سيڪشن: ادب

ڪتاب: زنبيل

باب:

صفحو:29 

پهاڪن جي پيڙهه اکوڙڻ بابت چند رايا

اوهان ڪيترا پهاڪا ٻڌا هوندا ۽ انهن جو مطلب به سمجهندا هوندا. جن پهاڪن جو ذڪر هن مضمون ۾ ڪرڻو آهي سي تمام ناميارا ۽ گڏوگڏ بدنام آهن. معنيٰ به سولي اٿن پر هنن جي سچائيءَ ۾ مون کي شڪ پئجي ويو آهي. اُن جو هڪڙو سبب پهاڪن جي جهونائي به آهي. ڪٿي ڪٿي ته ڪم ئي نٿا اچن. هن هيٺ اهڙن غلط پهاڪن مان سورهن پهاڪا چونڊي انهن جو بنياد پٽڻ لاءِ ڪجهه عرض ڪريان ٿو.

1. الله به سڃاڻي سڱ ڏي ٿو: اهو ته صحيح آهي ته الله سڱ نه ڏي ٿو ۽ ڪن به! سڃاڻي ئي ڏي ٿو. مثال طور مينهن جا سڱ ڍڳيءَ کي ڪونه ٿو ڏي. گڏهه ۽ گهوڙي کي فقط ڪن ڏنا اٿس ان لاءِ ته سڱن جي بار کان سواءِ هر ڳالهه چٽائيءَ سان ٻڌي سگهن. ٻنهي کي ڊيهه هڻن جو اختيار ڪونهي پر لت عرف پستي هڻن کان ڪير به روڪي نٿو سگهين. ٻئي ڀائر نهايت شائستگيءَ سان پستي هڻندا آهن.

الله ته برابر ڏاتار آهي پر هنن همراهن کي انهن معمولي سڱڙن جي گهرج به ڪونهي. سڱ ته ڦاڙهي کي به آهن. هاڻي ياد ڪريو اُنهن سڱن وارو اهو سبق، جيڪو سنڌي اسڪول ۾ پرهيو هوسين.

2. لعل به لڀي، پريت به رهجي اچي: جيتوڻيڪ هن پهاڪي واري جي مطالب آءٌ پوري ريت سمجهي نه سگهيو آهيان ته به سمجهان ٿو ته هڪ تير سان ٻه شڪار ڪرڻ جو مفهوم رکيو اٿس. لعل لڀي پنهنجي کيسي ۾ رکجي ۽ ٻئي کي رڳو پريت جي گيري ۾ رکجي؟ نه ايئن نه هوندو! پهاڪي وارو ايترو مطلبي نه هوندو. آءٌ ڀانيان ٿو ٻين سان اهڙو ورتاءُ ڪرڻ جي هدايت ٿو ڪري، جنهن سبب گهڻي وڳوڙ ۽ ڪريت کان بچي پئجي. پر اسان اهڙا ماڻهو ڏٺا آهن، جيڪي هڪ عمل سان لعل وڃائي ۽ پريت ڦٽائي ڇڏيندا آهن ۽ مسلسل اهڙو عمل ڪندا آهن، جنهن سان گوڙ وڳوڙ وڌندو رهندو آهي. اهڙن ماڻهن کي هدايت خاطر به اهو پهاڪو ڪمائتو آهي پر پهاڪن سان ڪو ماڻهو سڌرندا آهن ڇا؟ مال ڀيل ڪندو آهي ته اُن لاءِ ڍڪ ۽ ترم جو دستور پيو آهي.

3. بک ۾ بصر به مٺو: اسان جي پاڙي مان هڪ ماڻهو چين ويو هو. اُن ٻڌايو ته چيني بصر ايئن کائيندا آهن ڄڻ ٽافيون پيا کائين! سوال ٿو پيدا ٿئي ته ههڙي خوشحال قوم بک کان ته بصر ڪونه ٿي کائي. چين کي ڇڏي سنڌ جو مثال وٺو ته هتي جيڪڏهن بصر کائبو ته هروڀرو بک کان ڪونه کائبو! بصر هڪ ڪمائتي غذا آهي ٻوڙ ٻاڙي جو ته نڪ آهي. خاص ڪري هن پهاڪي ۾ لفظ ”مٺو“ اعتراض جوڳو آهي. منهنجي تجويز آهي ته پهاڪن جي ايندڙ خريف ۾ ڪو ٻيو مناسب لفظ آندو وڃي.

4. بک بڇڙو ٽول دانا ديوانا ڪري: بک بڇڙو ”ٽول“ ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ ”ٽول“ معنيٰ شئي. شئي کائبي ته بک ئي نه لڳندي. مطلب ته اچو ته بک ته ديوانن کي داناءَ بنائيندي آهي. پيٽ ڀرجڻ سان ته ڪيترا بکيا، پڇ ڍاوا (پوءِ ڍاوا) اِٽون، پستيون ۽ هٽلري لتون هڻندا آهن. ٿوم مان زعفران بنجي چنڊ تي مڪون پيا اُلاريندا آهن. پيءُ کي ”پوڙهو“ ۽ ماءُ کي پوڙهي“ سڏيندا آهن. پاڇي کي پاڻ سان ڪونه هلائيندا آهن. سوپاري ته ڦوڪ سان ڀڃي ڇڏيندا آهن. اُن ڪري اهڙن کي وري هڪ بک ڏجي ته چريائيءَ جو کيپ لهين ۽ سڌا ٿين. هاڻي اهو پهاڪو کڻي هيئن بنائجي. ”بک بڇڙو ٽول ديوانا دانا ڪري.“

5. ٻلي شينهن پڙهايا ڦر ٻلي ڪون کانوڻ آيا: سرائڪيءَ جي هن پهاڪي ۾ ته بنيادي چوڪ آهي. هڪ ته ٻلي ۽ شينهن هڪ ڪلاس روم ۾ گڏ ويهي نٿا سگهن. ٻلي شينهن جي دهشت جهلي ئي نه سگهندي. ڪتاب کولي پڙهائڻ يا ليڪچر ڏيڻ ته پري رهيو. پراڻن قصن ڪهاڻين وارن اهو لکيو آهي ته ٻليءَ مان ارتقا ڪري شينهن بنيو آهي. جيڪڏهن ائين هجي ها ته ٻلن جي کوٽ ٿي وڃي ها ۽ دنيا ۾ فقط شينهن رهجي وڃن ها. اُن ڪري ته ڊارون کي اسان ۽ اوهان گڏجي شڪست ڏيئي ڇڏي آهي. ان دليل سان ته جي اسان ڀولڙي مان ارتقا پذير ٿي بنيو هجي ها ته ڀولڙن جو پنهنجو نسل ته ختم ٿي وڃي ها. اُن ڪري هن پهاڪي وارو به ڀليو ٿو ڏسجي. البت هڪڙو مثال ياد اچيم ٿو، ايم. اي ۾ هڪڙو ڪلاس ڀائي مون کي اڪثر چوندو هو ته: هن سال اسين به ايم. اي پاس ڪنداسين. پوءِ اسان ۽ هنن پروفيسرن ۾ فرق ڪهڙو رهندو، اسين به انهن جهڙا ٿي وينداسين.“

پر اهو ته هڪ سئڪالاجيڪل ڪيس آهي!!

6. ٻه ڀائر ٽيون ليکو: هن پهاڪي کي جيڪڏهن خميسي ڏٺڙ جي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪبو ته Tow brothers third Arithmetic ٿيندو. ليکو هونئن به ڏکيو سبجيڪٽ آهي. آءٌ چاهيان ٿو ته ٻن ڀائرن جي وچ ۾ اهو نه رهڻ کپي. اُن جي بدران سوشيالاجي، جاگرافي ۽ تاريخ ٻن ڀائرن جي وچ ۾ ضرور رهڻ کپي.

حقيقت ۾ ٻن ڀائرن جي وچ ۾ قدرتي محبت رهڻ کپي. ڀائرن به جي ويهي ليکو ڪيو ته سج ئي لهي ويندو. خميسي ڏٺڙ کي ڇا آهي؟ رڳو اجايا پهاڪا پيو پهي. هي پهاڪو هيئن هجي Two strangess third Arithmetic يعني ٻه ڌاريان ٽيون ليکو.

7. جيئرو ته لک جو مئو ته ڪک جو: اچو ته پهريائين هن پهاڪي جي ٿوري حمايت ڪريون. اُهو هن ريت ته ڪي ماڻهو دوست جي ٻليءَ جي کنگهه جي علاج لاءِ ته ڊاڪٽر پيا وٺيو ايندا پر جي دوست دنيا کان منهن موڙي بهشت ڏي قدم ٿو وڌائي ته ڳولهيا هٿ نٿا اچن. واقعا اوهان به ڪي ڏٺا هوندا مون به ڪي ڏٺا آهن. اُنهن کي ڏسي اڃا پهاڪي واري کي هار پارائڻ لاءِ تيار ٿيو هوس ته اندر واري پهاڪا ٽوڙ چيو ته نه اُهو جئرو به لک جو نه هو. ماڻهن رڳو هن کي ٺڳيو ٿي. جيڪڏهن ڪنهن کي هن معاملي جي اُپٽار ڪرڻي هجي ته آءٌ وڏي خوشيءَ سان ٻڌندس.

8. جيڏا اُٺ تيڏا لوڏا: جيڪڏهن هن جي معنيٰ اها آهي ته ”وڏا اُٺ ته وڏا لوڏا ايندا“ ته پوءِ هي پهاڪو بنهه غلط آهي، جئرا جاڳندا مثال پيا آهن. مون سان گڏ هڪ ڏينهن بس ۾ بدين هلو ۽ واپس جيپ ۾ اچو ته اوهان کي لوڏن جي خبر پوي. پوءِ ڏسو ته لوڏا وڏي سواريءَ ۾ وڏا آهن يا ننڍي سواريءَ ۾! اُٺ تي ئي چڙهڻو آهي ته پوءِ سپر هاءِ وي تي اُٺ وٺي اچو.

9. چري ڀونڊي ۾ خوش: اُها ڪا پراڻي زماني جي ۽ ٻهراڙيءَ جي ڪا اڻپڙهيل، اَڻ سڌريل ۽ غير فيشني چري هوندي، هاڻي ته چريون ماڻهن کي ڀرپور ٺونشو هڻن کان پوءِ به خوش نه آهن. اعتبار نه اچي ته حيدرآباد جي راحت سئنيما وٽان لنگهي ڏسو. جيڪڏهن رحمان بوڪ بائينڊر وٽ پهچڻ تائين ڪلهي جي مالش نه ڪندا وڃو ته چري چري ناهي. اڃا به جي چريءَ کي ڀونڊو ڏيڻ جو شوق آهي ته ساٽين جي پاڙي واري صابو چريءَ کي ڀونڊو ڏيئي آزمائي ڏسو.

عرض آهي ته هي خلائي دؤر آهي. خلائي طرز جي چرين کان پاسو ڪرڻ کپي. پهاڪن ٺاهڻ وارا ته غير خلائي ڳالهيون سوچيندا آهن.

10. چڱا سي جن جا پويان چڱا: هيءَ ڳالهه ته اڄڪلهه جي اولاد کي رد ڪرڻي آهي. سندن عمل سان جيڪڏهن پوين جي چڱائي پهاڪي واري کي ريٽڻي آهي ته خير، باقي چڱن جي نمائندگي ڪندي، آءٌ هن پهاڪي کي رد ڪرڻ لاءِ گذارش ٿو ڪريان.

سڄڻ پيٽان وڍيا پئي ڄاوا آهن. اولاد اُٿي اُبتا پير کڻندو ته وڏن جي چڱائيءَ جو پروانو رد ته نه ڪبو، پويان چڱا هوندا ته مائٽن جو نالو پيو ڳائبو. سوين مثال ملندا جن ۾ اولاد مائٽن جي بنهه اُبتڙ نڪتو آهي. ۽ ته به هڪڙي جي چٽي ٻئي تي ڪانه پوندي.

11. خون ۽ کٿوري ڳجها ڪين رهن: خون ته پئسن جي چمڪاٽ پٺيان لڪي ويندو آهي ۽ کٿوريءَ کي به سائنس وارن جي حمايت سان اهڙن دٻن ۾ بند ڪري سگهجي ٿو، جتان ذرو به بوءِ نٿي اچي سگهي. پهاڪو رد.

12. رت دانگيءَ تي به وري پوي: بنهه بيڪار دليل آهي. دانگيءَ تي رت وريو ته ڇا ٿي پيو، مغلن جي تاريخ پڙهي ڏسو. سنڌ ۾ ترخانن جا ڪارناما پڙهي ڏسو ۽ ڪلهوڙن جي آخري حاڪمن جا ڪم نظر ۾ رکو ته خبر پوندي ته اُنهن رت جي رشتي تي ڪهڙا نه وحشي ٽهڪ ڏنا.

13. ماکي نه ڏسي وڻ، زال نه ڏسي وڙ: ماکي وڻ نه ڏسي ته ڀلي نه ڏسي، پر زال ته وڙ ڏسندي آهي، اُن کي ته زال ئي ڪونه چئبو آهي. اڌ پهاڪو صحيح آهي. پويون اڌ رد ٿو ڪجي.

14. هڻ ڌيءَ کي سکي ننهن: بلڪ آءٌ چوان ٿو ته هڻ ننهن کي ته سکي ڌيءَ پنهنجي سڪيلڌي ڌيءَ کي ڇو ڌڪ هڻجي! هڻجي پرائي ڌيءُ کي جيڪا مائٽن سس سرڪار جي خدمت ۾ ’ٻانهي آهيان گولي آهيان‘ جي راڳ سان رواني ڪئي آهي. راڳ نه ڳائي ته ڌڪ نه ته به کٽ پٽ، گار گند ته ڪجيس. مائٽن کي، بلڪ ستن پيڙهين کي لوئجيس. اڃان به سڌي نه ٿئي ته پوءِ ڪوشش ڪري گهر مان ڪڍجيس. ائين ڪرڻ سان من ڌيءَ سکي! پوءِ به نه سکي ته کٽن ڀاڳ پهاڪي واري جا.

15. نيم طبيب خطره جان نيم ملا خطره ايمان: پهاڪو سڄو سون آهي، پر نئين زماني جي طبي تحقيقن، جراحت، ماهر امراض فلان فلان ۽ ديني علوم جي افراط عرف جهاجهه بمعنيٰ گهڻائيءَ جي، لفظ ”نيم“ ٻنهي هنڌان خارج ڪري فقط طبيعت ۽ ملا ڪري پڙهو ته صحيح لطف اچي.

16. راجا جي گهر ڪو موتين جو ڪال: بلڪل کوٽو ۽ نسورو جعلي پهاڪو آهي. راجائن کي کوٽ کنيو تڏهن راجايون ختم ٿيون. وٽن موتين جا خزانا کٽن نه ها ته راجايون به ختم نه ٿين ها. جيترو وقت وٽن موتي هئا، اوترو وقت راجائي هلايون. هاڻي جڏهن راجائي وئي ته خلق کان پئسو ڇڪڻ لاءِ جمهوريت بلڪ منهنجن لفظن ۾ سرمايه دارانه جمهوريت ٺاهي اٿن جيئن ٿا پئسا ڪمائين تيئن ٿي پئسي جي لالچ وڌين. ڏسڻ ۾ ڍنگ پيا اچن پر ويچارن جا بئنڪن جي قرضن ترا ڪڍي ڇڏيا آهن. سچن موتين جو وٽن ڪال آهي، پر موتين جهڙن لڙڪن جي وٽن کوٽ ناهي، اُنهن جو وٽن ڪال ڪونهي.

 

پکيئڙو اڃيوئي اُڏامي ويو

 

جهاز ٽيڪ آف ڪيو، فادر جي دل ۾ پهرين هوائي سفر ڪرڻ جو جوش، خوشي ۽ تجسس هجڻ کپي ها، پر ائين نه هو. هن جي دل ۾ جيڪي هو سو سندس ڪوماڻل چهري مان ظاهر هو. بيماري هن جي اندر کي کوکلو ۽ جسم کي نستو ڪري ڇڏيو هو. ته به ڪڏهن ڪڏهن هن جي چهري تي مرڪ پکڙجي ٿي وئي. جڏهن هن پنهنجي ڳوٺ ۾ پنهنجي ننڍپڻ کي تصور ۾ ڏٺو ٿي. ڳوٺ جو ماحول فطرت جا وڻندڙ انگ ۽ رنگ، پنهنجن ڀائرن کي! پنهنجي پيءُ کي ٻنيءَ ڏي ايندي ويندي ڏٺو ٿي ته سندس چهري تي ڳوٺ جي نظاري جا رنگ آيا ويا پئي. هو ڪيترو وقت انهن خيالن ۾ گم رهيو تان جو جهاز جي ڪنهن هوائي اڏي تي لهڻ ڪري سندس خيالن جو سلسلو ٽٽو ۽ انهيءَ سان گڏ کيس جسماني تڪليف جو به احساس ٿيو. چهري تي به درد جون ريکائون ظاهر ٿيون. هن کي علاج لاءِ آمريڪا نيو پئي ويو. جسماني تڪليف جي ڪري هو بيقرار هو. هو جسماني تڪليف ۽ سور پي ويو. فلم وانگر ماضيءَ جي هر ڳالهه وري هن جي ذهن جي پردي تي اچڻ لڳي. هو ياد ڪري رهيو هو. آواز چپن ۾ هڪ قسم جي لرزش به هئي. هن شايد ان رات کي پئي ساريو:

اها رات هرو ڀرو ايتري مايوس ڪندڙ نه هئي، پوءِ به ڄڻڪ قادر جي دل تي بار پئي محسوس ٿيو: ”شهر جا الائي ڪهڙا ڪهڙا رستا پيرن هيٺان ڪڍي موٽيا هئاسين. ڪيترن واٽ ويندن کي پنهنجي پر ۾ گهٽ وڌ ڳالهائيندا، ڪمينو ڄاڻندا ۽ ڪچيون گاريون ڏيندا موٽيا هئاسين. اهي اسان ٻنهي جي زندگيءَ جا ڪهڙا ڏينهن هئا!“

”وري ڪن خوبصورت واٽهڙن جي اکين کي ساراهيندا ۽ داد به ڏيندا آيا هئاسين. حقيقت ۾ اسان ٻنهي جي گهڻي بيقراري اُن ڪري هئي. بيقراري به اِهڙي جو ائين پئي لڳو ته ڪي ڦاسيءَ وارا قيدي هئاسين ۽ زندگي جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ آخري رات پئي لڳو ته جلد ڪومڪروه ۽ بدصورت جلاد اسان ٻنهي کي زندگيءَ جي ڏکن کان آزاد ڪري ڇڏيندو.“

”يا ڪو خوبصورت چهرو جيڪو سئنيما وٽ نظر آيو هو سو اسان کي پاڻ سان وٺي شهر جي ڪنهن خوبصورت باغ ڏي هليو ويندو. پر ڪنهن کي وٺي ويندو؟ مون کي يا منهنجي دوست کي؟“ قادر دوست کي چيو هو. ”ڪيئن اهڙيون اکيون ڪڏهن ڏٺيون اٿئي.؟

”هونئن ڪو رڪارڊ ڪو نه رکيون اٿئون، پر ڏٺيون هوندم“. عبيد چيو هو. ”چڱو سمهي پئو جي داد ڏيڻ نٿو ڄاڻين ته بهتر آهي سمهي پئو.“

”تون به ڪو شعر ته نه پڙهي رهيو آهين، جو داد ڏيان؟ عبيد چيو.

”چڱو! ڪباءِ ڪنهن جي تعريف ته گاريون ڏيانس.“ قادر جواب ۾ چيو، ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيائين. عبيد چيو، ”گاريون هونئن ئي اڄڪلهه گهڻيون پيا ڏيون.“ پوءِ اجرڪ منهن تي وجهي ڇڏي هئائين.

”صبح جو اُٿي ٻئي زندگي جي معمول جي مطابق روانا ٿيندا هئاسين، ڄڻڪ ڪا اهڙي ڳالهه نه هئي، جنهن اسان کي رات ستايو کئي.“ قادر دير سان اٿندو هو ۽ قميص جا بٽڻ بند ڪندو بئنڪ هليو ويندو هو. اُٻهرو اهڙو هو جو اڪثر ڪائونٽر تي وڌيڪ پئسا ڏيئي ڇڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هر رات ٻئي راحت سئنيما وٽ گوشت ۽ ڪباب کائيندا هئا. قادر محسوس ڪندو هو ته مرچ گهڻا آهن، سينو ٿو جلي. عبيد چرچو ڪري چوندو هو ته ”اُن ڪري آهي جو بئنڪ ۾ ڀل ڪري وڌيڪ پئسا ڏيئي پنهنجو نقصان ڪري آيو آهين!“

قادر کي اڪثر ته پرواه ئي نه هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن بئنڪ ۾ ماڻهن سان وڙهي به پوندو هو. جوش گهڻو ايندو هوس. ٻنهي کي هڪ ٻئي جي جوش ۾ اچڻ جا سبب معلوم هئا. ”هي سڀ ڳالهيون قادر جي ذهن جي پردي تي فلم وانگر هلي رهيون هيون. ٻئي ڪڏهن عورتن وانگر روئندا به هئا. هڪ ڀيرو عبيد جي ٿوري ڇيڙ ڇاڙ تي اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو ته ماٺ ئي نه ڪري ته عبيد به کيس ڳراٽڙي پائي اچي اوڇنگارن ۾ پيو. ٻئي ڏينهن اُن ماتم بابت مس وڃي ڳالهائي سگهيا هئا:

”سرڪار، خير هو ڪلهه؟“ عبيد پڇيو.

”ڪلهه ميرپور ويو هوس انهن روئاري موڪليو هو.“ قادر جواب ڏنو هو. عبيد اچي کل ۾ ڇٽڪيو. قادر کان به کل نڪري ويئي ۽ چيو هئائين ”کل کل، سڀاڻي ڪراچيءَ مان روئيندو موٽندين ته ڏسنداسين.“

اڪثر عبيد قادر کي پرچائيندو هو. حالت ٻنهي جي هڪجهڙي هئي. هڪ ٻئي جو سهارو به هئا، روئڻ ۽ کلڻ ۾ اچي ڇٽڪندا هئا ته ڪو ڏسڻ وارو هجي ها ته داد ڏي ها.

الائي ڪيڏي مهل جهاز لٿو ۽ کيس جهاز مان لاٿو ويو. هن جي خيالن جو سلسلو ٽٽو ۽ تڪليف وڌي. علاج لاءِ کيس نيويارڪ جي هڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. عزيز ته اڪثر ٿوري فرحت ڏسي پر اميد ٿيندا ويا. ڪي تپاسون ٿيون ۽ دوائون مليون. حالات اهڙا هئا جو مريض کي واپس آڻڻو پيو. تڪليف هئس، بس هاڻِ هن لاءِ زندگيءَ جو ڪو آسرو نه رهيو هو. ان حال ۾ به ماضيءَ جون ڌنڌليون يادگيريون هن ۾ هيون. جهاز اُڏاڻو ته يادون هڪ هڪ ٿي وري اچڻ لڳيون. هن ياد پئي ڪيو ته، ”جڏهن هو ڪاليج ۾ ڪلرڪ ٿيو هو ته هن جي عبيد سان ملاقات ٿي، جنهن هن کي نه رڳو محبت ڏني، پر محبت جو مفهوم به سمجهايو.

عبيد اُتي ليڪچرر هو. هن کي معلوم ٿيو ته محبت ڪو معمولي جذبو نه آهي، رڳو ٻن جي وچ ۾ هڪ ڏور نه آهي، پر هي هڪ اهڙو رشتو آهي، جيڪو دنيا کي هڪ ئي لڙي ۾ پوئي ٿو ڇڏي. سندس دوست عبيد به ڪنهن سان محبت ڪئي هئي. محبت کي حاصل به ڪري سگهيو هو ۽ محبوب کي نه، محبوب سان فقط روحاني رشتو ئي رهجي ويو هوس، جنهن هن جي زندگيءَ جي ڪايا پلٽ ڪري ڇڏي هئي. عبيد جو ساٿ هن کي وري وري ياد ايندو هو. ڪراچي، بدين ۽ نوابشاهه ۾ نوڪريءَ ۾ رهيو. اُهائي بئنڪ اُهو ئي طريقو. هو نوابشاهه ۾ گهڻو وقت رهيو ۽ شادي به ڪيائين. اُن شاديءَ هن جي بيقرار من کي ايترو شانت ڪيو، جيترو جيٽ جي پرواز شانت هئي. هن جون سڀ بيقراريون هليون ويون. هن کي تانيه جي چمڻ جو ڏينهن ياد پيو. هو ڪيترو پرجوش ۽ ساڳئي وقت ڪيترو پرسڪون بنيو هو. اُهو سڪون ان وقت کيس حاصل نه هو جڏهن هو عبيد سان گڏ نزاڪت علي سلامت علي کي ٻڌڻ لاءِ ويندو هو ۽ واپسي تي ٻئي ڳائيندا ڳائيندا جهومندا جهومندا موٽندا هئا. اُهو ٻنهي لاءِ مستي جو دور هيو. دنيا جهان کان بي خبر، يونيورسٽي جي پراڻي ڪئمپس ڏي موٽندا هئا. اُهي ڏينهن ياد ڪندي قادر جي چهري تي مسڪراهٽ آئي. هڪ پر درد مسڪراهٽ. هن زندگي جو آسرو لاهي ڇڏيو هو. دل پئي چيو ته وطن پهچي ٻچن سان هڪ ڀيرو ملان. دوستن جي پيار ڀرين نظرن ۾ هڪ ڀيرو اچان. هڪ ڀيرو عبيد کي ڏسان، بخاريءَ کي ڏسان، عنايت لانگاهه سان ملان. فقط هڪ ڀيرو سيماب ڪلينرز تي ويهي حيدر چوڪ ٽرئفڪ جو نظارو ڪريان. هي سڀ ڳالهيون هن جي ٿڪل ذهن ۾ پئي آيون. هن جو نٻل جسم تڪليف جو بار سهي نه پئي سگهيو.

قادر وطن پهتو پر جئن پوءِ تيئن ڪمزور ٿيندو ويو. هتي به علاج هليو پر فائدو نه ٿيو. جئن دوا وٺي موٽيو هو ۽ پاڻي گهريائين تيئن پيار سان پر دل جهري پيئي ۽ پکيئڙو اُڃيو ئي اُڏامي ويو. فاني جسم کٽ تي ڪري پيو.

هاءِ حياتي، هي ٿوهر جو وڻ!

 

غاريبو گذران

 

ڪي ڪي ماڻهو بي سمرا، در تي ڪا انڌي منڊي ٽڪ هجين ته صبح ساڻ ڀاڳين جي ڀاڻن تي نه رلن. سج ڪني ڪڍي نه آهي ته ٺڪر جو لوٽو هٿ ۾ ڪري، اڌوتي منهن ۾ نماڻيءَ صورت سان سنگهارن جي سَٿَ ۾ پهتا نه آهن. سَت پُريالا ڀاڳيا، پنهنجي گفتگو ۽ عمل سان جهڻ وٺڻ واري کي ڪڏهن ڪونه ڏکوئين. رڳو ڪي ننڍيءَ گجيءَ واريون مايون لوٽي جي لالن کي ڇڙٻ به ڏيئي ڪڍن. چي، صبح ساڻ لوٽن جي قطار ڏسي مون کي ته عجب ٿو لڳي. کير جي هڪڙي اونڌي ڪرسي، کاٽائو پٽ گهڻا! ائين چوڻ مان مراد پنهنجي وجود جي تسليم ڪرائڻ جي آهي. اهڙا ٻاڙا ٻول جهڻ وٺڻ وارا سهيو وڃن، ڇو جو ڳنڌ جي تنگيءَ سبب نڪ جا جيڪو سو ڏاڍا ٿيو وڃن.

شابس هجي انهن ڀاڳين کي، جي ذرو به منهن ڪونه گهنجائين. سايون سنگهاريون، مکڻ مان هٿ ڪڍي، پهريائين آيل لوٽن جي قطار کي مرڪندڙ منهن سان ڀرين.

پوءِ اطمينان سان هاج مان هٿ ڪڍي، ماٽيءَ کي ڍڪي، مٿان اُڳيڇڻي ڏيئي ڇڏين. کير مان خير سان هٿ ڇڏايائون، ۽ تنهن سان گڏ غريب پاڙيوارن جي خذمت جو حق به ادا ٿي ويو.

مالدار ماڻهو مال جي ٽهل ٽڪور گهڻي ڪن. گهرن جي ڀرسان يا ٿورو پر ڀرو، مال جي وٿاڻ وٽ صبح ساڻ جيڪو رنگ رچي، سو مٿينءَ تصوير ۾ نظر اچي پيو. هتي ڀاڳيو بيفڪريءَ سان ڏندڻ پيو ڏئي ۽ سندس واهي مينهن پيو ڏهي. سياري جي موسم آهي، ٻيا همراهه ٽانڊي تي هٿ پيا سيڪين ۽ ٻيڙين جا سوٽا پيا هڻن. اهي همراهه به ڀاڳيا ٿا ڏسجن، نه ته صبح ساڻ ائين ٻيڙين مان سوٽا نه هڻن ها پر هٿ ۾ لوٽو هجين ها.

ڀاڳين جون ڳالهيون به ڳڻڻ کان گهڻيون آهن. ’مان مان‘ ڪري مينهن کي نال ڪن. مينهن کٽر هجي ته ان سان ڪاروائي به سخت ڪن. نال ڪرڻ تي ڍڪي مڙي ته سرها ٿين. ڀاڳئي کي ڀاڳيو مليو ته پوءِ ڪير خبرون ويهي ٻڌي. ”ادا، مورَ اَماڙي تي آهي.“ ٻيو وري ڏس ڏيندو. ۽ ويهي روح رهاڻ ڪيائون، ته به رڳو کير ۽ مال جي مرض تي گفتگو ختم ٿيندي. هنن جي دنيا ئي پنهنجي آهي، اسان اوهان جي جاءِ ناهي.

”زندگي، تو لاءِ چئه ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي!“ غاريبي گذر لاءِ ولها جر جهنگ ۾ حيران. کڙيون کهه سان ڀريل، پگهر ۾ شم. ڪهاڙو ڪلهي ڪري، ڪاٺين لاءِ روانا ٿين. ڏينهن اڌ ڪاٺيون وڍين. ڀاڳ ڏئي دٻ ته ٻيلي کاتي وارن جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسيو پون، نه ته ڪاٺيون ڪريو، ڀريون ٻڌيو، شهر پهچن. اسان جو هي دوست مڙيئي ڪجهه سڀاڳو آهي جو گڏهه به اٿس، پاڻ بار کان ڇٽي پيو.

ڪاٺين وٺڻ وارا وري اگهه ۾ ريڙهه پيڙهه ڪن. چي، ڪاٺيون آليون آهن، اٺ آنا گهڻا آهن. ڪاٺير وري اناج جي اگهه جي شڪايت ڪري، نيٺ ٻه پئسا ڇڏائي. ٻچن جي پيٽ قوت لاءِ اَن وٺي، همراهه ڳوٺ وري. اُن کان پوءِ جنڊ جوٽجي، ماني ٽڪر پچي، گهر جا ڀاتي هنئين جهل ڪن. ٻئي ڏينهن وري ڪهاڙو ڪلهي تي... سڪندن کي سيد چئي، ڪين جهليندو جهنگ.

برابر، ڪک هيٺان لک پيو آهي، پر هنن ڪکن هيٺ ڪو لک ڪونه ٿو ڏسجي. هيءُ پراڙ کري ۾ پيل آهي. وڏيري جي حڪم سان، هتان کڻي دن ۾ رکڻو آهي. هنن همراهن کي سکڻي هلاکي سرندي. ته به چئبو ته اهو به سندن زندگيءَ جو معمول آهي. ڪڏهن سنگت ۾، ڪڏهن وڏيري جي هڪل سان، بيگار ۾ به وهبو آهي. تڏهن شايد چيو اٿن. ته ”بيڪار کان بيگار چڱي آهي“، يا ”ويٺي کان وڳندو چڱو“. پر ڀانئجي ٿو ته اهي چوڻيون مفاد پرستن جون ٺاهيل آهن.

اُن جي اُبتڙ، جيڪڏهن هي ڪم پنهنجو آهي ته پوءِ همراهن جي منهن تي هڪ قدرتي مرڪ نظر ايندي آهي. ڪي ڪي ماڻهو ته وري اهڙا سخت جان هوندا آهن جو ڪم ۾ پيا ڳهندا آهن، ته به منهن تي مرڪ هوندي اٿن. اندر ۾ بيوسيءَ ۽ غربت جا وَڍَ هوندا، ته به ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍندا. اهڙن جي همت تي آفرين چوڻ تي دل ٿيندي آهي پر سندن بيحسيءَ تي افسوس به ٿيندو آهي.

مٿيون همراهه ناڙيءَ کي به ٿو وڍي تر ڪري. پراڙ ختم ٿي وڃي، ته ناڙي مال کي چارين. جيڪي ڀاڳيا سرنديءَ وارا هوندا آهن، سي پئسا خرچ ڪري، ڏهن پندرهن نمبرن ۾ پوکيل سائو گاهه وٺندا آهن. اچي جو مينهون ورنديون ته هٿن جي صفائي ڪري وٺنديون. پر مٿينءَ تصوير ۾ همراهه ناڙي پيو وڍي. جت وڻ نه آهي، اُتي ڪانڊيرو به درخت آهي. سو، جڏهن جوءِ مان پراڙ ختم ٿيو وڃي ته ڀاڳيا ناڙيءَ ڏي وراڻ ڪن.

مال کي ٻه ڪک ملندا ته سڀرو هوندو ۽ کير جي لپ به ٿيندي. ڀٽاريون وهڪي ويون، ته غريب ڳُنڌ لاءِ سٽن ۾. تڏهن چئبو ته کير جو سرچشمو به ڌرتي سڳوري آهي. ان ڪري ئي ناڙيءَ ۾ ڏانٽو ٿو ڏسجي.

غريبن جو گذر اڳيئي تنگ، مٿان وري در تي هاٿي ٻڌن! ڇا ڪن، اهي هاٿي ته سندن پيٽ پالين ٿا. جنهن هر ڌڻيءَ وٽ ڍڳن جو جوڙو پنهنجو نه آهي، تنهن وٽ سمجهو ته هر به پنهنجو ناهي. ڍڳا هوندس مڙيئي پيو خير جو وقت گذاريندو. ڪيترا هاري چون، ”ادا، ڍڳن جي ڪريون ڪي ٻچن جي ڪريون!“ ٻچا مٺا آهن، پر ڍڳا به مٺا آهن. ڍڳن جي ڪبي تڏهن ٻچن جي پيٽ قوت لاءِ ٻه ڪڻا گهر کڻي اچبا، نه ته کري ۾ ئي اهڙي ورهاست ٿي ويندي جو همراهه گندي ڇنڊيو، ڪلهي تي رکيو، ڀيلڙو منهن ڪريو پيو موٽندو. قرض ڳچيءَ ۾، ۽ ٻچا لنگهڻ، نئين سال ۾ به ڏک. ان ڪري، پهرين ڍڳا کائين، جئن ڌڻيءَ کي ڪمائي کارائين.

ٻڪر جي دانهن تي ٻڪرارن ۾ جا سرهائي ٿي اچي، سا ريڊئي ۽ فوني ۾ ڪٿي، ٻڪرارن کي پهون سڀ پياريون هونديون آهن. ڌڻ کان ڇيلي شال ڇڄي نه وڃي! تصوير واري ڇيلي به ائين ڇٻي اچي ڪئميرا جي وڪڙ ۾ ڦاٿي، ۽ ڌڃاڻيءَ سوڌي ڇاپجي ويئي. ڇيليءَ کي ڌڃاڻيءَ کڻي سيني سان لاتو. ٻڪرارن جي جذبن ۽ احساسن کي اوهين ۽ اسين، ممڪن آهي، نه به سمجهي سگهون. تڏهن ته مارئيءَ به خواب لڌو ته ڇيلن جي ڇانگ ۾ بيٺي آهيان، ۽ انهن کي ڪام هڻيو ڪاهيان پئي.

هيءَ مائي مهربي، جيڪا تصوير ۾ نظر اچي پيئي، تنهن جي هڪڙي ٻڪري وڃائجي ويئي. مائي مهربيءَ جڏهن ٻڪري ڳولي وڃي لڌي، ته ٻڪري هڪڙي هنڌ اوهڏي پيئي هئي. بس، مائي اچيو ٿي روئڻ ۾ ڇٽڪي. ماڻهو اچي آٿت ڏيڻ لڳس. اڙي، منهنجي پهون جهري پئي آهي، ۽ روئان به نه!“ جيستائين ٻڪري چڱي ڀلي نه ٿي، تيستائين مهربيءَ جو لڙڪ به نه بيٺو.

”ابا، هٿ جو وڍئي جو نڪو ويڄ نڪو طبيب، جواني هئي ته پير پٽ تي ڪونه هو. سمجهندو هوس ته مون جهڙو ڪو آهي ڪونه. ٻنهي هٿن سان ڳائڻن، ملهن ۽ لانڊرن کي پئسا ڏيندو هوس. حيدر خان مون کي سڌارڻ لاءِ گهڻو پاڻ پتوڙيو، پر آءٌ نه سڌريس.

پڪوڙن وڪڻڻ واري عبدالله جي واتان اها گفتگو مون ڪيترائي ڀيرا ٻڌي آهي. اهو هن جو ٺلهو ٻٽاڪ ڪونهي، سندس ساک ڀرڻ وارا به موجود آهن. عجب رڳو اهو آهي ته انسان جڏهن آنڌ جي گهوڙي تي چڙهي ٿو، ته نيڪ بد جي خبر نٿي پويس. جڏهن عمر ۽ پئسو کپايو، سڃو سکڻو ٿئي، تڏهن ويهي ٿو هاءِ هاءِ ڪري ۽ ٻين کي پنهنجي ماضيءَ جا داستان ٻڌائي.

عبدالله به هاڻ پڇتائي ٿو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪن تي هٿ رکي آلاپي ٿو: ”پورب ماري آهيان، ڪنهن در ڏيان دانهن!“ غور ڪريو ته هن کي پورب ماريو آهي، يا پاڻيهي پاڻ کي ماريو اٿس؟

اسان مٿين چند تصويرن مان غم روزگار جون جهلڪيون ڏٺيون. هن تصوير ۾، اجرڪ اوڍيو، همراهه سارين جي جنس پيو ڏسي. هن جي چپن تي شرارت ڀري مرڪ آهي. هڪ ڀيري کانئس ڪنهن ماڻهوءَ پڇيو، ”ڪانڊيرا، فلاڻو تنهنجو مائٽ ٿئي ڇا؟ جواب ۾ چيائين، نه، هو منهنجو مائٽ ڪونه ٿئي، آءٌ هن جو مائٽ ٿيان!“ سندس مراد اوهين نه سمجهي سگهيا هوندا. مراد هيءَ آهي ته اُهو شخص سرنديءَ وارو آهي، مون کي پنهنجو مائٽ نه به سمجهندو هوندو، پر آءٌ کيس پنهنجو مائٽ سمجهان ٿو.

ههڙا ماڻهو کل چرچي ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙي ڳالهه چئي ويندا آهن جو ماڻهوءَ کي حيرت وٺيو وڃي. ڪڏهن ڪڏهن دولت به انسان کي پنهنجن کان پري ڪريو ڇڏي. اوهين ڪانڊيري جي گفتي تي غور ڪريو، ۽ ڏسو، متان دولت اوهان کي پنهنجن کان بيگانو ته ڪونه ڪيو آهي.

 

ٽي عورتون

جن ٽئگور کي متاثر ڪيو

 

ازرا پائونڊ، ٽئگور جي انهن طرفدارن کي پسند نه ڪندو هو، جن ٽئگور جي شخصيت کي تقديس جي پڙدي ۾ ويڙهي رکيو هو ۽ ٽئگور جي شخصيت تي ڪنهن به قسم جي بحث مباحثي جي ڄڻڪ اجازت نه ٿي ڏني. جنهن نموني ٽئگور جي شخصيت کي پاڪبازيءَ جي چادر ۾ ويڙهيو ويو، سو هن لاءِ هميشه هڪ معمو رهيو.  هو چوي ٿو: ”اسين ٽئگور جا ساٿي آهيون، سي به اوترائي ذميدار آهيون، جو اسان هن جي ذات کي اُناهون پئي ڄاتو آهي. ياد رهي ته ٽئگور ڪو ٿياڳي ويراڳي نه هو. دنيا کي ترڪ ڪري نجات حاصل ڪرڻ هن جو مقصد نه هو. مرد عورت تعلقات ۾ به هو مشڪل سان تقديس پسند هو.“

پروفيسر بيڪر (Baker) شيلي جي نظمن جي مجموعي جي مهاڳ ۾ چوي ٿو: ”شيلي وٽ عورت مرد جي تڪميل جو اهم عنصر آهي. ان سان هن جي ذات جو مڪمل اظهار ٿي سگهيو.“ ساڳي ڳالهه ٽئگور سان هئي. فرق هي هو ته ٽئگور جي معاملي ۾ نه نامناسب تعلقات رهيا نه خاندان تباهه ٿيا. پنهنجي مخصوص ورتاءُ سان ٽئگور پنهنجن جذبن کي غير ذاتي انداز سان ڏٺو ۽ انهن کي پنهنجي شاعريءَ ۽ شخصيت جو حصو بنايو.

هونئن ته ٽئگور جي زندگيءَ ۾ ڪيتريون عورتون هيون ۽ ڪن هن جي زندگيءَ ۽ شعر تي اثر ڪيو. ان جو ڪارڻ شاعر لاءِ سندن اٿاهه پيار هو.

ٽئگور جڏهن ارڙهن سالن جو هو ته کيس سندس ڀاءُ ستيندراناٿ ٽئگور بمبئي موڪليو، جئن هو انگريزي طرز زندگي ۽ هلت چلت سکي. ڇو جو اُن کان پوءِ کيس تعليم لاءِ انگلنڊ وڃڻو هو. بمبئيءَ ۾ ٽئگور جي تربيت جي نگران مس آئنا پاندورانگ ٿاڊگڊ هئي. جيڪا ڊاڪٽر آتمارام جي ڌيءُ هئي. ڊاڪٽر آتمارام هڪ هندو اصلاح پسند تنظيم پرارٿنا سماج جو پايو وجهندڙ هو. هيءَ خوبصورت، آزاد خيال ۽ انگلنڊ جي تربيت ورتل ڇوڪري، ٽئگور جي قربت جي خوبصورت احساس کان پاڻ کي پري نه رکي سگهي. پر ٽئگور جي پنهنجي بنيادي تربيت جي ڪري ڪابه جسماني ويجهڙائي نه رهي.

ٽئگور هن سلسلي ۾ پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ اعتراف ڪري ٿو ته کيس پهريون ڀيرو پاڻ جي خوبصورت هجڻ جو احساس ٿيو. اُها آئنا هئي جنهن ٽئگور کي چيو ته ڏاڙهي نه وڌائي نه ته تنهنجو چهرو ڍڪجي ويندو. ٽئگور پچتاءُ ظاهر ڪندي چوي ٿو: ”منهنجو چهرو نافرماني ڪري تنهن کان اڳ هوءَ مري ويئي.“

هڪ ڀيري آئنا کيس وڙهڻ ۽ طاقت آزمائي لاءِ هشڪاريو پر ان مان به ٽئگور ڪو روماني سبق نه ورتو ۽ پوئتي رهيو. سندس لفظن ۾: ”مون کي اندازو ئي ڪونه هو ته ٻين راندين کي ڇڏي آئنا اها راند ڇو چونڊي. اڃان آءٌ کيڏڻ قبول ڪريان، تنهن کان اڳ هن منهنجي جسم تي هار جي نشاني طور ڌڪ هنيو. ته به مون کي ڪا خوشي ڪا روماني رمز ڌيان ۾ نه آئي. ان ڳالهه پڪ سان منهنجي آئيندي بابت کيس مايوس ڪيو هوندو.“

هڪ ڏينهن وري کيس چوڻ لڳي ته: ”جيڪڏهن ستل ڇوڪريءَ جا دستانا چوري ٿي وڃن ته چور کي کيس چمي ڏيڻ جو حق آهي.“ ٽئگور ڏٺو ته هوءَ سمهي پيئي. جاڳي ته هن پنهنجا دستانا به موجود ڏٺا. انهن ئي ڏينهن ۾ آئنا جو مڱڻو پروفيسر لٽل ڊيل (Little dale) سان ٿيو هو. جنهن سان شادي 18 نومبر 1879ع تي ٿيس ۽ آئنا 5 جولاءِ 1891ع تي ايڊنبرا ۾ وفات ڪئي، جتي هوءَ پنهنجي مڙس سان رهيل هئي.

هن معاملي بابت ٽئگور پوءِ چيو هو ته: ”مون هن کي ڪڏهن به نه وساريو آهي ۽ نه کيس ڪڏهن غير اهم ڄاتو اٿم. آئنا سان واقفيت جي زماني کان وٺي منهنجي زندگي رنگ ۽ روشنيءَ جي ڪئين مرحلن مان گذري آهي. مون تي ڪيترو ئي ڏکيو وقت آيو آهي، پر مون ڪڏهن به ڪنهن عورت جي پيار کي اجايو نه ڄاتو آهي. هر عورت جو پيار گلن جي ورکا آهي. گل موجهائجي وڃن پر خوشبوءِ رهي ٿي.“

ٽئگور اَئنا کي ”نلني“ نالو ڏنو. سندس ڪن نظمن ۾ اهو آيو آهي.

ٽئگور جي روحاني خوشيءَ جو تعلق انگلنڊ سان آهي. 1878ع ۾ جڏهن ٽئگور تعليم لاءِ لنڊن ويو ۽ ڊاڪٽر اسڪاٽ جي گهر ۾ رهيو. جنهن کي ٻه نوجوان ڌيئرون هيون ۽ ٻه ننڍيون هيون. ٻن وڏين مان ننڍي مس ”K“ هئي، جنهن جو سڄو نالو ظاهر ڪونه ٿيو آهي. دليپ ڪمار راءِ سان ٽئگور ڳالهه ڪئي ته ٻئي ڀينرون هن سان پيار ڪنديون هيون، خود مٿس K جو وڌيڪ اثر هو. ان وقت لکيل هڪ خط ۾ ٽئگور لکي ٿو: ”هن وقت تائين مون ڪيترائي انگريزي ڪلام سکيا آهن. K مون سان پيانو تي سنگت ڪندي آهي. اسين گهڻو ڪري مطالعو گڏ ڪندا آهيون، اهو ڪڏهن ڪڏهن ته رات جو يارهين بجي تائين هلندو آهي. ”پنهنجي نظم ’ٻه ڏينهن‘ ۾ هن ’K‘ جي يادگيريءَ کي ورجايو آهي. چوي ٿو اهو چهرو اڪيلائيءَ ۾ منهنجو ساٿي رهندو.“

اهو ڏاڍو عجيب ٿو لڳي ته هن معاملي ۾ به ٽئگور ايتري همت ڪري نه سگهيو جو پيار جو جواب ڪنهن مناسب ۽ واضح انداز ۾ ڏيئي سگهجي. ڪيترن سالن کان پوءِ ٽئگور جڏهن 1890ع ۾ وري انگلنڊ ويو ته هو ڊاڪٽر سڪاٽ جي گهر ويو پر خاندان اتان مورڳو لڏي چڪو هو.

پنهنجي زندگيءَ جي پوئين دؤر ۾ ٽئگور جو هڪ اهڙي عورت سان واسطو پيو، جنهن سندس شخصيت تي گهڻو اثر ڪيو. اها ارجنٽائن جي شاعره وڪٽوريا اوڪامپو (Victoria Ocampo) هئي. 1924ع ۾ پيرو جي آزادي ملهائڻ جي موقعي تي ٽئگور لاطيني آمريڪا ويو. ٽئگور بيمار ٿيو ۽ وڪٽوريا جي ساٿ توڙي پر گهور منجهس نئون ولولو پيدا ڪيو.

وڪٽوريا خود لکيو ”ٽئگور کي پڙهڻ، ٽئگور بابت سوچڻ ۽ ٽئگور جو انتظار ڪرڻ ۽ هاڻي 1924ع جي گلن سان ڀريل بهار ۾ هو زندگيءَ وانگر مون کي ويجهو هو.“

ٽئگور جي پرگهور لهڻ جي باري ۾ وڪٽوريا ٻڌايو: ”ائين آهستي آهستي پنهنجن جذبن تي ضابطو رکيو.“ هن جملي جي اهميت کان ڪير انڪار ڪندو. ٽئگور وڪٽوريا جي جذبن جي شدت کان واقف هو. وڪٽوريا خود به شهرت حاصل ڪري چڪي هئي. ٽئگور کيس ”وجيه“ سڏيو، جيڪو وڪٽوريا جو لفظي ترجمو هو. پنهنجو ڪتاب ”يورپي“ سندس نالي منسوب ڪيائين، پنهنجي هڪ نظم ۾ وڪٽوريا تي واکاڻ جي ورکا ڪري ٿو.

وڪٽوريا تازو گذاري ويئي آهي. 1925ع ۾ 13 جنوريءَ تي ٽئگور کيس خط لکيو هو. ”منهنجو گهر اهو آهي جنهن جي آس پاس جي وايو منڊل مان مون کي آواز اچن ٿا، جيڪي مون کي ڪائنات جي وڌيڪ ويجهو ڪن ٿا. منهنجي دل هڪ اهڙو آکيرو آهي، جنهن ۾ آسماني آواز پهچن ٿا. آسمان جنهن ۾ روشني ۽ آزادي آهي، آءٌ توکي يقين ٿو ڏياريان ته منهنجي طرفان اهڙي گهر اچي سگهي ٿي، جيڪا منهنجي پنهنجي نه هوندي، ماءُ کان ٻار جو مطالبو مڪمل ترين مطالبو آهي. اهو ڪنهن فرد جو مطالبو نه آهي، پر انسان ذات جو مطالبو آهي. جيڪو خدا جي طرفان ڪنهن خاص پيغام سان اچي ٿو، سو ان ٻار وانگر آهي، اگر هو پيار ۽ خلوص سان اچي ٿو ته ڪنهن بلند مقصد سان اچي ٿو ۽ نه فقط پنهنجي ذاتي خوشي خاطر.“

شايد اهو ”بلند مقصد“ ئي هو، جنهن جي ڪري ٽئگور پنهنجن جذبن کي صحيح ڏس ۾ رکيو.

(Debonair dec. 1979) تان ٿورن سان ترجمو)

 

اِهو غم اسان کي کائي ويندو!

لفظ ٻيا آهن پر...

هيءُ عنوان مون قلندر شهباز ادبي ڪانفرنس جي محترم مهتمم تاج صحرائيءَ جي موڪليل دعوت نامي ۾ ڏنل عنوانن جي فهرست مان کنيو آهي. ٻئي نمبر تي ڏنل عنوان هو ”ايڪهين صديءَ ۾ خانقاهن ۽ درگاهن جي اهميت ۽ ڪارج“ هي مضمون (مقالو نه آهي) مون مٿئين عنوان جي پس منظر ۾ لکيو آهي.

الائي ڇو خانقاهن ۽ درگاهن جي اهميت ۽ ڪارج کي ايڪهين صديءَ (۽ ايندڙ صدين) لاءِ به اهم ۽ مفيد ڄاتو ويو آهي. افسوس آهي ته ههڙن يعني قلندر شهباز، شاهه عبداللطيف ۽ سچل سرمست وغيره جهڙن بزرگن جي درگاهن تي شهر جي اندر داخل ٿيڻ کان وٺي مرقد مبارڪ تائين جيڪي خرافات ٿين ٿا، جي جاهلانه ۽ غير انساني توڙي تهذيب کان ڪريل حرڪتون ٿين ٿيون، تن جو ارباب اختيار ته نوٽيس ڪونه ٿا وٺن، پر ميلن جي ادبي برانچ وارا صاحب به سمجهن ٿا ته هنن درگاهن تي ٿيندڙ غير اسلامي حرڪتون به ڪو مذهب ۽ ثقافت جو حصو آهن!! اهل مقابر به ڪو اهڙين غير مهذب ۽ مجرمانه حرڪتن جو داد ڏيندا هوندا.

اِن کان اڳ جو مون تي غير پسنديده ٺپا لڳن ۽ حاضرين مان ڪي چون ته فلاڻو آهي، گِلا خور آهي وغيره، آءٌ خانقاهن بابت ڊڪشنري معنيٰ ڏيڻ چاهيان ٿو. مشهور ماهر لغت اُستاد حسن عميد پنهنجي مايه ناز لغات ’فرهنگ عميد‘ ۾ خانقاه جي معنيٰ هيئن بيان ڪري ٿو. ”خانقاه، معرب خانگاه، محل اجتماع درويشان، جائي که مشايخ و درويشان بسر ببرند خانگا نيز ميگويند“ (ص 418).

ترجمو آهي: خانگاهه جي عربي صورت درويشن جي جمع ٿيڻ جي جاءِ، جتي درويش ۽ مشايخ رهن. خانگاهه به چون ٿا.“ انهيءَ حساب سان خانقاهه درويشن جي رهڻ ۽ عبادت ڪرڻ جي جاءِ آهي ۽ درگاهه جي معنيٰ ڪا ڳجهي نه آهي. يعني قبو ۽ مرقد جتي عملي طور ماڻهو پنهنجا ڪم کڻي اچن ٿا، چادرون چاڙهين ٿا ۽ باسون باسين ٿا. ڪي ٻارين ٻچين لڏ لاهيو ۽ چئلينج ڪري ويٺا آهن ته ڪم نه ڪندين ته تنهنجو در نه ڇڏينداسين.

جئن مون مٿي عرض ڪيو ته خرافات لاءِ درويشن جا آستانا جاهل ماڻهن کي Venue طور ملي ويا آهن. اُتي هو ڪهڙو ثواب جهڙو ڪم ڪرڻ اچن ٿا جو اسين ايڪهين صديءَ ۾ خانقاهن ۽ درگاهن جي اهميت ۽ ڪارج جي ڳالهه ڪريون؟ ۽ اديبن کي دعوت ڏيون ته مقالا لکي ميلي ۾ اچي پڙهو!!

سنڌ هونئن ئي ٻري رهي آهي. اُن لاءِ درگاهون ڪهڙو علاج ڳولهي ڪڍنديون، اهو ته بحث جو معاملو ڪونهي، پر اسان ۾ انساني اقدار ۾ جا لاٿ آئي آهي، جيڪو تنزل ۽ انحطاط آهي اُن جو ڇا ذڪر ڪجي! پاڻيءَ جي کوٽ پر رت جا واهڙ وهي رهيا آهن. مردانگي زال مارڻ ۾ آهي. ڀيڻ کي، ڌيءُ کي ڪاري ڪري ڪهڻ ۾ آهي. جي ڀاڳيا ڪٿي رحم ڪن ٿا ته پوليس ڪمزور ۽ خدا جي ماڻهن لاءِ شير شاهه جو شڪرو بنيل آهي. جيل ۾ ماڻهن تي رقم وٺڻ لاءِ غير انساني ڏاڍ جاري آهي. لال بازارن تي به پئسي جي لالچ ۾ اهلڪارن جا حملا ۽ عورتن کي وارن کان جهلي گهلڻ جا واقعا جاري آهن. پلاند ڪرڻ لاءِ قتل ڪرڻ، قبيلن جا جهيڙا ۽ جرگا. ٻارن کي اغوا ڪرڻ، قتل ڪرڻ. لاشن جا ڳڀا ڳڀا ڪرڻ. ملڪيت حاصل ڪرڻ لاءِ گهر جي ڀاتين کي چرين جي اسپتال جي حوالي ڪرڻ. ٻئي طرف وري آپ گهات مها پاپ هاڻي مها پاپ نه رهيو آهي! جيڪو مايوس ٿئي ته جيت مار دوا پيئي (يا کيس پياري وڃي). پاڻ ساڙي يا ڦاهو کائي ۽ طرحين طرحين وسيلن سان زندگيءَ جو خاتمو ٿئي ٿو. ڏاڍن جو ظلم ۽ نجي جيل، لڄالٽ ۽ عورتن جو استحصال ڇا اهو ڪافي نه آهي؟ ڇا پنهنجن جو ظلم ۽ ڌارين جي يلغار ۽ وسيلن تي قبضو ڪافي نه آهي جو بجاءِ پنهنجي حفاظت ڪرڻ ۽ ظلم سان مهاڏو اٽڪائڻ جي اسين درگاهن جي ايوانن ۾ ليٽي پنهنجن مسئلن جو حل ڏسون ٿا؟

بزرگن جي عزت ۽ عظمت جو ڪير معترف نه آهي؟ اسين لعل شهباز قلندر ۽ شاهه عبداللطيف، سچل سرمست ۽ بيدل توڙي ٻين اهل الله ۽ اهل دل بزرگن جي عظمت کان انڪار ڪونه ٿا ڪريون، پر درگاهن تي وڃي خرافات ۾ حصو وٺڻ ۽ عملاً توحيد سان متصادم حرڪتون ڪرڻ فقط جاهلن جو ڪم آهي جيڪي ڪجهه ٿئي ٿو سو مستقل مفاد وارن جو ڪم آهي ميلن تي جي ڪن جو مالي فائدو ٿئي ٿو ته اُن جو اهو مطلب نه آهي خرافات ۾ حصو وٺجي ۽ جاهلانه رسمن ۾ ڀاڱي ڀائيدار ٿجي.

ها! درگاهن ۾ ابدي ننڊ ستل بزرگن جي باري ۾ تحقيق ڪرڻ، مقالا ۽ ڪتاب لکڻ سان اسين ڪا خدمت ڪري سگهون ٿا. فقط ۽ فقط اهو پهلو درگاهن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ ڪارج کي واضح ڪرڻ وارو آهي.

سائين منهنجا! هتي آءٌ ڪو مذهبي بحث جو حصو بنجڻ نه ٿو گهران ۽ نه منهنجو مطلب ڪنهن فرقي جي ڳالهه ڪرڻ آهي. آءٌ رڳو هي ٿو چوان ته خانقاهون درويشن جي رهڻ ۽ عبادت ڪرڻ جون جڳهيون ٿي مشهور ٿيون. انهن جو هاڻي وجود يا عملي ڪردار سنڌ ۾ نظر نه پيو اچي. عبادت لاءِ مسجدون آهن. انهن جو عملي ڪردار ظاهر آهي. اُهي خدا جي عبادت لاءِ آهن. ڪا اختلاف جهڙي ڳالهه نه آهي. پر درگاهن جي اهميت ۽ ڪارج جو بحث اٿارڻ گهرو ٿا ته اختلاف جي ڳالهه آهي. منهنجي خيال ۾ اُنهن جو ڪو مخصوص ڪارج نه آهي. باقي جيڪي ٿئي پيو سو اسين ڏسون پيا. جي اُهو ساراهڻ جهڙو آهي ۽ ايڪيهين صديءَ کي سينگار ڪرائيندو ته ٻڌايو. ڀلي درگاهن کي ڪروڙين رپين جي خرچ سان نئين سر تعمير ڪريون پر ابدي آرام ڪندڙن کي اُن جي پرواه نه آهي.

سائين منهنجا چند سال اڳ قلندر شهباز جي قبي جو گنبذ ڊهي پيو هو ته وقت جي وزير اعليٰ سنڌ فرمايو هو ته آفت سنڌ تي اچڻي هئي، پر قلندر اُها پاڻ سَٺي ۽ اسان ڏٺو ته وزير اعليٰ تي آفت آئي ته وڃي ولايت وسايائين. اُتي اسان جا حڪمران اڪائونٽ ڏکئي وقت لاءِ کولائين ٿا! اسان جو ڪم فقط ٿوڙن وعدن کي سچو سمجهڻ ۽ ووٽ ڏيڻ آهي. ان کان انشاء الله پوئتي نه هٽنداسين. مون کي معاف ڪندا، جيڪڏهن آءٌ موضوع تان هٽي ويو هجان. هر حال ۾ آءٌ ان ڏنل موضوع جي حمايت ڪري نٿو سگهان. هڪڙو اڳ ئي اونداهيءَ ۾ هٿوراڙيون پيا ڏيون اڃان به ايڪيهين صديءَ ۾ درگاهن ۽ خانقاهن جي اهميت ۽ ڪارج جو غم کائون ته پوءِ غم اسان تي کائي ويندو.

 

آءٌ به ڪڏهن ٻار هوس

 

انسان جي عمر جا ٽي دور آهن: ننڍ پڻ، جواني ۽ پيري. انسان هر وهيءَ ۾ پنهنجي گذريل وهيءَ ۽ ويل وقت کي ياد ڪري ٿو. اڪثر گذريل وقت کي موجود وقت جي مقابلي ۾ بهتر ڄاڻي ٿو. آءٌ سمجهان ٿو ته هر دؤر هر وهيءَ کي اهميت آهي. آءٌ اڄ عمر جي ٽئين دور ۾ آهيان. مون گذريل ٻن دؤرن ننڍپڻ ۽ جوانيءَ کي پنهنجي اڄ جي سوچ ۾، اهم ۽ خوبصورت ڄاتو آهي. ٻالاپڻ ۽ جواني ڪاميابيءَ سان گذاريا اٿم. ننڍپڻ جي راند روند ۽ ابتدائي تعليم، توڙي جوانيءَ ۾ اعليٰ تعليم ۽ لکڻ جو مشغلو مون کي تمام دلچسپ لڳو.

آءٌ 1935ع ۾ پنهنجي ڳوٺ پير فتح شاهه تعلقي ۽ ضلعي بدين ۾ ڄائو هوس. 1962ع ۾ ايم. اي پاس ڪري سنڌي ڊپارٽمينٽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار ٿيس ۽ 1995ع ۾ سٺ سالن جي عمر ۾ پروفيسر ۽ ڊين فئڪلٽي آف آرٽس Dean Faculty of Arts جي حيثيت ۾ رٽارئر ٿيس. هن سال 1998ع ۾ منهنجي عمر 63 سال آهي. 25 طبعزاد، 15 ايڊٽ ڪيل ڪتاب ۽ 3 ترجمو ڪيل ڇپجي چڪا آهن. 8 ناشرن جي حوالي آهن ۽ 7 تيار آهن. 200 جي قريب تحقيقي مقالا شايع ٿي چڪا آهن.

چوندا آهن ته هر ماڻهوءَ جي اندر ۾ هڪ ننڍڙو ٻارُ ويٺل هوندو آهي. اِهو به صحيح آهي. اهو ٻار پوڙهن جي اندر ۾ رهي ٿو. آءٌ جڏهن ٻار هوس يا اهڙو ڪو ٻيو سوال ٻڌي اُهو ٻار جواب ڏيڻ کان اڳ سجاڳ ٿئي ٿو. وڏي عمر وارو اُن سوال جو جواب گذريل سالن کي ياد ڪري هيئن پيش ڪري ٿو.

پنجن ڇهن سالن جي عمر ۾ اُهي رانديون ياد پون ٿيون، جيڪي گهرن اڳيان مٽيءَ جي گهرن ٺاهڻ، مٽيءَ جي ڪُنڙن، ٿانون، گهوڙن ۽ اُٺن سان کيڏڻ ۾ گذريا. واٽر ڪورسن ۽ واهن، ٻنين جي ڪڙن ۾ وهنجڻ ۽ ڪناري تي گپ مان گهر، گهٽيون بلڪ ڳوٺ ٺاهڻ ۽ بدن کي گپ مکي ڊوڙي واهه ۾ ٽپ ڏيڻ ۽ ڇُوڇواڻي، توڙي ڪُندرو هڻي پاڻيءَ ۾ ٽپڻ هڪ اهم مشغلو هو.

اُهو وقت گذريو ته چند سال پرائمري تعليم جا سامهون اچي بيٺا. اُستاد جي قد جا ننڍا هئا، ته به قداور ۽ ڄڻ ٿنڀا ٿي نظر آيا. علم ۽ ادب جا روشن منارا. ڊيوٽيءَ جا پابند اهڙا جو ٻارن جي ٻاراڻين خواهشن (بد دعائن) جي باوجود ڪو ڏينهن غير حاضر نه ٿيا. ڪو ٻيڙي ڇڪڻ وارو هو ته به شاگردن جي اڳيان نه ڇڪيندو هو.

پرائمري ۾ اُستاد جيڪي نصيب ٿيا، اُهي آهن، سائين محمد عرس منڌرو، سائين حاجي محمد سليمان منڌارو، سائين عبدالله منڌرو، سائين چَترن مل ۽ سائين محمد رحيم ملاح. سائين محمد سليمان ۽ سائين محمد رحيم الحمدالله حال حيات آهن. سيڪنڊري تعليم ۾ سائين هيرانند، سائين ڇتو مل ۽ سائين حاجي عبدالجبار جمالي منهنجا اُستاد رهيا. سائين هيرانند ڀارت لڏي ويو. سائين حاجي عبدالجبار جمالي الحمدالله حيات آهي. هنن استادن جي شفقت ۽ تعليم کي وساري نٿو سگهان.

آءٌ ننڍي هوندي کان وٺي زبانن ۽ تاريخ ۾ هوشيار رهيو آهيان. حسابن ۽ سائنس ۾ تمام پوئتي رهيو آهيان. مئٽرڪ ۾ پهچڻ تائين حسابن جي ڪري 1951ع ۾ اسڪول ڇڏي ڀڳس. موٽيس ته حسابن جي ڪري ئي مئٽرڪ ۾ 1955ع ۾ ناپاس ٿيس. اُن ناڪاميءَ مان سبق ورتم ۽ حسابن جو ڪتاب ياد ڪيم. 1956ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان مئٽرڪ ۾ حسابن ۾ 100 مارڪون کڻي پاس ٿيس. اُن کان پوءِ تعليمي رڪارڊ ترقيءَ طرف وڌيو. بي. اي آنرس ۾ ٽيون نمبر آيس ۽ ايم. اي ۾ نه رڳو سنڌيءَ ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ آيس ۽ چانديءَ وارو ميڊل کنيم، پر سڄي يونيورسٽيءَ جي آرٽس فئڪلٽيءَ ۾ به وڌ ۾ وڌ مارڪون هجڻ ڪري سونو ميڊل (Chancellor’s Medal) حاصل ڪيم. چيني زبان لاءِ اسڪالرشپ ملي ۽ 65-1966ع ۾ چين مان چيني زبان جو ڊپلوما امتيازي حيثيت سان پاس ڪيم. ڇو جو منهنجي پي ايڇ ڊي جو موضوع فارسيءَ سان لاڳاپيل هو، اُن ڪري 1973ع ۾ خانه فرهنگ ايران جي حيدرآباد مرڪز مان فارسي زبان ۾ ڊپلوما ورتم ۽ 1974ع ۾ پي ايڇ. ڊي ڪيم.

سرائڪي، اردو، پنجابي، هندي ۽ ڪي قدر جرمن، ترڪي ۽ اسپيني زبان به ڄاڻان ٿو. سکڻ جو سلسلو جاري آهي. اها به هڪ ٻار واري جستجو آهي.

آءٌ جڏهن ٻار هوس ته مٿو ڪوڙائڻ کان صاف انڪار ڪندو هوس. مون کي امان ۽ بابا پڪڙي قابو ڪري مٿو ڪوڙيندا هئا. هونئن گهڻو نٺر ٻار نه هوس. نه ڪو کاڌي مان عيب ڪڍندو هوس. امان منهنجي ان عادت کي ساراهيندي هئي. ننڍي هوندي جون رانديون سڀ کيڏيم. خاص طور لڪ لڪوٽي، اٽي ڏڪر ۽ ڦر ڦر سونٽو. راندين ۾ ڪيترا ٻاراڻا ٻول به آلاپيندا هئاسين. لڪ لڪوٽي کيڏندي هڪ ڀيري پاڙي وارن جي ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ بند ٿي ويس. مائي ڦٿڪڻ جو آواز ۽ سڏ ٻڌا، نه ته بس ساهه گهٽجڻ ئي وارو هو. هڪ ڀيري وڻ ۾ ٽنڊڻندي هٿ نڪري ويا ۽ هيٺ وهندڙ واٽر ڪورس ۾ وڃي ڪريس. اُتي ڪي ڪنڊا هئا سي چڀي ويم. ڪناري تي ئي هڪ گهر هو، اُتان مائي ڊوڙندي آئي تنهن اچي مون کي ٻاهر ڪڍيو.

مون کي ياد آهي، ننڍي هوندي هڪ هرڻي ڌاريم اُن جو نالو شمشاد بيگم رکيم ۽ ڇيلو پاليم، اُن جو نالو طلعت محمود رکيم. اهي ٻئي فنڪار منهنجي پسند جا هئا. 1998ع ۾ گذاري ويا آهن.

ننڍي هوندي کان ڳائڻ سان شوق رهيو. اُهو شوق اُستاد امانت علي خان جي صحبت ۾ وڌي وڻ ٿيو. بس اُن کان پوءِ جواني آئي، اُن جي باري ۾ هڪ آتم ڪهاڻي ’ديپڪ ۽ ملهار‘ شايع ٿي چڪي آهي. ۽ ٻي ’مجاز‘ مڪمل ڪري چڪو آهيان.

ڳالهيون پيٽ ورن ۾ اڃان گهڻيون آهن، پر ٻالاپڻ جا ٻولي ٻه ٽي ئي مقصد جي مام ظاهر ڪري ٿا ڇڏين.

 

قاضي قادن جو رسالو

 

قديم سنڌي شاعريءَ جي سلسلي ۾ سومرن جي جنگ جا بيت ۽ سمن جي دؤر جي شاعرن اسحاق آهنگر، شيخ حماد جمالي، مخدوم احمد ڀٽي ۽ ماموئي وارن بيتن توڙي ڪن ٻين درويشن سان منسوب بيتن کان پوءِ، جيڪو شاعر فقط ستن بيتن ڪري ڪتابن تائين ته پهتو پر کيس هڪ وڏي شاعر جو درجو ڄڻ نه مليو هو. نه رڳو ايترو بلڪ سندس نالو قاضي قاضن توجهه ۽ تحقيق طلب هو. سدا ملوڪ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پهريون ڀيرو پنهنجي تصنيف ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ (1962ع) ۾ هن شاعر ۽ عالم جو نالو قاضي قادن ڄاڻايو.

پاڻ لکن ٿا ته: پهريون ڀيرو تاريخ معصوميءَ ۾ قاضي قادن جو ذڪر آيو. شاهه ڪريم جي رسالي ۾ اُن بنياد تي ڊاڪٽر دائود پوٽي، قاضي قادن تي هڪ نوٽ لکيو. (ص 125) هي نالو پهريون قاضن ۽ قاذن پئي لکيو ويو. (ص 126). ڊاڪٽر بلوچ صاحب ’قادن‘ لکيو ۽ اُن کانپوءِ اهو نالو رائج رهندو اچي. 1978ع ۾ ڀارت ۾ هيري ٺڪر راڻيلا مٺ مان هڪ گرنٿ مان قاضي قادن جو ڪلام هٿ ڪري سنڌي، عربي صورتخطيءَ ۾ شايع ڪيو..

ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ (1962ع) ۾ توڙي هڪ خاص مقالي ۾ (رسالو پيغام مارچ 1979ع) نالي بابت پنهنجا دليل ڏيئي ڇڏيا هئا. قاضي قادن جي ڪلام جي پهرئين ڇاپي (هيرو ٺڪر 1978ع) جي پڙهڻين کي ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻيءَ قبول نه ڪيو هو. هن پنهنجي هڪ انگريزي مقالي ۾ جيڪو ”پنجاب يونيورسٽي (ڀارت) جي ڀارتي ادب جي جرنل جي جلد پنجين ۽ نمبر 1، 2“ ۾ شايع ٿيو. تنهن ۾ مختصر تمحيد کان پوءِ بيت لئٽن اکرن ۾ انگريزي ترجمي سان ڏنا آهن. هو پڙهڻين تي اُن ڪري بحث ڪري ٿو جو سندس خيال آهي ته اُهي مٺ واري گرنٿ ۾ ڪنهن غير سنڌي دادو پنٿي ٻڌايا يا لکايا هوندا. خود ڊاڪٽر جوتواڻيءَ جي مقالي ۾ ڇپائيءَ جون غلطيون آهن. اُن ڪري صحيح پڙهڻين ۽ ڪلام جي ٻين پهلوئن کي جاچڻ جي اشد ضرورت هئي. جئن هيري ٺڪر وارو ڪتاب نڪتو هو ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب رسالي مهراڻ جي ٻن شمارن ’4/1978 ۽ 1/1979ع‘ ۾ بحث ڪيو هو. ان کان سواءِ ڊاڪٽر سنديلي ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ به هن ڪلام جي باري ۾ مهراڻ (ساڳيا پرچا) ۾ مقالا لکيا. اُن کانسواءِ قاضي قادن جي بيتن بابت ڊاڪٽر نواز علي شوق جو مقالو مهراڻ (4/1991ع) ۾ شايع ٿيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي هن سلسلي ۾ تحقيق هلندڙ هئي، جنهن جو تفصيلي زير تبصره ڪتاب جي مهاڳ (ص ص 1-8) ۾ ڏنو اٿن.

ڊاڪٽر صاحب هن جاکوڙ ۾ جيڪي ماخذ ڪم آندا آهن، انهن جو تعداد ڏهه آهي. اُهي آهن: (الف) سنڌ جي روايت وارا ڇهه ماخذ: 1. تذڪره قطبيہ 2. گلزار ابرار 3. بيان العارفين 4. شاهه جو رسالو 5. حڪايات الصالحين 6. ملفوظات خزانة الحڪمت (ب) دادو ديال جي روايت: 1. جيپور گرنٽ 2. سنتون ڪي واڻي 3. گرنٿ ورهد 4. جيپور گرنٿ.

مختلف ماخذن ۾ بيتن جي پڙهڻين ۾ فرق هجڻ ڪري، اُنهن جي هڪ روايت قبول ڪرڻ سان گڏ بيتن جي مالڪيءَ جو مسئلو به هو. جو بيت شاهه ڪريم جي رسالي ۾ هو سو اُن جو ڄاتو ٿي ويو. جو شاهه جي رسالي ۾ هو سو شاهه جو ڄاتو ويو هو. انهن معاملن جي ٿوري نشاندهي اڳ به ٿيل هئي پر تحقيقي انداز ۾، ۽ ماخذن جي ڀيٽ جو ڪم نه ٿيو هو. رڳو ايترو چيو ويو هو ته شاهه ڪريم جي رسالي ۾ ست بيت قاضي قادن جا آهن.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب سڄي ماضيءَ جي ڳالهه کي تحقيق جي روشنيءَ ۾ وٺي ويو آهي ۽ هيري ٺڪر جي ڪتاب توڙي ٻين ماخذن جي ڀيٽان ڀيٽيءَ سان قاضي قادن جو رسالو هن وقت تائين مليل ماخذن موجب مڪمل ڪيو اٿس، ڊاڪٽر بلوچ ته نوان قلمي ماخذ ڀارت مان هٿ ڪيا آهن. ۽ سندس لکڻ موجب هن تحقيق جي تڪميل تڏهن ٿيندي جڏهن اڃان ڪي ٻيا ڪتاب دستياب ٿيندا.

قاضي قادن جو رسالو محقق ٽن ڀاڱن ۾ مرتب ڪيو آهي. پهريون: سوانح بيتن جون روايتون ۽ ماخذ رسالو ۽ فڪر ٻيو ڀاڱو: رسالو ۽ متن ۽ عنوان ٽيون ڀاڱو: مختلف ماخذن ۾ ڏنل بيت. سوانح عمريءَ ۾ قاضي قادن جي نالي، خاندان، ولادت ۽ تعليم کان وٺي سندس زندگيءَ جي مڙني پهلوئن جو جائزو ورتو ويو آهي. متن جي مڙني روايتن ۽ ماخذن جو بيان تحقيقي انداز ۾ پيش ڪيو اٿس. ڀاڱو ٻيو رسالي جي متن لاءِ مخصوص آهي، جنهن ۾ 118 يا 135 بيت، ماخذن جي حوالن ۽ گهربل سمجهاڻين سان ڏنا ويا آهن. معنوي لحاظ کان بيتن جي مضمون موجب عنوان قائم ڪري معنيٰ واري پهلوءَ کي به اجاگر ڪيو ويو آهي.

نه رڳو ايترو جو معياري متن قائم ڪري اُن کي ٻين متون جي حوالن جي ڀرتيءَ سان ڇڏي ڏجي، پر ٻيا متن مڪمل صورت ۾ نمبروار ڏيڻ سان تحقيق جي تقاضائن کي نباهيو ويو آهي.

ٽئين ڀاڱي ۾ مختلف ماخذن کي جئن جو تئن ڏيڻ سان گڏ اجاريل پڙهڻي به آندل آهي، جئن موجوده وقت جو پڙهندڙ اُن کي بهتر نموني سمجهي سگهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي هن تحقيق ۽ ترتيب مان هيءُ فائدو بنيادي طور ٿيندو جو بيان العارفين ۽ شاهه جي رسالي ۾ اڪثر بيتن جي هجڻ ڪري جيڪي رايا قائم ڪيا ويا آهن، انهن لاءِ نئين سر سوچبو ۽ هن ڪتاب کي اڳيان رکبو.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هونئن ئي تاريخ، آثار قديم، ثقافت، تعليم، زبان ۽ ادب جي ميدان ۾ دنيا کان داد حاصل ڪري چڪو آهي. ڇا سنڌ جي تاريخ جي بنيادي ماخذن جي ايڊيٽنگ، اضافا ۽ حاشيا، ڇا سندس لوڪ ادب جي رٿا تي تحقيق ته ڇا لغت تي ڪم جو معيار، هر شعبي ۾ اعليٰ معيار جا نتيجا حاصل ڪيا اٿس. هيڏانهن شهر جي متن جي ايڊيٽنگ ۽ تحقيق کي ڏسجي ته هن کان اڳ شاهه عبداللطيف، نواب ولي محمد، شريف ڀاڏائي، مير سانگي، شاهه عنايت رضوي، حمل فقير ۽ ٻين شاعرن جا معياري متن، حاشين ۽ اضافن سان شايع ڪري چڪو آهي. اڃان تائين انهن بابت ڪنهن به محقق وڌائي قدم نه رکيو آهي.

ڊاڪٽر صاحب تدوين ۽ تحقيق ۾ پنهنجي مخصوص انداز کي نه رڳو قائم رکيو آهي، بلڪ اُن جي معيار ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ڪندو اچي. هن سلسلي ۾ سندس تيار ڪيل شاهه جي رسالي جي معياري متن جي رٿا هڪ مثالي ڪارنامو آهي. هيءُ قاضي قادن جو رسالو به بنيادي متن ۽ ماخذن جي متون جي سبب اڃان به وڌيڪ اهميت وارو آهي.

قاضي قادن جي ڪلام تي نئين تحقيقي نظر جي اُن ڪري به ضرورت هئي، جو هي سنڌ جي اساسي شاعريءَ ۾ پهريون تحريري صورت ۾ مليل ڪلام آهي. هيءُ ڪلام بيان العارفين ۾ ستن بيتن تي مشتمل هو. هاڻي ڊاڪٽر صاحب خود بيان العارفين مان ڪي ٻيا بيت به پوري تحقيق سان قاضي قادن جو ڪلام ڪري نروار ڪيا آهن.

سنڌي شاعريءَ جي مطالعي جي سلسلي ۾ به قاضي قادن جو ڪلام، فڪر توڙي اسلوب ۽ زبان جي مدنظر به اهميت وارو آهي. سنڌي قديم شاعريءَ جو مطالعو ڪرڻ وارن لاءِ به هيءُ رسالو اهم آهي! رسالي جي معنوي پهلوءَ کي جو هڪ مخصوص پيغام سڏيو ويو ته ان سلسلي ۾ قاضي قادن جو ڪلام تصوف جي مدنظر به بنيادي اهميت وارو آهي. اُن کان سواءِ اخلاقيات جي تعليم جو ذريعو به آهي.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب قاضي قادن جو رسالو محققانه انداز ۾ مرتب ڪري نه رڳو هڪ ادبي معيار قائم ڪيو آهي، بلڪ معنيٰ جا موتي ميڙڻ ۽ ڪلام جي حسن کي پروڙڻ لاءِ به هڪ بهترين موقعو مهيا ڪيو آهي. زبان تي تحقيق لاءِ به قاضي قادن جي ڪلام ۾ نحوي بناوتون ۽ لفظن جو ذخيرو ڌيان ڇڪائيندڙ آهي.

هيءُ رسالو سنڌ يونيورسٽيءَ جي اداري سنڌالاجيءَ شايع ڪيو اهي. قيمت 200 رپيا رکيل آهي.

(مهراڻ 3/2000ع)

 

سنڌي ٻوليءَ جا املهه خزانا

 

31- آگسٽ جي ڪاوش ۾ محترمه انيتا شاهه جو مضمون ”سنڌي ٻوليءَ کي رومنائيز ڪرڻ جي ڪيتري ضرورت آهي؟“ ڇپيو آهي. هن کان اڳ به اڪثر گهڻگهرا اسان کي ٻوليءَ ۽ ادب جي باري ۾ هدايتون ڏيندا رهيا آهن. انهن مان ڪي ٻاهر ويهي سنڌ جي ماڻهن کي ڄٽ ڄاڻن ٿا ته ڪي ولايت جا هڪ ٻه چڪر ڏيئي موٽن ٿا ته اسان جو استاد ٿيڻ جي چاهت رکن ٿا. سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ بابت حليم بروهيءَ جيڪي لکيو ۽ بحث هليو، اُن کان قطع نظر آءٌ پاڻ کي فقط هن مضمون تائين محدود رکان ٿو.

انيتا شاهه ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي ڳالهه ڪري وري سنڌي زبان ۽ ادب بابت جنهن اڻ ڄاڻائيءَ جو ثبوت ڏنو آهي اهو هڪ کل جهڙو معاملو بنجي پيو آهي. هوءَ شاهه جي رسالي بابت غلط معلومات رکي ٿي ۽ نئين پڙهندڙ کي هيئن گمراهه ڪري ٿي. لکي ٿي ”اسان مان ته ڪنهن کان ايترو به ڪونه پڳو جو شاهه جو رسالو سهيڙي هڪڙي هنڌ گڏ ڪري کڻي ڇپائي ها. انهيءَ لاءِ وري ويچارن انگريزن کي شاباس جو ايڇ. ٽي سورلي صاحب واندڪائي نه هوندي به راتين جون ننڊون ڦٽائي روز روز ڀٽ تي وڃي شاهه جي فقيرن وٽ وڃي ممڪن حد تائين ميسر ڪلام هٿ ڪري شاهه جو رسالو سهيڙي گره ٺاهي اسان جي وات ۾ وڌو ۽ اسان انگريزن جي بابي تي ٿورو ٿڦي واهه واهه ڪري اهو گرهه چٻڻ لڳاسين.“

محترمه هن سلسلي ۾ اهو ڪونه لکيو آهي ته پهريائين سورلي رسالو ترتيب ڏند پر سندس مقصد اهو آهي. سر دست کيس اهو ٻڌايون ته سورلي رسالو ترتيب ڪونه ڏنو آهي. سورلي حيدرآباد جو ڪليڪٽر (ڊي س) هو. هن ڄيٺمل پرسرام کي هڪ ايڊيٽوريل لکڻ تي ڇهه مهينا سزا ڏني ۽ کيس شاهه جي ڪلام ۾ هڪ بيت جي ڪري دلچسپي ٿي. هن 1938ع ۾ آڪسفورڊ مان شاهه صاحب تي پي ايڇ. ڊي ڪئي. عنوان هو ”شاهه عبداللطيف آف ڀٽ“ اها ٿيسز هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ڇپي. 1940ع ۾ ان جو پهريون ايڊيشن شايع ٿيو هو. هاڻي ته ”ڀٽ جو شاهه“ جي نالي سان سنڌي ترجمو ٿي چڪو آهي. انيتا شاهه اُهو ئي کڻي هٿ ڪري ها ته هيڏي ڪاوڙ ڀري غلطي نه ڪري ها. ٿيسز ۾ ٽي باب آهن. تاريخ، ادب ۽ تنقيد ۽ رسالي مان چونڊ ڪلام جو انگريزي ترجمو. 1955ع ۾ سورلي صاحب جو ٻيو ڪتاب ڇپيو جنهن ۾ هن شاهه صاحب تي دنيا جي ٻين شاعرن سان ڀيٽ ڪندي کيس عظيم شاعر سڏيو. (وڌيڪ معلومات لاءِ ڏسو منهنجو ڪتاب ڪنزاللطيف 1961ع).

محترمه جي انگريزن جي احسان واري ان ڳالهه جو اجهو اهو جواب آحي. شاهه جو رسالو پهرين قلمي گنج جي صورت ۾ هو هاڻ ڇپيو آهي. شاهه جو رسالو ٽرومپ 1866ع ۾ جرمنيءَ مان سنڌ سرڪار جي خرچ تي شايع ڪرايو. اُن کان پوءِ باالترتيب جيڪي اهم رسالا ڇپيا، اُهي هي آهن: قاضي ابراهيم وارو (1867ع) سنڌ سرڪار وارو (1900ع) قليچ بيگ وارو (1913ع) ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ وارو (23-24 ۽ 1931ع ٽي جلد) شاهواڻيءَ وارو (1950ع) مولانا قاسميءَ وارو (1951ع) ڪلياڻ آڏواڻيءَ وارو (1958ع) علامه قاضي وارو (1961ع) ان کان سواءِ لٿو ۾ ٽائيپ ۾ خانبهادر ميمڻ، ڏيپلائي، بختيار ڀوري، پوڪرداس برادرس ۽ ٻين رسالا شايع ڪيا. الف- ب وار ۽ ڏسڻين سان رسالا ۽ ڏسڻيون نڪتيون جن ۾ هڪ منهنجي به آهي. ڪشف الابيات نالي سان 1995ع ۾ شايع ٿي جا يارهن رسالن جي ڏسڻي (Index) آهي.

هاڻي جناب ٻانهون خان شيخ هڪ ڇاپو ٽن جلدن ۾ شايع ڪري چڪو آهي. شاهه صاحب جي حياتي ۽ رسالي بابت ڪافي ڪتاب ۽ مقالا لکجي چڪا آهن، جن جون به ببليو گرافيون ڇپجي چڪيون آهن. هاڻي انگريزن جو ڪهڙو احسان ٿيو جڏهن هنن مان ڪنهن به رسالو گڏ ڪري گرهه تيار ڪري اسان جي وات ۾ نه وڌو! اُهو گرهه تيار ڪري وڌو ڊاڪٽر بلوچ جنهن رسالي تي ڏهن کان وڌيڪ ماخذ شايع ڪيا ۽ رسالي کي ڏهن جلدن ۾ 36 سالن جي محنت سان ڏهن سالن جي مدت ۾ شايع ڪيو. ڪنهن کان معلومات ئي وٺو ها، ته ائين نه چئو ها ته: ”سنڌ جي سدوري ٻوليءَ ۾ شاعريءَ ۽ نثر جي چند ڪتابن کان سواءِ اهڙيون ڪهڙيون املهه خزاني جون ڳوڻيون ڀريون پيون آهن!! هن مان اڻ ڄاڻائيءَ سان گڏ سدوري ٻوليءَ لاءِ ڌڪار به ظاهر ٿئي ٿي جيڪا ڪنهن سنڌيءَ جو شيوو نه آهي. شاهه جو رسالو سچل جو رسالو، بيدل، بيڪس، نانڪ يوسف، سانگي، قليچ، اياز، تنوير، ڊاڪٽر بلوچ جون تصنيفون ڇا املهه خزاني جون ڳوڻيون نه آهن؟ اها ته معلومات وٺجي ها: ته سنڌي زبان ۽ ادب جي ڪيتري اشاعت ٿي آهي!! اها به خبر نٿي پوي ته انيتا شاهه جو هن مضمون لکڻ مان مقصد ڇا آهي؟ جڏهن رومنائيز ڪرڻ جي به حق ۾ نه آهي ته ڇا پوءِ رڳو رمارڪس ڏيڻ سندس مقصد هو. اَن داتا انگريز جي اهليت تسليم آهي. هن سنڌي صورتخطيءَ لاءِ ڪميٽي ويهاري جنهن 1853ع ۾ جنهن الف، ب اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، اُها اڄ رائج آهي. ڪميٽيءَ ۾ هندو مسلم اسڪالر شامل هئا.

اُميد آهي ته هي چند وضاحتون اهڙن مضمون نگارن کي مطمئن ڪنديون جي بنا معلومات جي رمارڪس ڏين ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org