توڙي سرائيڪي علائقي جي ٻين شهرن
کان آيل اسڪالرن مقالا پڙهيا، جن ۾ خواجه غلام
فريد جي ڪلام جي مختلف پهلوئن تي روشني وڌائون-
ڪلام جي تربيت، موضوعن، معنائن ۽ وزن تي سهڻا
مقالا پڙهيا ويا ۽ داد حاصل ڪيائون. پير غوث محمد
گوهر جو مقالو سنڌيءَ ۾ هو. سخي قبول محمد اردوءَ
۾ تقرير ڪئي. منهنجو مختصر مقالو سرائيڪيءَ ۾ هو.
اُهو پڙهيم ۽ آخر ۾ ڪجهه گفتگو اردوءَ ۾ به ڪيم.
آخر ۾ حضرت سجاده نشين معين الدين محبوب تقرير ڪئي
۽ مهمانن جا ٿورا مڃيا. منهنجو حوالو حضرت سجاده
نشين هونئن ته هنڌ هنڌ پئي ڏنو جو آءٌ سڀني
مهمانن پري کان ۽ وڌيڪ مفاصلي تان آيو هوس. هتي
به تقرير ۾ پاڻ اِهو حوالو ڏنائون ۽ چيائون ته
اِها محبت آهي جا پري پري کان پروانن کي شمع تائين
پهچائي ٿي.
ٽپهريءَ جو هيءَ نشست ختم ٿي. آءٌ قيام گاهه تي
آيس. ٿورو آرام ڪري رات جي مانيءَ کان پوءِ ’محفل
ڪافي‘ لاءِ تيار ٿيس. منهنجو خيال هو ته نامور
فنڪار هوندا پر هئا معمولي ڳائڻا. سجاده نشين جي
قدمن تي ماڻهو پئسا رکندا ويا. جڏهن فنڪار ڪلام
ختم ٿي ڪيو ته پئسا اُن ڏي ڏياري موڪليائون. ڪوٽ
مٺن، سچل سرمست ۽ ڪوٽڙي ڪبير جا سجاده نشين ته
موجود هئا ئي پر اُنهن سان گڏ آءٌ ويٺل هوس ته ڪن
منهنجن قدمن وٽ به نوٽ پئي رکيا.
آءٌ اٽڪل اڌ ڌاري محفل مان اجازت وٺڻ کان پوءِ
قيام گاهه تي هليو ويس. انهيءَ وچ ۾ سخي قبول محمد
۽ پير غوث محمد صلاح ڪئي ته موٽندي صبح جو گڏجي
موٽون. مون شڪرئي سان اها صلاح قبول ڪئي. صبح جو
ناشتو ڪري قصر فريد آيس – سنگت کان موڪلائي ساڍين
يارهين ڌاري ڪوٽ مٺن کان روانا ٿياسون. آءٌ، سخي
سائين ۾ پير صاحب، سخي سائين جي پيجارو ۾ روانا
ٿياسون. پير صاحب جي ڪار ۾ الطاف اتي ويٺو. هي ٻن
گاڏين جو قافلو اٽڪل ٽن ڪلاڪن ۾ شڪارپور پهچي ويو.
اڌ ڪلاڪ ۾ سکر پهتاسون. سخي صاحب پنهنجي پسنديده
هوٽل ۾ مانجهاندي جي صلاح ڪئي. هي پر تڪلف دعوت
کائڻ کان پوءِ درازن ۾ سخي صاحب جي دولت خاني تي
چانهه پيڻ کان پوءِ پير صاحب سان گڏ محراب پور آيس
جتي سندس نئون گهر آهي. هونئن سندن اصل ڳوٺ ڪوٽڙي
ڪبير آهي. جتي سندن بهترين لائبرري ۽ نوادرات جو
ذخيرو به آهي. هن لائبرريءَ ۾ ٻين قلمي ڪتابن سان
گڏ 400 قلمي قرآن به آهن. اڳ ٻه ڀيرا اُتي به وڃي
چڪو آهيان.
ٻئي ڏينهن پاڻ تڪليف وٺي ڪوچ ۾ روانو ڪيائون. شام
جو حيدرآباد کان ٿيندو بدين پهتس. ايستائين خواجه
غلام فريد جون ڪافيون ڪنن ۾ گوجنديون رهيون
جيستائين ننڊراڻيءَ پنهنجي هنج ۾ نه ورتو.
هنوز دِلي دُور است
ايئن برابر هو. دلي يا دهليءَ جو ديدار پنهنجي وهم
۽ گُمان ۾ به نه هو. هڪ ڏينهن ريڊيو تي اعلان ٿيو
ته جولاءِ ۾ دهليءَ ۾ حضرت نظام الدين اولياء جو
عرس منعقد ٿي رهيو آهي. پاڪستان مان زائرين جو جٿو
شرڪت لاءِ ويندو. جنهن کي به ارادو هجي، اُهو
وزارت مذهبي اُمور اسلام آباد کان فارم گهُرائي
ڀري وزارت ڏي موڪلي. اِهو مئي (2000) جو مهينو هو.
مون هڪدم خط لکيو ۽ هفتي اندر گهربل فارم پهچي
ويو. خير سان فارم ڀري وزارت مذهبي اُمور ڏانهن
موڪليم. اُتان هفتي ڏهن ڏينهن ۾ منظوري ٿي ۽
پاسپورٽ موڪلڻ لاءِ چيائون ۽ ٻيا ضروري ويزا لاءِ
فارم ڀري موڪليم. جولاءِ اچڻ سان بيقراري وڌڻ لڳي.
عرس جي تاريخ 18 جولاءِ جو به اطلاع آيو. ويزا جو
انتظار هو. 7 جولاءِ تي اطلاع آيو ته لاهور هليا
اچو. 17 جولاءِ تي داتا درٻار ۾ 3 بجي اجتماع
ٿيندو ۽ 18 صبح ساڻ 6:30 لاهور ريلوي اسٽيشن پهچبو
اُتان 7:30 سمجهوته ايڪسپريس ذريعي دهليءَ روانگي
آهي.
مون پنهنجي دوست هدايت پريم کي دستور موجب گذارش
ڪئي ته حيدرآباد کان لاهور تائين ريلوي جي رزرويشن
ڪرائي. اُها هن دوست الطاف شيخ جي ذريعي 15 جولاءِ
تي عوامي ۾ لور– اي. سي ۾ ڪرائي ورتي. 13 جولاءِ
تاريخ ڄام شوري وڃي ٽڪيٽ هدايت کان کڻي آيس. 14
تاريخ شام جو خاص طور حيدرآباد، بدين ۽ ٿر ۽ ٻين
پاسن ڏانهن ٺاهوڪو مينهن پيو. ٻيو ته خير هو پر 15
صبح تيار ٿي بدين مان ڪوچ ۾ ويٺس ته ڊرائيور نابري
واري بيٺو چي ”مينهن پوندو.“ مسافرن جي منٿن کان
پوءِ هليو. مسافرن جي پيش گوئي سچ نڪتي. خير همراه
چُريو حيدرآباد پهچي خدا جو شڪر ڪيم. ٻي صورت ۾
ريلوي سيٽ ۽ سڄو پروگرام پُسي پوي ها.
تڪڙو تڪڙو ريلوي اسٽيشن پهتس. عوامي ايڪسپريس ڪجهه
دير سان 10:30 رواني ٿي. سامهين سيٽ وارو ارشاد
ڀٽو واقفيت ڪندي چوڻ لڳو: ”اوهان جي سيٽ هدايت
صاحب جي چوڻ تي الطاف رزروِ ڪرائي هئي. اُن مون کي
اوهان جي پارت ڪئي هئي.“ مون سندس ٿورو مڃيو. هُن
به جيڪي چيو سو ڪري ڏيکاريائين. رات ٿي ته مانيءَ
۾ ڏاڍي قرب سان شريڪ ڪيائين. اڃان ارشاد جي محبت ۽
همدرديءَ جو سلسلو جاري هو ته ميرپور ماٿيلي کان
حشمت رضا پنهنجي دوست رياض سان گاڏي ۾ آيو. ٿوري
دير کان پوءِ واقفيت ادبي گفتگو ۽ شعرن جي ڏي وٺ ۾
بدلجي ويئي. ملتان تي لٿو ته دوستيءَ جو رشتو قائم
ٿي چڪو هو.
ارشاد اڃان اڳتي پنڊيءَ وڃڻو هو. آءٌ لاهور 16
جولاءِ تي صبح جو 7:30 تي وڃي لٿس. اسٽيشن جي
سامهون هوٽلن جي وڇايل ڄار مان هڪ هوٽل پئراڊائيز
۾ وڃي پهتس. هڪ ڏينهن هتي ترسڻو هو. ٻئي ڏينهن ٽين
بجي داتا درٻار ۾ اجتماع هو. وزارت جا ماڻهو ڏنل
وقت کان ساڍا ٽي ڪلاڪ پوءِ پهتا. مسجد ۾ عصر جي
نماز کان پوءِ داتا درٻار جي مولوي پنهنجي عملي جي
مدد سان گڏ ٿيل زائرين کي وعدو ڪيل دستار ڏني.
زائرين جو چڱو تعداد هو. پوءِ خبر پيئي ته اسان جو
جٿو 230 ماڻهن تي مشتمل هو. آءٌ ڪلهه وانگر اڄ به
بازار جو چڪر ڏيڻ ويس. شهر جي اهم جاين کي ڏٺم. اڳ
لاهور 1975ع ۾ آيو هوس. جڏهن اسڪائوٽ ٽريننگ تان
جهنگل منگل ڪئمپ (نزد مانسهره) کان موٽيو هوس. اُن
وقت شاليمار باغ، بادشاهي مسجد ۽ ٻيون جايون ڏٺيون
هئم. شاهي محلا ۽ خانصاحب امانت علي خان جي عذر
خواهيءَ لاءِ به ويو هوس. انار ڪلي بازار مان
خريداري ڪئي هئم. هن ڀيري انارڪليءَ واري شاپنگ
دهليءَ مان موٽڻ تائين ملتوي ڪيم. هوٽل جي ڀرسان
کاڌي واري هوٽل تي ڪڙاهي ڪڪڙ کائي چانهه پي وڃي
سمهي پيس. هوٽل وارن کي چيم صبح جو پنجين بجي
اُٿارجو پر سجاڳي مون کي خود ٿي هُنن ٻوٽو ڪونه
ٻاريو. تيار ٿي ٻاهرين هوٽل تي حلوه پوري کائي،
بئگ هٿ ۾ ڪري ساڍي ڇهين وزارت وارن جي حڪم موجب
سامهون اسٽيشن ڏي رخ رکيم. قليءَ جي رهنمائيءَ ۾
سمجهوته ايڪسپريس واري پليٽ فارم تي پهتس ته گاڏي
بيٺي هئي. ڪمپارٽمينٽس تي ”پاڪستاني زائرين لاءِ“
لکيل هو. هڪڙا ويٺا هئا. ٻيا دوستن لاءِ والار ڪري
ويٺا هئا. پاسي واري هڪ سيٽ تي آءٌ به ويٺس گاڏيءَ
۾ هنديءَ ۾ هدايتون لکيل هيون؛ اُن مان خبر پيئي
ته گاڏي هندستان جي هئي. خير سان ستين بجاءِ اٺين
هلي ۽ مني ڪلاڪ ۾ 15 ڪلوميٽر ڪري واگهه پهتي.
ماڻهو تڪڙا لهي ٽراليون کڻڻ ۾ لڳي ويا. وٽن سامان
جون وڏيون بئگون ۽ ڳوڻيون هيون. اسان جي جٿي کان
سواءِ جيڪا ٻي خلق هئي اُنهن وٽ ته بي انتها سامان
هو. پر هِنن مان اڪثر به گهٽايو نه هو. شايد ڪن کي
واپار به ڪرڻو هو. وڏي نفسا نفسي، ٽرالي ٽرئفڪ جي
ٽڪراءُ، ٽرئفڪ جئم ۽ ڌِڪن ڌومن کان پوءِ اميگريشن
۽ ڪسٽم چيڪنگ لاءِ هال ۾ داخل ٿي ويس.
جٿي جا پاسپورٽ به وزارت وارن وٽ هئا. ٽڪيٽ يا
اُنهن جي بدران اجتماعي فهرستون به وزارت مان آيل
باريش آفيسر وٽ هيون. اُن سان گڏ رلڻو ملڻو ظفر
گوندل ۽ ٻيو عملو به هو. عملي پنهنجي طرفان سهڪار
۽ سار سنڀال ۾ گهٽايو ڪونه. آفيسر صاحب موٽندي
واگهه وٽ مسڪرايو ته ماڻهن خوشيءَ مان تاڙيون
وڄايون. بهرحال چيڪنگ ٿي ويئي. هڪڙي همراهه بينچ
تي چڙهي نال ۾ نالي پڪاري پاسپورٽ موٽايا. اتي پيٽ
۾ ساهه پيو ته خير سان پاسپورٽ ويزا جي ٺپي سان
مليو. اڳتي ڪسٽم جي مشيني سرشتي مان بئگون ۽ سامان
لنگهيو ته واگهه اسٽيشن جي همراهه ٽڪيٽ ڏيکارڻ
لاءِ چيو. ٽڪيٽ جي ته صورت نه ڏٺي هئم. چيم جٿي جي
مهندار وٽ آهي. صورت تي ۽ زبان تي اعتبار ڪري ويو.
اچي ريل ۾ ويٺس. منجهند جو وقت هو. هوٽل تان ماڻهن
برياني وٺي پئي کاڌي. مون وٽ ٻه ٽي بسڪوٽ هئا،
وڌيڪ اشتها به نه هئي. منهنجي گاڏي ۾ طارق محمود
به هو، جيڪو سيٽ تي ليٽڻ ۾ ٻين کي هٽائڻ ۾ پورو
هو. گاڏي هلي چڪي هئي ۽ ڏهن منٽن ۾ اٽاريءَ
(هندوستان) جي حد ۾ داخل ٿي. پاڪستان جي پاسي هڪ
پوليس وارو بيٺو هو. اُتي خوش آمديد انڊيا لکيل
هو. انڊيا جو به هڪ سپاهي ٻُوٽن ۽ گاه جي وچ ۾
مينهن جي پاڻيءَ ۾ شپ شپ ڪندو پاڪستاني سپاهي
ڏانهن ايندو محسوس ٿيو. اڳيان وڏا گِرل جا گيٽ
هئا. لوهي سيخن سان ٺهيل ڀتيون به هيون، جيڪي سرحد
جي نشان طور پري پري تائين هليون ويون هيون. ٿنڀن
تي وڏيون لائٽس لڳل هيون.
جئن ريل گيٽ ۾ داخل ٿي ته ٻه گهوڙي سوار ريل سان
گڏ گڏ گهوڙا ڊوڙائيندا اَٽاري ريلوي اسٽيشن جي
قريبي علائقن تائين آيا. لاهور کان اٽاريءَ تائين
وڻن ۽ سرسبز ٻينين جو هڪ اڻ کٽندڙ سلسلو هو.
هتي به ٻي بجي کان ستين بجي تائين ڪسٽم ۽ اميگريشن
ٿي. واندا ٿي ريل ڏي آيس ته چيائون هاڻي هندستاني
ڪرنسي ڏيندا ماني کائي پوءِ هلبو. آءٌ ڪولر تان
پاڻي پي بئگ کڻي اڃان ريل جي هڪ گاڏي وٺ بيٺو هوس
ته گاڏي ۾ ويٺل همراهه مون کي سڏيو. ”اوهان لاءِ
سيٽ رکي اٿم – اچو“. کيس اڳ گاڏيءَ ۾ ڏٺو هوم. آءٌ
مٿي چڙهيس ته پنهنجي سامهون اوري سيٽ تي مون کي
آڇيائين. هي طارق محمود هو ۽ پشاور کان آيو هو.
هڪدم مون کي 50 جو نوٽ هندستاني ڪرنسيءَ جو ڪڍي
ڏنائين. چي: ”دال چانور سٺا پيا ملن – وٺي کائو.“
مون اڃان حجاب ۾ اون – آن ڪئي ته نوٽ منهنجي هٿ ۾
ڏيئي ڇڏيائين. ”اوهان کي پئسا ملن، اڳتي هلي حساب
ڪري وٺنداسين.“ مون نوٽ وٺي پليٽ فارم تان ڏهن
روپين ۾ دال چانور ورتا. ڪجهه وڻيا ڪجهه نه وڻيا.
باقي بچيل ڪچري جي دٻي ۾ اڇلڻ لاءِ نظر ڦيرايم.
نيٺ ريلوي لائين تي دفتريءَ جي پليٽ ويڙهي اڇليم.
ريڙهيءَ واري کان پيپسي بوتل ورتم. کيس اڳواٽ پئسا
ڏنم بوتل پي موٽيس ته پٺيان پيو سڏ ڪري. نيٺ کيس
محسوس ڪرايم ته پئسا اڳ ۾ ڏنا اٿم. مڙئي وڃي
اعتبار ڪيائين. ريڙهيءَ تي بشن سنگهه مهتا لکيل هو
(موٽندي به مليو).
نوين بجي رات جو ريل هلي. اونده ۾ ڄڻ ’انڌي گهوڙي
ڪل‘ ۾ هئي. اسٽيشنون ته گهڻيون ۽ وڏيون، روشن ۽
مال جا دڪا گاڏي مان لنگهندي نظر آيا پئي. گاڏي
تيز رفتار هئي. سامهون پنجن پنجن منٽن تي ٻي لائين
تان گاڏين ڪراس پئي ڪيو. اُن مان ريلوي جي نيٽ ورڪ
جي پروڙ پئي ٿي. گاڏي انباله جي اسٽيشن تي بيٺي.
ڪن ماڻهن لهي چانهه ورتي. گاڏي هلي ته پاڻيپٽ ۽
پوءِ سوني پٽ اسٽيشنون نظر آيون. دهليءَ ويجهوئي
هڪ اسٽيشن تي بيٺي، صبح ٿي چڪو هو. مون ۽ طارق
محمود چانهه پيتي. طارق محمود اڳ به ٻه ٽي ڀيرا
اچي چڪو هو. بچيل ڪرنسي اڳ ۾ به وٽس هئي. اٽاريءَ
تي ٽي. ٽي سوء هندوستاني روپيا مليا هئا.
ڪٿي به ڪو خالي زمين جو ٽڪرو نه هو. حد نظر تائين
سرسبز ٻنيون هيون. مينهن به پيو پي. پاڻيپٽ کان
وٺي ريل کي ويجهو غريب آباد نمايان هئي. اُن ۾ هڪ
ته سوئر پئي هليا. ڳتيل گهر ۽ ٻاهر ڪناري سان
گندگيءَ جا ڍير! پاڻ وٽ به گهڻي ڀاڱي اِهي نظارا
آهن. طارق منهنجو ڌيان ڇڪايو ۽ ڏٺم ته ڪيترا ماڻهو
قطارون ڪري پنهنجن گهرن ۽ ريلوي لائن جي وچ ۾ رفع
حاجت لاءِ ويٺا هئا. پر وڌيڪ ڌيان اِن ڳالهه ڇڪايو
ته هڪ مرد ۽ عورت به هڪ ٻئي کي ويجهو ويهي خلق کي
حيران ڪري رهيا هئا. دهليءَ پهتاسين ته صبح جا اٺ
ٿيا هئا. سفر طارق محمود سان ڪچهريءَ ۽ ننڊ ۾ چڱو
گذري ويو. کيس 50 روپيا موٽايم. هو ڪمپيوٽر،
زراعت، اقتصاديات، سياسي مطالعي ۾ نهايت هوشيار
هو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي SDSC اداري
مان ايم. ايس سي هو. مون سان تعارف تي خاص طور خوش
ٿيو. چيائين: ملاقات به قدرت سان ٿئي ٿي. خير
دهليءَ ۾ لهي اسٽيشن کان ٻاهر نڪتاسين ته مينهن
شروع ٿي ويو. چڱو زوردار هو. ٻاهر چانهه ۽ بيضا
روٽي کائڻ کارائڻ ۾ لڳي ويو. خاص بسن اچن کان اڳ
چوي ته اشوڪ هوٽل ۾ رهائيندا. هلو ته هلون. مون
چيو: ”پڪ ته ٿئي“. تنهن وچ ۾ سائيڪل رڪشائن تي ”ڪي
ايل سنڌي“ لکيل ڏسي معلوم ٿيو ته ڪنهن سنڌي مالڪ
جون آهن. هڪ هندو سنڌي وڏن ٻوجهن، بئگن، زال ۽
ٻارن کي ٻن سائڪل رڪشائن ۾ لڏي روانو ٿيو. اسان
جون به بسون اچي ويون. شايد چار پنج هيون. بسن ۾
پويان جاءِ ملي.
مون کان ڏهه سال ننڍو هجڻ جي خوشيءَ ۾ منهنجي بئگ
به طارق جي هٿ ۾ پئي رهي. بس ۾ به پاڻي پئي ٿميو.
لال قلعي جي ڀرسان لنگهياسين. خير سان هوٽل وٽ
لٿاسين. هاڻي ان جو نالو اشوڪ بدران اندر پرساٿا
هو. ڀرسان ڪنشڪ هوٽل هئي. طارق ۽ منهنجو هڪ ڪمرو
ٿيو. اُن لاءِ به هُن جٿي جي انتطاميه سان جاکوڙ
ڪئي. ٻارهين ماڙ تي وڃي ڪمري ڀيڙا ٿياسين. چيائون
اڄ آرام ڪريو. سڀاڻي 20 جولاءِ تي بستي نظام الدين
هلنداسين ۽ عرس ۾ شريڪ ٿينداسين.
سامان رکي ڪجهه وقت آرام ڪري منجهند ڌاري مانيءَ
لاءِ هيٺ لٿاسين. طارق ته واقف هو. هوٽل جي پٺيان
وڃي مانيءَ جي هوٽل تي پهتاسين. هڪ ڪمري جون چار
هوٽلون هيون. جن تي خاص کاڌن جا نالا ڊوسا ۽ اڊلي
لکيل هئا. هڪڙي هوٽل تي دخل تي خاتون ويٺل هئي.
بيرن کي هڪلون ويٺي ڪيائين. ٻاهر هڪ سگريٽ جي کوکي
تي به عورت ويٺي هئي. هوٽل جو بيرو آيو. مون طارق
مڪسڊ ويجيٽيبل ۽ چپاتي ورتي. سٺي ذائقي واري ڀاڄي
هئي. طارق پنهنجي حصي جا پئسا به مون وٽ جمع ڪيا ۽
ايئن آءٌ کاڌي جي کاتي جو مئنيجر ٿيس. بل مانيءَ
جو اڪثر 25 کان 35 رپين تائين هو. گوشت ۽ بيضي
وغيره جي بوءِ به نه هئي.
شام جو چڪر هڻڻ لاءِ هوٽل جي کٻي پاسي کان مُڙندا
اچي هڪ وسيع روڊ جن پٿ (عوامي رستو) تي پهتاسين.
وچ ۾ سائي رنگ جي گِرل ۽ دو رويا روڊ هو. ٻنهي
پاسي گهڻيون عمارتون هيون ۽ ڪپڙي، بئگن، توڙي هر
قسم جي تحفن ۽ نواردات جا دڪان هئا. في الحال اسان
کي خرچ ڪرڻو ڪونه هو تنهن ڪري ڏسي ڍؤ ڪندا
رهياسين. موٽياسين ته کٻي هٿ تي هڪ مسجد بنام
’مسجد جامع‘ ۾ مغرب جي نماز لاءِ داخل ٿياسين.
طارق مولويءَ سان تعارف حاصل ڪيو. هُو مولانا محمد
ابراهيم قاسمي هو. ڪاري رنگ جو نوجوان هو. هن جو
ڳوٺ بهار صوبي ۾ هو. مسجد جي ڪنڊ ۾ ورانڊي وٽ هڪ
ننڍو دخل رکيو هو. فون رکي هئي ۽ تعويذ لکڻ جو
ماحول نظر آيو پئي. وزيٽنگ ڪارڊ ڏنائين ته اُن ۾
روحاني علاج بابت به آڇ ڏنل هئي.
مسجد روڊ جي عام مقرر ليول کان روڊ طرف ٽي چار فوٽ
وڌيل هئي. هيءَ هڪ پراڻي مسجد هئي. اُن جون ٿلهيون
ديوارون ڪڍي قدري نئين مسجد تعمير ڪيل آهي. انديشي
موجب ته انتظاميه مسجد جي وڌيل حصي کي روڊ جي سِڌَ
۾ ڪرڻ لاءِ ٽي چار فوٽ اولهه ڏي هٽائي ها، پر اُن
کي روڊ طرف وڌيل ڏسي عجب لڳو! ٻئي ڏينهن مغرب لاءِ
وياسين ته بجلي ڪٽيل نظر آئي. چي ڏيڍ لک بل ٿي
ويو. پهرين هندو ڪارڪن کي بجليءَ وارن بجلي ڪاٽڻ
لاءِ موڪليو. هُو الله جي گهر کي ڀڳوان جو گهر
ڄاڻي ’هي رام‘ ڪري ڪنن تي هٿ رکي ڀڄي ويو. پوءِ ڪو
ٻوي ۽ جين ڌرم جو پوئلڳ آيو پر الله کان ڊڄي موٽي
ويو. مولانا ٻڌايو ته نيٺ ٻئي پاسي کان ڪو مسلمان
موڪليائون جنهن هڪ ڌڪ ۾ اوندهه ڪري ڇڏي! طارق ڪنن
تي هٿ رکي ٻانگ ڏني. مغرب جي نماز ٿي پر جڏهن
سومهڻيءَ جي نماز لاءِ ويو ته مسجد کي ڪلف لڳل هو.
رات جي ماني به، ڀاڄيون، مانيون، ڌؤنرو وغيره کائي
وڃي آرامي ٿياسين. چڱي ننڊ آئي. صبح جو تياري ڪري
بسن جي قافلي سان بستي نظام الدين ڏانهن روانا
ٿياسين. وڻن ۽ سبز باغن مان لنگهندا جڏهن بستيءَ
جي حدن ۾ داخل ٿياسين ته گلن بجاءِ گند جا ڍڳ هئا.
بس مان پير فوٽ پاٿ تي پيو ته اُتي ڪرفتي هئي!
عام طور به بستيءَ ۾ ڪا صفائي نه هئي. حضرت نظام
الدين اوليا جي مزار جي ٻاهرئين گيٽ کان هڪ
ڪاريڊار شروع ٿيو جيڪو ٻنهي پاسي فقيرن جي قطارن
سان سينگاريل هو. خيال هو ته سڀ مسلمان هوندا.
گهڻا اُچارن مان بنگالي پئي لڳا. خير حضرت جي مزار
اڳيان گلم وڇايل هئا. اُنهن تي ڪي سيکڙاٽ قوال سکت
ڪندي ۽ ماڻهن جي هٿن ڏي نهاريندا نظر آيا. پهرين
دعا گهرڻ لاءِ مزار ۾ داخل ٿياسين. در تي چندي جي
پيتي رکيل هئي. اُن جي ڀرسان هڪ سمارٽ نوجوان سفيد
وڳي ۽ ڪاري واسڪوٽ ۾ اَلرٽ بيٺل هو ۽ ڄڻ اکين پئي
چيائين ته پيتيءَ ۾ ڪجهه وجهو. قبول ننڍي ڇت سان
هو ۽ ننڍو هو. بس جئن ٺهيو هو. اُن ئي حالت ۾ هو.
اسان وٽ جئن ڀٽائي ۽ قلندر جي مزارن جي سار سنڀال
ٿي لڌي ويئي ۽ توسيع جو سلسلو جاري آهي، اهڙي ڪابه
ڳالهه نظر نه آئي اڳينءَ نماز ڀرسان موجود مسجد ۾
پڙهي ڀرسان حضرت امير خسرو جي مزار تي فاتحه پڙهڻ
لاءِ وياسين. اُتي ڪوبه ڪونه هو. ٻاهر نڪري طارق
محمود چيو ته هلو عالب کي به سلام ڪري اچون. هڪ
ننڍي بازار ۾ هڪ ايوان هو، گهر جي دالان وانگر –
خالي خالي غالب جي خالي ڪيل بوتل وانگر هڪ طرف قبر
هئي. فاتحه پڙهڻ کان اڳ کيس سلام ڪيم ۽ چيم ته
اسان جا دوست شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽي گهڻو اڳ سلام
ڪري ويا آهن. اسان جا به سلام قبول ڪر. خاموشيءَ
جي زبان ۾ اهو به سندس لفظن ۾ چيم ته: ”توکي اسين
ولي سمجهون ها جي باده خوار نه هجين ها.“
ٻاهرين ديوارن سان گڏ غالب اڪيڊمي هئي. در تي
دربان هو. آفيس ۽ آڊيٽوريم موجود هو. مٿئين طبقي
ته بند ميوزيم هو. انچارج آفيسر سان تعارف ٿيو ته
هٿ به نه ملايائين. ڪرسين تي ويهي وياسين ته ڪتابن
جي اگهن بابت چپ چوريائين. آڊيٽوريم ۾ ڪرسيون ايئن
سٿيل هيون، جئن رات جو هوٽل جو فرش ڌوئڻ وقت ڪيو
ويندو آهي! خير اُتان ٻين مزارن جي ديدار لاءِ وٺي
هليا. پهرين منزل پراڻي دليءَ ۽ حضرت جلال الدين
چشتيءَ جي مزار تي وياسين. مزار جي چوڌاري پارڪ ۽
وڻ ٽڻ هئا. لائوڊ تي پاڪستاني زائرين کي چندي لاءِ
پئي سڏ ڪيائون. چندي لاءِ ڪي تڪيا حضرت نظام الدين
جي مزار ۽ ٻين مزارن وٽ جي گڏ هيون، موجود هئا.
ماڻهو گاوتڪين ۽ فون جي ساٿ سان موجود هئا. هڪڙي
بزرگ جا پويان يا خليفا هئا. اهڙا شجرا در وٽ لڳل
هئا، چندي جي تلاش ۾!!
اڳتي بسون مهروليءَ ڏانهن هليون. اُتي به هڪ ننڍي
۽ گندي بستيءَ جو ماحول هو. لڳو ٿي بسن جو آخري
اسٽاپ هو. ڪيتريون بسون ٻيون به اچي بيٺيون هيون ۽
ٻار اسڪولن کان موٽيا هئا. هيءَ مزار حضرت قطب
الدين مهروليءَ جي هئي. دعا گهري واپس اچي بس ۾
آءٌ ۽ طارق ويٺاسين ته اڳين سيٽ وارن همراهن پاڻ ۾
سنڌي ڳالهائي. سنڌي ٽوپيون ته هئن. مون به هڪڙي کي
سلام ڪيو. اُهو هو جناب احمد بخش ميراڻي سابق
پرنسيپل ٽريننگ ڪاليج فارمين حيدرآباد. مون پنهنجو
نالو ورتو ته هڪدم چيائين؛ ”شام“ مون جواب ۾ چيو
ته ها اُهو تخلص گهڻو اڳ 1962ع ڌاري ترڪ ڪري ڇڏيم
هاڻي ”عبدالجبار جوڻيجو“ آهيان. اُن کان پوءِ هُن
هڪدم محمد سومار شيخ جي ٽريننگ ڪاليج جي ڳالهه
ڪئي. مون کي ياد پيو ته آءٌ محمد سومار وٽ ويندو
هوس. شايد هن جٿي ۾ سنڌ جا ڪل ڇهه ماڻهو هئاسين.
ٻي سنگت مسٽر احمد بخش سان هئي. موٽندي ڀرسان ئي
قطب مينار ڪر کڻيو بيٺو هو. مُلن کان سواءِ ڪن
ماڻهن سمجهيو ته شايد قطب مينار ڪونه ٿا گهمائين،
سو بس ۾ گوڙ مچي ويو. بسون به جئن اڳتي وڌنديون
ويون ته هر مفاصلي، هر زاويي تان قطب مينار ايئن
نظر اچي رهيو ڄڻ آسمان ۾ ڪو منارو هجي. خير بسون
مناري جي گيٽ ڏي مڙيون ته خوشي جي لهر ڊوڙي ويئي.
بسون بيٺيون. داخلا ٽڪيٽ سان هئي. اسان جي جٿي
طرفان اجتماعي ٽڪيٽ جٿي جي ليڊر ورتو. مناري کان
اڳ هڪ ننڍي مسجد ۾ وياسين. هيءَ به قديم هئي، پر
بجليءَ کان وانجهيل هئي. قطب مينار طرف وڌياسين ته
آسمان ۾ ڪڪرن جي چُرپُر مناري جي پس منظر ۾ عجيب
وڻندڙ نظارو هو. ايئن ٿي لڳو قطب مينار اولهه طرف
چُري رهيو آهي. حقيقت ۾ ڪڪر اوڀر طرف وڃي رهيا
هئا. مناري سان گڏ ئي ”مسجد قوت الاسلام“ هئي. پٿر
جي جُڙت سان هڪ بيمثال اسٽرڪچر هو. ڇت ڊهي چڪي
هئي. مناري ۽ مسجد کي اقوام متحده جي اداري دنيا
جي گڏيل ورثو قرار ڏنو هو. مسجد جي ڪتبي مان معلوم
ٿيو ته هيءَ ڪنهن پراڻي مندر جي جاءِ تي ٺهيل هئي.
طارق محمود جيڪو نيم ملا هو ۽ اسلام لاءِ شايد مون
کان وڌيڪ فڪر مند هو تنهن رڙ ڪري چيو: ”ڏٺئي! هڻي
ويا نه هندڪي انگڙي!!“ مون چيو: ”جانٺو هنيو اٿن.“
محسوس ڪيوسين ته فوٽوءَ مان ته قطب مينار جو چار
آنه به اندازو مس ٿو ٿئي. ڪنهن چيو ته ڪجهه وقت اڳ
مٿي واري منزل کان ڪو ڏاڪڻ ۾ ڪريو ۽ ڀاڄ ۾ ٻيا
ماڻهو به هڪٻئي تي ڪري زخمي ٿيا ۽ مئا. اُن ڪري
مٿي چڙهڻ وارو دروازو بند اهي. در بند هو. هيٺ
وڏيون ڏاڪڻيون به رکيل هيون جن مان مسلسل مرمت جي
ڄاڻ به پئي. مٿيون ٻه منزلون ڊهي وڃڻ جو به ڪنهن
چيو. اُتي مٿي نهارڻ سان مٿو ٿي ڦري ويو. هي لکڻ
وقت مناري جو وِيو ڪارڊ پراڻو بلئڪ ائنڊ وائيٽ
(منهنجي والد صاحب جي 1925ع ڌاري آندل ذخيري مان)
توڙي ٻين پنهنجي آندل رنگين وِيو ڪارڊ جي ڀيٽ مان
مون کي مٿين آخري (Top)
منزل ۾ فرق محسوس ٿئي ٿو. بهرحال هڪ عجوبو آهي. اڄ
به دل چوي ٿي ته ٻئي ڀيري قسمت ٿي ته هڪ ڏينهن ته
قطب مناري تي لڏ لاهي ويهندس ۽ طارق محمود کي
چوندس: بابا هٽي پري ٿي. (هُو پراڻو پاپي آهي.
دهليءَ جو نالو وٺو ته همراهه جي حالت غير ٿيو
وڃي).
قطب مينار جي ديوار کان پوءِ هڪ جٿي جا ٻه حصا
ٿيا. جن کي ٿڪ هو، اُنهن کي واپس هوٽل ڏي موٽڻ
لاءِ چيائون. منهنجو ٿڪلن ۾ پهريون نمبر هو. باقي
بسون ڪن ٻين مزارن ڏي ويون. منهنجو اندازو آهي ته
اُتان ئي ڪي بازارن ڏي هليا ويا هوندا! پوءِ خبر
پئي ته ايئن ٿيو. طارق محمود اڳ رليل پاڙن، بازارن
۽ ٻين ٺڪاڻن ڏي هليو ويو. سج لٿي کان اڳ موٽيو.
وري به اسين هئاسين ۽ مولانا ابراهيم قاسميءَ واري
مسجد جامع ۽ مغرب جي نماز تي بجليءَ جو مرثيو.
بهار جو هڪ سابق وزير به ويهاريو ويٺو هو. اُن جي
کيسي ۾ جنتا جي درخواستن جو ٿهو هو.
رهائش واري هوٽل جي لائونج ۾ ڪلهه يعني 21 تاريخ
هڪ نوجوان ڊاڪٽر روي ڪمار سان طارق محمود جي
ملاقات ٿي ويئي. ٻنهي جي گفتگو ايڊز کان شروع ٿي.
هيڏانهن آءٌ هوڏانهن روي ڪمار جي زال بُري حال ۾
هئاسون. هوٽل جي ريسٽورنٽ ۾ چانهه لاءِ اچي
ويٺاسين. هيڏانهن طارق جا سوال هوڏانهن روي ڪمار
جا جواب! وڏو مقابلو هو. اڳتي معاملو زراعت،
ڪيميائي ڀاڻن، پيداوار، جيت مار دوائن کان ٿيندو
آدم شماري ۽ لسانيات جو وڃي بيٺو. اُتر ۽ ڏکڻ هند
جي زبانن تي جان بيمز جو ڄڻ ڪتاب کلي پيو ۽ ڳالهه
گريئرسن جي قابليت تي وڃي بيٺي. روي ڪمار بئنگلور
جو هو. ٻئي ڏينهن 22 جولاءِ تي هو واپس وڃڻو هو.
مون کي لڳو ايئن پئي ته طارق محمود هُن جي وڃڻ ۾
راضي ڪونه هو. ٻئي ڏينهن هُن کي روانو ٿيڻ وقت خدا
حافظ چيائين ۽ موٽي آيو ته تسليم ڪيائين ته همراه
قابل هو.
21 جولاءِ ڏهين تائين آرام ڪيوسين، پوءِ تيار ٿي
جامع مسجد جو عزم ڪيوسين. جن پٿ روڊ کان اڳتي
فيروز شاهه روڊ تي هڪ ٽي. سي بس ٽپاليءَ کي هڪ پتي
جو ڏس ڏنوسين. آءٌ بنگلو ڀرسان هو. هن بدليءَ ۾
اسان کي جامع مسجد جي روٽ نمبر 260 جو ڏس ڏنو. بس
مان لهي سائيڪل رڪشا ٻين لفظن ۾ ماڻهوءَ جي ڪاهي
تي چڙهي متصل پهتاسين.
جامع مسجد ۾ جمع جي نماز پڙهي بازار جو چڪر
هنيوسون. مسلمانن جا دوڪان هئا. مسجد جي کاٻي طرف
کان مين بازار هئي. مسجد جي مين گيٽ وٽ وڏا پٿر
رکيا هئا، جيڪي مسجد جي مرمت لاءِ پيل هئا. اسين
ساڄي طرف واري گيٽ کان داخل ٿياسين ۽ کاٻي کان
بازار طرف ٻاهر نڪتاسين. مين گيٽ کان ٻاهر جنرل
شاهنواز جي قبر هئي. جيڪو (شايد) آزاد فوج ۾ سڀاش
چندر بوس جي ساٿ ۾ وڙهيو هو.
بازار ۾ هر قس جا دڪان هئا. طارق محمود ٻڌايو ته
گهٽيءَ ۾ پيش امام مولوي عبدالله بخاريءَ جو گهر
هو. هُو بيمار هو. اڄوڪو جمعو سندس پٽ احمد پڙهايو
هو. طارق اُن کي مسجد ۾ ئي ڏسي ورتو هو. بهرحال
مسجد جي پيرانديءَ واري بازار مان سهگل جا ٻه
ڪئسيٽ ورتم. ڇٽيءَ جي پڇا ڪيم ته دوڪاندار ڇٽين
بابت خود چيو ته هِن کان سٺيون اوهان کي پاڪستان ۾
ملي وينديون! ڏاڍو ڪو بي لوث ماڻهو هو!!
هن بازار ۾ ڪڙاهي گوشت وارا گراهڪن جي تلاش ۾ گوشت
تيار ڪري ويٺا هئا. قرآن شريف جي چمڙي جي پوش ۾
بهترين جلد سازيءَ جا دڪان هئا. ٻيا به هر قسم جا
دوڪان هئا. عين مسجد جي دروازي سامهون بازار مان
هڪ ٻي بازار ٿي ڦُٽي، اُن ۾ وياسين. اُتي به
هوٽلون ۽ هر قسم جا دوڪان هئا. هڪ ڪٽليءَ واري کان
چانهه پيتيسين ته طارق اُن جي پيشگير ڇوڪري کي
پڙهڻ لاءِ تاڪيد ڪرڻ لڳو. هن بازار جا دڪان اندازو
هو ته مسلمان هئا. هي پاڙو ئي مسلمانن جو هو. خاص
طور فقيرن کي ڏسي ڄاتوسين. هوٽلن جي اڳيان چئن چئن
جي قطارن ۾ فقير ويٺا، سفارش ڪري رهيا هئا ته هوٽل
واري کي پنج رپيا ڏيو ته ڀت ڏي. جيڪي هليا پئي
اُنهن به هوٽل واري کي پنج روپيا ڏيڻ لاءِ پئي
چيو! خود اڪثر هوٽل وارن اسان کي ڏسي هڪل ڪري پئي
چيو ته هنن فقيرن کي ڀت وٺي کارايو!! بازار ۾ ڪافي
اڳتي وياسين ۽ مون چيو اِتان ئي اڳتي نڪري روڊ تي
هلون. دهلي گرد طارق چيو ته: ”هي ڏس هڪ بازار مان
ٽي ڦاڪون ٿيون آهن. اهي اڳتي ٽن مان چار ٿينديون ۽
رات پئجي ويندي.“ اُن ڪري پوئتي موٽي بازار مان
ٻاهر نڪري روڊ تي آياسين. واپسيءَ ۾ 260 روٽ جو
انتظار ڪيوسين ته بس نه آئي. اُتي پيجارو ٽائيپ
جيپون ڪنهن روٽ لاءِ تيار هيون. پٺيون در کليل هو.
پاسي کان انگريزيءَ ۾ (Phat
Phat Seva)
’ڦٽ ڦٽ سيوا‘ لکيل هو. اسين وڌندي وڌندي لال قلعي
جي ڀت وٽ وڃي پهتاسين. نيٺ هڪ آٽو واري 25 رپين تي
راضي ٿيو. گهڻا اگهه وڌائي ٻڌائيندا رهيا هئا. هن
سلوار قميص جو غور ڪيو. هوٽل وٽ ڇڏيائين ته محمد
عزيز نڪتو.
شام جو وري به ساڳي ڳالهه جن پٿ روڊ. مولانا
ابراهيم قاسميءَ واري مسجد، مغرب جي نماز، رات جي
ماني به ساڳي هوٽل ۾. رات جو جٿي جي وڏي مولويءَ
کان باقي پئسا ملڻ شروع ٿي ويا. اسان کي پهرين
مليل ٽي سؤ ختم ٿيڻ وارا هئا. صبح ساڻ پئسن جي
تقسيم شروع هئي. مون ۽ طارق به رهيل 13 سؤ ورتا.
منهن به بازار ۾ وڃي ڌوتوسين. نئين ۽ پراڻي دليءَ
جي اهم بازارن مان جيڪا شئي هٿ آئي ورتيسين. نيٺ
موٽ وري به جن پٿ روڊ ڏي ٿي. ٻه ٽي ڏينهن هن روڊ
جا صبح شام جو سلام ڪيا هئاسين، اُن ڪري وڻي ويو
هو. نواردات، لباس، بئگن، ڪتابن ۽ انيڪ وٿن جا
دوڪان به ڏسي وائسي چڪا هئاسين. ڪجهه خريداري هتان
به ڪئي سين. اڳتي وڌندا هڪ زير زمين بازار ۾ در وٽ
پهتاسين. اُن در کان سواءِ اڳتي هڪ وڏو ميدان نظر
اچي رهيو هو. در تي پاليڪا بازار (Palika
Bazzar)
لکيل هو. در کان ٻه قدم اندر هڪ ٻيو در هو جيڪو
حفاظت (Security)
جي لحاظ کان هو. پاسن مان خالي جاءِ هئي. آءٌ اُن
مان داخل ٿي رهيو هوس ته ويٺل محافظ مون کي اشارو
ڪيو ۽ موٽي حفاظت واري در مان اندر داخل ٿيس.
بازار ايئرڪنڊيشنڊ هئي. طارق بازار کي ساراهيندو،
نڪ سگريٽ جي دونهن سبب گهنجائيندو هليو. وسيع
بازار هئي. خبر نٿي پئي ته جيترو بازار جي وسيع
شاخن مان اڳتي وينداسين اوترو پنڌ وڌندو ويندو. هن
۾ اليڪٽرانڪس، لباس، بوٽن، ڪئميرائن، واچن،
غاليچن، شالن جا خاص طور شاندار دوڪان هئا. بظاهر
ننڍا پر سامان پُر. مون واچ ورتي. ٽن سَون واري
واچ جو شو هزار جهڙو هو. جڳ جيت سنگهه جي تازن
غزلن جو ڪئسيٽ 60 رپين ۾ مليو. هونئن سهگل ۽ ٻين
پراڻن توڙي وفات ڪيل فنڪارن جا ڪئسيٽ 25 رپين ۾
هئا. لڳو ٿي ته فنڪار پئسا ڊبل ٿو وٺي. طارق بلڪل
شاپنگ نه ڪئي. ٻه ٽي سؤ کن ٻين بازارن ۽ جن پٿ تي
خرچ ڪيا هئاسين ۽ نوَ سؤ ڀارتي رپيا اڃان ٻٽونءَ ۾
هئس (پڙهندا: ٻٽونءَ جي ڳالهه ايندڙ صفحن ۾).
خير پاليڪا بازار ٿڪايو ته موٽياسين. چار پئي ٿيا.
موٽي مخصوص هوٽل ۾ مڪسڊ ويجيٽيبل ۽ ڊوسا ۽ ڌونرو
وغيره کائي هوٽل ۾ اچي سهڙياسين. مون به ڪا سليقي
جي شاپنگ ڪونه ڪئي هئي، بال پينون، ٻه ٽي ڪتاب،
ريڊي ميڊ ڪپڙا ٻارن لاءِ ۽ سوکڙيون. پاڻ لاءِ جيڪا
چڪني جي قميض سؤ رپين ۾ ورتم، اُها فقط سمهڻ وقت
پئسا سجايا ڪرڻ خاطر پائي سگهان ٿو.
23 جولاءِ منجهند جو واپس موٽڻو هو. ڪجهه تياري
ڪجهه پيٽ تي لاڳيتين ڀاڄين جو اثر هو. حالت بري ٿي
ويئي. صبح کان وٺي 11 بجي تائين اثر هو. طارق دوا
وٺي آيو. فرحت ٿي ويئي. منجهند جي ماني به نه پئي
وڻي. يادگار طور ٻه ٽي پئڪيٽ بسڪوٽن جا ورتم،
اُنهن ٽيڪ ڏني. نيٺ ٻي بجي بسون اسٽيشن لاءِ
روانيون ٿيون. مينهن به شروع ٿي ويو. دهليءَ پهتا
هئاسين ته به مينهن هو. جيڪي ڏينهن رهيا هئاسين سي
به جهڙالا هئا ۽ بوند برهه جي بهار پئي وٺي. ڪڏهن
وقفو به هو.
اسٽيشن تي هڪ طرف ٿي بينچ تي ويٺاسين. گاڏي اجهو
ٿي پليٽ فارم تي لڳي اهو آسرو ستين بجي تائين هو.
ريلوي لائين تي ماڻهو ايڏي گندگي ڪن ٿا جو نڪ تي
رومال، ٽشو يا هٿ ٿي رکڻو پيو. اسٽيشن به وڏي
تاريخي ۽ بي شمار پليٽ فارمن تي مشتمل آهي. آءٌ ته
هاڻي ٺيڪ هوس پر طارق منهنجي بئگ ۾ مستقل هٿ ڦٻائي
رکيو. جئن حيدرآباد کان چڙهيو هوس، سنگت جي قرب جو
سلسلو جاري هو. هي دوست طارق ته پنهنجن احساسن جي
باري هيٺ چيلهه چٻي ڪرڻ جو عزم ڪري چڪو هو. مون
کيس چيو به – ته جواب ڏنائين ته لاهور کان
حيدرآباد لاءِ گاڏيءَ ۾ چڙهين ته سِيٽَ تي سِڌي
ڪج. دال ڀت کائي ۽ ٻيو ٿورو خرچ ڪري پئسا کپائڻ جي
ڪوشش ڪيم. سؤ روپيا ۽ ڪجهه ريزگاري بچي پئي.
اٽاريءَ لاءِ رکيم.
گاڏي رات جو نوين بجي اَٽاريءَ لاءِ هلي. منهنجو
برٿ 25 نمبر ۽ طارق جو 26 هو. ٽڪيٽ هٿ ۾ مليا. مون
رکيا. باقي ويجهين جاين تي پٺاڻ هئا ۽ پشتو جا ڊوز
پياريندا هليا. مون کي برٿ تي ننڊ اچي ويئي.
اندازاً اڍائي بجي رات جو سجاڳي ٿي. پوءِ جاڳندو
ساڍي چئين بجي گاڏي اٽاريءَ پهتي. منهنجو خيال هو
ته ڪسٽم وارا اسان جي انتظار ۾ چشم براه هوندا ۽
واٽر ڪولر ڀڃڻ ۽ ٿيلهن ۾ ٽاڪوڙو وجهڻ لاءِ آتا
هوندا. جئن اچڻ وقت هيروئن چرس جي شڪ ۾ ننڍا وڏا
ڇهه خوبصورت واٽر ڪولر هڪ سک آفيسر زمين تي هڻي
ڀڳا. منهنجو خيال آهي ته ڪولرن جي مالڪن مهاڏو
اٽڪايو هوندو. ڇو جو سک ڪسٽم آفيسر جي اکين چڻنگون
پئي ڇڏيون.
خير نمازين کي فرصت وارو وقت ملي ويو هو. خاص طور
مون وارو ساٿي طارق محمود هڪ جماعت سان پڙهي وري
ٻين سان ٿي بيٺو. جئن خيرات وارا يا ڪوڙا ووٽر
ڪندا آهن. اڳوڻو ساڳيو ريڙهيءَ وارو بشن سنگهه
مهتا بيٺو هو. اُن کان چانهه ۽ ٻي اسٽال تان ناشتو
ورتوسين. اسان جي جٿي جو مهندار پنهنجي عملي ۽ ٻين
مولوين سان ناشتي جا ٽفن کولي پيٽ پوٺا ۾ جنبي
ويو. طارق محمود ڏانهن نهاري پيو ۽ چپ پيو چَٽي.
مون محسوس ڪيو ته همراهه بيقرار هو. ڀڙڪو کائي
چيائين: ”هن ڀيري ظفر گوندل به ڪونه پيو نهاري.
مون جواب ڏنو ته اُن جو سبب آهي!
”ڪهڙو“.
”هڪ سنڌيءَ جو ساٿي آهين“. مون جواب ڏنو. وڏو پليٽ
فارم ڌوڏيندڙ ٽهڪ ڏنائين. مون چيو: ”توپ کڻي ڇوڙ
پر نهاريندا ڪونه.“ ناشتو ختم ڪري نائبَ ٽفن ۽
پليٽون ڌوئڻ لاءِ اُٿيا. پيڻ جي پاڻيءَ لاءِ وڏا
ڪولر لڳل هئا ۽ ٿانءُ ڌوئڻ جو به انتظام هو. اٺين
بجي اميگريشن ۽ ڪسٽم وارا پهچي ويا. ڪافي بُوٿَ
ٺهيل هئا. ڦڙ ڦوٽ پئجي ويئي. طارق ٻئي پاسپورٽ کڻي
قطار ۾ لڳي ويو. ڏهين نمبر تي هو. پر وارو ملڻ ۾
ڪلاڪ لڳي ويس. بوٿ ۾ هڪ سک خاتون ۽ هڪ نوجوان
تيزيءَ سان ڪم ۾ مصروف ٿي ويا. بوٿ کان ٻاهر
پاڪستاني زائرين قطار ۾ وچ ۾ گهڙڻ تان پاڻ ۾ وڙهي
رهيا هئا. هڪ دفعي ته ٻه همراهه هٿين پئجي ويا.
طارق کين ڇڏائي وڌو. مزو وڃائي ڇڏيائين. جڏهن سندس
نمبر آيو ته مون کي سڏي قطار ۾ بيهاري ڇڏيائين.
سندس ڀريل فارم ۾ پاسپورٽ نمبر جو هڪ انگ لکجڻ کان
رهجي ويو هو. خاتون آفيسر ڀل پڪڙي ورتي ۽ چيائينس:
ڳالهيون ته وڏيون ٿو ڪرين (ٻه ڀيرا). خير اميگريشن
کان پلئه آجو ڪرائي اچي ڪسٽم وارن جي لاري لڳاسين.
اُتي به قطار ۽ ٽرالين جو قافلو. گهڻي وٺ پڪڙ هئي.
مون وارو گامون سچار دوست ويو هڪ اسٽئنڊ وٽ بيهي
خدا خاطر سک آفيسر کي چوڻ لڳو: ”ڪوبه لين دين ڪونه
ٿيندو. نه هُو ڏيندا نه هي وٺندا.“ بس سک آفيسر ته
هضم ڪري ويو، پر جن وٽ واڌو مال جا ٻوجها ۽ بئگون
هيون تن اچي مون واري دوست کي ورتو. ڌڪ سو ڪونه
هنيائونس باقي مٿس زباني حملا ڏاڍا ڪيائون. هڪ 75
– 80 سالن جو، اڳوڻو دوست به رُسي ويس. چي: تنهنجو
ڇا وڃي؟ وغيره وغيره. هڪڙي نوجوان جنهن ڪلهه تائين
کيس ”حضور حضور“ پئي ڪيو تنهن چيس: ”پهرين پاڻ کي
سڌار پوءِ ٻنهي ملڪن جي عوام کي سڌارڻ جي ڳڻتي
ڪر.“ هي کلڻ ۾ پورو هو. جن وٽ گهڻو سامان هو؛ تن
ڪسٽم ڀري جان ڇڏائي. هڪ جهونو جو رُسي ويو هوس
تنهن 35 هزار رپيا ڪسٽم ڀري رسيد ورتي. مون صلاح
ڏنيمانس ته هاڻي لِڪ نه ته ڳالهه مان ڳالهه مان
گهوڙو ٿيندو!
خير اسان ٻنهي وٽ هڪ ٿيلهو طارق جو ۽ هڪ بئگ ۽
دهليءَ مان ورتل ننڍو منهنجو ٿيلهو هو. نوجوان
آفيسر جڏهن اسان جو سامان ڏٺو ته هٿ سان ٿورو
اٿلائي ۽ بئگون بند ڪندي چوڻ لڳو: ”معاف ڪجو! سڀ
ماڻهو هڪ جهڙا نه هوندا آهن“. اسان به سندس ٿورو
مڃيو ۽ اچي پليٽ فارم تي بيٺاسين ته اچانڪ طارق
چيو ته هتي اڃان اميگريشن ۽ ڪسٽم تي ٽائيم لڳندو.
آرام ڪجي. چانهه جو دور هليو. ڪجهه بسڪوٽ ۽ ٽافيون
وٺي پئسو کپايوسين. بشن سنگهه به اسان جي رويي کي
پسند ڪيو هو، سو اسان ٻنهي کي واکاڻڻ لڳو. مون کيس
چيو: ”هن (طارق) کي ته تون ٿو ساراهين اڄ سڄي دنيا
هن جي دشمن آهي“. بهرحال نوجوان کلي کلي پيو
موڪلائي. حقيقت ۾ بشن سنگهه مهتا جو نالو سندس
ريڙهيءَ تي لکيل هو. اُهو مالڪ هو. اسان هن کي بشن
سنگهه پئي چيو.
ٻين بجي ڌاري واگهه پهتاسين. وري ساڳي اميگريشن
ڪسٽم واري ڊوڙ. خير سان اميگريشن ته ساڳيو وقت
ورتو، پر ڪسٽم واري جئن اسان ٻنهي جو سامان حفاظت
مشين مان لنگهيو ته چيائين ”سائين هلو اوهين گرين
چئنل مان نڪري وڃو.“ واه واه! ڪو پيشانيءَ تي لکيل
هو!! نڪري وياسين. پليٽ فارم کان نڪرون ته ريلوي
اسٽيشن وارو ٽڪيٽ پيو گُهري! ٽڪيٽ ته دهليءَ کان
اٽاريءَ تائين هئا؛ اُهي مون واگهه تي ڦاڙي کڻي
ڦٽا ڪيا. پر مون جيڪي چيو تنهن تي اعتبار ڪيائين.
ٻاهر اچي وياسين. اڃان پٺيان وارن جي چيڪنگ پئي
هلي. خيال هو ته ٻه ڪلاڪ اڃان لڳندا. طارق چيو:
”ريل هلڻ ۾ دير لڳندي هلو ته سامهون خشڪي رستو
آهي. اُتان هلون.“ ويو وڃي پاسپورٽ کڻي ڪليئرنس
وٺي آيو. سامهون ٻنين مان رستو هو. ڪٿي ڪچو ڪٿي
پڪو. خشڪيءَ واري چيڪ پوسٽ نظر آئي پئي. منهنجو
بئگ به کنيائين. ٻنين ۽ انهن سان گڏ ڪن ڳوٺن مان
لڳندا اڍائي ميل پنڌ ڪري وياسين. همراهه ٻن بئگن
جي بار ڪري ٿڪجي پيو هو.
منهنجي چوڻ جي باوجود منهنجي بئگ تي قبضو جاري
رکيائين. هڪڙي گاه واري خالي گاڏي لنگهي. اُن لفٽ
ڏني. گاڏيءَ ۾ گهوڙو ٻڌل هو. اُن همراهه کان به
زراعت بابت اهڙا منجهيل سوال پڇيائين جو وڃي ٿيا
ست خير! پنجين بجي چيڪ پوسٽ تي پهتاسين. نيو خان
ڪمپنيءَ جي بس تيار هئي. مينهن هن ايراضيءَ ۾ به
پيل هو. بوند شروع ٿي ويئي. چاليهن منٽن جي سفر ۾
بوند جاري رهي. روڊ تي اڪثر هنڌن تي پاڻي ۽ گپ
هئي، ڪٿي ڪٿي روڊ ٽٽل به هو. بي آر بي، باٽا پور ۽
ٻيا ننڍا ڳوٺ ۽ گپ ۾ ويٺل مينهون هنڌ هنڌ نظر آيون
پئي. آءٌ لاهور ريلوي اسٽيشن واري اسٽاپ تي لٿس
طارق موڪلايو ۽ پيار مان منهنجي پٺي ٺپريائين. آءٌ
چند قدم هلي پنهنجي ساڳي هوٽل پيراڊائز تي اچي
پهتس. اڌ ڪلاڪ هٿ منهن ڌوئڻ ۽ آرام ڪرڻ ۾ لڳو.
رڪشا ڪري انار ڪلي بازار ويس. ٻارن لاءِ ڪپڙو ۽
ڪجهه ٻيو سامان ورتم. بازار ۾ گهڻي ڀاڱي نئون
ٽائلز جو فرش لڳايو پئي ويو. گهڻي حصي ۾ لڳي به
چڪو هو. ڪلاڪ کن ۾ موٽي آيس. ماني کائي سمهي پيس.
ٿڪ سبب چڱي ننڊ اچي ويئي. صبح جو ناشتي ۽ اخبار
وٺڻ لاءِ نڪتس، وري واپس ڪمري ۾ آرامي ٿيس. ننڍو
ٽرانزسٽر ورتو هئم، اُهو لاهور اسٽيشن تي لڳائي
ڇڏيم. منجهند جو ٻه گراه ماني کائي، بئگ ۽ ننڍو
ٿيلهو کڻي، رڪشا واري کي چيم: سامهون اسٽيشن تي
هل. ڏهن روپين جو اِهو سفر ڪري قليءَ جي حوالي
ٿيس. اُن مخصوص پليٽ فارم تي آندو. هو حيدرآباد ۾
مزوري ڪري چڪو هو. ريل پوري 2 بجي هلي. دوست ٻانڀڻ
مليو. هو بهاولپور ۾ لٿو ۽ آءٌ 26 تاريخ 8:30 تي
صبح جو حيدرآباد پهتس. ٻن ڪلاڪن ۾ ڪوسٽر اچي بدين
لاٿو.
سفر ته خير سان پڄاڻي تي پهتو، پر ڪي ڳالهيون ۽
ٽوٽڪا آهن. اُنهن جو پنهنجو چشڪو ٿئي ٿو. حاضر آهن
سفر جا چند ٽوٽڪا:
1. هن
سفر ۾ منهنجو ساٿي طارق محمود هڪ پڙهيل، قابل ۽
سچار شخص هو. هن جي باري ۾ ڪجهه معاملا بيان ڪري
آيو آهيان. هڪ ڏينهن چيائين ڪمري ۾ گُهٽ آهي.
ورانڊي جي سامهين دري کولي ٿو اچان. ويو سو دري
کولي آيو ۽ دريءَ سامهون پنهنجي ڪمري جو در به
کولي، اڃان مڙيو مس ته ٺڪا ٿيو دريءَ جو شيشو ٽڪرا
ٿي زمين تي ڪريو. هڪدم در بند ڪري کڻي ڪنن تي هٿ
رکيائين. ڏهن منٽن کان پوءِ ڪو شيشي جا ٽڪر گڏ ڪري
رهيو هو ۽ اسين اکين بند ڪري (ڄڻ) ستل هئاسين.
2. گُهٽ
ته نه هئي، پر هو کلي هوا جو خواهشمند هو. 22
تاريخ شاپنگ ڪري موٽياسين ته طارق محمود چيو ته:
”ڪمري ۾ گهُٽ ٿي ٿئيم. وڃان ٿو هِتان هُتان گهمي
اچان.“ مون چيو: ”ڀلي وڃ! منهنجو پيٽرول کُٽي ويو
آهي.“ هُو شام جو موٽيو ته ڪلاڪ اڌ ته خاموش هو.
جڏهن رات جي مانيءَ ۽ مغرب جي نماز لاءِ ٻاهر
نڪتاسين ته چوڻ لڳو: گهڻو اڳتي نڪري ويو هوس.
موٽندي بس ۾ ٻٽون ڪِري پيو. مون چيومانس: ڪِري نه
پيو هوندو. دهليءَ آهي نِڪري ويو هوندو. هُو
هڪڙيءَ تي آءٌ ٻيءَ تي. نيٺ مون چيومانس: ”مون کي
ايندي وقت اٽاريءَ تي تنهنجي پنجاه جي نوٽ واري
ڳالهه ياد آهي. هاڻي سڄو بار مون تي آهي. پرواهه
نه ڪر.“
ٻئي ڏينهن نڪرڻو هو. مون وٽ ايترا پئسا هئا، جو
هتي جو ڪل خرچ ڪري پئي سگهيس. همراهه مشترڪه ميس
جو خرچ پڇيو. ان حساب موجب مٿس پنجاهه رپيا واجب
هئا. ڪجهه پئسا کپيس ٿي، اُن سان ڪل ڏيڍ سو
هندستاني ڪرنسي منهنجي مٿس واجب ٿي. ساڍا ٽي سو
رپيا پاڪستاني پئسن ۾ گهريائين. چوڻ لڳو: ڪل پنج
سو ٿيا. پشاور مان مني آرڊر ڪري موڪليندس. اُهو
هُن هفتي جي اندر ڪيو. (بقول سندس، هُو ٻٽون ٻه ٽي
ڀيرا اڳ به ڪيرائي چڪو هو).
3. جن
پٿ روڊ اسان جي روز جي شڪار گاهه هو. اڪثر فوٽ پاٿ
تي عورتون ڪي شو پيس، ڇُريل ڪپڙا ۽ تصويرن سان
چٽيل ننڍا غاليچا وڪڻي رهيون هيون. طارق اگهه پڇي
۽ هُو پٺيان پئجيو وڃن. هي گُهري پنجن سوَن واري
شي پنجاهه ۾. سودو ته نه ٺهي پر هي همراهه پوءِ
تنقيد جو نشانو بنجي پيو. نيٺ هڪ رومالن وارو ڏيڍ
سوء کان شروع ٿيو، 45 ۾ ڊزن سادا رومال مٿي ۾ هڻي
ويس.
4. هڪڙي
وڏي ڪپڙي جي دوڪان تي وياسين. طارق کي ڪپڙو ته
ڪونه وڻيو، پر مالڪ کان نالو نشان پڇيائين ته
ڳالهه وڃي پشاور شهر ۾ پيئي. مالڪن موهن ملهوترا
پشاور جو نڪتو ۽ طارق پنهنجي ائڊريس حسن ڳڙهي
پشاور ٻڌائي ته من موهن جي اکين ۾ تارا چمڪڻ لڳا.
هن پشاور جي مسلمانن طرفان پناهه ڏيڻ ۽ ٻين
همدردين جو گهڻو بيان ڪيو. من موهن ستر سالن جو
هو. سندن پٽ به موجود هئا. اُنهن کي هنن ڳالهين ۾
ڪا خاص دلچسپي نظر نه پئي آئي. من موهن گهڙي
گهڙيءَ آبديده ٿي پئي ويو.
5. طارق
کي ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن عمارت ۾ اندر گهڙڻ جو ايترو شوق
هو، جو جن پٿ روڊ تي وسيع، خوبصورت ۽ پراڻي انداز
جي عمارت ويسٽرن ڪورٽ (Western
Court)
ڏٺائين ته چوي: نه پهرو نه ڪجهه! ههڙي شاندار ۽
وسيع عمارت – جهڙو وائيٽ هائوس!! مون کي ٻانهن کان
ڇڪيندو اندر گهڙي پيو. گيٽ کان اندر به هڪ طرف
سرسبز لان ۽ گل ته وچ ۾ ميدان هڪ ٻه ڪارون بيٺيون
هيون. هزار ڪارن جي بيشڪ گنجائش هئي. ورانڊي ۾ هڪ
اڌ نوجوان هليو پئي. نوٽيس بورڊ پڙهيوسين ته هاسٽل
نڪتي!!
ويسٽرن ڪورٽ جي پٺيان ملازمن جا ڪوارٽر هڪ وسيع
چوديواريءَ اندر هئا. هڪ ڀيري طارق اُتي ڌوٻياڻيءَ
سان راهه رسم رکي آيو هو. هن ڀيري جو ڪپڙا کڻڻ
لاءِ هليو ته وڃي ڌوٻياڻيءَ جي گهر اندر بيٺاسين.
هُن ذرو به اعتراض نه ڪيو. طارق 14 رپيا ڏنا ۽
ڪپڙا کنيائين.
6. جن
پٿ روڊ جي قريب ئي انڊين هئنڊي ڪرافٽس ائنڊ
انڊسٽريل نمائش هئي. گهڻن منزله شاندار عمارت ۾
وياسين ته هڪ هڪ شئي منفرد ۽ قيمتي هئي. 6 شيشي
جون چوڙيون 3 سوء رپيا. غاليچو چار لڳ ته صوفا سيٽ
ڏيڍ لک. ايئن هر شئي هٿ لائڻ کان پري. مرد عورتون
پنهنجن اسٽالن تي الرٽ! طارق اهو معلوم ڪرڻ ٿي
گهريو ته ڪاريگرن کي محنت جو اجورو ڪيترو ٿو ملي –
پر ڪارڪنن کيس ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو. بهانا ڪري پئي
ٽاريائون. خريداريءَ کان ڳالهه زور هئي. وياسين
حفاظتي گيٽ مان ۽ نڪتاسين به اُن مان – خالي
خالي!!
نوٽ: هنوز
دلي دور است: هن مقولي جي سمجهاڻي هنريت آهي ته
بادشاهه غياث الدين تغلق کي حضرت نظام الدين
اولياء سان خصومت هئي. هُن حضرت ڏي نياپو موڪليو
ته آءٌ فوجي مهم کان موٽي اچان اُن کان اڳ دهلي
ڇڏي وڃ. مريدن کي به ڳڻتي لڳي. دهلي ڇڏڻ لاءِ عرض
ڪرڻ لڳا. حضرت چيو ته هنوز دلي دُور است (اڃان
دهلي دور آهي (بادشاه لاءِ). ٿيو هيئن ته بادشاهه
جي پٽ جونا خان شهر کان ٻاهر بادشاهه جي آجيان
لاءِ جا عمارت ٺهرائي هئي اُها بادشاهه ۽ درٻارين
تان ڪري پئي. خود دلي بادشاهه ۽ درٻارين کان دور
رهجي ويئي. |