سيڪشن: ادب

ڪتاب: زنبيل

باب:

صفحو:28 

مرحب قاسمي

رڃن ۾ رڙ ٿي، اي سارنگي ساز،
اي عشق جو آواز، ماڙهو رکن منڌ تي.

ٻه سال اڳ مرحب جي سنڌي شاعريءَ تي هڪ مختصر تبصرو لکيو هوم. ان کان پوءِ هن سنڌي ادب جي مختلف پهلوئن تي اردوءَ ۾ مقالا لکيا. خاص طور شاهه جي رسالي ۾ سنڌي افساني تي لکيائين. اقتصاديات جي استاد هجڻ جي ناتي سان هن ان سبجيڪٽ تي به سنڌيءَ ۾ مقالا لکيا. سندس تازو مقالو ”سنڌ جي اقتصادي ترقيءَ ۾ ٻهراڙيءَ جي عورت جو حصو“ سنڌي ادب (جلد 7 نمبر 1، 2، 1983ع) ۾ ڇپيو آهي، ان سان گڏ انگريزي سنڌي لغات تي ڪم ڪري رهي آهي، جيڪا اقتصاديات جي لفظن ۾ اصطلاحن بابت آهي، مواد جي پهرين قسط اشاعت لاءِ تيار آهي.

مرحب ٿر جي سر زمين مان جنم ورتو آهي. هوءَ هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي نوجوان استادن ۾ هڪ نمايان شخصيت آهي.

هن اردوءَ ۾ افسانا به لکيا آهن. سندس ڪلام جو مجموعو ”سوکي پتي اور پاني“ شايع ٿيل آهي، سنڌي ۽ پنجابيءَ ۾ شعر چوڻ جي قابليت کان ڪير انڪار نٿو ڪري سگهي، هڪ اڻ ڇپيل ناول به لکي رکيو اٿس.

مرحب وٽ نوادرات به گهڻي تعداد ۾ آهن. هن پنهنجي شوق جي تڪميل خاطر زيور ۽ ٻيا نوادر گڏ ڪيا آهن. زيورن ۾ چانديءَ ۽ ٻين ڌاتن جي زيورن جو هڪ چڱو ذخيرو اٿس. اڪثر هڪ اڌ زيور پائي ڊيوٽي تي ايندي آهي. جي ماڻهو دل ۾ نه ڪن ته جيڪر ڪڙيون، چندن هار، پارکيون، دوهري بلڪ نٿ پائي ڊپارٽمينٽ اچي. منڊيون، ڇلا ۽ کيرولون ته اڪثر پهري ايندي آهي. لباس جي سلسلي ۾ ڪجهه چوڻ سان مرحب جي ذوق جي پوري ترجماني نه ٿي سگهندي. جن ڏٺو آهي، سي داد ڏين ٿا. ڪتابن پڙهڻ ۽ سندس چوڻ موجب گڏ ڪرڻ جو شوق اٿس. پر مون کان ڪڏهن پنهنجو ڪتاب واپس گهريو نه اٿس ۽ منهنجو ڪتاب ڦٻايو نه اٿس: اهو ڪتاب گڏ ڪرڻ جو ڪهڙو شوق ٿيو!

هيءَ گفتگو مرحب سان رڳو ادبي سطح تي نه آهي. زندگيءَ جي ڪن شعبن ۽ انسان جي احساساتي دنيا سان واسطو رکي ٿي. مرحب جي شخصيت کي پروڙڻ لاءِ هيءَ گفتگو هڪ ڪوشس آهي.

هوءَ هڪ مصور، هڪ رانديگر هڪ کلمک چهرو ته آهي، پر ادب جي ميدان ۾ به اڳتي وڌندڙ ليکڪا آهي، آءٌ مٿي سندس ليکڪ واري حيثيت جو ڪجهه جائزو وٺي آيو آهيان. سندس تازو ڪتاب سنڌي چونڊ افسانن جو اردو ترجمو آهي جيڪو شايع ٿيڻ وارو آهي، ساڻس ٿيل ڳالهه ٻولهه هتي پيش ڪجي ٿي.

عبدالجبار: اوهان کي پنهنجو ڪهڙو چهرو پسند آهي. هڪ شاعره جو، هڪ ايٿليٽ جو، هڪ ٽيچر جو يا هڪ عام ڇوڪريءَ جو؟

مرحب: مون کي پنهنجو اهو چهريو پسند آهي، جيڪو هڪ عام ڇوڪريءَ جو آهي. هونئن آءٌ اهڙي خراب ٽيچر به ناهيان. مونکي دلچسپي آهي. شاگردن جو خيال رکندي آهيان. شعر به چيا اٿم. تنقيد به ٻڌي اٿم. ايٿليٽ به رهي آهيان. پر هڪ عام ڇوڪريءَ جو چهرو پسند اٿم. اهو اصلي آهي. سچو آهي. اهو ايترو سچو آهي، مقدس آهي جيئن قرآن شريف ۾ پيل مور جو کنڀ. هڪ عام ڇوڪري جيئن گهر ۾ ٿئي ٿي. ٻين حيثيتن ۾ به فخر اٿم. هڪ عام ڇوڪريءَ واري حيثيت ۾ خوش آهيان.

عبدالجبار: اوهان سنڌي ادب بابت به مضمون لکيا آهن، اوهان کي سنڌ جي زندگي ۾ ڇا پسند آهي؟

مرحب: خاص طور جبار صاحب! جي شاهه جي رسالي سان ڳالهه ڪجي ته مون کي رسالي مان گهڻو اتساهه ٿر جو آهي، منهنجو ضمير ٿر جو آهي، عام ماڻهن مان آهيان. زندگيءَ جو اصلي روپ شاهه صاحب ڏيکاري ٿو. سنڌ ۽ خاص طور ٿر جا هنر مند لوهار، ڪاريا ۽ ٻيا جن جي لباس ۽ زيورن مون کي گهڻو متاثر ڪيو. شاهه صاحب جا ڪردار علامتون آهن. مارئيءَ جو ڪردار وڻجارن ۽ سانگين جي زندگي منهنجي روح کي ڪردارن ۽ استعارن مون کي گهڻو متاثر ڪيو آهي.

عبدالجبار: اوهان کي هيءَ دنيا ڪيئن ٿي لڳي؟

مرحب: اوهان جي هن سوال تي مون کي بي ساخته اها دوربين ٿي ياد اچي جنهن ۾ رنگارنگ چوڙين جا ٽڪرا هوندا آهن. ننڍپڻ ۾ ان کي اکين سان لڳائي بار بار ڏسڻ جو عمل. بدلجندڙ رنگن ۽ ترتيب جو متضاد امتراج مون کي تمام دلچسپ لڳندو هو. اوهان جي هن سوال پڇڻ سان ئي منهنجي ذهن ٻارن جي ان دوربين کي ٻيهر اکين سان لڳايو ۽ فيصلو ڏيئي ڇڏيو ته مون کي دنيا بلڪل اهڙي ئي لڳي ٿي. يعني رنگ برنگي ۽ پنهنجن ئي احساسن ۽ دنياوي حادثن جي ٿورڙي ئي جنبش سان بدلائڻ واري. ڪڏهن نيلي ڪڏهن پيلي. ڪڏهن دکي ڪڏهن حسين!

عبدالجبار: اوهان کي پنهنجي والدين کان ڇا مليو آهي؟

مرحب: پهريائين زندگي، جيڪا هنن ٻنهي جي محبت جي ڪنهن حسين ۽ جذباتي لمحي جو تحفو آهي. پوءِ اعتماد ۽ حوصلي جي زمين. جنهن تي منهنجا قدم ڄميل آهن ۽ پوءِ شفقت ۽ دعائن جو آسمان، جيڪو منهنجي مٿان ڇانو ڪري رهيو آهي.

عبدالجبار: ننڍپڻ ۾ اوهان جا ڪهڙا شوق هئا؟

مرحب: جبار صاحب. ڳالهه ئي نه پڇو! ڪو هڪڙو شوق هو!! نه ڇوڪراڻيون رانديون مون کان بچيون نه ڇوڪرين جون. پاڙي جي ڇوڪرن سان اٽي ڏڪر به کيڏيم. لغڙ اُڏائڻ، سائيڪل هلائڻ. پوريءَ منجهند جي وقت اميءَ کان لڪي لڪي گهٽين ۾ گهمڻ. ميونسپالٽيءَ جي باغ مان گدامري پٽڻ اهو ته سڀ ڇوڪرن جي راندين ۾ شمار ٿئي ٿو. وري ڇوڪرين سان گڏجي سپون گڏ ڪرڻ، چوڙين جا ٽڪرا گڏ ڪري کيڏڻ. ونجهه وٽي، چلهر، ڦر ڦر سونٽو، پٿر ڇپاني ۽ بول ميري مڇلي ڪتنا پاني! ٻين ڇوڪرين کي گڏيون ٺاهي ڏيڻ ۽ انهن کي ڏاج ڏيڻ. هڪڙي عجيب ڳالهه هوندي هئي ته نه پنهنجي ڪا گڏي هئم نه ڪڏهن گڏيءَ جي وهانءَ ڪرڻ جو سوچيم. هڪڙو ٻيو مشغلو هو، اهو هي ته اڪثر پوتيءَ جي پلو ۾ چوڙيءَ جو ٽڪرو ٻڌي هڪ ٻئي جي محبت ماپينديون هيونسين. خير اهو هو ننڍپڻ ۾ محبت ماپڻ جو پيمانو هاڻي ته ننڍپڻ گذرڻ سان اهڙا پيمانا به بدلجي ويا.

عبدالجبار: ٻڌو اٿم اوهان کي ميرپور خاص سان ڪجهه وڌيڪ پيار آهي.

مرحب: ها ميرپور منهنجي جنم ڀومي آهي. آءٌ اتي ئي کنڀي وانگر اُسري ۽ اُڀري آهيان. اتان ئي ابن رشد ڪاليج مان بي. اي ڪيم. ان کي به ياد ڪندي آهيان. ڄام شورو منهنجي ٻي جنم ڀومي آهي. هتي مون خوبصورت وڻ ۽ قداور ماڻهو ڏٺا.

عبدالجبار: ته پوءِ اوهان کي ڄام شوري ۾ دفن ڪريون.

مرحب: هينئر ئي ڇو پيا هي خوفناڪ دڙڪا ڏيو. بس جتي هي سرسبز پن درخت مان سڪي ڪري اهو منهنجو مدفن هوندو.

عبدالجبار: پوءِ جواني آئي؟

مرحب: (مسڪرائي ٿي. جيڪا مسڪراهٽ گهري معنيٰ خيز ۽ گهٽ ۾ گهٽ تاثرات ظاهر ڪري ٿي) آئي هوندي ۽ گذري به ويئي هوا جي هڪ لطيف جهوٽي وانگر. (مون مرحب کي اهڙي طرح ڏٺو جيئن کيس چوان سوچي ڳالهايو انٽرويو گذرڻ جي ٻن ڪلاڪن کان پوءِ هوءَ آئي ۽ امرتا پريتم جو هڪ حوالو ڏيڻ لڳي ۽ چيائين ته هي کڻي لکو: امرتا پريتم جي سورهين سال وانگر منهنجي زندگيءَ جي سورهين سال جا ڪجهه تشنه لمحا اڄ ڪٿي اندر ۾ موجود آهن ۽ سورهين سال جا هي ڪڏهن ڪڏهن ٻاهر نڪري سامهون ايندا آهن ۽ مون سان گفتگو ڪندا آهن. ورنه!)

عبدالجبار: بس بس ورنه چئي ڌمڪي نه ڏيو. ڀلا اوهان کي ڪهڙي قسم جا ماڻهو پسند آهن؟

مرحب: ذهين، اعليٰ ظرف، نهٺا ۽ اسمارٽ. يا اهي جيڪي منهنجي ذهن کي سڃاڻن ۽ ذهني سطح موجب هجن.

عبدالجبار: موت خوبصورت لڳندو اٿو يا هيءَ زندگي؟

مرحب: جيتوڻيڪ موت جو مزو گهڙي گهڙيءَ ۾ چکيو اٿم، پر اهو به زندگيءَ جي طفيل آهي.

”زندگي آهي اشارن ۾ اسير،

حوصلن کي ٿيون کپن دلداريون،

هر طرف آهي قيامت جي فضا،

ڇاسهي سهنديون دليون ويچاريون.“

عبدالجبار: ادب ۽ زندگيءَ جي تعلق بابت ڪجهه پنهنجن خيالن جو اظهار ڪريو ۽ علامتي ادب بابت ڇا خيال آهي؟

مرحب: اهو درست آهي ته آءٌ ادب کي زندگيءَ لاءِ ضروري سمجهان ٿي. ادب زندگيءَ جو ترجمان هجي ۽ رڳو ادب جي ’ادب خاطر‘ هجڻ جي قائل نه آهيان. رهي ڳالهه رجحانن جي ته صدين کان ادب جا رجحان پنهنجي ماحول، معاشرت، اقتصادي ۽ سماجي و سياسي صورتحال کان متاثر ٿيا آهن، اهو صحيح آهي ته هر ادبي تحرير سان انقلاب نٿو اچي. اوهين ڪنهن ملڪ جو سڄو ڍانچو هڪدم نٿا بدلائي سگهو. ادب جو دخل آهي. چين جو مثال وٺو. ادب جاگيرداريءَ (فيوڊلزم) خلاف صف آرا رهيو آهي، عوامي ۽ سوشلسٽ انقلاب جو پرچار ڪيو ويو يا اديب انساني حقوق جو علمبردار رهيو. اهو سڀ اعليٰ انساني قدرن خاطر ادب جو ڪارج آهي. ادب ۾ علامت نگاريءَ جي رجحانات کي وٺو ته مڪمل طور آءٌ ادب ۾ علامت نگاريءَ جي قائل نه آهيان جنهن کي سمجهڻ لاءِ ذهن جي پرزن کي ٻيهر ٽائيپ ڪرڻو پوي ٿو ۽ بحر ظلمات ۾ گهوڙا ڊوڙائڻا ٿا پون ۽ پوءِ اوهان نتيجن ۽ ادب جي مطمع نظر تائين نه پهچي سگهو. هيءَ صنف دراصل اها امپورٽيڊ چيز آهي جنهن کي اسين گهڻي فخر سان عوام جي اڳيان پيش ٿا ڪريون ۽ تجديدي پينٽنگ کي نه سمجهڻ وارن وانگر بيوقوف ۽ ادب کان ناآشنا ڄاڻون ٿا.

ها البت علامت جو ماخذ  اسان جو پنهنجو رهڻي ڪهڻيءَ جو طريقو هجي ته اها مون کي چڱي لڳي ٿي. ڪنهن حد تائين آءٌ جديد لاڙن جي قائل ضرور آهيان. هن سلسلي ۾ اسان جا اديب خواه مغربي اسلوب ۽ طرز کي نقل ڪن، ته به کين ادب کي مقامي پهراڻ ضرورر پهرائڻ کپي. نقادن جي ڳالهه ڪريون ته هو سارتر لاءِ به اهو چون ٿا ته سارتر جي سموري وجوديت فرائڊ، مارڪس، هيگل، ڪروچي، هيڊيگر ۽ نٽشي کان ورتل آهي ۽ هي به ته سارتر پنهنجا ماخذ لڪايا.

ٿي سگهي ٿو ته اسان جي اديبن جا ماخذ به ڪي ٻيا هجن. پر اڄوڪو ادب پنهنجن لاڙن ڪري مونکي گهڻو وڻي ۽ فيسينيٽ ڪري ٿو. اڄ جي اديب کي پراڻي ڳالهه نئين ڍنگ سان ڪرڻ اچي ٿي. اهو شعور ۽ ادراڪ جو دليل آهي. مثلاً رشيد امجد، قمر جميل، احمد دائود، امرجليل، آغا سليم، مظهر الاسلام ۽ ٻيا ڪيترا افسانه نگار آهن، جن وٽ علامت نگاري پنهنجي مقامي پهراڻ ۾ جلوه افروز آهي، ڪم آيل استعارا سان پنهنجي ماحول جي عڪاسي ڪن ٿا. خواه هنن جو ماخذ سارتر، ايڊگر ايلن پويا ڪافڪا وغيره هجي. جديد رجحانن جي پيرن هيٺان پنهنجي ئي زمين هجڻ کپي ۽ پوءِ دنيا کي پاڻ سان گڏ وٺي هلجي.

عبدالجبار: اوهان کي روئڻ پسند آهي يا کلڻ؟

مرحب: جناب! ڪير بيدرد کلڻ تي روئڻ کي فوقيت ڏيندو ۽ ٻيو ته گهٽ ماڻهن کي اها خبر آهي ته منهنجي نالي جو هڪ حصو تبسم به آهي، ايئن آءٌ اسم باسميٰ آهيان. يعني گهڻو کلندي آهيان. ڏيان ڇا ٽهڪ؟

عبدالجبار: اڳ ۾ به ڪجهه ٽهڪ ٽيپ ٿي چڪا آهن. جيڪي سائونڊ لئبرريءَ ۾ رکڻا اٿم. چڱو ڀلا در گذر ڪندا آهيو؟

مرحب: ماڻهن جي منافقتن ۽ پنهنجي احتجاج کي در گذر ڪندي آهيان.

عبدالجبار: جڏهن ڪو ياد ايندو آهي؟ سوال آءٌ غلط ته نه پيو پڇان؟

مرحب: ها! ڏسو ”آهه“ جي طوالت ڪيتري آهي، ياد لفظ تمام ننڍو آهي، پر ان جي رد عمل ۾ پيدا ٿيندڙ احساسات تمام گداز، تمام لطيف ۽ ڪڏهن ڪڏهن تڪليف ڏيندڙ ته ڪڏهن تبسم ريز ۽ گهرا به هوندا آهن. مون کي ايئن لڳندو آهي ته آءٌ هڪ اهڙي ڪيفيت ۾ آهيان جنهن ۾ سڄو وجود تحليل ٿي رهيو هجي. پيش غائب ٿي وڃي ٿو ۽ آءٌ ياد جي رٿ تي سوار ان هنڌ هوندي آهيان، جيڪو ان گهڙيءَ جي ياد جو گهر هجي. ياد مون تي ڪڏهن ان جهرڪيءَ جي آواز وانگر وارد ٿيندي آهي، جيڪا نئين سج نئين جهت جو اعلان ڪري ٿي. ڪڏهن لهندڙ سج وانگر خوشيءَ کي غروب ڪري ڇڏي ٿي، ڪڏهن بانسريءَ جي لئه وانگر منهنجي ذات کي جذب ڪري ٿي ڇڏي، ڪڏهن مسلسل وهندڙ چشمي وانگر مون کي وهائي کڻي وڃي ٿي ۽ اڄڪلهه ته منهنجن احساسن جي شدت عروج تي آهي، ايئن ٿو محسوس ٿئي ته هي جداين جو سال آهي. جدائي ۽ ياد هنن ٻنهي جي گهرو سٻند آهي.

عبدالجبار: جفا ۽ وفا ۾ اوهان کي ڇا پسند آهي؟

مرحب: جفا پسند اٿم. ڀلي ڪير مون سان جفا ڪري. خود جفا ڪرڻ جو ڪڏهن ڪونه ٿي سوچيان. جيئن هڪڙي صحافي ۽ افسانه نگار چيو آهي ته ”اهڙيون شاعرائون جيڪي شڪار آهو تي تلاش آهو کي ترجيح ڏين ٿيون. اهي پوري زندگي ڊپ ۽ مونجهاري جي رڻ ۾ بسر ڪن ٿيون. اگر زياده بهادر هجن ته مرڻ بجاءِ نظم لکن ٿيون، انهن جي بي وفائيءَ کان نه بلڪ وفا کان ڊڄڻ کپي.

عبدالجبار: اوهان دغا ڏيندا آهيو؟

مرحب: ها آءٌ دغا ڏيڻ ۾ يقين رکان ٿي، پر ٻين کي نه پاڻ کي.

عبدالجبار: اها دغا نه ٿي ادا ٿي!

مرحب: هوندو مثلاً اهڙا موقعا ايندا آهن، جڏهن خواهش پنهنجي تڪميل چاهي ٿي، مگر ماحول ان جي اجازت نٿو ڏي. ته پوءِ پنهنجن ئي خواهشن تي جبر ڪرڻو پوندو آهي، ڪانه ڪا دغا بازي ڪرڻي ئي پوي ٿي.

عبدالجبار: هتي (يونيورسٽيءَ ۾) اڪثر ساٿي اهو چوندا آهن ته مرحب جا زندگيءَ بابت نظريا انوکا ۽ منفرد آهن.

مرحب: جبار صاحب! اهو ته مون کي اڳ ۾ خاموشيءَ سان ٻڌايو ها ته ڪارتوس هلائڻ ۾ آساني ٿئي ها. مون کي به خبر پوي ته ماڻهو منهنجي لاءِ ڇا ٿا چون. مون کي به خبر پوي ته خلق خدا غائبانه ڇا ٿي چوي؟ ان کي ڪهڙي انفراديت ٿي نظر اچي. آءٌ ته پاڻ کي هڪڙي عام سوچ رکڻ واري ڇوڪري سمجهندي آهيان. جنهن جا نظريا هن ملڪ جي نوي سيڪڙو ڇوڪرين سان هم آهنگ آهن.

عبدالجبار: تنهائي تنگ ڪندي آهي؟

مرحب: تنها ته آءٌ ڪڏهن رهي نه آهيان. جلوت ۽ خلوت مون لاءِ هميشه يڪسان آهن. تنهائيءَ ۾ مون تي پاڻ سڃاڻڻ ۽ آگهيءَ جا دروازا کلندا آهن ۽ محبت جو وجدان حاصل ٿيندو آهي. خاموشي ۽ ماٺار منهنجي همراهي ڪندي آهي ۽ ماٺار سرٻاٽن ۽ ڳالهيون ڪندي آهي، نوعمر ڇوڪرين وانگر رئي جو پلاند ڏندن ۾ ڏيئي گهڙي گهڙي پل پل کل روڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. حقيقي معنيٰ ۾ پاڻ سان ملاقات انهن ئي لمحن ۾ ٿيندي آهي، جن کي اوهين تنهائي چئي رهيا آهيو.

عبدالجبار: اصلي اداسيءَ سان واسطو پوندو آهي؟

مرحب: ها! ڪيترائي ڀيرا، اداسيءَ سان منهنجي دوستي پراڻي آهي، خاص طور شام ٿيڻ وقت، رات جو وسندڙ بارش ۾. ناڪرده گناهه تي ظلم ۽ ستم ٿئي. خواه اهو ڪنهن تي به ٿئي، مون کي اداس ڪري ڇڏي ٿو. بلڪ ڪڏهن ڪڏهن ته اداسيءَ جو ڪو جواز ڪونه هوندو آهي. جيئن صحرا ۾ مينهن نه به پوي ته به ڪئڪٽس (ٿوهر) اُڀري ڪر کڻي بيهندا آهن.

عبدالجبار: شعر ڪڏهن چوندا آهيو؟

مرحب: جڏهن ذهن ۾ دونهن ڀرجي وڃي ٿو ته اهو ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڪا درز تلاش ڪري وٺي ٿو. يا وري داخلي عمل، داخلي انتشار منهنجي خارجي اثرات کي ڊسٽرب ڪرڻ لڳي. يا ڪو خيال، ڪابه شي، ڪو جذبو، ڪو لمحو، ڪا واردات پنهنجي انتهائي شدت سان وارد ٿئي ته لاشعوري طور قلم هٿ ۾ اچي ويندو اٿم. ان ۾ وقت جو ڪو تعين ڪونهي فقط احساس جي شدت عروج تي هجي ته پوءِ هي سڀ سچا ۽ کرا لمحا هوندا آهن، جن کي اسين انساني جذبات ۽ احساسات جي رحل تي آسانيءَ سان پڙهي سگهون ٿا. بلڪ هيءَ اها عدالت ٿئي ٿي جنهن ۾ گواه پنهنجو هٿ مقدس ڪتاب تي سچ چوندس ۽ سچ کان سواءِ ڪجهه نه چوندس.

عبدالجبار: اوهان آزاد نظم ۽ نثري نظم کي ڇو پسند ڪيو؟

مرحب: هي اهو سوال آهي، جيڪو اڄ جي هر نظم گو، خاص طور آزاد نظم ۽ نثري نظم لکڻ واري هر شاعر کان پڇيو وڃي ٿو. آءٌ سمجهان ٿي ته هنن مان اسي سيڪڙو شاعر نه ته روايتي شاعري ۽ غزل سان وير رکن ٿا ۽ نه ان جي موزونيت ۽ نغمگيءَ جا انڪاري آهن. نڪو وري قديم توڙي جديد غزل گو شاعرن کي تنقيد جو نشانو بنائين ٿا، ليڪن هو اکيون بند ڪري هميشه گهاڻي واري ڍڳي وانگر هڪ ئي طرف نٿا هلي سگهن. تجربا خواه ادب ۾ ئي ڇو نه ٿين چڱي ڳالهه آهي. رهي ڳالهه جديديت ۽ روايت پرستيءَ جي ته اڄڪلهه ٻه ايڪسٽريم (انتها پسند) مڪتب فڪر گروپ راءِ زني ڪندي نظر اچن ٿا، هڪ گروپ جي چوڻ موجب جديديت لفظن جو سرطان آهي. ٻيو گروپ چوي ٿو ته روايت قبر پرستي ۽ اسان جو قبرستان آهي.

اڄ جو شاعر، اديب ۽ افسانه نگار ٻن نظرين ۽ گفتن جي وچ ۾ پينڊيولم وانگر لڙڪي رهيو آهي. جيستائين تنقيد جو سوال آهي ته اها آزاد نظم ۾ ن، م، راشد کان ئي شروع ٿي ويئي هئي. اسان جي ڇا حيثيت آهي! وري بدلجندڙ تقاضائن، عالمي رجحانات جو ساٿ ڏيڻ، پنهنجو ماحول، انساني احساس، تهذيب، ڏک سک، معاشرتي ۽ معاشي حالات هيٺ بدلجندڙ قدرن سبب اسلوب ۾ تبديلي ڪهڙو گناهه آهي صاحب! (اِتي مون کيس ياد ڏياريو ته ڪاوڙ ۾ اوهان جو چهرو سرخ بنجي ويو آهي ۽ اوهين ڪاوڙ ۾ خونخوار لڳي رهيا آهيو. پوءِ جوش کي خيرآباد چئي پنهنجو بيان جاري رکيائين) آءٌ ته سارتر سان اِن ڳالهه تي متفق آهيان ته جڏهن اسين پنهنجي عهد کي بدلائڻ جو سعيو ڪريون ٿا ته ٻين لفظن ۾ پنهنجون پاڙون پنهنجي عهد ۾ وڌيڪ پختيون ڪريون ٿا. ٿي سگهي ٿو ته آزاد نظم کي چونڊيم ان جو سبب ايرڪ فردم جي خيال موجب اهو هجي ته ”جديد فڪر جو نظرياتي مقصد انفراديت جو حصول آهي.“ آءٌ ۽ منهنجو نسل شايد پنهنجي انفراديت جي تلاش ۾ اجتماعي اسلوب ترتيب ڏيئي رهيا آهيون اوهين بي فڪر رهو. جهڙي ريت موجوده نسل قدامت کان بيزار جو اظهار ڪري روايت جون چند چڱيون ڳالهيون ذهن ۾ رکي فقط اسلوب بدلايو آهي، اهڙي ريت مستقبل ۾ ايندڙ نسل آزاد نظم کي به فرسوده قرار ڏيئي ڪا نئين ڏس. ڪو نئون اسلوب مقرر ڪندو، هر نئون نسل پاڻ سان رعونت ۽ انڪساريءَ جو عجيب مليل جليل مزاج کڻي ايندو آهي، جيئن اردوءَ جي شاعر ۽ اديب اسد محمد خان تنقيد کي هيئن چئي ٽاري ڇڏيو آهي ته: ”آءٌ ته ڪکن جو هڪ ننڍرو فرعون آهيان ۽ پنهنجن تيلين سان هڪ سادي ورق تي مائيڪروسڪوپڪ ليڪون بنائيدو پيو وڃان، جي اوهين انهن ليڪن کي پڙهي وٺندا ته پنهنجي ۽ منهنجي حق ۾ دعاءِ مغفرت ڪندا. اگر نه ته اوهان کي منهنجي موجودگي جي خبر به نه پوندي ۽ آءٌ پنهنجي راءِ وٺي هليو ويندس اهڙي ريت هڪڙي شريفانه بي تعلقي اسان ٻنهي جي آخري نجات جي ضمانت ٿيندي.

عبدالجبار: ٻيو ڪير کاڌو تيار ڪري ته اوهان کي لذيذ لڳندو آهي يا پنهنجي هٿ جو ٺاهيل وٺندو اٿو؟

مرحب: ڏاڍو مصالحيدار ۽ مزيدار سوال پڇيو اٿو. ڪنهن سٺي ايڪسپرٽ بورچيءَ جي هٿان پڪل لذيذ کاڌي وانگر منهنجي خيال ۾ هن کانپوءِ اهو محاورو چوڻ جي به ضرورت ڪونهي ته ”عاقلي را اشاره کافي است“.

عبدالجبار: اوهان کي خدمت ڪرڻ ۾ مزو ايندو آهي يا خدمت وٺڻ ۾؟

مرحب: جناب اڄ ڏينهن تائين ته ڪنهن منهنجي خدمت ڪئي ڪونهي. مون ئي ڪئي آهي.

عبدالجبار: ڪير ڇڙٻون ڏي ته ڪيئن محسوس ٿيندو آهي؟

مرحب: امي ڇڙٻون ڏي ته خاموشيءَ سان ڪنڌ هيٺ ڪري ٻڌندي رهندي آهيان. يعني ”ٽڪ ٽڪ ديدم دم نه ڪشيدم“ وارو معاملو، جانان (مسرت مرزا) ڇڙٻون ڏي ته ڍيٺ بنجي ٽهڪ ڏيندي رهندي آهيان. وڏو صاحب (Big Boss) ته خدا جو شڪر آهي، ڇڙٻون نٿو ڏي. باقي بچيا دوست احباب ته سائين ڪنهن ۾ ايتري همت آهي جو ڪجهه چوي پاڻ ڪنهن کي ڇڙٻون کائڻيون هجن ته سامهون اچي. اسين ڇڙٻون ۽ دڙڪا ڏيڻ وارا آهيون (آخري جملو ڊائيلاگ آهي. دل ۾ نه ڪندا).

عبدالجبار: تصويرن ۽ بتن جي پوڄا ڪندا آهيو؟

مرحب: ڇو اسلامي معاشري ۾ اهڙا سوال پڇي مار ڏيارڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو! ايتري ناسمجهه به ڪونه آهيان، جو انهي ذومعنيٰ جملي کي نه سمجهي سگهان. جيڪڏهن اوهان کي هن جواب سان خوشي ٿي ته ٻڌو. ”ها آءٌ تصويرن ۽ بتن جي پوڄا ڪريان ٿي پر هندومت جي عقيدي موجب گهڻن بتن جي نه پر صرف هڪ اڌ جي!

عبدالجبار: اوهين نروس ڪڏهن ٿيندا آهيو؟

مرحب: ڏسو! نروس ڪري ڇڏيو نه! اجهو سوال ساڻ نروس ٿي ويس.

عبدالجبار: ڪو امتحان ڏيڻ گهرو ٿا؟

مرحب: ڏيڻ گهرو ٿا جو ڪهڙو سوال آهي، آءٌ پيدا ٿيڻ سان امتحان ۾ پيس. جڏهن مون کي پنهنجي صبر جو پهريون امتحان هن جملي تي ڏيڻو پيو ”آئي ادي! تنهنجي هيءَ ڌيءَ ڪنهن جي صورت تي ويئي آهي، تنهنجا ٻيا ٻار ته خوبصورت آهن.“

عبدالجبار: لڳي ٿو ته بلڪل اُن زماني کان اوهان جي گهر ۾ آئينو ڪونهي، جو منهن ڏسي صحيح فيصلو ڪري سگهو؟

مرحب: (ٽهڪ) آئيني ئي ته ٻڌايو خير تڏهن کان وٺي مختلف امتحانن سان واسطو شروع ٿيو. ڪڏهن فيل ٿيس ڪڏهن پاس. اڳتي ڏسون ڇا ٿو ٿئي يا بقول شاعر.

”ڪيا گذري هي قطري په گوهر هوني تڪ“

عبدالجبار: ڇا آواز متاثر ڪندا آهن؟

مرحب: ها! آءٌ آوازن جي دنيا ۾ رهندي آهيان ۽ هر آواز روح تي هڪ جدا اثر ڇڏيندو آهي، اهي سڀ آ منهنجي پسند جا آهن. مثال طور ڇوهي مينهن جو آواز، بهار جي موسم ۾ ڪوئل جي ڪو ڪو، تيز وحشي هوا جون چيخون، صحرا سان لنگهندڙ اُٺن جي قطارن جي گهنٽين ۽ ميٽرن، چڙن جو آواز، هڪ جي ساڙيل ٻه ٻپهريءَ ۾ پکي جو مخصوص آواز روان چشمي جي متواتر ۽ مسلسل خوبصورت موسيقي پکين جي چهچاٽ، ڪريل سڪل پنن جو پيرن هيٺ اچڻ جو مخصوص آواز، ذهن جي گوشي ۾ اسٽور ڪيل دوستن جي آوازن جا پڙاڏا، گجگاه جهنگ ۾ شام وقت مختلف جيتن جو آواز ۽ ماٺار ۽ سناٽو سمنڊ جي ڪناري تي بيهي لهرن جي مدو جزر ۽ ڪشمڪش جو آواز ٻڌڻ بانسريءَ جي اداس لئي. ڪنهن نيم ڪلاسيڪي غزل يا ٺمريءَ جي جاذبيت، جانان (مسرت مرزا) جي خوبصورت ۽ وڻندڙ کلڻ جو آواز خود منهنجي اندر گونجندڙ، ٽٽندڙ، پکڙجندڙ، ٽڪرائيندڙ ۽ پڙاڏا ڪندڙ آواز، خير ان کان اڳ جو اوهين آوازن جي هن گاڏيءَ کي روڪڻ لاءِ سپيڊ بريڪر تعمير ڪريو، آءٌ خود پنهنجي آواز کي بريڪ لڳايان ٿي.

عبدالجبار: ڏکن جو خول چاڙهڻ ڪيئن آهي؟ بيڪس سائين چيو آهي ته ”ماهي مينون بخش ڏکاندا ڏاج“ اوهان ڪجهه چوندؤ؟

مرحب: دنيا ۾ ڪوبه شخص ڏک سک کان خالي ڪونهي. ڪجهه ماڻهن وٽ انهن جو تناسب مناسب هوندو آهي. جيڪي ماڻهو ڏکن جو نام نهاد خول چاڙهي پيا هلندا آهن، منهنجي نظر ۾ خودترسيت (Self pity) نرگسيت (Pessimsim) جو شڪار هوندا آهن اهي قابل رحم آهن. ڏک ۽ جذبا لڪائڻ جي شي آهي. اهو هر ماڻهوءَ جي حوصلي تي ڇڏيل آهي. مگر ان مان اهو نتيجو نه ڪڍجو ته آءٌ (بقول اوهان جي) ايترو کلندي رهندي آهيان، اهو ڪو خوشيءَ جو خود ساخته خول آهي اسين ته فقير ۽ مست ماڻهو آهيون جهڙا آهيون ڏسڻ ۾ اچون ٿا.

ها! ڏک سکن جي سونهن آهي. شاهه صاحب سچ چيو آهي.

عبدالجبار: ڇا اوهان مردم شناس آهيو؟

مرحب: ها! ڪجهه ڪجهه اهڙي هام هڻي سگهان ٿي.

عبدالجبار: ڇا صورتون ڪجهه چون ٿيون؟

مرحب: ڪجهه نه جناب ۽ گهڻو ڪجهه به دلين جا راز ظاهر ڪن ٿيون. ماڻهن جي ڪردار ۽ شخصيت جون عڪاس آهن جذبن ۽ احساسن جو عڪس ائين نظر اچي ٿو جيئن جهڪي پاڻيءَ ۾ عڪس ڏسي ڪي صورتون مقناطيسي هونديون آهن، جن ڏانهن هر ماڻهو ڇڪبو هليو ويندو آهي. ڪي بهار جون پيغامبر ۽ ڪي خزان جون نمائنده صورتون ماڻهن جا معاشي، معاشرتي، تمدني، مذهبي ۽ خانداني پس منظر ظاهر ڪنديون آهن.

عبدالجبار: ڪڏهن اوهان کي محسوس ٿيندو آهي ته ڪو اوهان سان محبت ڪري ٿو. ڪيئن لڳندو آهي؟

مرحب: ها! جبار صاحب آءٌ محبت جي پرک رکان ٿي ۽ ڄاڻان ٿي ته محبت جي خواه زبان نه هجي، پر جئن برسات موسم ۾ کنوڻ جو هڪڙو ئي چمڪاٽ دنيا جي وجود کي روشن ۽ عيان ڪري ٿو، بلڪل ان وانگر محبت ڪرڻ واري جي اک جي چمڪ پهريائين چغلي هڻندي آهي. محبت ڪرڻ واري جي اک ته جام جم آهي، جنهن ۾ اوهين هن جي پوري شخصيت کي ڏسي سگهو ٿا. درحقيقت محبت هڪ اندروني وهڪري جو نالو آهي، ان جي ظاهري يا خارجي هيئت يا شڪل صورت ته آهي ڪونه، اها هڪ برقي رو تحت پڪڙجي پوي ٿي ۽ جناب اهڙا بي حس ته پاڻ به نه آهيون جو چور نه پڪڙي سگهون.

اسان جي چئنل تي اهڙا سڀ پروگرام اچن ٿا ۽ ڏسي سگهجن ٿا. ليڪن فقط چونڊ پروگرام ڏسندي آهيان، سارا پروگرام نه.

عبدالجبار: اوهان کي خوبصورت محل ملي وڃي ته اوهين ڇا ڪندا؟

مرحب: اها ته خواب جي دنيا ٿي ويئي جبار صاحب. ذهني طور آءٌ ته دولت کي سڀڪجهه نٿي سمجهان ۽ محل يا ٻه محل مونکي خوش ڪري نه سگهندا. اهو عام عورت لاءِ خوشيءَ جو استعارو آهي. پر آءٌ خوشيءَ کان بيهوش ڪانه ٿينديس. دولت منهنجي نظر ۾ ثانوي حيثيت رکي ٿي.

عبدالجبار: عورت زياده مطلبي آهي يا مرد؟

مرحب: منهنجي خيال ۾ عورت وڌيڪ مطلب پرست آهي، محدود گهرجن سبب مرد جي دنيا وسيع آهي. عورت جي مطلب جي دنيا محدود آهي. عورت جي سوچ جو مرڪز گهر آهي. مطلب پرستي بني ته به خوفناڪ نه ٿيندي. مرد جي مطلب پرست نقصانڪار ۽ خوفناڪ آهي.

عبدالجبار: سج ۽ چنڊ مان اوهين ڪنهن کي پنهنجي مٺ ۾ وٺڻ پسند ڪندا؟

مرحب: (ٽهڪ سان) چنڊ به هڪ استعارو آهي. سج به قبضي ۾ ڪٿي ٿو اچي چنڊ رومانوي آهي. اڱڻ مان چنڊ کي ڏسڻ ۾ مزو اچي ٿو، ننڍپڻ کان ئي چانڊوڪي راتين ۾ عجيب ڪيفيت جو احساس ٿيو اٿم. مونکي چنڊ کڻي ڏيو.

عبدالجبار: اوهين پنهنجي پيرن تي بيٺا آهيو؟

مرحب: ها آءٌ پنهنجن پيرن تي بيٺي آهيان.

عبدالجبار: اوهان دوستيءَ ۾ قرباني ڏني آهي.

مرحب: نه مون دوستيءَ ۾ ڪابه قرباني نه ڏني آهي. محبت ڪئي اٿم.

عبدالجبار: قرباني ڏيڻ گهرندا؟

مرحب: وقت پيو ته وڏي ۾ وڏي قرباني ڏئي ڏيکارينديس، جيئن خواجه فريد چيو آهي.

ميرا عشق وي تون ايمان وي تون!

عبدالجبار: روز مره جي زندگي ۾ ڪوڙ ڪيترو ڳالهائيندا آهيو؟

مرحب: شعوري طور تي ڪوڙ ڳالهائي به وڃان، پر لاشعوري طور ته ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندي آهيان.

عبدالجبار: اڄوڪي گفتگو ۾ ڪيترو ڪوڙ چيو اٿو!

مرحب: 90 سيڪڙو سچ آهي. جئين اوهان نالا پڇيا هئا ته مون چيو ته خوشبوءَ جو ڪو نالو ڪونهي جذبن جو ڪو نالو ڪونهي.

عبدالجبار: چڱو جوابن ۽ ٽهڪن لاءِ مهرباني:

مرحب: مهرباني.

 

تاثر ۽ تبصرا


 

آجيان

آيا آس ٿيام ٻاروچا ڀنڀور ۾،
بسي پهر ٻنهونءَ جي، ننهن سيئن نيڻ ٺريام،
گوندر وسريام، سکن شاخون ڪڍيون.
                                           (حسيني) 6-1)

 

معزز اديبو، دانشورو، اُستادو شاگردو ۽ معزز حاضرين. سن کان پهرين آءٌ سنڌي شعبي، ڪانفرنس جي تنظيمي ڪميٽيءَ، استقباليه ڪميٽيءَ سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن، انتظامي عملدارن، شاگردن ۽ سڄي عملي پاران آيل اديبن، عالمن ۽ مڙني مهمانن کي خوش آمديد چوان ٿو. ڀلي ڪري آيا. اوهان جي اچڻ سان سچ پچ ته اسان جا اڱڻ اُجرا ٿيا ۽ نيڻ ٺريا.

جناب مير مجلس ۽ معزز مهمانو! ادب هڪ اهڙو موضوع آهي، جو هر ڪنهن کي پيارو آهي ۽ هر ڪنهن جي دل جو آواز آهي. ادب زندگيءَ لاءِ وندر ورونهن به آهي ته زندگيءَ جي معمولي توڙي گوناگون مسئلن حقيقتن جو ترجمان پڻ. سنڌي ادب به پنهنجي ابتدائي دؤر کان ارتقاء جا مرحلا طيء ڪندو هن پد تي پهتو آهي ۽ اڄ بلاشڪ سنڌي ادب انساني سماج جي اهم لاڙن جو علمبردار آهي. منهنجو خوش گوار فريضو هي آهي ته آءٌ اوهان جي آجيان ڪريان، ان موقعي جو فائدو وٺي سنڌي زبان ۽ ادب بابت به چند لفظ عرض ڪرڻ جي اجازت گهران ٿو.

سنڌي هڪ قديم زبان آهي جيڪڏهن موجوده زبان جي دؤر کان اڳ جي تاريخ جي پراڻي دؤر ۾ جهاتي پائبي ته سنڌ جي هڪ قديم زبان موجود نظر ايندي. سنڌ جي اُها قديم زبان موجوده زبان جو بنيادي روپ هئي. عرب سياحن ۽ جغرافيه دانن قديم سنڌ جي سياحت ڪري سنڌي زبان بابت جيڪي رايا ڏنا، تن موجب هيءَ زبان هڪ قديم زبان آهي ۽ جيڪو ادبي ذخيرو هن وقت مليو آهي. اُهو به اندازاً هڪ هزار سال پراڻو آهي.

گهڻو ڪجهه زمين دوز ٿيڻ کانپوءِ جيڪو ادبي ذخيرو مليو يا نشاندهي ٿي، اُن تي صابر رهڻو پيو، عربن جي قبضي (712ع) کان سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب نئون رخ ورتو، عرب دؤر کان پوءِ، سومرن جي صاحبيءَ (1050-1350ع) دؤران دودي چنيسر جي جنک جا بيت ۽ اسماعيلي داعين جا گنان ملن ٿا.

گنانن ۾ پير صدرالدين (1290-1409ع) جو ڪلام صاف ۽ سليس سنڌيءَ ۾ آهي. سمن، ارغونن، ترخانن ۽ مغل گورنرن جي زماني (1350-1719ع) ۾ ٻين شاعرن سان گڏ قاضي قادن (1463-1551ع) شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو (1538-1623) وڏا سنڌي شاعر ٿيا، جن جو اثر پوئين دؤر تي پيو.

معزز حاضرين! تصوف قديم سنڌي شاعريءَ جو اهم موضوع بلڪ سرچشمو رهيو آهي. اهل طريقت هونئن ته دنيا جي مختلف خطن ۾ موجود رهيا، پر مسلمان شاعرن تصوف کي ڪلام ۾ جيئن ظاهر ڪيو، اُن ۾ هو منفرد رهيا ۽ هند سنڌ ۾ تصوف تي مقامي اثرات به رهيا نه رڳو ايترو پر صوفي بزرگن عوام الناس جي تلقين سان گڏ انهن ۾ باهمي ڀائيچاري ۽ ٻڌيءَ جو پرچار به ڪيو. اسلامي اثرن جي ڪري مسلمان صوفين جي ڪردار کي يورپ جي نظرئي سسٽيسزم سان تعبير نٿو ڪري سگهجي. مذهب، مقامي اثرات ۽ طريقت جي امتزاج سان سنڌي صوفي بزرگن تصوف جي هڪ واضح شڪل پيش ڪئي، جيڪا شاهه عبداللطيف ڀٽائي (1689-1752ع) ۽ سچل سائين (1739-1819ع) شاعريءَ جي روايت ۾ انتها تائين پهچائي. انهيءَ ڪري سنڌ ۾ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي حڪومت واري دؤر (1719-1843ع) کي گهڻي ادبي اهميت حاصل آهي. صوفي شاعرن خاص طور بيت، وائي ۽ ڪافيءَ ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. انهيءَ ئي زماني ۾ عرب ايران جي ادبي اثرن سان گڏ شاعريءَ ۽ وزن جي سرشتي جو اثر به پيو. آخوند گل کان وٺي، مير عبدالحسين سانگي ۽ ٻيا ڪيترا شاعر عروضي ڪلام چوڻ ڪري نشانبر ٿيا. نثر سنڌيءَ ۾ آڳاٽو موجود هو پر انگريزن جي قبضي کان پوءِ باقاعدي تعليم کاتو قائم ٿيو، ڪتاب لکارايا ۽ شايع ڪيا ويا. ائين سنڌي ادب ۾ اڻويهين صديءَ جي آخر ڌاري مرزا قليچ بيگ هڪ اهم اديب جي حيثيت سان اُڀريو. اها سنڌي ۾ هڪ وڏي ادبي اُٿل ۽ علمي پالوٽ هئي، جنهن نثر ۽ نظم جي زمين کي سيراب ڪيو. اُن جو به هڪڙو پس منظر آهي. اُهو هي ته:

هونئن سنڌ جو علمي اوج هتان جي علمي مرڪزن جي تعليم تدريس ۽ تصنيف تاليف مان ظاهر ٿئي ٿو. مدرسن ۽ علمي مرڪزن جي عالمن جو بيش بها ادبي، ديني ۽ ثقافتي ورثو اڄ به اسان جو ڳاٽ اوچو ڪري بيٺو آهي. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي هاڪ هنڌين ماڳين پکڙجي ويئي. سندس ۽ ٻين عالمن جو گهڻو ادبي ۽ ديني ذخيرو اڄ به قلمي صورت ۾ موجود آهي.

هن سڄي علمي ادبي ۽ ديني ذخيري سنڌ جي ادب ۾ هڪ اهڙي شمع روشن ڪئي آهي، جو ارڙهين صديءَ جو علمي عروج ويهين صديءَ جي ادبي دنيا جي ترقيءَ جي صورت ۾ جرڪي رهيو آهي. موجوده دؤر ۽ موجوده صديءَ کي سنڌي ادب، تاريخ ۽ ثقافت ۾ گهڻي اهميت آهي.

ويهين صديءَ ۾ سنڌي ادب ترقيءَ جون منزلون طيء ڪندو ويو. خاص طور ناول، ڊراما، ۽ افساني جو ميدان ليکڪن جي طبع جي جولانين لاءِ کليل رهيو. سڀني صنفن مجموعي طور جيڪڏهن فقط چند نالا وٺجن ته اُهي هي آهن، ڀيرومل مهر چند، لالچند امر ڏنو مل، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڊاڪٽر دائود پوٽو، حڪيم فتح محمد، مولانا دين محمد وفائي، پروفيسر محبوب علي چنه، مولائي شيدائي، پير حسام الدين راشدي، جمال ابڙو، سندري اُتمچنداڻي، موهن ڪلپنا، آغا سليم، نسيم کرل، نجم عباسي، محمد ابراهيم جويو، شيخ اياز، غلام محمد گرامي، تنوير عباسي، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر نبي بخش خان ۽ ٻيا. جيئن مون عرض ڪيو ته هي فقط چند اديبن ۽ اسڪالرن جا نالا آهن. جن شاعريءَ، افساني، تنقيد ۽ تحقيق ۾ سچ پچ ته سنڌي ادب جو ڳاٽ اوچو ڪيو. سنڌ مان لڏي ويل اديب ۽ محقق به پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب جي جيڪا خدمت ڪري رهيا آهن، سا عالم آشڪار آهي. انهن کي وڌيڪ داد ڏيڻ کپي جو پنهنجي زمين کان پري هوندي به پنهنجي فرض کان غافل ڪونه آهن. اُتان جا جائزا ڪجهه هتي پهتا آهن ۽ ڪي ڪتاب به پهتا آهن، انهن جي آڌار تي چئي سگهبو ته تحقيق جي ميدان ۾ به ڪم ٿيو آهي، پر ناول ۽ افساني ڀارت ۾ وڌيڪ ترقي ڪئي آهي. ذاتي طور آءٌ پنهنجن دوستن ڊاڪٽر مرليترجيٽلي ۽ ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻيءَ کان متاثر رهيو آهيان جو هنن جي هر تحرير مون تائين پهتي آهي.

دوستو ۽ بزرگو! بيشڪ ادب اسان جي جيءَ جو جياپو ۽ ٻولي اسان جي زندگيءَ جو سرمايو ۽ ورثو آهي. پر اسان جي يونيورسٽيءَ جي ذريعي اسين هيستائين پهتا آهيون. سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ اُن جي سنڌي شعبي جي وجود ۽ ارتقا بابت معلومات هن موقعي تي شايع ڪيل سووينر ۾ موجود آهي. آءٌ فقط ايترو عرض ڪندس ته اسان جي سنڌي شعبي کي اهو اعزاز حاصل آهي ته دنيا ۾ پهريون سنڌي شعبو آهي. ان جو پهريون سرواڻ اسان جو استاد محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي. اسان لاءِ ڊاڪٽر صاحب جي علمي شخصيت ئي رهبريءَ لاءِ مثال بني اڄ دهلي يونيورسٽي، بمبئي يونيورسٽي، ڪراچي يونيورسٽي، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ سنڌي شعبا قائم آهن. پنسلو بنيا ۽ لنڊن مان لسانيات جي سلسلي ۾ سنڌيءَ تي ڪم ٿيو آهي.

سنڌي شعبو يا سنڌي يونيورسٽي، تعليمي ماهرن ۽ اڪابرن جي بي لوث خدمتن سان بنيا آهن. انهن ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي رهبريءَ جو وڏو دخل آهي. اوهين مون سان هن راءِ ۾ شامل هوندا ته علامه صاحب ۽ سندس جانشينن ڊاڪٽر رضي الدين صديقي، پروفيسر حسن علي عبدالرحمان، پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ خاص طور يونيورسٽيءَ جي علمي معيار کي اوچو ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي، محترم ڊاڪٽر رضي الدين صديقي اسان جو اڄوڪو اهم ادارو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي قائم ڪيو جنهن جو اُن وقت نالو سنڌي اڪيڊمي هو. اڄ سنڌالاجيءَ جي ريسرچ لئبرري، عجائب گهر، ۽ خاص طور اشاعت جي ڪم تي اسين بجا طور ناز ڪري سگهون ٿا.

اوهين مون سان متفق ٿيندا ته سنڌ يونيورسٽي فقط هنن عمارتن جو نالو ڪونهي. هي انهن علمي رهبرن جي اهليت، قابليت ۽ بي لوث خدمت جي جذبي جو ڪرشمو آهي، جو اڄ اسين فخر کان ڳاٽ اوچو ڪري سگهون ٿا آغا تاج محمد نالي کي ته رجسٽرار هو، پر آغا صاحب به هڪ عالم ۽ اديب هو. اُستادن ۾ ڪهڙا نالا وٺجن، سب روشنيءَ جا منارا هئا. آءٌ پنهنجي تسڪين لاءِ ئي چند نالا ياد ڪيان ٿو: قاضي احمد ميان آختر، پروفيسر جميل واسطي، پروفيسر علي نواز جتوئي، ڊاڪٽر بلوچ، ڊاڪٽر نياز الحق، ڊاڪٽر هاليپوٽو، پروفيسر شفيع محمد ميمڻ، ڊاڪٽر قاضي ممتاز علي، ڊاڪٽر قاضي محمد علي، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان، مسز آمنه خميساڻي، ڊاڪٽر قاضي نبي بخش، ڊاڪٽر مير نور محمد، پروفيسر غلام حسين جلباڻي ۽ جوان سال ڊاڪٽر سيد وڏل شاهه.

هنن بزرگن ۽ يونيورسٽيءَ جي رهبرن يونيورسٽيءَ کي بنايو. تعليم ۽ تربيت جي ڪم سان گڏ غير نصابي سرگرميون به ٿيون. ادبي ميدان ۾ به ڪي اهم قدم کنيا ويا. آءٌ فقط هتي پنهنجي شعبي جي ڪيل علمي ڪم بابت به لفظ عرض ڪندس، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن هونئن ته فقط سنڌي شعبي جي ملڪيت نه آهن. پر ڇو جو شعبي جا سرواڻ رهيا اُن ڪري سندس ڪتابن کي شامل ڪري حساب لڳايو ويو ته سنڌي شعبي جي استادن جا لکيل ڪل ڪتاب 200 جي قريب آهن. مقالن جو ته ڪو شمار ئي ڪونهي. تفصيل به شامل ڪيل آهي.

هن پايي جي ادبي ڪانفرنس ته هيءَ ئي آهي پر ماضيءَ ۾ شعبو ڪيتريون ئي ادبي گڏجاڻيون، ميڙ ۽ معرڪا ڪري چڪو آهي. هيءَ ڪانفرنس سنڌ جي اُن علمي زنجير جي هڪ ڪڙي آهي، جنهن کي سنڌي ادبي ڪانفرنس جي مشهور نالي سان ڄاتو وڃي ٿو. 1922ع کان ادبي ڪانفرنس جو رڪارڊ ملي ٿو. هي رڪارڊ پروفيسر اياز قادري جي ڪتاب ٿيسز سنڌي غزل جي اوسر ۾ موجود آهي.

دوستو ۽ بزرگو! هن ڪانفرنس جي پويان منهنجو ۽ منهنجي ساٿين جو جذبو ته ڪارفرما آهي، پر اُن جذبي کي اسين ڪٿي وڪڻي ڪانفرنس جي سڪي ۾ تبديل ڪريون ها، جي خريدار نه هجي ها! هن سون کي اسين صراف وٽ کئي وياسين، جوهريءَ هڪ پل به نه وڃايو ۽ جوت کي جوت ڏيڻ لاءِ هڪدم ڪمر ڪشائين. بحيثيت وائيس چانسيلر جي فقط دستوري طور به محترم مظهرالحق صديقي هي مانڊاڻ منڊي سگهيو ٿي. پر مون کي فخر ۽ خوشي آهي ته پاڻ ذهني طور به ملوث ٿي ويو ۽ ڪانفرنس کي قائم ڪرڻ ۾ جيڪا رهبري، مدد ۽ محنت ڪيائين سا اوهان جي اڳيان آهي.

اسان سڀني کي خوشي آهي، جو اوهان تڪليف وٺي اسان جو عرض اگهايو. آءٌ آخر ۾ عرض ڪندس ته ميزبانيءَ ۾ ڪوتاهيون ٿين ٿيون. اوهين سنڌي زبان، ادب ۽ ثقافت جي بنيادي تاثر جي ترجماني ڪندي اهڙي ڪوتاهي درگذر ڪندا، اها مون کي اميد آهي.

آخر ۾ آءٌ وري به چيئرمن ڪانفرنس، پنهنجي ۽ سڀني ساٿين ڪارڪنن ۽ شاگردن جي پاران اوهان سڀني جا ٿورا مڃيان ٿو. اوهان جي ۽ خاص طور محترم مير مجلس جي آجيان ڪريان ٿو.

پيشانيءَ ۾ پرينءَ جي، ڀلائيءَ جا ڀير،
اڱڻ اُڪنڊين جي، ڏي پاٻوهيو پير،
قمر پاڙي ڪير، شمس سپرين سان.

      (کنڀات 1-2)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org