شهر ڇا هو؟ ڪن ڪچين پڪين جاين ۽ هڪ شاهي بازار تي
مشتمل هو. ٻه ٽي ماڙيون ۽ بنگلا هئا ته نون مڪينن
جي قابليت جي ڪري زمين سان ملي مٽي ٿي ويا.
نوٽيفائڊ ايريا جي چيئرمين جي بنگلي جي اڳيان جيڪو
وسيع ميدان هو سو سُسي هڪ سنهي گهٽيءَ ۾ تبديل ٿي
ويو ۽ اُها گهٽي سرڪاري سنڌي اسڪول جي ڏکڻ اوڀر
ڪنڊ تي موجود آهي. شهر جي سٽي سروي ٿيل ڪونهي.
شاهي بازار به حد دخلين جي ڪري ٻي صورت وٺي ويئي
آهي. سيٺ ڦوٽي مل جو دوڪان جيڪو بازار جي سونهن
هو. اُن جي اڳيان هڪ گهر جو در کلندو هو ته بازار
۾ روشني پکڙجي ويندي هئي. هاڻي ته بازار ۾ سج ٿو
اُڀري ته به اونده پٺ نٿي ڇڏي.
اڄ بدين شهر ضلعي جو هيڊ ڪوارٽر ۽ تعلقه ميونسپل
انتظاميه جي حوالي آهي ته به بلاول پارڪ جي گيٽ تي
لڳل بورڊ تي TAULKA لکيو
ويو آهي ۽ اڳوڻي ناظم جي آفيس باوجود واڪن ڪرڻ جي
ڌيان نه ڏنو ۽ اڄ شهر پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي پلانٽ
مان شهرين کي فائدو ڏيئي رهيو آهي. . پر اُن تي
لکيل آهي ”پئيڻ جو صاف پاڻي“. ٻوليءَ جي درستيءَ
لاءِ واڪا ڪرڻ منهنجي وس آهي. ناظم ڪيترو به تعليم
يافته هجن! گندگي ڪڍڻ لاءِ ميونسپل وٽ وسيلا آهن.
هر هنڌ گڏ ٿيل گند کي کڻي وڃن ٿا. اُن جو کين داد
ڏبو. منهنجي گهر کان اٺن فوٽن جي مفاصلي تي هڪڙو
وڏو ۽ خوبصورت گند جو ڍير هڪ سال کان وٺي ڀرواري
ٻه سؤ فوٽ ديوار جي پستي / ٽيڪ طور وڌندو ئي وڃي
ٿو. هن ڍير جي ويجهو ئي شهر جي اَبي جي گهر جي
نشاندهي ڪندڙ بورڊ لڳل آهي. پر اُن ڳالهه جو
گندگيءَ جي ڍير سان ڪو لاڳاپو آهي ڇا؟ هن سال جي
بدين شهر ۽ تعلقه انتظاميه جي بجيٽ 12 ڪروڙن کان
وڌيڪ جي پيش ڪئي ويئي آهي. بجيٽ جو ذڪر ڪري آءٌ
شهرين ۽ انهن جي شهر جي ”صفائيءَ“ وارن جو موڊ ڇو
خراب ڪريان!
صفائي شايد هن صديءَ جي آخر تائين اهڙي ئي قائم
رهي ۽ وڌي. پر تازو پنهنجي دوست الهه رکئي نعيم جو
هڪ مضمون هفته وار جذبو (بدين) ۾ 7 جولاءِ واري
شماري ۾ پڙهيم ته منهنجو ڌيان هڪ ڀيرو وري پير
صاحب عالي شاهه کان وٺي وڏيري درزيءَ ڏانهن ڇڪجي
ويو. بدين ۾ پراڻا درزي به ياد پيا. هينئر منهنجو
درزي ته ”انمول ٽيلر“ آهي پر ملڪ جي ورهاڱي کان
پوءِ عمر درزيءَ سان واسطو پيو. هر وقت پيو کلندو
هو ۽ چرچا ڪندو هو. وڏيرو درزي مون کي ياد آهي
ڄامڙو هو ۽ پيرن ۾ عيب هوس. سنهڙو آواز، ننڍڙيون
ٻانهون ۽ ننڍڙا هٿ. مون کي ياد آهي ته اُن وقت
اسان ٻارن کي عجيب لڳندو هو. مولوي آفتاب هڪڙو
برجستو ۽ نمايان ماڻهو لڳندو هو ۽ اسٽامپ وينڊرن ۾
محمد هاشم ڪربلائي ياد ٿو پويم. شاعر به هو 1955ع
ڌاري هڪ طرحي مشاعري جي هن شعر خاص طور پير صاحب
عالي شاهه کي ناراض ڪري وڌو.
ڀلو ڪهڙو هجي گهوڙ مگر موٽر نه ٿي سگهندو
هجي ڪيڏو اڪابر پر لاڙي ليڊر نه ٿي سگهندو.
پير صاحب بدين مان هميشه صوبائي سيٽ تي چونڊيو
ايندو هو. گاديءَ جو ڌڻي ۽ شريف انسان هو. ڳالهائڻ
۾ شائستگي ۽ متانت سندس سڃاڻپ هئي. منهنجي والد
صاحب (ڊاڪٽر سلطان احمد) سان گهري دوستي هئس. والد
صاحب گهڻو ڪري روز شام جو وٽس ڪوٽ تي ويندو هو ۽
اٽڪل نوين بجي موٽندو هو. پير صاحب جو ڪوٽ (بنگلو
۽ حويلي) مٿي دڙي تي هو. مون پراڻن قصن ۾ بوقلمون
جادوگر بابت پڙهيو هو ۽ پير صاحب جي ڪوٽ کي اُن
سان ڀيٽيندو هوس. 1966ع ۾ چين مان موٽيس ته والد
صاحب مون کي اڪيلو ئي پير صاحب ڏانهن ملڻ لاءِ
موڪليو. گهڻي شفقت سان مليو. مون ڪي سوکڙيون جيڪي
هانگ ڪانگ مان خريد ڪيون هئم سي خدمت ۾ پيش ڪيم ۽
چين جي باري ۾ پڇندو رهيو. اِهو به پڇيائين ته:
”چين ۾ پير آهن؟“ مون جواب ڏنو ته: ”جي نئين چين ۾
پير هجن ها ته هي جيڪي چيم سو ڄڻ ڪوڙ هجي ها“. پير
صاحب مرڪي چيو ته ڇا پير ئي ترقيءَ ۾ رڪاوٽ آهن؟
مون کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو پر پير صاحب
کلندو رهيو. هڪ ڀيري ساڻس نئين ”ڊسوٽو“ ڪار ۾
ڪوٽڙيءَ - ڪراچي روڊ تان گڏ ويس. آءٌ والد صاحب
سان پوئين سيٽ ۾ هوس. اِها ڪار اٺن هزارن ۾ ورتي
هئائين. ڊرائيور سِيٽُو شيدي هو. ڪراچيءَ ۾ ڪارلٽن
هوٽل ۾ رهياسين، جيڪا هڪ مخصوص ننڍي گهر وانگر
هئي. منهنجي خيال ۾ صدر ريلوي اسٽيشن جي ويجهو
هئي. خانبهادر محمد ايوب کهڙي طرفان داخل ڪيل
پروڊا ۾ شاهل هئاسين. کهڙي صاحب جي بنگلي تي به
وياسين.
والد صاحب ۽ پير صاحب دهلي، ڪلڪتي ۽ ٻين شهرن ڏي
سير لاءِ به گڏجي ويندا هئا. 1958ع ڌاري ڪن ماڻهن
سياسي اختلاف وڌا پر پوءِ به ملڻ ۽ هڪ ٻئي جي عزت
ڪندا هئا. ڪنهن کي گلا يا هلڪڙائي ڪرڻ جي اجازت نه
ڏنائون. اِن چوڻ ۾ وڌاءُ ڪونهي ته بدين جي انتظام،
سياست ۽ تهذيب جا منارا هئا. سانگيءَ سچ چيو آهي
ته: لڏي ويا اڏي ويا سخن جي عمارت.
ڪالهه به اڄ به مولوي احمد ملاح بدين جي سونهن
ليکجي ٿو. هيڏي وڏي شخصيت، سادگيءَ جو مثال ۽
شاعر، سندس تعريف ڪرڻ ۾ اسين پوئتي نه پيا آهيون،
ڪلام کي اهميت ڏيڻ ۽ ياد رکڻ ۾ به اڳرا آهيون. ڪو
تحقيقي ڪم به نه ڪري سگهيا آهيون. بس ياد ته رکيو
اچون. هن زماني ۾ اِها غنيمت آهي. سندس ڪيل قرآن
مجيد جي منظوم سنڌي ترجمي جو ڪو مثال ڪونهي. لاشڪ
مولوي صاحب لاڙ جي سڃاڻپ آهي. تڏهن ايترو چئبو ته
سندس ڪيل ادبي خدمت جو ڀرپور جائزو وٺڻ ضروري آهي.
شابس هجي حافظ محمد اسماعيل ميمڻ ۽ پروفيسر
عبدالله ملاح کي، جن مان پهرئين مولوي احمد ملاح
جي ديني خدمتن تي ايم. فل جي ڊگري حاصل ڪئي آهي ۽
عبدالله ملاح ادبي خدمتن بابت ايم. فل جو مقالو
سنڌ يونيورسٽي وٽ داخل ڪري چڪو آهي. اڃان
”نورالقرآن“ بابت ڪم ٿيڻو آهي. جو حافظ محمد
اسماعيل جي هٿ ۾ پي ايڇ. ڊي مقالي لاءِ هلندڙ آهي.
هن شهر جا اڪابر، هن شهر جي سونهن آهن. هي چند ته
مون کي شهر جي گندگيءَ جي ڍيرن کي ڏسي ياد پيا.
جڏهن ورهاڱو پئي ٿيو ته آتمارام، شامداس ڀائرن شهر
کي ٺاهيو ۽ سنواريو، وچ واري دور ۾ ڊاڪٽر سلطان
احمد ۽ خليفي عبدالله جاکوڙ ڪئي. هن وقت به جمالي
ڀائر محمد هاشم ۽ حاجي شير هن منصب تي آهن، نوجوان
آهن، منهجهن اميدون آهن. شهر کي صاف سٿرو بنائڻ
لاءِ قدم کڻن ته ماشاءالله.
هن شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي!
بدين ضلعو: شاعريءَ جا چار منارا
هونئن ڏسڻ کي ته بدين سنڌ جو ڏاکڻون ضلعو آهي، جو
پاڪستان جو سرحدي ڇيڙو به آهي. سمنڊ هوائن، برسات
جي زد ۾ ته هميشه آهي. پر گذريل زلزلي به هن کي
چڱو ڏڪايو. هيڏانهن سنڌي شاعري جي منارن ۽ معمارن
مان به هڪ يعني سلطان الالياء خواجه محمد زمان
لنواري ورو (1713ع – 1774ع) به هن ضلعي جو مڪين
هو. اهڙي املهه ماڻڪ وٽ عظيم شاعر ۽ سنڌ جي سونهن
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي سڪ سان ساڻس ملڻ لنواري
آيو ۽ ٻنهي جي روح رهاڻ ٿي. خواجه محمد زمان نه
رڳو نقشبندي سلسلي جو رهبر ۽ شاعر هو پر سندن
فرزند محبوب الصمد خواجه گل محمد ۽ پويان به عالم،
اديب، اهل دل ۽ شاعر هئا. انهن ۾ پنجون گادي نشين
خواجه محمد سعيد فارسيءَ ۾ صاحب ديوان عربي جو
عالم هو. پنهنجي والد خواجه محمد حسن جي حج جي
سفرن جي احوال، ڪَتاب ’صقال الضمائر‘ ۾ لکيائين،
جيڪو ڇپجي چڪو آهي.
خواجه محمد زمان جو ڪلام حقيقت ۾ معرفت جو پيغام
آهي. سنڌي بيتن ۾ ڳوڙهيون رمزون سمايل آهن. ’ڪلام
ابيات سنڌي‘ جي نالي سان آهي هن جي عربي شرح سندن
ئي مريد ۽ وڏي غلام مخدوم شهيدَ عبدالرحيم گرهوڙي
لکي ان جو سنڌي ترجمو اختصار سان شمس العلماء
ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي ڪيو. ڪلام ۾ خدا جي
سچن عاشقن ۽ حق جي طالبن لاءِ فرمائي ٿو:
عارف ۽ عشاق، پسڻ گهرن پرين جو،
جنت جا مشتاق، اڃان اوراهان ٿيا.
عارفن جي روحاني سڪ جو بيان هينئن ڪري ٿو:
سڪ روحاني سامئين جسمي جاهلن،
ٻگهن مڇي من، پارس پسن ڪين ڪي.
هيءَ سڪ تمام گهري آهي. هن جو ڪو سنڌو سيڙهو
ڪونهي. هن سڪ ۾ ٻئي جهان وسري ٿا وڃن. سالڪ سڀ
ڪجهه قربان ڪري ٿو:
گهوريان هين جهان هو پڻ گهوري ڇڏيان،
پلڪ پريان ساڻ، جي مون سري جيڏيون.
دنيا جا عيش آرام جن ڇڏيا ان منزل حاصل ڪئي جيئن
سسئي ڀنڀور جو موهه ڇڏيو ۽ منزل جي طلب ۾ ڪيچ
رواني ٿي:
ڇڏيو جن ڀنڀور، ڇپر تن کي ڇاڙڪي،
هم غم لٿن هور، وڃي ڪيچ قراريون.
هي صوفيانه انداز سنڌي بيتن ۾ عام ماڻهو لاءِ ڀلي
هڪ معنيٰ رکندڙ هجي پر عالم ۽ عارف ان ۾ سمايل فڪر
کي بخوبي سمجهن ٿا. سنڌي شاعري جو هي ستارو، اسان
بدين وارن لاءِ خاص طور اهم آهي جو هو بدين جي
سرزمين سان واسطو رکي ٿو ۽ روشني جي هڪ مناري
وانگر آهي.
ٻيو روشني جو منارو جناب محمد صديق مسافر (1879ع –
1961ع) آهي، جنهن سنڌي نثر ۽ نظم توڙي لاڙ جي
تعليمي سڌاري ۾ عملي ڪم ڪيو. ٽنڊي باگي جي لارينس
مدرسي ۾ هاءِ اسڪول جي باني محترم مير غلام محمد
ٽالپر سان تعليمي سرگرمين ۾ ان جو ساڄو هٿ هو
عورتن جي تعليم لاءِ به ڀرپور جاکوڙ ڪيائين. مسافر
صاحب جو والد گلاب خان اصل ۾ زنجبار جو حبشي هو.
اتان قبيلن جي باهمي رقابت ۽ ويڙهه سبب مسافر جو
والد غلام ٿي مسقط (اومان) ۾ شيخ حسين وٽ وڪاڻو،
اتان قدرت کيس سنڌ ۾ آندو. هتي ٺٽي جي هڪ سنگتراش
کيس خريد ڪيو. جڏهن اهو سنگتراش ٽنڊي باگي ۾ مير
ولي محمد جي حويلي جي تعمير لاءِ آيو ته کيس به
ساڻ آندائين. نالو بلاول رکيو هئائين هڪ ڏينهن
بلاول کان مڇي پاڻي ۾ ڪري پئي ۽ هٿين خالي گهر آيو
ته مالڪ کيس ڪن کان وٺي بازار ۾ اچي وڪيو. کيس
مخدوم حر علي خريد ڪيو. ات عزت سان رهيو نالو گلاب
خان رکيائونس. وڏو ٿيو ته شادي ڪرايائونس. اسان جو
مسافر ان بيوس غلام جو فرزند آهي. پڙهيو ۽ ماستر
ٿيو. سندس تعليمي ۽ ادبي خدمتون ڪنهن کان لڪل نه
آهن. سندس ڪتابن ۾ ديوان فاضل (ترتيب) اخلاق محسني
(ترجمو) قرب قليچ (سوانح) سڄاڻ زالون (سوانح)
غلامي ۽ آزادي جا عبرتناڪ نظارا (آتم
ڪهاڻي) ڪليات مسافر (ڪلام) ۽ ٻيا ڪيترا ننڍا ڪتاب
۽ مضمون اچي وڃن ٿا. جيڪي سندس علمي درجي جي
نشاندهي ڪن ٿا. محمد صديق مسافر هڪ قابل ۽ قادر
الڪلام شاعر هو. هو غزل، نظم توڙي مسدس ۾ يگانو
هو. سندس اڪثر نظم، مناظري جي انداز ۾ آهن. انهن ۾
سندس طرز ۽ اسلوب منفرد آهي. سونهن ۽ ڪوجهائي، رات
۽ ڏينهن جا مناظرا بالترتيب مثنوي ۽ مسدس ۾
لکيائين. رات ۽ ڏينهن جي جهيڙي جي آخر ۾ ٻه بند هي
آهن:
ڪنهن موج ۾ مسافر ڪٿ هو پيو دڙو ٿيو
سڻنديئي هل هنگامو مهٽي اکيون کڙو ٿي
چيائين ته رات مائي، ڇو ڏينهن ته ڪڙو ٿيو
تون جي بڙي ته ڇا پر، ڇا جي هوئي بڙو ٿيو
هڪ سج سندا ٻه پاڇا آهيون اوهين برابر
سرندي نه آن ٻنهي ري هرگز اسان کي ڪنهن پر
جهيڙو ڇڏيو خدارا ڏيو هڪ ٻئي کي معافي،
وڙهندا اوهين اسان جي ٿيندي ڪٿان تلافي،
جوڀن سند ۽ جڳ مڳ بيشڪ سونهي ٿي صافي،
پر حسن ڏينهن جي لئه سج هڪ ئي آه ڪافي
تن ۾ تپاس تون ڪر هو ڏينهن شينهن آهن
جي زال زال آهي ته به مرد مور ناهي.
بدين جي شاعري جو ٽيون منارو مولوي احمد ملاح
(1877ع – 1969ع) آهي. سندس والد جو نالو نانگيو
ملاح هو. مولوي احمد ملاح تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ
زندگي جي ڪارزار ۾ بدعتن خلاف جنگ ۾ حصو ورتو ۽
شاعري جي دنيا ۾ نالو ڪڍيو. نثر ۾ هڪ ڪتاب معرفته
الله لکيل اٿس. ڪلام جي مجموعن ۾ فتح لنواري، بياض
احمد، گلزار احمد، گلشن احمد، غزليات احمد ۽ ديوان
احمد اچي وڃن ٿا. جنهن ادبي ڪارنامي مولوي صاحب کي
علمي ادبي ۽ ديني حلقن ۾ مشهور ڪيو اهوسندس ڪيل
قرآن شريف جو منظوم سنڌي ترجمو نورالقرآن آهي. هي
هڪ وڏو ديني خدمت جو مثال آهي. مولوي احمد ملاح
خاص طور لاڙ جي شاعرن جي زبان، انداز ۽ اسلوب تي
اثرانداز ٿيو. نظم، مولود ۽ توحيد بابت مولوي صاحب
جو ڪلا نهايت اعليٰ معيار جو آهي. سندس ڪلام جي
موزونيت ۽ موسيقيت به مثالي آهي. مثال طور:
دل سڪي تو لاءِ دلبر، يار دم دم، دم بدم،
ور وريا غمگين تي غمخوار غم غم، غم بغم،
گل گهٽي تنهنجي مٽي ڀانيان ته ڪر بيٺو رهان،
پرچون نه خار ماريو خار، رم رم، رم برم
دل کي منهنجي دام پيو، لالن ڪلهن سر لاڙيا،
وار خوشبوءِ دار ۽ خمدار، خم خم، خم بخم،
اهڙي طرح مولوي صاحب جي انفراديت آهي.
بدين جي شاعريءَ ۾ چوٿون منارو خليفو نبي بخش
لغاري آهي. هو قاسم تخلص ڪندو هو. سندس وڏا ديري
غازي خان کان ٽالپرن جي حڪومت جي ابتدا ۾ سنڌ ۾
آيا ۽ تعلقي بدين ۾ اچي رهيا. نبي بخش سال 1776ع ۾
پنهنجي اباڻي ڳوٺ مٺيءَ ۾ ڄائو. سنڌي، سرائڪي،
اردو ۽ هندي ۾ سندس ڪلام آهي. سرائيڪي ۾ سسئي
مشهور اٿس. سنڌي ۾ بيت ۽ وايون اٿس. اردو ۾ غزل
هندي ۾ راسواڙ چيا اٿس. ان سان گڏ ٽپا ۽ ٻيو ڪلام
به اٿس. راڳ کان به واقف هو. سندس ڪلام خليفي صاحب
جو رسالو، ڊاڪٽر بلوچ ايڊٽ ڪيو آهي. رسالو مختلف
سرن تي آڌاريل آهي. خليفو نبي بخش 1863ع ۾ گذاري
ويو. سر ڪيڏاري ۾ خاص طور کرڙي جي جنگ کي ڳايو اٿس
۽ شاهه شجاع جي حملي کي ننديو اٿس. چند بيت هي
آهن:
شجاع! سنڌ م ويهه، اوڏا اڏي نجهرا
هي تنين جو ڏيهه، حامي حيدر جن جو.
***
شجاع! نيڪ صلاح، وٺ ته ويري نه پسين
ڄاڻي هيڪ الله، قلم جنهن جي هٿ ۾.
***
ڪونڌ قلعي جا ڪوڏيا، نوند نچندا پس
ڇڏي تن ترس، پلٽيو شاهه پٺاڻ تي.
***
اچي اڄ امير، کرڙي خيما کوڙيا،
ڀيچي ڀيڙا نه ٿيا، مهند نه آيا مير،
ڏنو سر سڌير، مرتضيٰ ميدان ۾.
هونئن بدين جي شاعرن ۾ شاهه لطف الله، ملا
عبداللطيف ڪيسر، پير ڀاون علي شاهه ساقي، پير بخش
دلريش، قاضي عرس، سليمان سوالي، گل سومرو، عالم
خان نظاماڻي ۽ ٻيا ڪيترا شاعر ٿيا ۽ بدين جي شاعرن
۾ نشانبر آهن.
پرک
لغت يا ڊڪشنري، زبان ۽ ادب جي اڀياس لاءِ نهايت
اهم هوندي آهي. لغت ۾ ڪنهن هڪ لفظ، فقري ۽ محاوري
جي تلاش ڪرڻ ۽ اُن جي معنيٰ ۽ مفهوم توڙي مقصد ۽
مطلب کي سمجهڻ سان نه رڳو هڪ زبان لاءِ مفيد آهي،
پر اُن زبان جي ٻين زبانن سان رابطي جي معلومات به
فراهم ٿئي ٿي. تاريخي لحاظ کان سترهين صدي عيسويءَ
۾ ملا عبدالرشيد ٺٽويءَ جا عربي فارسي ۽ فرهنگ اول
اچن ٿا. اُن کان پوءِ ممڪن آهي ته ارڙهين صديءَ ۾
ڪي ڪاوشون هجن پر اُڻهين صديءَ ۾ ڪي لغتون ظاهر
ٿيون ۽ اهو سلسلو اندازاً اڻهين صديءَ جي وچ کان
هليو. جڏهن ته دُوايا ۽ ٽِه – وايا اڳ به موجود
هئا جي سنڌي – فارسي ۽ سنڌي – فارسي – عربيءَ جا
هڪ طرح مترادفات جا فرهنگ هئا ۽ مدرسن جي تعليم ۾
ڪم ايندا هئا.
آخوند عبدالرحيم محمد وفا عباسي اُهو پهريون
اسڪالر هو جنهن 1871ع ۾ هڪ لغت جواهر اللغات سنڌي
اڪيچار تيار ڪئي. اُن ۾ فارسي سنڌي مترادفات جي هڪ
فرهنگ ترتيب ڏنل آهي. هيءَ لغت ڊاڪٽر بلوچ جي
مقدمي ۽ ترتيب سان سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري
1993ع ۾ شايع ڪئي.
آخوند فتح محمد جي ڪشف الغموض (1875ع) ۾ لفظن جا
اشتقاق ۽ معنائون آهن. انگريزن جي حڪومت جي
ابتدائي ٽيهن چاليهن سالن ۾ جيڪي لغتن جا ليکڪ
سامهون آيا اُنهن ۾ واٿن، جارج اسٽئڪ، ليچ، شرٽ
اُڌارام ۽ صادق علي، پرانچ پائي، ڪومل، پرمانند
ميوارام ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. انهن اندازاً 50 لغتون
شايع ڪيون. قلمي مسودا اُنهن کان سواءِ آهن. هي
لغات انگريزي، سنڌي، اردو ۽ جزوي فارسيءَ بابت
آهن. مڪمل فارسي – سنڌي لغت اڃان به گهربل آهي.
عربي – سنڌي لغت ٻن جلدن ۾، ۽ سنڌي – عربي لغت هڪ
جلد ۾ پروفيسر غلام حسين جلباڻي تيار ڪئي. اِهي
ٽئي جلد سنڌالاجيءَ شايع ڪيا.
شاعرن جي لغت تيار ڪرڻ ۾ پهريون نالو مرزا قليچ
بيگ جو آهي. هن لغات لطيفي 1913ع ۾ شايع ڪئي. مرزا
صاحب چڱي ڪوشش ڪئي پر ڪي ڏکيا لفظ ڇڏي ويو. ڊاڪٽر
عبدالڪريم سنديلو اشتقاقي لطيف لغت تيار ڪرڻ ۾
مصروف هو. گهڻو ڪم ڪري ويو. سندس زندگيءَ وفا نه
ڪئي لغت اڌ ۾ رهجي ويئي. شاهه عبداللطيف تي هڪ ٻي
لغت روشني تازو تيار ٿي آهي. جيڪا سنڌي ٻوليءَ جي
بااختيار اداري شايع ڪئي آهي. هيءَ شاهه جي رسالي
جي مڪمل لغت آهي. اُن کي محدود نٿو چئي سگهجي. جئن
زير تبصره ڪتاب ۾ پنهنجي پاران صفحي الف تي چيو
ويو آهي. ڊاڪٽر سنديلي جي تحقيق لغات سنڌي (1955ع)
۽ ڊاڪٽر بلوچ جون جامع لغات ۽ هڪ جلدي لغت توڙي
لطيفي لغت روشني هن سلسلي جا اهم ڪم آهن. ڊاڪٽر
سنديلي جي سچل سرمست جي ڪلام بابت سچل لغات
(1984ع) ۽ سامي ڌاتو ڪوش (1978ع) به هن سلسلي جون
اهم ڪاوشون آهن. اُن کان سواءِ شاعرن جي رسالن،
ڪليات ۽ ديوانن ۾ به لفظن جون معنائون ڏنل آهن.
پنجاب جي شاعرن جي ڪلام جي هڪ لغت پنجابي ڪلاسيڪي
لغت (1993ع) ۾ جميل احمدپال اٽڪل ٽيهن شاعرن جي
ڪلام ۾ آيل ڏکين لفظن جي لغت لکي آهي. انهيءَ لغت
۾ بابا فريد ۽ خواجه فريد جي ڪلام ۾ آيل سنڌي لفظن
کي به نروار ڪيو ويو آهي.
شاهه لطيف چيئر پاران موجوده لغت سنڌ جي ڏهن
ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام ۾ آيل مشڪل لفظن بابت آهي.
جيتوڻيڪ هنن ۾ آيل ٽن وڏن شاعرن شاهه، سچل ۽
ساميءَ تي اڳ به لغت ۽ ڪوش موجود آهن، پوءِ به
هيءَ مشترڪه ڪاوش اهم ۽ مفيد آهي. هونئن ته اهل
زبان لاءِ شعرن ۾ ڪم آيل لفظن کي سمجهڻ ڪو مشڪل ڪم
ڪونهي، پر وقت گذرڻ سان ڪيترا لفظ عام استعمال ۾
نٿا رهن ۽ متروڪ ڄاڻڻ کپن تن جي معنيٰ لغتن مان ئي
معلوم ٿيندي. اُن ڪري شاعرن جون لغتون به ضروري
آهن.
هنن شاعرن مان ساميءَ جي لغت تهائين وڌيڪ ضروري
آهي جو هُن ڪيترا ويدانتي مفهوم وارا ۽ سنسڪرت
بنياد جا اصل اُچار وارا لفظ ڪم آندا آهن. اهڙا
لفظ مسلمان پڙهندڙن لاءِ خاص طور معنيٰ طلب آهن.
هيءَ لغت جي ڪلاسيڪي شاعرن جي آهي، سي آهن:
قاضي قادن، لطف الله قادري، شاهه ڪريم، شاهه عنايت
رضوي، شاهه عبداللطيف، خواجه محمد زمان، سچل
سرمست، سامي، عبدالرحيم گرهوڙي ۽ خليفو نبي بخش.
هي ڏهه شاعر سنڌ جا وڏا شاعر آهن. انهن جي ڪلام جي
مشڪل لفظن جي لغت وقت جي ضرورت هئي. جنهن کي شاهه
لطيف چيئر پورو ڪيو آهي. هڪ عام پڙهندڙ شعر پڙهي
اُن جي تاثر ۽ مجموعي معنيٰ کي سمجهي به وڃي پر
بهتر اِهو آهي ته هو هَر لفظ جي مڪمل معنيٰ کان به
واقف ٿئي.
لغت لاءِ چوندا آهن ته هي پٿريلي زمين آهي. سنگلاخ
به چئبو آهي. پر هر تحقيقي ڪم هڪ اٺ ڪاٺيو ڪم آهي.
جذبي کان سواءِ ٿيڻو ناهي. ههڙو ڪم اندر جي آواز
جي جواب ۾ ئي ڪرڻ ممڪن آهي. جئن شاهه ڪريم فرمايو
آهي:
نينهن نياپي نه ٿئي، سڌين سيڻ نه هون،
ڪاريين راتيين رت ڦڙا، جان جان نيڻ نه رون.
- يا شاهه صاحب فرمايو:
رُڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر سارنگي ساز،
اي عشق جو آواز، ماڙهو رکن مُنڌ تي.
هن لغت ۾ هڪ بنيادي معنيٰ هر لفظ جي وٺي اُن سان
گڏ مختلف لغت نويسن جو ڪيل معنائون به شامل ڪيل
آهن، جئن لفظ جي معنيٰ هر زاويه سان چٽي ٿئي.
ريسرچ آفيسرن ۽ ڪارڪنن مختلف شاعرن جي ڪلام مان
ڏکيا لفظ گڏ ڪري اُنهن جون معنائون لکيون آهن. هي
سڄو ڪم ڊاريڪٽر ڊاڪٽر فهميده حسين جي نگرانيءَ ۾
ٿيو آهي ۽ جناب شيخ محمد اسماعيل جي نظرثانيءَ سان
مڪمل ٿيو آهي.
اهو صحيح آهي ته اصل زبان پنهنجي ٻولي بنيادي طور
ڳالهائي ٻولائي سگهي ٿو، پر سڀني لاءِ لغت ضروري
آهي جئن شهر ۾ رهڻ وارو ڪيترا لفظ نٿو سمجهي جو
اُهي ٻهراڙين تائين محدود آهن يا شاعرن جي ڪلام ۾
آهن. هن لغت ۾ جن شاعرن جا لفظ جي معنيٰ ڪيل آهي،
سي شڪارپور درازن کان وٺي ڀٽ شاهه، نصرپور، بلڙي،
لنواري، اگهاماڻو، سيوهڻ ۽ گرهوڙ تائين راڄ ڪندا
رهيا، پر سندن ڪلام سڄي سنڌ ۾ هڪ جهڙو گونجندو
رهيو. اُنهن ۾ لطيفي گونج جو پڙاڏو بلند آواز وارو
رهيو.
لغت جو هڪڙو ٻيو پهلو به آهي لغت نويسي ڪهڙن لفظن
کي مشڪل ڄاڻي ٿو. هُو ڪن لفظن کي پنهنجي دانست ۾
آسان ڄاڻي نظرانداز ڪري ڇڏي ۽ ٻين لاءِ اُهو لفظ
معنيٰ لطب هجي، ايئن ٿي سگهي ٿو. اهڙو تجربو ماضي
قريب ۾ مون کي ڊاڪٽر سنديلي جي تيار ڪيل سچل لغات
جي نظرثاني ڪندي ٿيو. هن لغات ۾ سنديلي صاحب مشڪل
اهڙي ڪمي ڇڏي هئي، پر مون چند لفظ اهڙا شامل ڪيا
جن لاءِ سوچيم ته اُهي ڪنهن نه ڪنهن لاءِ معنيٰ
طلب هوندا. سچل لغات هاڻي سچل چيئر وٽ اشاعت جو
ڊگهو انتظار ڪري رهي آهي.
موجوده زير نظر ڪلاسيڪي شاعرن جي هيءَ لغت اُن ڪري
به اهم ۽ مفيد آهي جو اسان جي اُن يڪسانيت واري
رويي کي ٽوڙي ٿي جو اسين فقط شاهه لطيف جي حضور ۾
ئي دست بسته حاضر آهيون ۽ ٻين وڏن شاعرن ڏي اوترو
توجهه نه ٿا ڏيون. البت سچل ۽ ساميءَ تي ڪجهه
مهربان آهيون، ٻيو ٿيو خير!
آءٌ هن لغت جي تياريءَ تي ڊاڪٽر فهميده حسين ۽
لطيف چيئر جي ڪارڪنن کي دلي مبارڪون پيش ڪريان ٿو
۽ ٻي قسط لاءِ بيدل، بيڪس، خوش خير محمد، نانڪ
يوسف، منٺار فقير، محمود فقير کٽياڻ، ملا محمود ۽
حسين فقير ديدڙ جا نالا پيش ڪريان ٿو، جي پڻ لغت
جي ڀنڊار آهن. جي لوڪ ادب تي نظر ڪبي ته جلال
کٽيءَ کان وٺي سانوڻ فقير تائين به لغت جو لڪل
خزانو موجود آهي ۽ اُن کي به ظاهر ڪرڻ جي ضرورت
آهي.
جي لغتن جي ڳالهه نڪتي آهي ته مقامي لغتون به تيار
ڪرائڻ جي ضرورت آهي. اُن کي لطيف چيئر ۽ ٻيا ادبي
ادارا هٿ ۾ کڻي سگهن ٿا. مون 1975ع ۾ پنهنجي تر
بدين جي فقط ڏاکڻين حصي يا ايئن چئجي ته هڪ تپي
ننگر کيٽ مان ڇهه سو لاڙي لفظ گڏ ڪري لاڙي لغت
شايع ڪئي، جا هن ميدان ۾ هڪ نمونو ئي ليکبي. جي هر
تعلقي جي سطح تي هيءَ جاکوڙ ڪجي ۽ مقامي لفظ گڏ
ڪجن ته هن خزاني ۾ اڃان گهڻو واڌارو ٿيندو. هيءَ
تجويز اهم ۽ وڏي ٿيندي ۽ حڪومت جي مڪمل توجهه سان
تڪميل کي پهچي سگهندي.
اسان وٽ هڪ لغت جو خزانو هو، اُن مان اڃان ڪجهه
فائدو ٿيوسين ته هُو جدا ٿي ويو. اُهو هو ڊاڪٽر
عبدالڪريم سنديلو، جنهن وٽ مختلف زبانن، خاص طور
سنسڪرت ۽ هنديءَ جون کوڙ ڊڪشنريون هيون. اُنهن مان
هن ڀرپور فائدو ورتو ۽ سچل ۽ ساميءَ تي لغتون شايع
ڪيائين. پر لطيف اشتقاقي لغت جئن مٿي عرض ڪيم ته
اڌ ۾ رهجي ويئي. مون جڏهن 1985ع کان سنسڪرت ۽ هندي
سکڻ جي ابتدا ڪئي ۽ ڊڪشنريون به هٿ ڪيم ته نومبر
1987ع ۾ مون کي چيائين ته اچ ميدان تي! منهنجي
ڪوتاهي آهي جو مڪمل طور (وري به چوان) ته هن
سنگلاخ زمين تي نڪري ڪو ڪارنامو نه ڪري سگهيس. اڄ
اوهان جي هن مجلس ۾ سنديلي صاحب جي حضور سلام ٿو
پيش ڪريان.
غريب اللغات (1907ع) ۾ ڀيرومل رسالي جي ابتدائي
سُرن ڪلياڻ، يمن ۽ کنڀات جي معنيٰ ڏنل آهي. اُن جو
هن زير نظر لغت جي ماخذن ۾ نالو نه آهي. پر هڪڙي
يا ٻن ماخذن جي شموليت انهيءَ لحاظ کان مستند نه
آهي جو اُهي لغت جي سلسلي ۾ ثانوي حيثِت رکن ٿا.
آخر ۾ عرض آهي ته رسول بخش ڏيري، محمد بخش واصف،
مولوي درمحمد ڪانڌيلوي ۽ ڪمتر نقوي به هن سلسلي ۾
شرح ۽ معنيٰ جو ڪم ڪيو آهي. اُنهن کي جس هجي. ڀيڻ
ڊاڪٽر فهميده جس اوهان کي ۽ اوهان جي عملي کي آهي
جو هيءُ اهم فرض سرانجام ڏنو اٿو.
چُونڊ سنڌي پهاڪا ۽ اصطلاح
پهاڪي، اصطلاح، ورجيس، چوڻيءَ ۽ محاوري سان جملو
خوبصورت ۽ پُر معنيٰ بنجي ٿو. سمجهڻ ۾ نه رڳو
آساني ٿئي ٿي، بلڪ عبارت وڻندڙ لڳي ٿي. جيڪڏهن
ڪنهن تحرير يا گفتگو ۾ ڪو به پهاڪو يا اصطلاح نه
هوندو ته اُها ٻُسي ڦِڪي ۽ ڪوجهي لڳندي. اِن لاءِ
هي ٻه جملا ڀيٽي ڏسبا ته ڳالهه واضح ٿي ويندي:
1. آنڊن
جا واهي گدڙ.
2. فلاڻو
بي ايمان آهي.
جملي نمبر ٻئي ۾ اُهو ٿي چيو ويو آهي، جو پهرئين ۾
چيل آهي، جو پهرئين ۾ چيل آهي. يعني آنڊن جي حفاظت
لاءِ گدڙ چوڪيدار ڪونه ويهاربو، هُو کائي ويندو.
ٻيو جملو به اُهائي معنيٰ ڏي ٿو يعني بي ايمان تي
ڀروسو ڪونه ڪبو.
چوڻين، پهاڪن ۽ اصطلاحن جي استعمال سان ٻولي جو
حسن وڌي ٿو ۽ معنيٰ مطلب چِٽو ٿئي ٿو. دنيا جي
شاهوڪار زبانن وانگر سنڌي عالمن هنن موتين کي ميڙڻ
۾ ڪونه گهٽايو آهي. هن موضوع تي چڱو چوکو بنيادي
ڪم ٿيو آهي. اُن لاءِ ايئن چوڻ صحيح نه ٿيندو ته:
”ورجيسن، پهاڪن، چوڻين، اصطلاحن يا محاورن تي
سنڌيءَ ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر به ڪم نه ٿيو آهي. هيءَ
ڳالهه ڪتاب ورجسون ۾ ’سدا اکر‘ نالي مهاڳ لکندڙ
جناب نذير سومري ڪئي آهي(ص 11). هڪ ته هي جملو به
غلط آهي. چئبو هيئن ته: ”سنڌيءَ ۾ هن موضوع تي اٽي
۾ لوڻ برابر ڪم ٿيو آهي.“ ٻيو ته ليکڪ جناب
عبدالوهاب سهتي سڀني صنفن کي ورجيس ڄاتو آهي. ايئن
نه آهي. هن سلسلي ۾ جناب ستنداس پنهون مل ڪشناڻي
جي ڪوش (ڊڪشنري) ”سنڌي پهاڪا ۽ محاورا“ جو مقدمو
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لکيو آهي جو هند ۽ هاڻي سنڌ ۾
جدا ڪتابي صورت ۾ به ڇپيو آهي. ڊاڪٽر جيٽلي پهاڪن،
محاورن يا اصطلاحن ۽ ورجيسن جي باري ۾ انهن جي
هيئت ۽ استعمال ۽ باهمي فرق بابت کولي سمجهايو
آهي. انهن جا ٽي قسم آهن: 1. ٻٽا لفظ: جئن، ڏٽو
مُٽو، ڇوڪر ٻاڪر، اچ وڃ وغيره 2. ڀيٽ ڏيکاريندڙ
لفظ: جئن، مٺو ماکيءَ جهڙو، سانڊي وانگر رنگ
بدلائڻ وغيره 3. اڳياڙين ۽ پڇاڙين ذريعي جڙيل لفظ
يا فقرا، جئن: غير ضروري، هر روز وغيره.
ايئن چوڻ هن حد تائين صحيح آهي ته هن علمي خزاني
تي ترتيب ۽ سهيڙ کان ڪم اڳتي نه وڌيو آهي. اُن ڪري
ڪي ماڻهو هر مصدر کي اصطلاح سڏين ٿا. کائڻ پيئڻ
اُٿڻ ويهڻ هرگز اصطلاح نه آهن. اگر ڪو فقرو معنوي
لحاظ کان ورتل معنيٰ ڏي ته اُهو اصطلاح آهي. جيئن
”باغ باغ ٿيڻ“، سهيڙ ترتيب جي لحاظ کان ۽ ڪٿي
سمجهاڻي ڏيڻ جي لحاظ کان سنڌيءَ ۾ هيٺيان ڪتاب
آهن: ديوان ڪوڙومل چندن مل کلناڻي (1844ع – 1916ع)
اُهو پهريون وڌوان هو جنهن ”سنڌي پهاڪا“ ڪتاب
1889ع ۾ ڇپايو. اُن کان پوءِ ديوان ڪيولرام سلامت
راءِ آڏواڻيءَ پهاڪن جو ڪتاب گل شڪر تيار ته 1869ع
۾ ڪيو هو پر ڇپيو 1905ع ۾، پوءِ ان جا ٻيا ست ڇاپا
نڪتا. روچيرام گجومل ڪرپالائي انگريزيءَ ۾ 1892ع ۾
سنڌي پهاڪن جو ڪتاب ڪڍيو. ديوان ڪيولرام پهاڪن جي
سمجهاڻي ڏيندي فارسي شعر به ڏنا آهن. 570 پهاڪا گڏ
ڪيا اٿس.
سنڌي کٽمٺڙا عرف اصطلاحات اصغر: هي ڪتاب غلام اصغر
55 – 1956ع، آر. ايڇ. احمد برادرس حيدرآباد ذريعي
ڇپايو. 574 صفحن جي هن ضخيم ڪتاب ۾ اصطلاحن جي
سمجهاڻي ڏنل آهي ۽ اُن ۾ اڪثر اصطلاحن جي داخلا
غلط ڪيل آهي. ’جئن وري اچڻ‘، جي معنيٰ ”فوت ٿيڻ“
ڪيل آهي(ص 520). معنيٰ ته صحيح آهي پر اصطلاح ’مري
وڃڻ‘ آهي ۽ خاص طور ننڍي ٻار جي وفات تي ’وري وڃڻ‘
چئبو آهي. اڪثر مصدرن کي اصطلاح سڏيو ويو آهي.
جيئن اک اُٿڻ (ص 39). هن ۾ ڪائي اصطلاحي معنيٰ نه
آهي. هر فعل اصطلاح نه ٿيندو آهي. ڪي ليکڪ به
مصدرن کي اصطلاح سڏي پنهنجن اهڙن مضمونن ۾ اڻ ڄاڻ
ماڻهن کي گمراهه ڪن پيا. اصطلاح ۾ ٻي ورتل ۽
خوبصورت معنيٰ بنبي. اُن کان سواءِ ڊاڪٽر
عبدالڪريم سنديلي جا ٻه ڪتاب ”پهاڪن جي پاڙ“ ۽
”اصطلاحن جي اصليت“ هنن صنفن جي بهترين سمجهاڻي
ڏين ٿا. پهاڪو ۽ اصطلاح پنهنجي هيئت ۽ معنيٰ ۾
پڌرو آهي.
پهاڪو: انڌو هاٿي لشڪر جو زيان.
اصطلاح: اَڪن کان انب گهُرڻ.
پهاڪن ۽ اصطلاحن تي ٻيا هي ڪتاب به شايع ٿيا:
1. قليچ
بيگ – پهاڪن جي حڪمت
2. ڀيرومل
– پهاڪن جي پيڙهه ۽ گلقند
3. گهنشامداس
– سنڌي ٻوليءَ جي سونهن
4. موهن
لال شهاڻي – سنڌي اڊيمس
5. تيرٿ
داس پيسومل – پهاڪن جي پاٻوهه
6. سترامداس
جُڙيا سنگهاڻي – دُرن جي دٻلي، ماڻڪ موتي
7. ليکراج
عزيز – سنڌي اصطلاح
8. وشوناٿ
دنڪر – ڀارتيه ڪهاوت ڪوش (سنڌي پهاڪا به شامل)
9. سنڌاس
پنهون ملڪ ڪشناڻي – سنڌي پهاڪا ۽ اصطلاح (هن ڪتاب
۾ 12 هزار سنڌي پهاڪا ۽ اصطلاح آهن)
ڊاڪٽر جيٽلي جي تحقيق ۾ هنن مڙني ڪتابن مان چونڊ
پهاڪا ۽ اصطلاح هن هيٺ ڏجن ٿا.
پهاڪا
1. اُڀ
۾ جو ٿڪ اُڇلائي سو پنهنجي منهن ۾ پائي.
2. اُٺ
ڀريو به ڪرڪي سکڻو به ڪرڪي.
3. اُٺ
ٻڏندو پڇ ڏانهن تري.
4. اڌ
کيا ڇڏي جو سڄي ڏانهن ڀڄي تنهن جو اڌ به وڃي.
5. آزمائي
کي آزمائي سو ڌوڙ منهن ۾ پائي.
6. اُستاد
جي مار ٻار سنوار.
7. اُکرين
۾ مٿا وجهن سي مُهرين ڀر ڇو ڊڄن.
8. اَڳياڙي
تن جي سُرهي جن جي پڇاڙي سُرهي.
9. اَگهه
کٽيو کائجي وٽ کٽيو نه کائجي.
10. اَلله
سڃاڻي سِڱَ ٿو ڏي.
11. انڌن
وڃي ملتان لڌو.
12. انسان
خطا جو گهر آهي.
13. اَنَ
جو منهن جَنڊَ ڏانهن.
14. اَنڌو
۽ اڻ سونهون هڪڙي آچار.
15. اَنڌو
گهري اَلله کان ٻه اکيون.
16. اَڻ
گهريو ماءُ به ٿڃ نه ڏي.
17. اُهو
ڪي ڪجي جو مينهن وسندي ڪم اچي.
18. اهو
سون ئي گهوريو جو ڪن ڇني.
19. اهڙو
ڪم ڪجي جو لعل به لڀي پريت به رهجي اچي.
20. اُهو
وڻ ئي ڪونهي جو واءُ نه لوڏيو.
21. آهه
غريبان قهر خدائي.
22. آئي
ٽانڊي ڪاڻ بورچياڻي ٿي ويٺي.
23. اُڻٽيهه
راتيون چور جون ٽيهين ساڌ جي.
24. اندر
ڪاري کان ٻاهر جو ڪارو چڱو.
25. اندر
راضي ٻاهر قاضي.
26. آئين
لونگ لڳا جافر ويا وسري.
27. ان
آهي ته ايمان آهي.
28. بک
۾ بصر به مٺا لڳن.
29. بيٺي
جو هر ڪو يار.
30. بيڪار
کان بيگار چڱي.
31. بک
بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪري.
32. ٻه
ته ٻارهن.
33. ٻه
گدرا مٺ ۾ نه ايندا.
34. ٻڏي
ٻيڙيءَ جو لوهه به چڱو.
35. ٻري
تيل کامي وٽ واهه ڙي ڏيا واهه.
36. ٻليءَ
کي خواب ۾ ڇيڇڙا.
37. ٻه
ڀائر ٽيون ليکو.
38. ڀلو
ڪر ته ڀلو ٿئي.
39. ڀاڳ
ڏي ڀيڙو ته دال مان سيرو – ڀاڳ ڏي دٻ ته سيري مان
رٻ.
40. تاڙي
هڪ هٿ سان نه وڄي.
41. تلوار
جو ڦٽ ڇٽي وڃي، زبان جو ڦٽ نه ڇُٽي.
42. تِرَ
جي گٿي سُو چوٽون کائي.
43. تڪڙ
ڪم شيطان جو.
44. تُرهو
به ٻڏجي ته پاتڻيءَ کي به سڏجي.
45. ٿڌو
گهڙو پاڻ کي ڇانوَ ۾ رکائي.
46. ٿوري
کٽئي گهڻي برڪت.
47. ڌوٻيءَ
جو ڪتو نه گهر جو گهاٽ جو.
48. ٽٽونءَ
کي ٽارو تازيءَ کي اشارو.
49. پنڌ
کان ڪتي جي وات ۾ چڱو.
50. ٺلهو
گهڙو وڄي گهڻو.
51. پاپ
جو گهڙو ڀرجي نيٺ ڦاٽي.
52. پڇڻا
نه منجهڻا (جي پڇن سي وير، جو لکڻ منجهه ماڻهئين،
سو مکڻ منجهه کير).
53. پنج
آڱريون برابر نه آهن.
(نه هر زن زن است، نه هر مرد مرد،
خدا پنج انگشت يڪسان نه ڪرد).
54. پرائي
پُلاهه کان پنهنجي پيڄ چڱي.
55. پرائي
دهلين احمق نچي.
56. پنهنجي
گهر ٻلي به شينهن.
57. پوڙهو
اُٺ ٻه ڪنواٽ لهي.
58. پرايون
ماڙيون ڏسي پنهنجو ڀونگو نه ڊاهجي.
59. پيٽ
۾ بک اُرهه ۾ آڪڙ.
60. ڦڙي
ڦڙيءَ تلاءُ.
61. جيڪو
ڏاڍو سو گابو.
62. جت
باهه ٻري اُت سيڪ اچي.
63. جُڙيءَ
کي جس آهي.
64. جتي
ماکي تِتي مک، جتي گنج تِتي رنج.
65. جو
اڳي سو تڳي.
66. جنهن
جو بڻ بڇڙو تنهن جو ميوو مِٺو نه ٿئي.
67. جيئن
دير تيئن خير.
68. جنهن
کي باهه تنهن جو آسرو لاهه.
69. جنهن
جي تُرهي ترجي تنهن جو ڀلو گهرجي.
70. جيڪو
مُڙيو سو جُڙيو.
71. جيئرو
ته لک جو مئو ته ڪک جو.
72. جو
نه ڪڇي سو گهڙو ڪڇي.
73. جهڙي
سٺ تهڙيون ٽي ويهون.
74. جهڙا
ڪانگ تهڙا ٻچا.
75. جهڙو
گڏهه تهڙا آٿر.
76. جهڙي
نيت تهڙي مراد.
77. جهڙي
ڇالي تهڙي پِني، جهڙو گهوٽ تهڙي وني، جهڙو ٻج ته
تهڙي ٻني
78. جهڙو
راجا تهڙي پرجا.
79. جهڙو
حال حبيبان تهڙو پيش پريان.
80. جهڙا
مِير تهڙيون مزمانيون.
81. جهڙا
روح تهڙا ختما.
82. جهڙو
مُنهن تهڙو موچڙو.
83. جهڙو
ديس تهڙو ويس.
84. جهڙي
ڪرڻي تهڙي ڀرڻي.
85. جيڪي
چلهه تي سي دل تي، جي اُسريا سي وسريا.
86. جي
ڄڻين سي نپائين.
87. جيترا
وات اوتريون ڳالهيون.
88. جيڏ
اُٺ تيڏا لوڏا.
89. جيڪي
ڪُنيءَ ۾ هوندو سوئي پاٽ ۾ پوندو.
90. جيءُ
خوش ته جهان خوش.
91. جتي
وڻ نه هوندو اُتي ڪانڊيرو به درخت.
92. چور
نه ته چاڪئي سهي
93. چمڙن
جي گهر ويا مهمان، چي اسين پيا لڙڪون اوهين اچي
لٿا.
94. چَڪِرَ
کي پُڄي لتر.
95. چري
ڀونڊي ۾ خوش.
96. چري
ڪيئن؟ چي ويران وير وڌ.
97. چرين
جا پُور مٿي جا سورَ.
98. چريءَ
جو پُٽ چُمين سان چَٽ.
99. چرين
ڪهڙا چِتَ مُئن ڪهڙا مامرا.
100. چڱا
سي جن جا پويان چڱا.
101. خان
مان خاني مانيءَ مان معلوم.
102. خون
کٿوري ڳجها ڪين رهن.
103. ڏک
سکن جي سونهن.
104. ڏنڀجي
گڏهه سور ٿئي ساٽياڻيءَ کي.
105. ڏاهو
ڪانءُ ٻه ٽنگون ڦاسي.
106. ڏاڍي
جي لٺ کي ٻه مٿا.
107. ڏٻرو
وهٽ سوير پلاڻجي.
108. دل
جي ڪاراڻ کان منهن جي ڪاراڻ چڱي.
109. دل
کوٽي عذر گهڻا.
110. ڌڻ
ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي.
111. ڊڄجي
تنهن جي ڊاءُ کان جنهن جي وائيءَ کي ور گهڻا.
112. رت
دانگي تي به وري پئي.
113. راجا
کي وڻي سا راڻي
تنهن کي ڪير چوي.
114. رڌي
پڪي به يا نصيب.
115. رڍ
ڇا ڄاڻي راڳ مان جنهن جي ٻولي ٻي.
116. رڍن
اڳيان رباب وڄائيندي ورهه ٿيا.
117. جيڪو
ڏاڍو سو گابو
118. روزن
پٺيان عيدون.
119. سڀاڳو
پُٽ پينگهي ۾ پڌرو.
120. سڀڪا
ٻڪري پنهنجي پائي ٽنگبي.
121. سُتن
جا پاڏا ويٺن جون وڇون.
122. سچن
پيٽان وڍيان.
123. سائي
کي سهي ڪونه، بکئي کي ڏي ڪونه.
124. سائو
کنهي پيٽ، بکئي جو وڃي ساهه.
125. سڄڻ
سَڄي ٻانهن ڏي ته سڄي نه ڳڙڪائجي.
126. سُرمو
سڀڪا پائي پر اک اک جو ڦير.
127. سوناري
جا سؤ ڌڪ لوهار جو هڪ ڌڪ.
128. سچ
ته بيٺو نچ.
129. سچ
جي ٻيڙي لڏي پر ڪڏهن نه ٻڏي.
130. سُڪن
گڏ آلا به ٻريو وڃن.
131. سياري
جي سوڙ سڀڪو پاڻ ڏانهن سيري.
132. ستين
لنگهڻين ڪتو حلال.
133. سکڻي
ڪُني گهڻو اُڀامي.
134. سپ
نه ماري سپ جو سراپ ماري.
135. سونٽي
هجي ساڻ ته گڏهه گوئي نه ڪري.
136. عقل
ري عذاب گهڻا سهندئين جندڙي.
137. غريب
جي زال هر ڪنهن جي ڀاڄائي.
138. قلندرن
پويان ڪيئي ڪُتا ڀؤنڪن.
139. ڪاتيءَ
گدري وارو ڪم.
140. ڪانءٌ
کي لڙ ۾ مزو.
141. ڪاڻي
کي به ڪاڻو نه چئجي.
142. ڪُتو
ڇا ڄاڻي ڪڻڪ جي مانيءَ مان.
143. ڪُتي
جو پُڇ ٻارهن مهينا نڙ ۾ پيو هجي ته به ڏنگي جو
ڏنگو.
144. ڪَکَ
جو چور سو لَکَ جو چور.
145. ڪَکَ
سان به وير نه وجهجي.
146. ڪم
پئي تي ڪَل پوي.
147. ڪِينَ
جو کٽيو ڪير کائين.
148. ڪِنُ
ڪِنَ سان نه ڌوپي.
149. ڪٿي
چور سُڃا ته ڪٿي ڍور سُڃا.
150. ڪِني
آڱر وڍي چڱي.
151. کاڌي
ڪاڻ کَرو ڪم ڪاڻ ٻَرو.
152. کاڌي
کُوهه به کٽيو وڃن.
153. کُوهن
جا وات بند ٿي وڃن ماڻهن جا وات بند نه ٿين.
154. کُٽل
واڻيو پُراڻيون وهيون سنڀالي.
155. گدڙ
ڊاک نه پڄي آکي ٿو کٽا.
156. گگر
گگر پنڊا اڙيا.
157. ڳڙ
ڄاڻي ڳُڙ جي ڳوٿري.
158. گهڻي
کاڌي گهڻي بُک.
159. گهڻن
کنئي ڇپر به کڄي وڃي.
160. گهڻين
زالن گهر نه هلي گهڻن هارين هر نه هلي.
161. لٺ
به ڏيکارجي چٺ به.
162. لٺ
کڻجي ڀاءُ پاران جواب ڏجي خدا ڪارڻ.
163. مِٺي
به ماٺ مُٺي به ماٺ.
164. من
۾ موتي ڀڳو ته سڄو نه ٿئي.
165. ماءُ
ڄڻيندي پٽڙا ڀاڳ نه ڏيندي ونڊ.
166. مرض
اچي گهوڙي وانگر وڃي جُون وانگر.
167. مروان
موت ملوڪان شڪار.
168. مُنهن
ڪونئرو ڳٽا پٽائي.
169. مُئا
پَرِ پٽجن هيل.
170. مور
چڱو پير ڏنگا.
171. ميڙو
متو ئي ڇڏجي..
172. ماکي
نه ڏسي وڻ زال نه ڏسي وڙ.
173. موچيءَ
جا گهڙيا موچيءَ جي منهن ۾.
174. مينهن
ويامي اڍائي گهر پاري. زال ويامي اڍائي گهر کاري.
175. نه
ڪتو ڏسندو نه پؤنڪندو.
176. نه
ڪنهن جي کٿيءَ کي هٿ لائجي نه پنهنجو پَٽ پُڻائجي.
177. نالي
چڙهيو واپاري کٽيو کائي. نالي چڙهيو چور ڦاهيءَ
چڙهي.
178. ننڍڙو
ٻار مُڇَ جو وار، جيڏانهن وار تيڏانهن وري.
179. ننهن
سان ڇڄي ته ڪاتي ڇو هڻي.
180. نِيرَ
جو ٽڪو لهي وڃي گِلا جو ٽڪو نه لهي.
181. نڀاڳن
جا نار واڍن چڙهيا واٽ تي.
182. وات
کائي مُنهن لڄائي.
183. وڏن
۾ وڏي ڪَلا.
184. وڙهن
سانَ لتاڙجن ٻوڙا.
185. هٿ
جي وڍئي جو نڪو ويچ نڪو طبيب.
186. هڙ
سکڻي لوڏ گهڻي.
187. همت
مردان مدد خدا.
188. هاٿيءَ
جا ڏند کائڻ جا هڪڙا ڏيکارڻ جا ٻيا.
189. هرڻي
اڳ ئي نچڻي ويتر جو پيس گهنڊڻي.
190. هڪڙي
اَن هوند ٻيو افعال بڇڙا.
191. هڪڙو
اَڻ دعوتيل ٻيو ڪِريا تو.
192. هنر
واري جو هنر، بي هُنرَ جي وڃي جند.
193. هِرئي
جي هير ٽنگ ڀڄي ته به نه وڃي.
194. يار
اُهو جو اوکيءَ ويل ڪم اچي.
پهاڪن ۽ چوڻين وانگر اصطلاح به زبان جو حسن وڌائين
ٿا. اصطلاح جي بنيادي صورت لازمي طور مصدر وانگر
ٿئي ٿي. جئن اک ميري ڪرڻ وغيره. اِن ريت مطلب وڌيڪ
آسانيءَ ۽ سونهن سان ادا ٿئي ٿو. جيڪڏهن اصطلاح
”هٿ هڻڻ“ جو مطلب جملي ۾ آڻجي ته چئبو ته پهرين اک
نه پٽيائين هاڻي پيو هَٿَ هڻي. هن جملي ۾ هڪ سان
گڏ ٻيو به اصطلاح اچي ويو ”اک پٽڻ“. چونڊ اصطلاح
هي آهن:
1. اُبتا
ٽوپا ڏيڻ.
2. اُبتا
پير کڻڻ.
3. آبرو
وٺڻ.
4. اُڀ
۾ تراريون هڻڻ.
5. اُڀ
ڦاڙڻ.
6. اڇا
ڪارا پڌرا ڪرڻ.
7. اُس
۾ وار اڇا ڪرڻ.
8. ادر
گدر ڪرڻ.
9. آڏو
اچڻ.
10. اَڍ
ڇڪڻ.
11. آسمان
سان ڳالهيون ڪرڻ.
12. آسمان
مان تارا لاهڻ.
13. آسمان
ڏانهن ٿُڪ اُڇلائڻ.
14. اَڪ
ڪارا ڪرڻ.
15. اَڪن
ڇَڪن ٿيڻ.
16. اک
ٻُوٽَ ڪرڻ.
17. اک
ڀڃڻ.
18. اک
ٽيٽ ڪرڻ.
19. اک
پٽڻ.
20. اک
ڏيکارڻ.
21. اکيون
ڦيرائڻ.
22. اکيون
ڪڍڻ.
23. اکيون
کولڻ.
24. اک
ميري ڪرڻ.
25. اک
۾ رکڻ.
26. اکيون
چرخ ٿيڻ.
27. اکين
تي رکڻ.
28. اکين
۾ وهارڻ.
29. اکين
تي پردا چڙهڻ.
30. اکين
۾ جوسب هئڻ.
31. اکين
اڳيان ڦڙڻ.
32. اک
۾ ٿيڻ.
33. اک
نه ٻڏڻ.
34. اکين
کان وڏو ٿيڻ.
35. اکين
۾ ڌوڙ وجهڻ.
36. اکين
تي رات ڪاٽڻ.
37. اکين
پُورَ ڪرڻ.
38. اکين
جو رت ڪرڻ.
39. اکيون
جاءِ ڪرڻ.
40. اکيون
ڪاپار ۾ هجڻ.
41. اکيون
ٿڌيون ٿيڻ.
42. اکو
ڦلو ڪرڻ.
43. آگ
لاهڻ.
44. اگر
تگر چٽ ڪرڻ.
45. اڳ
وٺڻ.
46. اڳو
پيڇو ڳڻڻ.
47. آڱرين
تي نچائڻ.
48. اندر
۾ چُريون هجڻ.
49. انڌ
جي گهوڙي تي هجڻ.
50. اَڻ
سوئيل تي چڙهڻ.
51. آهو
لاهڻ.
52. باغ
باغ ٿيڻ.
53. باهه
ٿي وڃڻ.
54. بر
ميچڻ.
55. بيٺ
ٻڌڻ.
56. ٻه
گهر ٻارڻ.
57. ٻاهترجڻ.
58. ٻاهريون
پنو رکڻ.
59. ٻٻرن
کان ٻير گهُرڻ.
60. ٻُڏ
تر ۾ هجڻ.
61. ٻُوٽو
ٻارڻ.
62. ٻُوهي
۾ ڏيڻ.
63. ٻيٽَ
پوڻ.
64. ٻيڙيءَ
چاڙهي ڦرهو ڪڍڻ.
65. ٻيگهي
مچڻ.
66. ڀَت
گهاٽو ڪرڻ.
67. ڀَتَ
مان ڪڍڻ.
68. ڀَتَ
۾ ڪَٻَرَ وجهڻ.
69. ڀِتِ
سان منهن لڳڻ.
70. ڀري
ٻير هيٺ بُکَ مرڻ.
71. ڀڳڙن
مُٺ تي وڪڻڻ.
72. ڀنگ
ڀڳڙو ڪرڻ.
73. ڀيٽ
تي پوڻ.
74. ڀيڏي
هڻڻ.
75. ڀيرو
ڪرڻ.
76. ڀيرو
ڀڃڻ.
77. تارا
ڳڻڻ.
78. تتي
تاءُ ڪرڻ.
79. تريءَ
تي بهشت گهرڻ.
80. تريءَ
تيل نه لڳڻ.
81. تيليءَ
مان ٿنڀ ڪرڻ.
82. ٿالهئين
لاهڻ.
83. ٿڌيون
ڪوسيون ڏيڻ.
84. ٽاڪوڙو
پوڻ.
85. ڦاٽ
ڦاٽڻ.
86. ڦڦڙي
لڳڻ.
87. ڦلهيار
۾ ڦوڪون ڏيڻ.
88. جيري
لاءِ ٻڪري ڪهڻ.
89. چانڊيا
مگسي هئڻ.
90. چٽ
ٻڌڻ.
91. چپن
کي چُونو لائڻ.
92. ڇيڪ
ڇڏڻ.
93. ڇنڇري
لاهڻ.
94. ڇنڊا
پوڻ.
95. ڇوهه
ڇنڊڻ.
96. دڦ
ڪرڻ.
97. دل
وٺڻ.
98. دل
۾ ڪرڻ.
99. دل
کٽي ٿيڻ.
100. دم
جهلڻ.
101. ڌڌڙ
۾ پير هڻڻ.
102. ڏاڙهي
ٻئي جي هٿ ۾ ڏيڻ.
103. ڏندين
آڱريون اچڻ.
104. ڍينگو
ڍيري ٿيڻ.
105. زبان
ڏيڻ.
106. زبان
کولڻ.
107. سبق
سيکارڻ.
108. ست
سارڻ.
109. سُٽ
منجهڻ.
110. سُر
ملائڻ.
111. سُتي
سرمو پائڻ.
112. سرخرو
ٿيڻ.
113. سُڪيءَ
۾ ٽٻي هڻڻ.
114. سندرو
ٻڌڻ.
115. سَوَڙ
۾ چهنڊريون پائڻ.
116. سوڙهو
گهٽڻ.
117. سيخ
ٿيڻ.
118. شَبَ
۾ رکڻ.
119. شش
و پنج ۾ هجڻ.
120. شير
شڪر ٿيڻ.
121. شينهن
ڪلهي چڙهڻ.
122. ڪافور
ٿي وڃڻ.
123. ڪپڙن
۾ نه ماپڻ.
124. ڪن
ڏيڻ.
125. ڪن
کائڻ.
126. ڪن
کڻائڻ.
127. ڪن
هڻڻ.
128. ڪن
۾ ڦوڪ ڏيڻ.
129. ڪنڌ
۾ ڪِلي هئڻ، ڪنڌ ۾ ڪِلي هڻڻ
130. ڪنڊا
پوکڻ.
131. ڪنڊا
ڪڍڻ.
132. ڪيتو
لوڙڻ.
133. کڏون
کوٽڻ.
134. کڙ
تيل نڪرڻ.
135. کيپ
کٽڻ.
136. ڳنر
تي لت اچڻ.
137. نڙيءَ
تي نَنهنُ ڏيڻ
138. لاک
لاهڻ.
139. لٻو
ٿٻو ڪرڻ.
140. لڙهه
لڳڻ.
141. ليڪو
لنگهڻ.
142. مٿو
ڪوڙڻ.
143. مٿو
وڃائڻ.
144. مٿو
ڦرڻ.
145. مٽي
پليت ڪرڻ.
146. مُٺ
۾ هجڻ.
147. مڇي
مانيءَ مان ڪڍڻ.
148. مڪو
مچڻ.
149. مکڻ
جي ماڙي اَڏڻ.
150. مکڻ
مان وار ڪڍڻ.
151. ممڻ
مچائڻ.
152. نڪ
وڍڻ.
153. نوڙيءَ
مان نانگ ڪرڻ.
154. وات
وڪيل هئڻ.
155. وات
هڻڻ / ڪرڻ.
156. واجهه
وجهڻ.
157. وار
وڇائڻ.
158. ور
تي رسو ڀڃڻ.
159. وڻ
گهوڙو نه ٻڌڻ.
160. حقو
پاڻي بند ڪرڻ
161. هٿ
هڻڻ.
162. هٿ
ڌوئي پٺيان پوڻ.
وائيءَ جي گائڪي
ڪلاسيڪي موسيقيءَ سان ربط
هندستاني راڳ مالا (Indian
Classical Music)
آواز و آهنگ جوهڪ قديم نظام (System)
آهي. هن جو دائرو اُتر هندستان، پاڪستان، بنگلا
ديش ۽ ڪن ملحقه علائقن تائين وسيع آهي. منهنجي هن
مقالي جو عنوان بنيادي طور موسيقيءَ سان وابسته
آهي. هن هيٺ آءٌ شاهه عبداللطيف جي راڳ واري سرشتي
۾ وائيءَ جي گائڪيءَ کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش
ڪندس. وائيءَ جي گائڪيءَ جو ڪلاسيڪي موسيقيءَ سان
ڪيترو ۽ ڪهڙو رابطو آهي؟ هيءَ هن ربط کي سمجهڻ جي
هڪ ڪوشش آهي.
راڳ ۾ سُر ۽ تال ٻه بنيادي ۽ اهم حصا آهن. جن جي
سنگيت جي اصطلاح موجب سُر اڌيا ۽ تال اڌيا چئجي
ٿو. نرت يعني ناچ به انهيءَ آڌار تي مرتب ڪجي ٿو.
تال اُن جو بنياد آهي. اُتر ۽ ڏکڻ هندستان جا راڳ
توڙي ناچ جا ٻه علحدا سرشتا آهن، جيڪي بالترتيب
هندستاني ۽ ڪرناٽڪي سڏجن ٿا. ٻنهي ۾ آهنگ (Rhythm)
جو فرق آهي. ٻئي هڪ جيترا قديم ديوي ديوتائن جي
تاريخي پس منظر سان جُڙيل آهن. مسلمانن اُنهن جي
تاثر ۽ ٻولن ۾ تبديلي آندي.
تال ڪيترائي آهن. جن ۾ هي مقبول ۽ مروج رهيا آهن:
ايڪ تال، تين تال، جهومرا تال، تلواڙو، ديپ چندي،
آڏو چوء تال، چار تال، جهپ تال، مغلئي، روپڪ ۽
ڌمار وغيره. اڪثر 15 تال ڪنهن سٺي فنڪار لاءِ ڪافي
آهن(1).
ڳائڻ کي مسجع انداز ۾ رکڻ ۽ ننڍين تُڪن ۾ مرتب ڪرڻ
سان اُن جو بنياد (Base)
واضح ٿئي ٿو. قديم موسيقيءَ جي اصطلاح موجب اُن جا
اَٺ قسم آهن. جن جا نالا آهن: ڪَبت، مَن، ڇَند،
ڌَرو، ڌَوا، ٺا، پر بنڌ ۽ نربيدان(2). هيءَ ڳالهه
گائڪيءَ جي قديم انداز ڌُرپد جي ترتيب لاءِ چيل
آهي. جنهن کان پوءِ خيال رائج ٿيو. ساڳيو ليکڪ
قاضي احمد ميان اختر لکي ٿو: ”اِن مان متاخرين جن
فقرن تي ڳائڻ جو دارومدار رکيو، اُن کي ڌُروپد ۽
عرف عام ۾ ڌُرَپد چئجي ٿو. هِن ۾ چار چرن يا فقرا
هوندا آهن. اول کي اَسٿائي، ٻئي کي انترو، ٽئين کي
سچائي يا ڀوڳ ۽ چوٿين کي اَڀوڳ چئبو آهي. ڌُرپد جي
مقابل امير خسرو ترانو ايجاد ڪيو(3). هتي ڌرپد جي
تال جي انداز جي ڳالهه هئي، اُن ڪري اُن جو مقابل
ترانو ڄاتو ويو ۽ هيءَ به هڪ ٻولن واري ترتيب هئي.
هيڏانهن ڌرپد جي مقابلي ۾ خيال رواج ۾ آيو. اُن جو
انداز ڌرپد کان نرالو هو، پر ٻولن جي ترتيب اختيار
نه ڪئي ويئي. جونپور جي حڪمران سلطان حسين شرقيءَ
نائين صدي هجريءَ ۾ ڌرپد بجاءِ خيال کي رواج ۾
آندو. هو هڪ گويو به هو ۽ جونپوري توڙي ٻين ڪن
راڳڻين جو مُوجد هو(4).
ڌرپد جو آڌار جن ٻولن تي آهي، سي تال جو نمايان
تاثر پيدا ڪن ٿا. تال جي ساز هاڻي ڪيئي آهن. پراڻي
زماني ۾ پکاوج ۽ مردنگ تال جا ساز هئا. طبلو نه
هو. پکاوج ۽ مردنگ ئي ڌرپد واري گائڪيءَ ۾ ڪم
ايندا هئا(5). حضرت امير خسرو پکاوج مان طبلو
ايجاد ڪيو(6). ۽ مردنگ کي ڍولڪ ۾ تبديل ڪيائين(7).
نه رڳو ايترو پر امير خسرو وڌيڪ 24 تال تخليق
ڪيا(8) ڪي ٻول قائم ڪيائين. جهڙوڪ: ڪِڙِ، زان، ڪِٽ
۽ جها (9). واجد علي شاهه جي حوالي سان اِها ڳالهه
به ڪتابن ۾ آئي آهي ته هُن چيو ته امير خسرو خيال
ڳائيندو هو(10). ڌرپد جا ٻول پيربخش مغل ڪتاب راڳ
ساگر ۾ قِت، ڌَت، ٿُن ۽ نا لکيا آهن(11).
سيد عابد علي عابد پنهنجي مقالي ۾ قواليءَ لاءِ
لکيو آهي ته: ”غالباً مريد (خسرو) پنهنجي پير حضرت
نظام الدين اولياء جي عقيدت ۾ اِها وضع ايجاد ڪئي،
جنهن کي قوالي چيو ويو(12)“. جڏهن ته پير بخش مغل
راڳ ساگر ۾ قواليءَ جو موجود قاضي محمد گجراتيءَ
لکيو آهي(13).
ڌُرپد جي پس منظر ڄاڻڻ کان پوءِ اڄوڪي گفتگو جو
ٻيو حصو وائيءَ جي گائڪيءَ تي هڪ نظر وجهڻ آهي. هن
سلسلي ۾ هيءَ معاملي کي پروڙڻ جي پهرين ڪاوش آهي.
هونئن شاهه جي راڳ جي اُپٽار ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ پنهنجي ڪتاب سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ ۾
ڪئي آهي. ڊاڪٽر صاحب، پير غلام شاهه ۽ منظور علي
خان جي ساٿ سان سُرن جي سنگيت کي ڪلاسيڪل جي آڌار
تي پروڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. وائيءَ يا شاهه جي راڳ
بابت ۽ طنبوري جي باري ۾ ڊاڪٽر صاحب هن ريت ذڪر
ڪيو آهي.
1. اڳوڻي
روايتي طنبوري ۾ چار تارون هيون: زير، مثنيٰ، مثلث
۽ بم (ص 9).
2. پهريون
طنبورو شاهه صاحب ٺٽي ۾ ويهي سوٽهڙن کان ٺهرايو.
اهو ساڳيو تمر فقير کنيو جو راڳ جو اڳواڻ ٿيو.(ص)
3. شاهه
صاحب غالباً مثنيٰ (يعني ٻيڻي) جي جاءِ تي ٻه
تارون رکيون. جن کي مثنيٰ جي مناسبت سان جاڙيون
سڏيو ويو(ص 166).
4. هاڻي
اُهي گهور، جاڙيون، ٽيپ ۽ زبان سڏجن ٿيون(ص ص 166
– 167).
ڊاڪٽر بلوچ صاحب اهو به لکي ٿو ته: سواءِ چئن سُرن
جي ٻين سڀني سُرن جون وايون ڇيڙ تي ڳائجن ٿيون.
فقط سامونڊي، آبري، حسيني ۽ کاهوڙيءَ جي ڇيڙ
ڪانهي. يعني اِنهن سُرن جون وايون ڇيڙ بدران تار
(ڏيڍي يا دو تالي) تي ڳائجن ٿيون(14).
ڊاڪٽر صاحب، پير غلام شاهه جي حوالي سان لکن ٿا ته
پاڻ چيائون ته: ڀٽائي صاحب جي وقت ۾ دنبوري جي وڄت
فقط واين ڳائڻ لاءِ هئي. اُها وڄت فقط ٽن قسمن جي
هئي، ڇيڙ، ڏيڍي ۽ دوتالي(15). سُرَ جي شروع ۾ تند
وڄائي راڳ نروار ڪبو(16). هن سلسلي ۾ جهَڙ يعقوب
فقير شهيد ايجاد ڪئي(17).
هيءَ ڪُل معلومات آهي، جا هر تحرير ۾ آئي، پر هن
موضوع سان واسطو رکندڙ گوين ۽ شاهه جي راڳين وٽ
عملي پهلوءَ جي وڌيڪ معلومات موجود آهي. قاضي
ظهورالحق جنهن جا مٿي حوالا ڏيئي آيو آهيان، سو
پنهنجي تجربي مان ڌمار تال بابت ڳڻپ ۾ آڻڻ جهڙا
حوالا ڏي ٿو. هُو لکي ٿو ته: ”ڌمار تال ۾ 14
ماترائون آهن. هي تال ڌُرپد ۽ ڌمار ڳائڻ لاءِ
مخصوص آهي(18)“. اهڙي طرح تال ۽ علم عروض جي باهمي
تعلق بابت لکي ٿو ته: ”مغلئي تال ۾ غزل، گيت ۽
ڪافيون ڳايون وڃن ٿيون. بهادر شاهه ظفر جو هيٺيون
غزل مغلئي تال ۾ موزون ٿيل آهي.
گئي بيڪ بيڪ، جو هوا پلٽ، نهين دل ڪو اپني قرار
هي(19). ”هن جو وزن متفاعيلن ۽ چار دفعا آهي.
غزل يا شاعريءَ جي ٻين صنفن جو اسان اڃان انهيءَ
پهلوءَ کان اڀياس نه ڪيو آهي. هي دلچسپ پهلو شعر
توڙي موسيقيءَ جي لحاظ کان نهايت اهم آهي. وائيءَ
۽ ڌرپد جي ربط جي باري ۾ مڪمل رهنمائي شاهه جا
راڳي ۽ ڪلاسيڪل فنڪار ڪري سگهن ٿا. اڪثر راڳي
فقيرن کي به ڪلاسيڪل جي اهميت جي خبر نه آهي. تڏهن
به ڪلاسيڪل راڳ جو ڄاڻو هنن معاملن جو جائزو وٺڻ
جي اهليت رکي ٿو.
حوالا
1. قاضي
ظهورالحق، رهنماءِ موسيقي، پاڪستان نئشنل ڪائونسل
آف دي آرٽس، اسلام آباد 1975ع ص ص 49 – 50.
2. اختر،
قاضي احمد ميان جوناڳڙهي. ”سلطان حسين شرقي“ مقالو
ڪتاب هماري موسيقي، اداره مطبوعات پاڪستان ڪراچي،
ص ص 26 – 27.
3. ايضاً
– ص ص 26 – 27.
4. هماري
موسيقي، اداره مطبوعات پاڪستان ڪراچي ديباچو از
حفيظ هوشيارپوري ص7.
5. رهنماءِ
موسيقي، ص 51
6. ايضاً
– ص 52
7. ڪورجوي،
نقي محمد خان، حيات امير خسرو، ڪتاب منزل ڪشميري
بازار لاهور 1960ع ص 170.
8. ايضاً
– ص 185
9. ايضاً
– ص 191
10. هماري
موسيقي – ص 14
11. مغل،
پيربخش، راڳ ساگر، ڀٽ شاه ثقافتي مرڪز وارو ٻيو
ڇاپو، 1997ع ص 169
12. هماري
موسيقي، مقالو: امير خسرو ص 13
13. راڳ
ساگر – ص 13.
14. بلوچ،
نبي بخش خان (ڊاڪٽر). سنڌي موسيقيءَ جي مختصر
تاريخ، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 1978ع، ص 168.
- هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب سنڌي موسيقيءَ تي بحث
ڪندي، قديم دور ۾ سنڌي موسيقيءَ، اوائلي اسلامي
دور، وچ مشرق ۽ اندلس ۾ سنڌي موسيقيءَ جي پهچڻ،
هند جي قديم راڳ ۽ سنڌي موسيقيءَ ۽ ان جي نوعيت،
سنڌ ۽ هند جي راڳن جي مسلسل ربط، شاهه جو راڳ ۽ ان
جي دورن، ڪافين ۽ موسيقي، مولودن، سماع، ديسي
موسيقي، ڪلاسيڪي موسيقي ۽ گويائي راڳ جو جائزو
ورتو آهي. اُن کان سواءِ ملتان، جهوڪ، پير پاڳارن،
عبداللطيف قادري تي سماع مخدوم نوح جي سلسلي جي
ڏهرن جو به ذڪر ڪيو آهي.
15. بلوچ.
ايضاً – ص 168.
16. ايضاً
– ص 169.
17. ايضاً
– ص 169.
18. رهنماءِ
موسيقي، ص 59.
ايضاً – ص 67. |