سنڌي ٻولي: مختلف علائقن جا مختلف اُچار
سنڌي ٻولي مجموعي طرح سڄي سنڌ ۾ ڳالهائي وڃي ٿي
مگر هر علائقي جو لب و لهجه ۽ طرز ۽ صدا الڳ الڳ
آهي.
ٻڌو هڪ حيدرآباد شهر ۽ آسپاس جو باشندو اوهان جي
اڳيان ڳالهائي رهيو آهي:
”آءٌ اڄ ڪراچيءَ کان پيو اچان، ڪراچي هاڻي گهمڻ
کان ٻاهر آهي، ٿورو غافل رهو ته مٿو ئي ويو، آءٌ
گهمي گهمي ٿڪجي پيس پر ڪراچي نه کٽي.“
حيدرآباد شهر ۽ سندس آسپاس ۾ جيڪا ٻولي ڳالهائي
وڃي ٿي سا ڪنهن به هٿرادي مڙهيل لفظ کان پاڪ آهي،
ان ۾ ڪوبه اهڙو لفظ ڪونهي جو سنڌ جي ڪنهن ٻئي
علائقي جو ماڻهو نه سمجهي سگهي. هاڻي وري ٻڌو ضلع
نوابشاهه جو ماڻهو ڇا ٿو چوي:
”ڀائو ڪوڏر ڪلها ڪڍي ڇڏيا ٿم ته به ٿو چوين ته تو
ڪيو ڇا! ادا پاڻ کان تنهن جي اِها ٽار پوش نه ٿي
سگهندي، ڪجهه ته انصاف کان ڪم وٺ آخر مان به ته
انسان آهيان.“
نوابشاهه جي لب و لهجي ۾ حيدرآباد شهر کان ٿورو
فرق نظر ايندو، جو نظر انداز ڪري سگهجي ٿو،
نوابشاهه جي ٻولي صاف آهي، ڪوبه نئون سنڌي (مهاجر)
چڱي طرح سمجهي سگهي ٿو راقم الحروف بذات خود ڏٺو
آهي ته اتي مهاجر به سنڌي ڳالهائيندا آهن.
چڱو هاڻي دادو ضلعي جو لب و لهجه ملاحظه ٿئي:
”اڙي! ادڙا مان هتئون ڦري آيس ته وري ڪن پار پيو
تو ڪرين، ، هليا ته پاڻيءَ جو ڍڪڙو ته پيئون اُڃڙي
لڳي اٿئون اڙي پاڻي ته پس ڄڻ برف کي ڇهه پيو ڏي،
خوش هجين، منهڙو ته پسائيندو ڪر.“
ڏٺو ضلع دادوءَ جي ٻوليءَ ڪيترو نه تفاوت آهي،
هنن چند لفظن ۾ اوهان کي اندازو ٿي ويو هوندو ۽ جي
ڪڏهن اوهان دادو ضلعي جا باشندا هوندا ته اوهان
ڳالهائيندا به ائين هوندا. هتي جنهن لفظ سان ممڪن
ٿي سگهي ”ڙي“ گڏي وڃي ٿي، جيئن ته ”جوانڙو“
”ڳوٺڙو“ ”دلڙي“ ”مٺڙي“ ”مٺڙو“ ”مٺڙا“ وغيره وغيره.
هاڻي وري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ گونجندڙ آواز تي ڪن ڌريو.
”ڪاٿي پيو گهمين، ڏسڻ کي مهانگو ٿي وئين، اَسان
پيا توکي ڳولهيون، اڄ توکي نه ڇڏينداسين. اَدا
عزيز! چانهه ڪاڻ ته ڪڪي کي سڏ ڏجانءِ.“
لاڙڪاڻي جي لب و لهجي کي دادو جي لب لهجي سان
مشابه سمجهجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. هتي ٻين هزار
اُترادي لفظن سان گڏ هي لفظ به ڳالهايا ويندا آهن
جهڙوڪ جاڏي، تاڏي، ڪاڏي، جاٽي، هتڙي، ڪٿڙي، ڪاٿڙي
وغيره.
ضلع سکر کي فقط هن هڪ لفظ مان ٿا ڏسون اهو لفظ آهي
”ڊڄڻ“. هن لفظ کي استعمال اهڙي طرح ڪيو ويندو آهي،
جو هن جو اچار ”ڊرڄڻ“ مان ”ڊڄڻ“ ٿي پوندو آهي.
هاڻي سکر کي به لاڙڪاڻي واري خاني ۾ ٿا ڳڻيون.
جيڪب آباد جي گهڻي آبادي بلوچ قوم جو مسڪن آهي،
تنهنڪري هتي جي سنڌيءَ تي بلوچيءَ جو رنگ چڙهيل
آهي، هڪ ڪنسٽيبل جا اکر بندي جي ڪنن ۾ اڃا تائين
وڄي رهيا آهن. چيائين ٿي ته:
”ادا رستي مٿي اچي لاري بيهاريوسون، پوءِ هيٺ لهي
گهر جو تلاشي ورتوسون، وري لاري ۾ ويٺاسون ته اڃ
اهڙو اچي لڳو جو نڙ گهٽ پيو سڪي.“
جيڪب آباد جي ٻوليءَ تي وڌيڪ تبصرو ڪرڻ جي چندان
ضرورت ناهي، رياست خيرپور ۾ اچو ته هتي ڪجهه
ايراضين تي ٿر جو اڻ لکو (نه محسوس ٿيڻ جهڙو) اثر
آهي نه ته نواب شاه واري ساڳي ٻولي.
ٺٽو – ضلعي ٺٽي جي اُتر ۽ اولهه ڪنڊ جي ٻولي ٻڌو
سڀان مين جهم (جهمپير) تي ويندياس گيهه لاهيندياس
آءٌ (۽) ڪڪڙا ڳندياس، ورندي ۾ تانجو ڪمهه ڪريو
ايندياس.“
مانڃر ۽ جاتي ايراضين جي ٻولي هنريت آهي: لي ڏينم
پنجڙپن جوتا تونجو به سيمان کريديو اچانس. ڀلي
ڀاتر لڄهه ته سڄ مٿي اچي ته وڃي ڍنڍ منجهه ڪاريون
ويريون ڪريانس.“ هيءَ ٻولي گهڻو ڪري مير بحر قوم
ڳالهائيندي آهي، وري پالارين ۽ لاشارين جي ٻولي
ٻڌو ”هٿو مان وٽ شينگهار (کجيءَ جا ڦڙها) آئي
ڪانهي سينگهار هوئي ته مان توکي پنڇ (تڏا) ايڙا
ٻڌي ڏيان.“
”ڌڻ کڻي ڌاريان پر ڇو (ڇا) ڌاريان“. ”ڄاڻ ٺيڪ ڪين
آهين بتن ۾ سور ڄڻ مرئين ٿو،“ ”هٿو مان جا کود ڪا
هينگون ڏيندا آهن.“
ابڙال، لائق پور، دڙي ۽ ميرپور بٺوري جو وچ – هتي
جا رهاڪو ”ويندين“. کي ”وينديون“ چوندا آهن،
کيندون، پيندون ۽ اهڙي ريت ٻڌو:
”ابڙال ويو هون، منکي (مونکي) ڪم هو، دل ۾ چم ٿي
ته توکي چيندس، ناس گهراڻي هم، وري ڪڏين ويندون؟
تنجي ڪهڙي مرضي آهي، حيدرآباد جو شهر آهي جو ڀلجي
وئين ته لڀين به نه“.
چند ٻيا لفظ معنيٰ سميت:
چؤئان = چوان،
ڳرس = کيس،
نويڪلو = اڪيلو،
اَڪردو = مخصوص،
ڏوئيلو = ڏوئي
چمچو، ڇٻي = ڇلي،
ڌڙڪي = رلي،
سرو = وهاڻو،
اتفاق = اوچتو،
ٻوڙه = ٻوڙ،
ڳڙهه = بند
يا ڪڙ، پريءَ = پريان،
اوريءَ = اوريان،
هرڻ = پلجڻ
يا ٺهي وڃڻ.
ضلع ٿرپارڪر جي ڏکڻ طرف جو جائزو ٿا وٺون هي ڏسو
ڏيپلي جو ماڻهو. ٻڌو ڇا ٿو چوي ”ادي کي چان دکاڻ
تي گراهڪين جو ڀيڙو لڳو پيو هو، پوءِ جاڳيهه
ناملي، تاڏهين هليو آيوس، ماڙهين جا ميڙ هوئا هٽين
مٿي.“
هاڻي صاف ٿري ٻولي ٻڌو، ٻه اٺن وارا پاڻ ۾
ڳالهائيندا پيا اچن: هڪڙو – ”اي جو سا! اڄ پان
اُٺين کي چڱي سيکند آئي آهي.“
ٻيو – آءٌ نه هڪليان هاس پر تون کڻي چيو تا ڏهين
کنئي هڪلميس. پهريون – اي! او جا لوڙو ڪيان ويو؟
ٻيو اي! اُو شوهر ۾ ويٺو نا اُو! پهريون – اي!
ڪتي؟ پهريون اي! کٽي جي هوٽل مٿي چاءِ نه پيتين؟
ٻيو اي! هاهو، ڏٻي پهري هئين نا؟
پهريون هئن (ها) (”ها“ ڪرڻ جو اچار بلڪل عجيب آهي،
آواز اهڙو ٿو نڪري جو ائين ٿو معلوم ٿئي ته ڪو
همراه ڪري پيو).
ٻيو تون واري ڏاڳي کي جهليج ته چيڙهه ڪري ڳني.
هاڻي ٿرپارڪر جي ٻي ڪابه ايراضي وڌيڪ وضاحت طلب نه
رهي آهي تنهن ڪري ٿرپارڪر جي ضلع کي اتي ٿا ڇڏيون.
فقط چند ضروري الفاظ ملاحظه ٿين:
ڳون = ڳئون
ڍڳي، کيٽين مٿي = ٻنيءَ
تي، پهون = ٻڪري،
بجر = تماڪ،
واڙي = وٿاڻ،
اورهون = ويجهو،
پرهون = پري،
گت = عادت،
سيراڻ = نيرن،
پوڃاڙي = شام
جي ماني، اَولت = عورت،
زال ٽوڙڪ = ننڍو
دڙو، روڙيڻپو = پڙ
ڄڃ يعني ايندڙ ڄڃ کي روڪڻ، لينجهه= ڀٽ
جو سوراخ وغيره.
حيدرآباد – شهر ۽ آسپاس جي ته تشريح ٿي چڪي، هالا
۽ ٽنڊو الهيار به ان ۾ شامل سمجهو، هاڻي ٽنڊو محمد
خان يعني لاڙ ڊويزن جو سير ٿا ڪريون، طوالت جي ڊپ
کان هتي به بدين ۽ ٽنڊي باگي تعلقه کي ٿا وٺون.
بدين، سيراڻي ۽ ڪڍڻ جي درميان گهمي رهيا آهيون، هي
ڏسو شڪاري پيو اچي ٻئي هڪ دوست سان گفتگو ڪندو پيو
اچي، ٻڌو ”هڪڙي ڏهاري ويس شڪار تي، جڏهن دڙي تي
چڙهس ته ڇا تو (ٿو) ڏسان ته سهو ڄار ۾ پيو لڪي، دل
۾ چئيم ته هي هيڏان ڪو (ڇو) ٿو وڃي، ڪاهي پيو سينس
پٺ منجهه، او وڃي هڪ ٽاريءَ کي پٺا ڏئي وهي ريو،
لڪي ڇپي ٺڪا کڻي ڌڪو ڪرايانس ته ڍيري ٿي وڃي ڪريو،
پوءِ ته کڻي آيو سينس گهر، اڃا به ٿو لکي”اُتبار“
نه اچي ته چئو پاهنجي تقسير (تقدير) کي ڌڪي چٽڻ جو
آءٌ ماٿر آهياني، متان ڀانيين نه هن سان شرط رکان،
شرط منجها کٽڻ ڪانه ڏيندوسين تون پڻ گهڻن کي ٻٺاڪ
سڻايا آهين (آهن)“.
وري خاص منڌرا قوم جي ٻوليءَ کي ڏسندا ته هو هر
لفظ کي پهريائين زير وچ ڌاري وحشت ناڪ زبر ۽ وري
اهڙي زبر ڏيندا جو اچار جو ٻيڙو ٻڏي ويندو، هو لفظ
”منڌرو“ هيئن ادا ڪندا آهن ”مَنڌَرو“.
حالانڪ ”ڌ“ هيٺان زير هئڻ گهرجي ابتو دريا
وهائيندا آهن زير کي زبر ۽ زبر کي زير ڪري بيٺا
آهن.
حاصل مطلب ته لاڙ جي ٻولي سنڌي زبان کان اَٺ آنا
باغي آهي سنڌ جي ٻين دور دراز علائقن جو به اهو
حال آهي.
هتي خاڪسار به ڪجهه ڳالهائي ها مگر ضرورت نٿو
سمجهي، صاف صاف ٻڌائي ڇڏجي ته بندو لاڙ جو باشندو
آهي ٻولي اها هوندي ۽ نه ڪا ٻي.
لاڙ ۾ جيڪا ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي تنهن جي تصوير هي
هڪ اکر آهي؛
”وِڃين“
”و“ تي زبر آهي، ڀلي هجي پر جيڪا ”ڃ“ مٿان رکندا
آهيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ”و“ کي زبر بجاءِ زير سان
نوازيو ويندو آهي.
ٿلهو ليکو ٿا ٻڌون ته اتر جا ماڻهو وات ڀري
ڳالهائيندا آهن ۽ لاڙ جا ماڻهو وات خالي ڪري،
اترادي اکرن کي ويڙهيندا آهن، لاڙائي اکر کي
ڦاڙيندا آهن، اترادي آهستي ڳالهائيندا آهن لاڙائي
لکو.
لاڙ وارن جي زبان جي زد ۾ ايندڙ چند الفاظ هي آهن:
جان = يا
(ن جو ٽٻڪو ٻڏل) تون = تو،
کيندس = کائيندس،
زاد = ياد،
ڪيڙهو = ڪهڙو،
ايڙهو = اهڙو،
جيڙو = جهڙو،
ڪڄاڙو = ڇا،
ڪو = ڇو،
ڇالا = ڇا
لاءِ، ڪنان = کان،
ڪڻس= کيس،
اَپاڪ = اوچتو،
هرين = آهسته،
کوهر = کوهه،
واءِ = پڪو
کوهه، وغيره.
هڪ مختصر مضمون اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪري چڪو آهيان
اميد آهي ته چڱي طرح لفظي ٺاهه ٺوهه سان ته ڪو
لائق اديب هن خدمت کي سرانجام ڏيئي سگهندو.
(نئين زندگي سيپٽمبر 1954ع)
ٻه ڳالهيون اُچارن بابت
هونئن ته لغات موجود آهن، جن جي وسيلي لفظن جو
صحيح اچار معلوم ٿي سگهي ٿو. پر ڪي ماڻهو ڪنهن کان
غلط اچار ٻڌي خوداختيار ڪن ٿا. اهڙين غلطين کان
بچجي. مون هڪ چڱي شاعر کان تقرير ۾ ”سرَجڻ“
”سَرجڻهار“ ٻڌو آهي. شاعر به هڪ تخليقڪار ۽
سِرجڻهار آهي. صحيح اچار ”س“ هيٺ زير سان آهي.
ريڊيو ۽ ٽي وي جا خبرون پڙهڻ وارا خواتين ۽ حضرات
به ٻوليءَ سان اهڙو هاڃو ڪن ٿا، جو خيال ٿو پيدا
ٿئي ته ڇا سنڌي هنن جي مادري ٻولي ناهي! هيٺيان
غلط جملا مون پي - ٽي - وي، جي سنڌي خبرن ۾ ٻڌا
آهن. (جيڪي ياد اٿم):
1. پَکن
وسيلي پلاٽن جي ورهاست ڪئي ويندي. (صحيح آهي پُ –
پُکن – قرعه اندازي وسيلي)
2. سنڌ
جي ڪَنڊ ڪڙڇ مان اطلاع آيا آهن. (صحيح آهي: ڪُ –
ڪُنڊ Corner)
3. حڪومت
چتاءُ ڏنو آهي ته ان جا اَگرا نتيجا نڪرندا. (صحيح
آهي اُ – اُگرا – اڻ وڻندڙ – دوا ڪؤڙي هجي ۽ پيئڻ
۾ مٺي نه لڳي اُن کي به اُگري دوا چئبو آهي.)
مون گهڻو وقت اڳي، اندازاً 1954ع جي شروع ۾ ڪي لفظ
گڏ ڪيا هئا، جن ۾ فقط اعرابن جو فرق هو. هونئن
اِملا بلڪل ساڳي آهي. هي ڪو وڏو لغات جو مسئلو نه
آهي. جامع سنڌي لغات موجود آهي، جنهن ۾ هر لفظ جو
اچار چٽو ٿيل آهي. منهنجو هي پراڻو ۽ مختصر چونڊو
به انهن دوستن کي فائدو ڏيندو، جن کي صحيح اچار جو
مسئلو درپيش اچي ٿو. سَنَدَ کي سند ۽ پُختو کي
پَختو چوڻ ڪيترو نه افسوس ناڪ ٿو لڳي! ڪي ماڻهو
سئيءَ کي به ڪڪر ڄاڻي شاگردن جي ٻيڙي تارين ٿا.
اَبر (ف): ڪڪر
اِبر (ع): سئي (سبڻ جي)
ٻيهر ڄاپي ڄاڻ اِبر جي اوصاف کي (شاهه) هنن ڪجهه
لفظن تي ڌيان ڏيڻ کپي. جيڪي نموني طور پيش ڪيا
اٿم:
اَتِ =
(لاڙ ۾) اَنت جي هڪ صورت (1) حد کان وڌيڪ (2) اِت
ڪڍڻ يعني راز جي ڳالهه ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ.
اُتِ =
اُتي – هُتي
اِتِ =
اِتي – هِتي
اَٺَ =
8 جو انگ – Eight (2)
اَٺَ هڻڻ – گشو هڻڻ.
اُٺ =
جانور اٺ Camel (جمع:
اُٺَ) – (مونث: اُٺِ، اُٺڻ يا اُٺڻي)
اَچ =
اَچڻ مصدر مان ڌاتو – امر.
اُچ =
شهر جو نالو.
اَڏَ =
پاڻيءَ جي ننڍي ڪسي.
آڏَ =
آڌار لاءِ ڪا شيءِ ٽيڪ لاءِ رکڻ.
اُسَ =
ڪاڙهو – سج جي تپش.
آسَ =
اُميد.
آگرُ =
دوڪان ۾ پئسن رکڻ جي پيتي يا خانو.
آگر =
(ف) جيڪڏهن.
اُڱر =
ڪوئلا
آڱر =
هٿ جي آڱر – (fingure).
اَن =
اَناج
اُن =
رڍ جا وار
بَرِي =
ٻڪريءَ کي رنگ جي لحاظ کان نالو
بُرِي =
خراب
بَن =
رَڻ – ويرانو
بِن =
کانسواءِ – بنا
ٻَرُ =
ٻل، طاقت (2) ساڙ – حسد – ٻرو (بخار)
ٻُر =
سنها وار (2) گهوڙي جا ڪنڌ وارا وار.
ٻِرُ =
سوراخ، ڪُئي وغيره جو
ٻَرَڻ =
سڙڻ
ٻُرڻ =
ڪنن ۾ آواز جو وڄڻ
ٻُڪ =
ٻئي هٿ گڏ جهلڻ، پاڻي پيئڻ يا ڪا شي مضبوطيءَ سان
جهلڻ لاءِ.
ٻِڪَ =
تاش جو ٻن داڻن وارو پتو.
ٻوڙو =
جيڪو ڪنن سان نه ٻڌي.
ٻُوڙو =
ٻوٽو – جهڳٽو – ڪانهن يا گاهه جو ٻٿ.
ٻَيڙو =
ٻيڙِي – ڪشتي (Boat).
ٻيڙو =
ڪَڙو – بٽڻ (Button).
ڀَت =
چانورن جو رڌي ڀت – کاڌو.
ڀِتِ =
ديوار
ڀِٽ =
ڀَٽَ ڀان – فقير، ذات آهي.
ڀِٽَ =
ٿر جي واريءَ جي ڀٽ – دڙو.
ڀَڄَڻ =
ڊوڙڻ.
ڀِڄَڻ =
پُسَڻ.
ڀَڄڻ =
ٽوڙڻ.
ڀُڄڻ =
گوشت جو ڀُڳو رَڌڻ لاءِ پچائڻ – خاص مصالحن سان
ڀُڃڻي ڏيڻ.
ڀَرَڻ =
ٿانءُ يا ڳوڻ وغيره ۾ ڪجهه وجهڻ. (2) ڏنڊ ڏيڻ (3)
ڀرت ڪرڻ.
ڀُرڻ =
چوري وانگر ٿيڻ – ننڍا ٽڪرا ٿيڻ.
ڀِرَڻ =
هِري مِري وڃڻ – ويجهو اچڻ – To
be familiar
ڀيلَ =
مال جو ٻنيءَ ۾ ڪاهي پوڻ – فصل کائڻ – چپڻ ۽ ڀيلي
ضايع ڪرڻ.
ڀِيلَ =
ذات آهي.
تَارَ =
نخرا.
تارُ =
ڀَريل – ٽمٽار.
تورَ =
ماپ، ساهميءَ سان ڪٿ
تُور =
نسل، ڪڪڙ جي ٻچن جو هڪ ئي ڦيري ۾ ڦٽڻ مُنهنجو تُور
تلين ۾ پيها ٿو چاري. (شاهه)
ٿُڦُ =
ٿڦڙ – چماٽ.
ٿِڦ =
هڪ ٻئي مٿان سَٿَڻُ.
ٿَڪُ =
ٿَڪڻ مان – ٿڪجي چوڻ.
ٿُڪَ =
پڪ، ٿُڪُ اُڇلڻ = To
spit
ٽَڪَ =
هڪ عدد (مينهن يا ڳئون)
ٽُڪَ =
ٽُڪڻ – ٽنگ ڪرڻ – جيت جو ٽڪڻ ڪاٺ تي ٽڪ جو ڪم.
ٽِڪَ =
آرسي.
ٽَڪر =
جبل
ٽُڪر =
حصو – Piece
ٺَڪر =
هندن جي ذات
ٺِڪَر =
مٽيءَ جو ٺهيل پڪل ٿانءَ يا ٿانءَ جو ڀڳل حصو.
پارَ =
اوسارڻ – پارَ ڪڍڻ – روئڻ (2) پار پتا – نشان.
پارُ =
ٻيو ڪنارو.
پُتر =
(ڪڇي) پُٽ.
پَتر =
(هندي) خط – چٺي.
پَٽُ =
زمين – (2) ريشم.
پُٽُ =
(Son)
نرينو اولاد
پِٽَ =
بد دعا – ڪوار
پَٺَ =
ٻڪريءَ جي وڏي ڇيلي.
پُٺ =
پُٺيون پاسو – پُشت – ٽيڪ هجڻ – پٺ پڌري ٿيڻ –
اولاد هجڻ.
پَڇَ =
سيکت ڏيڻ – گوشمالي ڪرڻ – جٺ ڪرڻ.
پُڇ =
پڇڻ مان (2) جانور جو پڇ (Tail).
پَرَڻُ =
اَٽي جي ڇاڻي (ڇاڻڻي)
پُرَڻ =
روانو ٿيڻ.
پَڙُ = قبر
تي ڪپڙو چاڙهڻ – باس باسڻ لاءِ ڪپڙو چاڙهڻ.
پُڙُ =
جنڊ جو پُڙ (پاسو) (2) رليءَ جو هڪ طرف.
پِڙُ =
محرم جو پِڙ.
پَکو =
ڪانن مان ٺهيل پکي جي ڏاري جنهن سان گهر اَڏجن (2)
وڃڻو، هٿ سان هوا ڪرڻ لاءِ جيڪو کجيءَ جي ڦڙهن مان
ٺهي ٿو.
پُکو =
قرعو – قرعه اندازيءَ ۾ چونڊ ڪرڻ لاءَ پکو وجهڻ.
پَڪَ =
يقين.
پِڪَ =
وات جو پاڻي، ٿڪ
پَلُ =
پَلُ پهر – گهڙي (Moment)
پُل = موري
– ڦڙ – ڦڙدو (Bridge)
ڦُڻي =
بي ڊولي نڪ واري زال
ڦَڻي =
وار سنوارڻ جي ڦٿي (Comb)
(2) ڪلهي جو هڏو.
جَتَ =
ذات.
جُت =
جوڙو (زيورن جو)
جِتِ =
جِتي
جوڙَ =
الله جي تخليق.
جَوڙُ =
ڪل، ٽوٽل (Total).
جِيرو =
جگر – قليجو.
جِيرو =
وکر (پسارڪو)
جَهلَ =
اَڌ – روڪ، آڌار.
جُهل =
اُٺ جي گاشي جي چادر.
چُلهه =
ٽانڊي ٻارڻ لاءِ ٺاهيل کڏ (Hearth).
چِلَهه =
چپ – سوڙهه ۾ چپجڻ.
ڇَنو =
شاديءَ لاءِ اَڏيل (ڪکن جي) مهمانن کي ويهارڻ جي
جاءِ.
ڇِنو =
ٽوڙيو – ڇنڻ مان ماضي.
دَرُ =
دروازو – لنگهه – ٻنڀ – کڙه (Door).
دُرُ =
زيور.
دَري =
ڪمري جي ڳڙکي (Window)
دُري =
بيل گاڏي جي ڦيٿن (چاڪن) جي وچ واري ڪاني.
ڏَنگُ = نانگ
يا وڇونءَ جو چَڪ.
ڏِنگ = گِهٻِ
– وَرُ – ڏِنگائي.
ڍِڪُ =
ڪنهن به ٿانءَ جو ڍڪ (ڍڪڻ) (2) ڀيل ڪندڙ چوپائي
مال جي واڙڻ جي سرڪاري جاءِ.
ڍِڪَ =
مينهن يا ڳئون جو آواز.
رَسَڻُ =
پُهچڻ.
رُسڻ =
ڪاوڙجڻ.
رَکُ =
رکڻ
مان (To
Keep).
رَکَ =
گاهه يا شڪار لاءِ مخصوص ڪيل زمين.
رَنگ =
رڱ – (Colour)
رُنگَ = اصل
ماپ کان ڪجهه وڌيڪ ڏنل ڪا شئي (خاص طور کير)
رِنگ = گيهيل
– گهپي – اصرار ڪرڻ.
سَار =
سنڀال، يادگيري.
سارِ =
مينهن يا ڳئون جو رحم
سَارو =
سَڀَ.
ساروُ =
مطابق – حال سارو يا موجب
سَٽَ =
ڇڪ – جهٽڪو (2) ٻارن جي ڪاڪڙي جي بيماري.
سُٽُ =
سوٽي ڌاڳو.
سِٽَ =
سازش (2) لکيت جي سٽ (Line)
سَر =
جهنگلي ٻوٽو
سُر =
راڳ جو سر.
سِرُ =
مٿو (2) راز
سَرجَڻ = گهنج
پوڻ، ڪپڙي ۾ گهنج شلوار جا سر، گهٽ وڌ هجڻ ڪري
چئبو آهي.
سِرجَڻ = پيدا
ٿيڻ، تخليق جي خاص طور شروع جي مرحلي ۾ هجڻ:
سر جي تان سور، ساماڻي تان سک ويا (شاهه)
سسئيءَ سر جي نه سک ماڻيو
پيس پيوند پينگي ۾ (حامد)
سَسُ =
زال جي ماءُ
سِسُ =
ڪنڌ، سسي.
سَڱُ = رشتو،
سَڱابندي
سِنڱُ = جانور
جو سِڱ (Horn).
سَوٽ = سخت.
سوُٽ =
چاچي جو اولاد (Cousin).
سُوٽ =
سُور جو اُڀرڻ.
سوڙَهَ =
تنگي.
سَوَڙِ (ه) = رضائي
– اوڍڻ جو اوڇڻ.
سيرُ =
تور جو ماپو، (Seer)
(2) گس.
سيرَ =
درياءَ جو وهڪرو (2) سير ڇوڙڻ، فاسد رت ڪڍڻ لاءِ
چهڪ ڏيڻ.
عُمر =
نالو.
عُمِر =
حياتي (Age).
ڪَت =
ڪتڻ مان امر:
اُتڻ چونم ڪت، تاڻيان تند نه نڪري (شاهه)
(2) ڪتي جو لڳ ڪرڻ لاءِ تيار ٿيڻ.
ڪُت =
مڇرن ۽ جيتن جو پؤنرو ۽ ميڙ.
ڪَتَر =
قينچي.
ڪُتر =
مال لاءِ ڪپيل ڪانا – چارو – سوپاري سهڙيءَ سان
ڪترڻ.
ڪَتي =
فصل لهڻ جي موسم – مهينو.
ڪُتي = Bitch (مذڪر:
ڪتو)
ڪَٽ =
گذار.
ڪُٽ =
ڪوڙ – اصل ڌاتو ۾ ٻي ملاوت.
ڪِٽِ =
ڪس، زنگ (ٻيو اچار – ڪٽ)
ڪَرڙ =
اناج جون گڏيل جنسون.
ڪِرڙ =
ٻوٽو – جهنگ ۾ ڪرڙ ڪانڊيرا گڏ اڀرندا آهن.
ڪَرو =
ڪوزو – ڪؤنرو.
ڪُرو =
ٻار جيڪو دير سان گسڪي – (ضد: سَرُو)
ڪَرسِي =
کير ڏهڻ جو ٿانءُ – چؤنري – وڏو ٿانءُ هجي ته ڪرس
چئبو.
ڪُرسي = Chair.
ڪِرِسِي =
ڪاٺيءَ جو قسم.
ڪَلَ =
خبر (2) ڪَلَ پُرزو (3) گاهه جو قسم.
ڪُلَ =
سڀ (2) ڪوئلن سان ٻارڻ واري چلهه.
ڪِلَ =
وڏي ڪلي.
ڪَم =
ڪم ڪار
ڪُم =
نيلوفر گُل – ڪوڻيءَ کان وڏو ٿئي.
ڪِم =
تيل نائڻ جي ڪمي جيڪا هيٺئين ٿانءَ ۾ رکجي.
ڪَمي =
کوٽ (2) نوڪر.
ڪُمي =
ڪڇون (Tortoise).
ڪِمِي =
تيل نائڻ جو اوزار (ڏسو: ڪم).
کَٻو =
کاٻو (Left).
کِٻو =
جنهن جا ڏند نه هجن.
کَپُ =
گهرج.
کُپَ =
کپ کوڙڻ – لاڳيتو ڌرڻو هڻي ويهڻ.
کِپَ =
ٻوٽي جو قسم.
کُڏُ =
جاءِ جي ڇت.
کَسَڻُ = ڦرڻ
ڪنهن به شئي جو گسڻ، ڇَڻڻ، اصل حالت ۾ نه رهڻ –
وارن جو کُسڻ (ڇڻڻ).
کَکِي =
کل – ڇلڪو – ککڙي.
کِکِي =
بدبودار (مڇي)-
ککيءَ هاڻيون کاريون، ڇڇيءَ هاڻا ڇڄ (شاهه)
کُنڀُ =
ڌوٻيءَ جو کنڀ، جنهن ۾ ڌوئڻ لاءِ ڪپڙا وجهبا آهن:
کُنڀ نه کاري ان کي، جي هالاري هوءِ (شاهه)
کوهه =
ڪنهن به لباس يا جتي وغيره جو استعمال ڪرڻ سان گسڻ
– گاٺ يا کاپو.
کُوهه =
پاڻيءَ جو کُوه (Well)
گَڏَ =
گڏ هجڻ.
گُڏَ =
گڏ ڪرڻ ۽ فصل مان غير ضروري گاهه وغيره ڪڍڻ.
گِڏَ =
بلورن ۽ گهٻيءَ راند کيڏڻ واري ننڍي کڏ – گل به
چون.
گَسَڻ =
مسلسل ڪنهن شئي سان لڳندو رهڻ.
گُسڻ =
ڌڪ جو خطا وڃڻ.
گُلُ =
گل (Flower).
گِلِ =
گڏ کڏ – (2) فارسيءَ ۾ مٽي.
ڳَڙُ =
ڦٽ – زخم.
ڳُڙُ =
ڪمند مان چيچڙي تي ٺهيل ديسي مٺاڻ
گَهٽُ =
لنگهه – رستو.
گُهٽ =
گرمي، ٻوسٽ.
گَهرُ =
گهر – ٺڪاڻو (House).
گُهرَ =
طلب.
لَٽَ =
ڌوڙ – مٽي.
لُٽَ =
ڦُرِ – ڦُرِ جو مال.
لوُڻ =
گوشمالي ڪرڻ – سيکت.
لُوڻ =
کائڻ جو لوڻ (Salt).
مارو =
راڳي ڏيڻ جو ڪاٺ جو اوزار.
مارُو =
مارو ماڻهو – مال وارا.
مَٽُ =
پاڻي ڀرڻ جو ٿانءَ (2) برابر – جوڙ – جوڙ جيس.
مُٽُ =
پيشاب.
مِٽُ =
مائٽ.
مِٽَ =
ڳل.
مُڙَڻُ =
مُڙي وڃڻ – هٽڻ – ڦڏو ٿيڻ کان پاسو ڪرڻ.
مِڙَڻُ =
مال جو ڏُڀڻ.
مَور =
ڊيل جو نر (Peacock).
مُورُ =
موڙي – اصل رقم (2) ڪڏهن به:
پٽولا پنهواريون، مُورُ نه مٿي ڪن (شاهه)
مِينهن =
مينهن (Buffalo).
مِينهن =
برسات (Rain)
نَيڻ =
اکيون.
نِيَڻُ =
وٺي وڃڻ.
وَٺُ =
وَٺُ پڪڙ.
وِٺِ =
پکيءَ جي وٺ – ڪرفتي:
چار ئي پلهءَ چک ۾، پڇين پاريهر وٽ (شاهه ڪريم)
وَره =
سال (Year).
وِاه =
وڇوڙو.
وَلَ =
اها مٽي جا ولپي ڪڍجي.
وَلِ =
پکڙيل ٻوٽا.
وِلَ =
ولهه:
آءٌ ڪيئن سوڙئين سمهان،
مون ور گهاري ولهه (شاهه)
وَهَر =
ٻنيءَ ۾ سلا پوکڻ.
وُهر =
ماده جي لڳ لاءِ تياري.
ويرُ =
دشمني
وِيرُ =
بهادر.
وِيرَ =
سمنڊ جي موج (Tide).
هِڪُ =
هڪ (One).
هِڪَ =
اڃ – سڪ:
پيتائين پنهونءَ سين، هڏ نه ڀڳيس هڪ (شاهه)
هَلڻ =
پنڌ ڪرڻ.
هُلَڻ =
مشهور ٿي وڃڻ ڳالهه جو هُلَڻُ.
لاڙ جي سنڌي نثر جو جائزو
ادب هڪ وسيع موضوع آهي. اُن جون پاڙون قديم تهذيب
۾ اونهيون کُتل آهن. ادب کي زبان ۽ مڪان، ڪنهن
مخصوص قوم، زبان يا نسل تائين محدود نٿو ڪري
سگهجي. ادب ڪنهن صنف ۽ اسلوب ۾ به قيد نٿو ڪري
سگهجي. حالانڪ وقت گذرڻ سان ننڍا گروه ٿيا. محدود
سوچون ٿيون ۽ ادب کي به هر ڪنهن ماريءَ پنهنجي ڄار
۽ ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي. مغرب ۽ مشرق جا
اصطلاح ٺهيا. دين ۽ ڪفر جا سانچا جُڙيا. رنگ ۽
نسل، زبان ۽ بيان جي ٺيڪيدارن ته سؤ ڪلوميٽرن جا
به نوان نوان ڪارب جوڙيا، پر ته به کليل ذهن ۽
وسيع نظر وارا حقيقت تي نظر رکن ٿا. مصنوعي ڪوڙڪين
۽ سڙيل ڌاڳن مان ٺهيل ڄارن ۾ ڦاسڻ وارا ناهن.
سنڌي ادب به حقيقت ۾ هڪ وسيع تهذيب جو حصو آهي ۽
دنيا جي ثقافتي ورثي توڙي ادبي تنوار سان هم آهنگ
آهي. پوءِ اُهو سکر لاڙڪاڻي جو هجي يا بدين ۽
بٺوري جو هجي. هتي اسان کي فقط لاڙ ۾ پيدا ٿيل ادب
جي هڪ شاخ نثر جو جائزو وٺڻو آهي.
لاڙ، سنڌ جي ڏکڻ کي چئجي ٿو. هونئن ته لاڙ جي ڪا
واضح حد بندي ٿيل نه آهي، پر پوءِ به بدين ۽ ٺٽي
ضلعي جي ايراضي ۽ اُتر طرف ڪجهه مهاڳي وارا علائقا
ڳڻجن ٿا. حيدرآباد ضلعي مان ٽنڊو الهـيار ۽ ٽنڊو
محمد خان به ٻوليءَ جي لب و لهجي ۾ لاڙ ۾ شامل
ڄاڻڻ کپن. حيدرآباد تعلقو به پري ناهي، بهرحال هن
سلسلي جو حتمي فيصلو مشڪل آهي.
اسان جو لاڙ شعر و ادب، علم و هنر ۽ تصوف جو
گهوارو آهي. سڄي سنڌ جو هڪ طاقتور بازو آهي. سنڌ
جي هر هڪ خوبيءَ سان ڳنڍيل آهي. لاڙ جي ادبي تاريخ
۾ به شعر ابتدا ۾ آهي. هن سلسلي ۾ شاعرن مان شاه
عبدالڪريم بلڙيءَ وارو، شاه عنايت نصرپوري، خواجه
محمد زمان لنواريءَ وارو سانوڻ فقير، مولوي احمد
ملاح، پيربخش فاروقي ديرش پير ڀاون شاهه ساقي، ڄام
چانڊيو، حاجي مراد چانڊيو، محمد صديق مسافر ۽ ٻيا
ڪيترا شاعر ۽ سگهڙ ساماڻا، جن شعر جي هڪ روايت کي
قائم ۽ پختو ڪيو. ٺٽي جي حوالي سان فارسي نثر ۽
نظم جي روايت تمام سگهاري آهي. سنڌي نثر جو مڪمل
جائزو وٺڻ به هڪ طويل داستان کي جنم ڏيندو. اُن
ڪري هن جائزي ۾ فقط نثر جي اهم اهڃاڻن تي روشني
وجهبي.
نثر ۽ ملفوظات جو درجو به ڳڻڻ جهڙو آهي. اُهي اڪثر
فارسيءَ ۾ آهن. هاڻي اُنهن جا ترجما ٿيا آهن. هن
سلسلي ۾ شاه ڪريم جي مريد سيد رضا عرف مير
دريائيءَ جو ترتيب ڏنل ڪتاب ’بيان العارفين‘ اهم
آهي، جنهن ۾ شاهه ڪريم جي بيتن سان گڏ گفتگو به
رڪارڊ ٿيل آهي. اهڙي طرح ملفوظات جي سلسلي ۾ خليفي
محمود نظاماڻيءَ جو نالو به اهم آهي. سندس ملفوظات
مان مبوبية المحموديه ۽ ’توفيق الطالبين‘ اردو ۽
سنڌي ترجمي جي صورت ۾ شايع ٿيا آهن. ’ليليٰ مجنون‘
جو مصنف حاجي عبدالله، خليفي محمود جو فرزند هو.
صوفيانه شعر ۽ ملفوظات وانگر لاڙ پٽ نثر جي ميدان
۾ به مالا مال آهي. لاڙ جي مختلف علمي مرڪزن جهڙوڪ
ٺٽو، سجاول، ميرپور بٺورو، جاتي، چوهڙ جمالي، ڪڙيو
گنهور، ماتلي، ٽنڊوباگو، بدين، ڪڍڻ، نندو شهر،
بجاري، ملان حسن، کورواهه، جهوڪ، گولاڙچي ۽ ٻيا
ننڍا وڏا شهر ۽ ڳوٺ هن سلسلي ۾ ادب جي هڪ صنف سان
ڀرپور آهن. جن سڄاڻ نثرنگارن جي ڪاوشن جو ذڪر ڪرڻ
وارو آهيان، اُنهن ۾ ڪُهنه مشق ۽ نوآموز اديب شامل
آهن. اهو ممڪن ڪونهي ته هر اديب جي هر ڪتاب ۽ هر
مضمون مقالي جو تفصيلي بيان ڪريان، پر ڪوشش هوندي
ته اهم اهڃاڻن ۽ لاڙن جي ذڪر سان موضوع کي
نباهيان. هونئن ثابتين جي کوٽ سبب اهو چوڻ مشڪل
آهي ته پهرئين ڪهڙو نثر نگار اچي ٿو. ڇو جو اڃان
به خبر نه آهي ته ڪيترا خزانا پيتين ۾ بند هوندا ۽
نظرن کان پري هوندا.
قديم ترين ڪتابن ۾ ٺٽي جي عالمن ضياءُالدين،
ابوالحسن ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جا ڪتاب آهن،
جيڪي نظر ۾ آهن. مخدوم محمد هاشم هڪ عظيم مصنف
آهي، جنهن جو ديني نوعيت جو ڪم عربي، فارسي ۽ پوءِ
منظوم سنڌي ترجمي جي صورت ۾ آشڪار ٿيو. اڻويهين
صديءَ ۾ کورواه جي عالمن مان نورنگ زادن جو سنڌي
نثر ۾ نالو ظاهر آهي. مولوي محمد عثمان نورنگ زادو
هڪ وڏو عالم ۽ مصنف هو. هُن جو ڪم ديني نوعيت جو
آهي. خانبهادر ميمڻ کيس ”هڪ زبردست عالم، فقيه،
تاريخ نويس ۽ قرآن جو مفسر“ ڪري بيان ڪيو آهي(1)
مولوي صاحب 1850ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ معلم مقرر ٿيو.
مدرسي ۽ تعليم تدريس سان گڏ تصنيف تاليف جو ڪم به
ڪندو رهيو(2). پاڻ علم نجوم ۽ جفر جو به عالم
هو(3). زندگيءَ جا آخري پنج سال کورواه ۾
گذاريائين ۽ تصنيف تاليف ۽ ترجمي ۾ مصروف رهيو.
مولوي صاحب قرآن شريف، حديث ۽ فقه تي تفسير ۽ ٻيا
ڪتاب لکيا. جن ۾ تفسير تنويرُالايمان، فتوح الغيب،
اڪسيرالاحمرفي اسرارالجفر، حالات غوث العالم،
بينات القرآن، خطبات سنڌي ۽ تحفة الاسلام. سندس
لکيل تفسير جي رهيل ڪم کي مولانا محمد نورنگ زادي
مڪمل ڪيو(4).
اڻويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ حيدرآباد جي ڪن عالمن
جهڙوڪ اُڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي (مهر منير ۽
بدرمنير، ڪام سين ۽ ڪامروپ جو قصو وغيره) ميران
محمد شاهه اول ٽکڙائي، پرڀداس ۽ ميان محمد (سنڌي
صرف و نحو) وغيره سان گڏ ٺٽي جي ليکڪن مان قاضي
غلام علي ٺٽوي (هندوستان جي تاريخ) ميان غلام حسين
قريشي ٺٽوي (ڀنڀي زميندار جي ڳالهه) ۽ ٻين درسي
ڪتابن ۽ مددي ڪتابن جي ترجمن جو ڪم ڪيو. اُن سان
ننديرام ۽ ٻين ليکڪن جي ڪوشش کي هٿي ملي ۽ سنڌي
نثر جي ترقي ٿي. ان کي اڳتي ڪوڙي مل ۽ قليچ بيگ
اوج تي رسايو. ايئن علمي ادبي ۽ نصابي ڪتابن سان
سنڌي نثر کي نه رڳو هڪ واضح نهج ملي، پر نوآموز
لکندڙن لاءِ هڪ مثال موجود ٿيو. ايئن سڄي سنڌ ۾
سڄاڻ اديبن جو اثر پيو.
پير بخش فاروقي دلريش (ولادت 1896ع): هڪ عاشق صادق
۽ صوفي شاعر ٿي گذريوآهي. سندس تعلق بدين تعلقي جي
ڳوٺ فاروق آباد سان هو. سندس وڏن ۾ ڪي بزرگن
مداحون ۽ ڪافي ڪلام چوڻ وارا ٿي گذريا آهن. دلريش
جو تعلق زميندار گهراڻي سان هو. پاڻ فقير تن درويش
نظر ايندو هو. منهنجي نظر هن درويش تي 1948ع ڌاري
پئي جڏهن آءٌ ننڍو هوس. دلريش ڪجهه نثر به لکيو
هو، جنهن ۾ سير سفر جو بيان آهي. پاڻ 1950ع ۾ وفات
ڪري ويو(5).
حڪيم تاج محمد مشتاق: جئن نالي مان ظاهر آهي، هڪ
حاذق حڪيم هو. پاڻ الشفاء نالي رسالو به ڪڍندو هو.
طب جي باري ۾ ٻه ٽي ڪتاب به لکيائين. راڄي خاڻائي
۾ لئبرري ۽ پريس سندس يادگار هئا. پاڻ 1953ع ۾
وفات ڪيائين. سردست سندس تحرير جو ڪو مثال نه ملي
سگهيو آهي. هي احوال دوست محترم محمد سومار شيخ جي
تاليف ”بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ“ جي آڌار تي
لکيو اٿم(6).
محمد صديق ’مسافر‘ (1879ع – 1961ع): سنڌي ادب جو
هڪ وڏو نالو آهي، هُن جو تعلق آفريقا مان آيل شيدي
قبيلي سان هو. سندس والد گلاب قسمت سانگي ٽنڊي
باگي پهتو. مسافر صاحب ٽنڊي باگي ۽ حيدرآباد ۾
تعليم حاصل ڪئي ۽ انهن ئي شهرن ۾ علم جي ونڊ به
ڏنائين. مير غلام محمد ٽالپر جو ٽنڊي باگي هاءِ
اسڪول ۽ تعليم جي سلسلي ۾ ساڄو هٿ رهيو. ٽريننگ
ڪاليج فار مين حيدرآباد جو اُستاد ۽ اخبار تعليم
جو مدير رهيو. ادبي ڪم ۾ خانبهادر ميمڻ جي برپا
ڪيل سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي حيدرآباد ۾ به سرگرم
رهيو. سندس ڪليات (منازل مسافر) شايع ٿيل آهي. اُن
جو مقدمو سندس اهليت ۽ علميت جي ساک ڀري ٿو. مسافر
صاحب قادرالڪلام شاعر هجڻ سان گڏ اعليٰ نثر نويس
به هو. ڪيترن معلوماتي، سماجي، علمي ۽ ديني مقالن
سميت نصابي ڪتابن جو مصنف ۽ مولف به هو. سندس ٻيا
اهم ڪتاب هي آهن: ديوان فاضل – شهيد ڪربلا – قرب
قليچ – جوهراسلام – سڄاڻ زالون اخلاق محسني ۽
غلامي ۽ آزاديءَ جا عبرتناڪ نظارا.
آخري ڪتاب ۾ مسافر صاحب آفريقا مان آندل شيدي قوم
جي مختصر تاريخ ڏني آهي ۽ دردمند دل جو آواز به هن
ڪتاب ۾ شامل آهي. پنهنجي قوم کي منظم ۽ نيڪ ٿيڻ جي
اپيل ڪئي اٿس ۽ غلاميءَ ۽ آزاديءَ جو فرق ڏسيندي،
عبرت حاصل ڪرڻ جي گذارش ڪئي اٿس. سندس طرز تحرير،
اسلوب، جذبات ۽ روانيءَ جو هي ڪتاب هڪ گلدستو آهي.
لفظ لفظ مان، جملي جملي مان اهو به معلوم ٿئي ٿو
ته کيس زبان ۽ بيان تي مڪمل عُبور حاصل هو(7).
اسلم نندائي: نندي شهر جو هي نوجوان اديب 1967ع ۾
چند تحريرون ڏيئي پُربهار دور ۾ وفات ڪري ويو.
سندس مايوس زندگيءَ جو اندازو ناول حسرت زده موت
مان ٿي سگهي ٿو. نسيمه به سندس هڪ ناول آهي. ڪي
ٻيون تحريرون به ڇپيس. اُنهن ۾ به اِهائي درد جي
دانهن هئي. حقيقت ۾ اسلم ڪنهن صدمي جي اثر هيٺ هو.
ساقي سجاولي: هڪ بسيار نويس ليکڪ ٿي گذريو آهي.
سندس نالو غلام احمد هو. هن اندازا ڏيڍ سؤ ڪتاب
لکيا ۽ ترجمو ڪيا. مٿس خليل جبران جو خاص اثر هو.
هو هڪ ڪهاڻيڪار به هو. سندس افسانا 1936ع کان وٺي
شايع ٿيا. هن ٻين نوڪرين کان پوءِ ماستريءَ جو
پيشو اختيار ڪيو(8). کيس صحافت جو شوق به هو. سندس
ڪتابن ۽ خليل جبران جي ڪتاب پيغمبر جو ترجمو ۽
سندري ڪهاڻين جو مجموعو گهڻو مقبول ٿيا. ساقي
سجاوليءَ جي تحرير ۾ جوش ۽ جذبات جي اُڀار کي واضح
طور ڏسي سگهجي ٿو. ساقي 1960ع ۾ گذاري ويو. سندس
ڪتابن ۾ هيٺيان اچي وڃن ٿا: بيروزگاري – انسانيت
جا دشمن – ڪافر – پيغمبر – ماهرو – شيطان –
قائداعظم – سندري – اسلام جي خاطر – ٽئگور جا بيت
۽ مقدس وطن ۾ وغيره(9).
حڪيم نذير حسين حيدري: هڪ شعله بيان مقرر ۽ سماج
سڌارڪ هو. سندس سياسي سمجهه به اعليٰ هئي. بظاهر
هو هڪ حڪيم هو، پر هڪ اعليٰ ليکڪ به هو. هُن جا
چند ڪتاب ’دُر نجف‘ – ’جمهوريت يا تماشو‘ ۽ ’خدا ۽
طبع زاد خدا‘ ڇپيل آهن. ڪي ڪتاب اڻ ڇپيل رهجي ويا.
حڪيم نذير حسين حيدري جو بلند آواز لفظن جي زير و
بم ۾ به ظاهر بيٺو آهي. سندس نثر نهايت جاندار ۽
موثر آهي. لفظ لفظ ۾ بلاغت ۽ فصاحت جي جهلڪ موجود
آهي. سندس تحرير ۾ به تقرير جو زور آهي. هُن سماج
۽ سياست جو جڙتو ٺيڪيدارن کي پنهنجين تقريرن ۽
تحريرن ۾ عوام اڳيان پڌرو ڪيو. حڪيم نذير حسين
1972ع ۾ گذاري ويو.
سنڌ جو عظيم شاعر ۽ لاڙ جو رهبر مولوي احمد ملاح
(1877 – 1969ع) هڪ نثر نگار به هو. نثر ۾ سندس
ڪتاب معرفته الالله وحدت جي وائي ۽ قرآني اُپٽار
جو هڪ نمونو آهي. مولوي احمد ملاح ولد نانگيو بدين
تعلقي جي ڳوٺ ڪنڊي ۾ ڄائو. مختلف عالمن کان تعليم
پرايائين. سَنَدَ ۽ دستاربنديءَ بعد سندس علمي ۽
ديني خدمتون شروع ٿيون. بدين ۾ مدرسو قائم ڪيائين.
سماج، دين، ادب ۽ سياست ۾ مولوي صاحب جون خدمتون
نمايان آهن. سندس شعر جا ڏهاڪو ڪتاب پُر مقصد شعر
جي ساک ڀرين ٿا. نثر ۾ به وقت جي دستوري زبان،
قرآن مجيد جي حوالن سان لکي اٿس. نثر کان وڌيڪ شعر
جي ميدان ۾ مولوي صاحب داد حاصل ڪيو. سڄي لاڙ پٽ
تي سندس شعر جو اثر آهي. ويتر جو قرآن مجيد جو
منظوم ترجمو ڪيائين. تنهن ته کيس ديسان ديس مشهور
ڪري ڇڏيو.
ڪن علمي مرڪزن، ڀاڳين جي ڀاڻن ۽ ادارن جو گڏوگڏ
ذڪر ڪندو هلان. اُنهن ۾ ٽکڙ پهرين اُڀري اچي ٿو،
جنهن ۾ ارڙهين صدي عيسويءَ کان نورمحمد خسته ۽ ٻين
جي شاعريءَ جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ پيو اچي. اڻويهين ۽
پوءِ ويهين صديءَ ۾ شعر توڙي نثر جا وڏا نالا آهن.
انهن ۾ ميران محمد شاه اول، سيد محمد حافظ شاه
اول، قاضي اسدالله شاه، حافظ هارون دلگير، حافظ
عبدالله بسمل، حافظ حامد، محمد هاشم مخلص ۽ محمد
خان غنيءَ سان گڏ ميران محمد شاه ثاني، ڊاڪٽر
اسدالله شاه بيخود ۽ امداد حسيني اُسريو. ٻئي طرف
سرهندي بزرگن جون علمي خدمتون به علم آشڪار
آهن(10). الحمراءِ شيبن جي باري ۾ ميران محمد شاه
ثاني جا مضمون سندس طرز تحرير جا شاهد آهن.
ٽنڊي الهيار مان ولي محمد طاهرزادي ۽ محمد حسين
ڪاشف کي گهڻي اهميت حاصل آهي. ٻنهي ليکڪن کي
پنهنجو پنهنجو رنگ آهي. طاهرزادو آسان زبان جي ڪري
نشانبر آهي ۽ ڪاشف مشڪل زبان ۽ گرامي رنگ جو
نمائندو آهي. هوڏانهن فضل احمد بچاڻي جذباتي رنگ ۾
پڌرو آهي. سندس آتم ڪهاڻي اڳي ايئن هُياس اُن جو
ظاهر ظهور مثال آهي. آسڪروائلڊ ۽ رائيڊر هيگرڊ جا
ترجما به فضل ۽ گل محمد شاهه رضوي جي ڪاوشن ۾ شامل
آهن(11).
ٽنڊي محمد خان جو اداره سنڌي ادب فدا سرهئي، حبيب
بخاري ۽ ٻين دوستن جي ڪاوشن سان معمور آهي. زيب
ڀٽي ۽ حافظ شاه ٽکڙائي به پنهنجي رمز سان نثر ۾
نشانبر رهيا. هن اداري جا ڪتاب آهن: داستانِ غم،
آئين زندگي، قلوپطره، شيرين، جواهرات، چور، عورت ۽
نئون سفر وغيره. بزم بسمل ۽ ادبي اداره گنج بخش
شاهه جي پڙ حيدرآباد به ڪي ڪتاب شايع ڪيا. اُنهن ۾
به ڪي ڪتاب ٽنڊي ۽ ٽکڙ توڙي بلڙيءَ وارن جا آهن.
راز بلڙائي جو ناول گناهه 1952ع ۾ آر – ايڇ. احمد
ڇپايو. راز جو گلبدن ۽ ٻه ٻيا ناول به ڇپيا.
ايئن تلهار مان ڪن اديبن رسالا ۽ ڪتابي سلسلا ڪڍيا
۽ رسالن ۾ لکيائون. اُنهن ۾ غلام احمد بيدم، قلب
علي ٽڪلو، احسان پرويز ۽ غلام حسين شاد وغيره جا
نالا اچن ٿا. ٽڪلو، شاعر هو ۽ مزاح هُن جي اوليت
هئي. بيدم ۽ ٽڪلو کان سواءِ ٻين ادبي مقام حاصل نه
ڪيو. پوئين دور ۾ تلهار مان جنهن ادبي مقام حاصل
ڪيو، اُها خيرالنساء جعفري آهي. هُوءَ بحيثيت هڪ
بي باڪ ڪهاڻيڪارا جي اُڀري. سندس مجموعو ’تخليق جو
موت‘ اُن جي ثابتي آهي. خيرالنساء جا موضوع ڌيان
ڇڪائيندڙ آهن. هُوءَ هڪ نفسياتي ماهر به آهي ۽
اُها ڳالهه سندس ڪهاڻين ۾، ۽ پوءِ ڪن مضمون ٽائپ
ليکن / تقريرن ۾ به نظر اچي ٿي. خيرالنساء جو گهر
جو نالو گُڏي ۽ عرفِ عام آپا خيرو آهي. هُوءَ لکڻ
۾ مُڏي ڪاتيءَ وانگر قلم ڪم آڻي ٿي ۽ لحاظ نٿي
ڪري.
پير عالي شاهه جيلاني (وفات 1 – 12 – 1973ع): هڪ
سياسي شخصيت ۽ گادي نشين هو. پير صاحب سنڌ
اسيمبليءَ جو ميمبر به رهيو. بدين تعلقي ۾ پير
صاحب جو اثر پهرئين نمبر تي رهيو. هُو ڪو باضابطا
ليکڪ نه هو. علم دوست هو ۽ پنهنجي لئبرري به هيس.
سندس هڪڙو ئي ڪتاب هو، جيڪو اُتم ڪهاڻيءَ جي خاني
۾ ليکجي ٿو. هي ڪتاب آهي: منهنجي ماضيءَ جا چند
ورق. ڪتاب ۾ پير صاحب پنهنجي ننڍپڻ، جواني ۽ سياسي
زندگيءَ تي پنهنجي مخصوص انداز ۾ لکيو آهي. سندس
نثر جو اسلوب نهايت مؤثر آهي.
ماتليءَ جي رئيس ڪريم بخش نظاماڻي مرحوم جو نالو
فلم ۽ سنگيت جي لحاظ کان ڄاتل آهي. سندس آتم
ڪهاڻيءَ جا ضخيم جلدَ ڪيئي ڪتاب، سندس دلچسپيءَ کي
ظاهر ڪن ٿا. پنهنجي شعبي جي باري ۾ ئي هُن تفصيل
سان ڳالهيون لکيون آهن. مون اِهو ٻڌو آهي ته پاڻ
ڳالهيون ٽيپ ڪرايائين، اُنهن کي ماستر محمد سومار
شيخ ۽ ڪنهن ٻئي ڪاغذ تي اُتاريو. بهرحال ڪيئي ڪتاب
مان هڪ مخصوص نثري عبارت ظاهر ٿئي ٿي.
محمد سومار شيخ 1935ع – 1986ع): منهنجو هم دم
منهنجو دوست، لاڙ جو سچو پچو هڏ ڏوکي ۽ جاکوڙي
ههڙو ٻيو نه هو، نه آهي. سندس حياتي ۽ جاکوڙ جي
باري ۾ 1988ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سڏايل بين
الاقوامي ادبي ڪانفرنس ۾ مون هڪ مقالو پڙهيو هو.
ڪن ٻين دوستن به سندس باري ۾ مقالا لکيا آهن.
1997ع جي لاڙ ثقافتي ميلي جو اعلان ڪيوسي ته ڊاڪٽر
مصطفيٰ کهڙي، ڊاڪٽر انور فگار ۽ جناب پنهل ڏهر به
ماستر محمد سومار شيخ جي ثقافتي، ادبي ۽ لساني ڪم
جي باري ۾ مقالا لکي موڪليا آهن.
بدين جي ڏاکڻئين ڇيڙي ۽ سمنڊ جي ڪناري تي قرهئي
ڀانڊاريءَ جي چمن جو هي گُل لاڙ واسين کي سچ پچ ته
اُجاري ويو آهي ۽ اسان جي ڪرڻ لاءِ ڪم جا اشارا به
ڪري ويو آهي. ٻيو ته ٺهيو پر سندس لکيل ڪتابن کي
ڇپائي سگهون ته به لک کٽياسين. 1969ع ۾ پنهنجن
لکيل ۽ شايع ٿيل ڪتابن جي فهرست قلم وهي ويو ڪانهن
چوپڙيءَ جي صورت ۾ شايع ڪيائين. فهرست ۾ ڪُل 200
ڪتابن جو ذڪر آهي. سندس لکيل پهريون ڪتاب مذهب ڇا
آهي ۽ ڇپيل ’آڌي رات‘ (ناول) آهي. موضوع وار ڏسجي
ته سندس ڪتاب لسانيات، ادب، ثقافت، تاريخ، لوڪ
ادب، سوانح ۽ آثار قديمه بابت آهن. ادب ۾ شعر،
افسانا، ناول ۽ ناٽڪ نمايان آهن. اٽڪل 25 شخصيتن
جي سوانح لکي اٿس.
بدين ضلعو ٺهڻ سان پنهنجي تحريرن کي وڌيڪ منظم
ڪيائين. 1976ع ۽ 1980ع ۾ سنڌ سرڪار ۽ بدين ضلعي
انتظاميه جي سهڪار سان لاڙ ثقافتي ميلا لڳايائين.
بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ لکيائين.
اُن کانسواءِ 1982ع ۾ هڪ ضخيم ڪتاب بدين ضلعي جو
مطالعو ترتيب ڏيئي شايع ڪيائين، جنهن ۾ 15 عنوانن
تحت 70 کان وڌيڪ مقالا ٻين جا ۽ پنهنجا لکيل شايع
ڪيائين. 13 مقالا سندس لکيل آهن. ڪُل 655 صفحن تي
پکڙيل هي ڪتاب بدين جي قديم آثارن، تاريخ، ادب،
ثقافت ۽ ضلعي انتظام جي هر شعبي تي مُحيط آهي ۽ هڪ
اهم دستاويز جي حيثيت رکي ٿو(12). هِن سلسلي ۾ ٻيا
ڪتاب ۽ پئمفلٽ هي آهن:
1. بدين
ثقافتي ميلو 1976ع (پڙهيل مقالا)
2. بدين
ضلعي جو تعارف
3. واهه
بديڻا تنهنجا ڀاڳ
4. بدين
ضلعي جا مشاهير
5. بدين
ضلعي جي اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن کي تحسين.
6. لطيف
سائين جا لاڙ تان ڀيرا.
بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ ۽ بدين ضلعي جو مطالعو
وانگر ماستر صاحب جو ڪتاب ڪڇين جا قول به اهم ڪتاب
آهي. هِن ڪتاب ۾ ڪڇ جي ادبي تاريخ سموهيل آهي. پاڻ
نالو به ادبي تاريخ رکيو هئائين. ڊاڪٽر بلوچ صاحب
ڪتاب جو نالو پنهنجي ٻيلاين جا ٻول جي وزن تي ڪڇين
جا قول تجويز ڪيو، جيڪو ماستر صاحب خوشيءَ سان
قبول ڪيو. هن ڪتاب ۾ ماستر صاحب ڪڇ جي تاريخ، زبان
۽ ادب جي اوسر تي تفصيل سان لکيو آهي(13). اندازو
آهي ته ماستر صاحب اٽڪل 300 ڪتاب لکيا، اُنهن مان
چوٿين پتي مس شايع ٿي آهي. ههڙي جاکوڙي ليکڪ جي
پنهنجي حياتي به ڪا گهٽ دلچسپ نه هوندي. گڏ رهندي،
اُٿندي ويهندي، ڪچهريون ڪندي هُن جو اندازو رپئي
مان هڪ پتي ڏٺوسين. پر ٽي پتيون لڪل رهيو. ماستر
صاحب اُهو سڀ ڪاغذ جي سيني تي اوتي ڇڏيو. قلم وهي
ويو ڪانهن ۾ اُن جو تفصيل هنريت ڏنو اٿس.
1. منهنجو
افسانو (ٻارهن جُلد)
2. اسان
جي آڪهه جو احوال (14)
ڳالهه فقط ايتري ناهي. هي هڪ ڊگهو داستان آهي.
ڪتاب منهنجو افسانو هڪ بيباڪ ۽ سڄي انسان جي
زندگيءَ جو طويل افسانو آهي. هي ٻارهن جلد ماستر
صاحب 1955ع کان 1968ع تائين لکيا. فهرست موجب هنن
ٻارهن جلدن مان اَٺن جا ڪل صفحا 2190 آهن. باقي
چئن جلدن جي صفحن جو تعداد چٽو ڪيل نه آهي. جلد
نمبر 2 ۽ پنهنجي زندگيءَ کي ”انڀي زندگي“ ۽ جلد
نمبر 4 ۾ ”ڪوجهي زندگي“ سڏيو اٿس. اِهو به ”قلم
وهي ويو ڪانهن“ مان معلوم ٿئي ٿو. نه ته ٻن هزارن
صفحن کان مٿي هن داستان جي ڳالهه ته اڃان پردي ۾
آهي.
ماستر صاحب جو نثر هڪ سچي انسان جي گفتي مثل آهي.
گهڻي ڀاڱي اُهو لاڙ جي ڳالهايل ٻولي (Spoken
Language)
مثل آهي. ڪوبه موضوع هجي ماستر محمد سومار جو هڪڙو
ئي انداز آهي ۽ هڪڙو ئي اسلوب(15).
محمد حسين ترڪ: اصل پيرو لشاريءَ جي ويجهڙ جو
رهاڪو هو ۽ نوڪريءَ سانگي حيدرآباد ۾ وڃي رهيو.
سنڌ يونيورسٽيءَ جي ملازمت ڪندي آخر ۾ رجسٽرار
ٿيو. محمد حسين صاحب جا ايڪنامڪس جو موضوع تي ڪتاب
شايع ٿيل آهن. اُنهن ۾ اقتصاديات جا ابتدائي اُصول
(سنڌي) ۽ حيدرآباد جي اقتصاديات (انگريزي) مقبول
ٿيا. هُو ڪو مسلسل لکڻ وارو نه هو، ته به سندس
سنڌي نثر جي عبارت جو اندازو تحرير مان ٿئي ٿو.
اهڙي طرح ساڳي ايراضيءَ جو ٻيو رهاڪو جناب مير
محمد نظاماڻي سنڌي ادب ۾ ڄاتو سُڃاتو وڃي ٿو. سندس
مقالا ۽ ڪتاب داد حاصل ڪري چڪا آهن. ڪتابن ۾ عورت
۽ سماج، سنڌي ڊراما ۽ ڪلام ڪريم اڳ ڇپجي چڪا آهن.
هاڻي سندس لاڙو تصوف ڏي وڌيو آهي. خاص طور خليفي
محمود نظاماڻي ۽ ٻين سلسلي جي بزرگن جي ملفوظات جي
اشاعت ڏانهن ڌيان ڏي پيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي
تدريسي ۽ انتظامي شعبن ۾ خدمات سرانجام ڏيڻ کان
پوءِ، رٽائر ٿي سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد ڪئمپس ۾
رهي ٿو.
ڊاڪٽر غلام علي الانا، جو اصل تعلق ڳوٺ تڙ خواجه
جاتيءَ سان آهي. تعليم مڪمل ڪرڻ ۽ اسڪول ۽ ڪاليج ۾
ملازمت ڪرڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي
۾ 1958ع ۾ ليڪچرر ٿيو. ايم. اي کان پوءِ سنڌيءَ ۾
پي ايڇ. ڊيءَ جو مقالو گهڻي محنت سان مڪمل ڪيائين
۽ 1971ع ۾ ڊگري حاصل ڪيائين. سنڌي شعبي سان گڏوگڏ
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي چارج به مليس، جنهن کي
هڪ مڪمل ادارو بنايائين. 1983ع ۾ علامه اقبال اوپن
يونيورسٽيءَ اسلام آباد جو وائس چانسيلر ٿيو ۽
1989ع ۾ اُتان واپس موٽي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آيو.
1990ع ۾ رٽائر ٿيو ۽ 1993ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو
وائس چانسيلر ٿيو. اُتي 1995ع تائين عهدي تي رهيو.
الانا صاحب جو لکڻ پڙهڻ جو سلسلو اندازاً 17 سالن
جي عمر کان شروع ٿيو. شروع ۾ افسانا، مضمون ۽ ناول
لکيائين. ناول ’لاش‘ ۽ افسانن جو مجموعو چور سندس
ابتدائي ڇپيل ڪتاب آهن. سندس ابتدائي دور جي ڪتابن
۾ ’ناصر خُسرو ايراني‘، ’منتخب ديوان فاضل‘ ۽
’سنڌي نثر جي تاريخ‘ اهم آهن. لنڊن مان ايم. اي
ڪري اچڻ کان پوءِ الانا صاحب جو خاص موضوع لسانيات
بنجي ويو. اُن سلسلي ۾ سندس مقالا شايع ٿيا.
هيٺيان ڪتاب به وقت به وقت شايع ٿيا: ’سنڌي
صوتيات‘، ’سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد‘، ’سنڌي ٻوليءَ
جي لساني جاگرافي‘ ’سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس‘، ’سنڌي
معلم‘ ۽ ’لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ‘. اردو ۽
انگريزيءَ ۾ به سندس ڪي ڪتاب ڇپيا. ڪي ايڊٽ به
ڪيائين. سندس ڪتابن جو ڪُل تعداد اندازاً ٽيهه
آهي. نثر لکڻ ۾ عبارت ۽ اسلوب تي خاص ڌيان ڏي ٿو.
هاڻي سندس موضوع ثقافت ۽ علم الانسان به آهي.
الانا صاحب لاڙ جو هڪ وڏو اسڪالر ۽ نثر نويس آهي.
اڄ ڪلهه مبارڪ ڪالوني حيدرآباد ۾ رهي ٿو ۽ پنهنجي
لئبرري ۾ مطالعي ۽ تحقيق ۾ ڪل وقت مصروف آهي. |