مهراڻ نقش
محترم وفا راشدي اردوءَ جو هڪ مشهور ليکڪ آهي. هن
جو اردو ادب ۾ ڪيترو ئي ڪم معياري نوعيت جو آهي.
خاص طور اردوءَ ۾ لکيل ”بنگال ۾ مقالو اهم آهي.
زير تبصره ڪتاب ۾ هن گهڻو ڪري اهي مقالا شامل ڪيا
آهن، جيڪي روز اردو“ ۽ سندس ڊاڪٽريٽ جو نامه جنگ
جي مهراڻ رنگ سيڪشن ۽ ٻين جريدن ۾ ڇپيا آهن. هن
ڪتاب ۾ سنڌ جي ٻن ليکڪن پيش لفظ ۽ ديباچا به لکيا
آهن. ڊاڪٽر الانا صاحب ۽ محترم ڊاڪٽر اياز قادريءَ
سندس ڪم کي ساراهيو آهي. ڊاڪٽر اياز قادريءَ،
ڊاڪٽر وفا راشديءَ جي محنت ۽ جذبي کي خاص طور گهڻو
واکاڻيو آهي. اياز صاحب چئن حصن ۾ ورهايل ڪتاب کي
ٽن ۾ ورهايل ڄاتو آهي. (ص 17) سندس سنڌيءَ ۾ لکيت
جو فوٽو ڏنو ويو آهي ۽ رجمي ۾ وفا صاحب هيءَ غلطي
درست ڪئي آهي (ص 21).
اهو درست آهي ته هن ڪتاب ۾ سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽
اهم شخصيتن جو تذڪرو ڪري انهن کي اردودان طبقي سان
روشناس ڪرايو ويو آهي. اهو فرض ڪرڻ کپي ته ليکڪ جي
نيت نيڪ آهي ۽ هن سنڌ وارن جي خدمت ئي ڪئي آهي. ان
جو کيس داد ڏيڻ کپي. هن تبصري ۾ آءٌ پوءِ به ٻن
ڳالهين جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. هڪ ته ڪتابن
جون غلطيون ٿيون آهن. ٻيو ته اڪثر رجعت پسند ليکڪن
جيڪي الزام سنڌ جي ترقي پسندن تي هنيا آهن، وفا
صاحب به اهي ئي الزام ورجايا آهن.
1. ڪتابت جون غلطيون هيٺيون آهن. ڊاڪٽر عمر بن
محمد دائود پوٽي کي ص 33 تي، شاعر کٽيءَ کي ص 35
تي، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي ص 40 تي، ڪوڙي مل کي ص 42
تي، نجفيءَ کي ص 44 تي، خير محمد هيسباڻي کي ص 44
تي، ڄام جوڻي کي ص 47 تي، مولانا حمادالله کي ص 51
تي، شيخ عبدالرحيم کي ص 51 تي، شاهه عبداللطيف
ڀٽائي کي 59 تي، جمال ابڙي کي ص 55 تي، آخوند لطف
الله کي ص 117 تي، نظاميءَ کي ص 54 تي، ۽ اهڙي طرح
ڊاڪٽر هاليپوٽي، فضل بچاڻي ۽ ٻين جا نالا غلط ڇپيا
آهن. بيدل جي ڪتاب ’سندالموحدين‘ ۽ مير معصوم جو
نالو به غلط لکيو ويو آهي. دلپترام کي ساميءَ جو
ڀاءُ ڄاتو ويو آهي، جيڪو به غلط آهي.
شاهه ڪريم جيڪو شاهه عبداللطيف جو تڙ ڏاڏو هو تنهن
کي ”ڏاڏو“ لکو ويو آهي. (ص 30) آخوند گل جي ديوان
۾ سنڌي بيت ڪونه آهن، پر وفا صاحب اهو حوالو به
ڪٿان وٺي شامل ڪيو آهي. (ص 39) 37 ۽ 97 صفحن تي
سچل جو ذڪر ڪندي سندس ڇپيل سرائڪي ڪلام مرتبه
مولانا راڻيپوري جو ذڪري ڪري ٿو، پر ڇپيل سنڌي
رسالي جو ڪٿي به حوالو ڪونه ڏنو آهي.
2. وفا صاحب سنڌي هڪ عجيب منطق ظاهر ڪيو آهي. اهو
هي ته مسلمانن جي عظيم ورثي کي تباهه ڪرڻ لاءِ
انگريزن فارسيءَ کي ختم ڪري سنڌيءَ جي ترقي ۽
ترويج جي ابتدا ڪئي. (ص 41) تي لکي ٿو ته: ”انگريز
جڏهن برسر اقتدار آيا ته سنڌي زبان ۾ ادب ترقيءَ
جي رستي تي گامزن هو. فارسي زبان عدالتن، دفترن ۽
پڙهيل خاندانن ۾ رائج هئي.“
هاڻي سندس ئي چوڻ موجب ته سنڌي زبان ترقيءَ جي
راهه تي گامزن هئي ته پوءِ اڳتي هلي اهو ڏکويل
انداز ۾ روئڻهارڪو جملو ڇو لکڻو پيو ته: ”اسلامي
تهذيب ۽ معاشرت کي تباهه ڪرڻ خاطر سنڌي زبان ۽ ادب
تي ڪاري ضرب لڳائي ويئي. فارسيءَ کي مسلمانن جي
علمي ۽ ثقافتي زبان ڄاڻي اُن کي ختم ڪرڻ ۽ سنڌيءَ
کي اُن جي جاءِ تي عام ڪرڻ جي منصوبي کي فوري طور
تي عملي جامو پهرايو.“ ان کانپوءِ هو صاحب سنڌي جي
حروف تهجي تيار ٿيڻ ۽ ڪتاب لکجڻ جو بيان ڪري ٿو.
پر خبر نه آهي، سنڌي تي ڪاري ضرب ڪهڙي لڳي؟ اصل ڏک
جهڙي ڳالهه وفا صاحب لاءِ اها ٿي ته عدالتن مان
فارسي ختم ٿي ۽ سنڌيءَ جي حيثيت قائم ٿي.
نه رڳو ايترو پر وفا صاحب ساڳئي 41 صفحي تي ٻه
ٻيون به عجب ۾ وجهندڙ ڳالهيون لکيون آهن. هڪ ته
”انگريزن هندن جي حمايت ۾ مسلمانن سان امتيازي
سلوڪ روا رکيو ۽ سنڌ جي عوام سان ”رابطو“ رکڻ لاءِ
انهن جي زبان ۽ ثقافت کي سمجهڻ لاءِ سندي زبان
سکي.“ ساڳئي ص 41 تي ليکڪ وري هڪ نئين ڳالهه لکي
ٿو ته: ”جڏهن فرنگي فرمان روائي ۽ جابرانه طريق
حڪمراني جو ”اولين منصوبو پايه تڪميل کي پهتو“ ته
برطانوي سامراج سنڌيءَ جي سرپرستي ترڪ ڪري ڇڏي.
علماء دين جي مخالفت ۾ عوام جي جذبه نفرت جي
باوجود پوري ملڪ جي عدالتن، دفترن، بازارن ۾
انگريزي زبان جو سڪو روان دوان ٿي ويو.“
شايد وفا صاحب کي جذبات ايترو مجبور ڪيو جو هن اهو
نه ڏٺو ته سنڌ ۾ انگريزن جي دؤر ۾ سنڌي رائج ٿي ۽
”ان سان گڏ“ انگريزي به آفيسن ۽ تعليم کاتي ۾ رائج
ٿي ۽ اهو طريقو سڄي برطانوي هند سان لاڳو رهيو.
وفا صاحب کي فارسيءَ جي حيثيت ختم ٿيڻ جو سنڌ جي
حوالي سان ئي افسوس ڇو آهي. ايران مان فارسي نڪري
ته افسوس ڪجي. کيس شايد خبر نه آهي ته فارسي سنڌ
جي تعليمي اداران ۾ 1947ع تائين رائج رهي ۽ پوءِ
به. پر آهستي آهستي اهو شوق گهٽبو ويو. پر سنڌي
1947ع تائين انگريزيءَ سان گڏ سنڌ جي دفتري زبان
هئي. کيس سنڌيءَ سان همدردي آهي ته کڻي بهادريءَ
سان چوي ته سنڌيءَ جو اهو درجو 1947ع کان پوءِ
گهٽايو ڇو پيو وڃي؟ اسلامي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت
ڪنهن زبان جو ورثو ڪونهي. عجب آهي ته اهو به
فارسيءَ جي دفتري زبان نه رهڻ ڪري خطري ۾ ڏسي ٿو.
سنڌيءَ ۾ جيڪو ديني ادب گذريل پنج ڇهه سؤ سالن ۾
پيدا ٿيندو رهيو آهي، تنهن جي کيس خبر نه آهي ڇا؟
شايد هن صاحب کي اها خبر نه آهي. جي هجيس ها ته
بيوس کي هيئن نه پيش ڪري ها: ”هندن جو مهاڪوي
ڪشنچند بيوس ۽ ٻين متعصب مسلم دشمن عناصر سنڌي
زبان کي هندي سنسڪرت ۽ مروج رسمن سان آلوده ڪرڻ ۽
عربي فارسي ۽ اسلامي اقدار کان بيگانو رکڻ جي
خطرناڪ مهم هلائي.“
جيڪڏهن اديب سنڌ ڪانفرنس نمبر 1944ع ۾ هن تاريخي
واقعي جا ڪوائف کيس ملي ويا ته به حقيقت کان انڪار
ڪرڻ ڪند ذهئي آهي. هن ڳالهه کان ڪير به انڪاري ڪري
نٿو سگهي ته ”بيوس“ سنڌيءَ ۾ آسان زبان ڪم آڻيندڙ
هڪ اهم شاعر آهي ۽ هن لاءِ اهو چوڻ ته هن سنسڪرت
لفظ ڪم آندا تعصب ۽ هٺ کان سواءِ ڪجهه به نه آهي.
اهي مروج رسمون ڪهڙيون هيون جن سان سنڌي ادب کي
آلودو ڪيو ويو؟ ڇا وفا صاحب کي معلوم آهي ته سواءِ
ڪن انتها پسند ۽ معمولي ليکڪن ۽ صحافين جي ڪنهن به
ليکڪ سنڌيءَ ۾ ڪنهن به طرف جي لفظن ڏيڻ جي ڪوشش نه
ڪئي آهي؟ نه مشرق جا نه مغرب جا آهن. هونئن هر
زنده زبان وانگر سنڌيءَ به ڪيترين زبانن جا لفظ
پاڻ ۾ جذب ڪيا آهن. اهو فطري عمل آهي ۽ هڪ اردودان
ته ان کان خاص طور انڪار نه ڪري سگهندو. جڏهن به
اهڙو انڪار ڪندو ته اردوءَ کان نا واقفيءَ جو ثبوت
ڏيندو.
فارسيءَ ۾ جي اسلام نظر اچي ٿو ته پوءِ ڪنهن ٻي
زبان ۾ به اهو نظر اچڻ کپي.
آخر ۾ آءٌ ايترو عرض ڪندس ته هفتيوار پرچن ۾ جيڪي
مضمون داد حاصل ڪن ٿا. تن جي ڪتابي شڪل ۾ اچڻ سان
ليکڪ کي وڌيڪ خبرداريءَ جي ضرورت محسوس ڪرڻ کپي.
هن ڪتاب لاءِ آءٌ مجموعي طور ڊاڪٽر وفا راشديءَ کي
داد ڏيان ٿو. پر هي چند معروضات جيڪي پيش ڪيا.
اٿم، سي آءٌ سنڌي زبان ۾ ادب جي هڪ طالب جي حيثيت
سان ڏيڻ به پنهنجو فرض ڄاڻان ٿو.
سنڌي ڪهاڻي
سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ جيڪو ارتقاء جو عمل جاري آهي، تنهن
کي ڪنهن حد تائين پنهنجي ماحول جي اثر ۽ ليکڪن جي
سوچ جي وهڪري جي روشنيءَ ۾ ڏسي سگهجي ٿو. گذريل
پنجن ستن سالن ۾ جيڪي نوان ڪهاڻيڪار اُڀريا، تن کي
چڱي حد تائين همت افزائي وارا ٻول مليا. کين
ساراهيو ويو. اڪثر کي سندن دوستن کان بيجا داد به
مليو. (جيڪو هر حالت ۾ فائدو ڪونه ڪندو) اُن داد
کي عام ٻوليءَ ۾ پوزي ڏيڻ چئبو آهي. اُن پوزيءَ
ملڻ تي ڪي ته ڦونڊ جي ٽانءِ ۾ ڀرجي ويا ۽ پنهنجي
نئين ٽهيءَ جي ڏيڍ چانور جي جدا ديڳڙي چاڙهي ويٺا.
شايد سندن نادان دوستن کين ضرورت کان گهڻو ۽ اجايو
واکاڻيو. واکاڻ ليکڪ لاءِ ضروري به آهي پر ڪڏهن
اُها ليکڪ لاءِ قلم مڏو ڪندڙ ڪاروائي جو ڪم به
ڪندي آهي.
1950ع کانپوءِ جيڪي ڪهاڻيڪار سنڌ ۾ اُڀريا اُنهن
مان ڪن کي عظيم سڏيو ويو. هو هاڻي به موجود آهن،
پر ڪي لکڻ کان گهڻو پري آهن. اُن کانپوءِ آغا
سليم، امر جليل، عبدالقادر جوڻيجو، غلام نبي مغل ۽
ٻيا ڪهاڻيڪار اُڀريا، داد حاصل ڪيائيون. پنهنجو
پنهنجو رنگ ڏيکاري، سنڌي ڪهاڻيءَ کي اوج تي
رسايائون. مغل هاڻي چپ آهي، جليل وانگر ڪو ڪالم به
ڪونه ٿو لکي. آغا ۽ عبدالقادر اڃان لکندا اچن. آغا
جو ناول ”اڻپورو انسان“ ڇپيو ته به اُها ڪهاڻيءَ
جي هڪ طويل صورت آهي ۽ عبدالقادر جو ناول ”سو ديس
مسافر منهنجوڙي“ پريس ۾ آهي. نجم عباسي 1950ع کان
به اڳ ابتدا ڪئي آهي ۽ اڃا لکندو اچي. سنڌي
ڪهاڻيءَ ۾ طويل عرصي تائين رهڻ جو رڪارڊ اٿس.
اڄڪلهه فقط هڪ ئي ڳالهه تي لکي پيو. سهڻيءَ
پبليڪيشنس طرفان جيڪا ادبي عدالت پئي تيار ٿئي سا
ساڻس معاملا طئي ڪندي. هي ڳالهيون بيان ڪرڻ مان
منهنجو مقصد هي آهي ته پختو ۽ سڄاڻ ڪهاڻيڪار ٿيڻ
لاءِ تجربو ۽ وقت درڪار آهي. اڄ بحث اهو ڪونهي ته
وري ڪو امر لعل هڱوراڻيءَ جو ”ادو عبدالرحمان“ لکي
ڏيکاري ته مڃيونس! يا ’شاهه جو ڦر‘ (جمال ابڙو)
سفيد وحشي (شيخ اياز) بلو دادا (اياز قادري) ۽
’ساگر جي لهرن تي‘ (شيخ حفيظ) وغيره کانپوءِ
ترقيءَ لاءِ راهه نه هئي! راه هئي، بلڪ ذڪر ڪيل
ڪهاڻين کان سٺيون ڪهاڻيون به لکيون ويون. مقصدي
ڪهاڻيون به لکيون ويون، معاشري جي خامين تي ڀرپور
چوٽون ڪيون ويون، رسول بخش پليجي ’پسي ڳاڙها گل‘
لکي، تنهن کانپوءِ هاڻي هو ’اڄ آڳڙيا آيا‘ ۽ ٻيون
جيڪي مقصدي ڪهاڻيون لکي پيو، تن کي به اهميت آهي.
نئين ٽهيءَ ۾ خير النساءِ جعفري ۽ نورالهديٰ شاهه
جون ڪهاڻيون به اهميت واريون آهن. نئين ٽهيءَ جون
پاڙون به پاتال ۾ آهن، انهن ليکڪائن ڪهاڻيءَ جي
ورثي کي نظر ۾ رکيو آهي. منير (ماڻڪ) ’حويلي جا
واز‘ کان هڪ نهج کي ورتو ۽ ’پاتال ۾ بغاوت‘ تائين
ايندي هن افسانوي ادب ۾ جيڪي ڏنو سو جونئر
ڪهاڻيڪارن جي اڳيان رهيو. نسيم کرل جي ڪهاڻيڪاريءَ
جو پنهنجو هڪ رنگ آهي. اڄ خيرالنساءِ جعفري ڪهاڻي
’حويليءَ کان هاسٽل تائين‘ لکي ته اُهو ڪو اُڀ مان
پر گهٽ ٿيل موضوع ڪونهي. اُها هن ماحول جي پيداوار
جي سنڌي ڪهاڻيءَ جي لڙيءَ جي سلسلي ۾ پوتل آهي.
ليليٰ بانا جي ڪهاڻي ’من مڻيو تن پٿر‘ لاءِ به
اهوئي رايو ڏيئي سگهجي ٿو. ماڻڪ‘ مشتاق شوري ۽
غلام نبي مغل توڙي نئين ٽهيءَ جي ڪن ڪهاڻيڪارن تي
جنسيات بابت لکڻ جو الزام آهي. هنن جيڪي ڪجهه لکيو
انهن کي ممڪن آهي ته فرسٽريشن سڏيو وڃي. (بلڪ سڏيو
وڃي ٿو).
ڪوبه ڪهاڻيڪار جڏهن ان حد تي پهچي جو هو ساري سنڌ
۾ مڃجي وڃي ته ان ڳالهه لاءِ ڪا انفرادي ’پٺيءَ
ٺپر‘ ڪافي نه آهي. ڪهاڻيڪارن لاءِ فائدي کان وڌ ان
ڳالهه ۾ ڇيهو آهي. تازو مون ممتاز مهر جي ڪهاڻين
جو مجموعو پڙهيو. جنهنجي پوئين ڪور تي ماڻڪ،
ڪهاڻيڪار لاءِ چڱا لفظ لکيا. مون ڌيان سان انهن
لفظن کي پڙهيو ۽ معلوم ٿيو ته ’مهر کوکلي اخلاقي
ڀرم تي ڀرپور وار ڪيا آهن ۽ ڪيترن اهم معاملن کي
مهر جي ٻاهرين اک جهٽيو آهي ۽ سادي انداز ۾ پيش
ڪيو آهي.‘ (ڪتاب زندگيءَ جو وهڪرو)
ڏٺو وڃي ته سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ڪافي ڪجهه لکجي آيو آهي
۽ ان ۾ جيڪي به ’سادي انداز‘ سان لکيو ويو ته اُهو
ڪوبه تاثر ڇڏي نه سگهندو. پيشڪش جو طريقو نهايت
اهم آهي. ممتاز مهر جي ڪهاڻين ۾ ’تجربو‘ هڪ
ڇرڪائيندڙ ڪهاڻي آهي. ڪهاڻيءَ جو اوچتو خاتمو ان
جي ناڪاميءَ جو سبب آهي. ڪهاڻيڪار ۾ بيان ڪرڻ جي
اهليت بلڪل نه آهي. خالي خولي هڪ ڳالهه کي ڇڪي انت
تائين آڻڻ ڪافي نه آهي. ’يادن کان انتقام، ڪهاڻيءَ
جي ڪهاڻي ۽ دانشور صاحب‘ وغيره اهڙيون ڪهاڻيون
آهن، جن ۾ هڪ ڏينهن جي واقعي جيتري به قابليت نه
ڏيکاري ويئي آهي. يونيورسٽيءَ جي زنگيءَ ۾ ڪيترن
واقعن کي ڪافي اهميت آهي، پر ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ رڳو
تاثر ۾ ڏسي ته ’نيٺ مس شهر يار ڪوڪا ڪولا پيتي‘
(مٽيءَ جو طوفان)، ته ان ۾ عام دلچسپي جو ڪهڙو
نقطو ملندو؟ يا ’ٻه لاش‘ ۾ جيڪو بيان آهي، سو
ڪيترو غير حقيقي لڳي ٿو. هڪڙو همسفر واقف ٿيندي ئي
ٿوري دير ۾ قتل جي واردات جو بيان ڪري ٿو ٻڌائي،
آءٌ ممتاز مهر جي ڪهاڻين کي منڌيئڙو ڦيرائڻ نٿو
گهران، نه مون هڪڙي کي اهڙو حق، ليکڪ يا سندس ماڻڪ
جهڙا همدرد ڏيندا. هو اڳتي هلي مقصد حاصل ڪري سگهي
ٿو. منهنجو مقصد آهي ته ڪو پنهنجي مجموعي لاءِ ’ٻه
اکر‘ لکائڻ جو ارادو ڪري ته تجربي وارن ليکڪن جو
ڪم آهي ته همت افزائي ڪندي ادبي ڪارنامي ته تنقيدي
نظر به وجهن ۽ خوبين توڙي خامين ڏي اشارو به ڪن.
1977ع جو هڪڙو ٻيو مجموعو به انهيءَ طرز جي پٺيءَ
ٺپر سان شايع ٿيو. هي مجموعو رسول ميمڻ جو آهي.
’امن جي نالي‘. رشيد ڀٽيءَ ميمڻ صاحب جي سٺي همت
افزائي ڪئي آهي. ان ۾ ڪن هنڌن تي وڌاءُ به ملندو،
پر ليکڪ جو تجزيو سراسر غلط ڪيل نه آهي. جيڪا
ڳالهه ميمڻ جي سوچ تي پوري ٺهڪي اچي ٿي سا رشيد
صاحب هن ريت چئي آهي.
”رسول ميمڻ جي افسانن جو موضوع اڄ جو اٻوجهه ۽
اياڻو ايذايل انسان آهي ۽ انسانيت جو فرسوده ۽
انسان دشمن قدر. هو انساني سماج جي اوڻاين، اوچ
نيچ ۽ ايذاءَ جو اڻ ٽر ويري آهي. هو انسانيت جي
دشمن ’جنگ‘ جو جاني دشمن آهي. هن جو من اَمن لاءِ
ڦٿڪندو ۽ لڇندو پڇندو رهي ٿو. هو انسان جي عظمت جو
داعي آهي.“
ظاهر آهي ڪو شهري پنهنجي مٿان بمبار جهازن جا
لامارا پسند نٿو ڪري ۽ بمن جا ڌڪاءُ ۽ قيمتي جانين
جو زيان هن کي رت رئاڙي ٿو. اُهو شهري حساس آهي ته
انجو اظهار ڪري ٿو. ليکڪ انکي تحريرن ۾ نندي ٿو.
هن مجموعي ۾ جنگ کي ڌڪار جي نگاه سان ڏٺو ويو آهي.
رشيد ڀٽيءَ صحيح اندازو لڳايو آهي. حملي آور کي
جنهن ريت ’شينهن جو ٻچو‘ ۾ پيش ڪيو ويو آهي، سو
ڪهاڻيءَ جي سٽاء ۾ هڪ بيمثال ڪارنامو آهي. مون کي
ميمڻ صاحب جي هيءَ ڪهاڻي سندس سڀني ڪهاڻين کان
وڌيڪ پسند آئي. حمله آور ڪيترو انڌو ٿئي ٿو انجي
پرک هن ڪهاڻيءَ مان پوي ٿي. ڪهاڻيءَ جي ڊرامائي
تشڪيل ڪجي ته تمام سٺو تاثر ڇڏيندي.
ميمڻ جي ڪهاڻي ’انسانيت دونهون ۽ لاش‘ سٺي آهي. ان
۾ امر جليل وارو ڊائلاگ جو انداز ڏيڻ جي ڪوشش ڪيل
آهي، پر ٻولي ايتري جاندار نه آهي. ڪيترا سنڌي
ڪهاڻيڪار لفظن جي صحيح استعمال ۽ ٻوليءَ جي وهڪري
واري انداز کي ڪونه ٿا ڏسن. ٻوليءَ جي وهڪري مان
منهنجي مراد لفاظي يا اهڙو نثر نه آهي، جيڪو مقفيٰ
نثر جي برابر وڃي بيهي. پر اهڙو بيان هجي جنهن ۾
نديءَ وارو وهڪرو هجي. هن سلسلي ۾ عبدالقادر
جوڻيجي جو انداز نئين ڪهاڻيڪار کي نظر ۾ رکڻ کپي.
ذهن ۾ اردو يا انگريزي جملن کي رکي انهنجو ترجمو
نه ڪرڻ کپي. ’وسنديءَ‘ کي ’بستي‘ ۽ ’ڀڃُڻ‘ کي
’ڀُنڻ‘ نه چوڻ کپي. رسول ميمڻ ۾ صلاحيتون آهن. جي
منهنجي ڳالهه مڃي ته آءٌ جيڪر کيس صلاح ڏيان ته
واکاڻ تي ڪن نه ڏي ۽ ڪڙي تنقيد مان سبق وٺي.
مجموعي جي پوئين ڪور تي فتاح ملڪ، ميمڻ جي جذبي ۽
فن تي ساراهڻ جي انداز ۾ سٺو لکيو آهي. ساراهڻ ۾
ڪو عيب ڪونهي. نئين ليکڪ کي ته ڇا پر پوڙهن پڪن کي
به واکاڻ جي ورکا کپي ٿي.
جيستائين نئين ڪهاڻيءَ جو لاڳاپو آهي ته ان کي
بيشڪ پنهنجي ملڪ جي ماحول ۾ پاڙون آهن. فني لحاظ
کان ان کي سنڌي ڪهاڻيءَ جي روايت سان به وڏو ئي
واسطو آهي. امر لعل هڱوراڻي، مرزا نادر بيگ،
سائينداد سولنگي ۽ اميد علي سرائيءَ کان ڳڻپ ڪبي
ته سماج جو عڪس نظر ايندو. 1940ع کان وٺي جمال
ابڙي، شيخ اياز، نجم عباسي ۽ ان دؤر کي ڏسبو ته ان
۾ ڌرتيءَ جا ڏک ۽ سماج کي پسبو. اياز قادري، شيخ
حفيظ، رباني، اَمر جليل، نسيم کرل، غلام نبي مغل،
آغا سليم، عبدالقادر جوڻيجي، شوڪت شوري، عبدالحق
عالماڻي، پليجي، مشتاق شوري، ماڻڪ، طارق اشرف ۽
ڪيترن ڪهاڻيڪارن جو فن ۽ فڪر موجوده ٽهيءَ کي ڪجهه
نه ڪجهه سيکاري ٿو.
موجوده ٽهيءَ ۾ جيڪي ليکڪ آهن، تن ڄڻ اڃا بئنڪ ۾
کاتو کولايو مس آهي. اُميد آهي ته چڱا پئسا جمع
ڪرائيندا. ڏيڍ چانور جي جدا ديڳڙي چاڙهڻ کان پاسو
ڪندا. سنڌي ڪهاڻيءَ جي ورثي کي نه وساريندا.
اَجائي پٺيءَ ٺپر تي ڀنڀلجي کڙ کوٻڙ ۾ نه پوندا.
ڏات ۽ ڏانءُ جو نانءُ ماڻڪ
زندگيءَ جي ڏکن ۽ سکن جي عڪاسي ڪرڻ اديب جو ڪم
آهي. اديب اتي هڪڙو سٺو فوٽو گراف آهي. جڏهن هو
خود اُن ڏکن جي گهاڻي ۾ پيڙجي يا سندس جاتي پيڙجي
ته به هن جا ٺاهيل لفظن جا فوٽو متاثر ڪندڙ هوندا
آهن. ڪيتريون ڳالهيون آهن، جيڪي اڪثر اديب صاف صاف
چوندا آهن. ڪنهن ڏند ڪٿا، ڪنهن اشاري ڪنائي ۾ نه
چوندا آهن. انهن ۾ اسان وٽ نجم عباسيءَ جو هڪڙو
مثال ڪافي آهي. جيڪي وري ڏند ڪٿائن، اشارن ڪناين
سان ڳالهه چوڻ گهرن ٿا، تن ۾ ماڻڪ هڪ نشانبر ليکڪ
آهي. هن ابتدا ۾ اشارو ڪنايو گهٽ ڪم آندو. پاتال ۾
بغاوت تائين ايندي هو اشاريت ۽ علامت نگاريءَ جي
هڪ علامت بنجي ويو. جنوري 1982ع ۾ هو روبوٽ وانگر
پٺ ورائي هليو ويو. منهنجو خيال آهي ته سندس ڪهاڻي
روبوٽ اُن ڳالهه جو اشارو آهي. روبوٽ کي واپس ورڻو
هو. هن کي جيڪو ڪم ڪرڻو هو، سو مڪمل ڪري لال لانگ
ورائي ڪرهو ڪاهي هليو ويو. سنڌي ادب کي ماڻڪ جيڪي
ڏيئي ويو، سو ايترو ۽ ايتري معيار وارو آهي، جو
کيس بيڪس سان ڀيٽجي.
بيڪس ننڍي عمر ۾ گذاري ويو، پر سندس ڪلام جو معيار
اوچو آهي. ماڻڪ سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ منفرد طرز جو ليکڪ
آهي. سندس تحريرن جو وڏو حصو اُن پيڙا جو پڙلاءُ
آهي، جنهن خود کيس پيڙهيو. هن سماج ۾ جيڪو ظلم
ڏٺو، اُن خلاف لکيائين. ”سمجهه جي مار“ وارن کيس
ئي کڻي چؤکنڀو ٻڌو چي ”بداخلاقي ٿو پکيڙي جنسياتي
مرضن ۾ ورتل آهي.“ ماڻڪ جي ڊگهي ڪهاڻي/ناولٽ ”رڃ ۽
پڙاڏا“ ۾ شبوءَ جي پيڙا هر اُن نوجوان جي پيڙا
آهي، جيڪو نابرابري ۽ ظلم جو شڪار آهي. جذبن وهيڻو
آهي پر بيوسيءَ جي اهڙي ڄار ۾ ڦاٿل آهي، جنهن مان
هڪڙو مڪمل نسل پاڻ کي ڇڏائي نٿو سگهي. عاشي به اُن
ڄار ۾ ڦاٿل ۽ ڦٿڪندڙ هڪ جيو آهي ۽ ڏاڍ جي سهپ جي
علامت آهي.
عاشيءَ کي زندگيءَ جو طوفان اُڏائي کڻي ٿو وڃي.
اُن جو وجود هڪ ڀرپور زنگيءَ جي علامت مثل آهي ۽
غير موجوگي زندگيءَ جي کوکلائپ کي ظاهر ڪري ٿي.
ماڻڪ زندگيءَ کي گلن جي سيج جي صورت ۾ نه ڏٺو. هن
لاءِ زندگيءَ جو احساس پيڙا ڀريو ۽ اذيت ناڪ هو.
پيڙا کي ماڻڪ جنسيات جي حوالي سان به ڏٺو. سندس
مجموعي ”ڇهه انام ڪهاڻيون“ جي پهرين ڪهاڻيءَ کي
ڏسبو ته زندگيءَ جي سوچن جو هڪ پهلو اسان جي اڳيان
ايندو. جتي محبت ۽ نفرت هڪ ٻئي سان ڳتيل ملنديون.
خواهشون جي پوري نٿيون ٿين، ته اُن لاءِ ڏوهاري
ٻين کي ٺهرايو وڃي ٿو. ماءُ به ڌيءُ کي نٿي وڻي.
ماءُ جي پرسڪون زندگيءَ کي ڌيءُ نفرت ۽ ڪڏهن ريس
جي نظر سان ڏسي ٿي. منهنجي خيال ۾ حقيقت نگاريءَ
جو سهڻو مثال پهرين ڪهاڻيءَ جي هن پئرا ۾ آهي.
”جسم ۾ آيل اُبتي ڪتڪتائي ڪرنٽ بڻجي، انگ انگ ۾
ڦهلجي ويس. واڻ واري منجيءَ تي ويٺي، ٻئي اُڀا ڪيل
گوڏا سولا ڪيائين. انهن تي ٻانهن جون ٺونٺيون رکي.
هٿن جي ترين سان منهن جهلي سوچڻ لڳي: پيار جو لڳ
به ڪيڏو نه عجيب آهي. هر شئي پياري ۽ وڻندڙ اهائي
امان آهي، هونئن صبح جو اُٿندي آهي ته نماز کان
وٺي نيرن پوري ٿيڻ تائين ٻارن کي چهڙون ڏيندي آهي.
هاڻ ڪيئن نه سڀني تي ٻلهار ويندڙ نهار ڪري وڃي
مصلي تي بيٺي آهي. مئي رن...“
انساني زندگيءَ جا ڪيترائي رنگ آهن. هن جي همت ۽
اُتساهه ڀريل عمل جو به هڪ دائرو هوندو آهي، هن جي
سوچ ئي کيس اُتم ڪري ٿي. دولت ۽ دٻدو کيس اُتم
ڪونه ٿو ڪري. انسان پنهنجي نظرئي خاطر جيئي ٿو.
ڪٿي کيس اُن جي پرچار جو موقعو گهٽ ئي ڇو نه ملي،
ته به سندس آدم جيئرو رهي ٿو.
ماڻڪ وٽ سسيفس (Sisyphus)
جي ڏند ڪٿا جي اوٽ بي معنيٰ نه آهي. ”پاتال ۾
بغاوت“ ماڻڪ جي اُن جذبي جو پڙاڏو آهي، جنهن کي هن
پنهنجي زندگيءَ جو حصو ڄاتو ۽ هڪڙي موثر ۽ علامتي
انداز سان ظاهر ڪيو، سسيفس لاءِ، ديوتا جي حڪم
موجب ڳري پٿر کي مٿي نيڻ کان انڪار ڪرڻ موت کي سڏڻ
جي برابر هو. هو هٺيلائي ڏيکاري ٿو ۽ ڄاڻي ٿو ته
انڪار ڪرڻ زيوس ديوتا کي بي مانو ڪرڻ جي برابر
ڄاتو ويندو.
”سسيفس پنهنجي هيڻي هستيءَ کي، جيڪا جڳن کان ٿڪل
هئي، تاڻي تڙو کڙو ڪيو. آواز ۾ پنهنجي وير جو
وڍيندڙ احساس اوتي چيو: پر زيوس! منهنجو انڪار،
انهيءَ روايتي انڪار کان نرالو آهي. هيءَ منهنجي
بغاوت، پنهنجن وڏڙن کان نه، پر اختياري سگهه خلاف
آهي. مرڻي جي اَمرڻي خلاف ڌرتيءَ سان دل رکندڙ جي،
آڪاس خلاف، هيڻي جي سريشت خلاف.“
سسيفس کي سندس انڪار جي سزا طور پاتال ڏانهن نيو
ويو. هو جڪڙيل هوندي به سوڀارو هو. پاتال ۾ سناٽو
هو. ظلم جا پاڇا هئا، پر غزم جهڪو نه هو. اهوئي
مقصد احي ”پاتال ۾ بغاوت“ جو.
روزگار جي تنگيءَ جو ذاتي احساس ماڻڪ کي رهيو. هن
جي ڪهاڻين ”وقتائتو موت“ ۽ ”ڪلارڪ جي پهرين تاريخ“
۾ اُن تنگيءَ جا خاص طور نشان موجود آهن، انهن ۾
گهر جو هر ڀاتي هر ضرورت ۽ دوا درمل لاءِ حيران
هجي.
شوڪت شوري جي چوڻ موجب ماڻڪ ”اگهاڙو سچ چوي ٿو.“
اُهو هن ”لڙهندڙ نسل“ ۾ به چيو آهي ۽ هر ڪهاڻيءَ ۾
پنهنجي انوکي انداز سان چوي ٿو. اگهاڙو سچ عورت جي
فطرت ۽ سوچڻ بابت ڇو نه هجي.
ماڻڪ رک رکاءُ نه ڪيو آهي. انام ڪهاڻين ۾ ٽين
ڪهاڻي ان جو ثبوت آهي. بيمار زال جا وهم، وسوسا ۽
مڙس تي ٻلهار ويندي به شڪ پوڻ. اهو سڀ انساني
نفسيات ۾ شامل آهي.
ماڻڪ جي طرز پنهنجي آهي. هو پنهنجي ڍنگ سان هر
ڳالهه چوي ٿو. سندس لهجو ڪٿي ظاهر ۾ منجهيل آهي،
پر بي معنيٰ نه آهي. اهو سبب آهي جو اڪثر ’ڪوپسرن‘
کي چيل ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي آهي ۽ هڪ هڪ لفظ
ڌار ڪري اُن جي گندگيءَ ڏي پيا ڌيان ڇڪائيندا آهن.
ماڻڪ جون دوائون ڪوڙيون آهن، پر اجايون ۽ غلط نه
آهن. سماجي بيماريءَ بابت ٻڌايل نشانيون هر ڪنهن
کي سمجهه ۾ اچڻ واريون نه آهن.
”حويلي جا راز“ جيتري آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچڻ
جهڙا آهن، ”پاتال ۾ بغاوت“ کي سمجهڻ اوترو سولو
ڪونهي. ان لاءِ ڪجهه مٿاڪٽ جي ضرورت پوي ٿي. اهوئي
هڪ ليکڪ جو معيار ۽ معراج آهي، جو اُن جي گفتي کي
پروڙڻ لاءِ ڪجهه سوچجي.
پاتال ۾ بغاوت
منير احمد ]ماڻڪ[ (1943ع-1982ع)
منجهنجو گهرو دوست ته نه هو، پر ساڻس ملڻ جو سلسلو
هو. ڪڏهن گس هلندي ملندو هو ته گهڻي پاٻوهه سان
ملندو هو. بيهي ٻه اکر ڳالهائيندو هو حالي احوال
ٿيندا هئا ۽ وري خيالن جي بار کي پنهنجي ڪنڌ تي
کڻيو هليو ويندو هو.
ماڻڪ هڪ نهايت ئي حساس نوجوان هو. هو اوچتو اسان
کان وڇڙي ويو. مون کي ياد آهي، ماڻڪ جي جدائيءَ جو
صدمو سنڌي ادب لاءِ وڏو صدمو هو. نوابشاهه عذر
خواهيءَ لاءِ ويس، غلام قادر لنجار سان گڏ مٽيءَ
جي ڍير تي وڃي بيٺاسين، جنهن هيٺ ماڻڪ ابدي ننڊ ۾
هو. هاڻي غلام قادر لنجار به وڇڙي ويو آهي. مون کي
ٻئي گڏ ياد ايندا آهن. زندگيءَ جي ثبات آهي. اسين
ذاتي ۽ قومي نقصان سهي وڃون ٿا. ماڻڪ جي وڃڻ سان
سنڌي ادب جو گهڻو نقصان ٿيو. گهڻا ليکڪ آهن جن
ٿورن سالن ۾ وڏي واڪي سچ ظاهر ڪيو. ماڻڪ اُنهن ۾
هڪ وڏو ليکڪ هو.
ماڻڪ جا افسانا ۽ ناولٽ سماج جي مڪمل ۽ واضح تصوير
آهن. سندس هر تحرير سندس سوچ ۽ انداز بيان جي ڪري
واضح طور چٽي آهي. هويليءَ جا راز ڪهاڻي ڇپي ته
گهڻو واد دواد هليو ۽ ان سان گڏ ان موضوع تي ٻين
به ڪهاڻيون لکيون.
ماڻڪ جون ڪهاڻيون ۽ سندس سوچ مڪمل طور هم آهنگ
آهن. آءٌ هتي سندس سڄي ادبي ڪم مان فقط ناولٽ
”پاتال ۾ بغاوت“ جي باري ۾ پنهنجا خيالات مختصر
طور ظاهر ڪريان ٿو. هيءُ ناولٽ 1977ع ۾ آگم پبلشنگ
ايجنسي حيدرآباد طرفان شايع ٿيو. اُن کان اڳ سندس
ڪتاب ”لڙهندڙ نسل“ (1972ع) ڇپيو، ”رڃ ۽ پڙاڏا
(1976ع) ۽ ”حويليءَ جا راز“ (سال لکيل ڪونهي پر)
اڳ ڇپيو ڇهه انام ڪهاڻيون (1981ع) پاتال کان پوءِ
ڪتابي صورت ۾ ڇپيون.
يوناني ديومالائي ڪردارن، انهن جي ڪهاڻين ۽
ڪارڪردگين تي آڌاريل هيءَ ڪهاڻي اناولٽ ڪائنات جي
منڊل ۾ انسان جي حيثيت ۽ ساڻس جيڪا جٺ ٿئي ٿي ان
جو ڀرپور تاثر آهي. ڪامو ان جي وضاحت ڪندي لکيو ته
ڇا زندگيءَ جي ڪا معنيٰ آهي. يا بيوس جي ڪلهن تي
بار رکي ان کي ئي زير بار ڪيو ويو آهي.
ماڻڪ ابتدا به ڪامو جي حوالي سان ڪري ٿو. ”ڏند
ڪٿائن کي پنهنجي حياتي ڪانه ٿئي. اُهي اسان پاران
کين وجود ڏيڻ لاءِ اوسيئڙي ۾ هونديون آهن. جيڪڏهن
ڪو سندن انهيءَ اوسئڙي کي موٽ ڏيندو آهي، ته پوءِ
موٽ ۾ هو ڀرپور انداز ۾ پنهنجي سگهه بخشنديون
آهن.“
ڪمزور تي جيڪو هٿ ٺوڪيو بار لڏبو رهيو آهي. اُها
نه ختم ٿيندڙ سسيفسين ٽاسڪ آهي، جا جڙتم ثقافت ۽
تهذيب به مڙهيندي اچي پئي. جنهن وٽ طاقت ۽ دولت
آهي اهو عيش ڪري ٿو ۽ چوي ٿو سڀ ٺيڪ آهي. ايئن ئي
رهڻ کپي ۽ آءٌ خوش منهنجو خدا خوش! اهو رحمت پسند
ماڻڪ جو نشانو آهي.
يوناني ڏند ڪٿائن جا ڪردار پنهنجي حيثيت جي ڪري
اهم آهن، جئن خلقيندڙ ’زيوس‘ هو تمام عظيم ليکيو
ويو. هن کي خدائي لقب ڏنا ويا. رحيم ڪريم ۽
مهربان. هي ڏند ڪٿائون مذهبي رتبي واريون ليکيون
ويون. هومر کان ڪامور تائين هنن ادب جي ڪتابن کي
خوبصورتي ڏني.
ننديل ۽ ڦٽڪاريل ڪردار سسيفس (Sisyphus)
کي ڪامو يوناني ڏند ڪٿائن مان ڪڍي نروار ڪيو. دنيا
۾ شروع کان اڄ تائين نام نهاد خدائن بيوس انسانن
کي ڪم ۾ ايئن ڦاسايو آهي، جئن ڍڳن کي هر يا بيل
گاڏيءَ ۾ جوٽبو آهي. رڳو پاڻ کي وڏو چوائڻ لاءِ
ظلم جي بازار گرم ڪندا رهيا آهن. وڏا ته وڏا پر
ڄامڙا ۽ خود ساخته ٽارزن به اهي حرڪتون ڪندا رهيا
آهن.
ماڻڪ لکي ٿو ته: ”هيڻي انڪاري سسيفس جي هوڏ سرڪشي،
هڪ نستي ڏاهي جو مٿس مڙهيل امر کي مڃڻ کان نابري
وارڻ جيڪو پنهنجي هيڻائپ جو چٽو احساس ۽ سڌ رکي
ٿو. جا ڪامو جي لفظن ۾ هن ائبسرڊ هيري جي سڀ کان
وڏي ٽرئجڊي آهي.“
رياست ۽ حڪومت جي نظام جي نالي ۾ جيڪي ڪيو وڃي ٿو،
ان جا ابتدائي پاڇا يونان جي سياڻپ مان اڀريا.
دنيا انهن وڏن نالن ۽ خوبصورت لفظن کي اختيار ڪرڻ
جي شوق ۾ ننڍن کي چپيو ۽ چٿيو جيڪو سلسلو اڄ به
جاري آهي.
حڪومت جو نظام، پاليسين، نظريا ۽ بقول ماڻڪ
”اولمپيائي ٺٺ کي قائم رکڻ جو ناٽڪي رچاءُ، عوام،
پارليامينٽ ۽ ڊيموڪريسي“ مٿان وري چونڊون ۽ خدا
چونڊڻ ۽ اڃان اڳتي آهي چونڊيل مالڪ وري نائب مالڪ
مقرر ڪن جيڪي ڇڙو اڳ حيوانن ۽ ڇتن ڪتن وانگر عوام
جون ٻوٽيون ٻوٽيون ڪن ۽ ڇيڇاڙين. ڪو کين چئلينج نه
ڪري ڪو انڪار نه ڪري جي انڪار ڪري ته ڀوڳي. هن
صورت ۾ موت جا ٺيڪيدار انڪاريءَ کي سزا ڏيڻ لاءِ
هر وقت تيار!
جيئن زيوس ديوتا جي حڪم سان پٿر مٿي کڻي پهچائڻو
هو، تئن اڄ جا زيوس به اهو ڪندا اچن. سسيفس انڪار
ڪري ٿو ۽ چوي ٿو. ”مان انهيءَ مڙهيل مشغوليءَ ۾
جنبڻ کان انڪار ڪريان ٿو.“ هو هيڻو آهي، پر چوي ٿو
ته ’بغاوت هيڻ جي سڀاءُ جو انگ آهي.‘
هو هيسجي وڃي ٿو پر وري سڌير ٿئي ٿو. هو چوي ٿو ته
’منهنجي بغاوت اختياريءَ خلاف آهي.‘ ديوتا انڪار ۽
بغاوت کان ڪاوڙجي پيا. اڄ به ڪاوڙجن ٿا. انهيءَ
خوش فهميءَ ۾ آهن. ته اسين خدا جا پاڇا آهيون، ڇو
جو اختيار حاصل آهن. ڪهاڻيءَ جو انت ڪهڙو آهي؟ سزا
ضرور ملندي ناولٽ جي آخر ۾ ماڻڪ لکي ٿو:
”وڄ چمڪي ۽ زيوس جو آواز گونجيو هن باغيءَ کي ساڳي
سزا ۾ جنبيو وڃي. جو انهيءَ کان وڌيڪ ٻي سخت سزا
ٿي نٿي سگهي. جنهن ۾ هو لڳاتار ٺلهو پورهيو ڪري.
پٿر کي مٿي جبل تي پوري سگهه سان نيئي وڃي ۽ اهو
زم سان هيٺ ڪري ۽ انهيءَ پورهئي جي پراپتيءَ کان
سکڻو رهي. زيوس وري ڪڙڪيو هيڊز! سسيفس جي مشغوليءَ
جي هڪ ئي رينگٽ کي ايڏو تکو ڪيو وڃي، جو انهيءَ ۾
سوچ لاءِ ڪا وٿي نه رهي. سندس سونجهه جا سڀئي
ڳڙکڙا بند نه ٿي وڃن. سندس باغي سڀاءُ ناس ٿي وڃي
باقي سندس پيڙا جي سرت کي ارمان ۽ رودن سان جئن جو
تئن رکيو وڃي.
سسيفس کي پاتال ڏانهن نيو پئي ويو، هو هارايل هو،
پوءِ به سوڀارو. وهيڻو هو پوءِ به اڏول، جڪڙيل هو
پوءِ به سرڪش ننديل هو، پوءِ به هٺيلو.
زندگي موت جو کاڄ هن صورت ۾ ڪئن بنجي ٿي. اُن لاءِ
ماڻڪ جو آخري جملو آهي: پاتال ۾ گهرو سناٽو آهي.
چوڌاري موت جا پاڇولا رڙهي رهيا آهن.“
پاتال ۾ جبغاوت هڪڙو ننڍڙو ناولٽ هڪ مختصر ڪهاڻي
آهي. هڪ نقطي تي مرڪوز هيءَ ڪهاڻي تمام اهم آهي.
اُهو نقطو هي آهي ته انساني زندگي کي خود ساخته
خدائن ۽ ديوتائن پنهنجي خوني چنبن ۾ مفاد خاطر
جڪڙي رکيو آهي. استحصال لاءِ قابو ڪيو آهي. اڻ
برابريءَ کي قائم رکڻ لاءِ جائز قرار ڏنو آهي.
ماڻڪ ظلم، استحصال ۽ اڻ برابريءَ کي رد ڪيو ان ڪري
پاڪيٽ سائز جي اسي صفحن ۾ هيءَ وڏي وارتا بيان
ڪيائين.
سنڌي الف- ب جي ارتقا
دنيا ۾ الف- ب جي ارتقا تي ڪيترو ئي مواد موجود
آهي ۽ اڃا ڪيترا پهلو کوجنا جهڙا آهن. ڪيترائي
اختلاف موجود آهن. ڪي تحريري سرشتا اهڙا آهن جن کي
موثر ۽ سائنسي ڄاتو وڃي ٿو ۽ انهن کي ٻيون پري جون
زبانون به اختيار ڪن ٿيون. ڪيترا سرشتا اڃا به بحث
جو موجب بنجن ٿا. قديم سرشتن ۽ تحريري طريقن ۾
تصويري سرشتو به رائج هو، جيڪو چين ۽ ڪن ٻين
پاڙيسري ملڪن ۾ ساڳين به اختصاري شڪلين ۾ موجود
آهي، بدلجي الف- ب نه بنيو آهي.
هن ڪتاب ۾ الف- ب جي ارتقا جو سڄو بحث کنيو ويو
آهي ۽ آخر ۾ سنڌي الف- ب جي موجوده شڪل ۽ ان تي
بحث ڪيل آهي.
ڪتاب ۾ ڇهه باب آهن. پهريون باب ٻوليءَ جي وصف
بابت آهي. ٻيو سنڌي ٻولي ۽ قديم رسم الخط بابت
آهي. باقي چار باب مجموعي طور سنڌي الف- ب جي
ارتقاء ۽ ان جي تشڪيل توڙي تنقيد بابت آهن.
سنڌي ادب الف- ب جي تلاش ۾ موهن جي دڙي جي رسم
الخط جو جائزو ڪيترن ئي محققن وٺڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي. هن تهذيب کي پنهنجو هڪ لکڻ جو طريقو ميسر هو.
عبدالڪريم لغاريءَ جنهن وقت هي تحقيقي مقالو لکيو،
ان وقت پارپولا ۽ سندس ساٿين جي کوجنا جا پورا
نتيجا شايع نه ٿيا هئا. هاڻي انهن ڪيتريون ئي
رپورٽون شايع ڪيون آهن، جن جو جائزو خود ڊاڪٽر
پارپولا مارچ 1975ع ۾ ”سنڌ صدين کان“ سيمينار ۾
ورتو. پارپولا صاحب پنهنجي تحقيق ۾ هنٽر ۽ فادر
هيراس جي نتيجن تي به بحث ڪيو آهي. تحريري صورتن
بابت پارپولا جو خيال آهي ته اهي ٽيهه لک سال ق- م
هڪ پديون، ويهه لک سال ق- م گهڻ، پديون ۽ ڏهه لک
سال ق- م الف ب تي آڌاريل آهن.
پارپولا ڪيترن تصويرن لفظن کي پڙهيو آهي. جيستائين
هنن تصويري لفظن جو تعلق آهي ته انهن جو دائرو مصر
کان چين تائين وسيع آهي ۽ چين ۾ اڄ به تصويري لفظ
ڪم اچن ٿا. ڪا الف - ب رائج نه ٿي آهي. لغاري صاحب
تصويري لفظن جو به جائزو ورتو آهي. هنن تصويري
لفظن تي جيئن ته اڃا به کوچنا هلندڙ آهي، تنهنڪري
يقيني نتيجا اڃا به اڳتي ظاهر ٿيندا.
رسم الخط جو ٻيو مرحلو عرب سياحن جي تحريرن وسيلي
مرتب ڪيو وڃي ٿو. هو چون ٿا ته سنڌ ۾ ڪيترائي رسم الخط
مروج آهن. اهڙيءَ ريت نائين ڏهين صدي عيسويءَ کان
اسان جو ڌيان انهن مختلف خطن ڏي وڃي ٿو، انهن جو
ذڪر لغاري صاحب ڪيو آهي.
مڪمل جائزو پروفيسر الانا صاحب جي لنڊن يونيورسٽي
واري مقالي The
Arabic elements in sindhi ۽
سندس ڪتاب سنڌي ’صورتخطي‘ ۾ موجود آهي.
سنڌي الف - ب کي لغاري صاحب دؤر وار جاچيندي آخري
باب ۾ تنقيدي جائزو پيش ڪري ٿو. هن سلسلي ۾ سندس
اهو بحث نهايت دلچسپ آهي، جنهن ۾ هو حوالن سان ڏسي
ٿو ته اهي حرف جن لاءِ عام طور اهو خيال آهي ته
انگريزن طرفان قائم ڪيل ڪميٽيءَ تشڪيل ڏنا، پر
ڪيترن اڳ جي ڪتابن ۾ اهي موجود آهن.
هي ڪتاب سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ پيپر بدران لکيل
مونوگراف آهي، جيڪو 1962 ۾ پيش ڪيو ويو. مجموعي
طور هي ڪتاب سنڌي الف - ب کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
لکجڻ کان چوڏهن سال پوءِ ڇپجڻ ڪري ڪتاب جي اهميت
قدري گهٽ به نظر ايندي، ڇو جو وچ واري زماني ۾ ٻي
به ڪيتري کوجنا ٿي آهي. ناشر طرفان ليکڪ جو نالو
صحيح نموني نه آندل آهي ۽ عهدو نالي سان گڏ هڪ ئي
سٽ ۾ آهي، بلڪ عهدو اڳ ڄاڻايل آهي، جيڪا هڪ
فروگذاشت آهي ۽ سٺي نٿي لڳي. اهڙيءَ طرح سرورق تي
ڪتاب جو نالو سنڌي ا - ب جي ارتقا ڇپيل آهي ۽ اندر
’الف - ب‘ ۽ ’الف – بي‘ لکيو ويو آهي.
]ڇپائيندڙ:
سنڌالاجي، سنڌي يونيورسٽي سائز: ڊيمي صفحا: 99
قيمت: ٽي رپيا ملڻ جو هنڌ: ادبيات حيدرآباد سنڌ.[
”گدائي“
سنيها سورن جا
عبدالڪريم گدائي، روماني شاعر به رهيو پر هن جو
عوام دوستي، وطن دوستي، ۽ انسان دوستي وارو ڪلام
ئي سندس سڃاڻپ بنيو. ڌارين جي غلاميءَ وارو دؤر هن
ڏٺو. ان ۾ جا بي اطميناني محسوس ڪئي ويئي، تنهن جو
ازالو آزاديءَ سان ٿيڻ کپي ها، اهو نه ٿيو،
گدائيءَ جا چند بيت انهيءَ احساس کي، ظاهر ڪرڻ
وارا مون پهرين پهرين پڙهيا. مهراڻ سماهي جي 1955ع
جي چوٿين پرچي ۾ ڪل ڇهه بيت پڙهي منهنجي ذهن ۾
شاعر جو لاڙو واضح طور آيو. ٻيو ڪلام مون پوءِ
پڙهيو جئن شروع ۾ عرض ڪيم ته دستور موجب گدائي
روماني شاعر به آهي ۽ عشق جي واردات ۽ حديث حسن به
سندس ڪلام ۾ آهي. مثال طور غزل جا فقط هي ٻه شعر
ان ڳالهه جي ساک ڀرين ٿا ۽ فني لحاظ کان به ڌيان
ڇڪائين ٿا.
هن عشق جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان، آسان به آ دشوار به
آ،
هي واديءَ الفت آ عجب، پر خار به آ گلزار به آ،
جت اَبرن جي تلوار هلي ۽ ناز جي ناوڪ ڌار هلي،
اُتي ڪهڙو گدائي چارو چلي، جت پيار به آ تڪرار به
آ.
ڪافين ۾ به عشق جي تنوار ۽ دستوري رنگ بلڪل نمايان
آهي.
اچي عشق اُماڙيون لاتيون، ويون وهم گمان جون
باتيون.
ڏکن ڏوجهرن جي سنسار کي تبديل ڪرڻ جو عزم ڪري ٿو ۽
چوي ٿو ته: سک جو ڪو سنسار بڻايون، سک جو ڪو
سنسار، سک جو سنسار بي تعصبيءَ سان ئي بنجي سگهي
ٿو. گدائي ذات پات ۽ مذهب جي فرق کي خاطر ۾ نه
آڻيندي انساني سماج جي تعمير لاءِ چوي ٿو.
مذهب مسلڪ پيار گدائي، هندو مسلم سک
جوڙ سڀ هڪ مالڪ جي، سڀ ۾ ساڳيو يار
سک جو ڪو
سنسار
پنهنجي شهر کي مثال طور وٺي، اُن جي دگرگون حالت
تي افسوس ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته هيءَ حالت تفرقي جي
ڪري آهي. شهر ڇا مان ڇا ٿي ويو. جت مهر ڀريا ماڻهو
هئا ۽ الفت جو راڄ هو هڪ ٻئي جو درد ونڊيندا هئا.
هن شهر جا ماڻهو مور هئا، سورهه ۽ شهزور هئا. ان
شهر کي ڪا نظر لڳي ۽ چوڏهين جا چنڊ ويا ۽ چؤياريون
ويون. ڇا مان ڇا ٿي ويو.
هن شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي،
سڀ صدين جا ساٿ ويا،
هن شهر جو روپ نه رنگ رهيو،
سڀ رشتا ناتا ڪٽجي ويا،
هر دل ۾ باقي زنگ رهيو،
هن شهر جو پهريون وارو سو،
نا اوج رهيو نه امنگ رهيو.
گدائيءَ جي هن رنگ ۾ ساڻيهه جا سور ۽ پکڙا ۽
پنهوار وڌيڪ نمايان ٿي ويا. غريبن جا ڏک ۽ ڏولاوا
هن جي لفظ لفظ مان بکڻ لڳا آزاديءَ ۾ جيڪي اميدون
هيون اهي پوريون نه ٿيون. اٽلندو مارن جا ڏک وڌي
ويا. گدائي آزاديءَ کي غريبن جي مسئلي جو حل نٿو
سمجهي ۽ وڏي واڪي چوي ٿو.
آزاديءَ انگور، ڪڍيا ڪهڙا ڏيهه ۾
ساعت هڪ نه سنبران، ماروئڙا مسرور
ڏينهان کائن ڏوجهرا، راتين جو رنجور
آيل اباڻن سندا، پلپل پون پور
سنگهارن جا سور، سرتيون سلينا ڪنهن سان.
شاعر کي آزاديءَ ۾ وڏيون اميديون هيون ته مارو
مسرور ٿيندا. پيداوار مان پورو پورو فائدو وٺندا ۽
ڏکن کان آزاد ٿيندا پر ائين ٿيو ڪونه جيڪي ٿيو ان
کي دردمنديءَ سان ائين ظاهر ڪندي ٿو چوي ته
آزاديءَ ڪهڙا انگرو ڪڍيا.
گدائيءَ کي اميد هئي ته آزادي ايندين ته سڀ ڪجهه
ٿيندو. مارئي موٽندي ظلم جا ڪوٽ ڪرندا پر.
آزادي آئي، پر ماڳ نه موٽي مارئي،
سنگهارن جي ساٿ ۾، ڪانهي سرهائي،
اڄ به هيڻن سان هلن، ڏاڍا ڏاڍائي
نڌڻڪين سان نت ڪن، عمر ارڏائي،
سڪر سڻائي، ناهي ملڪ ملير ۾.
مُٺ مُٺ سورن سڀ ڪنهن جي مصداق گدا چوي ٿو:
سور سڀن کي پانهنجا، پنهنجا پنهنجا پور،
ڪن جو عشق الله سان، ڪي مجازي منصور،
ڪوئي ڳولهي رات جو، سجدن منجهه سرور،
پنهون ڪارڻ سسئي، ٿي روهن منجهه رنجور،
ساڻيهه تنهنجو سور، چمي چايم چا مان.
فقط ڏک ڏک ڏوجهرا چوڻ سان جي ڳالهه واضح نه آهي ته
کولي بيان ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته آزاديءَ کان پوءِ به
بک، بيماري ۽ بيروزگاري هجي ته پوءِ فرق ڪهڙو ٿيو.
آزاديءَ آندا، سنيها سورن جا،
بُکن بيمارين ڪيا، ماروئڙا ماندا،
پل نه هڪ وندا، ڳڀي جي ڳڻتيءَ کان.
ملڪ جي ترقيءَ جو مقصد عوام جي ترقي ۽ خوشحالي
آهي. جي عوام ئي بکيا، ڏکيا، پيڙهيل ۽ هيسيل هوندا
ته ترقي ڪهڙي! چند خاندانن جو معيشت تي قبضو هجي
ته عوام ته غلام ٿيو ڪلهه ڌارين جو اڄ پنهنجن جو!
گدائيءَ لاءِ ’ساڻيهه جا سور‘ جي پيش لفظ ۾ شيخ
اياز واضح طور لکيو آهي: گدائي جو همعصر
آهي ۽ جڏهن جمعيت الشراء جا مشاعري باز شاعر قافيا
ڪبوترن جيئن آڏائيندا هئا ۽ جڏهن لاڙڪاڻي ۾ عروض
جي انڌي گهوڙي ڪل ڌوڪيندي ويندي هئي. تڏهن بيوس ۽
گدا جهڙا باشعور شاعر هڪ نئين ادب جو بنياد رکي
رهيا هئا. (ص 2)
اڳتي لکي ٿو ته: ”پر گدائيءَ جي شعور ۾ جو سماج جو
آدرش آهي، سو بيوس ۾ به نه آهي (ص 3).
شيخ اياز جو اهو رايو گدائيءَ تي پورو ٺهڪي ٿو.
جيتوڻيڪ ابتدائي دور ۾ گدائي رواتي شاعريءَ جي دٻڻ
۾ رهيو. طرحي مشاعرن جو پيٽ به ڀريندو رهيو. گدائي
’ساڻيهه جا سور‘ جي ديباچي ۾ پنهنجي شاعريءَ جي
ابتدائي دؤر کان وٺي شعوري سفر جو مڪمل ذڪر ڪيو
آهي. هن جيڪي ڏٺو ۽ ٻڌو تنهن کي پنهنجي ڪلام ۾ ٽڪن
وانگر جڙيندو ويو. معاشري جو حال ۽ پنهنجي وطن جو
حال صاف صاف بيان ڪري ٿو.
پڇين دوست ڪهڙو ٿو احوال پنهنجو
اڳي کان به بدتر ٿيو حال پنهنجو
نه هي ملڪ پنهنجو نه هي مال پنهنجو
ڏهاڙو نه هفتو نڪو سال پنهنجو
اسين ملڪ پنهنجي ۾ بدحال آهيون
ڀرئي ڀاڳ هوندي به ڪنگال آهيون.
غريب جيڪو شاهوڪارن لاءِ ڄڻ ووٽن ڏيڻ جي مشين آهي،
تنهن کي احساس ڏياري ٿو سجاڳ ڪري ٿو.
وري مند آئي خبردار هاري
کڻي ڄار نڪتا پراڻا شڪاري
سک وو جا هي بکيا ۽ بکاري
ڪندا تنهنجي ڪچلڻ جي پوري تياري
گدائي پر مقصد ڪلام جي ڪري ۽ فني پختگيءَ جي ڪري
به هڪ اهم شاعر آهي. گدائي حمد، نعت، غزل، نظم،
بيت ۽ ڪافي وغيره ۾ پاڻ مڃايو آهي. پر هن جي
مقبوليت وري به سندس ڪلام جي موضوعن جي ڪري آهي.
هونئن ٻيا به شاعر آهن، جن وطن ۽ وطن وارن کي ڳايو
آهي. ڪيترا نالا آهن، جيڪي ان ڪري عوامي شاعر آهن،
جو کين عوام سمجهي ٿو. عوام جا درد ڳايا اٿن. عوام
جي نفسيات ڪلام ۾ ظاهر ڪئي اٿن. لاڙ جا ٻه شاعر هن
سلسلي ۾ اهم آهن. ابراهيم منشي ۽ سرويچ سجاولي
ٻنهي وٽ گدائيءَ وارو رويو آهي. پيڙهيلن جو درد سٽ
سٽ ۾ آهي.
گدائي سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ منفرد آواز آهي. هن جي
آواز ۾ درد آهي، اثر آهي. هو وطن جي جهانگين جي
سورن جا سنيها ڏي ٿو. جن کي ڌيان سان ٻڌڻ جي ضرورت
آهي.
”مهراڻ“
– ”شاعر نمبر“
بورڊ جو سماهي رسالو ’مهراڻ‘ پنهنجي ادبي حيثيت جي
لحاظ کان هڪ منفرد جريدو آهي. پنهنجي نئين دؤر ۾،
1955ع کان وٺي، جنهن ريت سماهي ’مهراڻ‘ علم ادب جي
جيڪا خدمت ڪري رهيو آهي، سا ڪنهن کان به لڪل
ڪانهي.
هن رسالي جا ٻه خاص نمبر اڃا علمي حلقن کي وسريا
ئي نه هئا ته هيءُ ٽيون خاص نمبر شايع ٿيو آهي.
1957ع ۾ ”سوانح نمبر“ ۽ 1965ع ۾ ”ڏهساله نمبر“،
شايع ٿيا. اهي ٻيئي خاص نمبر سنڌي ادب جا اهم ادبي
دستاويز ليکجن ٿا.
زير تبصره ”شاعر نمبر“ به ”مهراڻ“ جي روايتي معيار
جو هڪ اعليٰ نمونو آهي. ”شاعر نمبر“ ۾ 131 زندهه
شاعرن جي سوانح حيات (تصويرن سان گڏ) ۽ ڪلام جو
انتخاب ڏنو ويو آهي. 800 صفحن جو هي ضخيم ”شاعر
نمبر“ تاريخي افاديت جو حامل آهي. شاعرن جي ڪلام
جو فني تجزيو به پيش ڪيو ويو آهي، جنهن مان پڙهندڙ
ڪنهن به شاعر بابت پنهنجي راءِ آسانيءَ سان قائم
ڪري سگهن ٿا. هر مڪتب فڪر جي ڪهنه مشق ۽ نو مشق
شاعرن جو ڪلام شامل ڪيل آهي. ڪيترن ئي شاعرن جي
خود نوشت سوانح حيات به آندل آهي. هن ”شاعر نمبر“
جي مطالعه کان پوءِ، سنڌي شاعريءَ جي گذريل پنجاهه
سالن جي تاريخ هڪ طرف سامهون اچي ٿي، ۽ سنڌي
شاعريءَ جا قدر ۽ رجحان ٻئي طرف ظاهر ٿين ٿا.
هن دؤر جي شاعرن قديم شاعريءَ جي رنگ ۾ جيڪي چيو
آهي، يا عروضي شاعريءَ جي روپ ۾ جيڪي چيو اٿن،
تنهن جي هڪڙي تاريخ نه آهي، پر شاعرن جو هڪ تذڪرو
آهي، جيڪو جديد سنڌي شاعريءَ جي شاگردن لاءِ مفيد
آهي. نوجوان سنڌي شاعرن خاص طور عالمگير ادب کان
متاثر ٿي گهڻو ڪجهه لکيو آهي. هنن عالمي شاعريءَ
جي ٻوٽي جي آبياري ڪئي آهي. اُن ڳالهه جا واضح
ثبوت هن ”شاعر نمبر“ ۾ جابجا موجود آهن. انهيءَ
لحاظ کان هن نمبر ۾ زندهه شاعرن جي سڀني طبقن جي
نمائندگي ڪئي ويئي آهي.
”شاعر نمبر“ جو مرتب جناب غلام محمد ”گرامي“ آهي.
جنهن محنت ۽ محبت سان هن صاحب هيءُ نمبر مرتب ڪيو
آهي، سا قابلِ داد آهي.
مهراڻ
سنڌي ادبي بورڊ جي علمي ۽ سماجي رسالي ”مهراڻ“ جو،
1967ع جو آخري يعني چوٿون نمبر، اڳيان آهي. ڪجهه
وقت اڳ ۾ بورڊ فيصلو ڪيو هو ته ”مهراڻ“ ۾ شعر ۽
افسانا نه ڏنا وڃن ۽ فقط علمي مقالن کي جڳهه ڏني
وڃي. اهڙي فيصلي کان پوءِ، پرچو فقط عالمن ۽ محققن
لاءِ مخصوص ٿي ويو هو، ۽ عام پڙهندڙن جي دلچسپي
گهٽجي ويئي هئي. گذريل چند پرچن کي ڇڏي، هن پرچي ۾
وري شعر ۽ افسانا ڏنا ويا آهن، اها ڳالهه ”مهراڻ“
۽ ”مهراڻ“ جي پڙهندڙن لاءِ مفيد آهي.
”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيل مقالن ۾ لطف الله بدويءَ، محمد
حسين پنهور، ليلي رچنداڻيءَ، مير محمد بخش خان
ٽالپر، ڪرشنچندر، جيٽلي ۽ منگهارام ملڪاڻيءَ جا
علمي، تاريخي ۽ تحقيقي مقالا شامل آهن. هر مقالو
پنهنجي موضوع تي فڪر انگيز ۽ معياري آهي. مسٽر
ليلي رچنداڻيءَ، سنڌي ۽ يوناني زبان جي باهمي
سنٻنڌ بابت گهڻي محنت ۽ مطالعي کان پوءِ، پنهنجي
خيالات جو اظهار ڪيو آهي. هن صاحب ڏسيو آهي ته
”سنڌي“ واپار سانگي پرڏيهه پئي ويا آهن، ۽ جتي به
ويا، اُتي پنهنجا لفظ اُتي جي زبانن کي ڏنائون ۽
اُنهن زبانن جا فقط ”سنڌيءَ“ ۾ داخل ٿيا. يوناني
زبان جا ڪيترا لفظ سنڌيءَ ۾ اچي ويا، جهڙوڪ:
يونانيءَ ۾ ”تتو“، ڏينهن کي چون ۽ سنڌيءَ ۾ ”ڏينهن
تتو، ڪم ٿو اچي، يعني ”گرم ڏينهن“. هن صاحب جو
خيال آهي ته اٺين صدي عيسويءَ ۽ ان کانپوءِ، ڪي
لفظ عربيءَ ۽ ترڪيءَ مان آيل چيا وڃن ٿا، پر حقيقت
۾ اهي يونانيءَ مان آيا آهن،جهڙوڪ: ”قانون“ ۽
”صوفي“ وغيره.
سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت مسٽر جيٽلي جو مقالو
به علمي آهي ۽ علم اللسّان
۾ دلچسپي رکندڙن لاءِ خاص طور مفيد آهي. تاريخ جي
سلسلي ۾، مير محمد بخش خان ٽالپر جو مقالو ”سلطان
علاوالدين ۽ سومرا“، محققن کي دعوت فڪر ڏئي ٿو ۽
سنڌ جي هڪ باب جي نشاندهي ڪري ٿو.
انهن مقالن کان سواءِ ٻيا مقالا به معياري آهن.
هن پرچي ۾ ڪل چار افسانا ڏنا ويا آهن، جن ۾ ٻه
طبعزاد ۽ ٻه ترجما آهن. شوڪت حسين جو ”گونگي ڌرتي،
ٻوڙو آڪاس“ ۽ عبدالقادر جوڻيجي جو ”رت جو رنگ“
اصلوڪا ۽ معياري افسانا آهن. عبدالقادر جوڻيجو،
فقط گذريل ٽن چئن سالن ۾ اُسريو آهي. سندس هر
افساني جو موضوع زندگيءَ جي تلخين مان ورتل هوندو
آهي. زندگيءَ جي مسئلن تي لکڻ ۾ هو خوشي محسوس ڪري
ٿو. هن افساني ۾، سڀني کي جدا جدا ڪمن تي روانو
ڪري ،خود ٻانهن مٿي هيٺيان رکي سمهي پوڻ سان،
افسانه نگار ڄڻڪ هڪ سوال پڇي ٿو. ههڙن افسانن کي
پڙهڻ کان پوءِ ئي خبر پوي ٿي ته ادب زندگيءَ جو
تفسير آهي.
ترجمن ۾ گورڪي ۽ لاله يثرب جا افسانا آهن، جيڪي
ڪمل پياسيءَ ۽ غلام نبي ميمڻ ترجمو ڪيا آهن. هڪ
ريڊيائي ناٽڪ ”واٽون ۽ نيڻ“ به هن پرچي ۾ ڏنو ويو
آهي، جيڪو طبعزاد آهي ۽ ممتاز مرزا جو لکيل آهي.
”علمي خط“ جي سِري هيٺ، الياس عشقيءَ جو خط
”مستعار خيالات“، يعني اُڌارن خيالن بابت ڏنو ويو
آهي؛ جنهن ۾ عشقي صاحب، مختلف شاعرن جي ڪلام ۾
خيالات جي هڪجهڙائيءَ بابت بحث ڪيو آهي ۽ مختلف
شاعرن جا اردو هندي، فارسي ۽ سرائڪي شعر ڏيئي،
واضح ڪيو اٿس ته ڪيئن ڪا هڪ ڳالهه مختلف شاعرن جي
ڪلام ۾ موجود آهي اهو اتفاقي توارد آهي يا شاعرن
هڪٻئي جو اثر ورتو آهي. جيڪڏهن ڪو شاعر، ڄاڻي ٻجهي
ٻئي شاعر جي شعرسٽاء ۽ خيال سان هٿ چراند ڪري ته
اهو ”سرقو“ چئجي ٿو. عشقي صاحب جو خط نهايت فڪر
انگيز ۽ علمي آهي.
مهراڻ ۾ نظم جو حصو هن ڀيري پنهنجي روايتي شان سان
موجود آهي ۽ شعر جون تقريباً سڀ مقبول ۽ مروج
صنفون، جهڙوڪ: بيت، دوها، وايون، ڪافيون، گيت، لوڪ
گيت، نظم، غزل، قطعا، رباعيون ۽ آزاد نظم وغيره
ڏنيون ويون آهن. شاعرن ۾ شيخ اياز، لطف الله بدوي،
”عارف المولي“ ”محسن“ ڪڪڙائي، ذوالفقار راشدي،
”بيخود“ حسيني، حافظ ”احسن“، ”خادم“ سروري، ”انور“
هالائي، ”راز“ ناٿنشاهي“، ”استاد“ بخاري،
عبدالڪريم ”گدائي“، عبدالله ”خواب“، ”نياز“
همايوني، ”تنوير“ عباسي، هري ”دلگير“، ”پروانو“
ڀٽي، نارائڻ ”شيام“ ۽ شبير ”هاتف“ توڙي ٻين نوآموز
۽ ڪُهنه مشق شاعرن جون تخليقون معياري آهن. ڪافين
۾ ”عارف الموليٰ جي ڪافي، هن پرچي جي بهترين ڪافي
آهي. ڪافيءَ ۾ ٺيڪي جي پختگي ۽ متناسب لفظن جو
استعمال شاعر جي قادرالڪلامي ظاهر ڪري ٿو، ٿلهه
اٿس:
اسان عشق آفت، کنيو سِر سَهائي،
ڀلي ڪو اسان کي، ڏسي آزمائي!
گيتن ۾ استاد بخاري جو گيت ”ڪوريئڙي جو ڄار، هي
دنيا، ڪوريئڙي جو ڄار“ معياري ۽ مترنم آهي ۽ هڪ
مسلسل نغمي جي ڪيفيت ۾ لکيل آهي...
__ عبدالجبار جوڻيجو ”شام“
(ريڊيو
پاڪستان، حيدرآباد، جي شڪريي سان.)
سهڻي
فيبروري ۽ مارچ جو پرچو پڙهي پورو ڪيو اٿم. ائين
به چئي سگهان ٿو ته واهه واهه ڏاڍو سٺو پرچو آهي
پر آءٌ پنهنجو رايو پنهنجن لفظن ۾ عرض رکان ٿو.
منهنجي ڪهاڻيءَ بابت ته هونئن ئي رايو ڏيڻ منهنجي
وس ۾ ڪونهي، پر چند ٻين لکڻين بابت ٻه لفظ عرض
ڪريان ٿو. محترمه مريم نوحاڻي جو افسانو مون کي
پسند آيو. اوهين چوندا ته اها راءِ واضح نه آهي،
بلڪ عامياڻي قسم جي آهي. عرض آهي ته جنهن نموني
سان ڪتن جي ڪارڪردگيءَ کي علامتي انداز ۾ آندو ويو
آهي. تنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن معاشري جي
شخصيتن جو اڀياس پيش ڪيو آهي. ڪتا ته رڳو ٻاهريون
پردو آهن. جيتوڻيڪ هي افسانو زبان جي لحاظ کان ڪو
شاهڪار نه آهي، پر موضوع ۽ مقصد جي لحاظ کان
معياري افسانو آهي. ممڪن آهي ڪي دوست هن افساني کي
ڪتن جي ڪهاڻي سڏين، پر آءٌ ايترو متاثر ٿيس، جو
انهيءَ انداز جي گڏهن جي ڪهاڻي لکڻ شروع ڪئي اٿم.
آغا سليم جو ڊرامو ’خواب جو سورج‘ نهايت ڳرو آهي.
ڪنهن به اوچي ۽ لذيذ طعام بابت کڻي سوچيو جيڪو دير
سان هضم ٿئي ٿو. اوهين هضم ڪري به وڃو، پر
شمشيرالحيدريءَ جهڙو سنگل باڊي بدهاضمي جو شڪار ٿي
وڃي. (هن مان مراد فقط اڀري ماڻهوءَ جو مثال ڏيڻ
اٿم.) جمال جو ڪردار ايترو ته مٿي هليو ويو آهي،
جو ’اپالو 13‘ وانگر ٽنهي خلابازن کي وڏي مشڪل سان
سلامت آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. انهن ۾ هڪ چنڊ جو
تمنائي ڄڻڪ صحت کان هٿ ڌوئي ويٺو آهي. آغا سليم جي
زبان زوردار هوندي آهي. پر هن ڊرامي جي زبان سبب
عام پڙهندڙ سڪينه ۽ جمال جي ڏات ۽ بات کي سمجهڻ ۾
’ڀلجيو‘ پوي. منهنجي هيئن چوڻ مان اهو مطلب نه
ڪڍندا ته ڪو آءٌ هن ڊرامي کي ٻوڙ لاءِ ٻيرو ٿو
سمجهان. هن مختصر خط ۾ آءٌ گهڻي ڊيگهه ڪرڻ نٿو
چاهيان، پر ته به ڪي اشارا ڪرڻ کانسواءِ رهي به
نٿو سگهان. ظفر حسن جو ’ايڊيٽر ڏانهن خط‘ (شابس
هجيو جو اوهان ان کي ڪهاڻين جي قطار ۾ رکيو آهي)
پڙهي مون کي سورهن سال پراڻيون ڳالهيون ياد اچي
ويون. يعني 53-1954ع ۾ ڪن ايڊيٽرن سان منهنجي اهڙي
نموني جي ڏي وٺ ٿي هئي.آخر ڪَڪَ ٿي فردوس، جي
ايڊيٽر منهنجي هڪ ڪهاڻي مٿي جو سور شايع ڪئي ۽
شاعري ڪرڻ کان سختيءَ سان روڪي ڇڏيائينم. اهو
منهنجو ذاتي رايو آهي ته ظفر صاحب زبان جي لحاظ
کان هنن خطن کي دلچسپ بنائي نه سگهيو آهي. هنن خطن
مان لکندڙ جي نفسيات ۽ ايڊيٽر جو روٽين (ائنٽي
روٽين وارو نه) ظاهر ٿئي ٿو. ڪن جملن ۾ مزاح وارو
رنگ به آهي، پر ظفر حسن جي گذريل ڪهاڻي خوش نصيب
بد نصيب کانپوءِ هيءَ ڪاوش، هڪ ڏاڪو مٿي هجڻ بجاءِ
هڪ ڏاڪو هيٺ وڃڻ جي برابر آهي. نظم جو حصو، ڪهاڻين
واري حصي جو مقابلو نٿو ڪري سگهي. تنوير، امداد،
قمر شهباز ۽ رنگريز جي ڪلام جي گرمي، بيشڪ دل کي
گرمائي ٿي. پر ’نون جي همت افزائي‘ ڪرڻ جي شوق ۾
اوهين ڪڏهن نظم جي حصي کي متاثر به ڪري وجهو ٿا.
اياز جو منظوم ’ڊرامو دودي جو موت‘ حقيقت ۾ دودي
جي آمر زندگيءَ جو ثبوب آهي. پاڻ ئي چوي ٿو:
هڪ جوت ٻجهي، ٻي جوت جلي،
هر وقت جهروڪا جهرڪن ٿا
ڏس ڏيئي، لاٽ اُئين ئي آ.
هر اونده ۾ هر اوجهڙ ۾،
ڪي ماڻهو مُرڪن مُرڪن ٿا.
ڏس ڏيئي، لاٽ اُئين ئي آ.
شڪر جو هڪ جوت جلي ۽ سهڻي تان اهو محروميءَ وارو
دؤر ويو ۽ اياز جو ڪلام سهڻيءَ ۾ آيو. منهنجي
طرفان مبارڪباد قبول ڪندا. |