سيڪشن: ادب

ڪتاب: زنبيل

باب:

صفحو:12 

حاميءَ جو ڪلام

هي ڪتاب پروفيسر حاميءَ جي شاگرد محمد علي حداد ايڊٽ ڪيو ۽ 1986ع ۾ پنهنجي طرفان قائم ڪيل، حامي يادگار ڪميٽي خيرپور شايع ڪيو. ڪتاب ۾ حامي صاحب جا نظم، غزل، ڪافيون، قطعا ۽ رباعيون شامل آهن. شايد حاميءَ جو اڃان به ڪو ڪلام هجي. هن ڪلام ۾ حاميءَ جا غزل ۽ رباعيون معيار جي بلنديءَ تي آهن. ڪافيون فقط چار آهن. منهنجو خيال آهي ته غزل ۽ رباعيون حاميءَ جي مڪمل شخصيت جو اظهار آهن. منهنجي پسند جي چونڊ حاضر آهي.

غزلن مان

اکين سان حال دل جا يار تو سان اورڻا پوندا
زبان خاموش رهندي چپ نه هرگز چورڻا پوندا.

---

مٺن ماڻهن اڳيان حامي مٺو ڳالهائڻو پوندو
زبان کولڻ کان اڳ ۾ حرف سارا تورڻا پوندا.

---

دشمن به ڪو اڱڻ تي لڙي ٿو اچي ته پو
حامي ڪريون ٿا اُن جي به عزت خدا گواه.

---

سکن جا سال گذري ويا ڏکن جا دم نٿا وسرن
خوشيون سڀ خير سان گذري ويون پر غم نٿا وسرن.

---

مزي ۽ موج واريون محفلون سڀ خواب ٿيون ليڪن
ڪيم جيڪي جدائيءَ ۾ اُهي ماتم نٿا وسرن.

---

تنهنجي حسن ڏي موليٰ خير ڪري حيران هزارين پيا ٿيندا،
تنهنجي نينهن جي نازڪ ناتي ۾ نقصان هزارين پيا ٿيندا.

(هن ئي غزل جو سرائيڪي ترجمو ڪيائين. مطلعو مقطو هن ريت آهي)

تيڏا حسن خدا آباد رکي حيران هزارا پئي هوسن
تيڏي نينهن دي نازک ناتي وچ نقصان هزاران پئي هوسن.

---

بيقدر زمانا ياد رکين افسوس ڪريسين اُون ويلي
حامي دي مرڻ تون بعد جڏان ارمان هزاران پئي هوسن.

رباعيون

اسلام جي نالي ۾ نه ماريو ماڻهو
ڳڻتيءَ ۽ مصيبت ۾ نه ڳاريو ماڻهو
هي حال ڏسي دين ڇڏي هو ويندا
بي دين بڻائي ته نه کاريو ماڻهو.

---

قرآن جو مفهوم مٽائڻ وارا
ڏنڊي سان مسلمان بڻائڻ وارا
آڻيندا ڪنيزن جو ڪٽڪ گهر ڪاهي
وهنوار غلاميءَ جو وڌائڻ وارا.

---

ملان کي لڳل آهي بره جي ڪا باه
حورن جي تصور ۾ رهي ٿو گمراه
جنت ۾ اُنهن ساڻ ڪندو هو شادي
لاحول ولا قوت الا بالله.

ڪليات ناز

مير علي نواز ناز 1884-1935 جو ڪلام، حامي صاحب ايڊٽ ڪري سنڌي ادبي بورڊ کي ڏنو. بورڊ ڪليات کي 1987ع ۾ شايع ڪيو(6). رياست جي والي مير علي نواز ناز جو اقبال بيگم عرف باليءَ سان معاشقو هن جي مشهوريءَ جو خاص سبب بنيو. هن ڪليات جي مُنڍ ۾ حامي صاحب تفصيلي مقدمو لکيو آهي، جنهن ۾ مير علي نواز ناز جي وڏن بابت معلومات کان پوءِ خيرپور رياست جي والي رهندڙ ميرن ۽ مير علي نواز ناز جي پنهنجي سوانح عمري لکي آهي. اُن ۾ مير صاحب جي ننڍپڻ جي احوال کان پوءِ تعليم تربيت، اعزاز، والد سان ناراضگي وري پرچاءُ، تخت نشيني، حڪومت ۽ پوءِ جا حالات، شادي، شاهه خرچي، سڀاءُ، مسلڪ ۽ شاعريءَ جو ذڪر اچي ٿو. مقدمي جي آخر ۾ مير صاحب جي شخصيت ۽ همعصر شاعرن جو بيان آهي.

عام طور مير علي نواز ناز جي باليءَ سان معاشقي جا گهڻا احوال ۽ اڪثر باليءَ جي وفاداريءَ جو حوالو به اچي ٿو. حامي صاحب تمام مختصر بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ پهرين باليءَ جو زيور وغيره کڻي لاهور هليو وڃڻ ۽ پوءِ منٿن سان موٽڻ ۽ شادي ڪرڻ اچي وڃي ٿو(ص 8). خبر ناهي ته حامي صاحب کي هي امداد علي خان سرائي کان مليل احوال درست آهي يا ٻاهريان عوامي گفتا سچا آهن. مير صاحب جي اُن کان پوءِ ٻي عورت سَتڻ سان عشق جو بيان به آهي
(ص 8). مير ناز جي ڪلام مان انتخاب هي آهي:

تنهنجي رمز سهڻا مان ڇا سمجهان، آسان به آ دشوار به آ،
تنهنجي وعدي تي اعتبار ڪهڙو، اقرار به آ انڪار به آ.
 

- تون دؤر رهي بي نياز موليٰ سڻ فريادي جو آواز موليٰ
  هن بي گناه جي مارڻ لئه تبر تير به آ تلوار به آ.
- جتي حسن تجلي نور ڏسان، هر سر و قمري مخمور ڏسان
  هي آ فرياد بلبل جي صدا جني گل به اُتي خار به آ.
- دولت زر جي پاس نه آهي مهرو وفا جو آهيان غلام
  هن ساري جهان ۾ ناز غريب زردار به آ نادار به آ.

---

هلو شهر لاهور ديدار اَٿوَ
جتي يوسف وڪاڻو بازار اَٿوَ.

---

ڪجهه يار جو شڪوو نه رهيو خوب ٿيو
بيهوده دشمن کئون بيچئن هو خوب ٿيو
منت ڪش دهر جي توکي ٿيڻو هو
شڪر ٿيو نه ٿيو سو خوب ٿيو.

هن ڪليات ۾ مير صاحب جو اڳ ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل سنڌي، اردو ۽ سرائيڪي ڪلام شامل آهي. والئي رياست هو جيڪي چيائين تنهن تي داد مليس.

ڪشف المحجوب

سيد علي هجويري داتا گنج بخش جي هيءَ تصنيف حامي صاحب ترجمو ڪئي. سنڌي ادبي بورڊ پاران 1988ع ۾ شايع ٿي. بورڊ هن ڪتاب جي سر ورق تي مصنف ۽ مترجم جو نالو ڏيڻ به پسند نه ڪيو. جيڪو فقط اندرئين ٻئي صفحي تي ڏنل آهي. سج کي ايئن لڪائي نٿو سگهجي. اسان جي ملڪ ۾ اهڙا ڪارناما گهڻا ٿين ٿا.

11 صدي عيسويءَ جي بزرگ سيد علي هجويري عرف داتا گنج بخش جي هيءَ تصنيف هڪ مشهور معروف ڪتاب آهي. اِن جو ترجمو ڪو آسان ڪم ڪونه هو. پروفيسر حاميءَ جي لگن، محنت ۽ محبت سان هي ڪارنامو سرانجام ٿيو. هن ڪتاب جا موضوع ۽ عنوان حقيقت سان واسطو رکن ٿا پر ڪي عنوان انساني زندگيءَ جي ظاهري پهلوءَ سان به تعلق رکن ٿا. جهڙوڪ: علم جو ثبوت، درويشيءَ جو ثبوت، تصوف متعلق. صوفين جي گودڙي ۽ اهلبيت سڳورا وغيره. اُن کان پوءِ گفتگو جا آداب، سفر جا آداب، طعام جا آداب، گهمڻ ڦرڻ جا آداب، راڳ، ناچ ۽ سماع وغيره تي قرآن، حديث ۽ موزون مثالن سان سير حاصل بحث ڪيل آهي.

حامي صاحب هي ترجمو نهايت سهڻي زبان ۾ ڪيو آهي. هي سليس ترجمو هن عظيم ڪتاب جي بلڪل شايان شان آهي. عبارت ۾ ڪٿي به مونجهارو ۽ ابهام نه آهي. هيءَ هڪ سعادت هئي، جا حامي صاحب کي حاصل ٿي.

خيرپور جي ميرن جو ادب سياست ۽ ثقافت ۾ حصو

هيءَ حامي صاحب جي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز آهي. سنڌالاجيءَ هيءَ ٿيسز 1994ع ۾ شايع ڪئي. هونئن ئي حامي صاحب جا علمي مقالا خيرپور جي ميرن، اهم قبيلن ۽ سچل سرمست جي باري ۾ موجود هئا. انهن مان ڪي ڪتاب ”وکريل موتي“ ۾ به ڇپيا. هيءَ ٿيسز هڪ باضابطه رٿا طور شروع ڪيائين ۽ موضوع سان پورو پورو انصاف ڪيائين.

جيئن دستور آهي ته پي. ايڇ. ڊي جي ڪم ۾ ڪنهن به موضوع تي لکڻ لاءِ شروع کان آخر تائين پوري ترتيب سان عنوانن ۽ اُنهن هيٺ ايندڙ مختلف ننڍن عنوانن جي تقسيم ڪئي ويندي آهي. حامي صاحب اهڙي تقسيم پوري خبرداري ۽ ذمه داريءَ سان ڪئي آهي.

خيرپور جاگرافيائي پوزيشن ۽ ان جي طبعي ڀاڱن، ايراضيءَ، آدمشماري، واهن ۽ ٻيلن سميت ٻيا ضروري انگ اکر ڏنا ويا آهن. اُن کان پوءِ قديم آثارن ۾ ڪوٽ ڏيجي ۽ ٻين دڙن ڀرن ۽ ماڳن مڪانن جو جائزو ورتو ويو آهي. ٽالپرن جي حسب نسب تي سير حاصل بحث ڪندي، ٽالپرن جي سياسي تاريخ جو جائزو پيش ڪيو ويو آهي. اُن کان پوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ خيرپور جي ٽالپرن جو ڪردار بحث هيٺ آندو ويو آهي. سنڌ تي ڪلهوڙن کان وٺي ڌارين جي حملن جو تذڪرو ڪيو ويو آهي. چئن بابت تائين هي سڄو پس منظر پيش ڪندي اسان جي قابل محقق پنجين باب کان خيرپور جي ميرن جي حڪمرانيءَ وارو احوال شروع ڪيو آهي ۽ پاڻ مير سهراب کان وٺي آخري حڪمران مير علي مراد ثانيءَ تائين خيرپور جي تاريخ بيان ڪئي اٿس.

ملڪي نظام جيڪو هن عنوان جو ڄڻ ڪرنگهي جو هڏو آهي، تنهن جو عنوان وار جائزو پيش ڪيو اٿس. هن سلسلي ۾ حامي صاحب ادبي جائزي سان گڏ تعليم، تهذيب، تمدن، ريتن رسمن، لباس، زيورن، ميرن جي مسلڪ، شيل شڪار، راڳ ۽ ساز، تعميرات ۽ هنرن جو ذڪر ڪيو آهي.

هر ڪنهن عنوان تي تحقيقي انداز ۾، ۽ مختصر طور بحث ڪندو. خيرپور جي سنڌيءَ جي محاوري (Dialect) جو جائزو پيش ڪندي اُن جو لسانياتي ۽ صوتياتي جائزو به وٺي ٿو. اُن سان گڏ ميرن متعلق جيڪي لطيفا آهن اُن جو به ذڪر ڪري ٿو. انهن ۾ ڪي واقعات آهن ته ڪي بيت به.

اُن کان پوءِ ميرن جي مشاهير، وزيرن، اميرن، فوجي سردارن، سرائين ۽ مختلف خاندانن ۽ انهن جي اهم ماڻهن جو ذڪر آهي. تنهن سان گڏ پيرن، فقيرن ۽ شاعرن جو احوال آهي. اُنهن ۾ ڪنڊڙيءَ وارا روحل فقير ۽ ٻيا- ۽ درازن جا درويش يعني سچل سرمست جا وڏا، خود ۽ درازي درگاهه جا پويان گادي نشين اچي وڃن ٿا.

ڪتاب جي آخر ۾ ٻه ضميما آهن، انهن ۾ ميرن جا شجرا ۽ ميرن جي ڪلام جو انتخاب آهي. ڪتاب ۾ ببلوگرافي به ڏني ويئي آهي. هيءَ ٿيسز حامي صاحب جي محنت جو ڦل آهي ۽ پنهنجي موضوع تي هڪ اهم دستاويز جي حيثيت رکي ٿي.

حامي صاحب جون جيڪي ادبي خدمتون آهن، اُهي اڃان به وڌيڪ هجن ها، جي هُو پنهنجو وقت ٻين عوامي خدمتن کي نه ڏي ها. خلق جي انفرادي ۽ اجتماعي ڪمن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. پنهنجي ڳوٺ جي تعليمي، ثقافتي ۽ سماجي زندگيءَ لاءِ ڏينهن رات ڊڪ ڊوڙ ۾ رهيو. حداد لکي ٿو ته: ”پنهنجي گهر کي ٺاهڻ بدران پنهنجي ڳوٺ وارن کي آرام ۽ آسائش ڏيارڻ ۾ مصروف رهيو. وڏي مخالفت هوندي به پنهنجي ننڍڙي ڳوٺ جي سهوليت لاءِ برانچ مڊل اسڪول، گرلس پرائمري اسڪول، وٽنري اسپتال، روڊ، لائٽ، فون، واٽر سپلاءِ ۽ ڊرينيج جي اسڪيمن کي عملي جامو پهرايائين(7).

اِهو هو، هر ڪنهن جو حامي-

عمر گذري حسرت تعمير ۾ ڪک پن کڻي،
راس بلبل کان نه ٿيو ڪو آشيانو باغ ۾.

حوالا

1.                  حداد، محمد علي- (مرتب). حاميءَ جو ڪلام، حامي يادگار ڪميٽي خيرپور 1986ع ص – 5 (مهاڳ).

حداد ڳوٺ جو نالو هڪڙي ئي صفحي (5) تي مختلف انداز سان لکيو آهي. 
  قناصره- ڪناسرا.

2.                 ايضاً – ص 5

3.                 ايضاً – ص 5

4.                 ايضاً – ص 5

5.                 ايضاً – ص 8

6.                 ڪليات ۾ اندر اشاعت جو سال 1987ع، ۽ ٻاهر سر ورق تي 1988ع لکيو ويو آهي.

7.                 حداد، حاميءَ جو ڪلام، ص 28.

شيخ اياز جو پوئين دؤر جو ڪلام

 

شيخ اياز جي زندگيءَ جا آخري ٻه – ٽي سال (1995 – 1997ع) اِنهيءَ ڪري اهم آهن ۽ مطالعي جا طلب گار آهن، جو اُنهن سالن ۾ هن جي زندگيءَ جي سڀني ڌارن ۾ تيزي آئي. بيماريءَ ۾ تيزي آئي، لکڻ ۾ تيزي آئي ۽ سوچن ۾ به تيزي آئي. جا ڳالهه هن لڙيو سج لڪن ۾ (1980ع) چئي ۽ الوداعي گيت ۾ (1991ع) چئي، اُها هنن پوين سالن ۾ ۽ ٿورو اڳ ورجائڻ به لڳو. يعني زندگيءَ جي شام جا پاڇا ڊگها ٿيندي ڏسڻ. اُن کان اڳ به اڪثر ٻئي پار جي سوچ ”چنڊ چنبيليءَ ول“ (1985ع) ۾ ڪرڻ، ڌيان چڪائيندڙ آهي. چوي ٿو:

کنڀي کڻ

سمنڊ منهوڙي تان مون کي تون کنڀي کڻ!

دور دور ساحل تي هڻ!

جئن ڇوهي ۾ جهوني وڻ جا

ڇڻ ڇڻ پتا

مون کي ايئن اُڏاري هل – الخ(1).

منهنجي موجوده گفتگو جو مقصد آهي ته اِنهن پوين سالن ۾ زندگيءَ جي شام کي اياز ڪيئن ڏسي ٿو ۽ ڀوڳي ٿو. اُن سان گڏ سندس سوچ ۾ زندگيءَ جا رنگ ڪيئن پسجن ٿا. هي ٻه ڳالهيون مختصر طور عرض ڪريان ٿو. ”گهاٽ مٿان گهنگهور گهٽا ۾“ مهاڳ ۾ لکي ٿو: ”الائي ڇو مون کي اِهو اُلڪو آهي ته زندگي بي اعتبار آهي ۽ جيترو ٿي سگهي اوترو جلد لکي وٺان. ڀٽائيءَ جي هڪ سِٽ آهي ته ”ٻڏندي ٻُوڙن کي ڪي هاتڪ هٿ وجهن.“ ٻُوڙا اڃان ته منهنجي هٿن ۾ آهن. پر ڏسجي ته ڪيستائين ٿا سَٽَ جهلن ۽ درياه مون کي ڪڏهن ٿو لوڙهي وڃي“(2). ”الوداعي گيت“ جي مهاڳ ۾ به موت بابت لکي ٿو ته: ”ٻي جو موت مون کي ڏکارو ڪندو آهي، پنهنجي موت جو سوچي مون کي صرف مُرڪ ايندي آهي، جا موناليزا جي مرڪ وانگر پُراسرار هوندي آهي“(3). – ”مان هيءَ دنيا پنهنجيءَ پورنتا تي رسي ڇڏيان ٿو“(4). – ”پر ڪيئن چئجي موت چورن وانگر پٻن تي ايندو آهي“(5).

زندگيءَ جي شام جي پاڇن ۽ زندگيءَ جي رنگن کي هڪ ئي وقت شاعر ڏسي ٿو. پوئين گهڙيءَ ۾ شاعريءَ جا ڳل ڇهڻ جي ڳالهه ۽ شاعريءَ جو اياز کي ڌونڌاڙڻ ته ’اڃان لِک‘ - ۽ هُو اُن جو اظهار هيئن ڪري ٿو:

متان چئين شاعري، ”ڪونه نڀايو تو،“
پوئين گهڙيءَ جو، تنهنجا ڳل ڇُهي ڏٺا.

---

ننڊ اچي به ڪيئن، ٿي ڌونڌاڙي شاعري،
چوي پئي هيئن، ”لک اڃان لکڻو اٿي
(6).

شاعر دنيا جي دؤر کي ڏسي پيو ۽ اُن جي تبديليءَ کي محسوس ڪري ٿو. سندس خيال آهي ته هنن ستر سالن ۾ دنيا ايترو ڦري ويئي آهي، جيترو ست سؤ سالن ۾ به نه ڦري هئي. ويهين صديءَ جا ستر سال ايترو ڦيرو آڻي چڪا هئا، جو اُهي نمايان طور نظر آيا ٿي. سائنس جي ترقي ٿي، خلائي ترقي، ڪمپيوٽر جو ڪرشمو توڙي ٻه وڏيون جنگيون ۽ عالمي دهشتگردي، بک ۽ بيروزگاري- اِهي سڀ ڳالهيون اياز کي هڪ وڏي تبديليءَ وانگر لڳيون. اُنهن جو اشارو هن برملا ڏنو:

دنيا ستر سال ۾، ڪيڏو ڦري وئي،
ايڏو ڦري وئي، ناهي ست سؤ سال ۾
(7).

زندگيءَ جا رنگ، پل پل جا پُورَ، پل پل جي پيڙا، غم ۽ خوشيون، شاعر جي سوچ جي ڪينواس تي نمايان آهن. هُو پل پل جي ڳالهه کي پنهنجي انداز سان بيان ڪري ٿو. هن وائيءَ ۾ اُهو انداز نمايان آهي:

    آريٺا ته پُساءِ

ميري ٿي وئي ڪنجري

نئون جوڙو ڪونه تو، آندو ونيءَ لاءِ،
                                       آريٺا ته پُساءِ.
هيءَ جا گُل جيان، اُنهيءَ اڇا وڳا پاءِ،
                                       آريٺا ته پُساءِ.
ماڻهو ڪوٺي ڪوٺ تي، تنهن کان پوءِ گهُراءِ،
                                       آريٺا ته پُساءِ 
(8).

اياز حسن جي پرک (سراپا نويسيءَ) جو خاص ڏانءُ رکي ٿو. اُهو ڪنهن جو اڳ واپرايل نه آهي. هُو ٻانهن جي حسن جوذڪر چوڙين جي حوالي سان ڪري ٿو. چوڙيون بازار ۾ پاتيون پيون وڃن ته ڪهڙو نظارو آهي:

هن جون ٻانهون ٿا ڏسن، مرڪي سڀ مڻهيارَ،
بيهي وچ بزارَ، چوڙيون جا پائي پئي.

---

سرتي! تو سينگار ۾، ڪيڏيون ٻانهيون بُڪَ!
هٿ چمن ٿا ڍُڪَ، ڄڻ پيالي مان سون جي
(9).

حُسن جي حقيقت کي بيان ڪرڻ سان گڏ اياز عشق جي واردات جو ذڪر به پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڪري ٿو. چوي ٿو:

پُٺي کُنڀيءَ وانگيان، ظاهر گج منجهان،
پَريان توکي مان، ڪئن نه سڃاتو سندري.

---

جيئين تتر ڪارڙا، پڃري ۾ ڦٿڪن،
تيئين منهنجي من، آهن تنهنجون ڳالهڙيون
(10).

چڪري ويلڻ جي ڪري اياز کي سنڌ ساڳي نظر اچي ٿي. روهڙيءَ مان درياه جو نظارو کيس حافظ شيرازيءَ جي رڪناباد ياد ڏياري ٿو. چوي ٿو:

چڪري ويلڻ ساڻ، هوءَ ويلي پئي مانڙي،
آهي سنڌ سٻاجهڙي، صدين کان ساڳي اڃا.

---

هيءَ نه رڪناباد، هيءَ ته آهي روهڙي،
پوءِ به مون کي ياد، اڄ حافظ ڇو ٿو اچي؟
 (11)

’ڪاري رات ڪهنگ‘ جي هڪ وائيءَ ۾ مولوي احمد ملاح جي شعر جو آهنگ پيو جهلڪي. اياز انهيءَ انداز تي ۽ اهڙي رديف قافيي ۾ ٻي ڪا وائي نه چئي آهي. هُو چوي ٿو:

هل وري موري هلون،

هل ته هن لاءِ پنهنجو گهاٽ گهر گهوري هلون
اڄ ته هن ڀيري ڪليجو پاڻ مان ڪوري هلون
اڄ پرينءَ جي پار پنهنجي جيءَ کي جهوري هلون
هيل پنهنجي زندگاني تند سان توري هلون
                                    هل وري موري هلون
(12).

فطرت جا حسين نظارا هونئن ته هر باذوق انسان جو ڌيان ڇڪائين ٿا، پر شاعر جو ڌيان تيزيءَ سان حَسين نظارن ڏانهن وڃي ٿو ۽ هُو انهن ۾ گم ٿي وڃي ٿو. شيخ اياز کيت ۾ سُئا ڏسي ڪيئن محسوس ڪري ٿو، اُن جي لفظن ۾ تصوير هيءَ آهي:

هي جي سُئا کيت ۾، ۽ تن جي ساوڪ،
ڪيڏي من ڀاوَڪ، آهي ڌرتي باک جو
(13).

جيئن مون عرض ڪيو ته اياز جا پويان سال هڪ مسلسل تڙپ هئي، هڪ اضطراب هو. ساز ۽ مضراب جي عجيب حالت هئي. هن ساز سان زندگيءَ ۽ موت جا سُر آلاپيا. ايئن به چوي ٿو ته ”ٿو موڪلايان الوداع“، ۽ هيئن به چوي ته:

ڪَتيءَ توڙي مانگهه
آهي پوئين پهر ۾
مون کي تنهنجي تانگهه.

---

نچن ٽڀن ٿا
تو جهڙا شاعر ڪٿي
ڪنهن کي لڀن ٿا
(14).

احساس جمال ۽ حسن جي پرک توڙي تڙپ جي ڪا حد نه آهي. بيماريءَ جي بستري تي اياز جو حوصلو به ڌيان ڇڪائي ٿو. هُو چوي ٿو:

درد ويو وسري
ڏس، هي ليڊي ڊاڪٽر
ڄڻ جهڙي مصري
(15).

---

مان منهنجو بستر
ڪيڏي سهڻي نرس
ڄڻ ڪو ڪبوتر
(16).

اياز آخري سالن ۾ هڪ اهڙو پکيئڙو هو جو اُڏرڻ وارو هو. هُن اُن پرواز کان اڳ هِتان هُتان جا مثال وٺڻ شروع ڪيا. هُن اهو سوچيو ۽ چيو ته ڀٽ – ڌڻيءَ جي هيءَ پرواز ڪيئن ٿي هوندي؟ چي ساري رات جي سماع بعد پوئين پهر وداع!

ساري رات سماع
ڀٽ ڌڻيءَ جو وجد ۾
پوئين پهر وداع
(17).

اڪيلي زندگيءَ جي اسٽيج تان شيلي، زولا فردوسي ۽ طوسيءَ کي پڪاري پڇي ٿو ۽ ڪجهه ٻڌائي ٿو(18).

زندگيءَ جي رنگن جي خوبصورتيءَ سان گڏ شاعر جي من تي زندگيءَ جي شام جا ڊگا ڊگها پاڇاوان هن کي ڪجهه مغموم، فڪرمند ۽ ڏکارو به ڪندا رهيا ۽ ڪجهه دل کي آٿت ڏيڻ وارا خيال به ظاهر ڪندو رهيو. هِتان هُتان جا اشارا ڏئي ڳالهه کي وزن وٺائيندو رهيو. سچ جو جڳ ۾ قدر نه آهي. ڪوڙ مالڪ وٽ قبول ڪونهي- ته پوءِ قصو ڪيئن هلي؟ اُهو ڪبير جي لفظن ۾ هئين هو:

ساچي جڳ راچي نهين، جُوٺا مني نه رام،
ڪَهه ڪبيرا ڪسنون بنون، دونون ڀاري ڪام
(19).

زندگيءَ جي هن ڳجهارت (فنا) کي هنديءَ جي شاعره سهجُو بائيءَ جي لفظن ۾ هيئن پسجي ٿو:

چلنا هي رهنا نهين، چلنا بيسو بيس،
سهجُو تنڪ سهاگ پر، ڪيون گنڌ وائي ڪيس
(20).

هيءَ سوچ انسان جي زندگيءَ ۾ ڪنهن خاص دور ۾، ۽ خاص طور زندگيءَ جي پوين سالن ۾ اچي ٿي. ڪو ڪيترو به خود سر هجي، پر ڪنهن وقت پنهنجي جسم کي ڪمزور ٿيندو ڏسي اُن جي فنا ٿيڻ جي حقيقت کي مڃي ٿو. ڀلي کڻي اياز چواڻي دل کي آٿت ڏي ته ”ڌرتي تنهنجي ڀاڪر ۾ مهڪ چنبيليءَ ول جي“. اياز ڪمزوريءَ ۽ بيماريءَ جا ڪيئي ڏينهن ڏٺا. اُنهن ۾ زندگيءَ جا وسريل ورق هڪ هڪ ڪري سندس اکين اڳيان ايندا ويا. اُن جي عڪاسي هنن لفظن ۾ ڪيائين:

بيماريءَ جو بسترو، ڇا ڇا اچي ياد،
ڪويل جي فرياد، پن پن ۾ گونجي جئين
(21).

هر هر ويل وڃڻ جي ويل کي ياد ڪيائين ۽ ڏک ۾ ڀرجي چيائين:

سج لهي سانجهي ٿيو آهي هاءِ وڃڻ ويلا،
ڪيئن چئجي ٻيهار نه ٿيندا، ماروئڙن ميلا
(22).

مَنَ کي چٽن لفظن ۾ جڳ سان ناتو ٽوڙي، الله سان ناتو جوڙڻ لاءِ چيائين:

جڳ سان ناتو ٽوڙ، ناتو جوڙ الله سان،
اڄ ته مهاران موڙ، ڏاچي پنهنجي ڏيهه مان
(23).

يا

ايڏا انبار! توکي ته خالي هٿين وڃڻو آهي! (24)

زندگيءَ کان موت جي طرف وڃڻ ڪا نئين ڳالهه ته نه آهي، پر سوچڻ وارو اُن جا ڪيئي پهلو پسي ٿو. ڪيترن زاوين سان اُن جي اَنت کي پرکڻ جي جاکوڙ ڪري ٿو. بلا شاهه هڪڙي سِٽَ ۾ صاف صاف چيو: انت بحر دي ڪل نه ڪائي، رنگي رنگ بڻايا.

اياز هُن پار بابت هيئن چيو:

صدين کان پوءِ اگر سمجهندين ته ڇا ٿيندو؟
هڏن کي ڪابه تسلي ملي ملي نه ملي.
لکي ٿو هٿ لکڻ کان ڪڏهن جُدا ٿيندو؟
فضائون ڪيئي صبا جيئن روح جهاڳيندو؟
چوان مان ڪيئن ڪڏهن منهنجو خاتمو ايندو؟
گهٽائون جيسين اچن ٿيون پيو ٿو مور ٽِلي.
خبر نه آهي ته آگم اِهو ڪٿي نيندو؟
صدين کان پوءِ آگر سمجهندين ته ڇا ٿيندو
(25).
 

زندگيءَ جي خوشين ڀرئي، دؤر کان پوءِ زندگيءَ جي شام جي ڊگهن پاڇن جي پوري احساس سان شاعر پنهنجا خيال ظاهر ڪري ٿو. خدا جي اڳيان ڀيٽا طور شاعريءَ جو سجدو ٿو ڪري:

اي خدا

تون مون کي ايتري مهلت ڏيندين

ته منهنجي شاعري توکي

هڪ سجدو ڪري وٺي.

اڃان به اياز جا ٻه ٽي مجموعا اشاعت جو انتظار ڪري رهيا آهن. ’اڪ جون ڦلڙيون‘، ’ڪف گلفروش‘ ۽ ٻين مجموعن جو انتظار آهي. مڪمل ڪلام ۽ ٻين تحريرن جي اشاعت کان پوءِ اياز جو مطالعو ۽ اياز شناسيءَ جي هر پهلوءَ جو بهتر جائزو وٺي سگهبو.

حوالا

1.      اياز. چنڊ چنبيليءَ ول، نيو فيلڊس حيدرآباد، 1985ع، ص 29.

2.     اياز. گهاٽ مٿان گهنگهور گهٽا ۾، نيو فيلڊس حيدرآباد، مهاڳ ص 3.

3.     اياز. الوداعي گيت، نيو فيلڊس حيدرآباد، 1991ع ص 16.

4.     ايضاً – ص 27.

5.     ايضاً – ص 28.

6.     اياز. ڪونجون ڪرڪن روه تي، نيو فيلڊس حيدرآباد، 1997ع ص 40.

7.     ايضاً – ص 86.

8.     ايضاً – ص 111.

9.     اياز ڪاري رات ڪهنگ، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1998ع ص ص 32 – 33.

10. ايضاً – ص 35.

11.  ايضاً – ص 114.

12. ايضاً – ص 162.

13. اياز. سانجهي سمنڊ سپون، سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچي 1996ع ص 92.

14. اياز. مينهن ڪڻيون، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1999 ص 9.

15. ايضاً – ص 11.

16. ايضاً – ص 12.

17. ايضاً – ص 17.

18. ايضاً – ص ص 50 – 51.

19. مرزا قليچ بيگ – شاهه جو رسالو، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد 1994ع ص473.

20.                     ڊاڪٽر جعفر حسن. منتخطاب هندي ڪلام حيدرآباد بوڪ ڊيپو حيدرآباد دکن ص 78.

21. ڪاري رات ڪهنگ، ص 81.

22.                     ڪونجون ڪرڪن روه تي، ص 107.

23.                     سانجهي سمنڊ سپون، ص 93.

24.                     ايضاً – ص 169.

25.ايضاً – ص 60.

 

ڍلِي ڇَڏ مَهارَ

اياز جي مجموعي ”ڪاري رات ڪُهنگ“ (1998ع) جو پهريون بيت:

ڍِلي ڇڏ مهارَ، ساهه ته پٽ ڪو پنڌَ ۾،
اڳتي نه هاڪار، اڳتي رڻ راڙا ڪري.

زندگي پياري آهي. هڪ جِيوَ لاءِ زندگيءَ سڀ ڪجهه آهي. زندگيءَ جو انت موت آهي. زندگيءَ جا به نظريا آهن ته موت بابت به مختلف نظريا آهن. هڪڙا مذهبي عقيدا آهن ته موت کان پوءِ هڪ ٻي زندگي آهي. اُن جي حاصلات لاءِ هنَ زندگيءَ ۾ عبادت ۽ نيڪ ڪم ڪرڻ کپن. هندو ڌرم موجب هڪ کان وڌيڪ جُوڻَ به ڪرم ۽ ڪُڪرم، ايندڙ جُوڻ لاءِ فيصلا ڪُن آهن. مذهب ۽ ڌرم جي نه مڃڻ وارن لاءِ اڳتي اوندهه آهي. جيڪي آهي سا هيءَ زندگي آهي ۽ بس. ايندڙ بهتر زندگيءَ لاءِ، ۽ جنت جي طلب ڪرڻ لاءِ مرڻو ضروري آهي. هڪ انگريزي شعر آهي.

Every body wants to go to heaven,
(charm) nobody wants to die!

اُن ڪري جو بهشت جي ڪشش ائين سوچڻ تي مجبوري ڪري ٿي. هونئن هر ڪو زندگيءَ جي سکن جو طالب آهي، پر سجاڳ ماڻهو موت کي ياد رکن ٿا. مٽي به پنهنجي حالت کي سجاڳيءَ جي انداز ۾ پسي ٿي ۽ ڳوهجڻ جي عمل تي رڙ ڪري ڪنڀار کي چوي ٿي:

ماٽي ڪَهي ڪُمهار ڪو، تُو روندي هي موهي،
اِڪ دن ايسا آئي گا، مين روندون گي تو هي.
                                                     (ڪبير)

صوفي شاعرن ۽ اساسي شاعرن هن موضوع تي گهڻو لکيو آهي. انهن اُن کي بقاءِ فنا جي خانن ۾ ورهايو آهي. شاهه عبداللطيف چوي ٿو:

فاني ڙي فاني، دنيا دم نه هڪڙو،
لٽي لوڙه لتن سان جوڙيندءِ جاني،
ڪوڏر ۽ ڪاني، آه سر سڀ ڪنهنم.

انسانن جون مختلف فطرتون آهن. زندگي ۽ موت بابت سندن نظريا به مختلف آهن. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته اسلام موجب نفس مطمئنه ۽ نفس اَماره جا اصطلاح هن سلسلي ۾ ٺهڪي اچن ٿا. اِن ڪري ئي موت جي پرواهه نه ڪرڻ ۽ موت کان ڊڄڻ جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي. اڪثر گفتگو ۾ ٻڌوسين ته اياز موت کان ڊڄي ٿو. ڇا! اسين ٻيا ماڻهو نفس مطمئنه يا نفس اماره رکڻ وارا موت کان ڪونه ٿا ڊڄون؟ منهنجي خيال ۾ هيءَ ڳالهه ڪنهن نه ڪنهن طرح هر ڪنهن سان لاڳو ٿئي ٿي.

چوڻي آهي ته: ”جيڪو ٺڪر گهڙيو آهي، سو ضرور ڀڄندو.“

عمر وڌڻ سان ڪن ماڻهن ۾ زنده رهڻ جي شديد خواهش سبب موت جو ڊپ پيدا ٿئي ٿو. اياز زندگيءَ جي جوانيءَ واري دؤر ۾ چيو:

ڀونءِ نه آئي ڀانءِ، الامان اُڏري ويندو سانءِ!
مون سان جاڙ نه ڪر اي جيڏا! سچ ٿو آءٌ چوانءِ،
نيٺ ته ڀائيندين تون، هاڻي ڀلي نه ڀانءِ:
رهندي جيون جي جهرڻي ۾، هن جندڙيءَ جي جهانءِ:
ڳائي منهنجا گيت، پيو پوءِ مون کي ياد ڪجانءِ:
                                 الامان اُڏري ويندو سانءِ!
                                 (ڪلهي پاتم ڪينرو 1963ع)

اِهو اُڏري وڃڻ دنيا مان آهي يا اُن هنڌ تان هليو وڃڻ آهي؟ اُن جي شرح ڪرڻ آسان ڪونهي. ايئن چوڻ ۾ شاعر جو موت کان ڊڄڻ نظر ڪونه ٿو اچي، بلڪ جنهن جاءِ تي آهي اُتي هُو بيقرار آهي. اُهو گس جيڪو سڀني لاءِ گهڙيو پيو آهي اُن تي اوٺيءَ يا گهوڙي سوار کي اياز چوي ٿو ته مهار ڍلي ڪري ڇڏ، ساهه پٽي وٺ، منزل تي پهچڻ کان اڳ راهه ۾ ڪجهه وڌيڪ وقت وٺ اڳتي تڪڙو نه هل، نيٺ ته اُن رڻ جي حوالي ٿيڻو آهي. هن وايءَ ۾ پير گهڻو وقت نه رهندا:

اُٿي اَسر ويل، توکي ڳائي مون چيو،
واريءَ پنهنجا پير، رهي رهندا ڪيترا.
                           (ڪاري رات ڪُهنگ 1998ع)

زندگي خوبصورت آهي، پر زندگي جا ڪي ڏينهن انسان کي ڏک  پڇتاءُ جا ڏولاوا به ڏين ٿا. مارئيءَ لاءِ اُهي ڏينهن هيئن آهن:

هيڪ جي نه ڄاياس، ٻيو ڄايندي جي مران،
گهنگه گهڻو ٿياس، ڄاپي ماروئڙن کي.
                                      (شاهه جو رسالو)

فارسيءَ جي شاعر اِن پڇتاءُ کي هيئن بيان ڪيو:

بسي ناديد نيها ديده ام هم،
اي ڪاش ڪه مرا مادر نه زادي.

(گهڻي ئي نه ڏسڻ جهڙيون ڳالهيون پڻ ڏٺيون اٿم. اي ڪاش! ماءُ مون کي نه ڄڻي ها)  اها پڇتاءَ جي انتها آهي. شيخ اياز وٽ اُهو ناهي. دک جي به انتها ناهي. هُو پياري زندگيءَ کي الوداع چوندي، زندگيءَ جي آخري دؤر ۾ ايترو چوي ٿو:

ٿو موڪلايان،

الوداع!

۽ ساز کي مضراب کي.

سيني لڳايان،

الوداع!

هُو اڳ ويا جي قافلا

تن کان به اڳ ۾ ٿو وڃان،

پر ٿو وڃان ڪيڏانهن مان،

هي مون نه ڄاتو آ اڃان

ٿي دور جا سانجهي سڏي،

اُن ۾ سمايان

الوداع!

شمع جي آخري شعلي ڏي هيئن اشارو ٿو ڪري:

مان آخري شعلي جيان

ٿو گيت ڳايان

الوداع!

الوداع ڪندي شاعر جو بيقرار آواز زندگيءَ جي حُسن جي ڪشش محسوس ڪندي هئين بلند ٿئي ٿو:

سؤ درد ها، سؤ دک ها؛
پر زندگي پياري هئي،
اڌ رات جو ٻٻرن مٿان
ڇا چاندني پياري هئي!
اڄ چنڊ ڏي آڪاس ۾.
ٿو وک وڌايان،

الوداع!

ڪلهي وارو ڪينرو به ڄڻ بار بنجي پيو آهي:

جئن سانوڻيون ڀرجي وسن
ٿر بر وسائي ٿو وڃان
ڇا ڇا وڄون ٿيون ور وجهن
جئن گيت ڳائي ٿو وڃان
پر هي ڪلهي تي ڪينرو
ڪيسين وڄايان،

الوداع!                       (الوداعي گيت)

سنڌ، هند ۽ ڪُل جڳت کي الوداع ڪندي اياز هڪ ڊڄڻي انسان وانگر موت جي تصور کان ڊٺو ناهي. هن همت سان چيو آهي ته:

مشعل ڇڏي ٿو مان وڃان،
ور ور اُهائي ٻار جو،
ٻيڙي ڇڏي جا ٻار ۾،
سا توڙ تائين تار جو.

پنهنجي مجموعي ”الوداعي گيت“ جي مُهاڳ ۾ لکي ٿو: ”ٻي جو موت مون کي ڏُکارو ڪندو آهي. پنهنجي موت جو سوچي مون کي صرف مُرڪَ ايندي آهي، جا موناليزا جي مرڪ وانگر پُراسرار هوندي آهي.“ مهاڳ ۾ ڪي پنهنجا تجربا ۽ سير جا احوال بيان ڪندي اياز اِهو لکيو ته: ”موت جو خوف مون کان اهڙن واقعن بنهه ڪڍي ڇڏيو آهي.“

دنيا جي بي ثباتي ۽ پئسي پٺيان ڊوڙ جو احساس سجاڳ ذهنن کي آهي. شاعر اُهي سجاڳ ذهن آهن، جي حقيقت کولي بيان ڪن ٿا. اياز چوي ٿو:

رنگ رليون ڪجهه ڏهاڙا، اَنت سڀ جو ماٺ آ،
ڏس پکي اُڏري شفق ۾، نيٺ اونده ڏي ڪهن ٿا.

---

موت سڀ جو ڇوٽڪارو، انت ۾ آهي اياز،
لوڀ لالچ ۾ انسان سڀ ڪڏو ڳهن ٿا!

مولوي احمد ملاح اِن صورت حال کي خواب خيال سڏيو:

دم ڪو آهيون يا نه آهيون خواب آهي يا خيال،
هي بزرگيون بادشاهيون خواب آهي يا خيال،
هي جواني يار جاني هي جميعت ۽ جمال،
هي بدن تي برهه باهيون، خواب آهي يا خيال.

نجفيءَ زندگيءَ جي هن محفل کي چئن ڏينهن جو سمجهيو ۽ چيو:

يار جانيءَ جي جواني جاوداني ڪين آهه،
محب مورت خوبصورت سرو قامت چار ڏينهن.

اياز فنا جي ڳالهه پنهنجي انداز سان ڪئي آهي. هو وري موت کي ياد ڪري ٿو. ڊاڪٽر کيس سگريٽ ڇڪڻ کان روڪيو ته اُن لاءِ چيائين ته ڊاڪٽر اها پڪ ڏياري ته سگريٽ ڇڪڻ ترڪ ڪيم ته آءٌ مرندس ڪونه ته پوءِ سگريٽ ڇڪڻ ڇڏي ڏيان. نصيب (يا موت) کي به روڪڻ لاءِ چوي ٿو:

نصيب در تي بيٺو آهي

چئينس ته ڪجهه وقت رکي اچي

مان لکي رهيو آهيان.

قبر کي ڌرتيءَ جو ڀاڪر سڏي اياز اُن جي مهڪ جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ آٿت حاصل ڪري ٿو– ع 

ڌرتي تنهنجي ڀاڪر ۾ مهڪ چنبيليءَ ول جي.

موت اوچتو ايندو اُن ڪري چوي ٿو:

ڌرتي توکي منهنجي چُمي اڌ ۾ رهجي ويندي.

جيڪي پروس آهن، مجبور آهن تن جي حالت پنڇيءَ جهڙي آهي، جيڪو روز وڪامي  ٿو–ع

پنڇي پڃرن ۾، روز وڪامن ٿا!
ڳيت ٻُرن ٿا ڄڻ ته اڃان ڪي، تن جا پن پن ۾!
ٻوليندا ها ٻولڙيون سي، لڙڪي لامن ۾!
ڪوئي ڳولي ٿو پيو تن کي، ڀٽڪي بن بن ۾.
ڇا جي لاءِ ڇپي ويا آهن هي، پنهجي من ۾؟
چُپ چوڌاري ڇانئي آهي، تِن بِن ڄڻ کَن ۾!

هيءَ صورتحال اياز انسان جي (يا پنهنجي) دنيا ۾ رهڻ ۽ نيٺ هليو وڃڻ بابت بيان ڪري ٿو. رهڻ ٻوليون ٻولڻ ۽ هليو وڃڻ جي ڪيفيت ۾ هُو توازن پيدا ڪري ٿو. هن وٽ زندگيءَ جو حسن ۽ موت جو رومان هڪ جيترو پسجي ٿو:

ٿو مان اڃان تائين وڌان، آزادگيءَ جي راهه ۾.
پر موت مون لئي ٿو اچي، اڄ زندگيءَ جي راهه ۾.

---

پر جي مران مان پند ۾،
ڪيئي اويرا ٿا وڃن.
تيڏانهن وڌجو ساٿيو!
جيڏانهن پيرا ٿا وڃن.

هي زندگيءَ ۽ موت جو داستان طويل آهي. سفر به طويل ۽ اڙانگو آهي. ڏاچيءَ وارو ڪيڏانهن مهارون موڙي، اڻ ڏٺو اوٺار ڪيڏانهن ٿو وٺي وڃي، پر مهار ڍلي ڇڏڻ جو چئي اياز زندگيءَ جي حسن کي اڃان پسڻ ٿو گهري ۽ راهه ۾ سفر کي اڃان طويل ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، پر منزل نيٺ ته اچڻي آهي. ڪرهي جي مهار کي ڍلو ڇڏيو يا مهار کي جهٻي ڏيو(1).

1.      اياز جي سڀني ڪتابن، خاص طور هيٺين ڪتابن مان استفادو ڪيو ويو آهي:

   -       ڀونر ڀري آڪاس

   -       ڪلهي پاتم ڪينرو

   -       لڙيو سج لڪن ۾

   -       الوداعي گيت

   -       سانجهي سمنڊ سپون

   -       ڪاري رات ڪُهنگ

 

مولوي احمد ملاح جي مجازي شاعري

 

مولوي احمد ملاح هڪ عظيم شاعر آهي. عظيم شاعرن جي ڪلام جا ڪيئي پهلو هوندا آهن. اُنهن جي فڪر ۽ فن ۾ گوناگوني هوندي آهي. ڪنهن هڪ نظرئي ۽ پنهنجي ذاتي سوچ موجب ڪنهن وڏي شاعر جي پرک پروڙ ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ کپي. اسين اڪثر ايئن ڪريون ٿا جو شاعر کي بزرگ ثابت ڪرڻ لاءِ اُن جي حقيقي عشق جا دليل ڏيون ٿا پر جنهن ڏاڪڻ تان هُو حقيقت جي رنگ ۾ رنگجي ويو اُن کي وساري ٿا ڇڏيون. بلڪ آءٌ سمجهان ٿو ته شاعر جي بزرگيءَ سان گڏ پنهنجي خدا پرستي به ڳنڍي ٿا وجهون. ايئن سڀني سان ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي.

مون هن کان اڳ سچل سرمست ۽ ساميءَ بابت پنهنجن مقالن ۾، ۽ خواجه غلام فريد بابت پنهنجي اردو ڪتاب ”ميرا عشق ڀي تُو“ ۾ هنن شاعرن جي مجاز بابت سندن سوانح ۽ ڪلام مان ڪي نُڪتا نروار ڪيا آهن. مجاز عام معنيٰ ۾ دنياوي محبت کي چيو ويندو آهي ۽ الاهي يا حقيقي عشق جي اُبتر معنيٰ رکي ٿو. مجاز خاص طور انسان جي جوانيءَ جي دؤر جو اُهو محرڪ جذبو آهي، جو هُن جي دل جي دنيا کي آباد ڪري ڇڏي ٿو. هن پاڪ جذبي تي پردو وجهڻ نه گهُرجي. مجاز هڪ وسيع معنيٰ وارو لفظ آهي. مجاز جي معنيٰ لغات نويسن کولي بيان ڪئي آهي. عربي لغات نويسي معن زلفو مدينه پنهنجي عربي – انگريزي لغات ۾ مجاز جي معنيٰ هيئن لکي آهي: ”جنهن کي جواز يا اجازت هجي – راهداري.  (1)فارسيءَ جي اسڪالر اُستاد حسن عَميد، فرهنگ عميد ۾ معنيٰ هيئن لکي آهي: ”مجاز (ع) ڪلمه اي ڪه در غير معنيٰ حقيقي خود استعمال مي شود(2). سڀئي لغتون انهي معنيٰ تي متفق آهن ته هي لفظ حقيقت جو ضد آهي(3). گفتگو يا تحرير ۾ اُن کي حقيقت و مجاز ڪري استعمال ڪريون ٿا ته ايئن به معنيٰ واضح آهي. لغات نويسن مَجاز (زبر سان) لکيو آهي. اسين شاعرن جي ڪلام ۾ گفتگو ۾ به مِجاز (زير سان) ڪم آڻيون ٿا. هونئن ته مجاز جو لفظ شاعرن گهڻو ئي ڪم آندو آهي. هتي فقط شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف جي ڪلام مان ٻه ٽي حوالا ڏيئي موليو احمد ملاح ڏي اينداسين.

شاهه ڪريم فرمائي ٿو:

مجازي موهي، ڪڏهن ويندءِ نڪري،
اکڙيون توهي، مڇڻ ويهين وسري
(4).

شاهه عبداللطيف مجاز جي قُوَت جو اجهو هيئن اشارو ڏي ٿو:

مون کي ماءُ مجاز، پڃاري جئن پڃيو،
هٿن ڇڏي هاج، ويئي سار سنڌن مان
                                                            (آسا)

حسن کي اکين سان ڏسجي ٿو. اُن ڪري اکين کي ‘مجازاڻيون‘ سڏيو اٿس:

ديک م تون سين تن، جي مجازاڻيون منهن ۾،
ڪين سڃاتو سپرين، نهاري نيڻن،
پرين سي پسن، ٻئي جن ٻوٽيون
(5).

مولوي احمد ملاح جي جوانيءَ ۾ مجاز جا اشارا آهن. انهن کي اسان سوانح نگارن واضح طور بيان نه ڪيو آهي. هوڏانهن خواجه فريد جي روهيءَ واري بيبيءَ سان محبت ۽ پوءِ شاديءَ جو بيان ڪري به چيائون ته ڪو مجاز ڪونه هو! مولانا طالوت ايئن ڪيو. محققن کيس اُن جو جواب ڏنو آهي.

اِن ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته عظيم شاعر حقيقت جا ترجمان آهن. پر اڪثر مجاز جي ڏاڪڻ چڙهي اِن پد تي پهتا آهن. مولوي احمد ملاح به اُنهن ۾ هڪ آهي. سندس ڪلام توحيد ۽ رسالت جو ترجمان آهي. بدعتن ۽ غير اسلامي عملن توڙي سماج جي انحطاط جي باري ۾ سندس جنگ ڪنهن کان لڪل آهي؟ حضور ﷺ جن حُب ۾ به ڪيترائي شعر چيا اٿس. اُهو ڪلام جنهن ۾ بظاهر مجازي محبوب کي ساراهيو اٿس ۽ اُن جي حسن کي واکاڻيو اٿس اُهو نشانبر آهي. محبوب جي نيڻن کي ساراهيندي اُنهن کي خوني سڏي ٿو:

خمارين نال کڻندي نين خوني،
نظر مستان دي مستان ڪيتا

ظاهر آهي ’خوني نيڻ‘ مجازي محبوب جا آهن. انهن جي جلوي ۽جوت کي شاعر ساراهي به ٿو ته اُنهن جي اثر جي به ڳالهه ڪري ٿو. عاشق جون اکيون محبوب کي ڏسڻ لاءِ آتيون آهن ۽ ڪيئن سارين سنڀارين ٿيون اُن جو ذڪر هيئن ڪري ٿو:

اکيون توکي سارين اي دلربا
هنجون روز هارين اي دلربا
ڪُٺيون قُرب تنهنجي مُٺيون مامري
گهنگهر ڏينهن گهارين اي دلربا
(7).
 

مولوي احمد ملاح شعري صنعتن جو مطالعو ڪيو ٿو ڏسجي يا شعري مطالعي منجهس هيءَ قابليت پيدا ڪئي. علم بديع جا بهترين مثال سندس ڪلام ۾ موجود آهن. تشبيهه، استعاري، لف و نشر، مجاز مرسل ۽ ٻين مقبول صنعتن جا ڪيئي مثال سندس ڪلام ۾ موجود آهن. صنعت ته دو عڪس، جنهن جا شاعرن وٽ گهٽ مثال ملندا آهن. هن صنعت ۾ مولوي صاحب جا اشعار جماليات ۽ محبت مجاز جا نمائندا ته آهن، پر هنر جا بهترين مثال آهن. شعر خود وصف ٻڌائين ٿا. فرمائي ٿو:

ڏٺان ڪو يار سو يارا، ڏٺي جنهن سال ٿيا سارا
ڏٺي جنهن سال ٿيا سارا، ڏٺان ڪو يار سو يارا.
ورن شل وصل جا وارا، وسيلا گم وڇوڙي ۾
وسيلا گم وڇوڙي ۾، ورن شل وصل جا وارا.
دوا دارون نه تو ڌاران، دکي دل درد ۾ دلبر
دکي دل درد ۾ دلبر، دوا دارون نه تو ڌاران
اندر ڳڻتين ٻَڌا ڳارا، ڳلن سر ڳاڙيان ڳوڙها
ڳلن سر ڳاڙيان ڳوڙها، اندر ڳڻتين ٻڌا ڳارا
(8).
 

هڪ پاسي تجنيس حرفيءَ جو زور ٻئي پاس جماليات ۽ مجاز جو شور، اهڙين خاصيتن جو حَسين مرقعو آهي مولوي احمد ملاح جو ڪلام – فرمائي ٿو:

اڄ به سُرمون پائي سهڻا، سينڌ سينگارڻ لڳا،
مُحب مُرڪاڻيءَ مِٺيءَ سان، مُلڪ مِڙ مارڻ لڳا.
شمس شرمايو ڏسي تنهن شاهزادي جو شعاع
حجتون حورن پرين جون حسن ۾ هارڻ لڳا.
خوبصورت خوب سيرت خوب خلوت خواب ۾
ڳالهه ڪهڙي ڳائيان ڪي ڳڻ ڳجها ڳارڻ لڳا
(9)

سراپا نويسي مجاز ۽ محبت جو بنيادي حصو آهي. محبوب جي زلفن کان وٺي قدمن تائين شعراء ڪرام بيان ڪندي بلاغت ۽ فصاحت جا واهڙ وهائي ڇڏيا آهن. محبوب جي زلفن کي عاشق ڪارا نانگ ڄاڻي ٿو. پر نه – چي جي ڪارا نانگ ٿي ڄاتم سي ته ڪاڪُل هئا:

مون ڪيا جي نانگ ڪارا سي ته ڪا ڪُل ٿي پيا
قيد پائي قلب کي قربان جت ڪُل ٿي پيا.
وار واري واس ڏيئي ڪي لال لاڙيا لاڏسان
گڏ گلابي گل جي سايه دار سنبل ٿي پيا
(10).
 

محبوب جي ديدار لاءِ عاشق واجهه وجهي ٿو. ڪيئن ٻاڏائي ٿو اُن جا ديوان احمد ۾ ڪيئن مثال آهن. پنهنجي مخصوص انداز ۾ مولوي صاحب چوي ٿو:

منهن ڏيکاريو مهر سان ڪنهن مهل منظور نظر
هن نظر جي منتظر تي ڪر نظر نورنظر.
لک لهان يا ڪک لهان قيمت نه وٺندس تا قيام
شال ڪن منظور مون بي مُزد مزدور نظر.
اک اشاري سان پڇيو احوال احمد کان عجيب
ڇا ڪُڇي منهن مان مِٺا مسڪين مجبور نظر
(11).

سهڻا ۽ متناسب قافيا ۽ نوان توڙي منفرد رديف شعر يج سونهن وڌائين ٿا. هن سلسلي ۾ سنڌيءَ جا ڪيترا مثال موجود آهن. حمل فقير جو مشهور مثال آهي:

زلف ڏنگا ابرو ڏنگا رفتار ڏنگي گفتار ڏنگي
جنهن جاءِ هوندا هي چار ڏنگا لاچار هوندي هرڪار ڏنگي.

رديف وچ وچ ۾ به آهن. مولوي احمد ملاح جي ڪلام ۾ به ههڙا مثال موجود آهن:

مرحبا مختار خوش مهندار خوش منٺار خوش
يار خوش غمخوار خوش دلٺار خوش دلدار خوش.
اڄ ملارين مُلڪ ڇانيو مهل موچاري ٿئي،
وار خوش وسڪار خوش وڻڪار خوش گلزار خوش.
سر ڪلهن ڇوڙيا قريبن زلف زنجيرن مثال
وار خوش هٻڪار خوش رخسار خوش چمڪار خوش
(12).

سڄڻ جي سڪ ۾ ملڻ جي طلب ۽ جذبات سان پُر ڪلام مولوي احمد ملاح جي هڪ خصوصيت آهي. لفظن ۾ سمايل سوزوساز جا ڪيئن مثال موجود آهن:

مهند محبوبن جي ملڻ کان موت مون مارين متان
دوست ديکي دم ڏيان اڳ ڌار دم ڌارين متان.

يا

يا پسڻ ٿيندو پرينءَ جو يا اڳي پُڄندم پساه
خوف خطرو سر کنيو سون، خلق خستي تنهن مٿان
(13).

مولوي احمد ملاح لاڙي محاوري جو هڪ وڏو نمائندو شاعر آهي. سندس اثر ننڍن همعصرن ۽ پوين شاعرن تي نمايان آهي. هڪڙا هڪڙا اهڙا لفظ آهن جن جي اُتر ۽ لاڙ جي حوالي سان معنيٰ مڪمل طور مختلف آهي. مثال طور ’مَٽڻ‘ جي معنيٰ لاڙ ۾ ’لنگهڻ‘ (رستو وٺڻ) آهي. اُتر ۾ ’مٽڻ‘ يا ’مٽجڻ‘ جي معنيٰ سخت ڪاوڙ ۾ اچڻ آهي. مولوي صاحب جو هيٺيون اُن جو مثال آهي:

اڄ مٽيس آءٌ مِٺي محبوب جي ماڙيءَ وٽان
ٿي ڏٺم طرحين تجليون طاق جي تاڙيءَ مٿان
(14).

سڪ ۽ سوز ۾ عاشق سرگهورڻ، پاڻ قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي. محبوب ملي ته هُو گلن سان گام گهٽيون ڇانئڻ لاءِ تيار آهن. محبوب جي حسن جو بيان ته بيان کان ٻاهر آهي. محبت ۽ مجاز جو نمونو هي غزل مولوي صاحب جو هڪ مقبول غزل آهي:

مرحبا! محبوب منهنجا تو مٿان سر گهوريان
گس گهٽيون ڇانيان گلن سان گنج گوهر گهوريان
ماڻڪن جا مينهن وسايان تنهنجي مارڳ ماڳ تان
تنهنجي خدمت ۾ خزانا خوب خوشتر گهوريان.
نڪ نيلوفر جو نمونو نرم اڱ نرمل اکيون
تنهنجي پيرن تان پيارا پَٽ پٽيهر گهوريان
(15).

عام طور مولوي احمد ملاح وٽ هڪ مخصوص موسيقيت لڀي ٿي. اُن کي مقامي طور گهڻو ساراهيو ويو آهي. لاڙ جي عام شاعريءَ تي ان انداز جو اثر به گهڻو آهي. مجاز ۽ جماليات جو ذڪر اثرائتي انداز ۾ موجود آهي:

گل گهڻا گلزار ۾ پر اڄ ڏٺم گل واه جو
سر و قد سينو سمن سروار سنبل واه جو.
خاڪ کان افلاڪ تائين فرش کان تان عرش پاڪ
تو هلي هن حسن تي هرهنڌ هُل هُل واه جو
(16).

جمال جي جهاجهه، عاشق کي حسن جهان سوز جي نيرنگيءَ کان واقف ڪري ٿي. حسن جو بيان ۽ محبت جو تذڪرو ڪندي عاشق ڍاپي نٿو. نت نت نئين انداز ۾ نون نون لفظن ۾ محبت جو اظهار ڪري ٿو. محبوب ڇو پسند آهي اُن لاءِ لفظن ۾ ڪهڙو بيان ٿيندو!

گل گهڻان گوهر گهڻان، مون کي گلابي گل پسند
منهن منور پاس مينڍا، گل مٿان سنبل پسند
(17).

بره جي بازار ۾ ڪهڙو سودو سلف ٿو ملي، اُن جي ڪنهن کي خبر آهي؟ فقط عاشق زار ڄاڻي ٿو ته سر ڏيئي سٽ جوڙبو ۽ سرخرو ٿبو. اُن کان گهٽ ۾ قصو نه ٺهندو! بلڪ هڪ ڇا، سؤ سر قربان ڪبا:

بره جي بازار ۾ سر جو هلي سودو سلف
سؤ حياتيون هيڪڙي تِر جي تقاويءَ ۾ تلف.
عشق جي اُستاد اول هيءَ پٽي پاڙهي مون کي
لام لالن زلف ڀانئج عين اکيون قد الف
(18).

نون قافين ۽ رديفن جو حوالو مٿي ڏيئي آيو آهيان. اُنهن سان ئي شعر ۾ موزينت نمايان ٿئي ٿي. ڪچن شاعرن کي قافيي جي صحيح مقام جي به خبر نه هوندي آهي. قافين ۽ رديفن جو حسن اعليٰ شعر جو هڪ اصول آهي. مولوي صاحب وٽ به اهڙا ڪيئي مثال موجود آهن. اڪثر سندس اهڙا ڪلام عام مقبول ٿيا آهن. هيٺيون غزل به انهن مان هڪ آهي جنهن ۾ دنيا جي فنا ۽ بي ثباتيءَ سان گڏ حسن و عشق جو مضمون به شامل آهي:

دم ڪو آهيون يا نه آهيون خواب آهي يا خيال
هي بزرگيون بادشاهيون خواب آهي يا خيال.
خاڪ ٿيندا خاڪ ۾ خاقان توڻي خان سڀ
هي خوشيون هي خانگاهون خواب آهي يا خيال.
هي سڳا ۽ هي سڳر هي صاحبيون هي صحبتون
هي صبوحيون هي صرآهيون خواب آهي يا خيال.
هي نشاهي نازبُو هي نازڪيون ۽ ناز راز
هي ڪجل ۽ ڪج ڪلاهيون خواب آهي يا خيال.
هي جواني يا جاني هيءَ جميعت هي جمال
هي بدن تي بره باهيون خواب آهي يا خيال.
آهي احمد چئي امن جو آسرو الله وٽ
ٻيا پنارا ۽ پناهيون خواب آهي يا خيال
(19).

هونئن مجاز اهلِ دل کي نيئي حقيقت سان هيڪاندو ٿو ڪري. اُن نظر سان به مجاز جي اهميت آهي، پر مجاز خود پنهنجو پاڻ ۾ هڪ جهان آهي، اُن جي ڳڻپ آهي. مولوي احمد ملاح جي اڪثر غزلن ۾ توحيد ۽ عشق رسول جي مضمون وارا شعر به آهن. جيڪي اصول ۽ غزل جي وصف موجب نه آهن. هيڏانهن مجاز غزل جو اصل مضمون آهي. اُن ۾ به مولوي صاحب واهه جو پاڻ موکيو آهي.

حوالا

1.                  مدينه معن زلفو. قاموس عربي انڪليزي، پاڪيٽ بڪس نيويارڪ 1973ع ص ص 550 ۽ 135

2.                 حسن عميد. فرهنگ عميد، سازمان انشارات جاويدان تهران، 1354 خورشيدي، ص 939.

3.      ڏسو ابن الياس جي اردو سنڌي لغات، جلباڻيءَ جي عربي سنڌي لغات ۽ آخوند عبدالرحيم وفا جي جواهر اللغات.

4.                 مرزا قليچ بيگ. رساله ڪريمي، قيصريه پريس حيدرآباد 1904ع ص 96.

5.                 بلوچ، نبي بخش خان. شاهه جو رسالو، ڇهون جلد 1995ع ص 84.

6.                 مولوي احمد ملاح. ديوان احمد، حيدري، پريس حيدرآباد 1974ع ص 5 (مرتب: مولوي عبدالله جوڻيجو)

7.                 ايضاً – ص 6

8.                 ايضاً – ص 16

9.                 ايضاً – ص 24

10.             ايضاً – ص 37

11.              ايضاً – ص ص 137 – 138

12.             ايضاً – ص 161

13.             ايضاً – ص 198

14.             ايضاً – ص 199

15.             ايضاً – ص 213

16.             ايضاً – ص 252

17.             ايضاً – ص 112

18.             ايضاً – ص 174

19.             ايضاً – ص 184

 

مولوي احمد ملاح جي ڪلام جي زبان تي هڪ نظر

 

ڪيترا شاعر آهن، جن سنڌي زبان ۽ خاص طور اُن جي لاڙي محاوري ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار نهايت خوبصورتيءَ سان ڪيو آهي. اُنهن ۾ قديم شاعرن جو سرتاج ۽ سلطان، حضرت خواجه سلطان الاوليا محمد زبان لنواريءَ وارو آهي ۽ ويهين صديءَ جي جديد دؤر جي شاعرن جو اڳواڻ ۽ سرواڻ مولوي احمد ملاح آهي. ٻئي شاعر هڪ ٻئي جا قريبي پاڙيسري به آهن. لاڙ جي شاعرن ۾ هونئن پير ڀاون علي شاهه ساقي، پير بخش فاروقي دلريش، زمان شاهه ساقي، مرتضائي ٺٽوي، ڄام خان، حاجي مراد چانڊيو، الله بچايو جوڻيجو، ابراهيم منشي، محمد خان مجيدي ۽ سرويچ سجاوليءَ جهڙا وڏا شاعر به ڳڻجن ٿا، پر هتي فقط چند لفظ مولوي احمد ملاح جي باري ۾ عرض ڪريان ٿو. احمد ملاح هڪ عظيم شاعر آهي. سندس ڪاوش نورالقرآن،لاڙ جي سڄي علمي ذخيري جو مان مٿاهون ڪيو آهي. مولوي صاحب اڳ ۾ به وحدت جي واڪن ۾ ڄاتل سڃاتل هو. سندس ڪتاب معرفته الاالله، بياض احمد، فتح لنواري، ديوان احمد، غزليات احمد وغيره داد حاصل ڪري چڪا هئا، پر قرآن ڪريم جي ترجمي نورالقرآن کيس مُلڪان مُلڪ مشهور ۽ مقبول ڪري ڇڏيو. هي رڳو مذهبي عقيدت جي ڪري نه ٿيو، پر معيار ۽ محبت جي ڳالهه به هئي. نورالقرآن پهريائين ارباب الله جڙئي جي سعيي سان ڇپيو. ٻيو ڇاپو مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد 1978ع ۾ شايع ڪيو. هاڻي ٽيون ڇاپو سعودي حڪومت طرفان سهڻي انتظام ۽ اهتمام سان شايع ڪيو آهي.

مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب، مولوي احمد ملاح جي هن ڪاوش جي باري ۾لکن ٿا – ”هن ترجمي ۾ سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي جي سنڌي لفظن جو ڇوليون ڏيندڙ درياء سمايل آهي(1).“

هڪ شاعر جي حيثيت سان اڳ ۾ به مولوي احمد ملاح لاڙ جي خاص محاوري جو پنهنجن شعرن ۾ مظاهرو ڪري چڪو هو ۽ کيس هڪ اُستاد شاعر جي نه رڳو جاءِ ملي چڪي هئي، پر هُو جهر جهنگ ۾ ڳائجي رهيو هو. مڪمل طور جهانگين جي جهوپن ۽ فضائن ۾ جهونگاريو پئي ويو. هر شاعر سندس اثر وٺي رهيو هو. قرآن ڪريم جي هن ترجمي مولوي صاحب جي اثر جو دائرو اڃان به وڌائي ڇڏيو. ترجمي ۾ شعري صنفن جي لحاظ کان سنڌي بيت، مت ۽ ٻين بندن جي ترتيب قائم رکي اٿس. ايئن نه رڳو ترجمي جي ذميواريءَ کي نباهيو اٿس، بلڪ شعري صنفن جي قانونن جو وزن ۽ هيئت ۾ به مڪمل خيال رکيو اٿس. بسم الله جو ترجمو ڪندي لکي ٿو:

اول نام الله جو، جو ڏيندڙ ڏيهه ساري،
ڏيئي نه پچاري، مڙنيان مهربان گهڻو
(2).

بسم الله جا ٻين ٻين لفظن سان به ترجما ڪيا اٿس. هتي ’ڏيئي نه پچاري‘ هڪ چوڻي ڪم آندي اٿس. مڙنيان (سڀني کان) ’مڙني کان‘ بدران جمع جي صيغي ۾ استعمال ڪري ٿو. ضمير حاضر يا مخاطب جا مثال چٽا آهن. لاڙ ۾ اوهان، اوهين، اوهان جو ۽ اوهان کي چوڻ بدران آن، آئين، آنجو ۽ آنکي چئبو آهي. مولوي احمد ملاح قرآن جي ترجمي توڙي ٻئي ڪلام ۾ ضمير مخاطب جون لاڙي صورتون ڪم آنديون آهن. اُن جا ڪي مثال هي آهن:

-  ماڳ ڏينداسون ملڪ ۾، آن کي اُن کان پوءِ(3).

-  آن کي پنهنجون آيتون، ٿو ڏيکاري ڏاتار(4).

-  اِنهيان پوءِ اوهان جا، ٿيا قلب وري ڪٺور(5).

-  آس آهنجي واس جي، احمد ڦري ٿو آس پاس،

   جئن ڦرن ٿا ڀونر ڦل تي، جيئن ملين تيئن مل مٺا(6).

فصل پيئڻ جو ماضي پيتو (هتي اوهان پيتو) کي ’پيتان‘ ڪري ڪم آڻي ٿو:

گهوٽ گهر پيتان گهڻا ڏينهن، شوق سان شربت گلاب،
جلد جاني جامِ ڪوثر تي اچي جيڪو اچي
(7).

اهڙي ريت ”اڳ“ بدران لاڙ ۾ مهند (يا ماند) ڪم آڻجي ٿو. مولوي صاحب به مهند گهڻو ڪم آندو آهي:

رکو روزا ته ميوا مهند ماڻيو
اَٿان دعوت سندي درٻار جاڳو
(8).

لاڙي محاوري ۾ وَجههُ (موقعو Chance) بُل ۽ هانءُ (يعني دل) بدران هنيون ڪم اچي ٿو. اُن جا مولوي احمد ملاح جي ڪلام ۾ ڪئين مثال آهن. جهڙوڪ:

گُلَ گهڻان ڏينهن تنهنجي گلشن ۾، ڪنڊا کاڌم قريب،
ساڻ بلبل ڪنهن بُلَ تي جيئن ملين تيئن مل مٺا
(9).

---

چؤسرو چوٽو چندن جو، چشم چنبن جئن چُڀن،
باز بحريءَ کي ڏٺم ڀر ۾ بيهي بُل واهه جو
(10).

---

هنيون ساري حبيبن کي، ڪڏهن ملبو قريبن کي،
عرض احمد عجيبن کي، ته لائي لال خدمت ۾
(11).
 

اهڙي ريت لاڙ ۾ توکان بدران توڪنان جو استعمال عام آهي. مولوي صاحب چوي ٿو:

سُکَ کان دک تو ڪنان، تڪڙو گهرن تڪرار.

قرآن شريف ۾ سوره رحمان جو ترجمو ڪندي فَبِاَي الاءِ رَبکُمَا تُکذِبٰن، جو سنڌي ترجمو هن ريت ڪري ٿو:

پوءِ اُن ڏينهن ڪنان ڪنهن جن اِنسان،

بابت سندس بَديِنِ بيان

مُور نه پڇبو منجهه ميدان

پوءِ ڌڻيءَ پنهنجي جا ڪهڙا دان!

جُوٺ چئو! اي جِن انسان(12).

هيءَ حقيقت آهي ته فقط نورالقرآن جي ديني ۽ ادبي پرک پروڙ ۽ ڪَٿَ ڪرڻ لاءِ دفتر ۽ علم کپي. هنن سلسلي ۾ جيڪو به ڪجهه لکبو يا چئبو اُهو هڪ طالب علم جي تحقيق ۽ تفتيش کان مٿي نه هوندو. نورالقرآن هجي يا مولوي صاحب جو ٻيو ڪلام، اُن جو لساني جائزو وٺڻ جي گهڻي گنجائش آهي. مولوي صاحب هن ميدان جو هڪ عظيم شهسوار آهي. منهنجا هي چند لفظ فقط الڙي محاوري جي حوالي سان آهن.

حوالا

1.      احمد ملاح. نُورالقرآن، مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد، 1978ع ص 5 (مقدمو).

2.     ايضاً – ص 2

3.     ايضاً – ص 315

4.     ايضاً – ص 14

5.     ايضاً – ص 14

6.     مرهم، محمد صديق. غزليات احمد، احمد ملاح پبليڪيشن بدين، 1972ع ص 30

7.     احمد ملاح. فتح لنواري، ميان رحمت الله گهراڻو بدين 1357 هه، ص 3.

8.     احمد ملاح. بياض احمد، غفور نيوز ايجنسي بدين 1982ع ص 100.

9.     احمد ملاح. ديوان احمد، حيدري پريس حيدرآباد، 1974ع ص 7.

10. ايضاً – ص 252

11.  ايضاً – ص 188

12. نورالقرآن، ص 690

] غير مطبوعه مقالي لاڙي محاوري جا ڪي پهلو (شاعرن جي ڪلام ۾) مان هڪ اقتباس.[

 

ڊاڪٽر عبدالقدير افغان هڪ باهمت انسان

 

هڪ انسان کي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترن ئي انسانن سان واسطو پوي ٿو. اُنهن مان ڪي ته رڳا ماڻهو هوندا آهن، فقط ڪرسين ۽ کٽن تي بار هوندا آهن: پر ڪي سچ پچ ته انسان بلڪ اعليٰ انسان هوندا آهن. اهڙا اَرڏا ۽ اڙٻنگ، همت ۽ جُرئت وارا ڪي مون به ڏٺا جن ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير افغان هڪ هو يا ايئن سمجهو ته ”هڪوئي رانجها لَکان دا مٽ“. اڄ به اکين جي اڳيان سندس بارعب به ۽ معصوم صورت پئي ڦري.

شايد ڪنهن موقعي تي مون ساڻس ٻه اکر ڳالهايا هجن ۽ هٿ ملايو هجي. هڪ دوست وانگر هو منهنجي قريب نه هو. پر کيس ڏٺم ۽ ٻڌم. اُنهن ۾ هڪ موقعو مون کي ياد پوي ٿو.

ٽيچرس ائسوسيئشن جي سالياني ڊنر هئي. اُستاد، آفيسر، وائس چانسلر ۽ ڪي ٻيا مهمان موجود هئا. ماڻهو ڪي ڪرسين تي ويٺل هئا ته ڪي ٽولا ٽولا ٿي لان تي چهل قدمي ڪندا پاڻ ۾ ڪچهريءَ ۾ مشغول هئا. آءٌ به ڪنهن گروپ ۾ بيٺو هوس ته ڀر واري گروپ ۾ گوڙ پئجي ويو. ڊاڪٽر افغان هڪ ٽيچر کي تلخيءَ سان چيو ته: ”منهنجي دوست جي خلاف ٿو ڳالهائين!“ معاملو وڌي تنهن کان اڳ ٽئين دوست وچ ۾ پئي ڊاڪٽر افغان ي ٿڌو ڪيو. خبر پئي ته جنهن ڊاڪٽر افغان جي دوست جي خلاف ڪجهه چيو هو سو ايئن ئي کل ڀوڳ طور هو. دوست جي خلاف نه ٻڌڻ هڪ سچي انسان جو ئي ڪردار هوندو آهي. نه ته اسان اوهان اهو ڏٺو هوندو ته دوست خلاف پيا ٻڌندا آهيون جيئن ڳالهائيندڙ خوش ٿئي ۽ داد به ملي.

ڊاڪٽر افغان زود رنج نه هو. هڪ رلڻو ملڻو، ملنسار ۽ همدرد انسان هو. شاگردن جي مفاد خاطر هن جا عمل ۽ ارادا هر ڪنهن جي اڳيان سج وانگر روشن آهن.

ڊاڪٽر افغان زيادتي ۽ بدڪرداري، ڪڏهن به برداشت نه ڪندو هو. اهڙا به ڪي مثال موجود آهن: هڪڙو عرب شاگرد شايد جبريل نالو هوس. انجنيئرنگ ڪاليج کان روز بس ۾ هلندو هو ۽ حيدرآباد ۾ فردوس سئنيما جي سامهون واري ڪيفي فرحت ۾ آءٌ کيس روز ڏسندو هوس. چانهه تي چانهه ۽ سگريٽ تي سگريٽ هُن جو معمول هو. پنهنجي ڌُن ۾ ويٺو هوندو هو. اُن بابت ٻڌم ته هن هاسٽل ۾ ڪنهن سان زيادتي ڪئي. ڊاڪٽر افغان کيس گهرايو. جبريل ڏوهه به باسيو. ڊاڪٽر افغان کيس ٿڦڙ هڻڻ لاءِ اُٿيو. ڇوڪرو اُٿي ڀڳو. کيس اهڙو خيال ئي ڪونه هو. ڀڄندو ويو ۽ چوندو ويو:

Sir, You are Ph.D and yet you are running ofter me!

ايتري ۾ ڊاڪٽر افغان کيس پڪڙي ٿڦڙ هڻي ورتو. ڇوڪري وري رڙ ڪئي.

Sir, You are Ph.D and you are beating me.

هن جا اِهي لفظ ڪو وقت چرچن ۾ ڪم ايندا رهيا. خاص طور پهرئين جملي ۾. آفتر ۽ ٻئي ۾ بيتنگ جو حوالو ايندو رهيو. جبريل کي آءٌ ڏسندو هوس ۽ ڪڏهن عليڪ سليڪ به ٿيندي هئي، پر هي واقعو مون ٻين کان ٻڌو آهي. اهو به ٻڌڻ ۾ آيو ته هن عرب ڇوڪري جي تعليم ۽ رهائش ۾ ڪوبه رخنو نه پيو ۽ ڊاڪٽر صاحب هُن جو ڪو نقصان نه ڪيو جو پاڻ اعليٰ انسان ۽ سچو استاد هو.

مون جيڪي ڊاڪٽر افغان بابت سندس دوستن کان ڪي ڳالهيون هُن جي اعليٰ ظرف جون ٻڌيون ته  مون کي افسوس ٿيو ته ههڙي باهمت انسان سان مون کي وڌيڪ قربت ڇو حاصل نه ٿي. پنهنجي ڪوتاهيءَ تي اڄ به پڇتائيندو آهيان. بقول شاعر: اب ڪيا هوءِ جب چڙيان چُگ گئين کيت. هڪ همدرد انسان پنهنجي سماج لاءِ سايه دار وڻ مثل هوندو آهي. اُن کي هي درجو بي لوث خدمت ۽ قرباني ڏيڻ سبب حاصل ٿيندو آهي. ڪجهه به نه ڪرڻ ڪجهه به نه ڏيڻ سان ڪجهه به پلئه نه پوندو آهي. هن پد جي حاصلات لاءِ ”شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري خوب چيو آهي ته:

نينهن نياپي نه ٿئي، سڌين سيڻ نه هون،
ڪاريين راتيين رت ڦڙا، جان جان تيڻ نه رون.

هيءَ سعادت زوربازو سان حاصل نه ٿيندي آهي، بلڪ هن سعادت لاءِ ڳالهه ڳچ ٿي گهرجي. هڪ امانت آهي جا سنڀالڻي آهي. بقول شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي:

سَتي تنهنجي سَتَ ۾، ڳالهه گهرجي ڳچ،
وڍيو چيريو چچريو، پَرَ ۾ اُڀي پچ،
ساڻ امانت اَچ، ته ٿئين سماني ساڻيهه ۾.

دنيا ۾ رهي ۽ انت کان پوءِ هرڪو هليو ٿو وڃي. ڪو ڪو ياد رهي ٿو. وسريو گهڻا وڃن. هڪ بامقصد موت ۽ اُن کان اڳ سڦل زندگيءَ بابت چيئرمن مائوزَ تُنگ ڪهڙو نه چڱو چيو آهي. هت سندس ٻه مقولا ڏيڻ چاهيان ٿو. اُنهن مان هڪ مقولو هُنَ هڪ سورميءَ لِيوُ خُو لان جي موت تي چيو. جنهن کي جپاني حمله آورن قتل ڪيو. هُن کي پڪڙي ورتائون ۽ ڳوٺ ۾ ٻين ڪميونسٽن بابت پڇيائون. ليوخُولان هڪ ئي جواب ڏنو: فقط آءٌ آهيان! حمله آور بيزار ٿي پيا. نيٺ کيس اَڏيءَ تي ڪات سان ڪٺائون. سندس باري ۾ گيت، ڊراما، آپيرا ۽ ناول لکيا ويا. 1948ع ۾ 16 سالن جي هن سورميءَ جي شهادت ٿي. مون به سندس باري ۾ هڪ ناولٽ ۽ نظم  ”ڪاتيءَ ڪُٺي“ لکيو آهي. چيئرمن مائوءَ چيو: ”هُن جي زندگي غطمت واري ۽ موت شاندار آهي.“ اهڙي طرح هڪ ڪامريڊ جي بامقصد زندگيءَ بابت چيئرمن مائوَ چيو ته ”جيڪو هڪ اعليٰ مقصد لاءِ جيئي ٿو اُن جي زندگي جبل کان به وڌيڪ وزني آهي ۽ جيڪو سکڻي زندگي جيئي ٿو اُن جي زندگي هڪ کنڀ کان به هلڪي آهي.“

ڊاڪٽر افغان جي زندگي هڪ اعليٰ مقصد خاطر هئي. اُن مقصد جي حاصلات لاءِ زنده رهيو. ڪنهن دٻاءُ ۾ اچي، ڪنهن مصلحت خاطر ٺاه نه ڪيائين. فائدي لاءِ نه جهڪيو ۽ اصولن تي ڪاربند رهيو. اُن ڪري تڪليفون آيون ته برداشت ڪيائين. شاهه عبداللطيف چيو آهي ته: ”وڏا طالع تن جا، جي مارڳ ملجهه مرن.“ اهڙن ارڏن انسانن کي حيات جاويد حاصل آهي. کين هزارين ماڻهو ياد ڪن ٿا. سندن ڳڻ ڳائين ٿا.

اسان جو هي سورمو حق جي جنگ جو جوڌو آهي. هڪ بااُصول ۽ باهمت انسان آهي. هُو جاڳيل دلين ۾ موجود آهي. جسماني طور نه ته روحاني طور دلين کي ويجهو آهي. انهن جا به وڏا ڀاڳ آهن جيڪي سندس شاگرد هئا ۽ اُهي به خوش نصيب آهن جن کيس ڏٺو. ههڙا اَڙٻنگ وري وري نه ايندا آهن. مطلب پرست ڪيتري به مخالفت ڪن. پر هيرن جي جوت جرڪندي رهندي. بقول اياز:

هيرا ته ڏسو ڪنڪر نه هڻو ايندو نه وري هي وڻجارو،
ڪجهه ڏات ڏسو پو با ڪريو هي شور اجايو آ پيارا.

اها حقيقت آهي ته ههڙا باهمت انسان ۽ جُنگ جوڳي سنڌ جي ڌرتيءَ لاءِ هميشه ناز ۽ فخر جو باعث آهن. کين ڪيترو به لفظن جي تارازيءَ ۾ توريون، هو اڃان به ڳرا آهن. هنن جي ساراهه لفظن جي ساهميءَ کان بالاتر، اعليٰ ۽ ارفع آهي. شاهه جي رسالي ۾ اهڙا ڪيترا بيت آهن جي جيڪر ڊاڪٽر افغان کي ڀيٽا طور پيش ڪريان – پر فقط کاهوڙي ۽ ديسي جا هي ٻه بيت – آخر ۾:

مون کاهوڙي لَکيا، آين نه آرام،
ڪيائون تن تمام، جُه ڏوٿي ڏٿ گڏ ڪيا.

---

ڪيچان آيو قافلو، عطر آندائون،
کٿوريءَ خوشبوءِ سين، وڻ تڻ واسيائون،
پسنديئي پنهون ڄام کي، وسريون وِڄائون،
خيما کوڙيائون، وريو بخت ڀنڀور جو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org