سيڪشن: ادب

ڪتاب: زنبيل

باب:

صفحو:7 

(20)

محب الفقراء، دوست اهل صادق اليقين بعد گهڻين دعائن جي لکجي ٿو ته هتي هر طرح خيريت آهي، خير ڪلي طرفين جو گهربل، مطلب ته اسان جو ڪاغذ ميان غلام حسين جي لاءِ موڪليل هو جو پهتو هوندو. اهو ڪاغذ اسان لاچاري حالت جي ڪري ڪن چڱن ماڻهن جي چوڻ سبب لکي موڪلي ويٺا آهيون ۽ اسان جي دلي راءِ مرزان صاحب مرزان سڪندر بيگ ڏانهن آهي جو اوهين پنهنجا ووٽ پنهنجن دوستن جا مرزان صاحب کي ڏيندا ۽ اڳين چٺي رد سمجهندا. اوهين پاڻ عقلمند آهيو. سڀ ڪجهه سمجهي سگهو ٿا. ٿورو لکيو گهڻو ڪري سمجهندا.

30 آڪٽوبر 1923ع

صحي

جناب پير صديق محمد شاهه

قريشي سجاده نشين درگاه

شريف بڪيرا

 

 (21)

غره اپريل 1924ع

بخدمت منبع شفقت جناب ميان حيدر خان صاحب سلامت.

اسلام عليڪم بعد عرض ته اوهان جو خط خانبهادر مير صاحب کي پهتو. مير صاحب جن جي فرمائش موجب معروض ته اوهان جي اڳئين خط جي جواب ۾مير صاحب جن جيڪو خط لکيو هو سو اميد ته پهتو هوندو مگر توهان جي هن خط ۾ انهي خط جي عدم رسيدگي معلوم ٿئي ٿي. مير صاحب جن جو چوڻ آهي ته توهان جي موڪليل شاگرد کي اسين موٽائڻ پسند نٿا ڪريون، اُن کي فري بورڊرن ۾ داخل ڪريون ٿا. مگر جيڪڏهن هن کي اِنهيءَ تعلقي جي ڪنهن زميندار کان کاڌ خوراڪ جو خرچ ملي سگهي ته بهتر – ڇاڪاڻ ته اسان وٽ هِن تعلقي جا مسڪين شاگرد به گهڻا فري بورڊريءَ لاءِ اُميدوار آهن. اسان ڏيڍ لک کن روپيا صرف ڪري خاص غريب مسلمانن جي ٻارن لاءِ انگريزي مدرسو جاري رکايو آهي، جنهن ۾ بنا في شاگردن کي تعليم ڏني وڃي ٿي. جي ڪڏهن اسان جا پاڙيسري زميندار ڀائر فقط پنهنجي پنهنجي حد مان هڪڙو هڪڙو يا ٻه ٻه شاگرد پنهنجي مدد سان موڪلين ته هوند ڪيڏي نه مسلمانن جي تعليمي ترقي ٿي پوي.

اڪثر زميندار ڀائرن جا جيڪي بي سود خرچ ڏسجن ٿا تن جي نسبت اها تعليمي مدد تمام هلڪو ڪم ۽ نهايت سودمند ڪار آهي.

2 – پرديسي شاگردن جي مانيءَ جا ٻه درجا مقرر ڪيا ويا آهن. هڪڙن کي مهيني ۾ اٺ روپيا ويسي ڏيڻي پوندي ۽ ٻين کي مهيني ۾ ڇهه روپيا ويسي – جيڪي فري بورڊر آهن تن مان به هڪڙا پهرئين ڪلاس ۾ رکيا ويا آهن ۽ ٻيا ٻئي ڪلاس ۾ - اُميد آهي ته اوهين انهي نموني سان اسان جي مدرسي جي ترقيءَ ۾ مدد ڪندؤ ۽ دلي همدردي ڏيکاريندؤ. زياده خيروالسلام.

حسب الحڪم

بنده محمد صديق (مسافر)

 

 (22)

6 اپريل 1924ع

مهربان وڏي شان ميان حيدر خان صاحب. بعد سلامن جي معلوم هجي ته خط اوهان جو مورخ 25 مارچ 1924ع جو 5 اپريل جي پهتو. مهرباني اوهان جي پهرين لکپڙهه ۾ جواب ڏنو هو. ۽ اهو جواب بلڪل واجبي آهي. هن ڪم ۾ ڪنهن به زميندار يا پهچ واري ماڻهو خواه سرڪار جي ڪابه مدد ڪانهي. هي فقط هڪ انسان جي ڪلهن تي آهي تنهنڪري مدد واجب آهي. منهنجو اولاد ڪونهي جو مدرسي جو فائدو وٺي. هي مدرسو عام نفعي لاءِ آهي. پر عام انسان ته نگاهه به ڪونه ٿو ڪري. تعليم جو بندوبست، رهڻ جو بندوبست اسان تي آهي. مائٽ تن تي ڇوڪري جي پيٽ جو ته حق آهي. هن مدرسي ۾ جڏهن ڪابه في ڪانهي. منجهس سهنج به پورو آهي تڏهن اٺ روپيا في ماه ڪو گهڻو نه آهي.

غلام محمد ٽالپر

ٽنڊو باگو

 

 (23)

محب الفقرا ۽ دوست اهل الله اعتقاد مند وڏي شان مان وارو حيدر خان جوڻيجو خوش هجو.

بعد السلام عليڪم گهڻين دعائن جي لکجي ٿو ته هت سڀ خير آهي. طرفين خيريت، مطلب ته خان صاحب بهادر مسٽر غلام حسين ليجسليٽو ڪائونسل جي چونڊ ۾ اُميدوار بيٺل آهي جو اڳ به ٻن گذريل چونڊن ۾ فتحياب ٿيو هو. هاڻي به اميدوار آهي. اوهان مهرباني ڪري پنهنجا وئوٽ (ووٽ) پنهنجن دوستن جا وئوٽ (ووٽ) خانبهادر جي نالي ڏيئي سجايا ڪندا. ٻي ڪنهن به ماڻهوءَ جو چوڻ نه وٺندا.

زياده خير، اسين هميشه اوهان جو دعاگو آهيون. فقط تاريخ 15 آڪتوبر 1922ع.

قلم تازو ته بدين تعلقي ۾ اسان جو لاڳاپيل تو جهڙو ٻيو ڪوبه، اسان جو نه آهي. اهو ڪم خاص اوهين پنهنجي ڄاڻي ڪوشش وٺندا ۽ اسان ڏانهن خاطريءَ لاءِ ڪاغذ لکندا زياده خير.

(خط تي صحيح نه آهي. چورس مهر لڳل آهي. خادم الفقرا حضرت مخدوم صاحب پير امام بخش شاهه قريشي اسدي هاشمي سجاده نشين درگاه حضرت جناب قائم الدين قلندر سنه 1343).

 

(24)

تاريخ 25 جون 1928ع

ڪراچي

مڪرمي ميان حيدر خان جوڻيجو بدين

السلام عليڪم ورحمة الله برڪاتہ

اوهان جو خط پهتو. احوال معلوم ٿيو. جواب ۾ لکجي ٿو ته غلط فهميءَ ڪري اوهان کي لکيو ويو ته اهو سوال بمبئي ڪائونسل ۾ پيش ڪرڻ جو آهي جنهن لاءِ مون کي سخت ارمان آهي.

اوهان انهيءَ بابت لکيو آهي ته انڊيا ائڪٽ آهي جو اسيمبليءَ ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو، ان لاءِ عرض آهي ته اوهان کي خبر هوندي ته موجوده حڪومت اهڙي ڪانهي جو ڪنهن ميمبر جي چوڻ تي جيئن هو چوي تيئن ڪنهن قانون ۾ ڦير گهير ڪري ڇڏي. تنهن ڪري ضرورت آهي ته قلم 493 – 498 جنهن بابت اوهين ڦير ڦار ڪرائڻ گهرو ٿا انهن قلمن بنسبت اخبارن ۾ آرٽيڪل لکو ۽ گورنمينٽ کان تقاضا ڪريو ته مٿي ذڪر ڪيل قلمن ۾ درستي  ڪري ۽ وڌيڪ ته پبلڪ جلسا ڪيا وڃن ۽ خوب ملڪ ۾ هلچل هلائي وڃي جنهن بعد جيڪڏهن انهن قلمن ۾ درستي ڪرڻ بابت گورنمينٽ جو ڌيان ڇڪائبو ته پوءِ ڪجهه فائدي جي اميد رکي سگهجي ٿي.

اهو به ياد رکڻ گهرجي ته ڪوبه سوال ڪائونسل يا اسيمبليءَ ۾ گهڻن ووٽن سان پاس ڪيو وڃي ۽ پوءِ به گورنر اُن ڪائونسل کي اختيار آهي ته پاس ڪيل رد ڪري ڇڏي.

باقي جيئن اوهان سمجهيو آهي ته بنا ڪنهن هلچل هلائڻ جي اسيمبليءَ ۾ اهو سوال پيش ڪيو وڃي ته ان بابت آءٌ خاطري ڏيان ٿو ته ان مان فائدو ڪونه نڪرندو. جيئن ته اهو سوال فقط سنڌ سان تعلق رکي ٿو مگر سڄي هندوستان سان ان جو واسطو آهي تنهنڪري پهرين اسيمبليءَ جي سرڪاري ۽ غير سرڪاري ميمبرن جو ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪايو وڃي ان لاءِ لازمي آهي ته انهن قلمن بابت واضح طور لکندا ته منجهان (انهن مان) ڪهڙا نقصان آهن ۽ ڪهڙون گهٽتايون آهن ۽ ڪهڙيون درستيون ڪرڻ گهرو ٿا ۽ انهن درستين مان ڪهڙا فائدا ٿيندا ۽ ٻيو به ڪو ضروري احوال سوالن ۽ جوابن جي نموني تي سڄو تفصيل وار انگريزيءَ ۾ لکي موڪليندا. جيڪڏهن مٿي ذڪر ڪيل مون کي انگريزيءَ ۾ لکندا ته آءٌ هن ايندڙ اسيمبليءَ جي اجلاس جي موقعي تي سڀني ميمبرن ۾ ان بابت هلچل وڃي ڪندس ۽ ڪنهن موقعي تي انهن سوالن کي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪندس جيئن ڪو فائدو به ٿي سگهي.

زياده خير و سلام

نيازمند

عبدالله هارون

صحيح

(خط پئڊ تي آهي)

 

 (25)

( - ) اساس اخلاص، ( - ) اختصاص اميد گاه دوستان ( - ) حيدر خان  ( - )

بعد سلامن ۽ شوق ملاقات جي واضح خاطر عزيز هجي ته آڻيندڙ هن ڪاغذ جو اسان جو ماڻهو اوان (اوهان) صاحبن وٽ اچي ٿو- اوان صاحبن کي خبر هوندي ته آءٌ بمبئي ڪائونسل ۾ اُميدوار بيٺل آهيان- جنهن جي چونڊ ايندڙ مهيني ۾ ٿيندي، تنهن ڪري وقت بلڪل تنگ آهي  ۽ مخالف ڌر جو زور شور سان ڪم هلي رهيو آهي. اوان دوستن ۾ وڏي اميد رکي تڪليف ٿي ڏجي ته مهرباني فرمائي منهنجي ڪم کي پنهنجو ڄاڻي چڱي طرح ڪوشش ڪري اِنهي طرف ووٽر صاحبن کي پوري طرح پڪو ڪري ڇڏيندا جيئن مقرر تاريخ تي سڀئي ووٽر صاحب گڏ ٿي اچي منهنجي نالي ووٽ ڏين.

لسٽون موڪليان ٿو اُميد ته ڪم جي پوري طرح سرانجامي ڪرڻ فرمائيندا. زياده خير و سلام. مورخ 30 جون 1928ع

دعاگو

ميران محمد شاهه

وڪيل

 

 (26)

مشفق مهربان صداقت نشان ميان حيدر خان جوڻيجو خوش هجو.

بعد اسلام عليڪم و شوق ملاقات واضح باد ته هِت سڀ خير آهي، خيريت اوهان جي نيڪ مطلوب – مطلب ته هن خط آڻيندڙ ماڻهو نالي واحد منڌرو اسان جو مريد آهي. جو احوال اوهان کي روبرو ٻڌائيندو. احوال پرسيءَ بعد ڪوشش (ڪري) هن ماڻهوءَ جو ڪم پورو ڪندا ته طرفين لاءِ باعث خوشنوديءَ جو ٿيندو. هن طرف ڪم ڪار هجي ته لکندا. زياده خير و سلام.

4 سيپٽمبر 1928ع.

پير سيد غلام حيدر شاهه

سجاده نشين درگاه ڪريمي عليه رحمت

از بلڙي شريف

 (27)

13-12-1928ع

صادف اليقين ارادي مند محب الفقراء حيدر جوڻيجو سلامت باد آمين.

السلام عليڪم – بعد دعائن جي معلوم ته اسان جناب قبله والد صاحب مرحوم پير حاجي ڀلن شاهه جيلاني جي ختمي (ماني) جي تاريخ 2 شعبان سومار جي رات مقرر ڪئي آهي. اوهان کي ۽ اوهان جي عزيزن ۽ دوستن کي دعوت ڏيون ٿا. چئن ڏينهن يعني اٺن وقتن جي دعوت آهي. برائي مهرباني دعوت قبول ڪري اوهان ۽ اوهان جا دوست ۽ عزيز ضرور اچي انهيءَ مقرر ٿيل تاريخ تي هن ڪار خير ۾ شريڪ ٿيندا. ۽ پنهنجي تشريف آوريءَ جي خبر 5 – 6 ڏينهن اڳ ڪاغذ جي رستي ڏيڻ فرمائيندا. ٻيو مڙي (مڙيئي) خير واهي – خدا پاڪ جلشانہُ اوهان ڏي خير ڪير. آمين ثم آمين.

دعاگو

پير محمد عارف شاهه جيلاني

عرف پير موليڏنو شاهه جيلاني

درگاه شريف ڪڇ ڀُڄ

اسان جي ائڊريس هيءَ آهي:

        واقع ٻُڄ ڪڇ، بڙ والا ناڪه ڀڄ (ڪڇ)

        پير محمد عارف شاهه حاجي ڀلن شاهه جيلاني کي ملي

        (بيضوي مهر پير محمد عارف شاهه جيلاني قادري ڪچ ڀڄ خط تي لڳل آهي.)

 

(28)

نيڪ بين صادق اليقين راسخ الاعتقاد ميان حيدر خان صاحب خوش هجو

بعد از دعا و شوق ملاقات جي واضح باد ته آڻيندڙ هن پرزي واري ماڻهو دائم جي هر طرح پارت ڪجي ٿي. هي مريد هن درگاهه شريف جو آهي. احوال توهان سان روبرو ڪندو. جو معتبر ڄاڻندا. اميد آهي ته سندس ڪم دل و جان سان پوري ڪري کيس ڏيندا. هن طرف ڪو ڪم هجي ته بلا حجاب لکندا. 1 جون 1930ع.

صحيح

صاحبڏنو شاهه

پير صاحب سجاده نشين

درگاهه ڪريمي بلڙي

(خط تي مهر به لڳل آهي)

 (29)

مراد مند نيڪ نيت صادق اليقين رئيس ميان الله بچايو خان صاحب سلم الله تعاليٰ

بعد از تسليمات وادعيات جي روشن هجي. اوهان کي معلوم هوندو ته شاهه صاحب سيد ميان محمد ڪامل شاهه زميندار سعيدپور جو سنڌ جي جاگيردارن ۽ زميندارن جي پاران اڳئين وانگر هن دفعي به بمبئي ڪائونسل لاءِ اميدوار بيٺو آهي ۽ اسان اڳئين وقتن تي به شاهه صاحب جو ڪم ڪيو آهي ۽ هن سال به اسان کي سندن ئي ڪم ڪرڻو آهي. تنهن ڪري اوهان تي هي ڪم خاص طرح رکون ٿا ته اوهين پنهنجو ووٽ ۽ پنهنجن عزيزن ۽ دوستن جا ووٽ شاهه صاحب کي ڏيندا ۽ ڏياريندا. هي ووٽ 15 سيپٽمبر 1930ع سومر جي ڏينهن سڀ ڪنهن تعلقي جي تعلقي آفيس ۾ ٿيندا.

شاهه صاحب جو نشان گهوڙو آهي. هن لاءِ وري به تاڪيد ڄاڻندا ۽ هي ڪم خاص اسان جو پنهنجو ڪري سمجهندا. زياده خير والسلام. فقط تاريخ 15 آگسٽ 1930ع.

سجاده نشين درگاه شاهه قادري عليه رحمت

بدين شريف

(خط تي مٿان بيضوي مهر پير ڀلن شاهه جيلاني سجاده نشين درگاه شريف بدين ۽ نوراني لڳل آهي. هيٺ صحيح ٿيل نه آهي.)

 

 (30)

دوست مشفق اميد گاه وڏيرو حيدر خان بعد سلام ۽ طرفين جي خيريت معلوم ڪندا ته پيام آڻيندڙ اسان جا خدمتگار آهن. هنن جو انهيءَ طرف ڪو ضروري ڪم آهي؛ جنهن لاءِ اوهان صاحبن کي تصديح ڏيئي اميد ٿا رکون ته هنن کي منزل مقصد ڪندا. زياده خير والسلام.

29 جنوري 1932ع

مير محمد ڪربلائي

مير صاحب جاگيردار ٽنڊو محمد خان

 

 (31)

786

17 مارچ 1932ع

بخدمت فيض درجت جناب وڏيره صاحب ميان حيدر خان صاحب دام اقبال

بعد اسلام عليڪم جي واضح هجي ته هتي سڀ خير آهي. خير عافيت اوهان صاحبن جي ڪنا دگاهه رب العالمين جي شب و روز گهرندڙ آهيان. عرض ته جناب حضرت مرشد صاحب پير صاحب العلم جن بدين ۾ مولوين جي جلسي ۾ اچڻا آهن. بدين ۾ مون کي جاءِ لاءِ لکيو اٿن. انهيءَ لاءِ عرض ته ٻي بدين ۾ سندن رهڻي جي لائق جاءِ ملي ڪانه ٿي سگهي. تنهن ڪري اوهان صاحبن ۾ اُميد ڄاڻي هي نياز نامه خدمت ۾ عرض رکجي ٿو. مهرباني فرمائي هي عرض قبوليت جي ۾ آڻي تسلي لاءِ جواب لکڻ فرمائيندا ته تسلي ٿئي. ٻيو سڀ خير.

نيازمند حاجي محمد بوهڙ

(ٻه مهرون به خط تي لڳل آهن. جن ۾ يقين باشد چٽو پڙهڻ ۾ اچي ٿو ٻيا لفظ پڙهڻ ۾ نٿا اچن.)

 

 (32)

دوست مهربان والاشانِ اميد گاه دوستان

ميان وڏيره حيدرخان سلامت.

بعد اسلام عليڪم ۽ شوق ملاقات جي واضح هوندو ته هن طرف ڪلي خير آهي. خير عافيت اوهان صاحبن جي از درگاهه رب العالمين جي مان گهرندڙ آهيان ته اسان کي ڪي ٻروچن سان راڄداريءَ جون ڳالهيون ڪرڻيون آهن. انهيءَ ۾ اوهان صاحبن جو اچڻ ضروري آهي. تنهن ۾ تاريخ 6 ڏينهن خميس جي ٻن پهرن کان اڳ مرحوم خالو صاحب ميان حاجي علي مراد شاهه صاحب جي اوطاق بخشاه واريءَ تي اچڻ فرمائيندا. جو مانيءَ جو بندوبست اوطاق تي رکيل آهي.

زهي احسان متصور ڪيو ويندو. زياده خير والسلام.

5 ربيع الاول 1443هه

سيد حاجي عبدالله شاهه

 

ڊاڪٽر دائودپوٽي جي شاهه لطيف تي تحقيق

 

شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، سنڌ جو اُهو قابل فرزند آهي، جنهن اهليت سبب ٻاهرين دنيا کان به داد حاصل ڪيو. هُو هڪ قابل اديب، محقق ۽ عربيءَ جو عالم هو. ڊاڪٽر دائود پوٽي جو ڪم نهايت معياري ۽ بلند پايي جو آهي. 1961ع ۾ منهنجو ڪتاب ”ڪنزل اللطيف“ شايع ٿيو هو، جنهن ۾ مون شاهه صاحب جي رسالي جي مختلف ڇاپن ۽ ترجمن جو جائزو ورتو هو. ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ترتيب ڏنل رسالي ۽ سُر ڪيڏاري بابت مون ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي موقف سان اختلاف ڪيو هو. (1) اُن ڪري ڪن حلقن ۽ خاص طور ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل پهرين ڪن رسالن ۾، ۽ پوءِ پنهنجي تصنيف ”ادب ۽ تنقيد“ جي ٻئي ڇاپي ۾ اُن باري ۾ منهنجي موقف کي تفصيلي بحث ڪري رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. گربخشاڻيءَ جي ترتيب ڏنل رسالي، سُر ڪيڏاري ۽ ٻين موضوعن تي ڪافي بحث ٿي آيو آهي. هي موقعو ساڳين ڳالهين کي ورجائڻ جو ناهي. اڪثر اهو تاثر به ڏنو ويو ته آءٌ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي خلاف آهيان. اِهو تاثر صحيح نه آهي. البت ڪنهن موضوع تي دليلن سان بحث ڪرڻ ۾ عيب نه آهي. اُهو مون 1958ع ۽ پوءِ 1961ع ۾ ”ڪنزالطيف“ ۾ ڪيو. مون کي اِن حقيقت کان به انڪار ڪونهي ته شمس العلماء ڊاڪٽر صاحب هڪ وڏو عالم، محقق ۽ شاهه جو شائق هو.

هتي منهنجو مقصد ڊاڪٽر دائود پوٽي جي شاهه صاحب تي تحقيق جي باري ۾ لکڻ آهي، اُن ڪري سندس ٻين عالمانه ڪاوشن کي ٻين محققن لاءِ ڇڏي فقط سندس شاهه صاحب جي باري ۾ ڪيل تحقيق جو جائزو پيش ڪريان ٿو. سندس تحقيقي ڪم ۽ جاکوڙ ۾ شاهه صاحب تي لکيل مقالا ۽ شاهه جي رسالي جي ترتيب لاءِ ڪوشش شامل آهي. ڊاڪٽر صاحب جا مقالا نئين زندگي ۽ ٻين رسالن ۾ موجود آهن. شاهه صاحب تي لکيل اهم مقالن کي ٻين مقالن سان گڏ ڪتاب ”مضمون ۽ مقالا“ ۾ شاهه لطيف ثقافتي مرڪز شايع ڪيو آهي. (3) اِهي ڪل ارڙهن مقالا آهن. اُن لطيفي کوج جو نتيجو آهن، جيڪا ڊاڪٽر صاحب رسالي جي ترتيب خاطر جاري رکي ۽ پاڻ ٻي جاکوڙ سان گڏ ڀٽ شاهه تي ويهي گنج مان موتي ميڙڻ جو سلسلو به جاري رکيائين. اُن تي رپورٽ به سندس هڪ مقالي جي صورت ۾ موجود آهي. (4) مقالن جي معيار بابت ڪجهه چوڻ کان اڳ ڊاڪٽر صاحب جي رسالي لاءِ ڪيل محنت جو جائزو وٺڻ جي جسارت ڪريان ٿو. ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب کي رسالي جي ترتيب جو ڪم سنڌي ادبي بورڊ 1950ع ۾ ڏنو. (5) هن سلسلي ۾ پاڻ ڪي قلمي نسخا به ڀيٽيائين؛ اُنهن جي معيار کان گهڻو مطمئن نه ٿيو. کيس ڪٿي شاهه صاحب جو ڪلام سگهڙپائي معلوم ٿيو. (6) اِهو به چيائين ته: ”شاهه لطيف به گهڻي قدر سگهڙ هو.“ (7) اُن سان گڏ اهو به لکيائين ته: ”شاهه صاحب جيڪو ٻئي قسم جو شعر چيو آهي، سو آهي وايون يا ڪافيون، جي علي العموم ڦلهڙيون آهن.“ (8) سندس آگسٽ 1958ع ۾ ڀٽ شآهه تي ڪيل هيءُ تقرير آڪٽوبر 1958ع ۾ نئين زندگيءَ ۾ شايع ٿي. لکيائين ته ڪافيءَ ۾ سچل، رمضان ڪنڀر، پير اميد علي، نور محمد واڍو، مصري شاهه ۽ خيرمحمد فقير ۽ ٻيا کانئس سرس آهن. (9) يا شاهه صاحب غزل، مولود، معجزي ۽ مدح ۾ به طبع آزمائي نه ڪئي. (10) اُنهن ڏينهن اِنهن ڳالهين شاهه جي اڪثر شائقن ۽ رسالي ۾ دلچسپي رکندڙن ۾ جوش پيدا ڪيو. بدين جو ماستر محمد سومار شيخ به 1956ع ۽ 1957ع ۾ ”شاهه جا گم ٿيل بيت“ نالي ٻه ڪتاب شايع ڪري چڪو هو. اُن جي رد ۾ به ڊاڪٽر صاحب جو ساڳئي عنوان سان مقالو ”نئين زندگي“ آڪٽوبر 1956ع ۾ شايع ٿيو. سيراڻي تعلقي بدين جي سيد مٺو شاهه وارو قلمي نسخو محمد سومار شيخ کان ٿيندو، پير صاحب علي شاهه ذريعي ڊاڪٽر دائود پوتي وٽ پهتو هو. محمد سومار ۽ منهنجا اُنهن ڏينهن رسالي ۽ هٿ آيل بيتن بابت بحث ٿيندا هئا. مون ڊاڪٽر صاحب جي ذڪر ڪيل مقالن؛ ”شاعر ۽ سگهڙ“ ۽ شاهه جا گم ٿيل بيت سان اختلاف ڏيکاريندي هڪ مقالو حيدرآباد جي ”هلال پاڪستان“ جي ماهانه ايڊيشن ۾ نومبر 1958ع ۾ لکيو. اُنهن ڏينهن ئي ڊاڪٽر صاحب اسان کان جدا ٿي ويو. سندس احترام ۾ اسان وارو جوش ته هليو ويو، البت رسالي ۾ پاڻ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ سان ڪم ڪيائين، اُن جو مون پنهنجي ڪتاب ”ڪنز لاللطيف“ ۾ ذڪر ڪيو. (11) تحقيق جي سلسلي ۾ اتفاق ۽ اختلاف ٿيندو رهندو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي عظمت کي اڳ به سلام هو ۽ اڄ به کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.

سندس ترتيب ڏنل رسالي جي باري ۾ اڪثر بحث ۽ تڪرار هلندو آيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ کين ڪم سونپيو ۽ پوءِ شايع نه ڪيو، اُن سلسلي ۾ ادبي حلقن ۽ سندن خاندان ۾ شڪايت ٻڌڻ ۾ آئي. 1983ع ۾ منهنجي محترمه خانم خديجه دائود پوٽه سان ملاقات ٿي. پاڻ پنهنجي فرزند ڊاڪٽر قمر الدين عيسيٰ سان گڏ سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄام شوري ۾ منهنجي پاڙي ۾ ئي رهندا هئا. ٻارڙن لاءِ سڪول به قائم ڪيو هئائون ۽ ڊاڪٽر عيسيٰ فزڪس ڊپارٽمينٽ  ۾ اُستاد هو. ساڻن هونئن ته ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون. هڪ ڏينهن مون کي خاص طور گهرايائون ۽ ٻنهي خانم صاحبه ۽ ڊاڪٽر عيسيٰ سان ڪافي دير علمي ڪچهري ٿي. خانم اُنهن ڏينهن سنڌي ادبي بورڊ جي ميمبر به هئي. پاڻ مون کي ڊاڪٽر صاحب جو ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو به ڏيکاريائون؛ جيڪو هڪ ننڍي پيتيءَ ۾ هو ۽ بيت چٽڪين تي لکيل ۽ داستان وار ربڙ بئنڊ سان ٻڌل هئا. سندن چوڻ موجب رسالو مڪمل هو ۽ بورڊ ڪن ماڻهن جي چوڻ ڪري شايع نه ڪيو. اُن موقعي تي مون ڪجهه داستانن جي بيتن کي سرسري اٿلائي پٿلائي ڏٺو ۽ پيتي بند ڪري ڇڏيسون. خانم صاحبه کي بورڊ جي ڪن ميمبرن ۽ اختيار وارن کان شڪايت هئي. اُن موقعي تي پاڻ مون کي ڊاڪٽر صاحب جو هڪ انگريزي مقالو پردي بابت ڏنائون ۽ ترجمي ڪرڻ لاءِ حڪم ڪيائون. مون اُهو اٽڪل ٻن هفتن ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڏنو. اُهو مقالو بعنوان: ”قرآن ۽ پردو“ مهراڻ 2 – 3 / 1983ع ۾ ڇپيو. اُن ۾ ترجمو ڪندڙ جو نالو نه ڏنو ويو ۽ ڊاڪٽر صاحب جو نالو به غلطيءَ کان ’عمر بن محمود‘ ڇپجي ويو. مون اعتراض نه ڪيو، پر خانم صاحبه کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. خير رسالي جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻ ڪٿان ان کان پوءِ به نه ملي آهي.

شاهه جو رسالو، ترتيب ڏيڻ ۾ شمس العلماء ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب جو يقيناً اِهو مقصد هو ته رسالي کي غير معياري ڪلام کان پاڪ ڪري شايع ڪجي. اُهو صحيح پڙهڻين سان شايع ڪجي. اُن سلسلي ۾ سندن هڪ مقالو: ”شاهه جي رسالي ۾ تحريفون“ به ڇپيو.(12) اِن ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب جي شاهه جي ڪلام ۾ خاص دلچسپي رهي. هُن جي ايڊٽنگ جي سلسلي ۾ ”شاهه ڪريم جو رسالو“ ۽ ”ڪلام گرهوڙي“ ۽ ”ابيات سنڌي“ اهم تاليفون آهن. رسالي جي روحاني رازن جي سلسلي ۾ هُن مولوي غلام محمد خانزئيءَ جي اهم تصنيف ”منهاج العاشقين“ جو سنڌي ترجمو ڪيو. اُن جو مقصد رسالي جي تعليم جي مختلف پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ هو. ڊاڪٽر صاحب جي لطيفي تحقيق جو سڄو دارومدار ان تي هو ته رسالي کي پنهنجي اصل جلوي ۾ پسجي. ڌاريون ڪلام ڌار ڪجي.

ڊاڪٽر صاحب جا مقالا به انهيءَ سلسلي جي ڪڙي آهن ته لطيفي فڪر کي پروڙجي ۽ پرکجي. پاڻ خاص طور ڪلامِ شاهه ۾ انسان جي تصور، فلسفهء وحدت الوجود ۽ مختلف پهلوئن تي لکيائين. ڊاڪٽر صاحب جي مقالن مان ٽن جو مطالعو پيش ڪريان ٿو. اُهي مقالي آهن:

-         شاهه جي عظمت جا اسباب

-         جبر ۽ اختيار

-         ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ وحدت الوجود جو مسئلو

هي مقالا ڊاڪٽر صاحب جي ڳُوڙهي اڀياس ۽ رسالي ۾ دلچسپيءَ جو ظاهر ظهور ثبوت آهن. (13) مقالو ”شاهه جي عظمت جا اسباب“ مختصر پر جامع آهي. اِن نوعيت جا مضمون ۽ مقالا ڪن ٻين ليکڪن به لکيا، جن ۾ ڪوشش ڪري شاهه صاحب جي زبان، ثقافتي پهلوءَ ۽ عوامي مقبوليت جي مدنظر ڪي ڳالهيون بيتن جي مثالن سان اجاگر ڪيل آهن. ڊاڪٽر دائود پوٽو صاحب پنهنجي هِن مقالي ۾ شاهه صاحب کي حاصل سنڌ جي فطري ماحول جي ڳالهه ڪندي، پنهنجو موقف بيان ڪري ٿو. (14) هو لکي ٿو ته ”سنڌ جي صحرا ۾ جو هي سر سبز گل پيدا ٿيو، اُن جي سڳند ۽ سرهاڻ سڀ ولات واسي ڇڏيا؛ تنهن جي بزرگيءَ جا اسباب ڪهڙا هئا يا آهن.“ (15) اُن کان پوءِ جن خاص ڳالهين کي شاهه صاحب جي عظمت جا اسباب ڄاڻي ٿو، تن ۾ شاعر جي واقع گاري، اسلوب بيان، اخلاق پردازي، منظر نگاري، لساني نزاڪت، انساني عظمت ۽ انڪساريءَ جو ذڪر ڪري ٿو. (16) شاهه صاحب جي ڪلام کي ڊاڪٽر صاحب هيٺين موضوعن ۾ وراهي ٿو: غنائي – بياني – قصصي ۽ روحاني. هُو صوفيانه ۽ روحاني رنگ لاءِ چوي ٿو ته ”هر هڪ بيت ۾ ڪونه ڪو اُونهو اسرار رکيل آهي، جنهن کي ڪي رند پروڙي سگهندا. تصوف شاهه جي ڪلام ۾ ائين آهي جئن سرندڙي ۾ وچون سڳو“(17) ناٽڪ جي جزن جي اُپٽار ڪندي شاهه کي شيڪسپيئر سان ڀيٽڻ پسند نٿو ڪري ۽ ناٽڪ انگ لاءِ ايترو چوي ٿو ته ”البت شاهه هڪ مرڪزي نقطي تي حاوي آهي؛ جنهن تي سڄي ڳالهه جو مدار آهي. اُن کي اهڙي تمثيلي نموني ۾ پيش ڪري ٿو جو پڙهندڙ يا ٻڌندڙ جو خيال جزوي تفصيلات کي ڇڏيو وڃيو اُنهي نقطي تي کُپي.“ (18) اهڙي ريت شاهه صاحب جي اسلوب، زبان ۽ ٻين پهلوئن جو جائزو وٺندي، ڊاڪٽر صاحب موضوع کي نباهيو آهي.

مقالي ’جبر ۽ اختيار‘ ۾ تقدير ۽ تدبير جي مسئلي کي ڇيڙيو اٿس. اِنهن روين جبريه ۽ قدريه جي اُپٽار ڪندي، شاهه صاحب جي نظرين کي پروڙڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. هِن مقالي جي موضوع جو پس منظر ڄاڻائيندي ڊاڪٽر صاحب اسلام جي ابتدائي دؤر ۾ پوءِ بنو اُميه دؤر جي مذهبي حالات جو جائزو ورتو آهي ۽ ڏسيو اٿس ته ڪيئن هڪ طرف عيش عشرت جنم ورتو ۽ اُن سان گڏ نيڪ ۽ زاهد عابد گوشائتا گذارن لڳا ۽ معاشري مان غلط رجحانن کي صوفيانه طرز زندگيءَ سان ختم ڪرڻ جا جتن ڪيائون. فڪري لحاظ کان جبريه ۽ قدريه طريقن جنم ورتو. (19)

ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته: ”جبريه فرقي وارن اظهار ڪيو ته انسان مجبور ۽ لاچار آهي، پنهنجي وس ۽ پاڻ وهيڻو ناهي. سندس افعال ۽ اعمال ٻي ڪنهن بالا هستيءَ جي رحم ۽ ڪرم تي منحصر آهن. پاڻ هڪ هٿ وسيڪو لاٽئون آهي، جنهن کي ڪو ڦيرائيندڙ پنهنجي مرضيءَ موافق پيو ڦيرائي؛ يا ڪا اندر جي پُتلي آهي، جنهن کي پردي پٺيان ڪو بازيگر پيو نچائي ۽ ڪڏائي.“ (20) اُن خيال سان ٺهڪندڙ شاهه صاحب جو بيت ڏنو اٿس:

توڻي والاڙون ڪرين، توڻي هلين وِکَ،
لکئي منجهان لِکَ، ذرو ضايع نه ٿئي.

-- يا فارسيءَ واري چوڻي: ماهم لعبتانيم و فلڪ لعبتباز. جبريه فرقي وارن جي ابتڙ قدريه فرقي وارن جو خيال آهي ته انسان مجبور نه آهي. ڊاڪٽر صاحب اُن طريقي جي سوچ جي اپٽار هيئن ڪري ٿو: ”قدريه فرقي وارن جو وري خيال آهي ته انسان خودمختيار ۽ فاع، ۽ پنهنجن اعمالن ۽ افعالن لاءِ تلاهي آهي ۽ ارادي ۽ عزم جو مالڪ آهي. سندس وجود ۾ اُهي زبردست قوتون رکيل آهن، جن جي وسيلي هُو ڪائنات جي ڪايا پلٽ ڪري سگهي ٿو.“ (21) ڊاڪٽر صاحب بيتن جي مثالن ڏيڻ سان شاهه صاحب جي ڪلام ۾ جبر جي فلسفي جا اهڃاڻ به ڏسي ٿو ۽ قدريه انداز به نظر اچيس ٿو. اُن سلسلي ۾ لکي ٿو ته: ”پاڻ کي پُسائڻ کان ڪيئن پالهو ڪجي.“ هن سلسلي ۾ شاهه صاحب جي ٻن بيتن جا حوالا ڏي ٿو - ع

پيو جو پاتار، سو ڪيئن پُسڻا پالهو رهي؟
مالڪ مو سيکار، ڪو پهه انهيءَ ڀانڌ جو.

پهه اهو آهي ته:

شريعت سُڃاڻ، ڪر طريقت تڪيو،
هنيون حقيقت گڏيو،ماڳ معرفت ماڻ،
هُوئج ثابوتي ساڻ، ته پُسڻ کان پالهو رهين.
 

هيءَ ڳالهه ”مون کي مون پرين ٻڌي وڌو تار ۾،“ جي تسلسل ۾ آهي. ڊاڪٽر صاحب رسالي جي مطالعي مان پرکي ٿو ته: ”شاهه صاحب نڪي مطلق جبري هو، نڪي مطلق قدري. بلڪ ٻنهي جو اوسط، جيئن هڪ اعتدال پسند مؤمن کي جڳائي. سندس تعليم آهي ته سکڻي توڪل نه ڪجي، بلڪ ويهن ننهن جو زور لڳائي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.“ (22) ٻين لفظن ۾ پاڻهي ملندءِ هوت ڪجهه تون به ٿي اڳڀري.

وحدت الوجود جي فلسفي تي گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. هي موضوع اسلامي دنيا ۽ تصوف جي اصطلاحات ۾ ڄاتل ۽ مشهور آهي. ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب هن عنوان جي مقالي ۾ تفصيل سان بحث ڪري شاهه صاحب جي ڪلام جي تور تڪ ڪئي آهي. مقالي جو مڪمل عنوان آهي ”ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ وحدت الوجود جو مسئلو.“ هن معاملي جي سمجهاڻي ڏيندي ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو: ”مظاهرن جي ڪثرت ڪري وحدت ۾ ڪابه ڪمي ڪانه ٿي پوي. جيئن ڌاڳن ۾ ڳنڍيون ڏبيون آهن، پوءِ اگرچه اُهي ڳنڍيون جدا ڏسڻ ۾ اينديون آهن، ته به ڌاڳي کان سواءِ ڳنڍيون ڪا زائد شي نه آهن. رڳو ان جي صورت بدلي آهي.“ (23) ٻين لفظن ۾ ائين چئبو ته ”وحد تا ڪثرت ٿي ڪثرت وحدت ڪل.“ صوفين جي ٻئي نظرئي وحدت الشهود سان ڀيٽ ڪندي ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو: ”وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود ۾ فرق هي آهي ته وحدت الوجود جي لحاظ کان سڀ ڪجهه خدا آهي ۽ (خدا) سڀ ڪجهه. جيئن جر جي ڦوٽي ۽ لهر کي پاڻي به چئي سگهجي ٿو، پر وحدت الشهود ۾ ائين چوڻ جائز نه آهي. ڇاڪاڻ ته ماڻهوءَ جو پاڇولو هرگز ماڻهو ٿي نٿو سگهي.“

اُن کان پوءِ مشهور صوفين ۽ فلسفين جهڙوڪ: جنيد بغدادي، ذوالنون مصري، بايزيد بسطامي، منصور حلاج ۽ شبلي وغيره جا مثال ڏيندي ڊاڪٽر صاحب مسئلي جي سمجهاڻي ڏني آهي. هُو هڪ مقلد وارو انداز هرگز اختيار نٿو ڪري. تصوف جي باري ۾ نهايت بيباڪيءَ سان لکي ٿو ته: ”حلاج نهايت مرتب نموني خدا ۽ انسان جي اتحاد بابت سخن گوئي ڪري ٿو“ – ”البت زماني گذرڻ بعد ٻيون به گهڻيون ئي ڦيريون ڦاريون منجهس داخل ٿيون، ۽ نوان نوان اصطلاح، تعبير، رسمون ۽ سلوڪ جا احوال ۽ مقامات منجهس گهَڙيا ويا. امام غزالي، ابن العربي ۽ سهروردي اُن کي فلسفي جو رنگ ڏنو.“ (25)

هِن سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب شاهه جي رسالي ۽ ٻين شاعرن جي ڪلام مان مثال کڻي نقطي کي واضح ڪيو آهي. محمود شبستري ۽ شاهه صاحب جا هيٺيان مثال وضاحت لاءِ ڪافي آهن–ع

روا باشد اَنا الله از درختي،
چرا نبود روا از نيک بختي.

--

جر تڙ تک تنوار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي،
سڀئي شي ٿيا، سوريءَ سزاوار،
همه منصور هزار، ڪُمي ڪهندين ڪيترا.
 (26)
 

هر طرح سان ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب هن موضوع تي صاف لفظن ۾ ۽ پنهنجي دستوري بيباڪانه انداز سان لکيو آهي. تنهن سان گڏ سندس علميت جو اندازو به زير بحث توڙي ٻين مقالن مان ٿئي ٿو. سندس شاگرد ڊاڪٽر عارف شاهه گيلاني پنهنجي انگريزيءَ ۾ لکيل مونوگراف The Sage of Sind ۾، کيس داد تحسين ڏيندي لکي ٿو: ”ڊاڪٽر صاحب، شاهه صاحب جو هڪ وڏو معتقد هو. هُن ڪيترا سال شاهه تي کوجنا ۾ گذاريا.“ هِن سلسلي ۾ ڊاڪٽر عارف شاهه، حافظ شيرازيءَ جو شعر ڏي ٿو:

شهر خاليست ز عشاق مگر ڪز طرفي،
دستي از غيب بيرون آيد و ڪاري بڪند.
 (27)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org