سيڪشن: ادب

ڪتاب: زنبيل

باب:

صفحو:15 

تنوير عباسي: نثري ڪاوشون ۽ تحقيق

تنوير عباسيءَ جا ڇپيل ڪتاب هي آهن: (1) شاهه لطيف جي شاعري (2) نانڪ يوسف جو ڪلام (3) ڪلام خوش خير محمد (4) ترورا (5) جديد سنڌي شاعري (6) ڏوري ڏوري ڏيهه (7) جي ماريا نه موت (8) منهن تنين مشعل (9) ٻاراڻا ٻول (10) سچل سرمست (انگريزي)

انهن ڪتابن جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو:

(1) شاهه لطيف جي شاعري:

سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو رسالو پنهنجي شاعرانه ڪمال ۽ زندگيءَ جي موضوعن جو مرقع آهي. سندس ڪلام محدود پيمانن ۾ نٿو ماپي، سندس پيغام آفاقي آهي. جنهن پيماني تي شاهه صاحب جي ڪلام ۽ پيغام تي تحقيق ٿيڻ کپي ها، سا جيتوڻيڪ نه ٿي آهي، پر ته به سنڌ جي ٻين موضوعن کان رسالي تي وڌيڪ تحقيق ٿي آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي، مولانا وفائي، ڀيرومل، ڊاڪٽر بلوچ ۽ ٻين محققن هن باري ۾ چڱو ڪم ڪيو آهي. اسان جي شاعر تنوير عباسيءَ به هن سلسلي ۾ محققانه انداز ۾ ڪم ڪيو آهي. سندس ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعري“ پهرين ٻه ڀاڱا عليحده ۽ پوءِ اضافي سان ٽي ڀاڱا هڪ جلد ۾ گڏ ڇپيا. ڪتاب جو پهريون جلد 1976ع ۾، ٻيو 1985ع ۾، ۽ ٽيون ڇاپو نيو فيلڊس شايع ڪيو. منهنجي اڳيان اُن جو نئون ڇاپو روشني پبليڪيشن ڪنڊياري وارو (1995ع) آهي.

ڪتاب جي موجوده ترتيب کان اڳ پهريون جلد 1976ع شايع ٿيو ته ليکڪ کي شاهه جي اڀياس ڪرڻ وارن کان اڳ اِن ڳالهه جو داد مليو ته تنوير رسالي جو نئين نظر سان مطالعو ڪري جيڪي نتيجا ڪڍيا اُهي اڳ موجود نتيجن کان قطعي مختلف ۽ نوان هئا.

مڪمل جلد ۾ ڪل 12 مقالا آهن. شاهه لطيف جي شاعريءَ جو اڀياس ڪندي، رسالي جي ادبي پس منظر، سياسي ۽ تاريخي پس منظر، سماجي ۽ اخلاقي قدرن، عوامي شاعريءَ، رسالي جي موسيقيءَ، عڪسي شاعريءَ، رنگن جي اڀياس، اهڃاڻي شاعريءَ، سورمن ۽ سورمين، اُچارن ۽ سُر گهاتوءَ جي باري ۾ مثالن سان اڀياس ڪيو ويو آهي. مقالن جي مطالعي مان محسوس ٿئي ٿو ته ليکڪ نهايت ڳُوڙهو ويو آهي، ڪنهن به معاملي تي لکندي هن سطحي انداز ۾ هلڪا ڦلڪا رايا نه ڏنا آهن. مختصر طور تي هتي فقط سندس ٽن مقالن بابت چند خيال ظاهر ڪريان ٿو. مقالا عڪسي شاعريءَ، اهڃاڻي شاعريءَ ۽ رسالي ۾ رنگن جي اڀياس بابت آهن.

عڪس جي عام معنيٰ سنڌيءَ ۾ پاڇو کڻي ڪڍجي. انگريزيءَ ۾ Image اُن جو مترادف آهي. بقول تنوير: ”هونئن ته ڪي واقعا ۽ نظارا اسان جي لاشعور ۾ موجود آهن، پر انهن کي ٻيهر ياد ڏيارڻ لاءِ يا ٻيهر پيدا ڪرڻ عڪسي شاعري آهي.“ (شاهه لطيف جي شاعري، ص 150) دانشورن ۽ نقادن جا هن سلسلي ۾ حوالا ڏيندي عڪسيت جي وصف ڪندي تنوير عباسي رسالي مان حوالا ڏيئي ڄاڻائي ٿو ته بيتن ۾ عڪس ڪهڙا آهن. عڪسي صورتحال کي اڳ نقادن محاڪات (لفظن ۾ تصوير) سڏيو آهي. شاعر لفظن ۾ ڪنهن نظاري کي ائين پيش ڪري ڄڻ ٻڌندڙ / پڙهندڙ اُهو نظارو ڏسي / پسي پيو. موضوع کي واضح ڪرڻ لاءِ رسالي ۾ ڪيئي بيت ۽ وايون آهن. تنوير عباسي ڪي مثال ڏئي ٿو. مثال طور سهڻي اڪيلائيءَ  وڇن سان ويٺي حال اوري ۽ روئي-

ڳچي پايو ٻانهن، ويٺي روءِ وڇن سين،
لايان لال لڱن کي، اَئين جو چرو ڪانهن،
آءٌ اوهان جي دانهن، سدا ڀڻان سنري.
                                                   (ص 161)

ميهار ڪنڌيءَ تي ڪانهن کي جهليو ورلاپ ٿو ڪري ۽ درياهه کان سوال ٿو پڇي ته تو منهنجي ٻانهن ڪيئن ٻوڙي؟

ڪنڌيءَ جهليو ڪانهن، عاشق اُڀو آهون ڪري،
ٿو ڪيئن ٻوڙي سهڻي، ٻيلي مهنجي ٻانهن،
درياه توتي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي.
                                                   (ص 162)

جيترو شاهه صاحب محاڪات ۽ عڪسي شاعريءَ ۾ شاهوڪار آهي، اوترو تنوير عباسي هن موضوع جا بهترين مثال چونڊي سمجهاڻي ڏئي ٿو.

اُهڃاڻي شاعريءَ جي به تنوير عباسيءَ وصف ۽ مثالن سان سمجهاڻي ڏني آهي. اهڃاڻ (Symbol) جي وصف يا اُن تي سنڌيءَ ۾ ڪو ڪم ٿيل ڪونه هو. تنوير عباسي پهريون اسڪالر آهي، جنهن هن رويي کي هڪ موزون نالو ڏيئي اُن جي رسالي جي بيتن سان تطبيق به ڪئي ۽ ائين اهڃاڻي شاعريءَ جو اصطلاح مروج ٿيو.

تنوير عباسي مقالي جي منڍ ۾ اسٽيفن ملارمي، شيلي، پال ورلائين ۽ ٻين مغربي عالمن جي حوالن سان Symbolism جي وصف ۾ هن تحريڪ جو ذڪر ڪري ٿو. رسالي ۾ اهڃاڻي (Symbolic) شاعريءَ جي سمجهاڻي ڏيندي واضح ڪري ٿو ته ڪيئن شاهه صاحب اصل حقيقت کي بيان ڪرڻ لاءِ ڪن ڪردارن ۽ روين جو ظاهر سهارو ورتو ۽ اُنهن کي اهڙي پختي طريقي سان رائج ڪري ڇڏيائين جو پوءِ اچڻ وارن شاعرن اُنهن ڪردارن ۽ روين کي خوشيءَ ۽ آسانيءَ سان اختيار ڪيو. تنوير عباسيءَ ڳالهه کي واضح طور بيان ڪرڻ لاءِ بيتن جا مثال ڏنا آهن. رسالي ۾ مثالن جي کوٽ نه آهي. نموني طور چند مثال ئي ڪافي هوندا آهن. سسئيءَ جي حوالي سان هي مثال ڪيترو نه چٽو آهي.

بُرو هو ڀنڀور، جو آريائيءَ اُجاريو،
ڇوريون ڇُرڻ سکيون، پنهون ڪيائون پور،
لاٿو سڀ لوڪ تان، هاڙهي ڌڻيءَ هور،
آيو سو اتور، جنهن ڏُکيون ڏِکَ وهاريون.
                                                 (ص 238)

ڀنڀور ۾ آرياڻي (هاڙهي ڌڻي، اُتور، پنهون) جا اهڃاڻ تمام واضح آهن. آرياڻيءَ جهڙي شخصيت ڏانهن اشارو آهي، جنهن اچي بري ڀنڀور تان تڪليف جا ڏينهن لاٿا. روحاني معنيٰ جي لحاظ سان هن ڳالهه کي حضور رسول ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي اچڻ سان (آيو سو اتور) ڀيٽيو ويو آهي. هن مقالو محققانه انداز جو هڪ بهترين مثال آهي.

رنگن جي فلسفي کي تنوير عباسيءَ پهريون ڀيرو سنڌيءَ ۾ پيش ڪيو آهي. گرهوڙي صاحب ”اڇو الله ڳاڙهو رسول“ چيو هو. اُن سلسلي ۾ اسان جو استاد پروفيسر علي نواز جتوئي يونيورسٽيءَ ۾ ڪي نُڪتا سمجهائيندو هو. تنوير جي هن مقالي اچڻ کان پوءِ ڪي نام نهاد اسلام پسند پنهنجون پنهنجون ٻوليون ٻولڻ لڳا. علمي طور ڪوبه معاملو واضح ڪري نه سگهيا. غلام حسين پٺاڻ پنهنجو مقالو ’شاهه جي ڪلام ۾ رنگن جو مقصد‘ (”ڪينجهر“، سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي، 4/1990ع) لکيو. اُن ۾ هن روحانيت ۽ تصوف جي ڳالهه به ڪئي. تنوير عباسيءَ جي مقالي مان حوالا به ڏنا، پر کيس اُن باري ۾ ڇا چوڻو آهي؟ تنوير عباسيءَ جو مقالو ڪيئن تصوف واري معنيٰ سان متصادم آهي (يا نه آهي) اُهو هو دستور موجب واضح ڪري ڪونه سگهيو، ڇو جو رسالي جو مطالعو نه ڪري سگهيو ۽ ڪابه ڳالهه چِٽي نه ڪيائين، ته پاڻ ڇا ٿو چوڻ چاهي!

تنوير عباسي جڏهن رنگن جي اُپٽار ڪري ٿو ته سندس بيان ۾ سماجي ۽ نفسياتي پهلو نمايان آهي. هو زرديءَ کان ڳالهه شروع ڪري ٿو. اُهو هيئن ته چهري جي زرد رنگ (ورن) ڳالهه پڌري ڪري وڌي. ”ويري ٿيو ورن، ڳالهه ڪيائين ڳجهه جي.“

بيان جي دليل خاطر بيتن جا مثال ڏيڻ کان اڳ وڌيڪ بيان ڪيل رنگن جي ڳالهه ڪري ٿو. سندس خيال موجب ڳاڙهو رنگ شاهه صاحب کي وڌيڪ پسند آهي. مختلف هنڌن تي ڳاڙهي جا ٻيا نالا شاهه صاحب آندا آهن. لال، لالن، رت ورنو، ڪڪور، ڀنڀو،ڳاڙهو، مڃٺ، ارتو، ريٽو، رتول، کنهنبو، سرخو، ڪڪو، رتڙو ۽ سرخي- (ص ص 191 – 192)

انهن رنگن جا مثال رسالي مان ڏيندي تنوير عباسي پنهنجي بيان کي وزنائتو بنائي ٿو. ائين ڪاري، اڇي ۽ ٻين رنگن جو بيان مثالن سان ڪري ٿو. هُو ڪٿي به بيتن جي رنگن واري معنيٰ کي روحاني يا مادي لبادو نٿو پهرائي، بلڪ شاعرانه پوش ۾ رنگن جو اڀياس ڪري نتيجا ڪڍي ٿو. هي مقالو سندس رسالي جي اڀياس جو هڪ بهترين مثال آهي. هُو ڪنهن به ازم جو پوش پائڻ کان سواءِ رسالي ۾ رنگن جي اصلي جلوي کي ظاهر ڪري ٿو. هي مقالو وڌيڪ مطالعي جي ڄڻ دعوت ڏئي ٿو. ڪو محقق هنن نُڪتن جي وڌيڪ اُپٽار ڪري سگهي ٿو، ڇو جو اُن جي مطالعي لاءِ رسالو خود هڪ مها ساگر آهي.

(2) نانڪ يوسف جو ڪلام:

تحقيق جي ميدان ۾ تنوير عباسيءَ جو هي ڪتاب نهايت اهم آهي. هِن ۾ هڪ وڏي شاعر نانڪ يوسف جي سوانح ۽ ڪلام کي ترتيب ڏنو ويو آهي. سوانح عمريءَ جي سلسلي ۾ نانڪ يوسف جي ولادت، ننڍپڻ، سچل سائينءَ سان ملاقات توڙي نانڪ جي والد محمد هاشم کوکر جو بيان ڪيل آهي. اصل بيگاريءَ جا رهاڪو هئا. مشهور آهي ته عشق جو طوفان لڳو جنهن نانڪ يوسف کي درازن ۾ آندو. روايت موجب هو امرتسر ويو ۽ سک گروءَ جي گاديءَ تي وڃي ويٺو. سکن ڪاوڙ ۾ کيس گرم تيل جي ڪڙاهيءَ ۾ وڌو. اُتان صحيح سلامت نڪري آيو. کيس ائين ’نانڪ‘ جو لقب مليو. نانڪ يوسف، سچل سائينءَ جي اثر هيٺ وڏو شاعر ٿيو.

ڪتاب جو مقدمو 59 صفحن تي مشتمل آهي. هن ۾ سوانح جا تفصيل ڏنا ويا آهن. ڪلام جي ترتيب لاءِ اٺ قلمي نسخا ڀيٽيا ويا آهن. نانڪ يوسف جو سنڌي ۽ سرائيڪي ڪلام ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ بيت ۽ ڪافيون شامل آهن. هندي ڪلام ۾ ريختو توڙي ٻاڻيون شامل ڪيل آهن. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1983ع ۾ شايع ڪيو.

(3) ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي:

خوش خير محمد هيسباڻيءَ جو ڪلام ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ايڊٽ ڪيو آهي. ڪيترن ئي قلمي نسخن ۽ بياضن جي ڀيٽڻ سان هي ڪلام سهيڙيو ويو آهي. هن ڪتاب کي سنڌي ادبي بورڊ 1982ع ۾ شايع ڪيو آهي. هن ۾ مقدمو 40 صفحن تي مشتمل آهي. مقدمي ۾ شاعر خوش خير محمد هيسباڻيءَ (1809 – 1877ع) جي زندگيءَ جي احوال سان گڏ ڪلام جو ادبي جائزو ورتل آهي. ادبي جائزي ۾ سچل سرمست جي اثر کان وٺي ڪلام ۾ رومانيت، فارسي شاعريءَ جي اثر، هندي شاعريءَ جي اثر، زبان، تصوف ۽ ٻين پهلوئن تي روشني وڌي ويئي آهي. مقدمي جي آخر ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسي، فقير صاحب جي ڪافين تي هي رايو قائم ڪري ٿو: ”خوش خير محمد هيسباڻيءَ جي ڪلام جو اڀياس ڪندي معلوم ٿئي ٿو ته هن شاعر جو ڪلام سچل سرمست بعد سنڌي ۽ سرائڪيءَ جي بهترين ڪافي چوندڙ شاعر بيدل، حمل ۽ مصري شاهه کان جي اڳڀرو ناهي ته به ساڳي سطح جو ضروري آهي.“ (ص 40)

بيشڪ خوش خير محمد هڪ اعليٰ پايي جو ڪافي گو شاعر آهي. سندس ڪافي ”رُخ رانجهن ماه منير هويا...“ ڳائڻ ڪري عنايت فقير کي به سدا حيات ڪري ڇڏيو. هن ڪتاب ۾ شاعر جا سنڌي ۽ سرائڪي بيت ۽ ڪافيون آهن. آخر ۾ ٿورڙو هندي ڪلام به آهي. ڪتاب جي ترتيب ۽ ڪلام جي تدوين ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو هڪ تحقيقي ڪارنامو آهي.

(4) تررا:

هي ڪتاب تنوير عباسيءَ جي ڪيترين ئي نثري تخليقن جو مجموعو آهي. هن ۾ سندس ڪي ڪهاڻيون، ادبي مضمون، خاڪا، يادگيريون، مقالا ۽ سفرنامو شامل آهن. اُنهن جو تفصيل هي آهي.

(1) ادبي مضمون ۽ مقالا: آزاد نظم، جپاني هائڪو، جديد سنڌي شاعري، ادب ۽ سائنس.

(2) شخصيتون (خاڪا): غلام محمد گرامي، نسيم کرل، عابده پروين، ۽ ڏاڏا شاهه (هي خاڪا پوءِ ٻين خاڪن سان گڏ ”منهن تنين مشعل“ ۾ به شايع ٿيا).

(3) تبصرا: هو ڏوٿي هو ڏينهن، قاضي قادن جو ڪلام، ڳاڙها هٿ پيلا چهرا، ۽ نوان پلٽيل سڪا.

(4) يادگيريون

(5) انٽرويو (اوٻارا عنبير جا)

(6) چنڊ ٻه ٽڪر (دبئيءَ جو سفرنامو)

ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جون هي تحريرون اٽڪل چاليهن سالن جي عرصي تي محيط آهن. گهڻو ڪري سڀ ”مهراڻ“ ۽ ٻين رسالن ۾ اڳ ڇپيل آهن. هنن ۾ دبئيءَ جو سفرنامو نسبتاً تازو آهي، جنهن ۾ ليکڪ اُتي جي اديبن – موتي پرڪاش ۽ ڪلا پرڪاش – سان ملاقات، نارائڻ شيام ۽ ٻين سان گهاريل وقت توڙي مشاعرن جو ذڪر ڪيو آهي.

ادبي مقالن، يادگيرين، خاڪن ۽ تبصرن ۾ تنوير عباسيءَ جو مخصوص انداز موجود آهي. منجهس ادب کي پرکڻ ۽ شخصيتن بابت لکڻ جو ذاتي اسلوب موجود آهي. ڪتاب ”ترورا“ جي آخر ۾ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي نثري تخليقن جي عنوان وار تفصيل ڏنل آهي، جا هيءَ آهي.

1-     مقالا ۽ مضمون --- 40

2-    تقريرون --- 7 (سنڌي) 3 اردو

3-    پيغام --- 3

4-    مهاڳ --- 14

5-     تبصرا --- 10

6-    افسانا --- 3

(افسانن ۾ ”لوئي“ گهڻو مقبول ٿيو، جيڪو سماهي ”مهراڻ“ 1/1956ع ۾ ڇپيو هو)

7-    انٽرويو --- 6 (سنڌي) 1 (اردو)

8-    انگريزي مضمون --- 4

هي ڪتاب ”سهڻي“ پبليڪيشن 1988ع ۾ شايع ڪيو. هن جي اشاعت سان ليکڪ پنهنجن ٽڙيل پکڙيل تحريرن کي يڪجا ڪري ورتو آهي ۽ ٻين تحريرن جو اندراج به ڪري ورتو آهي، جيڪو گهٽ ماڻهو ڪري سگهندا آهن.

(5) جديد سنڌي شاعري

هيءُ ننڍڙو مجموعو تنوير عباسيءَ ترتيب ڏنو آهي ۽ سنڌ جي جديد شاعرن جي ڪلام تي مشتمل آهي. هي ڪتاب وفاقي وزارت تعليم جي خاص مالي گرانٽ سان 1981ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي. هن ۾ 38 جديد شاعرن جو ڪلام آيل آهي. اُهي شاعر ڪشنچند بيوس کان وٺي نئين ٽهيءَ جي شاعرن تائين آهن. اُنهن ۾ بيوس، اياز، تنوير، بردو، سرويچ ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام آهي. سرويچ جو مشهور نظم ”ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون“ به هن ۾ شامل آهي. پهريون بند هي آهي-

وه واه هي منهنجو وطن – چارئي ڪنڊون جنهن جون چمن،
سؤ سؤ منجهس پوکون پچن – واهڻ وسون جنهن جون وسن،
ماڻهو جتي جا محبتي – سورهيه سگهارا صحبتي،
سڀ مرد مايون محنتي - ۽ قول جن جا قيمتي،
ويهي رڳو واکاڻجن ٻيلا ٻنيون مهراڻ جون-
جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
 

اياز گل جي غزل جو مطلع آهي

درد جنهن ۾ ناهي دوست
سا دل پٿر آهي دوست.
 

ماٺيڻي اوٺي جي گيت جي وراڻي آهي.

من گهٻرائي،
آئين ڇو نه الائي.

هيءَ جيتوڻيڪ شعر ڪتاب آهي، پر تنوير عباسيءَ جي چونڊ ۽ ترتيب جو هڪ نمونو آهي ۽ مرتب شاعرن جو چونڊ ڪلام گڏ ڪيو آهي. اُن ڪري هِن کي هتي سندس ڪتابن ۾ شمار ڪيو ويو آهي.

(6) ڏوري ڏوري ڏيهه:

تنوير جو هي سفرنامو يورپ جي ملڪن – اٽلي، برطانيه، فرانس، هالنڊ ۽ يونان – جي سفر جي روئداد آهي. هن سفر ۾ سندس جيون ساٿي ڊاڪٽر قمر به همرڪاب هئي. جڏهن روم ۾ هوءَ ڪنهن سان جهيڙو ڪري ٿي ته تنوير کيس چوي ٿو ته ’پرديس آهي اُن ڪري خيال سان جهيڙو ڪر‘. اٽليءَ جي سفر کان ليکڪ اسان کي هن جي شهپارن سان متعارف ڪرائيندو هلي. سندس تحرير جذبات سان گڏ معلومات سان پُر آهي. مائيڪل اينجلو ۽ ٻين مصورن جي ڪم جي تعريف ڪندو وڃي پر محسوس ڪري ٿو ته هن معاملي ۾ لفظ ڪافي نه آهن. سسٽين شئپل (چئپل) جي ڇت تي مائيڪل اينجلو جيڪو ڪم ڪيو آهي، اُن تي فلمون ڏٺيون اٿئون پر صحيح مزو خود ڇت ۾ اکيون کپائي ڏسڻ آهي. ڊاڪٽر تنوير کي اُهي گهڙيون هٿ آيون. سندس بيان شاعريءَ کان گهٽ نه آهي. يورپ جي ٻين فن پارن تي به سندس بيان جذباتي انداز سان پُر آهي. پوءِ اُهي لنڊن ۽ پئرس جا ميوزيم ۽ فن پارا هجن يا ائمسٽرڊم ۽ اٿينس جي مصوري ۽ سنگتراشيءَ جا شاهڪار هجن.

اٽليءَ ۾ ڪئپري ٻيٽ جو رومانوي نظارو به بيمثال آهي. روم کان لنڊن پهچڻ بابت لکي ٿو ته آءٌ به تصور ۾ هيٿرُو ئي لهان ٿو. 1988ع ۾ آءٌ لنڊن ويس ته اڪثر اُهي مقام ڏٺم، جن کي ڏسڻ لاءِ ڊاڪٽر تنوير به ويو. خاص طور پئڊنگٽن اسٽيشن جنهن تي برٽرانڊ رسل جو اچڻ وڃڻ هو. مون کي اِها خبر نه هئي نه ته آءٌ به هن مقام کي سلام ڪريان ها.

تنوير عباسي برطانيا ۾ دوستن سان ملي ٿو. سنڌي سڄڻن کان سواءِ ڊاڪٽر ڪرسٽافر شئڪل سان به ملي ٿو. بقول سندس دل جي بدمعاشيءَ جو تدارڪ ڪرڻ، تپاسون ۽ معائنا ٿين ٿا. شيڪسپيئر جي آرام گاه جو ديدار، نئشنل آرٽ گئلري، برٽش ميوزيم ۽ هئرڊس توڙي ٻين وڏن اسٽورن ۽ بازارن جو سير ۽ خريداري جنهن ۾ ڀاڀي قمر جي جين جو قصو، ڪٿان ڪٿان هليو ۽ مسئلو بنيو. نيٺ روم کان هليل مسئلو آڪسفورڊ اسٽريٽ ۾ وڃي حل ٿيو، نظم مڪمل ٿيو.

ائمسٽرڊم ۾ هو اُهي ئي پنهنجي پسند جون جايون ڏسي ٿو. مون کي ياد آهي ته 1988ع ۾ ڄام صادق علي جي رهائشگاهه (بيلسائز پارڪ) لنڊن سامهون شيڪي ريسٽوران ۾ مون کي هالنڊ جي هڪ مورت ملي هئي. اُن کي مون پنهنجي ناولٽ ”شڪار“ جو هڪ اهم ڪردار ڪري آندو ۽ ڄڻ مون هالنڊ جا سڀ ماڻهو ڏٺا. تنوير عباسي به هالنڊ جي ماڻهن بابت چڱو خيال رکي ٿو.

پئرس پهچي اُهائي مصروفيت: ميوزيم، اهم جايون ۽ خريداري. فرانس جي قيام دوران هُو انهيءَ ئي جذباتي انداز سان سفر جو بيان ڪري ٿو. فرانس سان تنوير عباسيءَ کي وڌيڪ پنهنجائپ آهي، ڇو جو فرينچ ڄاڻي ٿو. اُن کان پوءِ آخري ملڪ يونان آهي. اُتي به سقراط ۽ ٻيا يونان جا ڏاها هُن جي ذهن ۾ جاءِ وٺي بيٺا آهن. هُو محسوس ڪري ٿو ته جن سياڻن دنيا کي سجاڳ ڪيو، اڄ اُنهن جي خود يونان ۾ ايتري اهميت نٿي ڏسجي.

هي سفرنامو 1984ع ۾ ”سهڻي“ پبليڪيشن حيدرآباد شايع ڪيو آهي. سفرنامو پنهنجي انداز بيان ۽ ليکڪ جي ذاتي مطالعي ڪري به منفرد آهي. هن مان تنوير عباسيءَ جي مصوريءَ سان دلچسپي ۽ ڄاڻ جي ڀليءَ ڀت خبر پوي ٿي.

(7) جا ماريا نه موت:

هي ڪتاب تنوير عباسيءَ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. اصل ڪتاب (ناول) يقيناً ڪو ويٽنامي زبان جو ڪتاب هوندو. حوالو ڏنل ڪونهي ته هي ناول اصل ڪنهن جو لکيل آهي ۽ مترجم ڪهڙي زبان مان سنڌيءَ ۾ آندو آهي. هي ناول سنڌي عوامي ڪتاب گهر حيدرآباد طرفان 1973ع ۾ شايع ٿيو آهي.

هن ناول جو هيرو ويٽنام جو هڪ بهادر نگوين وان تُروئي آهي. هتي آءٌ سورمي جي نالي جي باري ۾ عرض ڪريان ته 1966ع ۾ چين ۾ تعليم دوران منهنجو ويٽنامي ڪلاس – ڀاين سان واسطو پيو. اُن وقت ڏکڻ ويٽنام اڃان آزاد ڪونه ٿيو هو. ويٽنامي شاگردن جو مطمع نظر تربيت وٺي جنگ جو حصو وٺڻ هو. تعداد ۾ هڪ طرف سڄي دنيا جي ملڪن جا شاگرد (مثال هڪ سؤ) ته ٻئي طرف اوترا ئي ويٽنامي شاگرد! اُهي زبانن جي اداري (انسٽيٽيوٽ آف لئنگويجز) مان چيني ٻولي سکي، ٻين مطلوبه ادارن ۽ يونيورسٽين ۾ وڃڻا هئا. اُنهن ۾ ڪن جا نالا ڱ آواز سان شروع ٿيا ٿي. مثال طور ڱئون (مونث ڱئين) به هڪ عام نالو هو. انگريزيءَ ۾ ڱ کي NG سان لکڻ ڪري اُچار غلط ٿيو ۽ نگوين بيٺو. اسان جا ويٽنامي ڪلاس – ڀائي اڪثر بحث ڪري چوندا هئا ته ويٽنامي اُچار هر ڪنهن کي ڪرڻ نه ايندا، پوءِ جڏهن مون کين سندن آواز ڱ، ڃ ۽ ڏ ڪڍي ڏيکاريا ته خاموش ٿي ويا. مون کين ٻڌايو ته اسان وارا همراه سنڌيءَ لاءِ به ائين چون ٿا، پر ٻنهي ٻولين ۾ اهي آواز هجڻ ڪري ٻنهي ڌرين جو اهو ٻٽاڪ ختم ڄاڻڻ کپي. ’ڱئون ڪائوڪي‘ اڳوڻي ڏکڻ ويٽنام جو ڪٺ پتلي وزيراعظم به هو.

عوامي سياست ۽ ڪميونسٽ اڳواڻن تي هن کان اڳ رسول بخش پليجي جا ڪتاب ”هوچي منهه جي ڪهاڻي“، ”مائوُزَ تنگ“ (اصل اُچار اهو آهي: مائوُ- زَ- تُنگ) ۽ ”جيڪي بنگال سان ٿيو“، ڇپجي چڪا هئا. منهنجو ڪتاب ”مائوءَ جي ملڪ ۾“ (سفرنامو) به 1973ع ۾ ڇپيو. اِنهن ئي سالن ۾ عوامي اُڀار وارو فڪر سنڌ ۾ چڱي اهميت وارو هو. اُن ۾ رسول بخش پليجي جي تحريرن جو خاص حصو هو.

هِن ڪتاب جو هيرو ڱئُون (نگوين) پنهنجي جدوجهد ۽ قربانيءَ جي ڪري مرڪزي حيثيت وارو آهي. سندس زال ”فان ٿي ڪوئِينِ“ جو فوٽو به هيرو سان گڏ ڪتاب جي منڍ ۾ ڏنو ويو آهي ۽ ڱئون (نگوين) جي قتل ٿيڻ کان اڳ، سندس چيل هي جملو نمايان آهي ته: ”مرڻ وقت مون کي هن ڌرتيءَ کي ڏسڻ ڏيو. منهنجي پياري ڌرتيءَ کي-.“

(8) منهن تنين مشعل:

هي ڪتاب تنوير عباسيءَ جي لکيل خاڪن تي مشتمل آهي، جن ۾ شهره آفاق شخصيت علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ سان گڏ ڪن عام ماڻهن ۽ دوستن تي به خاڪا اچي وڃن ٿا. خاڪن جو مجموعو نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد 1990ع ۾ شايع ڪيو آهي. هن ۾ جيڪي اهم شخصيتون شامل آهن، اُنهن ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضي، پير حسام الدين راشدي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، غلام محمد گرامي، مقبول ڀٽي، رشيد ڀٽي، نسيم کرل، عابده پروين، ڏاڏو شاهه ۽ لعل اچي وڃن ٿا.

هنن شخصيتن تي خاڪا لکندي تنوير عباسي اُنهن جو ويجهي کان جائزو ورتو آهي ۽ اُنهن جي زندگيءَ جي اهم پهلوئن جو جائزو ورتو اٿس. نه رڳو ايترو پر اڪثر هنڌن تي ليکڪ جي شگفته تحرير به نمايا آهي، جنهن مان فني طور سندس نثر نويسيءَ جو پهلو واضح ٿئي ٿو.

(9) ٻاراڻا ٻول:

سڌريل ٻولين ۾ ٻاراڻي ادب جي تخليق به گهڻي ٿيندي رهندي آهي. سنڌيءَ ۾ ٻارن جي وندر ورونهن ۽ نصيحت لاءِ ٿورو ادب تخليق ٿيو آهي. ان جي ابتدا مرزا قليچ بيگ ڪئي. انگريزن جي دور ۾ اڪثر هندو ليکڪن به هن موضوع تي لکيو. موجوده دور ۾ ڪن ادارن ٻارن جا رسالا ۽ ڪتابي سلسلا ڪڍيا. ڪي انفرادي ڪوششون به ٿيون. اياز گُل، ادل سومري، اڪبر جسڪاڻي ۽ ڪن ٻين نوجوان ليکڪن ٻارن لاءِ نثر ۽ نظم ۾ لکيو. سنڌ ۾ ڪي ٻاراڻا ٻول ۽ راندين سان لاڳاپيل تُڪون موجود آهن، اُنهن مان اڪثر تي آڌاريل گيت به آهن.

تنوير عباسي ٻاراڻن گيتن ۽ ٻولن جي چونڊ ۽ سهيڙ ڪئي آهي. هي 34 صفحن جو ننڍو ڪتاب سنڌالاجيءَ 1975ع ۾ شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ بيوس، اُستاد بخاري، نثار بزمي، هوندراج دکايل، احمد خان آصف ۽ نادم بچل شاهيءَ جو ڪلام شامل آهي.

ڪتاب ”ٻاراڻا ٻول“ جيئن ته تنوير عباسيءَ رڳو سهيڙيو آهي؛ پر ته به هن قسم جي چونڊ ۽ ترتيب ۾ مُرتب جي سوچ کي وڏو دخل هوندو آهي. هونئن ٻاراڻن ٻولن جي نالي ۾ ڪيترو غير معياري ڪلام به هوندو آهي. چونڊ ڪندڙ اُن مان ڪنڪر ڪڍي ڦٽا ڪندو آهي ۽ هيرا هٿ ڪندو آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ اُهو ڪم خوبيءَ سان ڪيو آهي.

(10) سچل سرمست (Sachal Sarmast):

ڊاڪٽر تنوير هي ايڊٽ ڪيو آهي، جنهن ۾ انگريزيءَ ۾ لکيل اَٺ مقالا آهن. ضرورت هميشه محسوس ڪئي ويئي ته پنهنجن شاعرن ۽ دانشورن جي زندگي ۽ ڪارنامن کي ٻين قومي ۽ بين الاقوامي ٻولين ۾ متعارف ڪرايو وڃي. انگريزي ته اُها زبان آهي جا دنيا جي بيشتر ملڪن ۾ سمجهي وڃي ٿي. انگريزيءَ ۾ شاهه لطيف ۽ سچل تي ٿورو گهڻو لکيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ ڇهه مقالا اڳ ڇپيل آهن، جن ۾ ڊاڪٽر انيمري شمل، ڊاڪٽر ڪرسٽافر شئڪل، ڄيٺمل پرسرام، ٽي. ايل واسواڻي، گُرديال ملڪ ۽ پروفيسر ايل. ايڇ. اجواڻي جا مقالا آهن. تازا ٻه مقالا امر جليل ۽ تنوير عباسيءَ جا آهن. هي سڀ مقالا سچل سائينءَ جي زندگيءَ ۽ ڪلام جي اهم پهلوئن کي اجاگر ڪن ٿا. ڊاڪٽر شمل جي مقاليAttar of Sindh کان وٺي ڊاڪٽر تنوير جي پنهنجي مقالي Mysticism, Sindh and Sachal  تائين سچل سرمست جي فڪر کي موثر نموني ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي. تنوير عباسي پنهنجي مقالي ۾ حوالن سان اهو ظاهر ڪري ٿو ته سچل سائين ”آءٌ جوئي آهيان سوئي آهيان“ چئي نظريي کي واضح طور ماڻهن کي سمجهايو آهي. منصوري موج ۾ هن جو ڪلام ڪيترن ئي وهمن کي رد ڪري ٿو ۽ خلق کي ٻڌائي ٿو ته: ”پڻيءَ ڄڃ مَ ڄُل منجهه تماشي نه پوين.“

انگريزي مقالن جو هي ڪتاب سچل چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ 1989ع ۾ شايع ڪيو آهي.

هنن تحقيقي ۽ ٻين نثري ڪاوشن کان سواءِ تنوير عباسي شاهه جي رسالي 1275هه واري قلمي نسخي تي تحقيق ڪري مڪمل ڪيو آهي ۽ اشاعت لاءِ تيار آهي(ديباچو ”تنوير چئي“. ص 2 – 1989ع) تحقيق جي سلسلي ۾ ”سچل چيئر“ ۾ رهڻ دوران تنوير سچل جو رسالو تقريباً تيار ڪري ورتو هو.

”... اردو شاعري پڙهيم ته محسوس ٿيو ته پنجاهه ديوان پڙهو تڏهن به ساڳي ڳالهه! وري جڏهن فارسي شاعريءَ کي سمجهڻ ۽ ٻڌڻ جي ڪوشش ڪيم تڏهن پتو پيو ته فارسيءَ وارا جيڪي شعري روايتون ختم ڪري چُڪا آهن، اُهي اردوءَ کان ڦرندي گهرندي هاڻي وري سنڌيءَ ۾ اچڻ لڳيون آهن ۽ هلن پيون. انهيءَ ڪري مون ۾ جيڪا تخليقي خواهش هئي، انهيءَ جي اڃ انهيءَ ٻوليءَ، مواد ۽ روايتن جي ڪري پوري نٿي ٿي. ٻيو ته مون ڏٺو ته منهنجي چوڌاري جيڪي کٿن، اجرڪن، لوين ۽ پٽڪن وارن پيڙيل، ڏتڙيل ۽ مجبور ماڻهن جا انبوهه آهن. انهن سان به منهنجو ڪو رشتو آهي. وطن ويڙهيچن سان آهي. اهي ڀٽائيءَ چواڻي اسان جا ’پنهنجا‘ آهن. انهن جا ڏک ۽ سور جيستائين شاعري پنهنجي دامن ۾ نه ٿي آڻي، تيستائين اُهو وچن پورو نه ٿو ٿئي. مون تڏهن محسوس ڪيو ته انهن جي ئي ٻوليءَ ۾ انهن جا ئي ڏک ۽ درد اوريا وڃن – سو اهي ڳالهيون هيون جن مون کي ’مغموم‘ مان ’تنوير‘ بڻايو. منڍ ۾ مون ۽ منهنجي ساٿين جڏهن ان قسم جي شاعري ڪئي، پڙهي ۽ پيش ڪئي ته ماڻهو وائڙا ٿي ويندا هئا. پر ٿوري ئي عرصي کان پوءِ اسان ڏٺو ته اسان جي شاعريءَ تي ڪڏهن ماڻهن جي چپن ۾ مرڪ تري ايندي هئي ته ڪڏهن اکين ۾ لڙڪ لڙي پوندا هئا. اسان پنهنجي شاعريءَ کي ائين جيئري جاڳندي ڏٺو...“ – تنوير عباسي

 

ڪي ڳالهيون ڪي يادون

 

خاڪ گهڻا خان کائي ويئي. غالب جي بيان ۾ ڪجهه پنهنجي زبان ۾ آءٌ هيئن چوندس ته ڪجهه اهڙيون صورتون لال وگُل ۾ نمايان ٿي ويون آهن، پر خاڪ گهڻيون صورتون پنهنجي اندر پنهان ڪري ڇڏيون آهن. انهن جون ڳالهيون ۽ ڳُڻَ، انهن جون يادون ۽ رَوِشُون گم ٿيڻ جون نه آهن.

ڊاڪٽر تنوير عباسي هڪ شاعر ۽ دانشور ته هو، پر هڪ اعليٰ ظرف انسان ۽ دلبر دوست به هو. دنيا ۾ دلبر دوست ملڻ آسان ڪونهي، ٺڳن جا ٽولا دوستن جي ويس ۾ اسان کي ٺڳڻ لاءِ جام پيا هلن. منهنجي تنوير سان ملاقات 1956ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿي. هو ميڊيڪل ڪاليج ۾، ۽ آءٌ فرسٽيئر آرٽس ۾ هئس. مون کي هن جي گفتگو جا دلبري ۽ لهجي ۾ نرمي ملي سا مون کي سندس زندگي جي آخر تائين منجهس نظر آئي. هو بدليو ڪونه. ماڻهو ڪرسين تي ويهڻ يا اختيار ملڻ سان پيءُ لاءِ به بدليل ڏٺاسين. اُن پهرين ملاقات کان پوءِ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ ملندا رهندا هئاسين. هڪڙي ڀيري ڪراچي هوٽل ۾ ميڊيڪل ڪاليج جي ڪنهن پروفيسر جو لطيفو ٻڌايائين ته هو اڪثر امتحان جو پيپر آئوٽ ڪري ڇڏيندو هو. ڪينٽن ۾ اچي سامهون نظر ايندڙ هڪ يا ٻن شاگردن کي اشاري سان پنهنجي ٽيبل تي سڏيندو هو ۽ رازداريءَ سان چوندو هو: ”امتحان جو معاملو آهي. آهي ته سيڪريٽ پر اوهين دوستن وانگر آهيو. هي ٻه سوال اوهان کي ٻڌايان ٿو. او هُو آخري ٽيبل تي ٻه ڇوڪرا ويٺا آهن. اُهي اوهان جا دوست هجن ته سڏي وٺونِ.“

ڇوڪرا چوندا: ”ها سائين! دوست آهن – راز رکندا.“ بس پوءِ ايئن مجموعو وڌندو ويندو ۽ سڄو ڪلاس هي راز ٻڌي وٺندو هو. ايئن اُهو پروفيسر خير خواهي ڪندو خود ئي سال اندر امتحان کان ٻاهر وڃي پهتو.

تنوير عباسي ڊاڪٽر ٿيو. حيدرآباد ۾ ناز سئنيما ويجهو ڦليليءَ وٽ ڪلنڪ کوليائين. بخار ۽ کنگهه کڙڪي جي دوا وغيره لاءِ آءٌ وٽس ويندو هوس. جيڪا دوا تجويز ڪندو هو سا خود اسپتال مان ئي ڏيندو هو.

پاڻ جڏهن خير سان خيرپور لڏي ويو ته به ساڻس رابطا رهندا آيا ۽ سچل يادگار ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري ٿيو ته سچل ادبي ڪانفرنس لاءِ هميشه دعوت ڏيندو هو. مون کي ياد آهي ته اديب خيرپور ۾ اچي لٿا ته پهرين تنوير اچي ملندو هو ۽ انهن جي آرام آسائش جي پڪ ڪندو هو. هڪ ڀيري مون اڪيلي کي شهر ۾ ڪنهن جي خانگي اوطاق تي ترسايو ويو ته به هڪدم اتي آيو. منهنجي ٽرانسپورٽ ۽ کاڌي جو انتظام اوطاق جي ڌڻيءَ ڪيو ۽ مهمانداريءَ جا فرض نهايت حسن ۽ شائستگيءَ سان ادا ڪيائين. ڊاڪٽر تنوير عباسي مهمانداريءَ جا فرض آخر تائين جيئن ادا ڪيا، اُهي دنيا ڄاڻي ٿي.

1982ع ۾ جيڪو سچل نئشنل سيمينار ٿيو، تنهن جي ادبي نشستن، نمائشن ۽ ٻئي انتظام جو معيار به نهايت اعليٰ رهيو. هڪڙي ادبي نشست جو سيڪريٽري آءٌ هوس. جڏهن مقالا پڙهجي ويا ته مون کي آهستگيءَ سان چيائين ته: ”رپورٽ پڙهڻ لاءِ شيخ اسماعيل کي سڏ.“ مون سمجهيو ته ڪا هون هان ڪرڻ جهڙي ڳالهه هئي. اها ڳالهه مون پوري سمجهي نه هئي. ايتري ۾ مون کي قدري تيز لهجي ۾ چيائين: ”شيخ اسماعيل کي سڏ نه“. مون هڪدم مائيڪ تي اچي شيخ اسماعيل کي سڏيو؛ پر سندس اِهي لفظ سدائين ڪنن ۾ گونجندا اٿم. اُنهن ۾ ذرو به تلخي ۽ تيزي محسوس نه ٿيندي اٿم.

پاڻ پنهنجي پُٽَ سرمد جي قريب رهڻ خاطر عمر جي آخري حصي ۾ اسلام آباد ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيائين ته خاص طور خيرپور جي دوستن، ان فيصلي کي ٻڌي پنهنجن جذبن جو اظهار ڪيو ته اُنهن کي آٿت ڏنائين ۽ پنهنجي لئبرريءَ لاءِ هي جملو به چيائين ته: ”جتي مست ويندا ته مئخانا به اُتي ويندا.“ مون به کيس خط لکيو هو ته اُن جو به محبت ڀريو جواب ڏنو هئائين.

تنوير عباسيءَ جو شاعريءَ ۾ به هڪ نرم ۽ مخصوص لهجو آهي. ساڻس 1980ع ۾ هڪ ملاقات ياد ٿي پويم. آءٌ ته خالد شهيد يونيورسٽيءَ جي امتحان جي سلسلي ۾ سکر آيا هئاسين. شام جو فرصت هئي. خالد شهيد چيو ته هلو ته فتاح ملڪ سان ملي اچون. خالد جي گهران روهڙي مان نڪتاسين پهرين بيدل جي درگاهه تي آياسين، اُتان موٽندي خالد جي دوست الاهي بخش شيخ وٽ ڪجهه گهڙيون گهاري سکر ۾ فتاح وٽ پهتاسين اُتي تنوير عباسي موجود هو. چڱو وقت ڪچهري هلي، ان وچ ۾ آءٌ شيخ اياز سان ملي آيس. ماني به فتاح وٽ کاڌي سين يا ڪوفتي ڪباب ۽ چانهه جو دور پئي هليو. اُهو مون کي اڄ به ياد ٿو پوي. بهرحال تنوير سان اُها ادبي ڪچهري وسرڻ جي نه آهي.

اُن کان پوءِ تنوير عباسيءَ سان هڪ رهاڻ سندس گهر ۾ ياد اٿم 1995ع ۾ سچل ڪانفرنس مان موٽندي ڊاڪٽر نواز علي شوق چيو هلو تنوير سان ملندا ٿا هلون. ٽيون اسان سان نياز همايوني هو. ملياسين ۽ پنج منٽ ترسڻو هو پر ڪلاڪ لڳي ويا. ڳالهيون کلي پيون. اِن باري ۾ مون پوءِ تنوير عباسيءَ تي خاڪو لکيو. جيڪو مهراڻ جي 1996ع جي ٽئين نمبر ۾ ڇپيو. سندس باري ۾ هڪ ننڍڙو ڪتاب لکڻ کان اڳ مون کانئس ڪجهه معلومات گهري ته پهريائين ڏاڍو شرمائڻ لڳو، پر مون کيس مڃايو ۽ معلومات لکي موڪليائين ۽ هي ڪتاب مون 3 آگسٽ 1999ع کان لکڻ شروع ڪيو – 26 سيپٽمبر 1999ع تي مڪمل ڪيم. پاڻ هڪ نظر ڏسي پسند ڪيائين. سندس راءِ خط ۾ موجود آهي. هي ڪتاب تنوير عباسيءَ جي زندگيءَ ۽ ادبي ڪم جي هڪ مختصر رپورٽ آهي. ڪيترا پهلو آهن، جن تي تحقيقي مقالا ۽ ٿيسز لکڻ جي ضرورت آهي.

هي موجوده مضمون فقط ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي ڳالهين ۽ يادن جو هڪ خاڪو آهي. سچ پچ ته هُو هڪ موتي داڻو آهي. سندس ڳالهيون ڳڻڻ ۽ ڳائڻ جهڙيون آهن.

 

ڏهه منٽ

”تنوير هيئن ٿو چوي“ هُن چيو- ”ائين وري ڪيئن هوندو؟“ هُن جو مطلب هو ته دنيا ۾ هيترا خراب ۽ ظالم ماڻهو موجود رهيا آهن ۽ آهن. اهي سڀ موتيءَ داڻا ته نه آهن. مون کيس ٻڌايو ته شاعر جي رويي کي ڏس، شاعر جي دل ڏس، شاعر ڇا گهري ٿو اها تمنا ڏس!

اها ڳالهه ان سال جي آهي جنهن سال تنوير عباسيءَ جو هي موتيءِ داڻي جهڙو گيت سرجيو هو. هي منهنجو دوست ڪنهن جو ستايل هو، اُن ڪري ايئن سوچيو هئائين. اڄ اسر ويل اها ياد دل تي تري آئي ۽ وري دل تي تري آئي. اها 1956ع جي شام ۽ بسنت هال حيدرآباد جو ننڍڙو باغيچو جنهن ۾ تنوير عباسي هڪ دوست سان گڏ، سنڌي ادبي سنگت جي ڪچهري قائم ٿيڻ جي انتظار ۾ ويٺو هو. آءٌ حيدرآباد ۾ فرسٽ ايئر ۾ داخلا وٺي ادبي محفلن جا پنڌ پڇائيندو اتي پهتو هوس. پنهنجي به ڪا هڪ اڌ تخليق شايع ٿي هئم. سڃاڻپ ڪرايم (عبدالجبار شام) تنوير جواب ۾ پنهنجو نالو ٻڌايو ۽ ٻئي ساٿيءَ جي سڃاڻپ ڪرائي ممتاز مرزا. ٿوري دير ۾ مقبول ڀٽي، مقبول صديقي، شمشير الحيدري، مراد علي مرزا، غلام محمد گرامي ۽ ڪي ٻيا دوست پهچي ويا. شعر توڙي افسانا پڙهيا ويا. ايا ڏنا ويا ۽ پوءِ اهو سلسلو هلندو رهيو.

17 فيبروري 1995ع تي خيرپور کان موٽندي دوستن چيو تنوير کان موڪلائيندا هلون. ڊاڪٽر نواز علي شوق، نياز همايوني ۽ آءٌ ساٿ ۾ هئاسون. شوق صاحب چيو: ”بس ڏهه منٽ“. اسان ٻنهي ڪنڌ لوڏيندي چيو: ”ها بس ڏهه منٽ“. آءٌ پهرين گاڏيءَ مان لٿس ۽ گهر جي هيٺاهين تي بيٺل ايوان ۾ پير پاتم (تنوير جو گهر سندس فرزند سرمد جي نالي سان آهي ۽ روڊ جي سطح کان هيٺ تي آهي).

گهنٽي وڄايم ته ڪافي دير ڪو جواب ئي نه مليو. نيٺ کيسي مان ملاقات جو ڪارڊ ڪڍي نشانيءَ طور در ۾ ڇڏڻ جو ارادو ڪيم. شوق صاحب ۽ نياز صاحب به چيو ته ٺيڪ آهي. اڃا پٺ ورائي وڃڻ وارا ٿياسين ته آواز آيم: ”ادا! متان ويا آهيو“. هيءَ ڀاڀي قمر هئي ۽ اندريون در کولي، ٻاهريون گِرل وارو لوهي در کولي اسان کي مسڪرائيندي کيڪاريائين. في الحال اسان کي ڪلينڪ ۾ وهاري تنوير کي سڏڻ هلي ويئي. ٿوري دير ۾ هُو به سگريٽ مان دونهان ڪڍندو، اُن جو نتيجو ڀوڳيندو (کنگهندو) آيو. پاٻوهه سان مليو. ڪلهه سچل ڪانفرنس ۾ ته گڏ هئاسين ۽ ڪنهن چيو ته ”بس ڏهه منٽ‘ رڳو موڪلائڻ خاطر آياسين“... تنوير به مشڪندي چيو: بس ڏهه منٽ چانهه ته پيو، اسان کي تنوير جي جواب مان لڳو ته شايد ٻيا به ڏهه منٽ لڳي وڃن. ڏهه ٿيا هئا، اندر ڊرائينگ روم ۾ وڃي ويٺاسين. ڏهه منٽ شروع ٿي ويا. چانهه آئي بسڪوٽ آيا گهڙيال هلندو رهيو ۽ ڏهن مان ويهه منٽ ٿيا. ڳالهيون الائي ماضيءَ مان ڪٿان شروع ٿيون. تنوير چيو ته: هڪ ڀيري نياز کي حيدرآباد مان ڪار ۾ کنيم. کيس اُتي ئي لهڻو هو پر حيدرآباد کان ٻاهر نڪري آيس. گهڻو چيائين گهر ڪونه ٻڌايو اٿم. جڏهن هالا پهتاسين تڏهن ليلائڻ بند ڪيائين ۽ محسوس ڪيائين ته هاڻ جند ڇٽڻ محال آهي. سڌو خيرپور اچي نڪتاسين. نياز، پوءِ گهڻا ڏينهن هُئين هِتي؟“

نياز اڃا جواب ڏي تنهن کان اڳ ڄاتوسين ته اسان کي ڏهن منٽن جي خبر نه آهي ۽ هاڻ ته اڌ ڪلاڪ جو خير هجي. ماضيءَ جا دفتر کلي پيا. تنوير سامهون ڀت تي ٽنگيل هڪ فوٽوگراف ڏي ڌيان ڇڪايو جنهن ۾ پاڻ، سندس جيون ساٿي ۽ ٽي ٻار نظر اچي رهيا هئا. فوٽو ۾ جيڪو فن جي لحاظ کان توازن هو سو ته اُن جي خوبصورتي لاءِ ڪافي هو پر ڇو جو ٻار هِن وقت ماءُ پيءَ کان پري هئا، اُن جو احساس به نظر اچي رهيو هو. سرمد لاءِ چيائين ”سرمد منهنجا اصل ٿڪ لاهي ڇڏيا آهن.“ هن جي قابليت تي تنوير کي فخر هو. اُن جو اظهار تنوير جي ڳالهين مان ٿيو پي. نياڻي پارس پنهنجي گهر تڙ واري ٿي چڪي هئي. هوءَ اسلام آباد ۾ هئي ۽ ٻي نياڻي مارئي به پنهنجي نئين گهر ۾ ڄامشوري ۾ هئي.

ان ڏينهن ٽنهي ٻارن جو وجود گهر تي ڇانيل نظر آيو پي. نه رڳو نياڻيون گهرن تڙن واريون ٿي ماءُ پيءَ کان دور هيون، پر ولي عهد سرمد به نيوجرسي (آمريڪا) ۾ ڪمپيوٽر سائنس ۾ ايم. فِل کان پوءِ پي ايڇ. ڊي ڪري رهيو هو. اُن کي موجود ڄاڻڻ لاءِ اُن جون ڳالهيون، اُن جو ڪتابن جو ذوق، تنوير جي زبان تي هو. ايئن پارس ۽ مارئيءَ جون ڳالهيون ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان تنوير جي زبان تي هيون.

تنوير رڳو محبت جو شاعر نه آهي پر مجسم محبت آهي، ٻارن لاءِ محبت مان اِها ڳالهه پروڙي پئي سگهياسين. پارس جو ڪتاب ”ريشمي آواز“ هڪ ڀيرو وري به ڏنائين. مون کي ياد پيو اڳ به ڪاپي موڪلي ڏني هئائين. مون رايو به لکي کيس ڏنو هو، جيڪوکيس ياد پيو ته پاڻ پارس ڏي موڪلي چڪو هو. تنوير جڏهن ايل ايم سيءَ ۾ شاگرد هو، نوجوان هو تڏهن به مون هُن کي ڏٺو هو. اَڄ هُو سٺ سالن جي حد پار ڪري چڪو آهي ته به سندس سوچ، سندس ڳالهائڻ جو انداز ۽ رويو مون کي اُهو ئي لڳندو آهي. سندس موتيءَ داڻي وارو جذبو اُهوئي آهي. نه هُو پوڙهو آهي، نه بيزار پوڙهي وانگر آهي. تنوير جي شاعري ۽ گفتگو هڪ ئي انداز جي آهي. تحقيق جي ڪم کي لڳو ته اُهو به نهايت معياري سطح تي ڪيائين.

اُن ڏينهن جي ڳالهين ۾ نياز جا لطيفا ۽ ٽوٽڪا ايترا وڻندڙ هئا جو وقت جو احساس ئي نه رهيو. سندس به نڙي خشڪ ٿي ويئي. پاڻي جو جڳ کپائي ڇڏيائين. شوق صاحب ”لئنگويج اٿارٽيءَ“ جي پروگرامن تي ڳالهائي رهيو هو. وري تنوير جي اَدبي ڳالهين جو به ڪو سَنڌو سيڙهو نه هو. سندس ڳالهين ۾ ماضيءَ جو معاملو آيو ٿي ته اُهو به ڄڻ ماضيءَ جي خوبصورتيءَ کي ظاهر ڪري رهيو هو. اڄوڪي ڪچهري ۾ پنهنجن ٻارن جو ذڪر ڪندي تنوير اطمينان جو اظهار ڪيو ٿي، جنهن ۾ سندن جدائيءَ جو احساس وڌيڪ نمايان هو. اُن احساس کي لڪائيندي به لڪائي نٿي سگهيو. اَدي قمر جو به اهو حال هوندو. موڪلائڻ وقت ڀاڀي اندران آئي، جيڪي به چند لفظ بظاهر ٻيا چيائين انهن ۾ به اُهو ٻارن جي جدائي جو احساس نمايان هو. تصور ڪجي ته جڏهن ٻار ماءُ پيءَ وٽ ايندا هوندا ته گهر ڪيئن خوشيءَ ۾ ٻهڪڻ لڳندو هوندو. سرمد جي آمريڪا ۾ تعليمي ڪاميابين تي تنوير ڪيترو نازان هو ۽ ان جو ڪيئن ذڪر ڪري رهيو هو – بس ”ڳري ۽ ڳالهيون ڪري“ وارو معاملو هو. نياڻين جي دوريءَ جو ذڪر نه ڪرڻ ماءُ پيءَ جي وس ۾ نه هوندو آهي. اُنهن کي بهاني، اٽڪل، حوالي ۽ استعاري سان ياد ڪبو آهي. مثال طور: پارس پنهنجن مائٽن جي دوستن جو ڪيترو خيال رکي ٿي. ڪو ڪوڙو چاچو ئي اَڌي مانجهي وڃي نڪري ته ان جي خاطرداريءَ ۾ زمين آسمان هڪ ڪري ڇڏي ٿي. چِپس ۽ چانور گهري ته حاضر  ٻوڙ مانيون طلبي ته به هردم حاضر. مارئي به ايئن مهمان نوازيءَ ۾ ٻه قدم اڳتي. ماءُ وانگر مهماندار، پيءُ مثل موتيءَ داڻو. تنوير واري قرب داريءَ جي ونڊ ۾ ٻار به شامل اهو به قدرت جو رنگ آهي؛ جو مائٽن جون خوبيون ٻارن ۾ رهن ٿيون. ها!! ڪي ٻار مائٽن جي هلت جي ابتڙ به هلندا آهن. تنوير جي شاعري پارس جي ”ريشمي آواز“ ۾ ٻولي رهي آهي. اڃان شروعات آهي.

اڄوڪي ملاقات ۾ ماضيءَ جا قصا بيان ٿيا. گذري ويلن جا تذڪرا ٿيا. سڀن انهن ۾ حصو ورتو. نياز خاص طور ميدان ماري ويو. وري پاڻيءَ پيتائين ۽ تجويز اِها ٿي ته ڪو ٿرماس ڀري ڏجيس ته ايندڙ سفر ۾ ساڻ هجيس. پر هُن اِها تجويز رد ڪئي. اُتي ئي پاڻي پيئندو رهيو.

مون کي ياد آهي تنوير سان اڳوڻين پراڻين ملاقاتن کان پوءِ خيرپور ۾ سچل ڪانفرنسن ۾ ملاقاتون هر سال ٿين ٿيون. 1982ع وارو سچل قومي سيمينار جنهن اعليٰ سطح تي ڪيائين، اُن جو مثال ناهي. سکر ۾ امتحان وٺڻ لاءِ جڏهن به ويو هوندس ته ڪن موقعن تي فتاح ملڪ جي اوطاق / آفيس ۾ تنوير سان ملڻ ٿيو. يا حيدرآباد ۽ ڄامشورو آيو ته هر وقت هر دم هُن مان مون کي محبت ۽ پنهنجائپ جي خوشبوءِ آئي. ڪنهن به طرح ٻيائي، منافقت ۽ ڌاريائپ جو احساس نه ٿيو. ايئن سمجهندو رهيو آهيان ته هو موتيءَ داڻو آهي هر ڪنهن کي موتيءَ جو داڻو ۽ هيرن جي کاڻ ڄاڻي ٿو. پيار جو اجهاڳ سمنڊ سندس من ۾ ئي ڇوليون هڻي پيو. پيار ئي شاعر جي شعرن مان، رويي مان ۽ گفتگو مان بکندو رهندو آهي.

مون کي ياد آهي 1988ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس ڪئي سين. اُن جي هڪ اجلاس ۾ تنوير صدر هو. اُن ۾ هندوستاني سنڌي اديبن کي شرڪت جي اجازت نه ملڻ بابت چيائين ته: اديب ملڪ نه ٽوڙيندا آهن، اديبن ۾ اهڙو شڪ نه آڻڻ گهرجي. هُن جو ايترو چوڻ سان پنڊال تاڙين سان گونجڻ لڳو.

سچ آهي محبت ئي دلين کي روشن ڪري ٿي. اِها روشني ئي ڪائنات ۾ سچو جذبو پيار، رواداري ۽ پنهنجائپ پيدا ڪري ٿي. محبت جو مجسمو هڪڙو تنوير نه آهي، ٻيا به آهن پر تنوير به هڪ خوبصورت پيار جو مجسمو آهي ۽ نمايان آهي. نفرت جي پتلن لاءِ ڇا چئجي! اُهي اکيون پوري ٿا ڇڏين. پنهنجي مفاد خاطر اکيون پوري ڌوڙ ۾ ٽٻي هڻن ٿا. دنيا ۾ اوندهه، نفرت جي پتلن جي پيدا ڪيل آهي، پيار ۽ محبت جي مجسمن ظلمت جي تهن کي روشنيءَ جي ترورن سان هميشه دور ڪيو آهي.

تنوير جي شاعريءَ تي تبصرو هتي ڪونه ٿو ڪريان. سندس ڪلام جي اڳوڻن مجموعن ۽ ڪليات ”تنوير چئي“ جو ذڪر نه ڪريان، سندس ڪتاب ”شاهه لطيف جي شاعري“ جي ڇنڊ ڇاڻ جو به هي موقعو ڪونهي. کيس خوش خير محمد ۽ نانڪ يوسف جي رسالن تي تحقيق ۽ محنت جو داد به ڏيان ٿو. پر سندس قابليت جو داد هن کان اڳ مون کيس پنهنجي تاليف ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ۾ ڏنو آهي ۽ پوءِ به اهو داد کيس ڏنو اٿم. ذڪر ڪيل بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل سندس مقالو ”شاهه جي رسالي ۾ رنگن جو اڀياس“ سچ پچ ته بين الاقوامي معيار جو آهي. اڄ جو آءٌ چند لفظ تنوير لاءِ چوان پيو، اُهي اُن جذبي لاءِ آهن جنهن لاءِ شاعر ”محبت فاتح عالم“ چيو آهي. مون تنوير جي شخصيت ۾ جيڪو غالب جذبو ڏٺو آهي سو محبت آهي. هُن جي محبت پنهنجن شاعرن شاهه، سچل، نانڪ يوسف ۽ خوش خير محمد توڙي ٻين سان آهي، اُها محبت تمام نمايان آهي، هُن جي ڪم مان ظاهر آهي. ڳالهين سان ڳوٺ ڪونه ٻڌبا آهن. محنت کپي. محبت جي هن مجسمي ۽ محنت جي روشن مينار کي اکين وارا ڏسن پيا. جن جون اکيون پوريل آهن اُنهن تي ميار ڪونهي.

اُن ڏينهن ڪچهريءَ مان اسين ٻه ٽي ڀيرا موڪلائڻ لاءِ اُٿياسين پر اُٿڻ نه ڏنائين. نيٺ وري وري واچون ڏسڻ شروع ڪيوسين. اُن مان به ڪجهه هڙ حاصل نه ٿيو. تنوير ڪا ڳالهه ڪري يا نياز پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڪو شعر يا نقل نظير ٻڌائي ته وچ ۾ ڳالهه ڪاٽڻ سٺو ڪونه پيو لڳي. شوق صاحب کي واري ملي وئي ته چيائين: ڪوٽڙي ڪبير ۾ پير غوث محمد کي هڪ جو ٽائيم چيو اَٿئون. رمضان به آهي پير صاحب جي لئبرري به ڏسڻي آهي! تنوير مانيءَ جي صلاح به ڪئي پر ساڻس معذرت ڪئيسون. نيٺ ساڍين ٻارهين ڌاري اُٿڻ ۽ موڪلائڻ ۾ ڪامياب ٿي وياسين. ٻئي جيون ساٿي موڪلائي واپس سرمد جي گهر اندر هليا ويا. اسين ”ڏهه منٽ“ اڍائي ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪري ڪوٽڙي ڪبير ڏي راهي ٿياسين ته آءٌ سوچڻ لڳس ته تنوير پٽ جو نالو سرمد رکيو هو، خود به سرمد وانگر آهي. پنهنجي سوچ ۾، ۽ عمل ۾. هُن جي زندگي هِن صديءَ جي هڪ قلندر جي زندگي آهي. هُن سنڌي ادب کي تمام گهڻو ڏنو آهي، هو سچ ته موتيءَ داڻو آهي. پيار جو اجهاڳ سمنڊ جهاڳڻ لاءِ قدرت هُن کي همسفر به بيمثال ڏنو آهي.

هڪ نظر ۾: فضل احمد بچاڻي

 

سنڌ جو لاڏلو ليکڪ، منهنجو هم ڪلاسي ۽ پيارو دوست فضل احمد بچاڻي (1939ع 1987ع)، ترجمن جي حوالي سان خاص ڌيان لهڻي. هن هونئن ته ٻيو به نثر ۽ نظم لکيو آهي؛ پر ترجما هن هڪ ته خاص مقصد سان ڪيا ٻيو ته ليکڪن جا ترجما ڪري سنڌي زبان ۾ هڪ مقام حاصل ڪيائين.

ترجمن ۾ ديوان ڪوڙيمل چندن مل کلناڻي ۽ مرزا قليچ بيگ کانوٺي وليرام ولڀ ۽ غلام نبي ميمڻ تائين هڪ دؤر رهيو. اڄڪلهه عطا محمد ڀنڀرو پهرئين نمبر تي آهي.

فضل جي ڪتابن جي داخلا ’سنڌي ليکڪن جي ڊاريڪٽري 1974ع‘ ۾ آهي. اُهي ڪتاب هي آهن: نازبو (ڪهاڻيون) – روح جي ڳولا (ترجمو) ۽ عجب اسرار. سندس ڪيل ترجمن ۾ سڌارٿ سزا جا سک، آسڪر وائلڊ جا خط ۽ بريٽ هاليڊي جو هڪ ڪتاب به فهرستن ۾ آهي. روح جي ڳولا جو ترجمو گل محمد شاهه رضوي ڪيو ۽ فضل اُن جي تصحيح ۽ ترتيب ڪئي. هي ڪتاب پهرئين دارالترجمه (1962ع) ۽ پوءِ ٻيو ڇاپو (1982ع) نيو فيلڊس شايع ڪيو. فضل جي آتم ڪهاڻي ”اڳي ايئن هياس“ 1984ع ۾ ڇپي.

آءٌ هت فضل جي ٻن ترجمن جو جائزو وٺان ٿو. هڪ رائڊر هيگرڊ جو She (عاشي) ۽Return of She (آسيه)- هي هڪ سلسلي جا ٻه ناول آهن ۽ ٻيو آسڪروائلڊ جو Pictune of Dorian gray (تصوير جو خون). هي ٻه ناول فضل ڪهڙي جذبي تحت سنڌيءَ ۾ آندا. اُن جو جائزو وٺڻ گهرجي. ڪو جذبو هو، ڪو مقصد هو، جنهن جي ڪري اسان جي دوست هي ڪم ڪيو ۽ نهايت ئي خلوص سان ادارو دارالترجمه ٽنڊوالهيار قائم ڪيائين. اُن باري ۾ لکي ٿو: ”دارالترجمه سنڌ – نهايت نيڪ ۽ پر خلوص مقصدن جي بنياد تي قائم ڪيو ويو آهي جيئن سنڌي ادب ۾ انهن ڪتابن جو اضافو ٿئي جيڪي سنڌيءَ ۾ تخليق نه ڪيا ويا آهن.“ عاشي هن اداري جو پهريون ڪتاب آهي. ايئن ترجمن جي ڳالهه ’تصوير جو خون‘ جي ابتدائي لفظن ۾ هيئن ڪري ٿو: ”آءٌ ترجما ڇو ٿو ڪريان؟ اُن ڪري ته جي ڪا سٺي تخليق نٿو ڪري سگهان ته ڪنهن سٺي تخليق جو ترجمو پيش ڪندو رهان.“ فضل جي هن ڳالهه سان سؤ سيڪڙو متفق نه ٿيندي آءٌ چوڻ ٿو چاهيان ته سندس ترجمو توڙي سٺن ۽ اهم ڪتابن جا ترجما به وڏي تخليقي ڪاوش آهي.

بهرحال عاشي هڪ اهڙي عورت جي ڪهاڻي آهي جيڪا پُراسرار به آهي ۽ صدين کان هڪ ديويءَ جو پد حاصل ڪري ويٺي آهي. جنهن جو حسن لازوال آهي. هُوءَ عجيب قوتن جي مالڪه هجڻ سان گڏ دائمي حيات، اقتدار ۽ اختيار جي به مالڪه آهي. هُن ۽ سندس محبوب جي وچ ۾ محبت جو رشتو موجود آهي، پر ٻنهي وٽ معيار جدا جدا آهن. هُوءَ ديوي بنجي ويئي پر سندس محبوب عام انسان آهي.

مترجم ناول جي باري ۾ به اها ڳالهه چِتي طرح لکي ٿو ته: هن ناول ۾ سفلائي ۽ سستي عشق جو بيان نه آهي. بلڪ هِن ۾ انتهائي پُراسرار، معياري ۽ ٺوس تجربا ۽ مشاهدا ۽ پڻ تصور نهايت سهڻي ۽ عمدي انداز ۾ بيان ڪيا ويا آهن.

بنيادي نڪتو آواگون، تناسخ يا ٻئي جوڻ جو آهي. جنهن تحت عاشي ڪسابن کان مختلف روپن ۾ رهندي پنهنجي محبوب جي ڪشش ۾ موجود آهي. هيءَ ڪهاڻي اسان جي اڳيان هڪ شخص لڊوگ هوريس هوليءَ جي ساروڻين جي روپ ۾ شروع ٿئي ٿي. جي 1886ع ۾ شروع ٿيون. مختلف مرحلن، جذباتي توڙي خطرناڪ صورت حالات مان گذرندي عاشيءَ جي لازوال حسن جو باه ۽ غسل جو مرحلو اچي ٿو. جنهن ۾ هن جي جواني ۽ حسن معدوم ٿي وڃي ٿو. هي لازوال داستان هڪ انجام تي رسي ٿو. آخري منظر نهايت تعجب خيز ۽ انوکا آهن.

هن ناول جي ڪهاڻي مڪمل طور تي نه پر فقط هڪ مرڪزي ڪردار عاشيءَ جي ڪن ڳالهين سان مماثل هجڻ سبب ناول ڪيرو مئڊم (Cairo Madam) سان ملي ٿي جيڪو رابرٽ ٽريلئنس (Robert Tralins) جو لکيل آهي ۽ پهرين 1968ع ۾ نيويارڪ مان ڇپيو. فرق هي آهي ته ڪيرو مئڊم جو داستان 1930ع ڌاري وجود ۾ آيو ۽ مصر جي زندگي، سياست ۽ سماج جو آئينو آهي. عاشيءَ جو داستان جوڻ در جو وارو آهي.

عاشيءَ جو لازوال داستان جڏهن ٻئي حصي جي صورت ۾ بعنوان Return of She لکيو ويو ته اُن ئي سدا حيات فرمانروا عاشيءَ جي ڪهاڻي هئي. عاشيءَ جي لازوال محبت جو داستان جميل سان نئين سر شروع ٿيو. جنهن کي هن ٻه هزار سال اڳ قرطيس جي روپ ۾ قتل ڪيو هو. ليکڪ هن داستان کي فقط هڪ پراسرار ۽ ڪُهنو داستان ڪري پيش ڪيو نه آهي. بلڪ هي جذباتي ڪهاڻيءَ سان گڏ هڪ اهڙو داستان آهي، جيڪو تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت توڙي روماني زندگيءَ جو هڪ انوکو مرقعو آهي آسيه هتي عاشيءَ جي وايسي ۽ نئين جون وارو ڪردار آهي. فضل هن ناول کي عاشي جو ٻيو نئون داستان هوندي به هڪ مڪمل ناول سڏيو آهي. رائڊر هيگرڊ جا هي ٻئي ناول اردو ۾ ثريا اقبال ترجمو ڪيا آهن. انهن جا عنوان روح ڪا سفر ۽ روح ڪي واپسي. آهن. سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڻ 1959ع ۾ ايم. اي ٿيسز طور ميرمحمد نظاماڻيءَ She جو ترجمو ”هُوءَ عرف عائشه“ جي عنوان سان ڪيو. هڪ شاگردياڻيءَ  Return of She جي ترجمي جو ڪم کنيو پر پوءِ ٻيو عنوان کنيائين. نظاماڻي صاحب جي ٿيسز سنڌي شعبي ۾ قلمي صورت ۾ موجود آهي.

2. مشهور ليکڪ آسڪروائلڊ، فضل احمد بچاڻيءَ جو پسنديده ليکڪ هو. هن جو مشهور ڪتاب Picture of Dorian Gray ترجمو ڪيائين ۽ 1983ع ۾ نيوفيلڊس شايع ڪيو. آسڪروائلڊ جون جذباتي لکڻيون ادب جي طالب علمن کان ڳجهيون ڪونه آهن. آسڪروائلڊ کي فضل اڻويهين صديءَ جو ليکڪ ڪري لکيو آهي. هو 1956ع ۾ وفات ڪري ويو اُن ڪري ويهين صديءَ جو ليکبو. اهڙي چوڪ فضل آسيه جي مهاڳ ۾ بي ڌيانيءَ ۾ ڪئي آهي بجاءِ رائڊر هيگرڊ لکڻ جي هرمن هيس لکيو اٿس.

هن ناول جو اهم ڪردار هڪ خوبصورت ۽ امير نوجوان آهي. هن جا اهم طالب ٻه آهن. هيءَ هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي جنهن جا ڪردار جذباتي دنيا ۾ رهن ٿا. پنهنجي محبت ۽ جذبن جو اظهار ڪندي هو فقط پنهنجين خواهشن جا مطيع رهن ٿا. هن داستان جو انت موت تي ٿئي ٿو. اصل ڪتاب جي برعڪس مترجم اُن جو عنوان تصوير جو خون ڏنو ڇو جو ڊورين گري جو انت ٿيو ۽ اُن کي مترجم جي هنن لفظن ۾ پسجي ته ناول جو انت به بلڪل واضح آهي:

”ڪمري ۾ سندن مالڪ جي بيحد خوبصورت ۽ من موهيندڙ تصوير – جهڙو خوبصورت ۽ من موهيندڙ هُو پاڻ هو. برابر لٽڪي پئي هئي. تصوير جي حسن ۽ جوڀن ۾ ڪو فرق نه آيو هو. ۽ فرش تي هڪ لاش پيو هو جنهن جي هٿ ۾ موجود چاقو سندس سيني ۾ کتو پيو هو. لاش جو چهرو ڪومايل ۽ گنجهيل هو. ڌڪار جهڙو هو. هُو سڃاڻي نه سگهيا ته اهو بگڙيل چهري وارو لاش ڪنهن جو هو. پوءِ اُن جي آڱرين ۾ پيل منڊين کي چڱي طرح جاچي ڏنائون. تڏهن پڪ ٿين ته لاش سندن مالڪ ڊورين گري جو آهي.“

هن ناول جي ڪهاڻي محبت ۽ جذبات، سوچن ۽ خواهشن جو هڪ داستان آهي. فصل جي چونڊ کي داد ڏبو جو هن اهم ليکڪن جا اهم ڪتاب ترجمو ڪيا. فقط ترجمي ڪرڻ خاطر معمولي شيون نه چونڊيائين.

سنڌيءَ ۾ ناولن جي ترجمن ۾ فضل احمد بچاڻيءَ جي ڪاوشن جي وڏي اهميت آهي ۽ رهندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org