سيڪشن: ادب

ڪتاب: زنبيل

باب:

صفحو:17 

.      ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جو جيون چرتر ۽ رچنائون (ڊي ڪي منشاراماڻي)

2.     ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي (تاراچند منگهن مل گربخشاڻي)

3.     ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي: هڪ ڀاشا وگياني (ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي)

4.     ڊاڪٽر گربخشاڻي: هڪ ادبي نقاد (هيرو شيو ڪاڻي)

5.     ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي تيار ڪيل شاهه جي رسالي جي اهميت (ارجن شاد)

6.     ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو لکيل ناول ”نورجهان“ (پرم ابيچنداڻي)

7.     ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي: درشن جو وياکتا (ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي)

8.  شاهه جي رسالي ۾ آيل سنڌي لوڪ ڪهاڻين بابت ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي سمجهاڻي (ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي).

9.     شاهه جو رسالو، ڪڇي ۽ گجراتي ٻولين جي حوالي ۾ (جينت ريلواڻي)

آخر ۾ ڪتاب ۾ شامل ڪيل مقالن جي ليکڪن جا مختصر سوانحي خاڪا ڏنل آهن. ڪتاب ۾ شامل ٽن مقالن جو مختصر تعارف ۽ تت هن ريت آهي ڊاڪٽر جيٽلي جو مقالو گربخشاڻيءَ کي بحيثيت ماهر لسانيات (ڀاشا وگياني) متعارف ڪرائي ٿو.

اول اڳ وارن ماهرن (ڀاشا وگيانين) جو ذڪر ڪري ٿو جن ۾ ٽرومپ، بيمس، جهمٽ مل وسناڻي، ڏيارام مير چنداڻي ۽ گريئرسن اچي وڃن ٿا. انهن اسڪالرن زبان جي ماهيت، گرامر، لفظن جي ذخيرن بابت لکيو هو. گربخشاڻي انهن جي ڪيل ڪم ۽ اُن سان گڏ هُنَ سنسڪرت سکي. اهڙي ريت هن ۾ سنڌيءَ کي چڱي طرح سمجهڻ جي قوت پيدا ٿي ۽ اُن جي نتيجي ۾ شاهه جي رسالي جي زبان کي معنوي سطح تي پروڙيو.

ڊاڪٽر جيٽلي لکي ٿو ته: ”ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي تيار ڪيل شاهه جي رسالي مان صاف ظاهر آهي ته کيس ڀاشا وگيان جي اُصولن جي چڱي خاصي ڄاڻ هئي. سنڌي ٻولي ۽ خاص ڪري شاهه جي ٻوليءَ جو هن ڳوڙهو اڀياس ڪيو هو. ”هيءَ ڳالهه وڌيڪ صاف ۽ چٽي ڪرڻ لاءِ جيٽلي صاحب چئن ڀاڱن ۾ ورهائي بحث ڪيو آهي، اُهي آهن:

1.      ڀاشا وگيان تي ٿيل تحقيقي ڪاريه (ڪم) جو اڀياس

2.     سنڌي ٻوليءَ جي بڻ – بنياد ويچار

3.     سنڌي ٻوليءَ ۽ شاهه جي سنڌيءَ جو اڀياس

4.     سنڌي لفظن جا اشتقاق ۽ سندن تاريخي اوسر.

انهن نڪتن مان هر هڪ جي وڌيڪ اُپٽار ڪندي ڊاڪٽر جيٽلي هي موضوع ڪاميابيءَ سان نڀايو آهي.

ٻيو مقالو تاراچند منگهنمل گربخشاڻيءَ (ڄم 1904ع) جو آهي جو ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ڀائٽيو آهي. هن جو عنوان: ”ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي“ آهي. هي مقالو خانداني پس منظر ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ڏاڏي، والد ۽ ٻين عزيزن جي ذڪر سان شروع ٿئي ٿو ۽ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي تعليم، ملازمت، علمي قابليت ۽ زندگيءَ جي مختلف پهلوئن تي روشني وجهي ٿو. خانداني ذريعن سان لکيل آهي اُن ڪري احوال مستند آهي.

ٽيون مقالو جيڪو مون کي ذڪر لائق لڳو اُهو ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻيءَ جو آهي. عنوان اٿس: ”ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، درشن جو وياکياتا.“ هن مقالي ۾ ڊاڪٽر جوتواڻيءَ، گربخشاڻيءَ جي رسالي جي مختلف پهلوئن جو بيان ان ريت ڄاڻايو آهي ته هُو موضوعن کي صاف ۽ شفاف انداز ۾ بيان ڪري ٿو. ان ريت گربخشاڻيءَ، شاهه جي سوانح، تصوف ۽ ويدانت توڙي موضوعن جو بيان چٽو ۽ غير مبهم ڪيو آهي. انهن نڪتن کي وزن ڏيندي ڊاڪٽر جوتواڻي مقالو مڪمل ڪري ٿو. هُو اُهو واضع ڪري ٿو ته گربخشاڻي پراڻي انداز ۽ فرسوده اعتقادن کان پري رهيو ۽ شاهه عبداللطيف کي هڪ اعليٰ شاعر جي حيثيت ۾ ڏٺائين.

 

لالچند امر ڏنومل (1985ع):

هي ڪتاب ڊاڪٽر جيٽلي صاحب، سنڌي ادب جي هڪ قداور شخصيت ڪاڪي لالچند امر ڏني مل جڳتياڻيءَ جي سوانح ۽ علمي خدمتن جي باري ۾ لکيو آهي. لالچند (1885ع – 1954ع) سنڌي جو هڪ امر ليکڪ آهي. هن ڪتاب کي چئن بابن ۾ ورهايو ويو آهي. آخر ۾ حوالا ۽ لالچند جون چونڊ لکڻين جو ذڪر ڪيو ويو آهي. پهريان ٻه باب اُن وقت جي پس منظر ۽ لالچند جي زندگيءَ ۽ شخصيت بابت آهن. اها حقيقت آهي ته وڏا ماڻهو رڳو لفظن ۽ تقريرن سان نٿا بنجن، بلڪ عمل ۽ منفرد شخصيت سان بنجن ٿا. ڪاڪي لالچند جي زندگيءَ جي ڪهاڻي انساني خدمت جي ڪهاڻي آهي. هُن جيڪي لکيو ۽ جيڪا عملي ۽ علمي خدمت ڪئي اُن ۾ انساني خدمت جو جذبو اول هو.

هو 25 جنوري 1885ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو. اسڪول وڃڻ وارو تجربو هن لاءِ دکدائڪ هو. پيءُ ۽ ڏاڏي هن جي تربيت ڪئي. سندس تعليم ڏاڏي جي زيرنظر ٿي. مئٽرڪ کان پوءِ ماستري شروع ڪيائين. حيدرآباد کان پوءِ ڪراچيءَ ويو ۽ مدرسه الاسلام ۾ استاد جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين. خود به تعليم حاصل ڪندو رهيو ۽ بي. اي ڪيائين. تعليم ۽ تحريڪ ۾ اڳرو رهيو. ملڪ جو ورهاڱو ٿيو ته ڀارت هليو ويو. عوامي خدمت جي مدنظر اُتي به ڀرپور زندگي گذاريائين. 1954ع ۾ وفات ڪيائين. 1956ع ۾ سندس سنک 18 اپريل تي ٻي ورسيءَ جي موقعي تي گدوءَ وٽان سنڌو دريا جي سپرد ڪيا ويا.

لالچند امر ڏنو مل هڪ وڏو ليکڪ آهي. سندس ادبي ڪم ۾ ناول، ڊراما، ڪهاڻيون، مضمون، رپورتاز، سوانح ۽ تنقيد شامل آهي. اُن کان سواءِ ٻارن جو ادب ۽ ڪي ٻيون نثري صنفون به اچي وڃن ٿيون. سندس ڪتابن ۾ محمد رسول الله، شاهاڻو شاهه، چوٿ جو چنڊ، سچ تان صدقي، سدا گلاب ۽ سون ورنيون دليون مقبول ٿيا.

لالچند جي سوانح ۽ ادبي ڪم جو هي جائزو ڊاڪٽر جيٽلي نهايت موثر انداز ۽ سهڻي زبان ۾ ورتو آهي.

 

شاهه جون آکاڻيون (سمجهاڻيءَ سميت 1990ع):

ڊاڪٽر جيٽلي، ڄيٺمل پرسرام جي هن مشهور ڪتاب کي مهاڳ سميت هڪ ڀيرو وري متعارف ڪرايو آهي. هن ڪتاب کي اُساٽ ساهت مالا دهليءَ طرفان، اجمير جي پريس مان ڇپايو ويو آهي. ڄيٺمل هڪ محرڪ شخصيت جو مالڪ هو. سياست، سماج ۽ ادب ۾ هن جو نمايان مقام رهيو.

ڀائي ڪلاچند، چمڙا پوش جون آکاڻيون، ساميه واد، سنڌي سونهارا، هند سنڌ جا سنت، هئمليٽ، فائوسٽ، مونا وانا ۽ ٻين ڪيترن طبعزاد ۽ ترجمن سميت هي ڪتاب به لکيائين. هن جا ٻه ڀاڱا ”شاهه جون آکاڻيون“ جي سري سان ۽ ٽيون ڀاڱو ”شاهه جي آکاڻين جي سمجهاڻي“، جي سري سان شايع ٿيو. هت ٽنهي کي گڏ ڪري شايع ڪيو ويو آهي ۽ ڊاڪٽر جيٽلي ڪتاب جي منڍ ۾ ڪل 63 صفحن تي پکريل ڄيٺمل جي زندگيءَ جو احوال ۽ سندس سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتن جو ذڪر ڪيو آهي. اُن سان گڏ ڄيٺمل جي زندگيءَ جي اهم سالن جي به سالوار داخلا ڪيل آهي.

متن جي آخر ۾ ڄيٺمل جي ڇپيل ۽ چند اڻ ڇپيل ڪتابن جي فهرست ڏنل آهي. بيشڪ ڄيٺمل پرسرام سنڌ جي ستارن جي جهرمٽ ۾ هڪ نمايان ۽ چمڪندڙ ستارو آهي. هن جي خدمتن (يوگدان) کي وساري نه سگهبو، پر ڊاڪٽر جيٽلي هڪ دلچسپ واقعو بيان ڪيو آهي؛ اُن جو ذڪر ڪرڻ مناسب ٿيندو. لکي ٿو ته: ”15 مارچ 1919ع تي برطانيه سرڪار رولٽ ائڪٽ پاس ڪيو جنهن مطابق سرڪاري عملدارن کي اختياري ڏني ويئي ته ڪنهن به ماڻهوءَ کي شڪ پوڻ جي حالت ۾ گرفتار ڪري، بنان ڪنهن مقدمي هلائڻ جي، کيس نظربند رکي سگهن ٿا(ص 12).“

”30 مارچ 1919ع تي دهليءَ ۾ آريه سماجي اڳواڻ سوامي شرڌانند جي اڳواڻيءَ ۾ نڪتل جلوس تي گولي بازي ٿي ته تيرهين اپريل تي ويساکيءَ جي شڀ ڏينهن امرتسر ۾ جليان والا باغ ۾ سوين بيگناهه ڀارت واسين جو قتل عام ڪيو ويو. انهيءَ تان سڄي ديش ۾ جوش جي لهر ڦهلجي ويئي.“ – ”اُنهن دل ڏهڪائيندڙ واقعن جو ذڪر ڪندي ڄيٺمل هندواسي ۾ برطانيه سرڪار جي ظلمن ۽ اُرهه زورائيءَ تي زوردار لفظن ۾ ڇوهه ڇنڊيا. شاهه لطيف جي ڪلام مان هڪ بيت جي تُڪَ کي پنهنجي سمپادڪي ويچارن جو سِرو بڻايائين. اُها هيٺ ڏنل بيت جي آخري سٽ هئي:

آڳيان اَڏِن وٽ، پوين سر سنباهيا،
ڪاٽ ته پوين قبول ۾، مڇڻ ڀانئين گهٽ،
مٿا مهاين جا، پيا نه ڏسين پٽ؟
ڪا لڪي هٽ، ڪسڻ جو ڪوپ وهي.“

”بس اهو ليک پڙهندي ئي ممڻ مچي ويو. 16 مئي 1919ع تي، ڄيٺمل کي، انهيءَ سمپادڪي ليک لکڻ ڪري گرفتار ڪيو ويو (ص ص 12 – 13).“

”سورلي نالي هڪ انگريز جج (پوءِ ڊاڪٽر ايڇ. ٽي. سورلي) جي ڪورٽ ۾ ڪيس هليو. پوليس جيڪي گواهه پيش ڪيا تن انهي بيت جي معنيٰ سمجهائيندي چيو ته انهيءَ ذريعي عوام کي بغاوت ڪرڻ ۽ قتل عام ڪرڻ لاءِ سڏ ڏنو ويو آهي. سورلي ويچارو اُن زماني ۾ سنڌي ٻولي ايتري نه ڄاڻندو هو، جو اُنهيءَ بيت جي صحيح مفهوم کي سمجهي سگهي. گواهن جي غلط سمجهاڻين تي ويساهه ڪري، هن ڄيٺمل کي چئن سالن لاءِ قيد جي سزا ڏني (ص 13).“

ڄيٺمل سال کن سزا ڪاٽي ته سياسي ٺاهه سبب آزاد ٿي آيو ۽ سندس زبردست آجيان ٿي. ڊاڪٽر جيٽلي لکي ٿو ته: ”ڄيٺمل ته قيد جي سزا کان آجو ٿيو، پر ٻئي طرف سورلي صاحب کي شاهه لطف اهڙو ته قيد ۾ ٻڌو جو يا عمر اُن مان آجو ٿي نه سگهيو (ص ص 13 – 14).“

نيٺ سورلي رسالي جو اڀياس بنيو ۽ ڪتاب (ٿيسز) Shah Abdul Latif of Bhit لکي پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري ورتائين. هي ڪتاب 1940ع ۾ آڪسفورڊ مان ڇپيو. اُن کان پوءِ ٻيو ڪتاب ”Musa Pervagans“ لکيائين، جنهن ۾ شاهه عبداللطيف کي دنيا جو عظيم ترين شاعر ڪري مڃيائين.

بهرحال ڄيٺمل جي عظمت سندس علمي ادبي، سياسي ۽ سماجي خدمتن ڪري سنڌ جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي.

ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لِکاوٽَ (سنڌي ٻوليءَ جون لپيون – 1999ع):

هي ڪتاب جيٽلي صاحب سنڌيءَ جي مختلف لپين جي مڪمل وضاحت طور لکيو آهي. اِن سلسلي ۾ هن پراڻين سنڌي لپين ۽ عربي توڙي فارسي لپيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. ڪتاب لکڻ جي مقصد جي اُپٽار ڪندي لکي ٿو ته: ”اسان مان ڪن ٿورن کي ڄاڻ هوندي ته سنڌي ٻوليءَ جي پنهنجي هڪ ڏيهي نرالي لپي به آهي. اُن کي عام طور سنڌي لِپي سڏيو وڃي ٿو. هندو – سنڌي، خدا آبادي، خواجڪي، ميمڻڪي وغيره سنڌي لپيءَ جا الڳ الڳ نمونا آهن. هن لپيءَ جي جيڪڏهن اوسر جاچبي ته انهيءَ جو اِتِهاس هندوستان جي آڳاٽين لپين (موهن جي دڙي جي لپي، براهمي ۽ کروشٺي لپي) سان وڃي ٿو ملي(1).“

هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر جيٽلي، البيرونيءَ جي حوالي سان وڌيڪ لکي ٿو ته: ”اها نهايت ئي افسوس جي ڳالهه آهي اسان سنڌين پنهنجي انهيءَ جهوني ورثي کي وساري ڇڏيو آهي. يارهين صدي عيسويءَ جي مشهور عرب عالم البيرونيءَ سنڌي ٻوليءَ جي انهيءَ نرالي لکاوٽ سَيندب (سينڌو) نالي سان سڏيو آهي. سنڌ ۾ ڀنڀور ۽ برهمڻ آبادي جي کوٽائيءَ مان انهي لکاوٽ جا جهونا نمونا مليا آهن(2).“

ڪئپٽن جارج اسٽئڪ ديوناگري لپيءَ جي حق ۾ راءِ ظاهر ڪئي هئي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اُن راءِ ۾ سازش جو شڪ ظاهر ڪيو. هن پس منظر جي زير اثر ڊاڪٽر جيٽلي هي ڪتاب لکيو. هاڻي ته عربي رسم الخط اختيار ڪيو ويو آهي، پر ماضيءَ جي هن ڪهاڻيءَ کي بيان ڪرڻ به ضروري هو. هن ڪتاب ۾ ليکڪ هيٺيان باب قائم ڪيا آهن: ٻوليءَ جو سرشتو، ٻولي ۽ لکاوٽ، لکاوٽ جو اِتهاس، سنڌي ٻوليءَ جون لِپيون، عربي – سنڌي لپي، انگريزن جي دور ۾ عربي – سنڌي لکاوٽ ۽ آزاديءَ کان پوءِ عربي – سنڌي صورتخطي. اُن کان سواءِ ڪتاب ۾ 41 عڪسي پليٽون به ڏنيون ويون آهن، جي لکاوٽن جا نمونا ظاهر ڪن ٿيون.

ڪتاب ۾ لکاوٽ جي تاريخ ڏيندي اُن جي مختلف دورن ۽ قسمن جو بيان ڪيو ويو آهي. اُنهن ۾ چِتر لپي (Pictography)، ڀاوَ – ليک (Ideography) آوازي ليک (Phonetic writing)  ۽ اکري لکاوٽ (Syllabic writing) جو تذڪرو ڪيو ويو آهي. ڀارت ورش ۾ اِنهن لِپين ۾ ٻه بنيادي لپيون آهن. اُهي آهن سنڌو سڀيتا جي لپي ۽ براهمي لپي.

براهمي لپي ڀارت جي ٻين ڏيهي (علاقائي) لپين جي بنياد جو درجو رکي ٿي. سنڌيءَ لاءِ جيڪي لپيون ڪم آيون، اُهي آهن ديوناگري سنڌي ۽ عربي – سنڌي. پوئين مسلمانن جي اڪثريت سبب قائم ٿي ويئي ۽ هندو ليکڪن به گهڻي ڀاڱي اختيار ڪئي. قديم سنڌي لپيءَ جو بيان ڪندي ڊاڪٽر جيٽلي سير حاصل بحث ڪيو آهي ۽ پنهنجا دليل ڏنا آهن.

سنڌي ڌِوَني – وگيان (سنڌي صوتيات) 2000ع:

هي ڪتاب لسانيات جي اهم پهلو صوتيات بابت آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ هن موضوع تي ٻيا به ڪتاب ۽ مقالا لکيا ويا آهن، پر ڊاڪٽر جيٽلي جي هيءَ ڪاوش فني لحاظ کان اهم آهي هُن ڪتاب جي مهاڳ ۾ اُنهن عالمن جو ذڪر ڪيو آهي جن سنڌيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن پهلوءَ تي لکيو. اُن کان پوءِ ويهين صديءَ ۾ جديد لسانيات جو ذڪر ڪندي ٿيل تحقيق جو مختصر جائزو وٺي ٿو.

لسانيات ۽ خاص طور صوتيات جي باري ۾ موجود اڻ پوري ۽ غلط معلومات کي درست ۽ مڪمل ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر جيٽلي هي ڪتاب لکيو. هن ڪتاب ۾ يارهن باب قائم ڪري هر هڪ عنوان تي تفصيلي ۽ مجمل بحث ڪيو اٿس. باب هي آهن: ٻوليءَ جو سرشتو، ڌِوَني – وگيان يا علم آواز. ڌِوَني تت وگيان يا علم صوتيات، سنڌيءَ ۾ سُر ۽ وينجن ڌوَني – تت، سنڌيءَ ۾ سُرن جو سرشتو، سنڌيءَ ۾ وينجن جو سرشتو، لفظن ۾ اکرن جو سرشتو، سُرن ۽ وينجن جي ورهاست، عروضي خاصيتون، روپي ڌوَني – تت وگيان ۽ سنڌي ڌوَنيئن جي تاريخي اوسر.

هنن بابن مان هر هڪ باب ۾ فني لحاظ کان بحث ڪيل آهي ۽ هر عنوان کي دليلن ۽ مثالن سان زيربحث آندو ويو آهي. اِن ريت هي ڪتاب لسانيات جي محققن ۽ شاگردن لاءِ هڪ اهم دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. ڪتاب جي آخر ۾ فني اصطلاحن جي فهرست ۽ ڪي ضميما شامل ڪيل آهن. لسانيات جي موضوعن ۾ صوتيات هڪ ڳُوڙهو ۽ نازڪ پهلو آهي. ڊاڪٽر جيٽلي اُن کي هن عالمانه ڪتاب ۾ ڪاميابيءَ سان نڀايو آهي.

 

شاهه جو رسالو (هڪ اڀياس – 1992ع):

هي ڪتاب جيٽلي صاحب جي مقالن جو مجموعو آهي، جيڪي هن مختلف وقتن تي لکيا. هي مقالا مختلف وقتن تي ڪن مخزنن ۽ سيمينارن لاءِ لکيا ويا هئا. ڪل و مقالا آهن. هنن مقالن ۾ سنڌ توڙي هند ۾ شاهه عبداللطيف تي ٿيل تحقيق، رسالي جي قلمي نسخن ۽ ڇاپن، رسالي جي ٻولي، رسالي جي ڄاڻو ڀيرومل مهرچند ۽ ڪن ٻين واسطيدار موضوعن تي مقالا اچي وڃن ٿا.

شاهه جي رسالي جي مختلف پهلوئن تي جيڪو ڪم ٿيو آهي، اُن جو جائزو وٺندي ڊاڪٽر جيٽلي، يونيورسي ريسرچ جو به بيان ڪيو آهي. اُن سلسلي ۾ هن ايم. فل ۽ پي ايڇ. ڊي خاطر لکيل ٿيسز جو به تذڪرو ڪيو آهي. مقالا سڀ معياري آهن. سڀني ۾ ڀرپور معلومات مهيا ڪيل آهي. هڪڙي مقالي ۾ شاهه، سچل، ساميءَ جي حوالي سان ڀڳتي شاعريءَ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ڀڳتي شاعريءَ جي ڪري سنڌي شاعريءَ کي به ڀارتي ادب جو حصو ڄاڻڻ کپي. سامي جا سلوڪ ٻوليءَ ۽ موضوع جي مدنظر ڀڳتي ڪلام آهي. شاهه ۽ سچل جي ڪلام ۾ به بالترتيب رامڪلي، پورب ۽ جوڳ، جوڳين جي بيان ۾ آهن. ڀڳتي مارگ جي اهم ڪوين ڪبير، تلسي، جائسي، ميران، دادو ۽ ٻين جي تذڪري سان گڏ سنڌي شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح منگلاج تيرٿ ياترا تي به لکيو آهي. هي ذڪر رسالي جي حوالي سان اڳ ڪاڪي ڀيرومل ”لطيفي سير“ ۾ به ڪيو آهي. مختلف مقامن جي حوالي سان ڊاڪٽر جيٽلي قدري تفصيل سان لکيو آهي. شاهه لطف الله ۽ شاهه عبداللطيف جي ڪلام مان مثال ڏنا اٿس. هن تيرٿ ۽ اُن سان لاڳاپيل ڳالهين تي پوءِ ٻين مسلمان شاعرن به لکيو. اُن سان هنن جي بي تعصبي به ظاهر ٿئي ٿي.

ڊاڪٽر جيٽلي جا هي مقالا شاهه عبداللطيف جي ڪلام کي سمجهڻ لاءِ نهايت قيمتي معلومات فراهم ڪن ٿا.

 

حوالا

1.      جيٽلي، مرليڌر (ڊاڪٽر) ”ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ“ دهلي 1999ع مهاڳ ص 1

2.     ايضاً – ص 1

(هن مقالي ۾ مددي ڪتابن ۾ ڊاڪٽر جيٽلي جا ڪتاب ۽ ڊاڪٽر هدايت پريم جو ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جا محقق“ شامل آهن.

 

سنڌي زبان جي لاڙي محاوري جا ڪي پهلو: (شاعرن جي

ڪلام ۽ عام چوڻين جي حوالي سان)

 

سنڌي زبان ۽ اُن جا محاورا (Dialects) پنهنجي رنگا – رنگي  گوناگون خاصيتن جي ڪري تحقيق ڪندڙن لاءِ دلچسپيءَ جو باعث آهن. لاڙ جي لساني حد بندي ضلعن جي حوالي سان ڪرڻ مشڪل آهي. پوءِ به بدين ضلعو مڪمل طور لاڙي محاوري جي ترجماني ڪري ٿو. ٺٽو ضلعو سپرهاءِ وي جي ڏکڻ ۾، ۽ قرب اُتريون حصو توڙي ڪراچيءَ جو سامونڊي ڪنارو ڪنهن حد تائين لاڙي محاوري ۾ ڳڻي سگهجن ٿا. حيدرآباد ضلعي جو ڏاکڻيون حصو به لاڙي محاوري جي ترجماني ڪري ٿو. هاڻي ڪجهه قدر مواصلات جي ڪري لاڙي شهري علائقن تي معياري محاوري اثر وڌو آهي. اِن هوندي به هڪ محاوري کي انتظامي حد بندين ۾ پوري ريت ڏسي پسي نٿو سگهجي. مون پنهنجي ڪتاب لاڙ جي لغات ۾ لاڙ جو جيڪو نقشو ڏنو هو، سو هي آهي:

نقشو

’لاڙ’ جي معنيٰ لڙيل يا هيٺيون آهي. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ’لاٽ‘ مان ’لاڙ‘ ٿيڻ جو اندازو لڳايو آهي. جيئن سنسڪرت للاٽ مان نراڙ ٿيڻ. شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري (1538 – 1623ع) لاه ڏکڻ جي معنيٰ ۾ هيئن ڪم آندو آهي:

جي اُتر جي لاه، سڄڻ پرکئا،
ري پانجي کٽئي، سڀر ٻري نه باهه.

لاهيءَ وارو پاسو هيٺيون ئي ليکبو(1). جيئن ’لاهي چاڙهي‘. لاڙ هڪ اهڙو لساني ايڪو آهي، جنهن جون پنهنجون خصوصيتون آهن. لاڙ جي ٻوليءَ کي بگڙيل به سڏيو ويو آهي. ايئن ته ٻيا محاورا به معياري محاوري کان مختلف / بگڙيل آهن. لاڙي محاوري جو مطالعو هتي آءٌ شاعرن جي ڪلام ۽ پهاڪن توڙي چوڻين جي حوالي سان ڪري رهيو آهيان. سلطان الاوليا خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو، مولوي احمد ملاح، پير بخش فاروقي دلريش، پير ڀاون علي شاهه ساقي، مير غلام مرتضيٰ مرتضائي، حاجي مراد چانڊيو، ڄام خان چانڊيو، سرويچ سجاولي ۽ ٻيا ڪيترا شاعر هن سرزمين ۽ اُن جي محاوري جا اَمين آهن. هنن پنهنجي ڪلام ۾ لاڙي محاوري جو فطري حسن قائم رکيو آهي. هن خطي جو وڏي ۾ وڏو شاعر خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو (1713ع – 1774ع) آهي. سندس ڳوڙهو صوفيانه ڪلام اعليٰ آدرشن جو حامل آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي لنواريءَ ملڻ لاءِ آيو. اُن جو احوال لنواري شريف جي ڪتابن ۾ موجود آهي؛ جن تان استفادو ڪري ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي (1884 – 1947ع) ڪتاب لنواريءَ جا لال (1934ع) لکيو. جنهن ۾ هنن ٻن گوهرن جي گفتن جي اُپٽار ڪندي ملاقات جا تفصيل ڏنا اٿن.

لاڙي محاوري جون ڪي ڳڻڻ جهڙيون ۽ اهم خصوصيتون آهن. عام گفتگو وانگر شعرن ۾ به اُهي اچن ٿيون. ڪاڪي ڀيرومل لاڙي محاوري جي خصوصيتن جو جائزو تفصيل سان ورتو آهي(2). لاڙي محاورو پنهنجن پاڙيسري محاورن کان به متاثر ٿيندو آيو آهي، اُهو هڪ فطري اَمر آهي. هڪ خاص محاوري ۾ به ٻيا ننڍا محاورا ٿين ٿا. ’ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي‘ واري چوڻي به اڪثر ٺهڪي ٿي اچي. لسانياتي اوزارن سان جانچ ڪرڻ کان پوءِ ماهرن معلوم ڪيو آهي ته ڪي به ٻه ماڻهو هڪ جهڙو ڪونه ٿا ڳالهائن(3). اُچارن جي اهڙي فرق بابت لساني ماهرن بِلوُم فيلڊ، هاڪيٽ ۽ ٻين تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. سندن چوڻ موجب ماڻهو سماجي ماحول موجب هڪڙو تلفظ اختيار ڪن ٿا(4) ۽ ٻار ته مائٽن کان هڪڙو تلفظ حاصل ڪن ٿا ته راند جي ساٿين کان کين ٻيو تلفظ ملي ٿو(5).

لاڙي محاوري جون خصوصيتون ڀيرومل ۽ ٻين لساني ماهرن بيان ڪيون آهن. جن ۾ اوسر ڳائي ۽ ضميرن ۽ صفتن ۽ فعلن جي صرفيات ۽ نحوياتي تبديلي ۽ صرف و نحو جي لحاظ کان فرق ظاهر آهي. انهن مان ڪن کي شاعرن جي ڪلام ۾ به ڏسي سگهجي ٿو. وسرگ (Aspirated) آواز، اوسرگ (Unaspirated) بنجي وڃن ٿا. مثال طور گهه / کي / گ / ڪري اُچارڻ، ايئن گهر / کي / گر /، ڀِت / کي / بت / ڪري اُچاريو وڃي ٿو. ايئن جملي ڌُوڪڻن (Plosives) آوازن کي اوسرگ ڪري اُچارجي ٿو. مثال طور / ڀ /، /ڌ/، /ڍ/ ۽ /جهه/ کي/ب/، /د/، /ڊ/ ۽ /ج/ ڪري اُچارجي ٿو. يعني ڀَت کي بت، ڌڪ کي دڪ، ڍِڳَ کي ڊڳ ۽ جهل کي جل ڪري اُچارجي ٿو. ڪڇ جو اثر به لاڙ تي گهڻو آهي. ڪي آواز ڪڇ جي تلفظ موجب به آهن.

لاڙ ۾ شاعرن جي ڪلام تي نظر وجهبي ته اهو صاف نظر ايندو ته هتي جي شاعرن پنهنجي ڪلام ۾ پنهنجي تَرَ جي زبان جو سڌو اثر قبول ڪيو آهي، جيڪو هڪ فطري امر آهي. اهو اثر قديم شاعرن ۾ شاهه ڪريم جي مٿي آيل بيت ۾ ضمير مشترڪ ’پنهنجو‘ بدران ’پانجو‘ آيل آهي جو لاڙي تلفظ آهي(6).

شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ فعلن جي استعمال ۾ لاڙي تلفظ ۽ مقامي لفظن جا مثال موجود آهن:

مُٺ ڀيڙائي ڀلي، جي اُپٽي ته واءُ
جي پڌر وڌءِ ڳالهڙي، ته ڇڏي وڃي ساءُ(7).

مصدر کولڻ بدران اُپٽڻ مان اُپٽي ڪري آندو ويو آهي. اهڙي طرح ضمير استفهام ۾ ڇو بدران ڪو يا ڪوه جو استعمال عام آهي. شاهه لطيف جي ڪلام کان سواءِ لاڙ جي شاعرن وٽ به ڪوه جو استعمال موجود آهي. شاهه صاحب ته ڪٿي ڇا جي معنيٰ ۾ به ڪوه ڪم آندو آهي. ’رهڻيءَ رهيو نه سپرين ته ڪهڻيءَ ڪبو ڪوه‘. اهڙي طرح شاهه ڪريم ڇو جي معنيٰ ۾ ڪوه هيئن ڪم آڻي ٿو:

وَرَ وسري ته ڪوه، ور نه وسريوس،
ڪونه چوندو ڪڏهن، ته اڱڻ اونڌائوس(8).
                                                      (ڪريم)

لاڙ ۾ هڪ لال ملوڪ شاعر ۽ درويش جنم ورتو. هي لال آهي سلطان الاولياء خواجه محمد زمان لنواريءَ وارو. سندس ڪلام نهايت ڳوڙهو ۽ معنيٰ جي موتين ۾ جڙيل آهي. لفظن جي ڪا ڳالهه نه آهي. سندس ڪلام مان هڪ بيت ۾ جانسي ۽ تانسين جو استعمال لاڙ ۾ عام گفتگو ۾ اچي ٿو:

تانسين تون نه فقير، جانسين سانگ سسيءَ جو،
ماڻيو تن ملير، جن جسو مال مباح ڪيو(9).

موجوده صديءَ ۾ جيڪو عالم ۽ شاعر لاڙ جي سنڌ ۾ سڃاڻپ بڻيو سو مولوي حاجي احمد ملاح هو. هُو احمد ملاح (وفات 19.07.1969ع) جي نالي سان هنڌين ماڳين مشهور ٿي ويو. معرفة الالله، بياض احمد، ديوان احمد، غزليات احمد ۽ فتح لنواري توڙي ٻين ڪتابن ۽ عام مقبوليت توڙي شعر جي اثر ڪري نشانبر هو. مٿان جو وري قرآن ڪريم جو سنڌي شعر ۾ ترجمو ڪيائين تنهن سندس ذات ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. اُهو ترجمو نُورالقرآن جي نالي سان ڇپيو. نورالقرآن پهرين ارباب الله جڙيي جي طرفان ڇپيو، ٻيو ڇاپو مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد 1978ع ۾ شايع ڪيو ۽ ٽيون سعودي حڪومت سهڻي انتظام ۽ اهتمام سان شايع ڪيو آهي. مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جن، احمد ملاح جي هِن ڪاوش ۾ لاڙ جي زبان بابت لکن ٿا:

”هن ترجمي ۾ سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي جي سنڌي لفظن جو ڇوليون ڏيندڙ درياءُ سمايل آهي-(10)“

هڪ شاعر جي حيثيت سان به مولوي احمد ملاح اڳ ۾ لاڙ جي زبان جي استعمال جو نه رڳو مظاهرو ڪري چڪو هو، بڪل سڄي لاڙ جي اُسرندڙ شاعرن تي اثر وجهي چڪو هو.   قرآن مجيد جي ترجمي ۾ بيت، مت ۽ ٻين شعري صنفن ۾ مولوي صاحب پاڻ موکيو ۽ هن ذميداريءَ کي نهايت خوبيءَ سان نباهيو، بسم الله جو هيئن ترجمو ڪري ٿو:

اول نام الله جو، جو ڏيندڙ ڏيهه ساري،
ڏيئي نه پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو(11).

بسم الله جا ٻين ٻين لفظن سان به ترجما ڪيا اٿس. هتي ڏيئي نه پچاري ۾ چوڻي آندي اٿس ۽ مڙنيان (سڀني کان) ۾ لاڙ جو لفظ ’مڙني کان‘ بدران جمع جي صيغي ۾ ڪم آندو آٿس. ضمير حاضر يا مخاطب جا مثال چِٽا آهن. لاڙ ۾ اوهان، اوهين، اوهان جو ۽ اوهان کي، چوڻ بدران آن، آئين، آنجو ۽ آنکي چئبو آهي مولوي احمد ملاح قرآن جي ترجمي توڙي ٻئي ڪلام ۾ ضمير مُخاطب جون اِهي صورتون ڪم آنديون آهن – مثال:

-         ماڳ ڏينداسون ملڪ ۾ آن کي اُن کان پوءِ(12).

-         آن کي پنهنجو آيتون، ٿو ڏيکاري ڏاتار(13).

-         اِنهيان پوءِ اوهان جا، ٿيا قلب وري ڪٺور(14)

-         آس آهنجي واس جي احمد ڦري ٿو آسپاس

 جئن ڦِرن ڀؤنر ڦل تي، جئن ملين تيئن مل مِٺا(15).

فعل پيڻ اوهان پيتو کي ماضيءَ جي صورت ۾ پيتان چوي ٿو:

گهوٽ گهر پيتان گهڻا ڏينهن شوق سان شربت گلاب،
جلد جاني جام ڪوثر تي اچي جيڪو اچي(16).

اهڙي ريت اڳ بجاءِ لاڙ ۾ مهند (يا ماند) ڪم آڻجي ٿو. مولوي صاحب به مهند گهڻو استعمال ڪيو آهي:

رکو روزا ته ميوا مهند ماڻيو،
اَٿان دعوت سندي درٻار جاڳو(17).

لاڙي محاوري ۾ وَجههُ (موقعو، Chance) بجاءِ بُل ۽ هانءُ (دل) بدران هِنيون ڪم اچي ٿو. اُن جا احمد ملاح جي ڪلام ۾ ڪئين مثال موجود آهن. ٻه هي آهن:

گُلَ گهڻا ڏينهن تُنهنجي گلشن ۾ ڪنڊا کاڌم قريب
ساڻ بلبل ڪنهن به بُلَ تي جئن ملين تئن مل مٺا(18).

---

چؤسرو چوٽو چنڊن جو چشم چنبن جئن چُڀن،
باز بحري کي ڏٺم، ڀر ۾ بيهي بُل واهه جو(19).

---

هنيون ساري حبيبن کي ڪڏهن ملبو قريبن کي،
عرض احمد عجيبن کي، ته لائن لال خدمت ۾(20).

لاڙي محاوري ۾ توکان بجاءِ توڪنان جو استعمال ٿئي ٿو:

سُکَ کان دک تو ڪنان، تڪڙو گهرن تڪرار.

سوره رحمٰن جو نهايت خوبصورت ترجمو ڪندي مولوي صاحب (فَبِاَي الاَءِ رَبکُمَا تُکذِبٰنِ) سنڌي ترجمو هن ريت ڪيو آهي:

پوءِ اُن ڏينهن ڪنان ڪنهن جن انسان،

بابت سندس بَديَن بيان-

مُور نه پڇبو منجهه ميدان

پوءِ ڌڻيءَ پنهنجي جا ڪهڙا دان!

جُوٺ چئو، اي جِن انسان(21).

فقط نُورالقرآن جي ترجمي جي سونهن تي لکڻ لاءِ دفتر کپن. ٻئي طرف مولوي احمد ملاح جي ٻئي ڪلام جي حُسن ۽ اُن جي اثر جو به هڪ ڊگھو داستان آهي. اثر جي لحاظ کان هُو لاڙ جي شاعريءَ جو به بي تاج بادشاهه آهي.

لاڙ جو هڪ ٻيو مقبول شاعر پير ڀاون علي شاهه ساقي هو. سندس مناجات ۽ ٻيو ڪلام ماستر محمد سومار شيخ شايع ڪيو هو. ساقيءَ جو عروضي ڪلام نهايت پختو ۽ بلند پايي جو آهي. هو به ضمير مخاطب جو استعمال لاڙ جي عام اُچار موجب ڪري ٿو:

ج -  جانب ڪيو خدا آنکي نبين جو سرتاج
تُنهنجي سر کي ٿيو عطا پيغمبريءَ جو شاهه تاج(22).

ساقيءَ جو دل گهريو دوست ۽ مريد فقير پير بخش فاروقي (1314 – 1371هه) هو. هن وقت سندس اولاد بدين ويجهو فاروق آباد ۾ رهي ٿو. هُو دلريش تخلص ڪندو هو. مجاز کان حقيقت کي رسيو. فقيرانه لباس پائيندو هو. سندس ڪليات به اڪثر ضمير مخاطب ۾ لاڙ وارو عام تلفظ آهي. چوي ٿو:

پيئي پاڙي اچي تنهنجي،
اجهي اولي آهيان آهنجي(23).

دلريش جا صوفيانه ۽ عاشقانه ڪلام، ڪافيءَ جي عام انداز ۾ رچيل آهن. هُو لاڙ جو هڪ مقتدر بزرگ ۽ شاعر هو. سندس ڪلام اُن ڳالهه جي پوري ساک ڀري ٿو.

سانوڻ فقير: عوامي شاعريءَ ۾ سانوڻ وانگر ٻيا به ڪيترا شاعر ۽ سگهڙ آهن، جن نه رڳو لاڙ جي ٻوليءَ ۾ ڪلام چيو، پر سنڌ ملوڪ شاعر هئا. سانوڻ هڪ جولاني طبيعت جو شاعر هو. سورن جو سانوڻ چئي، جي آواز ۾ سچ پچ سورن جا داستان هئا. اندازاً هن صديءَ جي چوٿين ڏهاڪي ۾ گذاري ويو. زبان سان گڏ ثقافت جي چاشني ۽ جذبات جي پُرڪاري شعر ۾ جو تسلسل پيدا ڪيو آهي، تنهن جو مثال ورلي لڀندو:

اڌ لوئيءَ جو انگ تي اڌ ڪري نه ڄاڻان،
ساڳين سنگهارن کي آءٌ صحيح سڃاڻان،
ساڳين سنگهارن جا، آهن واريءَ وڇاڻان،
ساڳين سنگهارن جا، آهن ٿر مٿي ٿاڻان،
ساڳين سنگهارن جا، آهن ڀٽن مٿي ڀاڻان،
ويڙهيچن وسائيا، پڊ به پراڻان،
مون ڏي مارن موڪليا، سلام ساڳوڻان،
مون ڏي مارن موڪليا، پيرون پُراڻان،
مون ڏي مارن موڪليا، ڪي دعا سندا داڻان،
سُورَ تني جا سانوڻ چئي، منهنجي ساه کي سيباڻان،
مون کي مائٽاڻان، سُور نه وسرن سومرا.

---

پنهونءَ مون کي پرڻجي، لاٿي جَتَ جُکي،
مهند هسي مائٽن ۾، سورن کان سُکي،
ڪاڪيون ڪونه پرايم، آهيان ڏينهون ڏينهن ڏکي،
ڪانڌ بنا ڪافن ۾، آءٌ رلي ٿيس رکي،
حيف منهنجي حال کي، ڏيرن آءٌ نه ڏکي،
سورن ۾ سانوڻ چئي، پيا داڳ دکي،
ڀنڀوران بکي، شال ڪيچ ڏي ڪام وڃي.

---

آءٌ گڊو، آءٌ گولاڙو، آءٌ بي پَٿو آءٌ بي پاڙو،
من جي مرادن کي، آءٌ ڪريان ڪڄاڙو،
آهيان هٿين خالي مون وٽ، ڀتو نڪي ڀاڙو،
ڏسي دؤر دنيا جا، مون کي سرس لڳو ساڙو،
هيءَ حد ڇڏي هُن حد ۾، مون ڌن ڏسي هنيون ڌاڙو،
صوفيءَ جو سانوڻ چئي، لٿو من تان مونجهارو،
جڏهن تُرندو تُراڙو، تڏهن پوندي سڌ سچائيءَ جي(24).

سانوڻ فقير کان سواءِ مولابخش خاصخيلي، ڄام خان چانڊيو، الله بچايو رند ۽ ٻيا ڪيترا لوڪ رس شاعر ٿيا. ٻيلي جي شاعرن شيخ ابراهيم ۽ سنڌ جي ڪبير شاهه توڙي ٻين هي وکر وهايو ۽ نالو ڪڍيائون. سانوڻ وٽ به هن تنوار جا ڪئين مثال آهن. خرار مان نموني خاطر هڪ مٺ کنئي.

لاڙ جي شاعرن ۾ شيخ الله بچايو هڪ گمنام شاعر هو. سندس ڪلام سندس فرزند محمد سومار شيخ جي وسيلي شايع ٿيو. خود محمد سومار شيخ سٺو شاعر هو. هُن جي جذبن جي اُٿل شعرن ۾ موجود آهي. عجب جهڙي ڳالهه آهي جو هُو ان اُٿل کي روڪي لاڙ جي تاريخ، ثقافت ۽ ادب تي لکڻ لڳو، لاڙ جون وٿون گڏ ڪري لاڙ ميوزيم جو بنياد وڌائين. هي پيءُ – پٽ ڪڇ جي رڻ جي ڪناري ۽ اولهه ۾ سمنڊ جي ڪناري ڪرهئي ڀانڊاري جا رهاڪو هئا. اُتان لڏي اچي بدين شهر ۾ ويٺا. اِن ۾ به ڪا حڪمت هئي. محمد سومار ماستر ٿيو ۽ سوين ڪتاب لکيائين. سندس والد الله بچايو زندگيءَ جي جدوجهد ۾ لڳي ويو. الله بچائي شيخ جو ڪلام سندس فرزند محمد سومار شيخ، ڪليات الله بچايو شيخ جي عنوان سان شايع ڪري ڪلام کي محفوظ ڪيو. الله بچايو شيخ (1878ع – 1962ع) سادن گفتن سان پنهنجن جذبن کي ظاهر ڪري ٿو. ڪن واقعاتي ڪلامن جو خالق آهي:

مهاڻي ڏسي مرشيد کي، هوش وڃايا هڏ،
ڪئين پر نه قبول پيا، اُن سڌڙئي جا سڏ،
ڏند سيڪڙ لڳي، ڪري پيئي ۾ کڏ،
سڀنن ڪيس سڏ، پر جواب جُڙيو ڪينڪي.

---

مار ڏڙهي جي مار، ڪڍ ڏڙهي کي ماريان،
ڏهي ڏڙهو مون هٿ ۾، پوءِ ويريءَ کي چئو وار،
مون ڏي ڪِيم نهار، ڏس ڏڙهي کي ڏول ۾.(25)

پهرئين بيت ۾ لفظ ڏند سيڪڙ جي معنيٰ عجب کان ڏندڻجي وڃڻ ۽ هوش وڃائڻ آهي. ’سڀني‘ بجاءِ ’سڀنن‘ ۽ ’مليو‘ بدران ’جڙيو‘ لکيو اٿس ۽ ٻئي بيت ۾ ڏڙهي (بال –Ball) جو ذڪر ڪيو اٿس. شاعر جي ڪلام ۾ سگهڙ پائيءَ وارو انداز آهي. پيءُ جي مقابلي ۾ محمد سومار وٽ ڪو وقت جذبات جو اُڀار بيمثل رهيو. سندس ٻن مجموعن: ڄراٽيس ڄيري ۽ دوها ۽ دونهان ۾ سچ به برهه جي باهه، ڄيرو ۽ ڀسم ٿيل وجود مان دونهون اُٿندو محسوس ٿيو. ”ندي ڪناري دونهان اُٺت هي“ وارو معاملو آهي:

هڪ هڪ ساعت سال ٿو ڀانيان، صدي گهڙيءَ کي سمجهان،
هليو آءُ روح جا راڻا، منٽ نه هڪ کمجان(26).

’کمڻ‘ جي معنيٰ صبر ڪرڻ ۽ ترسڻ به آهي. ’کم کمندن کٽيو، هارايو هُوڙن‘ (لطيف). اهڙي ريت وارا ڍارا (وارا ڄمارا) چوڻي هيئن ڪم آڻي ٿو:

کارا ڪئين مٺڙا ٿيئڙا، مٺڙا ڪئين ٿيا کارا،
شايد دنيا ۾ اي ساجن، آهيِنِ وارا ڍارا(27).

’مٺڙا‘ ۽ ’ٿيئڙا‘ اُتر جي انداز ۾ ڪم آڻي ٿو ته ’آهن‘ کي لاڙي محاوري ۾ ’آهينِ‘ ڪري استعمال ڪري ٿو. پنهنجي ورثي کي ’شان’ چوي ٿو:

نڪي ٺاهيم آيتون، نڪي ڪو قرآن،
پر پنهنجو شان، مون بيتن ۾ بندي ڇڏيو(28).

پهاڪو ’لوڪ آهي ٻوڪ‘ هڪ طويل نظم ۾ هيئن ڪم آڻي ٿو:

لوڪ آهي ٻوڪ پيارا-
ڍيڪ سدا پيو ڏيندو،
پنهنجي پيار جو دريا مصري
ڇوليون هڻنديو رهندو-(29)

ضمير مخاطب ۾ اوهين بدران اَئين چوڻ لاڙ ۾ عام آهي. محمد سومار سنڌ مان لڏي ويل ڏيهين کي پرڏيهه وڃڻ تي ياد ڪري ٿو:

اچو آئين ديس ۾، ديس ٿيو مڌار،
پنهنجا پنهنجا پار، اڪيلا ٿي اوريون(30).

محمد سومار شيخ جي دوهن جا دونهان ۽ عشق جا اُلا ۽ ڄيرا لاڙ جي وٿن جي تلاش ۾ تبديل ٿي ويا ۽ هِن سلسلي ۾ چار سؤ ڪتاب لکيا. جن مان اڃان ڪيترا ڪٻٽن ۾ بند آهن ۽ اشاعت جي انتظار ۾ آهن.

بزرگ شاعر محمد خان مجيدي قومي شاعر آهي، هُن قوم ۽ سماج لاءِ گهڻو ڪجهه لکيو آهي ۽ ننڍين تُڪن جي استعمال ۽ ورجاءُ سان روحاني ماحول قائم ڪري ٿو ڇڏي. سندس نعت مان هڪ بند پيش ڪريان ٿو:

جِت هو جاري رنگ رباب
شربت وانگر شوق شراب
فرق نه هو ڪو ڏوهه ثواب
نينهن نزاڪت هئي ناياب
واڄٽ واڄا باجو بين
ڌُڪڙ ڌاڄا ڌڙ ڌڙ ڌين
تنهن دم آيو مرسل ڄام
پاريا ازلي تنهن انجام(31).

مجيدي صاحب جي نياڻي مريم مجيدي هڪ شاعره جي حيثيت سان پاڻ مڃائي چڪي آهي. هُن جو مجموعو سَروم دُکم دُکم آهي. هُن جو ڪلام پختو آهي ۽ اندازِ بيان ۾ لاڙ جو رنگ اٿس. ٻه شعر عرض رکان ٿو:

ڪلا ننگر جو هر ڪو ڪُونڌر،
ڪُوڙَ ڪَڙايو ڀيري ڀرڪي.

---

جُوءِ ۾ ڪنهن تي جُوڻي کڻجي،
هر ڪنهن هٿ جا گهايل آهيون(32)

ابراهيم منشي هڪ وڏو قومي شاعر ۽ سجاڳ دانشور آهي. سندس ڪلام ۾ لاڙ جو رنگ نمايان آهي. زبان ۽ بيان جو زور سندس ڪلام جي خوبي آهي. سندس ڪلام ۾ اهڙا ڪئين مثال آهن، جن مان چونڊ ڪري سگهجي ٿي. هتي سندس نظم مان نموني طور هڪ شعر حاضر آهي. هتي شاعر بخار بدران ’ٻرو‘ لفظ ڪم آندو آهي:

ٻاٻاڻن جا ٻار ٻري ۾ ڪير ٻُڌائي ٻَرندا ڪيسين،
جوٽ مٿي هن جيجل جا ڳاڙها ڳوڙها ڳڙندا ڪيسين.(33)

قومي شاعرن ۾ سرويچ سجاولي (ولادت 1937ع) وڏي وٿ آهي. ڇا سندس جذبو، ڇا سندس ٻوليءَ تي گرفت ۽ ڇا سندس ماروئڙن سان محبت، ڪنهن پهلوءَ ۾ ڪمي ناهي. مطلب ته سرويچ سنڌ جو وڏو شاعر آهي. سندس فن ۽ فڪر تي تفصيل سان لکڻ جي ضرورت آهي. سندس مجموعو آليون اکيون اڻڀا وار اُن ڳالهه جو گواهه آهي، پر سرويچ جي قومي نظم ’ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون‘ ته اهڙي اُٿل آندي آهي. ڄڻ مَئي متي مهراڻ جي اُٿل هجي. نه رڳو ايترو پر سرويچ جي ڪلام ۾ فطري زبان جو زور ۽ بيان جو حسن آهي. ڪهڙا مثال وٺي ڪهڙا مثال وٺجن! سنڌ جا سانگيئڙا ڏينهن رات سورن ۾ آهن. اِن صورت حال کي سرويچ هڪ چوڻيءَ ’سُورَ چرڻ‘ جي استعمال سان بيان ڪيو آهي:

سانگيئڙا هي ساٿيئڙا هي، سارو ڏينهن ڏک سُور
ڳڻتيءَ ڳوهيل ڳوٺاڻا ٿا ڳاراڻي ۾ روز ڳرن چرن(34).

مارو ماڻهن جا ڀونگا ۽ مَنهه، چوڙيلين جا چاڳ، اَن ڇڙڻ ۽ کير ولوڙڻ جا منظر، مکڻ ۽ ڏُڌَ جا ڪينجهر اهي سڀ سرويچ جي ساهه سيباڻان آهن. اُنهن جي وڻڻ جو بيان هيئن ڪري ٿو:

تُنهنجي مارن جا ته مون کي ٿا مَنَههَ ميرا وڻن،
تنهنجي چوڙيلين سنديون چُلهيون وڻن ڄؤنرا وڻن،
نِگههَ وڻي اُنڻ وڻي نيٽو وڻي نهرا وڻن،
مَنِ وڻي ماٽي وڻي مَنڌيءَ سندا ڦيرا وڻن،
ڏڌ ۽ ڌونرو وڻي مکڻ سندا ٽيرا وڻن،
پِس پُسيون پيرون پِپون ۽ ڏٿ وڻي ڏؤنرا وڻن،
تُنهنجي هر هڪ چيز چوکي چاڳ وارن جا وطن،
تو مٿان صدقي وڃان سانگين سنگهارن جا وطن،
دولهه دُلارن جا وطن آءٌ تو مٿان صدقي وڃان(35).

سرويچ جي ڳالهه فقط ايتري ناهي. سندس نظم ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون جو واس وٺڻ سان پُورو اندازو لڳائي سگهبو ته شاعر ڪيتري فني ۽ فڪري بلنديءَ تي آهي:

وه واه هي منهنجو وطن، چارئي ڪنڊون جنهن جون چمن،
سَوَ سَوَ منجهس پوکون پچن، واهڻ وسيون جنهن جون وسن،
ماڻهو جتي جا محبتي، سورهيه سگهارا صحبتي،
سڀ مرد مايون محنتي ۽ قول جن جا قيمتي،
ويهي رڳو واکاڻجن؛ ٻيلا ٻنيون مهراڻ جون،
جنتُ الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
جِت جيڏڙيون جنسار ڪن، سَتَ سَتَ رنگا سينگار ڪن،
هٿ منهن ڌوئي هسهار ڪن، تان گس گهٽيون گلزار ڪن،
جلوا ٿا پسجن جُو به جُو، سرهاڻيون پن سُو به سُو
درشن ٿين جي دُو به دُو، تان ڄڻڪ حُورون هُوبهو،
سُبَحانہُ سُبحانہُ! سي سوڍيون مهراڻ جون-
جنتُ الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
سُرما وجهي ڏيئي ڦڻيون، پاڻي ڀرڻ لاءِ پدمڻيون،
گڏجيو هلڻ پنج ست ڄڻيون، ’هيڏن ڪنڌن سان‘ ڪامڻيون،
ڪن ڪي نٿون ڪن کي وينڊڙا، سِرَ تي سمورين سينهڙا،
گجرن ڀريا پاڻيءَ گهڙا، ڪن ڪَڇَ تي ڪن ٻيلهڙا،
هُو لاڏ مان لڏنديون اچن، ڏس لاڏليون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
جي ٻوليون تن جون ٻُرن، ٿا چنگ ڪر چالُن چُرن،
يا ساز ڪنهن تي هٿ سُرن، يا روه تان برفون ڀُرن،
يا گيت ڪو ٻيو ڳائجي، يا وائي ٻئي ورجائجي،
يا لهر پئي ٽڪرائجي، يا ڪنوار پئي پرڻائجي،
يا چيٽ ۾ چُڻ ڀُڻ ٿيون ڪن، اڄ چاڳليون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
خوش ٿي کٿيريون جي کِلن، تان ماڻڪن جا مَڻَ مِلن،
جي ٽول پائي ٿيون ٽِلن، تان ساڙ ۾ ڊيلون جَلن،
هُو ديس تان گهوريون گهُمن، ۽ مُلڪ جي مِٽي چُمن،
هُو ديس جي خاطر جيئن ۽ ديس جي خاطر ڄمن،
شل جيئنديون ٻئي جُڳَ رهن، هي جوڌيون مَهراڻ جون،
جنتُ الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
ڳڀرو اُچن ڳاٽن سان جِتِ، ڏوٿي اُڀن ڏاٽن سان جِتِ،
گهوٽيا گهُمن گهاٽن سان جِتِ، ۽ گهوٽ گهوٻاٽن سان جِتِ،
اوڍيو گهُمن سي اَجرڪون، ٽوپين تي موتي ۽ ٽِڪون،
ڇا بت بدن جون بيهڪون، ٿا سرو جون لاهن سِڪون،
اهڙا ٻچا اچ ڀي ڄڻين، اڪثر اَميدن مهراڻ جون،
جنتُ الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
جن جا جنگي ۽ جوان پُٽَ، ڳارها جيها حُلواڻ پُٽَ،
رانديون ڪُڏن، رَتَ ساڻ پُٽَ، سرويچ سَرواڻ پُٽَ،
هڪ هڪ سندا هيڏا جگر، هڪ هڪ ڇڏي ٽوڙي ٽَڪر،
هڪ هڪ اٿئي سيني سَپر، هڪ هڪ ڪري ڇيهون ڇپر،
هڪ هڪ سندي مَستيءَ ۾ ڏس، تون مستيون مهراڻ جون،
جنتُ الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون(36).
 

جيئن مٿي مولوي احمد ملاح جي سلسلي ۾ عرض ڪيو اٿم ته لاڙ جي شاعرن احمد ملاح جو اثر گهڻو ورتو آهي ۽ مون هتي فقط چند شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي. نه ته ٻيا به ڪي شاعر آهن، جن هيءُ وکر وهايو آهي. شاعرن جي ڪلام ۾ لاڙ محاوري سان گڏ ڪن پهاڪن ۽ چوڻين جو ذڪر ڪري سگهيو آهيان. اُنهن جو تعداد گهٽ آهي ۽ تعلق سڄي سنڌ سان اٿن. فقط لاڙ سان نه اٿن. هيءَ موضوع تي هڪ مختصر جائرو آهي.

 

حوالا ۽ سمجهاڻيون

1.    آڏواڻي، ڀيرومل مهرچند. ’سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ‘، سنڌي ادبي بورڊ (چوٿون ڇاپو 1993ع) ڀيرومل لاڙ جي حد بنديءَ بابت لکي ٿو: ’سنڌ جو ڏاکڻو ڀاڱو جو وچولي جي هيٺان آهي ۽ وڃي سمنڊ سان لڳو آهي، سو لاڙ سڏجي ٿو. لاڙ جا ٻه ڀاڱا آهن. هڪڙو حيدرآباد ضلعي وارو لاڙ جو بدين ۽ ٽنڊي باگي کان ويندي بلڙي شريف تعلقي گونيءَ تائين آهي. اتان ڪوهه ڏيڍ پري ميرپور بٺوري تعلقي جي جهوڪ شريف (ميران پور) ۾ شاهه عنايت صوفيءَ جي درگاهه آهي. انهن ٻن نامور درگاهن جي وچ کان وٺي ڪراچي ضلعي جو سمورو ڏاکڻو ڀاڱو جو ڪيٽي بندر ۽ ڪراچيءَ طرف لڙي اچي سمنڊ سان لڳو آهي، سو ڪراچي ضلعي وارو لاڙ آهي‘- (ص – 121).

هاڻي اهو لاڙ ڪراچي ۽ حيدرآباد ضلعن بدران ٺٽي ۽ بدين ضلعن تي مشتمل آهي. ڀيرومل جي ڪيل اشاري واري ڪراچي ڏکڻ جي ايراضيءَ تي حافظ حبيب سنڌيءَ پنهنجي ڪتاب ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جي ٻولي، لکيو آهي، جو 1994ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري شايع ڪيو آهي.

2.           ڏسو ’سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ‘، سنڌي ادبي بورڊ، ص ص 121 – 139.

3.          Jones. D. An outlines of English Phonetics W. Heffer & Sons, Cambridge, 1961, p –11.

4.          BloomI filed, L. Language, Allen & Unwin London, 1961, p – 345.

5.          Hockett, C.F. a course in modern linguistics Macmillan & Co New York, 1960 p – 321.

6.    لاڙي محاوري جي ترجماني ڪندڙ ڪي بيت يا سٽون مون پنهنجي ڪتاب ’لاڙ جي لغات، جي سرورق تي ڏنا هئا، اُنهن مان ڪي هي آهن:

-       کڏيون ۽ کروتون، ايءَ پڻ سڳر ٽوڪ (ڪريم)

           واٽون ويهه ٿيون، ڪُہ ڄاڻان ڪيهي ويا (شاهه)

           ڪي ڏينا ڪي ڏاريون ڪي پن ڪي پاندور (سانوڻ)

ٻرهيون ٻهڳڻ ٻنگاريون، واهه قدرت رب ڪريم (احمد ملاح)

(ڏسو لاڙ جي لغات 1975ع سرورق)

7.      دائودپوٽو، عمر بن محمد (ڊاڪٽر)، ’شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام‘، شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز، ٻيو چاپو 1977ع، ص 52.

8.                 ايضاً – 53

9.                 ’متن ابيات سنڌي‘، ناشر انتظاميه جماعت لنواري شريف 1976ع، ص 19.

10.             احمد ملاح. ’نُور القرآن‘، مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد، 1978ع ص 5 (مقدمو)

11.              ايضاً – ص 2

12.             ايضا – ص 315

13.             ايضاً – ص 14

14.             ايضاً – ص 14

15.             مرحوم، محمد صديق. ’غزليات احمد‘، احمد ملاح پبليڪيشن بدين، 1972ع، ص 30.

16.             احمد ملاح. ’فتح لنواري‘، ميان رحمت الله گراڻو بدين، 1357 هه، ص 3.

17.             احمد ملاح. ’بياض احمد‘، غفور ايجنسي بدين، 1982ع ص 100.

18.             احمد ملاح. ’ديوان احمد‘ حيدري پريس حيدرآباد، 1974ع ص 7.

19.             ايضاً – 252

20.            ايضاً – ص 188.

21.             نُورالقرآن -  ص 690.

22.            محمد سومار شيخ. ’ڪلام پير ڀاون علي شاهه ساقي‘، بدين پريس بدين 1972ع ص 22.

23.            محمد سومار شيخ. ڪليات فاروقي، جيلاني پبليڪيشن بدين، 1958ع، ص 36.

24.            بلوچ، نبي بخش خان. ’نڙ جا بيت‘، سنڌي ادبي بورڊ، 1970ع ص ص 8 – 44 – 98.

نوٽ: بيت پهرئين جي قافين ۾ ن مون وڌائي آهي. بيت ٽئين ۾ ’بي پِتو‘ بجاءِ ’بي پَٿو‘ لکيو اٿم. مون کي جيڪا تَرَ پاڙي جي معنيٰ ۾ اچي ٿو. جيئن سومرن جا ٻه پَٿَ ٿا ٻُڌجن؛ هڪڙا سنڌي پٿ جا ۽ ٻيا ڪڇي پٿ جا. بدين ۾ گهڻا ڪڇي پٿ جا سومرا آهن.

25.            محمد سومار شيخ. ’ڪليات الله بچايو شيخ‘ ادبي محفل بدين، ص 38 ۽ 32 (ڀاڱو ٻيو) 32.

26.            محمد سومار شيخ. ’دوها ۽ دونهان‘، لاڙ ادبي سوسائٽي بدين 1974ع ص 21.

27.            ايضاً – ص 55.

28.            محمد سومار شيخ. ’ڄراٽيس جِيري‘، لاڙ ادبي سوسائٽي بدين، 1972ع ص 11.

29.            ايضاً – نظم خام خيال ص 8.

30.            محمد سومار شيخ. ’پرڏيهين ڏانهن پيغام‘، جيلاني پبليڪيشن بدين، ص 18.

31.             مجيدي، محمد خان. ’سماهي مهراڻ سيرت نمبر‘، سنڌي ادبي بورڊ 3-4/1980ع ص 500.

32.            مجيدي، مريم. ’سَروم دُکم دُکم‘، چانڊاڻ پبليڪيشن سجاول، 1986ع ص ص 5– 48.

33.            ابراهيم منشي. ’سماهي مهراڻ‘، سنڌي ادبي بورڊ 1 – 1972ع ص 31.

34.            سرويچ سجاولي. ’سماهي مهراڻ‘، سنڌي ادبي بورڊ، شاعر نمبر (ٻيو ڇاپو 1990ع) ص 551.

35.            سرويچ سجاولي. ’آليون اکيون اڻڀا وار‘، لاڙ پبليڪيشن سجاول، 1972ع، ص 4.

36.            سرويچ سجاولي. ’سماهي مهراڻ‘، سنڌي ادبي بورڊ 3 – 1974 ص 33 – 34.

نوٽ: نظم جي ڇهين بند ۾ ’سرءَ‘ ڇپيل آهي. مون اُن جي املا بدلائي آهي. حقيقت ۾ هيءَ سرو وڻ آهي.

 

سنڌي ادب، زبان ۽ ايڪيهين صديءَ جون گهرجون!

سنڌي زبان هونئن ته صدين جو سفر ڪري اڄوڪي مرحلي ۾ داخل ٿي آهي. زبان جي سٽاء به مختلف مرحلن ۽ تبديلين جي دؤرن مان گذري اڄ هن  سطح تي پهتي آهي ۽ اڄ هڪ جديد زبان جي مرتبي تي فائز آهي. ان هوندي به سنڌي زبان ۽ ادب ڪن مسئلن سان دوچار آهن. زبان توڙي ادب بابت هزارين ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. رسالا نڪتا ۽ اخبارون جاري ٿيون. اڄ به سنڌي زبان جون اخبارون پنهنجو ماڳ ماڻي رهيون آهن. ڪتابن جي سلسلي ۾ سرڪاري ادبي ادارن سان گڏ ذاتي نوعيت جي ادارن به چڱو نالو ڪڍيو آهي ۽ انهن جو اشاعتي سلسلو معيار توڙي مقدار جي لحاظ کان نمايان آهن.

اڄوڪي گفتگو ۾ آءٌ سنڌي زبان ۽ ادب بابت فقط ٽن نڪتن جي نشاندهي ڪندس، اُهي ٽي نڪتا آهن: (1) موجود ڊڪشنرين ۾ وڌيڪ ڪن ٻولين جي ڊڪشنرين جو اضافو ڪرڻ،      (2) سنڌي زبان جي صحيح استعمال لاءِ ڪوشش ڪرڻ (3) سنڌي ادب جي تاريخ لکڻ. انهن ٽن نڪتن بابت آءٌ مختصر طور پنهنجا خيال پيش ڪريان ٿو. سنڌيءَ جي حوالي سان ڪيتريون ئي ڊڪشنريون ۽ لغات اڳ  موجود آهن، پراڻي وقت جون ڪي لغات ۽ لفطن جا ڀنڊار (Vocabularies) قلمي صورت ۾ موجود آهن ۽ اوڻهين صديءَ جي پوئين اڌ کان ڊڪشنرين جي اشاعت به ٿي آهي، جن ۾ انگريزي – سنڌي ۽ سنڌي – انگريزي ڊڪشنريون نمايان آهن. سنڌي ۽ انگريزيءَ توڙي اردو – سنڌيءَ جي حوالي سان ۽ پڻ سائنسي ڊڪشنرين ۽ لفط ڀنڊارن سميت تعداد هڪ سؤ کان مٿي آهي. هن سلسلي جي ابتدا سترهين صديءَ عيسويءَ کان ٿي آهي. جڏهن ملا عبدالرشيد ٺٽوي (وفات 1670ع) لغتون لکيون. جيڪي فارسي ۽ عربيءَ جي حوالي سان لکيائين ۽ هي ڪاوشون هن شاهجهان بادشاهه جي نالي منسوب ڪيون. هن سلسلي ۾ پهريون مقالو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو آهي. جيڪو سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ جي مخزن پورب (1969ع) ۾ ڇپيو. دواين ۽ ٽواين ۾ عالمن سنڌي ٻوليءَ جي درسي ڪتابن ۾ مختلف زاوين سان صرف و نحو ۽ انشاءپردازي توڙي ٻين موضوعن لاءِ سنڌيءَ کي رائج ڪرڻ جي سعي ڪئي. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب ڪتاب ”انيس انجمن“ جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪو درٻيلي جي هڪ عالم نظام الدين (1129 هه / 1717ع) مرتب ڪيو. هن ۾ فارسي لفظن جون معنائون سنڌيءَ ۾ ڏنل آهن. محنت هيءَ ڪيل آهي، جو فارسي لفظ ڪهڙا به هجن، انهن جا سنڌي مترادف الف – ب وار آهن. آخوند عبدالرحيم جي جواهراللغات به هن سلسلي جي ڪڙي آهي. اُن کان پوءِ اڄ تائين فارسي سکڻ جا ڪتاب ۽ گرامر وغيره ته نڪتا، پر فارسي – سنڌي ڊڪشنريءَ جا خواب ڏسندا رهياسين. تازو خواب سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ جي ڪنهن وقت جي چيئرمين فارسيءَ جي پروفيسر ڊاڪٽر قاضي نبي بخش ڏيکاريو. چئي ”فارسي – سنڌي ڊڪشنري آءٌ ٿو تيار ڪريان.“ ڏاڍي ٺاهه ٺوهه هلي. ڪارڊ ٺهيا ۽ اُهي مقرر سائيز جي دٻلين ۾ بند ڪيا ويا ۽ بس نه هن صاحب اڳ ڪو علمي ادبي ڪم ڪيو، نه هي ڪم ڪري سگهيو. فارسيءَ جي ڳالهه اُن ڪري ٿو ڪريان جو فارسيءَ جو واسطو سنڌ ۽ سنڌي زبان سان گهڻو آهي. هونئن سنڌي ۽ پاڪستاني زبانن جون ڊڪشنريون به هجڻ کپن، جيئن پروفيسر دلشاد ڪلانچوي سرائيڪي – اردو ۽ اردو – سرائيڪي ڊڪشنريون ٺاهيون آهن. ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام مان به ڊڪشنريون ٺاهڻ کپن. جس هجي پروفيسر جلباڻيءَ کي، جنهن ماٺ ميٺ ۾ عربي – سنڌي ڊڪشنري ٻن جلدن ۽ سنڌي – عربي ڊڪشنري هڪ جلد تي مشتمل تيار ڪئي. سندس هي ڪاوشون سنڌالاجيءَ وفاقي سرڪار جي مدد سان شايع ڪيون. هيڏانهن ويهين ۽ ايڪيهين صديءَ جو فخر ۽ سينگار ڊاڪٽر بلوچ جا تيار ڪيل جامع لغات جا پنج جلد، يڪ جلدي لغات ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان جي ساٿ سان ٺاهيل سنڌي – اردو ۽ اردو سنڌي لغات نشانبر آهن. شاهه لطيف جي حوالي سان رسالي جي لغات روشني به ڊاڪٽر صاحب جو ڪارنامو آهي. هوڏانهن ڊاڪٽر سنديلي جي اڌ ۾ رهيل اشتقاقي لغات لطيف کي هن موقعي تي ياد ڪرڻ کان پاڻ کي روڪي نٿو سگهان. ضرورت آهي ته انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ جي حوالي سان جيڪي ڊڪشنريون آهن، تن کي سڌاري وڌائي شايع ڪرڻ جو اهتمام ڪجي. ايڪيهين صديءَ جي هيءَ تقاضا آهي ته اهڙيون ڊڪشنريون ڪمپيوٽرائز به ڪري ڇڏجن.

ٻيو نڪتو جيڪو تڪڙي توجهه جي تقاضا گهري ٿو، سو زبان جي صحيح استعمال، صحت ۽ اُچارن بابت آهي. ريڊيو، ٽي وي، اخبارن، عام گفتگو ۽ ڪڏهن ڪتابن ۾ به فاش غلطيون نظر اچن ٿيون. ڪيتري وقت کان اخبارن ۾ قاعدي (قانون واري) لاءِ قائدو (قائداعظم وارو) لکيو پيو وڃي. ”موري ۾ هي واقعو ٿيو“ بدران ”مورو ۾ هي واقعو ٿيو“ لکيو پيو وڃي. اخبارون اهڙن خطن کي به شايع نه ٿيون ڪن، جن ۾ سندن غلطيءَ ڏانهن اشارو ڪيل هوندو آهي. مون هي دليل ڏنو ته جي اوهين هيئن چئي سگهو ٿا ته، ”آءٌ گهوڙو تي چڙهي مورو ويس“ ته پوءِ ڀلي پنهنجو دليل اول رکو، پر مون کي جلدي ريڊيو تان اُن جو جواب مليو، جڏهن هڪ تبصري نگار چيو ته. ”مال جي خريد ۽ وڪرو جا معاملا طئي ڪيا ويا.“ اڃان به اڳتي اُچارن سان، ڪرسين تي ويٺل صاحب ۽ منڊمون توڙي ڪي اڻ ڄاڻ جيڪو هاڃو ڪندا اچن، سو ڏکوئيندڙ ۽ کل جهڙو آهي. هڪڙي منڊم کان مون ڪتاب جو ”مُهاڳ“ بدران ”مَهاڳ“ ٻڌو. ريڊيو جي قومي خبرن ۾ هڪ خاتون ”پڪو پُهه“ چيو. پَهه کي پُهه چوڻ به دکدائڪ آهي، پر جي ريڊيو جي سگهڙين سٿ ۾ خطن جا جواب ڏيندڙ خاتون ”ڏياري موڪليو“ کي ”موڪلي ڏياريو“ چوي، سو به هڪ دفعو نه پر وري وري ۽ هر ڀيري ايئن چيو ويو ۽ اسلام آباد کان ”محمد هاشم ابڙو کان خبرون ٻڌندا“ جو آواز اچي ته ڪيترو خراب لڳندو. مون کي ايئن محسوس ٿيندو آهي ته متان هي ماڻهو غير ملڪي هجن! هڪڙا ماڻهو ”هيءَ شئي مون چئن روپين ۾ ورتي آهي هيءُ نوٽ بوڪ مون ڇهني رپين ۾ ورتو آهي.“ چوڻ ۾ به عاجز آهن. چوندا: ”هي شئي مون چار رپئي ورتي آهي. هي نوٽ بوڪ مون ڇهه رپئي ۾ ورتو آهي.“ اهڙيون هزار غلطيون ٿين ٿيون، انهن کي سڌارڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي. ادارن ۽ اديبن کي ئي هن ڪم ۾ هٿ وجهڻو پوندو يا ايئن چئي خاموش رهڻو پوندو ته اهو ٻوليءَ جي فطري تبديليءَ ۽ ترقيءَ جو حصو آهي!!

منهنجي ٽين گذارش ايڪيهين صديءَ لاءِ هڪ مڪمل ”سنڌي ادب جي تاريخ“ جي تياري لاءِ ڪم ڪرڻ آهي. ايئن ڪونهي ته ڪو سنڌي ادب جون تاريخون لکيون ئي نه ويون آهن. وقت بوقت سنڌي ادب جون تاريخون لکيون ويون. انهن ۾ 1930ع کان 1953ع تائين ٻه اهم ڪتاب شايع ٿيا، جيڪي شاگردن ۽ عام پڙهندڙن وٽ مقبول ٿيا. اُنهن ۾ خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي ”سنڌ جي ادب تاريخ“ ٻه ڀاڱا ۽ پروفيسر لطف الله بدويءَ جو ”تذڪره لطفي“ ٽي ڀاڱا بنيادي ڪتاب آهن. تذڪرو فقط شاعريءَ بابت آهي. جنهن ۾ ضمناً فارسي شاعريءَ جو به ذڪر ڪيل آهي.

جيڪي ماڻهو سنڌي ادب جا هڏ ڏوکي آهن، اُهي ڪي وقتائتيون صلاحون به ڏيندا رهندا آهن ۽ جتائيندا آهن ته سنڌي ادب جي ڪا مڪمل تاريخ نه آهي. اُهي سچ ٿا چون پر جڏهن اها ٿا چون ته ادبي تاريخ جي نالي ۾ ڪي چوپڙيون ڇپيل آهن، ته اسان جو وات ڦاٽيو وڃي. عرض ڪريان ته اٽڪل هڪ سؤ ڪتاب واڌو لوڪ ادب رٿا جا سنڌي ادبي بورڊ وارا چاليهه جلد بنيادي طور سنڌي ادب جي تاريخ جو مواد فراهم ڪن ٿا. آءٌ به هڪ مختصر سنڌي ادب جي تاريخ لکي چڪو آهيان، جنهن چوپڙيءَ جا ٽي ايڊيشن شايع ٿي چڪا آهن. ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ننڍري ڪتاب ”سنڌي ادب جو جائزو“ جا به ڪيترا ڇاپا نڪتا آهن. ڊاڪٽر ميمڻ ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ پهرين اردو ۽ پوءِ سنڌي ۾ لکي. بدين، ٽکڙ، سکر، هالا ۽ ٻين ايراضين جا مقامي ادبي تذڪرا به ڇپيا آهن، نثر جون تاريخون به ڇپيون آهن. انگريزيءَ ۾ به ڪي ادبي تاريخون شايع ٿيل آهن، ته به اڳتي قدم وڌائڻ جي ضرورت آهي.

آءٌ اڳتي قدم وڌائڻ لاءِ سوچيندو رهيو آهيان. گذريل ڪجهه وقت کان اهڙي رٿا بندي ڪندو رهيو آهيان. اُها رٿابندي ايڪيهين صديءَ لاءِ هڪ هزار يا وڌيڪ صفحن تي هڪ مڪمل سنڌي ادب جي تاريخ لکڻ آهي، اُن جو وچور هن ريت آهي:

(1) هر هڪ جلد 250 صفحن جو ٿيندو، چار جلد ٿيندا، جي اشاعت لاءِ 500 صفحن جو هڪ جلد ڪيو ويو ته ٻه جلد ٿيندا.

(2) پهريون جلد شروع کان وٺي شاهه ڪريم، شاهه عنايت رضوي ۽ سندن همعصرن تائين هوندو.

(3) ٻيو جلد خاص طور شاهه عبداللطيف ۽ سندس همعصرن بابت هوندو.

(4) ٽيون جلد سچل سرمست، خوش خيرمحمد، نانڪ يوسف، بيدل، بيڪس، ثابت علي شاهه، گرهوڙي، ميان سرفراز ۽ ٻين همعصرن بابت هوندو.

(5) چوٿون جلد سنڌي نثر جي ابتدا، عروضي شاعري، لوڪ ادب، ڪڇ ۽ ٻيلي جي شاعرن ۽ ويهين صديءَ جي ادب بابت هوندو. هن ۾ ڪن ٻين ادبي شعبن بابت ضميما به ايندا.

(6) ادبي تاريخ ۾ شخصيت جو پهرين جدا تفصيلي بيان هوندو. جنهن ۾ سندس سوانح ۽ تخليقن جو ذڪر هوندو ۽ باب جي آخر ۾ اُن دؤر جي حاصلات ۽ سنڌ جي سماجي ۽ معاشي حالتن ۽ ادبي تحريڪن تصوف، ترقي پسندي ۽ نثر نظم جي صنفن جو بيان ڪيو ويندو.

هن رٿا جي سلسلي ۾ ڪن ادبين سان مشورا به ڪيا ويا آهن، اُنهن مان ڪن مشورن ۾ وزن هو. انهيءَ لحاظ کان هيءَ رٿا مون اڪيلي سر ڪاغذي تياري ڪري ورتي آهي ۽ تقريباً پهريون جلد تيار ٿيڻ وارو آهي. ايئن نه آهي ته منهنجي هن ڪاوش سان سنڌي ادب جي تاريخ سچ پچ هڪ مڪمل صورت ۾ ميدان تي اچي ويندي. حقيقت ۾ هي علم جي ٻين شعبن وانگر وسيع آهي. پراڻن تذڪرن ۾ مير قانع جي مقالات الشعراء ۽ ٻين ڪتابن جي باوجود اڃان دهلي دُور آهي، پر قدم به قدم هلندو ته رهجي. هوت ملي ويندو، ڪجهه اڳڀرو ٿجي. منهنجون هي ٽي گذارشون سنڌي زبان ۽ ادب جي گهڻگهرن جي ڌيان ڇڪائڻ لاءِ آهن.

 

تحقيقي مواد جي فراهمي ۽ سماج جو سڌارو

هر ڪم جي شروعات ۾ ان جو تسلسل هڪ مقصد سان هوندو آهي. خالي اوندهه ۾ لٺيون هڻڻ سان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو آهي. هڪ سنجيده ڪارڪن جيڪو به ڪم ڪري ٿو ان جو فائدو وٺندڙ سندس قوم هوندي آهي، هو ڪهڙو به ڪم ڪري ٿو ان جي پٺيان مقصد هوندو آهي. پوءِ اهو اديب هجي يا فنڪار، هاري هجي يا مزدور، يا ڪو سياسي ۽ سماجي ڪارڪن، بهرحال هو مقصد جي لاءِ ڪم ڪري ٿو، انهن جي اڳيان هڪ وڏو ۽ اهم مقصد آهي، خالي ڪاغذ ڪارا ڪرڻ ڪو مقصد نه آهي، ان جي حاصلات لاءِ اسين ڪم ڪريون ٿا، پوءِ ان ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪاغذن سان گڏ هٿ به ڪارا ٿيو وڃن، هٿ ڪارا ڪرڻ کان بچڻ کپي.

تخليقون پنهنجي سماج لاءِ پهرين ۽ پوءِ سڄي انسان ذات لاءِ هجڻ کپن، سماج جي علمي، ادبي، ثقافتي ۽ معاشي پاڻ ڀرائپ لاءِ تخليقون هجڻ کپن. هتي سنڌي زبان ۽ ادب جي باري ۾ ڳالهه ڪئي پئي وڃي، اديب جي ڪردار جو ذڪر ٿي رهيو آهي ته اسان جو فرض ڪهڙو آهي؟ منهنجي خيال موجب اولين فرض زبان ۽ ادب لاءِ پوري جوش و خروش ۽ تندهيءَ سان توڙي شعور سان ڪم ڪرڻ کپي، سنڌي زبان ۽ ادب جون گهرجون پوريون ڪرڻيون آهن، اهي گهرجون فقط اهي اديب، نقاد، شاعر ۽ لساني ماهر ڪري سگهندا، جيڪي ماضيءَ جي حاصلات تي مڪمل ڄاڻ ۽ گرفت رکندا هوندا. ماضيءَ جي روشنيءَ ۾ اڳتي وڌڻ جو عزم ڪرڻ کپي. زبان جي حمايت ڪندي ڪي ماڻهو ليکڪن ۽ استادن جو حقو پاڻي بند ڪرڻ ۽ بائيڪاٽ ڪرڻ جا آرڊر پاس ڪن ٿا. جيڪي ماڻهو ٻارن کي سنڌي نٿا پڙهائين، انهن جو حقو پاڻي بند ڪرڻ کپي، فقط استادن ۽ ليکڪن جو ڇو؟ اهو حقو پاڻي ڪيئن بند ڪبو؟ اهو ڪونه ٻڌايو ويو آهي! 21 – هين صديءَ ۾ اهو ڪيئن ٿيندو؟

21 – هين صديءَ ۾ سنڌ جي يونيورسٽين جو به وڏو ڪردار آهي، سنڌ يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي، ۽ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي، انهن جا سنڌي شعبا هن کان اڳ به اهڙو ڪم ڪندا آيا آهن ۽ اڃا به مثبت ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، بالترتيب ڪينجهر، ڪلاچي ۽ ڀٽائي تحقيقي جرنلز جي اشاعت سان گڏ ٻيو به تحقيقي ڪم ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪيو ويون آهن. سڀني ڪانفرنسن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ 1988ع سڏايل بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس هڪ وڏو ڪارنامو آهي. اسان جي هنن يونيورسٽين ۾ علامه قاضي، شاهه لطيف ۽ سچل چيئرز به قائم آهن. علامه قاضي چيئر ۾ ڊاڪٽر بلوچ پنهنجي همت سان ۽ يونيورسٽيءَ کان ٻاهر جي وسيلن هٿ ڪرڻ سان شاهه جي رسالي جا ڪجهه جلد به شايع ڪيا آهن ۽ ڪي ٻيا اشاعتي ڪم به ڪيا آهن، ان کي علامه قاضي تحقيقي رٿا جي نالي ۾ جاري رکيو اچي. لطيف چيئر ۽ سچل چيئر به اشاعتي ڪم ڪيو آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان پير حسام الدين ۽ سامي چيئر قائم ڪرڻ جا اعلان ڪيا ويا آهن، اڃا به يونيورسٽين مان مثبت ڪم جي اميد رکي سگهجي ٿي. رڳو ڪرسين تي ويٺل، سهولتن جي طالب ۽ غاليچن جي توبچي نام نهاد ليکڪن جي دعوائن مان ڪجهه به ورڻو سرڻو ناهي.

21 – هين صديءَ ۾ اسان کي ادبي ادارن جي باهمي رابطي کي قائم ڪرڻ ۽ قائم رکڻ طرف به ڌيان ڏيڻو آهي. اهو رابطو ادارن جو هوندو، شخصيتن مان ڪا راضي نه به هجي ته به ادارا هڪٻئي جي صلاح سان اشاعت جو ڪم ڪن. هن سلسلي ۾ سنڌي ادبي بورڊ، سنڌالاجي، شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، سچل اڪيڊمي، سچل چيئر، شاهه لطيف چيئر ۽ علامه قاضي چيئر جي وچ ۾ رابطي سان اڳتي قدم وڌائڻ جي اشد ضرورت آهي. هتي آئون سنڌ جي ڪن وڏن نجي اشاعتي ادارن کي داد ڏيڻ گهران ٿو، اهي آهن نيو فيلڊس پبليڪيشن، سنڌيڪا اڪيڊمي، روشني پبليڪيشن ۽ مهراڻ اڪيڊمي، هنن ادارن جيڪو اشاعتي ڪم ڪيو آهي، ان کان سرڪاري ادبي ادارن کي سبق حاصل ڪرڻ کپي، انهن ۾ به رابطي جي ضرورت آهي. سنڌ جو ورثو هونئن ته وسيع آهي، ان جا ڪيئي عنوان آهن، مختلف مضمونن جا ماهر ۽ پروفيسر سماجيات، معاشيات، صحافت، جاگرافي، سائنس ۽ انيڪ ٻين موضوعن ۽ انهن جي شاخن تي لکن، سنڌ جي تاريخ، ثقافت، آثارقديمه ۽ ادب تي اڃا به رٿابنديءَ سان ۽ منظم نموني لکڻ جي ضرورت آهي. اسان وٽ انهن موضوعن تي ڪم ٿيو آهي ۽ اڃا به گهڻي گنجائش آهي، ماهر به آهن. آئون پنهنجي ڳالهه ڪريان ته مون کي موضوعن سان دلچسپي آهي، هڪ سنڌي ادب جي مڪمل تاريخ ۽ ٻيو شخصيات، هنن ٻن موضوعن تي جيڪي ڪجهه اڳ ۾ لکيو اٿم، سو ڄڻ انهن موضوعن جو تعارف آهي، اڃا قدم اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آهي.

سنڌي ادب جي تاريخ مڪمل ڪرڻ اشد ضروري آهي، ان جي لکڻ لاءِ به نظريا آهن، پراڻو نظريو هي آهي ته تاريخ جي تسلسل سان دؤر وار ادبي تاريخ هجي. ماضيءَ ۾ ايئن ئي يعني حڪومتي دؤر جي پس منظر ۾ ادبي تاريخ لکي ويئي، پروفيسر لطف الله بدويءَ جو ”تذڪره لطفي“ ۽ خانبهادر ميمڻ جي ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ اهڙا بنيادي مثال آهن، ڪيترن ئي لکڻ وارن ان جي پيروي ڪئي. مون پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ۾ ان جا مثال (ماڊل) جي پيروي ڪئي. وقت گذرڻ سان نقادن ۽ ادب جي طالب علمن هڪ تنقيدي ۽ تجزياتي انداز جي تقاضا ڪئي، هڪ مشترڪه مطالعو پيش ڪجي يا صنف وار جائز هجي، دؤر وار ادبي تاريخ جو معاملو هاڻي پراڻو ڄاتو وڃي ٿو.

هن سلسلي ۾، جيئن عرض ڪيو اٿم، ڳالهيون گهڻيون ٿيون آهن، جن ڪڏهن ههڙي ڪاوش نه ڪئي تن به ادبي تاريخن کي چوپڙيون سڏيو ۽ جلهون ڪيون، ڪن اهو به چيو ته سنڌ جي سماجي، سياسي ۽ معاشي حالتن جي پس منظر ۾ تاريخ لکجي، اها ٻه هزار صفحن تي مون وٽ تيار آهي، پر اڃا اها ظاهر نه ٿي آهي. منهنجو تازو ڪتاب ”سنڌي ادب جو مطالعو“ البت صنف وار جائزو آهي، پر منزل اڃا پري آهي. آءٌ هتي اها ڳالهه ورجايان ٿو ته هڪ مڪمل ادبي تاريخ لکڻ کپي، ههڙا ادارا ڪن ادارن ظاهر به ڪيا آهن، آءٌ به اٽڪل سال کن کان وٺي هن رٿا تي ڪم ڪري رهيو آهيان. هي ڪم مون چئن جلدن ۾ رٿيو آهي. في الحال هڪ هزار صفحن جي رٿابنديءَ طور ڪم شروع ڪيو اٿم. پهريون جلد شاهه عبداللطيف کان اڳ جي دؤر تي مشتمل هوندو. ٻيو شاهه عبداللطيف ۽ سندس همعصر دؤر تي ۽ چوٿون جلد باقي عرصي جي ادبي جائزي تي مشتمل هوندو. هن ادبي تاريخ جي سٽاءُ هن ريت هوندي ته شخصيتن جو جدا جائزو ورتو ويندو ۽ باب جي آخر يا ڪٿي جلد جي آخر ۾ دؤر يا صنف جي پس منظر ۾ سنڌ جي حالتن جو جائزو هوندو، اهڙي طرح ادبي تاريخ جا پراڻا توڙي نوان انداز شامل هوندا.

سنڌ جا مشاهير به اسان جو خاص ڌيان لهڻن ٿا، اوڻهين صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ سنڌ جي مشاهير بابت مواد ڇپجڻ شروع ٿيو آهي، ان کان ٿوري گهٽ ڏيڍ صدي اڳ لکجڻ شروع ٿي چڪو هو، جڏهن خاص طور اندازن 1760ع کان وٺي مير علي شير قانع جي ڪتابن تحفة الڪرام، مقالات الشعراء ۽ معيار سالڪان طريقت ۽ مشاهير، صوفين اهم شخصيتن ۽ شاعرن جو ذڪر آيو. حقيقي معنيٰ ۽ گهڻو سوانح عمرين تي ويهين صديءَ ۾ لکيو ويو. هندن پنهنجي ڌرمي اڪابرن جو ذڪر ”جيون چرتر“ جي عنوان هيٺ ڪيو. آزاديءَ جي تحريڪ جي اثر هيٺ مسلمانن به وڌيڪ جوش ۽ خروش سان اسلامي اڪابرن، آزاديءَ جي علمبردارن ۽ ٻين مشاهير جون سوانح عمريون لکيون. سنڌي ادبي بورڊ پاران 1957ع ۾ مهراڻ جو سوانح نمبر شايع ٿيو، ان جي ترتيب ڊاڪٽر بلوچ ڪئي، ان جو ٻيو ڇاپو 1990ع ۾ شايع ڪيو ويو، جنهن تان ڊاڪٽر بلوچ جو نالو ڪاٽيو ويو ۽ پهرئين ايڊيشن کي 1958ع جو ڇپيل ڄاڻايو ويو. ادبي بورڊ ۾ ڪتابن تان اڳوڻن سيڪريٽرين جا مهاڳ هٽائڻ جو به ٿورو گهڻو رواج آهي.

شاهه ولي الله اڪيڊميءَ جي رسالي الرحيم جو مشاهير نمبر، گل محمد شاهه جو ”شهداد ڪوٽ جا قلمڪار ۽ شاعر“ ۽ ڪي ٻيا مجموعا آهن، جن ۾ مشاهير جو بيان موجود آهن. جي ايم سيد جو ”جنب گذاريم جن سين“ (ٻه ڀاڱا)، علي محمد راشديءَ جو ”اهي ڏينهن، اهي شينهن“ (ٽي ڀاڱا، ۽ پير حسام الدين راشديءَ جو ”هو ڏوٿي، هو ڏينهن“ به هن سلسلي جون ڪڙيون آهن. مشاهير کي سندن زندگيءَ ۾ داد ڏجي، اهڙيون به ڪي ڪاوشون ٿيون آهن، مون به ٿوري خدمت ڪئي آهي، پٿاوالا، ٽرومپ، سورلي، جان جيڪب، ڄام ڪانڀو خان، نور عباسي، ڊاڪٽر بلوچ، محبوب علي چنا ۽ ٻين ڪن شخصيتن بابت مقالا لکيم، جيڪي منهنجي ايندڙ ڪتاب ”ڪٺمال“ ۾ شايع ٿيڻ وارا آهن، ڪن ٻين شخصيتن بابت مقالا منهنجي مقالن جي ٻئي مجوزه مجموعي ”گهاگهر ۽ ساگر“ ۾ ايندا. ان کان سواءِ هڪ مطالعه سيريز ۽ شخصيتن تي ڪتاب شايع ٿيا اٿم، جن ۾ ڊاڪٽر بلوچ، شيخ اياز، تنوير عباسي، ڊاڪٽر سنديلو ۽ محمد سومار شيخ تي ڪتاب اچي چڪا آهن. ايندڙ ڪتاب ۽ مقالن لاءِ ڊاڪٽر جيٽلي، تاج صحرائي، الهداد ٻوهيو، نياز همايوني ۽ ٻين تي لکڻ جو خيال آهي.

مٿي جيڪي عرض ڪيو اٿم، اهو هڪ طرف سماج جي بهتريءَ لاءِ هڪ قدم مثل آهي، ته ٻئي طرف ڊڪشنريون، ادبي تاريخ ۽ مشاهير بابت مواد فراهم ڪرڻ سان ايندڙ وقت ۾ تحقيق ڪرڻ وارن لاءِ سهولت ميسر ٿيندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org