سيڪشن: ادب

ڪتاب: زنبيل

باب:

صفحو:25 

اِهي ته منهنجا خواب هئا

سچ پچ ته اهي منهنجا خواب هئا ۽ خاص طور ممبئيءَ لاءِ دلي تمنا هئي ۽ اديبن جي وفد ۾ شامل ٿي، ڀارت ياترا لاءِ ويس.

15 سيپٽمبر 2005ع تي جڏهن ڀارت اُسهڻ لاءِ هڪ ڏينهن اڳ ڪراچيءَ پهتس ۽ رات جو شهريءَ (ڌيءُ) ۽ عمار (ڏوهٽو) جون ڪچهريون ۽ صبح جو ڪراچي هوائي اڏي تان 10-10 تي دهليءَ روانگي ٿي. هوائي جهاز ۾ مون کي مٿئين طبقي ۾ سيٽ ملي. ٻيا امداد، شمشير، شوڪت شورو، تاج بلوچ ۽ ڪي فنڪار هئا. جن مان سجاد يوسف ۽ برڪت ڀٽ سان ذاتي واقفيت ٿي. اڃان ڪلاڪ جي پرواز مڪمل ٿي ته پائلٽ اعلان ڪيو ته دهليءَ ۾ طوفان آهي لهي نه سگهبو، ان ڪري واپس ورڻو پوندو. اسان جا ڪي ساٿي سنڌياڻي ايئر هوسٽيس کي انٽرويو ڏيڻ لاءِ تيار ڪري رهيا هئا. ڪي ٻيڙيءَ جي ٻاڙ سبب بيحال هئا. سڀني جا نشا ٽٽي پيا. جهاز واپس وريو ۽ اچي موٽي ڪراچيءَ لٿو. وري تيل ڀريائون ۽ طوفان ٽرڻ جو اطلاع اچڻ تي وري دهليءَ لاءِ اُڏاڻو.

اندازاً چئين بجي ڀارتي وقت موجب دهليءَ پهتاسين. ايئرپورٽ ۾ اندر ئي هئاسين ته هيرو ٺڪر، هري موٽواڻي ۽ ٻيا ميزبان نظر آيا. پيجارو جي شڪل جون جيپون ۽ بس تيار هئي. هيري چيو ته ڊاڪٽر جيٽلي کي اوهان جو خط مليو آهي. پاڻ ٽنهي جي گڏجاڻي منهنجي گهر ٿيندي. ٻئي ڏينهن صبح ساڻ رابطو ڪرڻ جو چئي، فون نمبر جيٽلي صاحب ۽ پنهنجا ڏيئي موڪلائي ويو.

دهلي ۾ بوندون هيون هوٽل جي ڪانٽينينٽل ۾ لڏو لاٿوسين. آءٌ تاج بلوچ هڪ ڪمري ۾ رهياسين. اسان جي ميزبان سريش ڪيسراڻيءَ جي گهر رات جي ماني هئي. سج لهڻ کان پوءِ اوڏانهن روانا ٿياسين. بوند وسائيندا بنگلي ۾ داخل ٿي وياسين. مينهوڳي ۽ چڪن ٽڪن جا سلسلا هلڻ شروع ٿي ويا. گهڻي وقت کان پوءِ آءٌ اهڙي ڪنهن دعوت ۾ شريڪ ٿيو هوس. جنهن ۾ دؤر پئي هليا. آءٌ پنهنجي حال سارو آرينج جوس ئي پي سگهيس ٿي. اسان جو وفد ڪل 35 ماڻهن تي مشتمل هو. ڪي ريل رستي آيا اُهي هئا: اسحاق سميجو، اياز گل، ادل سومرو، فنڪار مظهر حسين ۽ ذوالفقار علي.

خير سان رات جو مانيءَ ۽ مختم موسيقيءَ جي نشست کان پوءِ واپس آياسين. آءٌ پهرين ڪمري ۾ داخل ٿيس ۽ سمهي پيس، اسر جو سجاڳي ٿي ته، نه تاج هو نه تاج جو سامان. هو منهنجن لڇڻن کان بيزار ٿي چپ چاپ هليو ويو هو.

17 سيپٽمبر جو سج اُڀريو. ٽي ويءَ تي راڳو جو پروگرام پئي هليو. اُن ۾ پنڊت انوپم راءِ جو ڪلاسيڪل راڳ ۽ ٻيا موسيقيءَ جا اسم ٻڌم. اڄ افتتاحي اجلاس دهليءَ جي، شين سينٽر ۾ رٿيل هو. اُن ۾ وڃڻ کان اڳ آءٌ ڊاڪٽر جيٽلي سان ملڻ جو مشتاق هوس. ڪلهه هيري ٺڪر سان ايئر پورٽ تي ملاقات جي پوئواريءَ ۾ ڊاڪٽر جيٽلي ۽ هيري ٺڪر سان فون تي رابطو ڪيم ۽ طئي هيءُ ٿيو ته هيري جي گهر ملون، جيٽلي صاحب به اُتي ايندو. هيري ٺڪر جي گاڏي آئي. مون شوڪت شوري ۽ انعام شيخ کي به صلاح ڪري ٽئي ڄڻا هيري جي گهر پهتاسين. فلئٽ ٽماڙ تي هئي. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي ۽ آنند کيماڻي اڳ موجود هئا. ڏاڍي سِڪَ سان مليا سين. هيرو به پهچي ويو. هڪڙو ٻيو نوجوان شريڪانت به موجود هو جيڪو دهلي يونيورسٽيءَ ۾ پي ايڇ. ڊي ڪري رهيو هو. ”سنڌي ادب جي تاريخ“ جا ٻه جلد ۽ ٻيا ڪتاب جيڪي ڪجهه سالن کان پاڻ وٽ پالي (سانڍي) ويٺو هو سي سڀ جيٽلي صاحب کي ڏنم. مون بار لاٿو، اُن ڪري خوش ٿيس ۽ هو اُهي ڪتاب ٿيلهي ۾ وجهڻ کان اڳ اُٿلائي پٿلائي ڏسي خوش ٿيو. ڪچهري ڳالهيون مهاڙيون ۽ خيالن جي ڏي وٺ اٽڪل ٽي ڪلاڪ هلي. چڪن ٽڪا، پڪوڙا، ماني ۽ جوس جو سلسلو به هليو. رشين سينٽر ڏانهن هلڻ جي شروعات ٿي. هيري ٺڪر واري ڪار ڪيڏانهن ويل هئي. ٻه رڪشائون آيون. هڪ ۾ آءٌ ۽ جيٽلي صاحب ۽ ٻيءَ ۾ شوڪت شورو ۽ انعام شيخ ويٺا. سنهي بوند وسي رهي هئي. رستو چڱو ڊگهو هو. رڪشا ۾ ادبي ۽ ذاتي ڪچهري ڪندا آيا سين. ڊاڪٽر جيٽلي مون کي رشين سينٽر ۾ ڇڏي هليو ويو.

افتتاحي اجلاس جاري هو. اسٽيج تي هڪ مرڪزي وزير، سريش ڪيسواڻي، رام ڄيٺملاڻي ۽ ٻه ٻيا ماڻهو ويٺل هئا. تقريرون جاري هيون. رام ڄيٺملاڻيءَ جي تقرير ماڻهن ۾ وقت بوقت ٽهڪڙا وجهي ڇڏيا. افتتاحي اجلاس کان پوءِ چانهه لاءِ، ٻاهر چانهه واري هال ۾ آياسين. ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻيءَ جي پڇا ڪيم ۽ ڪنهن ساڻس ملايو قلمي ملاقات اڳ ئي هئي اتي ئي ڊاڪٽر ستيش روهڙا. موتي پرڪاش، ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي ۽ ڪن ٻين اديب دوستن سان ملاقات ٿي.

17 سيپٽمبر رات جو وزير اعليٰ دهلي شيلا ڊڪشت جي طرفان وزير اعليٰ هائوس ۾ ڊنر هئي. دهلي شهر هڪ صوبي جي حيثيت رکي ٿو. شيلا ڊڪشت هڪ کان وڌيڪ ڀيرا وزير اعليٰ ٿي آهي. دهلي جيڪو هزار ڏيڍ سالن کان آباد برباد ٿيندو آيو آهي، جلندو وري آباد ٿيندو آيو آهي سو اڄ ترقيءَ جي راهه تي گامزن آهي. آبادي ۽ ٽريفڪ جي لحاط کان به هڪ ڀرپور شهر آهي. باغن ۽ گلن سان به مهڪي رهيو آهي. ميٽرو ٽرين به شهر جي دور دراز حسن کي ڳنڍي وڌو آهي. مون ميترو کي مٿي فلاءِ اوور تان به ويندي ڏٺو پر ٻڌم ته زير زمين به ڪن هنڌن تي سفر ڪري ٿي. جيٽلي صاحب جي اوڀر ڇيڙي تي موجود گهر کي به ميٽرو فائدو ڏنو آهي.

وزير اعليٰ هائوس ۾ حفاظتي دروازي مان لنگهي هال ۾ پهتاسين ماني به تيار هئي. وزير اعليٰ آئي، ڪجهه سنڌي راڳ ٻڌائين ۽ ڊنر اسان جي حوالي ڪري پاڻ هلي ويئي.

اسان جي هوٽل مشهور علائقي قرول باغ ۾ عبدالعزيز روڊ تي هئي. ٻئي ڏينهن انعام شيخ اچي ٻئي پلنگ تي ستو. پوءِ هر شهر ۾ آءٌ انعام هڪ ئي ڪمري ۾ رهندا آياسين. سواءِ هڪ رات جي، جو دهليءَ ۾ تاج وري منهنجي مٿي ۾ لڳو.

18 ۽ 19 تي مقالا پڙهڻ جا سيشن ٿيا. جن ۾ چڱو چهچٽو رهيو. پهرئين سيشن ۾ ڊاڪٽر ستيش روهڙا مقالو پڙهيو. اُن جي صدارت ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻيءَ ڪئي ۽ بحث ۾ حصو وٺڻ وارن ۾ هڪ ڪرشن کٽواڻي هو. چڱو بحث ٿيو.

ٻئي سيشن ۾ منهنجو خاص مقالو هو، مقالي جو عنوان هو: ”پاڪستان ۾ سنڌي زبان ۽ ثقافت جو آئيندو.“ پهرين چيو ويو هو ۽ ان ڪري ڏاڍي شوق سان لکيم. اٽڪل ٻارهن صفحا هئا. اسٽيج تي هن سيشن جي صدارت لاءِ بدين جي ئي هڪ مواليءَ کي وهاريو ويو هو. اڃان مون هڪڙو ئي صفحو پڙهيو هو ته مواليءَ فرمايو:“ هاڻي باقي مختصر زباني ٻڌايو“ ان جي ايتري چوڻ تي حاضرين مان ڪي چپ ته ڪي هن جا همنوا بنجي ويا. مون ”صدر صاحب“ جي حڪم جي پوئواري ڪئي ۽ ٻه اکر سمجهاڻي ڏئي ڪرسيءَ تي وهي رهيس. خاص مقالي جو اجهو اهو حشر ٿيو. مون کي ياد پيو ته وينا شرنگي پنهنجي سفر ناهي ”وايون وڻجارن جون“ ۾ صفحي 171 تي ڪنهن هوائي اڏي تي هڪ انڪوائري آفيسر جي غلط رويي کان خطا ٿي اُن کي گڏهه، ڪتو ۽ سوئر سڏيو ۽ اُن جي باري ۾ سخت لکيو. مون کي اهڙي سخت زبان ڪم آڻڻ جي ڪڏهن ضرورت نه رهي آهي.

 مون هن جي لڇڻن کي پهرين پورو نه پرکيو هو. البت اها خبر هيم ته بدين ۾ نشا واپرائڻ سبب پنهنجن مائٽن جا مالي نقصان ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد هليو ويو هو. آءٌ وڌيڪ تفصيل نٿو ڏيڻ چاهيان، ڇو جو سندس وڏن ۽ عزيزن سان منهنجي خاندان جا پراڻا لاڳاپا هئا ۽ اڄ به آهن، اڃان ڪني مڇيءَ تلاءُ کي ڪنو نه ڪيو آهي. بدين مان ٿي نڪري ويئي.

ٽيون سيشن سوائين ٽين بجي شروع ٿيون، جنهن جو صدر هڪ معمر ماڻهو رام پنجواڻي هو. آءٌ مُنجهي ويس ته هي جو مون ٻڌو هو ته پرويز رام پنجواڻي گذاري ويو آهي، سو غلط هو! نه غلط نه هو. هي ماڻهو ئي ٻيو هو. اسٽيج تي ويهندي ئي تقرير شروع ڪري ڇڏيائين چي آءٌ هيترو قابل منهنجي انگريزي جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي!! منهنجا ٻار هنن هنن ڊگرين وارا!!! وغيره وغيره. ٻه ڀيرا کيس روڪيو ويو. ڪافي وقت ضايع ڪيائين. جڏهن نقاد هيرو شيوڪاڻي خاص مقالو پڙهڻ بيٺو ته اُن سان ساڳي ڪار ڪيائين جيڪا مون سان ٿي هئي. هيري پرواهه ئي نه ڪيس ۽ چيائين ته آءٌ سو مقالو پڙهندس ۽ پڙهيائين. حقيقت ۾ وقت صدر پاڻ وڃائي چڪو هو.

هنن ادبي سيمينارن ۾، ۽ پوءِ ڪافي ڀارتي اديب مليا. اُنهن ۾ ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، ڪرشن راهي، مايا راهي، ڪرشن کٽواڻي، هري موٽواڻي، هيرو ٺڪر، آنند کيماٺي، جڳديش لڇاڻي، لڇمڻ ڪومل، لڇمڻ ڀمڀاڻي، وينا شرنگي، ٽيڪچند مست، ٺاڪرچاولا، ڀاروچاولا ڊاڪٽر ستيش روهڙا ۽ ٻيا.

19 سيپٽمبر تي به سيمينار ٿيا. ڊاڪٽر موتي پرڪاش انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ تي تفصيل سان ۽ سٺي انداز سان ڳالهايو. سڄي تاريخ بيان ڪيائين. مستقبل ۾ ڇا ڪجي اُن تي بحث ٿيو. مون کي موتي  پرڪاش ۽ هيري ٺڪر جي ڳالهائڻ ۽ انداز گفتگو ۾ تنوير عباسي نظر آيو. وري وري پئي سندس تصوير اکين ۾ ڦري.

ساڌو واسواڻي اسڪول ۾ وياسين ۽ انيلا سندر جو پيش ڪيل بيلي ڊانس ڏٺوسين، رام ڄيٺملاڻيءَ شاندار ڊنر ڏني. اُن ۾ لالو پرشاد به آيو، سٺي محفل رهي.

دهليءَ ۾ ٽي ڏينهن رهڻ کان پوءِ 19 ۽ 20 جي رات اٽڪل 11 بجي ڊيلڪس بس ۾ لکنؤ روانگي ٿي. سک ڊرائيور هو. اڳتي هر شهر ۾ نئين رنگ جو پٽڪو ٿي پهريائين. دهليءَ جي رهائش واري هوٽل ۾ باقي سامان امانت رکيوسين، رڳو ضرورت وارو ٿيلهو پاڻ سان کنيوسين. لکنو، ڪانپور ۽ آگري کان وري دهليءَ موٽڻو هو ۽ پوءِ هوائي جهاز رستي ڏکڻ ڀارت ڏي اُسهڻو هو. بس هلندي رهي ۽ ذهن ماضيءَ جي جهروڪن مان ڪجهه نظارا پسائي رهيو هو. ڪڏهن ڊاڪٽر احمد علي آرائينءَ سان گڏ حيدرآباد ۾ ڏٺل فلمون پئي ذهن ۾ آيون. ڪڏهن اُنهن بابت آرائينءَ سان نوڪ جهونڪ جاري هئي.

ڪجهه ننڊ ڪجهه جاڳ، روڊ تي ڪو ڊاٻو هو. اُتي ڌابو ٿي چيائون. هڪ هوٽل هئي. هڪ پاسي جنريٽر هلي رهيو هو ۽ مڪڙين جو راڄ هو. اُن واش روم کان ڀڄي ٻئي پاسي ويس اُت نه رڳو صفائي هئي، پر واش روم ۽ پيٽرول پمپ آباد هو. ادل ۽ اياز گل سان گڏ چانهه جو ڪوپ پي وري اچي بس ۾ ويٺس. جئن لکنؤ کي ويجها پيا وڃون ته روڊ جو معيار گهٽبو ويو ۽ ڀولڙن جي آبادي وڌيڪ نظر اچڻ لڳي. وڻن تي ۽ ڪمپائونڊ والس تي ڀولڙن جو راڄ هو. لکنؤ جي حدن ۾ داخل ٿيون تنهن کان اڳ ميزبان پنهنجن ڪارن ۾ آجيان لاءِ بيٺل نظر آيا. وڏي ڌام ڌوم سان اسان کي باغن ۽ خوبصورت عمارتن جي وچ مان روڊ طئي ڪرائيندا شِوَ آشرم تائين وٺي ويا. سڄو ڪامپليڪس مندر هال، مهمان خاني تي مشتمل هو ۽ هال ۾ ڀڄن ڀاءُ جاري هو. اسان کي مٺائي ڏنائون ۽ هٿ منهن ڌوئي وڻندڙ صبح جو هال ۾ اسٽيج تي آڻي وهاريائون. خاص مهمان هڪ بزرگ به اچي اسان سان اسٽيج تي ويٺو. اسٽيج به وڏو هو. هڪ عمر رسيده ڀڄن ڳائڻ وارو جڏهن اچي منهنجي ڀرسان ويٺو. مون پڇيو ته توهين ڪٿي جا آهيو ته چيائين آءٌ تلهار جو آهيان. مون به پنهنجي واقفيت ڪرائي. ٻئي ڳوٺائي!! کيس ٻڌايم ته تلهار هاڻي تعلقه هيڊ ڪوارٽر آهي ۽ بدين ضلعي ۾ آهي. هي پهريون شخص هو جو بدين ضلعي جو مليو. ڪافي ڀڄن ڳاتا ويا ۽ مانيءَ کان پوءِ تحفا به مليا ۽ شام جو ڪانپور روانگي ٿي. اٽڪل رات جو اٺين بجي پهتاسين. هوٽل ۾ نالو لکائي، ڪمري ۾ پير پائي، راڳ جي پروگرام لاءِ هڪ ويجهي سئنيما ۾ آياسين. راڳ وارا به اسان جا پنهنجا آندل هئا، سجاد يوسف، برڪت علي، صادق فقير، ڪنول ڀينرون ۽ ذوالفقار مظهر. ڀارت جي خاتون فنڪار شروع کان اسان جي همسفر هئي اُما لالا سڄي سفر ۾ ساٿ ڏنائين. موسيقيءَ جا ائٽم خوبصورتيءَ سان پيش ڪندي رهي ۽ اهڙي ئي خوبصورت سندس شخصيت توڙي سهڻو رويو. فنڪار اهڙا هجن. هونئن نالو وڏو شهر سڃو به ڪٿي نظر آيو. رات جو هوٽل ۾ ڪمري تي پهتس ته چيائون اوهين اڪيلا آهيو، اوهان جي ڪمري کي ڀري ٿا ڇڏيون. مون پڇيو ڇا ڏهاڪو کن ماڻهو ٿا موڪليو؟ جواب مليو فقط ٻه! اُهي هئا منهنجا نوجوان فنڪار دوست مظهر ۽ ذوالفقار، آءٌ خوش ٿيس. اُستاد بيبي خان جا پوٽا. هڪڙي زمين تي بسترو وڇايو ۽ ٻيو پلنگ تي بالم ٿي ليٽي پيو. ڪجهه دير پئي ڳالهايوسين نيٺ ننڊ پنهنجي هنج ۾ وٺي لوليون ڏنيون تان جو اسر ٿي ويو. تيار ٿياسين ۽ ناشتي کان پوءِ بس آگري لاءِ تيار هئي. اها هئي ڪانپور جي هڪ رات!

آگري هلون اُن کان اڳ هڪ نظر ٽنڊي باگي ڏانهن ته ورائي ڏسون. مير باگي جي محبت جو مڪان! شهنشاهه شاهه جهان جي محبت سان ڀيٽي ڏسون. اهي خيال پئي بس ۾ ويٺي ذهن ۾ چريا. جڏهن ڏهين ڌاري صبح جو بس هلي. آءٌ ٽيون عشق جو داستان به هنن ٻن سان ڀيٽي رهيو هوس اُهو هو ڊيوڪ آف ونڊسر جو عشق خاطر برطانيه جو تخت ڇڏڻ. جڏهن سلطنت برطانيه جي هٿ هيٺ آيل ملڪن تان سج لهندو ئي نه هو. ماڻهو ڍڪ منشيءَ يا ڪلارڪ واري نوڪري به نٿا ڇڏين تڏهن هي بادشاهه تخت تان هيٺ لهي آيو!

آءٌ 1988ع ۾ جڏهن لنڊن ۾ پنهنجي سردار نواب صاحب (ڄام صادق علي) وٽ رهيل هوس ۽ ڪتابWindsor Story  وٺي آيس ته چيائين نه پڙهجين، جي پڙهندين ته خبر پوندئين ته جنهن مسز سميسن خاطر تخت ڇڏيائين تنهن پئرس ۾ ساڻس ڪيتري وفا ڪئي! پوءِ واپس وطن اچي مون سفر نامو، ونڊ سر محل جو مسافر، لکيو. اُن ۾ سڄي ڳالهه ڪيم. سچ چيو اٿن: اي نيرا آسمان شابس اٿئي (حقيقت ۾ چيو اٿن تفو به تو اي چرخ گردون).

هيڏانهن مير باگي خان، فاتح ميرن کان بادشاهت ۾ حصو نه ورتو، فقط سونهن راڻي سنيتيءَ جي ٻانهن گهري ۽ جاگير ڏنائونس. هاڻي واري ٽنڊي باگي کي اچي آباد ڪيائين. باگو واهه کوٽيو ويو ۽ زمينون آباد ٿيون، پر سُنيتي سنڌ راڻي جلد گذاري ويئي. ٽنڊي باگي ۾ 1950ع ڌاري آءٌ به پڙهيو آهيان ۽ باگي واهه ۾ وهنجڻ ويندو هوس.

انهن ٻن داستانن کان يادگار جي لحاظ کان شاهجهان جو داستان اُتاهون آهي جو هڪ شهنشاهه تاج محل ٺهرائي ڄڻ غريبن جي محبت جو مذاق اُڏايو هو. غريبن جي بي پهچي ڏسڻ وٽان آهي. جي ڪنهن هڪ ۾ به تاج محل جوڙائڻ جي پهچ هجي ها ته ڪيئن ٿا ڀانيو؟ هن عالمي عجوبي سان گڏ تاج محلن جو قطارون هنڌ هنڌ هجن ها.

آگري ۾ لٿاسين ته ڦٽاڪن ۽ دهل شرنائين سان آجيان ٿي. آءٌ ڦٽاڪن کان پاڻ بچائڻ ۾ پورو هوس. ڌماڪن کان خائف رهندو آهيان. ننڍي هوندي جي ٻي ڳالهه آهي. شايد هي به ڪو مندر هو پر اسان کي هڪ وڏي هال ۾ آندائون ۽ تقريرون ٿيون. جلد ئي امر هوٽل ڏانهن بس هلي. هتان امر هوٽل جو مفاصلو چڱو ڊگهو ٿي لڳو. نسبتاً مٿاهينءَ تي هئي. رات جي مانيءَ کان پوءِ سمهي پياسين. صبح جو ناشتي وغيره کان واندا ٿي تاج محل جي ديدار لاءِ روانا ٿياسين. تاج محل ويجهو ئي هو. وڻن جي قطارن رستي تي پهرو پئي ڏنو. جڏهن ويجها آياسين ته انهن گاڏين مان لهي بنا دونهن جي گاڏين (ويگنن) ۾ کنيائون جي بئٽري تي هليون ٿي. گيٽ تي لٿاسين ته سخت حفاظتي انتظام نظر آيا. منهنجا هٿ خالي هئا. نه ڪئميرا نه موبائل نه لائٽر! جن وٽ هئا، اُنهن اُهي رکي رسيدون ورتيون. ڪئميرائون کڻڻ ڏنائون. منهنجا فوٽو دوستن پئي ڪڍيا، اُنهن ۾ اياز گل ۽ ادل سومرو اڳرا هئا. پيار ۾ به اڳرا!! تاج محل منهنجي اڳيان هو. ستن عجوبن مان آءٌ ٻئي عجوبي جي ايوان ۾ بيٺو هوس. عظيم ديوار چين جو ديدار 1966ع ۾ نصيب ٿيو هو. تاج محل ڇا هو، محبت ۽ وفا جو هڪ مثال هو. اهو خيال اينديئي ڪن محبت ۽ وفا جي پتلين جون سهڻيون صورتون ۽ بيمثال سيرتون اکين اڳيان ڦري ويم. هيڪر ته قدم زمين ۾ ڄمي ويا. تاج محل بابت ڇا ٻڌايان؟ هر ڪو ڄاڻي ٿو. تاج جي تصوير ئي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏي ٿي. البت راڻي ممتاز محل ۽ بادشاهه شاهجهان جي محبت جو داستان ڪن راوين ڏي نظر ڪرڻ لاءِ اشارا ڪري ٿو. عورت جنهن لاءِ اڪابرن ۽ اديبن گهڻو ئي ڪجهه چيو آهي. اُن جي ڪردار ۽ حسن سلوڪ توڙي محبت بابت ڪتاب ڀريا پيا آهن. آءٌ فقط پنهنجي تجربي ۽ بساط آهر ٻه لفظ چئي سگهان ٿو. منهنجي نظرن ۾ به ڪن وفا جي پتلين ۽ عام عورتن جون تصويرون ماضيءَ ۾ گهمي گهمي وقتي طور الوپ ٿي ويون پر جي ياد ڪريان ٿو ته ڪي تصويرون اڄ به اکين اڳيان آهن.

تاج محل جي حفاظتي گيٽ مان اندر داخل ٿيڻ سان هڪ وڏو ايوان هو. گلن ڦلن ۽ چشمي کان اڳتي تاج محل جي عظيم عمارت هئي جنهن جي ٻن طرفن کان مسجد ۽ ٻيو مقبرو محافظ طور موجود هو. اڳيان به هيٺين سطح کان ٻه طرفين ڏاڪيڻن مان هڪ جي ذريعي چڙهي مٿي ٿيس ته تاج اڃان به مٿين سطح تي هو. پري کان ديدار به گهٽ جلويدار نه هو پر هت اچي ڏٺم ته جيڏانهن ڪريان پرک ته سڄڻ سامهون هو. منهنجي قسمت ۾ ڪو هتي اچڻ لکيل هو نه ته ٻيو ڪجهه سمجهه ۾ ڪونه ٿي آيو.

سبحان الله! اندر وڃي زيارت کان پوءِ آءٌ جلد ٻاهر نڪري آيس ۽ تاج جي اوڀر طرف نڪري، اُترئين ڇيڙي تي وڃي جمنا نديءَ جو نظارو ڪيم. اُتان آگري جو قلعو نظر آيو پئي جتان شاهجهان، تاج محل جو هڪ دريءَ مان نظارو ڪندو هو ڄڻ ممتاز محل کي ٿي ڏٺائين. هي دلين جون ڳالهيون آهن. اکيون اُهي جي قبر ۾ ستل کي ڏسي سگهن.

تاج محل جي حدن ۾ وڌيڪ وقت رهڻ مون لاءِ مشڪل هو. مون تي هن روماني داستان جي دهشت جو هڪ ٻيو پهلو به هو جنهن موجب اورنگزيب پنهنجي پيءُ (شاهجهان) کي معزول ڪري قيد ڪيو هو ۽ اُتي ناشتي جي خومچي جي صورت ۾ پنهنجي ڀاءُ دارا جو قلم ڪيل سر ڏياري موڪليو هو. مؤرخ منوشيءَ هي داستان قلم بند ڪيو هو. شاهجهان جي پيار ۽ تاج محل کان پوءِ هي بيوسيءَ جو عبرت انگيز انجام هميشہ منهنجي دل تي اثر ڪندو رهيو آهي.

آءٌ ٻين ساٿين کان هونئن ئي جدا ٿي چڪو هوس. تڪڙو تڪڙو واپس ٿيس ۽ سائيڪل رڪشا ڪري اچي امر هوٽل پهتس. هوٽل جي راتوڪي ڊنر ۽ تحفن واري تقريب اڃان ذهن ۾ هُري رهي هئي. پياڪن جي پوري پر گهور لڌائون. لنچ کان پوءِ ساڳي ڊيلڪس ڪوچ ذريعي دهليءَ ڏانهن واپسي هئي ابتدا ۾ روڊ سٺو هو. وڻن جي قطارن ۽ گلن سان سينگاريل هو. فقط ڪن هنڌن تي سوڙهو هو ۽ ننڍن شهرن مان لنگهڻ وقت نيو سعيد آباد ۽ ڀان سيد آباد وانگر لڳو. (هاڻي ٺهيل باءِ پاسن کان معذرت سان). دهلي پهچي وري ساڳي هوٽل جي حوالي ٿياسين. امانت طور رکيل سامان مان منهنجو هڪڙو ڪتابن سان ڀريل ٿيهلو ڀل ۾ ڪو ٻيو ساٿي کڻي ويو هو سو ٻئي ڏينهن لڌو.

ٻئي ڏينهن هوائي جهاز وسيلي حيدرآباد دکن روانگي ٿي. اٽڪل سوا ڪلاڪ لڳو. انڊين ايئر لائين وارا وشنو وغيره جي پڇا ڪندا لنچ ڏيندا ويا. ادل سومري چيو گوشت ته گهر پيا کائون، آءٌ هت وشنو ٿو بنجي وڃان. ڀاڄين جو ذائقو چکندس. آهيان ته آءٌ به پنج ڏينهن وشنوءِ ٻه ڏينهن گوشت خور پر گوشت واري لنچ وغيره وٺندو رهيس.

حيدرآباد جو ايئرپورٽ به خوبصورت هو ميزبان موجود هئا. ٽورسٽ کاتي جي هڪ منفرد بس آندي هئائون. باڊي ۽ سيٽون عام بسن کان مختلف! اندر ٻاهر تصويرن ۽ پتلين سان سينگاريل هئي ۽ رنگ به چٽا ۽ وڻندڙ هئا. ميزبانن ۾ هڪ موٽيل عمر جو شخص هو پر قد ۾ ڊگهو ۽ سمارٽ هو. نالو شيام پئي ورتائونس. بس ۾ اڳيان بيهي ماڳ مڪان سمجهائيندو هليو. سڌو هڪ ڍنڍ تي وڃي بس بيٺي. هيءَ هن کان اڳ واري وزير اعليٰ چندر بابو نائيڊو جي دور ۾ ٺهي. اٽڪل 11 ڪلو ميٽر ڊگهي هئي ۽ شهر جو اولهه ڏکڻ وارو ڀاڱو والاري بيٺي هئي. وچ ۾ هڪ ننڍو ٻيٽ ٺهيل هو جنهن تي فقط مهاتما ٻڌ جو آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ پتلو هو ۽ پاسن کان ٿوري ڇٻر ۽ گل هئا. جنهن ٻيڙيءَ ۾ اُت وياسين اُن ۾ ڳيچ به ڳايا ويا ۽ ڪون آئسڪريم سان مهمانن جو سواگت به ٿيندو رهيو. شيام خوب برجستگيءَ سان مهمانن جي رهنمائي ڪئي ۽ پيار ڏنو سڪندر آباد ۾ حيدرآباد ائين آهن جئن ٽنڊو ولي محمد ۽ هيرآباد (حيدرآباد) اُسراڻي هوٽل ۾ وڃي لٿاسين. خبر ناهي هيءَ هوٽل اُسراڻي اداڪار جي هئي يا ڪنهن ٻئي سنڌيءَ جي هئي. حيدرآباد دکن جي مصنوعي ڍنڍ ئي ڍؤ ڪرائي ڇڏيو پر سڪندر آباد ۽ حيدرآباد ۾ ٻيو به گهڻو هو. چار مينار، مسلمانن جا محلا ۽ ٻيون جايون ڏٺيون سين. ٻئي ڏينهن لنچ هڪ هوٽل ۾ ڪئي سين جنهن جو نالو باٽلي چمني هو. ٻن سيٺين جي نالن پٺيان هئي. اندر ڊسڪو موسيقيءَ جي ڌم ڌم جي شور ۾ لنچ آئي. ڪنن ۾ آڱريون وڌيون سين. لنچ سٺي هئي، کائي ٻاهر آياسين. اُتي ئي هڪ فلاءِ اوور جي هيٺان مشڪل سان رستو پار ڪري ٻئي طرف بيٺل بس ۾ اچي ويٺاسين.

رات جو ڊنر ٿي، چار مينار جو ماڊل تحفي ۾ مليو. آگري ۾ تاج محل جو ماڊل تحفي ۾ مليو هو. حيدرآباد دکن به باغن ۽ گلن سان مُزين هو.

24 سيپٽمبر بنگلور ڏانهن اُڏام ٿي اٽڪل ڪلاڪ لڳو. حيدرآباد کان به ڏکڻ تي آهي. باغن جو شهر سڏجي ٿو. هوائي اڏي کان سڌو سنڌين جي قائم ڪيل اسڪول ڏانهن وٺي هليا. بنگلور وڏو صنعتي مرڪز آهي. اسڪول ۽ ڪاليج سنڌين جا قائم ڪيل آهن. داخلا سڀني شاگردن لاءِ کليل آهي. سنڌين اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ کلي دل سان داخلا ڏيڻ سان گڏ پنهنجن ڪارخانن ۽ صنعتي ادارن ۾ به غير سنڌين کي نوڪريون ڏنيون آهن. ايئن ڪرڻ سان هنن ٻين جون دليون به پاڻ ڏانهن ڪيون آهن.

بنگلور، گلن، وڻن ٽڻن ۽ باغن بستانن جو شهر هجڻ سان گڏ هڪ وڏو صنعتي مرڪز به آهي. عمارتون، ڪارخانا ۽ تفريح گاهه بيمثال. هڪڙيون عمارتون نيون ۽ ٻيون پراڻي طرز جون هيون. اسان جي ميزبانن وسان ڪونه گهٽايو هو، پر هڪ ڏينهن ۾ سڀ ڪجهه ڏسي نٿو سگهجي. وڌيڪ مدد بر وشر ۽ ٻئي مليل مواد مان ملي. عمارتن ۾ وڌان سڀا (صوبائي اسيمبلي) جي عمارت هڪ وسيع ۽ شاندار عمارت هئي. هن جي اڏاوت نئين دراوڙي طرز تي آهي. بنگلور محل به هڪ قديم ۽ خوبصورت عمارت آهي جا ميسور جي حاڪمن تعمير ڪرائي. هيءَ ونڊسر محل جي طرز تي آهي.

رات جو هڪ آڊيٽوريم ۾ آجياڻو رکيل هو. جنهن جو مهمان خاص ڪرنا ٽڪا جو گورنر هو. اسان جي گروپ اڳواڻ قمر شهباز مون کي گورنر کي اجرڪ پارائڻ لاءِ چيو. اُها پارائڻ کان پوءِ آءٌ اچي پنهنجي سيٽ تي ويٺس ته ٿوري دير ۾ هڪ بزرگ سڌو مون ڏي آيو ۽ پڇيائين: مالڪ هيءَ سيٽ خالي آهي. سيٽ خالي هئي مون کيس چيو اچي ويهو. نوي سالن جو پئي لڳو ۽ ٻوڙو هو. ايتري ۾ هڪ پوڙهي مائي به اندر آئي ۽ اُن کي ساڻس آيل مددگار ٻي سيٽ تي وهاريو. اڳ ويٺل بزرگ جي بت ۾ ڪرنٽ لڳي ويو. هن مائيءَ کان پڇڻ لڳو: سائين! هت ڪجهه ٻڌڻ ۾ نٿو اچيم، اسٽيج جي ويجهو ويهان؟ مائي جنهن جا وار به گهڻي ڀاڱي کٿل هئا تنهن کيس سختيءَ سان روڪيو. ويچارو منهن ڀلڪڙو ڪري مون کي چوڻ لڳو: ”جيون ساٿي آهي مون کان ننڍي آهي. جئن چوندي آهي تئن ڪندو آهيان.“. مون کي ماٺ وٺي ويئي.

انيڪ اهم عمارتن ۾ ماڳن مان هڪ لال باغ به آهي، جيڪو ڀارت جو هڪ خوبصورت نباتاتي مرڪز آهي. هن جي تعمير سلطان حيدر عليءَ هٿان 1740ع ۾ ٿي. هي باغ 240 ايڪڙن تي پکڙيل آهي. وڏن لاءِ ٻه رپيا داخلا في مقرر آهي، پر 12 سالن کان ننڍن ٻارن لاءِ داخلا مفت آهي. ٻيا باغ ۽ ڍنڍون به آهن. انهن ۾ اندرا گانڌي ميوزيڪل ڦوهارو به آهي. پلينيٽيريم ۽ ميوزيم انهيءَ کان سواءِ آهن. ڪرناٽڪا جو قديم ڪلچر مختلف مورٽن ۾ نمايان آهي. مندر اُن ۾ اهم اضافو ڪن ٿا. دنيا جو ٻيو نمبر اوچو گنبذ گول گنبذ ۽ ميسور محل، ڪرنا ٽڪا جو حسن وڌائين ٿا.

ساڙيون ۽ سلڪ هتان جي مشهور صنعت آهي. ساڙين جا نمونا ڪرنا ٽڪا کي ڀارت ته ڇا پر دنيا ۾ متعارف ڪرائين ٿا. ڪا معمولي صورت واري عورت ساڙهي ڍڪي اڳيان اچي بيهي ته ڏندين آڱريون اچي وڃن. سياح بنگلور جي بهرين هوٽل ۾ رهڻ بدران معمولي هوٽل ۾ رهي به ان بچت مان ساڙهي خريد ڪرڻ پسند ڪن ٿا. هيوي انڊسٽريءَ ۾ ڪارن کان وٺي ٽرڪ ۽ ٽريڪٽر ٺهن ٿا. پاڪستان کان ڪارون ۽ بسون گهڻو سستيون آهن.

25 تاريخ بمبئي (ممبئي) لاءِ اُڏام هئي. 9:45 تي جهاز اُڏاڻو. ڪلاڪ ويهن منٽن ۾ ممبئي هوائي اڏي تي لٿو. اڏي جو نالو هاڻي ڇترپتي شيواجي رکيو ويو آهي. شيواجيءَ جا پوئلڳ اڃان تائين مسلمانن سان لڙندا اچن. هوائي اڏي جي آڌر ڀاءُ کان پوءِ پنجن پيجارن ۾ سڌا ”سيتا سنڌو ڀوَن“ ۾ آندائون جتي سڄي عمارت اڳ ئي ماڻهن سان ڀريل هئي. ڀڄن ڀاءُ به جاري هو. پارو چاولا ۽ هڪ نوجوان فنڪاره سرن جي ورکا ڪري رهي هئي. دال چاندر تيار ٿي رهيا هئا. اديب دوستن سان ملڻ جو سلسلو جاري هو. ڪنهن چيو. او هوءَ سندري ويٺي آهي. آءٌ به ٽپ ڏيئي ڪرسيءَ تان اُٿيس ۽ وڃي سندريءَ سان هٿ ملايم. مون سندريءَ جا ٻئي هٿ پنهنجي هٿن ۾ ايئن ورتا ڄن اُتم جا هٿ به هٿن ۾ اچي ويا. ڳائڻ جو پروگرام هلي رهيو هو. هيٺئين فلور تي اسڪرين تي پئي هليو. آءٌ هيٺ اچي ڪرسيءَ تي اَهلي پيس ننڊ پئي آئي. راڳ مزو نه ڏنو. ماني هلي اُن کان اڳ ٻاهر نڪري گيٽ وٽ آيس. ماني نه کاڌم. ايئن پئي لڳو ته اجهو ٿو راجڪپور روڊ تان لنگهي. اجهو ٿو مڌوبالا کي ڏسان. اجهو ڪنن ۾ طلعت محمود جو آواز وڄي. پر ڪجهه ڪونه هو. اُهي ابدر ننڊ ۾ هئا. گهٽي حيدرآباد جهڙي لڳي. ممبئيءَ ۾ ڪن دوستن چيو ڄڻ ڪراچيءَ ۾ آهيون. اُهو شايد اُن ڪري ته ٻنهي شهرن جي گهڻين عمارتن جي تعمير انگريزن هڪجهڙي ڪرائي.

3:30 بجي روز وُڊ (Rose Wood) هوٽل ۾ اچي سهڙياسين. ڪمري ۾ اچڻ سان انعام چيو چانهه پيون. چانهه کان پوءِ اڃان بستري تي ليٽياسين مس ته نند جويري آيو ۽ ڪچهري شروع ٿي ويئي. هن پهرين ڀارت اچڻ وارن ڏينهن جي بدحاليءَ ۽ پنهنجي هاڻوڪي خوشحاليءَ جو به ذڪر ڪيو ۽ ادبي گفتگو به رهي. نند قداور، گفتي جو پڪو، لفظن کي ڄٻڻ، لڪائڻ ۽ منجهڻ کان سواءِ ادا ڪرڻ وارو. وڏي ڳالهه ته پيارو دوست. ائين لڳو ته هيءَ ڪا غائبانه ادبي سڃاڻ نه هئي، پر ڪا پراڻي ذاتي دوستي هئي. نند جو پيار هميشہ ياد رهندو.

شام جو بمبئي گهمائڻ لاءِ وٺي ويا. رات جو فنڪشن هو. فلاءِ اوورن تان سفر ڪندي هڪ وسيع آڊيٽوريم ۾ آياسين. گهنشام ۽ اسان جي ساٿي فنڪارن ڳايو. اُن کان پوءِ اوارڊ ڏنا ويا. ايم ڪمل ۽ سندريءَ کي اوارڊ ۽ چيڪ ڏنا ويا. منهنجي ڀرسان ڪي ماءُ ڌيءَ يا سس ننهن ڪڏهن سنڌي ته ڪڏهن هنديءَ ۾ ڳالهائي رهيون هيون. فنڪشن ۾ وڏي عمر جا ماڻهو گهڻا هئا. جن کي سنڌ جون يادگيريون هيون. نئين ٽهي توڙي سٺ کان گهٽ عمر وارن به سنڌ ڏٺي ئي نه هئي. هن فنڪشن ۾ سڄي رات جاڳياسين. هڪ بجي کان پوءِ هڪ ننڍڙي هوٽل تي ماني کائڻ لاءِ آياسين. تاج بلوچ شرارت ڪري شراب جي بوتل منهنجي اڳيان ميز تي رکي، اڃان فوٽو ڪڍڻ جي تياري مس ڪئي ته مون ڏسي ورتو ۽ بوتل هٽائي ڇڏيم. مانيءَ کان پوءِ ننڊ نه آئي ۽ هوٽل مان صبح ساڻ هوائي اڏي لاءِ روانا ٿياسين. اسان جي منزل هاڻي احمد آباد هئي.

احمد آباد ڏانهن شايد منو ڪلاڪ لڳو. هوٽل رائل هاءِ نيس ۾ رهائش هئي. هتي ميزبان گوبند خوشحالاڻي ۽ ديپ هئا. ڪلاڌر ۽ گهنشام ساگر سان به ملاقات ٿي. ڪلاڌر ٻنيءَ جو نوجوان ليکڪ آهي. گهڻو ويجهو رهيو. ٻنيءَ جي سنڌي ڳوٽن جا احوال ڪيائين. ٻنيءَ وارو علائقو ڪڇ ۾ آهي. شايد اُهو ئي جنهن کي حضرت آدم عليہ السلام جي ٻني سڏجي ٿو. ڪڇ ۽ راجسٿان ۾ بيشمار سنڌي مسلمان آباد آهن.

28 تي احمد آباد ۾ ڀرپور پروگرام رهيو. رات جو ٽائون هال ۾ تعارفي ۽ راڳ رهاڻ جو پروگرام رهيو. احمد آباد سان گڏ گاديءَ واري شهر گانڌي نگر کان ٿيندي سردار نگر ۽ ٻين وسندين کي ڏٺوسين. مشاعرو ٿيو عام خلق اُتي ئي ماني کاڌي اسان کي هڪ نئون زير تعمير سماجي ڪامپليڪس ڏيکارڻ لاءِ وٺي ويا. اتي رڳو جوس سان آڌر ڀاءُ ڪيائون ۽ موٽياسين. واپسيءَ ۾ لنچ لاءِ ايندي مون کي ۽ مظهر حسين کي سريش ڪيسواڻيءَ سان گڏ هڪ سيٺ جي ڪار ۾ جاءِ ملي. سيٺ لکن جون ڳالهيون ائين اُڪلائيندو هليو ڄڻ سؤ ٻن جي ڳالهه ڪندو هجي مثال طور ”اٺ لک کٽا هئا ته آءٌ پورت ڪري وٺان ها، مون کي چون ها.“

ڊاڪٽر بلوچ صاحب مون کي مظفر شاهه جي قبر جو فوٽو ڪڍي اچڻ ۽ ڪن ٻين ڪمن جو چيو هو پر اُنهن جو موقعو نه مليو. البت احمد آباد جي مرڪز کان اٽڪل اٺ ڪلو ميٽر پري سرکيج روضه ڏانهن وٺي هليا. جتي سلطان محمود بيگڙي جو مقبرو ۽ احمد شاهه جو مقبرو آهي. ٻنهي مقبرن جي وچ تي ايوان آهي. اسان ٻئي مقبرا ڏٺا ۽ ٻاهر نڪري آياسين. پر هنن سان بلڪل متصل هڪ قديم ڪامپليڪس آهي. هڪ بروشر ڏنائون، جنهن موجب سرکيج گليءَ جي پئداوار سبب مشهور رهيو آهي. منهنجو خيال آهي ته لفظ سرکيج زرخيز جي بگڙيل صورت ٿي سگهي ٿي. روضو هڪ منفرد عمارت آهي. هن جي بناوت عربي، هندو ۽ جين روايتن موجب ٿيل آهي. شيخ احمد کَٽُو سرکيج ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو. احمد آباد جي تعمير ۾ هن جون دعائون شامل آهن. احمد آباد جو باني سلطان احمد شاهه هو. شيخ احمد کٽوءَ ڍنڍ جي کوٽائي ۽ تعمير شروع ڪرائي جا سلطان محمود بيگڙه مڪمل ڪئي. بيگڙي جو مقبرو به وڏن پٿرن سان تعمير ٿيل آهي. مقبري اندر ٻيون ڪنهن جون قبرون آهن، اُهي گهٽ روشنيءَ سبب نه ڏسي سگهيس. ڍنڍ جي اُتر ۾ محل آهي ۽ هڪ جامع مسجد به ويجهو ئي آهي. سرکيج روضي جو تعميري ڪم 1446ع ۾ شروع ٿيو ۽ ڇهن سالن ۾ مڪمل ٿيو. رات جو اجمير شريف لاءِ بذريعي ريل وڃڻ لاءِ اچي اسٽيشن تي سهڙياسين. گاڏي اندازاً ساڍين ستين آئي. خاص ايئر ڪنڊيشن ڪمپارٽمينٽ بوڪ هو. ڊنر باڪس مليا آءٌ، آياز گل ۽ اول قريبي سيٽن تي هئاسين. ماني کائي ستاسين. مون کي اڌ رات جو سجاڳي ٿي، واش روم ڏي ويس ته اُتي قريب ئي لڇمڻ ڪومل، امداد حسيني ۽ هڪ ٻيو ڄامڙو موالي سگريٽن جا دونهان اُڏائي رهيا هئا ۽ پوري موج ۾ هئا. صبح ٿيڻ ئي وارو هو جو اجمير پهتاسين. جهرڪين جي ٻهنجر ڌيان ڇڪايو. ٻاهر بس تيار هئي. اجمير شريف عمارتن جي لحاظ کان به ننڍو شهر آهي. اڪثر سفيد رنگ جون هڪ يا ٻه ماڙ جايون نظر آيون ٿي چوطرف ٽڪرين جي گهيري ۾ هيون.

جنهن رهائش گاهه هوٽل تي اچي لٿاسين سا ماضيءَ جو ڪو محل ٿي لڳي. نسبتاً اُتاهينءَ تي هئي، اياز گل، ادل، انعام ۽ آءٌ تڪڙا تڪڙا هڪ وڏي ڪمري جا مالڪ بنجڻ لاءِ اُن ۾ گهڙي پياسين. اُن ۾ هڪ ويڪرو بيڊ پيل هو جنهن تي چار ڄڻا سمهي سگهن. ٿوري ئي دير ۾ اياز گل ٿيلهو کڻندي چيو ته ڀروارو هال سٺو آهي. پوءِ ته ٻنهي تي قبضو ڪري ورتوسين. هي گرائونڊ کان هڪ فلور مٿي هو. ٻيا ڪمرا به ائين هئا جو هڪ ڪمري مان ٻئي ڏانهن دروازو کليو ٿي. وچ تي ايوان هو ۽ پاسن کان رهائشي ڪمرا اسان جي ٻن ڪمرن جي وچ ۾ به در هو ۽ هڪ ۾ واش روم به. هيٺ رسيپشن ۽ ڊائننگ هال هو. ٻئي طرف هڪ خوبصورت لان ۽ اُن جي هڪ طرف ٽڪريءَ تي ڦوهارو هو. مظهر حسين ۽ ذوالفقار علي صبح ساڻ راڳ ڀيروون جو رياض ڪري رهيا هئا. آءٌ آواز ٻڌي سندن ڪمري ۾ وڃي رياض ۾ شامل ٿي ويس. گورمينٽ ڪاليج اجمير جي دعوت ۾ پهتاسين. هڪ هال ۾ ڪاليج جي انتظاميه هڪ دعوت جو بندوبست ڪيو هو. هڪ خاتون نهايت متحرڪ هئي. هيءَ ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي جا ڪاليج جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي هيڊ هئي. هڪ غير سنڌي مائيءَ سنڌي گيت ڳايو. ٻين به ڪلام ڳايا. منهنجي اشاري تي مهمانن مان سنڌي اُستادن جو تعارف ڪرايو ويو. هتان جي يونيورسٽين جا اُستاد مون سميت اياز گل، ادل سومرو، اسحاق سميجو ۽ سليم ميمڻ هئا. سليم پنهنجي تعارف ۾ ٽي وي نيوز ڪاسٽنگ کي وڌيڪ اهميت ڏني. بهرحال هتان حضرت خواجه معين الدين غريب نواز جي مزار جي زيارت لاءِ روانا ٿياسين.

مزار تي پهچڻ کان پوءِ هڪ بازار طئي ڪري مقبري جي مين گيٽ وٽ بوٽ لاهي اندر داخل ٿياسين. گهڻي رش هئي. آءٌ دوستن کان وڇڙي ويس. وڏي ديڳ جي ديدار کان پوءِ قبي ۾ داخل ٿيس. دعا گهري ڇپجڻ جي ڊپ کان پاسي واري در کان ٻاهر نڪري ويس. هتي ورانڊي ۾ هڪ باريش شخص ويٺو هو. جنهن کان گادي نشين سيد اقبال ڪپتان (خليفه سنڌ) جو پڇيم. هن چيو ته هو پاڪستان ويل آهي. منهنجي ساڻس سال اڳ خط و ڪتابت ٿي هئي. مون کي فون ڪري دعوت به ڏني هئائين. پر جڏهن منهنجو هي پروگرام ٿيو ته پاڻ پاڪستان ۾ هو. اسان جي وفد جي هڪ ميمبر موتي ائين لکيو ته هن جي درگاهه تي سجاده نشين سان مزار تي ملاقات ٿي ۽ کيس اهميت ڏيندي سجاده نشين، بنگلاديش جي وزير اعظم جي استقبال لاءِ به نه ويو. ايئن به هجي ڇو ته اڪثر مزارن تي هڪ کان وڌيڪ دعويدار ٿين ٿا.

بهرحال سيد اقبال ڪپتان بدين ڊسمبر ۾ آيو ۽ پوءِ موٽي ويو. مزار تان موٽي آرام ڪيوسين. رات جو هوٽل جي لان تي پرتڪلف ڊنر ۽ سنگيت جو پروگرام هو. ڪن ڳائڻن بجاءِ پنهنجي محنت ڪرڻ جي مهدي حسن جا غزل ڳايا.

30 سيپٽمبر تي سوا هڪ بجي ڌاري بس ۾ جئپور پهتاسين. هتي اسان جو قيام تيج (TEEJ) هوٽل ۾ هو. سامهون موتي محل سئنيما هئي. انعام ۽ آءٌ ڪمري ۾ آرامي ٿياسين.

اُديوگ ڀون ۽ گپتا ڀون ۾ پهرين ۽ ٻي آڪٽوبر تي سيمينار رٿيل هئا. پهرين اديوگ ڀون ۾ ڊراما تي سيمينار ٿيو، جنهن ۾ خاص ليڪچر منهنجو هو، پوءِ سليم ميمڻ، شوڪت شوري ۽ ٻين ڳالهايو. لنچ کان پوءِ مختلف مقامات ڏيکارڻ لاءِ وٺي هليا. هوا محل، جنتر منتر، بازارون ۽ (پري کان) قلعا ڏٺاسين جيڪي شهر جي ٻاهران جبلن تي هئا. شهر جون اهم بازارون گلابي رنگ جي هئڻ ڪري هن شهر کي گلابي شهر سڏجي ٿو. الياس ڪشقي جئپور جو آهي هن پنهنجن دوهن ۾ گلابي شهر کي به ياد ڪيو آهي.

2 آڪٽوبر تي پهريون ادبي سيمينار اديوگ ڀَوَن ۾ شعر تي ٿيو ۽ اچانڪ اديوگ ڀوَن وارن لنچ جي انتظام کان نابي واري ڇڏي. ڪلهه ته راضي هئا. اُن ڪري اسان جو قافلو گپتا ڀون ڏي هليو. اُتي ڪهاڻيءَ تي سيمينار ٿيو. ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻيءَ بهترين مقالو پڙهيو. اُن تي لکمي کلاڻي پنهنجي راءِ به نهايت تفصيل سان ۽ اعتماد سان ڏني. نشري نظم واري سيمينار ۾ اسحاق سميجو، پريم پرڪاش، ادل ۽ ستيش روهڙا حصو ورتو. مانيءَ کان پوءِ هوٽل آياسين هوٽل ويجهو ئي سائين ٽيئون رام ٽنڊي آدم واري جو ٽڪاڻو هو. جئپور ۾ پڳڙي ٻڌائي فوٽو ڪڍيائون. اُهي پوءِ فريم ڪرائي ٻين تحفن سان گڏ ڏنائون. کيسي جي واچ ۾ ڊائل تي به اُهو فوٽو لڳائي ڏنائون. ڊنر کان سواءِ رويندر منچ تي راڳ رهاڻ ٿي.

جئپور بلڪ راجسٿان هڪ منفرد ۽ شاهوڪار ثقافت وارو سنڌ جو پاڙيسري صوبو آهي. مليل معلومات مان مون کي جيڪي اهم ڳالهيون حاصل ٿيون اُنهن جو اختصار هي آهي.

راجسٿان قديم وقت کان هڪ راڄواڙو ۽ راجائي رياست رهيو آهي. هن ۾ قدرتي حسن وادين، صحرائن، ٽڪرين، ساوڪ، ٿر ۽ بهر ۾ نظر اچي ٿو. سنڌ جي ٿر سان ملي ٿو. اُن ڪري سنڌي ماڻهو ٻنهي طرفن آباد آهن، باڙمير، جيسلمير، اُڌيپور، جوڌپور، اجمير ۽ راڄڌاني جئپور (Jaipur) سان اسان جا ثقافتي لاڳاپا رهيا آهن. جئپور شهر جو باني سوائي جئسنگهه ٻيو آهي، جيڪو شهري رٿا بندي ڪندڙ، سفارتڪار ۽ هڪ ستاره شناس حاڪم هو. هن جئپور کي 1927ع ۾ تعمير ڪرايو. نئين طرز تي هن هيءَ رٿا عمل ۾ آندي. اُن جا قلعا، محل ۽ شهري عمارتون توڙي بازارون اهڙي رٿابنديءَ جا ثبوت آهن. جئپور کان اڳ راڄڌاني امبر ۾ هئي. جيڪا ٽڪر تي موجود آهي. بازارن ۽ محلاتن جي گلابي رنگ سبب جئپور کي گلابي شهر به سڏجي ٿو. جديد دنيا جون سڀ سهوليتون جئپور ۾ ميسر آهن. مندرن ۽ عمارتن تي چٽساليءَ جئپور جي حسن ۾ اضافو ڪيو آهي. هن گلابي شهر جي تعميري رٿابنديءَ ڊزائننگ راجا جئسنگهه جي حڪم تي وڌياڌر ڀٽاچاريه ڪئي ۽ قديم شاسترن موجب ڪيائين. چوڌاري وڏيون ديوارون ۽ قلعا تعمير ڪيا ويا. اهو انداز واديءَ مهراڻ جي قديم عمارتن ۾ موجود هو. جنهن ۾ ٿڌڪار (ايئر ڪنڊيشننگ) جو بندوبست هو. 1876ع ۾ برطانيه جي وليعهد جي جئپور ۾ اچڻ تي شهر کي گلابي رنگ ڪيو ويو سلسلو اڃان تائين وقت بوقت قائم رکجي ٿو. عمارتن ۾ شاهي محلات ۽ قلعن کان سواءِ ميوزيم، هوٽل ۽ ٻيون جديد سهوليتن به موجود آهن.

مرڪزي عجائب گهر:

هي عجائب گهر رام نواس باغ ۾ تعمير ٿيل آهي. نهايت جاذب نظر عمارت آهي. آلبرٽ هال ميوزيم به سڏجي ٿو. هي 1876ع ۾ شهزادي آلبرٽ جي هٿان افتتاح ڪرائي قائم ڪيو ويو. هن ميوزيم ۾ روايتي هٿيار، گهرو هنر ۽ آثار قديمه جي شين جي خوبصورت نموني نمائش ڪيل آهي.

هوا محل:

هي پنج ماڙ عمارت آهي. هي محل مهاراجا پرتاب سنگهه 1799ع ۾ تعمير ڪرايو. مٿين پنجين ماڙ گولائيءَ تي ٺهيل آهي. 152 دريون ۽ بالڪنيون آهن. راجپوت فن تعمير جو بهترين نمونو آهي. هي راجپوت راڻين ۽ ٻين شاهي محل جي عورتن لاءِ جوڙايو ويو هو جئن پردي ۾ رهي به هيٺ نظارو ڪري سگهن.

سٽي پئليس، رام باغ محل، شيش محل ۽ جل محل سميت ٻيا محل به آهن. اُنهن کي تفصيل سان ڏسڻ لاءِ گهڻو وقت کپي. جل محل جئن نالي مان ظاهر آهي هڪ وسيع تلاءَ جي وچ ۾ تعمير ٿيل آهي. هتي هڪ قلفي واري ويجهو اچي چيو: قلفي وٺو جي پسند اچي ته محل ڏسي موٽي پئسا ڏجو جي نه ته بس! قلفي واقعي خوشذائقه هئي.

عمارتون جيڪي فقط پري کان ڏسي سگهياسين، اُنهن ۾ اهم هي آهن: جئڳره قلعو، گالٽا مندر، گئٽر، ڪنڪ وندراوَن، مهاراني ڪي ڇتري، نهار ڳڙه قلعو، سسوڊيا باغ، ودياڌر باغ، شتلا ماتا مندر، رام ڳڙه ڍنڍ ۽ سمودي محل وغيره. راجسٿان جا هاٿين ۽ ٻين جانورن جا ميلا، ڌرمي اجتماع به هڪ رنگين تصور پيش ڪن ٿا. راجسٿان جي مردن ۽ عورتن جا رنگا رنگ لباس به بهار ۾ بهار جو ڏيک ڏين ٿا. سنڌ هند ۾ جيڪي رنگ وڌيڪ چٽا آهن، اُهي راجسٿان جا آهن. راجسٿان جا شهر جيڪي نمايان آهن، اُنهن ۾ جئپور پهريون نمبر آهي. منهنجي خيال ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهينو جئپور کي ڍؤ تي ڏسجي پسجي ته دل کي سڪون ۽ اطمينان ملي.

3 آڪٽوبر 2005ع تي جئپور مان بس ذريعي دهلي روانگي ٿي. روڊ نهايت اعليٰ درجي جو هو ۽ وڻن سان سينگاريل به. مڊوي تي هڪ وسيع ڊاٻو (ڌاٻو) هو. هوٽل ۽ ٻيا دوڪان به هئا. هڪڙي بوتل واري مون کي چيو اوهين ڪوي آهيو. ڪوِتا ٻڌايو. ڪنهن هن کي بس مان لهڻ سان ٻڌائي ڇڏيو هو. مون کيس ڪبير جو دوهو ٻڌايو. هُو خوش ٿي ويو ۽ بوتل جا پئسا ڏنم ته هڪ روپيو موٽائي ڏنائين.

رات جو دهلي پهتاسين. اسان جو سامان هوٽل بي ڪانٽينينٽل ۾ هو، پر مون سميت ڪن کي ٻي گهٽيءَ ۾ موجود هوٽل ۾ منتقل ڪيو ويو هو. البت تڪليف ٿي، پر ڇا ڪريون ها. مون سان گڏ انعام، اياز گل، ادل، عرفان عباسي، شوڪت شورو ۽ ڪي ٻيا ساٿي هئا. آءٌ ۽ انعام اڳ وانگر هڪ ڪمري ۾ ٽڪياسين ته اياز ۽ ادل وري هميش وانگر پاڻ ۾ گڏ البت بي ڪانٽينينٽل مان پنڪج مون کي اوڏانهن اچڻ لاءِ فون ڪئي.

انعام کي کنگهه ۽ بخار اچي ورايو. رات جو يارهين بجي ڊاڪٽر آيو. پنج سؤ رپيا في ورتائين. دوا جيڪا لکي ڏنائين تنهن اڪسير جو ڪم ڪيو. همراهه اڳ ئي ننڊ ڪرڻ جو ڪوڏيو سو آرام سان سمهي پيو. صبح جو ناشتي کان هڪدم پوءِ وينا شرنگي ۽ شالني جي اچڻ جو اطلاع مليو. پهرين شوڪت شوري کان آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس لاءِ انٽرويو ورتائون ۽ پوءِ شوڪت جي ئي ڪمري ۾ مون کان انٽرويو ورتائون. ڪاريڊار ۾ آيس ته وينا پئڪيٽ ۾ بند شال تحفو ڏنو مون ٻنهي ڀينرن جا ٿورا مڃيا. پهرين مون کي گهر هلڻ جي دعوت ڏني هئائون پر وزيراعظم سان ملاقات جي پروگرام ۾ تبديلي سبب خود هوٽل ۾ هلي آيون هيون.

وزيراعظم سان ملاقات لاءِ وزيراعظم هائوس لاءِ روانا ٿياسين ۽ ڏهين کان اڳ مين گيٽ کان ملاقات واري ڇپري (شيڊ) تائين سڪيورٽي انتظام پار ڪندا، ٻنهي طرفن پيل ڪرسين تي ترتيب سان اچي ويٺاسين. گروپ فوٽو لاءِ به ڀرسان سيٽ لڳل هو. مون کي ٻي قطار ۾ جاءِ ملي. خير سان پوري ڏهين بجي وزيراعظم ڊاڪٽر من موهن سنگهه ٻن ماڻهن جي ساٿ ۾ هائوس جي پراڻي عمارت مان نڪتو ۽ ڇپر ۾ پهتو ته سريش ڪيسواڻي صاحب ساڻس هرهڪ مهمان جي واقفيت ڪرائي. هو هٿ ملائيندو ٻه اکر ڳالهائيندو مسڪرائيندو اڳتي وڌندو ويو. ان کان پوءِ گروپ فوٽو ٿيو. ٻئي شيڊ هيٺ مٺاين، پڪوڙن ۽ چانهه توڙي جوس جو ناشتو موجود هو. ان جي دعوت ڏيئي، معذرت ڪري هليو ويو. اسان جو ساٿ هن ڊٻل ناشتي ڏي هليو ويو.

چوٿين تاريخ به خير سان آخري ڊنر سان ختم ٿي. 5 آڪٽوبر صبح ساڻ ڊاڪٽر جيٽلي ۽ هيرو ٺڪر خدا حافظ ڪرڻ آيا. ٿيار ٿيندي ٿيندي ٻارهن وڄي ويا. دهليءَ جي ڳئوئن وڌيڪ دير ڪرائي. ايئرپورٽ پهچي سيڪيورٽيءَ مان پار پوندا تڪڙا تڪڙا وڃي جهاز ۾ هٿيڪا ٿيا سين. چئين ڌاري ڪراچيءَ لٿاسين. ٻاهر نڪتس ته شهريار ۽ حنيف ڊرائيور بيٺا هئا. ايئن رات جو نوين ڌاري اچي بدين پهتس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org