وتائي فقير سان
ملاقات
گذريل 13 نومبر تي سنڌ يونيورسٽي ۾ اوچتو وتايو
فقير ملي ويو. مون کيس سڃاتو پر پاڻ مون کي سڃاڻي
نه سگهيو. شايد زماني جي گردشن منهنجي رنگ روپ ۾
حسن و جمال کي ڪاراٽي ڇڏيو هو. هوڏانهن فقير صاحب
بلڪل ساڳيو گلاب جو گل هو، جهڙو ڦوهه جوانيءَ ۾
هوندو هو.
اسان جي گفتگو شروع ٿي، مون عرض ڪيو: فقير صاحب!
ڪيئن گس ڀلجي پيا؟ وڏا ڀاڳ اسان جا! عجب مان
چيائين: اهي اوهين وڏي ڀاڳن وارا ڪير آهيو؟ حليم
بروهي ته نه آهيو؟ چيم ته: حليم بروهيءَ جو
پاڙيسري آهيان. ڳالهه ته ساڳي ٿي. ائين چئي وڏو
ٽهڪ ڏنائين. مون گهڻي نهٺائيءَ سان کيس دعوت ڏني.
قبول ڪري مون سان گڏجي اوطاق تي آيو. فقير صاحب کي
ويهاريم ۽ چانهه جي ڪوپ تي اسان جي ڪچهري شروع ٿي.
مون کي ڊپ هو ته گهڻن سوالن تي هو ناراض ٿيندو، پر
ته به ادب ۽ نهٺائي سان سوال پڇندو ويس.
سوال: فقير صاحب، اوهان شادي ڇو نه ڪئي؟
جواب: امان کي گهڻو شوق هو ۽ مون کي به خيال ته
هو، پر هوءَ هڪڙي ئي سروٽي سان سڌارجي ويئي. شادي
ڪنهن سان ڪريان!
سوال: فقير صاحب، اوهان جو ادب بابت ڪهڙو خيال
آهي؟
جواب: ادب چڱو آهي، اگر امان منهنجو ڪري.
سوال: اُهو اد ب نه..
جواب: ٻيو وري ڪهڙو؟
سوال: اُهو جيڪو شاهه جو رسالو، زينت، درد جي
خوشبوءِ، درد جو صحرا، دل جي دنيا، روح رهاڻ،
مهراڻ ۽ نئين زندگي وغيره.
جواب: مطلب ته ڪيئي ڪتاب؟
سوال: ها!
جواب: انهن ۾ ڪتاب ”وتايو فقير“ ترتيب ڏيندڙ محمد
اسماعيل عرساڻي بهترين آهي. (وري کلي چوڻ لڳو)
انهيءَ کي اوهين ادب چوندا آهيو؟
سوال: ها! سائين ڀلا اوهان جي ڪتاب ۾ اوهان جو
سمورو ادب اچي ويو آهي؟
جواب: نه! ڪجهه رهجي ويو آهي، ان ڪري مون کان پوءِ
ڏهاڪو ماڻهو آيا، جيئن رٿا پوري ڪن. انهن ۾ جيڪي
جهونا هئا، تن کي تصوف جي به ڪجهه تڪليف هئي. جيئن
مدن ڀڳت هڪ ڀيرو شاهه صاحب کي ڇڏي ٽنڊو الهيار اچي
ها ته بنا پئسي ٻيڙا پار ٿينس ها.
سوال: ڪڏهن ائين ٿيو ته اوهان کي به ٻيڙياتي نه
کنگهيو هجي.
جواب: آءٌ ته ائين درياء پار ڪندو رهيو آهيان. اڄ
ته توکي به ڪن مان جهلي درياء پار ڪرايان.
سوال: نه آءٌ ته پل تان ويندو آهيان.
جواب: پل ڇا ڦڙ! درياء تي ڦڙ!
سوال: اي سائين، پل تان ريل به وڃي ٿي.
جواب: ريل! هوءَ صديق فقير واري ريل... اَبوه! نيٺ
فقير جي پِٽَ لڳي. (ڪجهه سوچي) ها پوءِ موهن فقير
آيو. تنهن فرمايو:
ريل به آهي ريل، پر رمز تکي آهه ريل کان
هو پهچائي پهرن تي، هيءَ رسي سرس سويل
ميلن مٿي ميل، موهن محبوبن جا.
سوال: فقير صاحب! شمس الدين بلبل، نورمحمد
نظاماڻي، محمد هاشم مخلص، چڻنگي، ٽڪلو، رشيد ڀٽي،
ڪروڙپتي، علي احمد بروهي، حليم بروهي، غلام رسول
ڪلهوڙو، ۽ گدڙ خان پاٻوڙيءَ کي سڃاڻو؟
جواب: ڇا اهي ساڳئي ڍڳي جا چور آهن؟ منهنجي ڍڳي
مري ويئي هئي، ان ۾ هنن جو ته ڪو ڏوهه ڪونه هو.
(ٿورو ترسي چيائين) آءٌ ڳوٺ سائين ڏنو ملاح وڃڻ ٿو
چاهيان.
سوال: اڄ نه وڃو؟
جواب: ڇو!
سوال: اڄ اتي ونگار آهي، خواه مخواه وڃي ڦاسندا.
جواب: منهنجو ايترو چوڻ ۽ فقير صاحب جو کيسي مان
خط ڪڍڻ، ان ۾ لکيل هو ته ”فقير صاحب! اوهان کي ڳوٺ
سڌار پاران ڳوٺ سائينڏنو ملاح ۾ سونو ٻلو ڏنو
ويندو.“ لکندڙ خان محمد پنهور.
آءٌ قصو سمجهي ويس. فقير صاحب پڇيو ”اهو خان محمد
پنهور ڏاڍو ڪو چڱو ماڻهو آهي؟“ مون جواب ڏنو ته
ايترو ئي شوق اٿو ته ڪوڏر ۽ کهي هتان مون کان کڻي
وڃو. ”ونگار ميڊل“ وٺي اچو.
اسين وري پنهنجي اصلي گفتگو تي موٽياسين. چانهه جي
ٻي ڪٽلي اڃان هلي رهي هئي.
سوال: سائين فئشن ڇا کي چئبو آهي؟
جواب: منهنجي اجرڪ
سوال: ثقافت!
جواب: منهنجي اجرڪ
سوال: جدت؟
جواب: منهنجي اجرڪ
سوال: تاريخ؟
جواب: منهنجي اجرڪ
سوال: اهليت؟
جواب: منهنجي اجرڪ
سوال: تعليم؟
جواب: منهنجو اجرڪ
سوال: سائين اوهين ماڻهن سان کيڪار ڪيئن ڪندا
آهيو؟
جواب: وڏن ماڻهن سان هٿ ملائيندو آهيان، ننڍن سان
ڪنڌ ڪنڌ لوڏ مس.
جڏهن ٻي ڪٽلي به ختم ٿي ته فقير صاحب ڀڙڪو کائي
اُٿيو ۽ مون کيس منٿ ڪري ويهاريو. چوڻ لڳو: ”تون
ڪير آهين ۽ اهو گدڙ خان پاٻوڙي ڪير آهي؟“
مون جواب ڏنو: آءٌ فقير عبدالجبار اوهان جو چيلو
آهيان ۽ ماضيءَ ۾ منهنجو استاد اهو فقير گدڙ خان
پاٻوڙي عرف دلبر خان کوسو عرف مخدوم محمد صالح ڀٽي
هالائي هو؛ دين، ادب ۽ تاريخ تي هن جا ڪتاب آهن.
هن جو ڪتاب ”واندڪائيءَ جي وندر“ مان ماڻهو هڪ
ڪهاڻي وقت بوقت چوري ڪندا رهندا هئا. مون سان
شڪايت ڪندو هو. ڀلا اوهان به ادبي چوري ڪندا آهيو؟
جواب: دماغ صحيح اٿئي! آءٌ ڇا چوري ڪريان؟ منهنجي
دوزخ جي باهه واري ڪهاڻي وڏا وڏا شاعر چوري ڪري
ويا. هونئن مون واري کاتي ۾ جيڪي چوريون ٿين پيون،
تن جي مون کي خبر آهي. پيا ڌوڙ پائين، ڇا ڪجي!
وتايو فقير مون کي ائين پئي لڳو ته منهنجن سوالن
مان بيزار ٿي پيو هو، ته به همت ڪري مون فقير صاحب
کان باقي سوال پڇي ورتا:
سوال: اوهين پنهنجي فرصت جي وقت ۾ ڇا ڪندا آهيو؟
جواب: هونئن اڪثر آءٌ فرصت جي وقت ۾ ”فٽاز“ ۾ ويٺو
هوندو آهيان، پر تازو مون نجم عباسيءَ جا ٻه ناول
پڙهيا آهن، مون کي خوشي ٿي ته سندس پيار ڪهاڻيءَ ۽
منهنجي سروٽي ڪهاڻيءَ سان گهڻي مشابهت آهي.
سوال: فقير صاحب! اوهان ڪي تازا شعر پڙهيا آهن؟
جواب: ها! اهي پڙهي وري اهڙا شعر لکيا به اٿم، ٻڌ
ته ٻڌايانءِ.
انب وڏا آهن
ٻير ننڍا آهن
دنيا ۾ سک به آهن
پر ڏنڀ وڏا آهن.
***
ٻوڙ ضرور هجي امان
پوءِ ماني پچائين يا ڀت
چٽڻي ضرور هجي امان
***
ڪيڏو قهر ڪيائون
مئي سهسائي ويا
مون کي نه ڏنائون.
***
اهڙي هجي عيد
ماڻهو رڌين
سيون سڀ مرن
آءٌ ۽ امان کڻي اچون
آءٌ کائي ڪريان عيد.
اوچتو فقير صاحب اٿيو ۽ هيٺيون ڪلام جهونگاريندو
هليو ويو.
حسن وارا سپرين، تو ظلم ڪيو ڇو
جي اٿئي لالچ لب جي، ته اسين سعيو ڪريون سو
پڇين ها پيراڻي کان، جي پروگرام هيئي ڪو
جي ملڻ اچي
پيو ٻيو، ته اسين منهن وٺي موٽي وڃون.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي سان ڳالهه ٻول
(انور فگار هڪڙو)
سنڌي ادبيات جي ماهر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار
جوڻيجي جي همه گير شخصيت ڪنهن به رسمي تعارف جي
محتاج نه آهي. ڊاڪٽر صاحب سنڌي ادب جي تمام وڏي
خدمت ڪئي آهي. سندس خاص سڃاڻپ سنڌي ادب جي تاريخ
جي حوالي سان آهي. انهيءَ کان علاوه پاڻ هڪ شاعر،
افسانه نگار ۽ سوانح نگار جي حيثيت ۾ به ڄاتو
سڃاتو وڃي ٿو. سندس بيش بها تصنيفن جو تعداد گهٽ
ڪونه آهي. پاڻ پنجاهه ڪتابن جو مصنف ۽ مؤلف آهي.
جن مان ڪي ڪتاب سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن جي نصاب
۾ به شامل ڪيل آهن. اهڙيءَ طرح انهن جي مستند
حيثيت پڻ مڃيل آهي. جنهن ڪري اهي حوالاجاتي نوعيت
جا پڻ حامل آهن. ساڻن ادبيات جي حوالي سان هي
مختصر گفتگو ادب جي شاگردن لاءِ نهايت ئي ڪارآمد
ٿي سگهي ٿي.
سوال: سائين! تاريخ واقعات جي رڪارڊ کي چئجي ته
ڀلا ادبي تاريخ ڇا کي چئجي؟
جواب: ادبي تاريخ، جئن نالي مان ظاهر آهي ادب جي
انگن اکرن، لاڙن ۽ لکڻ وارن جي ڪاوشن جو جائزو
آهي. اهو زماني جي مدنظر تاريخ وارو وٺجي ٿو. جنهن
۾ ليکڪن جي سوانح ۽ شعرن توڙي نثري ڪاوشن کي پرک
سميت درج ڪجي ٿو.
سوال: اوهان جو ادبي تاريخ ڏانهن لاڙو ڪيئن ٿيو؟
جواب: جيئن ڪنهن ماڻهو لاءِ چوندا آهن ته، ان کي
جڏهن درياءَ مان ٻاهر ڪڍيائون ۽ کيس شاباس ڏيڻ لڳا
ته تو ٻارڙي کي بچايو آهي، توکي آفرين هجي، هن
پڇيو ته مون کي ٻڌايو ته مون کي پاڻيءَ ۾ ڌڪو ڪنهن
ڏنو؟“ ڪجهه اهڙو ئي قصو آهي. منهنجي روبرو ظفر
حسن، حيدرآباد جي هڪ ماڻهوءَ کي ادبي تاريخ لکڻ
لاءِ چيو. هن اڳ ۾ ڪجهه نه ڪجهه لکيو به هو. هڪدم
چيائين ته اها مون وٽ لکي پئي آهي. سڀاڻي کڻي
ايندس، پوءِ اهو سڀاڻي جو سلسلو هليو. شايد آگسٽ
1972ع کان وٺي جنوري 1973ع به اچي پهتو. نيٺ 1973ع
۾ سڀاڻي جو راڳ آلاپبو رهيو. همراهه واندو هجي ته
لکي، آءٌ انهن آسرن جو اکين ڏٺو شاهد هوس. آخر هڪ
ڏينهن چيائين ته، ”برسات جو پاڻي ڪٻٽ ۾ هليو ويو
آهي. سڀاڻي ڪٻٽ کوليندس پوءِ ڏسون“!! ان کان پوءِ
ٻه ٽي مهينا ٻيا به گذري ويا. نيٺ هڪ ڏينهن مون
ظفر حسن کي چيو: ”شاهه صاحب ڏهه مهينا آسرن ۾ گذري
ويا آهن. هاڻي همراهه سان هڪ هڪاڻي ڪريو. جي ادبي
تاريخ لکي ئي ڪونه اٿس ته آءٌ هن مهيني (اپريل
1973ع) کان ڪم شروع ڪريان.“ شاهه سمجهي ويو ۽ کيس
سچ پچ ته هڪ ڏينهن خوشخبري ملي ته اها ادبي تاريخ
مينهن ۾ بلڪل ڳري ويئي. اتان منهنجي من ۾ ولوڙ پئي
ته هي ڪم ڪجي. اپريل مئي 1973ع ۾ آءٌ وئڪيشن ۾ ڳوٺ
(پير فتح شاهه تعلقي بدين) ويس. پي ايڇ. ڊي ٿيسز ۽
”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ جي ڪم ۾ جنبي ويس، ٻه
باب ٿيسز جا ۽ هيءَ ادبي تاريخ لکي ورتم.
يونيورسٽي موٽيس ته مسودو ظفر حسن جي اڳيان رکيم
ته ٽهڪ ڏيندي چيائين، سڀاڻي جو ڪم اڄ ٿي ويو! پوءِ
ٻن مهينن ۾ ظفر جي پرفيڪٽ پرنٽرس صدر حيدرآباد،
”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ڇاپي ورتي ۽ جولاءِ
1973ع ۾ بازار ۾ اچي وئي. ٻيو ڇاپو 1983ع ۾ ۽ ٽيون
1994ع ۾ نڪتو. هاڻي چوٿون اچي ويو آهي. ان کان
علاوه ”سنڌي ادب جي تاريخ“ (جامع) جو پهريون جلد
به ڇپيو آهي، جو سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري
پڌرو ڪيو آهي. پوءِ ان موضوع تي سوچيندو رهيس ۽ هي
موضوع منهنجي توجهه جو مرڪز بنجي ويو، ٻيو ڪافي ڪم
ڪيو ته ان جي نوعيت به ادبي تاريخ واري رهي.
سوال: اوهين ادبي تاريخ کي ڪهڙن زاوين کان واضح
ڪرڻ گهرو ٿا؟
جواب: آءٌ بنيادي طور شاعرن ۽ نثر نگارن جي ڪاوشن
کي رڪارڊ تي آڻي انهن جي صحيح پرک ۽ پروڙ ڪري
معيار مقرر ڪرڻ ۾ يقين رکان ٿو. هر چار سٽون لکڻ
واري کي اهميت ڏيڻ بجاءِ مناسب انداز ۾ تخليق ڪرڻ
۽ معيار وارو هجڻ جي ڳالهه کي اوليت ڏيڻ چاهيان
ٿو.
سوال: ”سنڌي ادب جي تاريخ“ جي عنوان سان هن وقت
تائين جيڪي ڪتاب موجود آهن، تن بابت اوهان جي راءِ
ڪهڙي آهي؟
جواب: هن کان اڳ سنڌي ادب جي تاريخ بابت بنيادي ڪم
ٿيو آهي. مجموعي طور آءٌ ان ڪم کي تسليم ڪريان ٿو.
ڪن ليکڪن، ادبي تاريخ ۾ هڪڙا شاعر شامل ڪيا ته ٻين
ڪي ٻيا وڌيڪ به شامل ڪيا. خانبهادر ميمڻ جي ”سنڌ
جي ادبي تاريخ (ٻه ڀاڱا) ۽ پروفيسر بدويءَ جو
تذڪره لطفي (3 ڀاڱا) هن سلسلي ۾ بنيادي ڪتاب آهن.
ابتدا ۾ ٻوليءَ جي قدامت ۽ ارتقا بابت لکيائون، ان
کان پوءِ اندازي موجب 1955ع کان وٺي ڪي مقامي،
ضلعي ۽ ايراضي وار تذڪرا آيا. سنڌي شعبي سنڌ
يونيورسٽي پاران ايم. اي جا مونو گراف، ايم. فل ۽
پي ايڇ. ڊي ٿيسز به ادبي تاريخ جي نوعيت جا آهن.
ان کانسواءِ شاعرن جا ديوان ۽ ڪليات به ادبي تاريخ
جي گهرج پوري ڪندڙ ماخذ آهن.
سوال: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي
سٽاءَ تي جيڪو ڪم ٿيو آهي. ان کان اوهين ڪيتري قدر
مطمئن آهيو؟
جواب: منهنجو ايترو اعليٰ منصب ناهي جو آءٌ لساني
ماهرن جي ڪم، تحقيق، جاکوڙ ۽ اڻ ٿڪ محنت تي ڪو
فيصلو ڏيان. انهن ۾ هڪ ته گريئرسن، بيمز، ڪالڊ
ويل، ٽرومپ، سنيتي ڪمار چئٽرجي، قليچ بيگ، ڀيرومل
۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جهڙا آڳاٽا اسڪالر آهن،
اهي بزرگ دوست ۽ استاد آهن جيئن سراج الحق، ڊاڪٽر
جيٽلي، لڇمڻ خوبچنداڻي، گنگا رام سمرات، ڊاڪٽر
سنديلو، ليلو رچنداڻي، ڊاڪٽر ٻوهيو ۽ هيڏانهن
استاد ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پروفيسر علي نواز
جتوئي، ڊاڪٽر غلام علي الانا جهڙا محقق آهن. جن هر
طرح سنڌي زبان جي ارتقا، تاريخ توڙي صرف ونحو تي
مستقل ڪتاب لکيا آهن. اهي اسڪالر سنڌي زبان جي هر
پهلوءَ تي ڇنڊ ڇاڻ ڪندا آيا آهن. انهن جي محنت ۽
محققانه حيثيت جو آءٌ قائل آهيان. انهن لسانيات ۽
صوتيات تي جا تحقيق ڪئي آهي. اها قابل قدر آهي.
آءٌ ٻهراڙيءَ جو هڪ ڇوڪرو هوس ته زبان جي باريڪين
تي سوچيندو رهندو هوس ته: هن لفظ جي معنيٰ ڪهڙي
آهي؟ هي اسم ڪهڙو؟ هن فعل جي صورت ڪيئن بدلبي؟ اها
کوج منهنجي ڪم آئي. ايم. اي سنڌيءَ ۾ ڪرڻ جو خيال
به ان ڪري آيم. ان کان پوءِ ٻولين سکڻ جو شوق به
وڌندو رهيو. وقت گذرڻ سان سنڌيءَ جي قابليت وڌائڻ
۾ ڳوٺ وارن ۽ گهرڀاتين جي مدد رهي ۽ لفظ ڏڪري ”لاڙ
جي لغات“ تيار ڪيو، جا ڇپي. سنڌي زبان جا محاورا،
سنڌي زبان جا اچار ۽ ڪي ٻيا مقالا لکيم. شايد
ٻوليءَ بابت چند ڳالهيون ڄاڻندو هجان. حقيقت ۾ اهي
ڳالهيون عالم ۽ اسڪالر ڄاڻن ٿا. جن جا نالا مٿي
آندا اٿم، آءٌ اهي سمجهان ٿو اهي عالم ئي سنڌيءَ
کانسواءِ ٻيون واسطيدار ٻوليون به ڄاڻن ٿا. جو
انهن جا حوالا ڀيٽا ڀيٽيءَ ۾ ڏين ٿا. آءٌ ٻيون
ٻوليون سکڻ جي شوق ۾ اٽڪل ڏهن ٻولين تائين پهتو
آهيان. جن ۾ اردو، سرائيڪي، فارسي، چيني، گجراتي،
پنجابي، هندڪو، هندي، اسپيني، ۽ روماني جي ڄاڻ
اٿم، آءٌ چند ٻين زبانن جي ٿوري ٿوري ڄاڻ رکان ٿو.
ان معنيٰ ۾ لساني ماهر سڏايندا ته سڏي سگهو ٿا.
باقي لسانيات جي استادن جي برابر ناهيان جو هو
ٻوليءَ جي سٽاءَ ۽ مڙني باريڪين جا ڄاڻو آهن. ”من
آنم ڪ من دانم.“
سوال: ادبي تاريخ ۽ ٻوليءَ جي تاريخ کي ڪهڙن حصن ۾
ورهائي سگهجي ٿو؟
جواب: هن سوال جو پهريون حصو ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي
ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ابد جي تاريخ“ جي مدد سان حل
ڪري سگهجي ٿو. ڊاڪٽر صاحب ٻوليءَ جي ارتقا جا
مختلف دور متعين ڪيا آهن. آءٌ سمجهان ٿو اهي هن
سلسلي جو بنيادي ڍانچو فراهم ڪن ٿا. مثلاً قديم
دؤر (600 کان 500 ق. م) سنڌي ٻوليءَ جي سٽاءَ وارو
بنيادي دور 500ع کان 950ع) سنڌي زبان جي انفراديت
(950ع-1050ع) ان کان پوءِ سنڌ جي حڪومتي دؤرن ۽
سنڌي زبان ۾ ادبي ۽ مذهبي تصنيفات آيون. حڪومتي
دور جي طرز تي هن کان اڳ ادبي تاريخون لکيون ويون
آهن. ان سان گڏ مقامي تذڪرا ۽ صنف وار تاريخون به
لکيون ويون آهن. ان ۾ رجحانن ۽ اهم لکيڪن جي حوالي
سان به لکيو ويو. منهنجي خيال ۾ انهن ذڪر ڪيل
طريقن جي هڪ گڏيل انداز تي ٻوليءَ ۽ ادب جون
تاريخون لکجن ته بهتر ٿيندو. منهنجو ايندڙ ڪتاب
”سنڌي ادب جي تاريخ (ٻه جلد چار دؤر) ذڪر ڪيل سڀني
طريقن جو هڪ نمونو هوندو. پهريون جلد مڪمل ٿي ويو
آهي. جيڪو قديم دؤر ۽ لطيفي دؤر تي مشتمل آهي. ٻيو
جلد سچل دؤر ۽ ويهين صديءَ تي مشتمل هوندو.
سوال: سنڌي ادب ۾ جيڪو به تحقيقي ڪم ٿيو آهي. تنهن
مان اسان کي ڪيترو مطمئن ٿيڻ کپي؟
جواب: ڀلان ڀليءَ جو ڇيهه ڪونهي، مطمئن ٿيڻ نه
کپي. سنڌ ۾ جيڪا تعليم جي شرح آهي، ان لحاظ سان
چڱو ڪم ٿيو آهي. جيڪي ماڻهو تحقيق جي ميدان ۾ آهن
انهن لاءِ اڃا گهڻو پنڌ آهي. منزل پري آهي.
سوال: سنڌي ادب جي محققن مان اوهان ڪنهن جي ڪم کان
مطمئن آهيو؟
جواب: اهو ايترو مشڪل سوال آهي، جنهن جو جواب ڪو
به ڏيڻ ڪو نه گهرندو ۽ آءٌ به، پر بنا هٻڪ جي
سرواڻ جو نالو ڳڻائي سگهان ٿو. اهو سرواڻ آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، هونئن ٻيا به آهن. ڪي
پسند اٿم، ڪن جو ڪم پسند ڪو نه اٿم، ٻيا جيڪي پسند
آهن. انهن ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو سر فهرست آهي.
جن جو ڪم پسند نه اٿم، انهن ۾ ڪو به سر فهرست ڪونه
آهي.
سوال: نوجوان اڃا تحقيق طرف گهڻو ڪونه ٿو اچي.
ڪهڙا اپاءَ وٺجن جو هو هن طرف مائل ٿئي؟
جواب: ڪي ته تحقيق ۾ آهن. شايد ڪي تخليق کي جواني
۽ تحقيق کي پيري سمجهن ٿا. فطري طرح متان ائين به
هجي. تحقيق به تخليق تي ئي آڌاريل هوندي آهي. مون
سان ۽ ڪن ٻين محققن سان اها ڳالهه لاڳو رهي آهي.
شعر ۽ افسانا لکيا سون ۽ پوءِ آهستي آهستي تحقيق
(۽ تنقيد) ڏانهن آياسين. ميدان کليل آهي. هليا
اچن. ادب به عشق آهي ته تحقيق ان جي آخري اسٽيج
آهي. جي وياسي وڍيا (پر ”جي آيا سي اگهيا“ نه ڪي
تيار مال ته هڪ ڀيرو وري به هٿ صاف ڪن ٿا ۽ محققن
جي فهرست ۾ شامل ڄاتا وڃن ٿا).
سوال: شاهه لطيف جي پارکوءَ جي حيثيت ۾ لطيفيات تي
ٿيل ڪم بابت ڇا خيال آهي؟
جواب: لطيفيات بابت گهڻو ئي ڪم ٿيو آهي. اڃان به
وڌيڪ گنجائش آهي. معنيٰ ۽ مطلب کي سمجهائڻ لاءِ
اڃا به محنت ڪرڻ کپي. منهنجي خيال ۾ سرن جي پوري
سمجهاڻي ۽ انهن ۾ آيل مضمون کي سمجهڻ سمجهائڻ کپي.
محققن ۽ شارحن کي اجايا لفظ ڳالهائڻ وارا هن ملڪ ۾
ڪي آهن، پر کين پورو لباس پائڻ به نٿو اچي. لطيف
تي تنقيد ڪرڻ جون دعوتون به اخباري ڪالمن ۾ اچن
پيون. منهنجو جواب هي آهي ته هن کان اڳ جيڪي لکيو
ويو اهو تعريفيءَ سان گڏ تنقيدي به هو. تورتڪ
ٿيندي رهي آهي. اها تنقيد جي زمري ۾ اچي ٿي. جن کي
شاهه جا بيت به نٿا پڙهڻ اچن، سي شاهه صاحب کي
تنقيد جي تيرن سان زخمي ڪندا؟ جيڪي گُجر کي گَجر
پڙهندا سي ڪهڙا ڦاڙها ماريندا؟ اچن، آءٌ پوري
عاجزي سان گذارش ٿو ڪريان ته آءٌ لطيف سائين جي هڪ
اعليٰ خادم، طالب ۽ اڀياسيءَ جي حيثيت سان ڍال کڻي
بيٺو آهيان. پر رسالي جي هڪ ايڊيشن مان ٽي بيت
ڏيکاري پاڻ پڌرا نه ٿين!!
سوال: شيخ اياز تي تحقيق ڪيئن ڪجي؟
جواب: شيخ اياز يا ڪنهن به اديب تي تحقيق ڪرڻ لاءِ
ان جون تحريرون ۽ ٻيو تنقيدي توڙي تحقيق لاءِ
موجود مواد اڳيان رکجي. پنهنجي مطالعي جي بنياد تي
نتيجا ڪڍجن.
سوال: سچل سرمست ۽ ساميءَ تي اڃان ايترو ڪم نه ٿيو
آهي. ان لاءِ ماحول ڪيئن پيدا ڪجي؟
جواب: ساميءَ لاءِ اڃا ماحول پيدا ڪرڻ جي ضرورت
آهي. باقي ٻين لاءِ اهو ئي طريقيڪار آهي جيڪو مون
اياز بابت مٿي عرض ڪيو آهي.
سوال: ادبي ادارن جي ڪارڪردگيءَ کان اوهان واقف
آهيو. جيڪو تحقيقي ڪم نوجوان ڪن ٿا. تنهن کي اشاعت
جي حوالي سان مايوس ٿيڻو پوي ٿو. ان جو ڪهڙو حال
آهي؟
جواب: اهو صحيح آهي ته ادبي ادارا پورو ڌيان نه ٿا
ڏين. نوجوان توڙي عمر رسيده محققن جي محنت جو جواب
”مسودو واپس کڻي وڃو“ جهڙي ڏکوئيندڙ جملي سان ڏين
ٿا. ان جا ٻه سبب آهن. هڪڙو ڪنهن جي ذات سان
اختلاف ٻيو مسودي کان اڻ واقفيت. انهن وٽ ائين ڪرڻ
جا ٻيا سبب به هوندا. پر اداري جي اغراض و مقاصد
جو پڙهو وقفي وقفي سان پنهنجي دهلارين وسيلي ڏيندا
رهندا آهن. جڏهن پاڻ ان جو خود شڪار ٿين ٿا ته
پوءِ ويهي انهن جون رڙيون ٻڌو! ٻيو حل ڪوئي ڪونهي.
سواءِ صبر ۽ شڪر جي. هلو ته مسودو کڻي سرڪاري
اداري جي ڏاڪڻ ٽپي، خانگي ادارن جي پوءِ ڍاون
شهزادن جي چانئٺ تي ڪو رؤنشون ڪريون. انهن جا دوست
۽ مٽيون ڀريندڙ ٿيون ته اکيون پوري جيڪي به آهي سو
هو پڪي جلد ۾ ڪمپيوٽر جي ڇپائيءَ سان شايع ڪري
ڇڏين. اڳ ڇپيل ڪتابن جا ٻيا ايڊيشن ڪڍڻ جو هونئن
ئي تجربو اٿن. من اوهان ۽ اسان تي رحم ڪن!!
سوال: اوهان ان سموري گفتگو کان علاوه ڪجهه چوڻ
چاهيو ته چئي ڏيو؟
جواب: ڪيترا مسئلا ۽ مرحلا سامهون اچن ٿا. جن جا
ڪي نه ڪي جواب ۽ حل هوندا آهن. ٻاراڻي ٽهيءَ کان
هن سال (69 سال عمر تائين) مون کي به مسئلن پنهنجي
نشاني تي رکيو آهي. منهن ڏيندو ۽ مقابلو ڪندو پيو
اچان. دستوري انداز جو شڪوو نه ٿو ڪريان. سک مليا
ته جهولي جهليم ۽ جي ڏک ڏاکڙا آيا ته شڪايت ڪريان.
نه ڏک سکن جي سونهن آهن. گهوريا سک ڏکن ري. اوهان
نالا وٺي لطيف، سچل، سامي ۽ اياز بابت پڇيو آهي،
پر منهنجي اندر ۾ بيدل بيڪس، رکيل، روحل، حمل،
نانڪ، خوش خير محمد، سانگي، قليچ، حامي، تنوير ۽
نياز به آهن. ناول، افسانا، سفر ناما، سوانح ۽
ٻيون انيڪ نثري صنفون لکندڙ ۽ محقق به آهن. بيمثل
ڊاڪٽر بلوچ به آهي. ان ڪري آءٌ هڪ صنف جنهن کي
پنهنجي سڃاڻپ بنائڻ گهران ٿو ته اها آهي ادبي
تاريخ، جنهن بابت اوهان پهريون سوال پڇيو آهي.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
ڪيترائي اهڙا پرچا نڪرن ٿا جيڪي معيار موجب نه آهن
جيڪو اچي ٿو،
دوستن جون شيون ڇاپي ٿو ڇڏي.
سنڌ ۾ جيڪا سجاڳي آهي، سا ادب پيدا ڪئي آهي.
سوال: توهان سنڌي ٻوليءَ ۾ تحقيقي ڪم ڪيو آهي.
تحقيق دوران توهان کي ڪهڙيون دشواريون پيش آيون؟
جواب: بنيادي طور ته آءٌ تخليقي ليکڪ آهيان. شروع
۾ مون افسانا ۽ شعر لکيا، اهي ئي منهنجا دلچسپ
مضمون رهيا آهن. ۽ ٻيا مضمون به لکندو رهيس، پوءِ
آهستي آهستي سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ سنڌي ٻولي جي
باري ۾ دلچسپي پيدا ٿي ۽ ڪتاب گڏ ڪندو ويس. اهڙي
طرح مان تحقيق ڏي مائل ٿيس. سنڌي ۾ ايم. اي ڪيم.
انهي ۾ ٽيچر به ٿيس ۽ شوق به هو ۽ ٿورا گهڻا ڪتاب
به لکيم. پر ٻوليءَ جي باري ۾ منهنجو جيڪو ڪتاب
آهي، سنڌي ادب جي مختصر تاريخ، تنهن ۾ شروعاتي ٻه
باب سنڌي ٻولي ثقافت جي باري ۾ آهن. ۽ اسان وٽ
جيڪي ماڻهو ٻوليءَ جي باري ۾ ريسرچ ڪن ٿا، انهن ۾
نمايان ڊاڪٽر بلوچ، پروفيسر جتوئي، ڊاڪٽر الانا ۽
جيٽلي ۽ ٻيا آهن. منهنجو بنيادي ميدان ادب آهي،
سنڌي ادب جي تاريخ ۽ ان جي کوجنا. پر ضمني طور تي
ٻوليءَ جي جوڙجڪ جي باري ۾ به ٿورو گهڻو پڙهيو اٿم
۽ لکيو به اٿم. ٻوليءَ جي جوڙجڪ جي باري ۾ دلچسپي
اٿم. سنڌي ٻوليءَ تي ٻين ٻولين جو جيڪو اثر آهي يا
ٻيون ٻوليون جن ۾ مون شعر پڙهيو آهي، تن سان به
مون کي دلچسپي آهي. مان هندي، فارسي ۽ چيني ٻوليون
ڄاڻندو آهيان. انهيءَ ڪري مون کي مجموعي طور
ٻوليءَ جي باري ۾ وڌيڪ دلچسپي آهي. جڏهن به ڪو
ماڻهو ڪنهن شيءِ ۾ دلچسپي رکي ٿو ته پوءِ منهنجي
خيال ۾ تحفيق وغيره ۾ مسئلا پيش نه ٿا اچن. جيڪڏهن
ڪو ڏکيو پهلو آهي ته ان تي ماڻهو هلي چلي ٿو، ڳولا
ڦولا ڪري ٿو، پڙهي ٿو. ماڻهن کان پڇي ٿو، سير ۽
سفر ڪري ٿو ته اهو ان جي دلچسپيءَ جو هڪڙو حصو آهي
۽ منهنجي پنهنجي سوچ موجب ته مون کي لکڻ ۾ يا
تنقيد ڪرڻ ۾ مزو آيو آهي. بار محسوس نه ڪندو
آهيان. هڪڙو ننڍڙو ٻار جڏهن اسڪول کي بار سمجهي ٿو
ته پوءِ ئي هو اسڪول کان نٽائي ٿو. اڪثر ماڻهو
چوندا آهن ته کوجنا اسين به ڪريون پر هتي سهولتون
موجود نه آهن. برابر اسان وٽ ايتريون سهولتون نه
آهن. جيڪي سڌريل ملڪن ۾ آهن، جتي تعليم وڌيڪ آهي،
موقعا وڌيڪ آهن. ڪامپيٽيشن وڌيڪ آهي. لئبرريون
وڌيڪ آهن. انهن ۾، ۽ اسان ۾ فرق ته بيشڪ آهي پر جي
ماڻهو دلچسپي رکي ٿو ته اهو موضوع ان کي ڏکيو نه
لڳندو.
سوال: توهان تعليم جي سلسلي ۾ ٻاهرين ملڪن ڏانهن
به ويا آهيو ۽ هتي سنڌ يونيورسٽي ۾ به تعليم ۽
تدريس جي شعبي سان لاڳاپيل رهيا آهيو ته اوهان کي
ٻاهر ۽ هتي جي تعليمي نظام ۾ ڪهڙو فرق نظر آيو؟
جواب: جيستائين تعليم جي ماحول ۽ معيار جو تعلق
آهي ته ٻين ملڪن ۾ تعليم جو معيار وڌيڪ آهي ۽
آڳاٽو آهي. جنهن ۾ ڪتابن ڇپجڻ جو سلسلو گهڻو اڳ
شروع ٿيو آهي. اهي ملڪ اسان کان وڌيڪ سڌريل ۽ اڳتي
آهن. مون پنهنجي سڄي تعليم سنڌ يونيورسٽي ۾ ئي
ورتي آهي. پر هڪ سال آءٌ 66-1965ع ۾ چين ويس، چيني
زبان سکڻ. اتي مون جيڪو تعليمي ماحول ڏٺو. اهو هي
هو ته صبح کان شام تائين پڙهائي ٿيندي هئي. ڏينهن
جو پهريون اڌ سبق ياد ڪرائيندو هئا ۽ پوءِ ٻي
ڏينهن جي سبق جي تياري ڪرائيندا هئا، سوال جواب
ٿيندا هئا. بحث مباحثو ٿيندو هو. اسان وٽ سنڌ ۾ ڪو
زمانو هو، جو پرائمري سطح تي صبح ۽ شام ڪلاس ٿيندا
هئا جنهن وقت آءٌ چين ويس ته مون کي هر شعبي ۾
محنت نظر آئي. استاد پنهنجو سبق ياد ڪري ايتري
تياري ڪندا هئا جو هو ان ۾ بلڪل تيار هوندا هئا.
جو هن کي احساس هوندو هو ته اسان کي پڙهائڻو آهي ۽
پڙهائڻ دوران ڪتاب اٿلائڻ جي ضرورت ئي نه محسوس
ٿئي. هڪ ڀيري منهنجي استاد لي صاحب جي ڪمري ۾
(هاسٽل ۾) شام جو ويس ته ڏٺم ته هن اسان جو ڪتاب
پي پڙهيو، پڇيومانس، اوهان هي پيا پڙهو. ته
وراڻيائين، ياد پيو ڪريان، تڏهن ته صبح جو مان
اوهان کي پڙهائي سگهندس. اسان ۾ به اها محنت هجڻ
کپي. اسان جو پنهنجو ملڪ آهي، اسان جا پنهنجا
ماڻهو آهن. تن کي پڙهائڻو ۽ سڌارڻو آهي. اهو جذبو
اسان ۾ هجڻ کپي. ڪيترن استادن ۾ آهي ۽ ڪيترن ۾
ڪونهي ۽ مان يورپ فقط هڪ مهيني جي لاءِ ويو آهيان.
لنڊن ۾ اسڪول آهي اورينٽيل اسٽڊيز اتي مون کي سنڌي
نثر جي باري ۾ کوجنا بابت ڪم ڪرڻو هو. خاص ڪري ان
لاءِ ويو هئس ته اهي ڪتاب جيڪي اڻويهه صدي جي آخر
ڌاري لکيل هئا. 1850ع کان 1900ع تائين انهن مان
ڪيترن جون اصل ڪاپيون يا نقل هتي اسان وٽ ڪونهن.
اتي مون کي برٽش لئبرري ۾ ۽ ٻين ۾ جيڪي ڪتاب مليا
تن تان مواد گڏ ڪيو. اتي مون کي اهو نظر آيو ته
هرڪو ماڻهو ريسرچ دان پنهنجي ڪم ۾ مگن ۽ مصروف هو.
اتي اهو ماحول پيدا ڪيل آهي. اتفاق سان اسان وٽ
اهو ماحول ڪونهي جو ماڻهو يڪ ڌيانيءَ سان ويهي ڪم
ڪري سگهي. ٻيو ته ٺهيو پر لئبرري ۾ ڪيئن ويهجي سو
به هتي مون کي ويجهڙائي ۾ ڪٿي نظر نه آيو آهي. مون
اهو محسوس ڪيو آهي ته تعليم جي شعبي ۾ اسان اڃا
پوئتي آهيون. تنهن ۾ جڏهن اڳيان وڌنداسون ته اهي
سڀ ڳالهيون اچي وينديون.
سوال: اسان وٽ تحقيق ۽ تنقيد جي ڪم کي چڱي موچاري
اهميت نه ملي سگهي آهي، ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟
جواب: منهنجو خيال آهي ته ان جو هڪڙو ڪارڻ هي به
آهي ته اسين تعليمي طور تي اڃا پوئتي آهيون. دير
سان سڄاڳي ٿي آهي. مدرسن جو ماحول جيڪو آهي، ڪجهه
صديون اهو هو. انگريزن جي اچڻ کان پوءِ هنن سنڌي ۾
الف، بي جيڪا هاڻ اسان پڙهيون ٿا، تي ڪميٽي
ويهاري، جنهن 1852ع ۾ موجوده الف بي منظور ڪئي. ان
کان پوءِ ڪتابي سلسلو شروع ٿيو. ڪتاب ڇپجڻ هاڻ
شروع ٿيا آهن، هنن سنڌ ۾ تعليم کاتو قائم ڪيو.
تنهن کان پوءِ اسان وٽ سنڌي پڙهائڻ شروع ٿي. يورپ
۽ ٻين سڌريل ملڪن جي ڀيٽ ۾ جتي صديون اڳ ڪتاب ڇپجڻ
شروع ٿي ويا هئا، ۽ اسان وٽ جيتري به تعليم آهي.
ان موجب ٿورو گهڻو تحقيقي ڪم ضرور ٿيو آهي. تنقيد
جيڪا آهي سا به تحقيق سان گڏ لڳي اچي. پر جنهن
تعليمي معيار جي ڪري يا پڙهائي جي ڪري اسان وٽ
تنقيد جو ڪم گهٽ ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ تحقيق به اچي
ٿي. پر هن صدي ۾، خاص طرح سان اسان وٽ تحقيق جو
ماحول پيدا ٿيو.
مرزا قليچ بيگ شروع ۾ ڪيتروئي ڪم ڪيو، ان کان پوءِ
ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽو. اهي به اسان
جا تمام وڏا اسڪالرس پيدا ٿيا. جن جديد انداز ۾
تحقيق ڪئي. گربخشاڻي شاهه جو رسالو ايڊٽ ڪيو ۽ هن
ئي مقدمي نگاري جونئون انداز اختيار ڪيو. شاهه
صاحب جي رسالي کي نئين نموني سان ايڊٽ ڪري رسالي
جا ٽي جلد ڇپايا. جنهن کان پوءِ ڊاڪٽر دائود پوٽو
آيو. جنهن جو عربي، فارسي ۾ ڪم تمام گهڻو آهي پر
هن سنڌ جي تاريخ جا جيڪي بنيادي متن فارسيءَ ۾
آهن، تن کي ايڊٽ ڪيو. سنڌي شاعرن جي ڪلام کي ايڊٽ
ڪيو. جن ۾ شاهه ڪريم جو شعر آهي، گرهوڙي صاحب جو
شعر آهي، ان کان پوءِ جنهن کي اسين هاڻي وارو دؤر
چئون، تنهن ۾ به ٻه اسڪالر تمام اهم آهن. هونئن ته
تمام گهڻا آهن پر ٻه ماڻهو پير حسام الدين راشدي ۽
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ. پير صاحب گذاري ويو آهي. پير
صاحب جو ڪم سنڌ جي تاريخ جا ماخذ جنهن کي سورس
مٽيريل چئبو آهي، تنهن جي ايڊيٽنگ ۾ بنيادي ڪم ڪيو
آهي. اهو تمام اعليٰ معيار جو آهي. ڊاڪٽر بلوچ
جيڪو ڪم ڪري پيو، ڪندو آيو آهي، اهو سنڌ جي تاريخ،
سنڌ جا شاعر، سنڌ جي ثقافت ۽ اسان جي سنڌي جيوت جا
جيڪي به موضوع آهن، انهن تي ڊاڪٽر صاحب جو ڪيل ڪم
اعليٰ معيار جو آهي. هاڻ جڏهن 73-74 سال عمر اٿس
تڏنهن به ايئن ٿو ڪم ڪري جيئن ڪو جواب ماڻهو ڪندو
آهي ۽ ٽائيم ٽيبل سان ڪري ٿو. پير صاحب به ايئن ئي
ڪندو هو. هنن ٻن اسڪالرس جي جيڪا تحقيق آهي سا
منهنجي پنهنجي معيار موجب اسان جو مان تمام مٿاهون
ڪريو بيٺي آهي. پير صاحب جي تمام گهڻي اهميت هئي.
ڊاڪٽر بلوچ سڄيءَ دنيا ۾ اسان جي سنڌ حوالي سان ئي
سڃاتو وڃي ٿو. ڪو ماڻهو ڪٿي وڃي يورپ ۾، جپان ۾،
آمريڪا ۾، پر جنهن پهرين ماڻهو کي سڃاڻيندو سو
ڊاڪٽر بلوچ آهي. ان حساب سان ڏسون ٿا ته اسان جي
تحقيق چڱي سطح تي آهي ۽ جي ايئن ئي ڪوششون جاري
رهيون. نئين ٽهي جا اسڪالرس به ٿورو گهڻو ڪم ڪن
پيا ۽ اهو ڪم اڳتي وڌندو. اسان ڏهه سال اڳ جيترو
پوئتي هئاسون اوترو هينئر نه آهيون.
سوال: تازو حڪومت سنڌي لئنگويج اٿارٽي قائم ڪري
ڊاڪٽر بلوچ کي ان جو چيئرمين مقرر ڪيو آهي ۽
پنجاهه لک رپيا فنڊ به منظور ڪيو آهي. اوهان جي
خيال ۾ اهو اعلان به گذريل حڪومت جي اعلان وانگر
ته نه رهندو؟
جواب: ان بابت آءٌ ڪجهه چئي نه ٿو سگهان. ڊاڪٽر
بلوچ ان جو چيئرمين آهي. هو ڪو ڍانچو ٺاهيندا.
اميد ته چڱي آهي.
سوال: ڪراچي يونيورسٽي ۾ لطيف چيئر قائم ٿيل آهي ۽
ان جي اڃا تائين ڪا به ڪارڪردگي سامهون نه آئي
آهي. ان چيئر جي ڪم کي اڳيان وڌائڻ لاءِ توهان وٽ
ڪهڙيون تجويزون آهن؟
جواب: حقيقت ۾ جنهن وقت اهي چيئرس قائم ٿيون. ان
کي هاڻ ڪافي عرصو ٿي چڪو آهي. لطيف چيئر قائم ٿي
آهي ته لئبرري به قائم ڪئي اٿن. مون ڏٺي نه آهي.
ٻڌو اٿم ته سٺي لئبرري قائم ڪئي اٿن ۽ انهن پي
ايچ. ڊي ڪرڻ لاءِ ڪي شاگرد به رجسٽرڊ ڪيا آهن ۽
جتي هو ڪم ڪندا، اڃا سندن ڪم ابتدائي دور ۾ هوندو.
ان جي وڌيڪ انفرميشن مون کي نه آهي. سچل چيئر جي
لئبرري مون ڏٺي آهي. تنوير عباسي في الحال ان جو
صلاحڪار آهي ۽ سچل جو جيڪو رسالو ايڊٽ ڪن پيا، اهو
آءٌ ڏسي آيو آهيان، سٺو ايڊيشن ٿيندو ۽ تنوير صاحب
جي ان ۾ دلچسپي آهي. انهن ٻن چيئرس سان گڏ هڪ ٽي
چيئر به قائم ٿي هئي. سنڌ يونيورسٽي ۾ علامه آءِ.
آءِ. قاضي چيئر، انهي تي به ڊاڪٽر بلوچ آهي. ڊاڪٽر
صاحب، علامه صاحب جا جيڪي ليڪچرس ۽ مضمون آهن تن
تي ڪنهن انداز ۾ ڪم ڪري پيو. اولڊ ڪئمپس ۾ ان جي
آفيس آهي. اهو ڪم به اڳيان ايندو. منهنجو خيال آهي
ته ٽئي چيئرس پبليڪشن جو ڪم ڪندا ۽ اهو ئي بنيادي
مقصد آهي جو پبليڪشن ڪڍن ۽ دنيا انهن جي شخصيت کان
روشناس ٿئي.
سوال: اڳڀرو اوهان چيو ته اوهان تخليقي ليکڪ يعني
ڪهاڻي نويس آهيو ته هڪ ڪهاڻي نويس جي حيثيت ۾
اوهان کي سنڌي ڪهاڻي جو حال ۽ آئيندو ڪيئن ٿو نظر
اچي؟
جواب: جيڪڏهن اسين تاريخ ويهي کڻنداسين ته ان کي
اڳ ۾ افسانو چيو ويو آهي ۽ ان جي تاريخ کي ڏسي
اميد لڳائي سگهجي ٿي ته ان جو آئيندو سٺو آهي جيڪي
پراڻا ليکڪ آهن. تن کي ڇڏي ڪري ويجهڙائي وارن ٽيهن
پنجٽيهن سالن تائين ڏسنداسين ته جمال ابڙو، غلام
رباني، شيخ اياز انهن جو هڪڙو دور رهيو. شيخ اياز
جو مجموعو سفيد وحشي شروعاتي افسانن مان چئي سگهجي
ٿو. انهن افسانن ۾ ان وقت جي ماحول موجب سنڌي سماج
جي عڪاسي ڪيل آهي. انگريزن کان تازو آزاد ٿيا
هئاسون، اياز جو افسانو سفيد وحشي انگريزن بابت
آهي. بهرحال جيئن مون اڳ ۾ چيو ته جيڪي آزادي جون
ڳالهيون هيون اهي افسانن ۾ آهن. يا سماج جنهن سطح
تي هو. مثال عورت جو ڪردار آهي اسان وٽ، بلڪ دنيا
۾، ادب ۾ عورت جو ڪردار تمام اهميت وارو آهي. انهي
ڪردار تي ڪارو ڪاري، يا محبت جون ڪهاڻيون آهن. ان
کان پوءِ اسان جي سماج ۾ جيڪا سياسي اٿل پٿل ٿي
جيڪو استحصال ٿيو، اسان جي افسانه نگارن انهن جي
باري ۾ به لکڻ شروع ڪيو. آغا سليم، امرجليل، غلام
نبي مغل وغيره. انهن ۽ انهن کان پوءِ جي ٽهي ۾
نورالهديٰ شاهه يا جيڪي به ليکڪ اسان وٽ لکن ٿا تن
جو جيڪو پس منظر آهي سو سماجي زندگي آهي. جيون
جيڪا آهي. هڪڙن لفظن ۾ چئجي لائيف يا جيون. انهي
کي ڏيکارڻ مقصد آهي. جيستائين منهنجو مطالعو آهي.
تنهن موجب اسانجن افسانه نگارن سٺي همت سان انهن
کي پيش ڪيو آهي. ويجهڙن وارن ليکڪن ۾ جي اسان
نورالهديٰ کي ڏسون ته هنن پوري سچائي ۽ ايمانداري
سان جيڪا ڳالهه محسوس ڪئي آهي، سا پنهنجن افسانن ۾
آندي آهي. يا ٽي وي سيريل به سگهارا اٿس پر مون کي
هن جو افسانو تمام گهڻو سگهارو لڳو. عبدالقادر
جوڻيجي جو افسانو واٽون راتيون ۽ رول، انهي ۾ ٻئي
ايتري قوت آهي جو اسان سمجهي سگهون ٿا ته
عبدالقادر جوڻيجو هڪ وڏو افسانه نگار آهي ته هڪڙا
ماڻهو فقط ٽي وي سيريل کي ايپريشينٽ ڪري سگهندا
آهن ۽ جنهن افساني لکڻ جي اهليت نه هوندي آهي جو
هو فقط ئي ٽي وي جي پروجيڪٽ يا جيڪي ڪجهه ٿئي ٿو.
انهي جي موجب لکي سگهندا آهن، پر ٻنهي شين کي ڏسڻ
کپي. افسانه نگار جيڪو آهي تنهن جنهن انهي کي
ڊراما ٽائيز ڪيو. ڏسجي ته ڪيتري خوبي سان هن لکيو.
پيشڪش پيش ڪندڙ جي هٿ ۾ آهي. منهنجو خيال آهي ته
اسان جو افسانو تمام گهڻي ترقي ڪري چڪو آهي ۽ دنيا
جي جديد افساني جي برابر آهي. البروٽوموراويا جيڪو
وڏو ليکڪ هو هاڻي ڪلهه مري ويو آهي ان بابت يا ٻين
دنيا جي ناميارن ڊرامه نويسن، افسانه نگارن بابت
اسان جي ليکڪ کي گهڻي ڄاڻ آهي اسان جو ادب جيڪو
ڪنهن وقت شاهه جي بيت جي حوالي سان سڃاتو ويندو
هو. سو هاڻ اسان جي افساني جي حوالي سان به سڃاتو
وڃي ٿو.
سوال: اوهان جن افسانه نگارن جا نالا ورتا سي
پراڻي ٽهي سان واسطور رکن ٿا پر هن وقت نئين ٽهيءَ
جي لکندڙن جو افسانو اوهان جي نظر مان گذريو آهي؟
جواب: ها! سنڌي ادب سان واسطي هئڻ ڪري آءٌ موجوده
دؤر جي ڪهاڻي پڙهان ٿو جيئن موجوده دور جو شعر آهي
تنهن کي ماڻهو پڙهي ٿو ۽ ڏسي ٿو ته ڪيترو اهڙو شعر
آهي جيڪو معياري آهي. اسان وٽ ادب ۾ مقدار کي ڏٺو
وڃي ٿو. ڪيترائي اهڙا پرچا نڪرن ٿا جيڪي معيار
موجب نه آهن. جيڪو اچي ٿو دوستن جون شيون چاپي ٿو
ڇڏي. ڪهاڻي کان سواءِ شعر ۾ به ايئن ٿئي ٿو. ۽ ان
جو ايڊيٽر بنا ڏسڻ جي اهو ڇاپي ٿو ڇڏي. سندس خيال
موجب هو سندس همت افزائي ٿو ڪري. همت افزائي سٺي
ڳالهه آهي پر شيءَ اها ڇاپڻ گهرجي جيڪا معياري هئڻ
گهرجي نئين ٽهي وارا جيڪي ليکڪ آهن. تن سان مون کي
ڪا خاص شڪايت نه آهي پر جڏهن اوهين نالو وٺو ٿا ته
اڳ ۾ جيڪي مڃيل آهن تن جو وٺڻ گهرجي. ان ڪري مون
جيڪي وڏا ليکڪ هئا انهن جا ئي نالا ورتا. جو
موجوده وقت جنهن کي اسين نئين ٽهي ٿا چئون سا نئين
ٽهي ئي اڳتي هلي پختي ٿيندي. ڪيترائي اهڙا آهن
جيڪي اڳتي هلي اڳوڻن جي جاءِ ڀريندا.
سوال: سنڌي ٻوليءَ ۾ ناول گهٽ لکيا ويا آهن اوهان
جي نظر ۾ ان جا ڪي ڪارڻ؟
جواب: اهو ڏاڍو دلچسپ سوال آهي. ڊراما لاءِ به
اهڙي قسم جو سوال ڪيو وڃي ٿو. ان جو عام جواب هي
ٿو ڏنو وڃي ته مسلمانن ۾ ڊرامون گهڻو نه ٿو هلي ۽
ناول جي لاءِ به اهو ته اها ڊگهي ڪهاڻي آهي تنهن
ڪري هتي مقبول نه آهي. گذريل زماني ۾ ته ڪافي ناول
لکيا ويا آهن پر اسان جي زماني ۾ جيئن ئي پاڪستان
ٺهيو تنهن کان پوءِ ڏيپلائي صاحب ناول لکڻ جو
سلسلو شروع ڪيو. هن مسلم ثقافت تي ناول لکيا پي،
ترجمان ڪيا پي تنهن کان پوءِ هن افسانن ۽ صحافت تي
وڌيڪ ڌيان ڏنو ۽ اسان جا جيڪي ويجهڙائي جا ناول
آهن. ويجهڙائي ان ڪري جو جيڪي مون کي ياد آهن ان ۾
جيڪي چند ناول لکيا ويا آهن تن ۾ قوميت بنيادي
عنصر آهي. مثال آغا سليم جو هم اوست آهي يا سراج
جا ناول آهن. يا ڏيپلائي جو سانگهڙ آهي ته انهن ۾
قوميت جو جذبو. آزادي جو جذبو وڌيڪ نظر ٿو اچي.
باقي ناولن جي ٿورائي بابت جيڪو دليل آءٌ سدائين
ٻڌندو آيو آهيان ته افسانو ننڍڙو آهي. ماڻهو جلدي
پڙهي ٿو وٺي ۽ ناول جي لاءِ اسان کي وقت نه آهي.
حيرت آهي ته ناول پڙهڻ جي لاءِ فقط اسان کي وقت
ناهي جيڪي سڌريل ملڪ آهن انهن جي ماڻهن وٽ ته وقت
آهي يا اسان جي آسپاس وارن وٽ ته وقت آهي. بنگالين
وٽ وقت آهي. هندي وارن وٽ ته وقت آهي. اردو وارن
کي آهي. پر سنڌي وارن کي ڇو نه آهي؟ منهنجي خيال ۾
ته وقت جي ڳالهه ڪانهي. وقت ته يورپ جي ماڻهن وٽ
ڪونهي. پنج منٽ به اهم اٿن پر انهن کي مون ڏٺو آهي
ته ٽيوب ريلن ۾ پنج پنج سؤ صفحن جا ناول بيٺا آهن
تڏهن به پيا پڙهن. معنيٰ هنن کي دلچسپي آهي ۽ جيڪو
به وقت اٿن هو انهيءَ ۾ پڙهن ٿا. هتي آءٌ چيئرمين
مانو جو هڪ ڪوٽيشن ڏيندس ته اڪثر ماڻهو چوندا آهن
ته مون کي مطالعي لاءِ وقت نه آهي پر مان چوان ٿو
ته اوهان کي ارادو ئي نه آهي. ته جيڪڏهن اوهان کي
پڙهائڻ جو ارادو آهي ته پوءِ وقت ڪڍڻ ڪو مسئلو نه
آهي. ڀلي ڪهڙي به صنف هجي پنهنجو نصاب هجي پڙهڻ
لاءِ وقت ڪڍي وٺبو. منهنجي خيال ۾ سنڌي ۾ گذريل
ٽيهن سالن ۾ جيڪي ناول لکيا ويا آهن تن جو بنيادي
سبب هي آهي ته اسان جي ليکڪن جو ڌيان ٻين صنفن
ڏانهن هليو ويو آهي ۽ ناول ڏانهن گهٽ ويو آهي. پر
اسان وٽ ڪي ناول اهڙا آهن جيئن نئين ٽهي ۾ طارق
عالم جو رهجي ويل منظر آهي. انهي ۾ تمام نئين
انداز ۾ ڪهاڻي لکي ويئي آهي. جيئن هروڀرو بادشاهه
جي پٽ کان ڳالهه شروع ڪجي ايئن ڪونهي. سماج جي
ڪهاڻي آهي، جذباتي ڳالهه آهي. جيڪا ان ۾ پيش ڪئي
وئي آهي نون ناولن ۾ هڪ ننڍو ناول ئي سهي پر سٺو
ناول آهي. اسان وٽ ٻيا به آهن. جيئن مون پنهنجي
ڪتاب ادبي تاريخ ۾ لکيو آهي ته علي بابا کان سٺو
ناول سنڌي کي ملڻ جي اميد آهي. ان وقت هن موهن جو
دڙو ناول لکيو پي. ته اهي ڳالهيون آهن ۽ اسين ڪو
خاص هڪ سبب وٺي نه ٿا ڪري سگهون. پر جيڪڏهن اسان
ڪنهن ڳالهه جو سبب ڳوليون به سهي ته مختلف صنفن ۾
ماڻهو لکندا رهندا آهن. اسان جي افسانه نگارن ۾ به
ايڪڙ ٻيڪڙ ناول لکيا آهن پر تمام گهٽ آهن.
سوال: سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو مستقل سنڌي قوم سان
واڳيل آهي. سنڌي قوم جي ڇوٽڪاري لاءِ هلندڙ سياسي
جدوجهد بابت اوهان جو ڪهڙو رايو آهي؟
جواب: آءٌ پنهنجي ٻولي ۽ ادب جي بنياد تي ايترو
چئي سگهان ٿو ته سنڌ ۾ جيڪا سجاڳي آهي اها ادب
پيدا ڪئي آهي ۽ جيڪي ذرائع ابلاغ آهن، اخبارون يا
رسالا آهن اهي اسان جي موجوده دور جو جوان به پڙهي
ٿو ته پراڻي ٽهي وارا به. اهي جڏهن ادب پڙهن ٿا ڇو
ته ادب پنهنجي سماج جو آئينو آهي ۽ جيڪو ڪجهه وهي
واپري پيو. ظلم ٿيندو آهي تنهنجي باري ۾ اسان جي
سياسي رهبرن جا سياسي نظريا آهن اهي به پڙهي ٿو.
پر اصل ڳالهه هي آهي ته اسان ماڻهن جي اڪثريت
پڙهيل ڪانهي. تنهن ڪري هو پنهنجو هر فيصلو جذبات
جي بنيادن تي ڪن ٿا. مثال ووٽ بابت چوندا ته هينئر
اسان جو ڌيان هيڏانهن آهي. تنهن ڪري اوڏانهن
ڏينداسين. ڀلي ڪير ڪيترو به چوي ته بابا اها ڳالهه
ٺيڪ نه آهي ڪجهه اسان جي به ٻڌو پر هو چوندو ته
منهنجو ڌيان هيڏانهن آهي. ڌيان واري ڳالهه به صحيح
آهي پر اصل مسئلو هي ته ماڻهو کي هر ڳالهه سوچي
سمجهي پنهنجي مستقل ڏانهن آڻي پوءِ ڪرڻ گهرجي. ان
سلسلي ۾ ايترو چوندس ته جيڪو پڙهيل هوندو سوئي
سوچيندو. يورپ ۾ ماڻهو ان ڳالهه تي سوچين ٿا ته
فلاڻي جي دور ۾ هيتري مهانگائي ٿي يا هيترو ٽيڪس
وڌيو تنهن ڪري کيس ووٽ نه ڏيو. ان ڪري واري واري
سان پارٽيون اچن ٿيون ڪڏهن ساڳئي به اچي ٿي ۽ اسان
جي ماڻهن ۾ وڌيڪ سجاڳي تڏهن ايندي جڏهن تعليم
وڌندي. هينئر اسان جي تعليم جو جيڪو سيڪڙو آهي سو
تمام گهٽ آهي. دعويٰ ته اها ئي ڪئي وڃي ته 26 کان
وڌيڪ آهيون پر منهنجي خيال ۾ 15 سيڪڙو کان وڌيڪ
پڙهيل نه آهيون. |