سيڪشن: ادب

ڪتاب: زنبيل

باب:

صفحو:31 

تذڪره مشاهير سنڌ

مولانا دين محمد وفائي هڪ بيمثال عالم ۽ اعليٰ اديب هو. سندس علمي، ادبي، ديني ۽ سماجي خدمتون سج وانگر روشن آهن. مولانا جو علمي مرتبو نهايت بلند آهي. سندس هر تحرير ۾ سندس دلي جذبو موجود آهي هو ”الوحيد“ جهڙي روزانه اخبار ۽ ”توحيد“ جهڙي ماهنامي جو ايڊيٽر رهيو. سندس سڄي علمي ادبي سياسي ۽ صحافتي زندگي هڪ با وقار ۽ بامقصد زندگي هئي.

دين محمد وفائي ذات جو ڀٽي هو(1) سندس والد جو نالو گل محمد هو. هو پنهنجي اباڻي ڳوٺ کٽي (نبي آباد) تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ 27 رمضان 1311هه بمطابق 4 اپريل 1894ع تي ڄائو. ابتدائي تعليم پنهنجي والد جي نظر هيٺ حاصل ڪيائين. اڃان پند نامه عطار تائين پڙهيو. اڃان نوَن (9) سالن جي عمر جو هو ته سندس والد گذاري ويو. فارسيءَ جي رهيل تعليم ميان جي محمد عالم وٽ ۽ عربيءَ جي تعليم ابوالفيض مولانا غلام عمر جتوئي وٽ ڳوٺ سوني جتوئي تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ مڪمل ڪيائين. اُن وقت پاڻ اڻويهن (19) سالن جو هو. سکر جي عزيزن مان دين محمد وفائيءَ جي شادي ٿي هڪ سال کان پوءِ سندن گهر واري گذاري ويئي(2).

انهيءَ کانپوءِ مولانا ابوالفيض جي صلاح سان مولانا دين محمد وفائي ڪراچيءَ آيو ۽ سنڌ مدرسي ۾ ٻن سالن تائين تعليم ڏيندو رهيو. انهي وچ ۾ سندس ملاقات مخدوم حسن الله پاٽائيءَ سان ٿي. جتان کيس گهڻو علسي فيض حامل ٿيو(3). پاڻ 1914ع ۾ ڪراچيءَ مان راڻيپور ويو. سندس علمي حيثيت کي مڃتا ملي. کيس علمي شخصيتن سان ويچار ونڊڻ جو موقعو به مليو، انهن ۾ حضرت پير رشد الله به شامل آهن(4) مولانا صاحب سکر مان ئي ٻي شادي ڪئي.

پهرين جنگ عظيم جي زماني جي اُٿل پاٿل ۾ سنڌ جي عالمن جيڪو عملي ۽ قلمي جهاد ڪيو، مولانا وفائي اُن ۾ پيش پيش هو. صحافيانه زندگيءَ جي سلسلي ۾ پاڻ ”الڪاشف“، ”الحق“ ۽ ٻين رسالن ۾ لکيائين ڪراچيءَ ۾ رهائش واري دؤر ۾ مولانا پنهنجا صحيح جوهر ڏيکاريا. 1920ع ۾ مشهور اخبار ”الوحيد“ جاري ٿي. مولانا اُن جو مدير معاون مقرر ٿيو. 1923ع ۾ رسالو توحيد جاري ڪيائين جنهن ۾ علمي، ادبي، ديني ۽ معاشرتي مضمون ۽ شعر شايع ٿيندا هئا. 1936ع ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگي جي موقعي تي ”الوحيد“ جو ”سنڌ آزاد نمبر“ شايع ڪيائين، جيڪو سنڌ جي حيثيت بابت هڪ اهم ڪتاب مثل آهي. توحيد رسالو جيڪو بند ٿي ويو هو، سو 1934ع ۾ وري جاري ڪيائين. 1943ع ۾ ”الوحيد“ سان ڊگهي رفاقت ٽوڙي الله بخش سومري طرفان جاري ڪيل روزاني ”آزاد“ جو ايڊيٽر ٿيون(1).

سنڌي ادبي بورڊ جي ابتدائي لغت ڪميٽيءَ توڙي نصابي ڪميٽيءَ جو ميمبر به رهيو. مولانا صاحب جي علمي، ادبي ۽ ديني ڪتابن جي تصنيف جو سلسلو به هلندو رهيو. اُنهن جو تعداد اندازاً پنجويهه آهي. اُنهن ڪتابن جا موضوع سيرت پاڪ، خلفاءِ راشدين، اڪابرين اسلام، قرآني تعليم ۽ تصوف کان وٺي شاهه لطيف ۽ مشاهير سنڌ تائين وسيع آهن. ٻئي طرف غلط روايتن ۽ بدعتن جي رد ۾ به گهڻو لکيو اٿن(2). شاهه لطيف تي سندن ٻه ڪتاب ”لطف اللطيف“ ۽ ”شاهه جي رسالي جو مطالعو“ نهايت بلند پايي جا آهن ۽ ادبي حلقن کان داد حاصل ڪري چڪا آهن. لطف اللطيف 1949ع ۾ مڪمل ڪيائون ۽ 1950ع ۾ 18 اپريل تي وفات ڪيائون. مولانا صاحب جي ڪتابن ۾ ’تذڪره مشاهير سنڌ‘ هڪ وڏي علمي جاکوڙ آهي. هن ڪتاب جي علمي تورتڪ ته وڏي ڳالهه آهي، آءٌ فقط ڪتاب جو مطالعو ۽ جائزو پيش ڪريان ٿو.

”تذڪره مشاهير سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آهي. هي ڪتاب ٽن جلدن ۾ بالترتيب 1974ع، 1985ع ۽ 1986 ۾ شايع ٿيو. پهريون جلد 1985ع ۾ وري ڇپيو ۽ ان جو اردو ترجمو عزيز انصاري ۽ عبدالله ورياهه ڪيو جيڪو بورڊ 1991ع ۾ شايع ڪيو. هن تذڪري جو پهريون جلد پير حسام الدين راشديءَ ايڊٽ ڪيو. پير صاحب جي مقدمي موجب ٽنهي جلدن ۾ 472 سوانح عمرين اچڻ کپن ها، ڇو جو پهرئين جلد ۾ 124 سوانح عمريون آيون ۽ باقي 348 لکيل مواد ۾ چئن نوٽبڪن ۾ هيون. شايع ٿيل سوانح عمريون 443 آهن(3)لڳي ٿو ته باقي سوانح عمريون يا نامڪمل هيون يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري (شايد چوٿين جلد لاءِ) ڇڏيل آهن. اهڙي ڪا وضاحت ڪيل به نه آهي. ايئن ٻئي جلد ۾ 170 ۽ ٽئين ۾ 148 سوانح عمريون ڏنل آهن.

مولانا صاحب جي هيءَ تصنيف انهيءَ لحاظ کان به اهم آهي، جو پاڻ هن لاءِ خاص اهتمام ڪيائين. دوستن ۽ بزرگن جي تاڪيد کي تڪميل تائين پهچائڻ جو عزم به هو. هن سلسلي ۾ پاڻ اپيلون به شايع ڪيائين ته ماڻهو پنهنجن بزرگن جو اصول کيس لکي موڪلين. پاڻ انهيءَ لاءِ هڪ مختصر فارمولو به ڏنائين، جيڪو توحيد مارچ 1945ع ۾ شايع ٿيو. اُن ۾ متعلقه بزرگ جي ولادت ۽ وفات جي سالن، تصنيف تاليف ۽ ٻين ڪوائف جي طلب ڪيائين(4). هن تذڪري جي ڪيتري اهميت ڄاتائين ٿي، ان لاءِ لکيائين ته: ”مون کي مدت کان وٺي ارادو ٿيل آهي ته سنڌ جي مشهور بزرگن جون حياتيون ۽ تذڪرا ڪتاب جي صورت ۾ جمع ڪيا وڃن. ڪجهه سال ٿيا ته ڪيترن بزرگن جا تذڪرا جمع ڪيا ويا مگر افسوس جو اُهي ڪنهن صورت ۾ گم ٿي ويا آهن(1).“ مواد جي چوريءَ کان پوءِ مولانا صاحب نئين عزم سان وري ڪم شروع ڪيو. جيڪي پاڻ نوٽبُڪن ۾ گڏ ڪندو ويو ان مان تذڪري جا ٽي جلد شايع ڪيا ويا آهن. ٽنهي جلدن ۾ مشاهير جو تذڪرو الف وار ڪيو ويو آهي. جيڪو هر جلد ۾ علحدو علحدو الف- ب وار آهي. مولانا وفائيءَ کي جن وڏين هستين هن تذڪري لکڻ لاءِ همٿايو تن ۾ مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد جهڙا عالم به شامل هئا. مولانا آزاد، وفائي صاحب کي اهو به چيو ته عربي ڪتابن ۾ سنڌين جا گهڻائي نالا اچن ٿا. حديث جي اسماء رجال ۾ به سنڌين جا نالا لڀندا.(2)

تذڪري جي باري ۾ پير صاحب لکي ٿو ته: ”لکڻ لاءِ جيڪي اهڃاڻ ڏنا ويا آهن، سي نيٺ علمي آهن. ڪانين ۽ ڪرامتن تي نه مولانا جو اعتقاد هيو، نه پنهنجي ڪتاب ۾ انهيءَ خرافات کي جاءِ ڏيڻ ٿي گهريائين(3).“ هي اشارو مواد طلب ڪرڻ واري اپيل جي روشنيءَ ۾ ڪيل آهي. حقيقت ۾ ڪن شخصن کان ۽ ڪتابن مان جيڪو مواد مليو، اُن ۾ سوانح سان گڏ ڪرامتن جو احوال به هو. اهوئي سبب آهي جو مليل مواد کي مولانا صاحب قائم رکيو آهي. مليل روايتن ۾ ڪي دلچسپ ڳالهيون به شامل آهن. مثال طور مخدوم اسماعيل پريان لوئي جي احوال ۾ لکي ٿو: ”مخدوم صاحب جي حويليءَ ۾ هڪ نينگري ڪم ڪندي هئي، جڏهن وڏي ٿي تڏهن هن کي سندس عزيزن شادي ڪرائي ڏني. ڪجهه وقت کان پوءِ مخدوم صاحب هن ڇوڪريءَ کي مبارڪ ڏيڻ ۽ ڏسڻ لاءِ سندس ساهري گهر لنگهي آيو. ڇوڪري مخدوم صاحب جو ٻڌي مڙس کي وٺي گهر جي در تي اچي مخدوم صاحب سان ملي. پوءِ کيس پنهنجو مڙس ڏيکاريندي چيائين ته سائين اجهو منهنجو ته هيءُ مڙس آهي. اوهان جو مڙس ڪٿي آهي؟ مخدوم صاحب تي انهن الفاظن جو ڏاڍو اثر ٿيو. زال مڙس ٻنهي تي اهڙو توجهه وڌائون جو حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جو هنن کي حضور ٿيو. پوءِ فرمايائون ته اجهو منهنجو ته اهو مڙس آهي(4).“

مخدوم صاحب پريان لوئي ۽ ٻين بزرگن جي باري ۾ سندن علمي ڪارنامن سان گڏ ڪن ڪرامتن جو ذڪر به ڪيو ويو آهي. حقيقت ۾ ايئن ٿيو آهي جو عام ذهن ڪنهن جي اهليت کي ڪرامتن جي پس منظر ۾ ڏٺو آهي. هونئن بزرگن جو علمي مرتبو سندن علمي خدمتن ۾ مضمر آهي. وفائي صاحب هر سوانح کي مليل مواد جي روشنيءَ ۾ ڏٺو آهي. هنن ٽن جلدن ۾ سنڌ جي هر خطي جي درويشن، صوفين، عالمن، حڪيمن، حاڪمن، اميرن ۽ شاعرن جو احوال آيل آهي. لاڙ پٽ جا مشاهير به هونئن گهڻا آهن، پر هتي سندن احوال جدا جدا ماخذن ذريعي يڪجا ڪيو ويو آهي. انهن بزرگن ۾ هيٺيان بزرگ تذڪري جي هنن جلدن ۾ آندل آهن.

شيخ اسماعيل قريشي بديڻائي

ملا عبداللطيف قيصر بديڻائي

ميان عبدالله روحاني حڪيم لاڙائي

آخوند صاحب ڏنو (صالح) عرف ٿارو(1).

خود لاڙ وارن کي انهي بزرگن ۽ علمي شخصيتن جي گهڻي چاڻ نه آهي. تذڪره ۾ جن عالمن، بزرگن، شاعرن ۽ ٻين شعبن سان متعلق شخصيتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اُنهن ۾ تحقيق ڪري گهٽ معروف شخصيتن جو احوال به ڪڻو ڪڻو ڪري گڏ ڪيل آهي. معروف شخصيتن جو احوال به آندل آهي. انهن معروف شخصيتن ۾ هيٺين جو احوال بيان ڪيو ويو آهي.

ابو علي سنڌي، ابوالبقا بکري، ابوالحسن ٺٽوي، ابوالحسن ڏاهري، ابوالعطا، ابوالقاسم امير خان، ابوالقاسم خان زمان، ابوالقاسم نمڪين، مخدوم اسماعيل سومرو، امام اوزاعي ميان آدم شاهه، شمس الدين بلبل، محمد محسن بيڪس، ساهڙ لنجار، صاحب ڏنو شڪارپوري، مولانا عبدالغفور همايوني، مخدوم معين ۽ نانڪ يوسف(2).

مخدوم امين محمد هالائي، مخدوم ابراهيم هالائي، پير پٺو، ڇٽو امراڻي، شيخ ڀرڪيو، سيد حيدر سنائي، حافظ حامد، پير صبغت الله شاهه راشدي، شيخ طاهر اُڏيرو لال، مخدوم عبدالرحمان شهيد، شاهه ڪريم بلڙي وارو، عطا ٺٽوي، ميان عبدالله واعظ، قلندر لعل شهباز مخدوم عثمان مروندي، شيخ لاڏ جيو، ملا محب علي سنڌي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم محمد عاقل ۽ مخدوم نوح(3).

مخدوم اسماعيل پريان لوئي، شيخ ابوالحسن ڪبير، مخدوم آدم نقشبندي، شيخ حماد جمالي، سيد علي ثاني، راڄو درويش، پير راشيدالدين، سچل سرمست، محمد صادق نقشبندي، ميرزا شاهه حسن ارغون، عبدالرحيم گرهوڙي، سيد عظيم الدين ٺٽوي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، شيخ عيسيٰ سنڌي برهانپوري، غلام علي مداح، فقير الله علوي، قادر بخش بيدل ۽ خواجه سلطان الاولياء محمد زمان لنواريءَ وارو(4).

تذڪري جي ترتيب کي هر جلد ۾ جدا جدا الف- ب وار رکيل آهي. اڳ جون شخصيتون پوين جلدن ۾ ۽ متافرين اڪثر جلد پهرئين ۾ به آيل آهن. جيڪڏهن ضخامت کي هڪ مقرر حد اندر رکڻو هو ته به سڄي مواد کي هڪ ئي ترتيب (الف- ب وار ۽ سال وار) رکي سگهجي ها. هتي بيڪس جو احوال پهرئين جلد ۾ آهي ته اُن جو والد بيدل ۽ سچل سرمست توڙي شاهه عبداللطيف ٽئين جلد ۾ آهن. لڳي ايئن ٿو ته هيءَ ترتيب قلمي مواد وارن نوٽبڪن جي ترتيب موجب آهي. جئن پير صاحب پهرئين جلد جي مهاڳ ۾ واضح ڪيو آهي: ”هنن صفحن ۾ مسودي جي پهرين ڪاپي پهرئين جلد جي نالي سان شايع ڪجي ٿي. اڃا چار ڪاپيون باقي آهن(1).“ اُن سان گڏ پير صاحب لکي ٿو ته: ”اها خبر فقير خاوند کي آهي ته انهي رهيل مواد جي شايع ڪرڻ جي سعادت منهنجي زندگي منهنجي نصيب ڪندي يا نه! بهرحال جئن رب ڪريم گهريو تئن ٿيندو(2).“

پير صاحب 1982ع ۾ گذاري ويو. باقي ٻه جلد پوءِ شايع ٿيا. اُنهن ۾ حاشيا به نه آهن. جئن مواد مليو آهي نئن بورڊ شايع ڪري ڇڏيو آهي. فهرست ۾ الف- ب وار ترتيب به مڪمل طور درست نه آهي. بهرحال مولانا صاحب جي هيءَ جاکوڙ سندس محنت ۽ محبت جو هڪ يادگار آهي. سنڌ سان سندس محبت جو هڪ زنده جاويد ثبوت آهي. پوين ٻن جلدن تي ڪوبه وضاحتي حاشيو نه لکيو ويو آهي. اُنهن جي آخر ۾ ماڻهن قبيلن، ڪتابن، ڳوٺن، شهرن ۽ ٻيون فهرستون مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي جن ترتيب ڏنيون آهن.

پهرئين جلد کي مولانا صاحب ڪڏهن مڪمل ڪيو اُها تاريخ آخر ۾ خود سندس لکيل ڪونهي. پير صاحب فوٽ نوٽ ۾ لکيو آهي ته: هن هي جلد 2 فيبروري 1946ع تي لکي پورو ڪيو(3). باقي ٻن جلدن ۾ سندس طرفان ئي اختتام جون تاريخون ڏنل آهن، جيڪي بالترتيب هن ريت آهن: جلد ٻيو 23-8-1948ع ۽ جلد ٽيون 18-6-1948ع(4).

مولانا وفائي صاحب جو هي ڪتاب ’تذڪره مشاهير سنڌ‘ هڪ وڏو علمي ڪارنامو آهي. شامل شخصيتن جي ٻئي احوال سان گڏ عالمن جي لکيل ڪتابن بابت معلومات به شامل ڪيل آهي. جيترو هيءُ ڪتاب مستند آهي، اوتري نموني ديده زيب، اچي ڪاغذ تي ڇپيل نه آهي. اُميد آهي ته ايندڙ ايڊيشن ۾ ٽنهي جلدن کي گڏ يا جدا هر صورت ۾ ديده زيب ۽ پڪي بائينڊنگ سان شايان شان نموني شايع ڪيو ويندو.

 

’انسان جي تاريخ‘ هڪ نظر ۾

 

فلسفين ۽ اڪابرن ڪائنات جي هيئت، وجود ۽ ماهيت بابت گهڻو ڪجهه پئي سوچيو آهي. پنهنجي مطالعي ۽ مشاهدي جا نتيجا ڪٿي ڪٿي مبهم ته ڪٿي صاف لفظن ۾ ظاهر ڪيا اٿن. عام خلق انهن جي دليلن ۽ اڪثر زبان کي به نٿي سمجهي. فلسفين ۽ مفڪرن جا بيان ڪير سمجهي! مون کي پنهنجي چيني نصاب جو هڪڙو سبق ٿو ياد پوي. اُستادني صاحب ٻڌايو هو ته اهو فلسفو آهي. منطقي ڳالهه آهي. سبق ۾ هيئن چيل هو ته اوهين ڪمري ۾ ويٺا آهيو، دري بند آهي اوهين يقين ڪريو ته ٻاهر دريءَ پويان صوفن جو وڻ آهي يا سوچيو ته نه صوفن جو وڻ ڪونه آهي. ته به اوهين صحيح ٿي سگهو ٿا!

ماهرن ۽ سائنسدانن جو ڪائنات بابت تحقيق جو سلسلو جاري آهي ته وجود ۾ ڪيئن آئي؟ ڌرتيءَ هيءَ صورت ڪيئن ۽ ڪڏهن ورتي؟ بتدريج هڪ توسيعي عمل مان گذري يا ٻيو ڪجهه ٿيو؟ سائنسدانن ۽ مذهبن جي اڪابرن جي ڪڍيل نتيجن ۾ فرق آهي. هن زماني جي بوقلمون عرف ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ڪجهه وقت کان سائنسدانن جي وڇايل ڄار ۾ ڦاسي پيو آهي. منهنجي خيال ۾ هو ان ڄار مان فقط مذاهب عالم جي تحقيق ۽ تشريح سبب نڪري سگهي ٿو. سندس هيءُ ڪتاب اهڙي ئي هڪ ڪاوش آهي.

اسين پڙهندڙ اڃان سندس ڪتاب تاريخ باب الاسلام سنڌ جي پهرئين ڀاڱي جي صدمي کان جانبر نه ٿياسين ته هي زير گفتگو ضخيم ڪتاب ’انسان جي تاريخ‘ (ڀاڱو پهريون) نظر نواز ٿيو. تاريخ باب الاسلام سنڌ جو گهڻو ثواب ته پاٽ وارا کڻي ويا، پر هن ڪتاب جو ثواب الحمدالله سڄي دنيا جا ماڻهو کڻندا.

آءٌ سنجيدو آهيان ۽ ڏسان پيو ته دوست محترم فاضل مصنف هيءُ ڪارنامو گهڻي فڪر ۽ مطالعي بعد سرانجام ڏنو آهي. سندس هيءَ ڪاوش سندس گهري سوچ ۽ تفڪر جو نتيجو آهي. ڪائنات ۽ اُن جي باسي مخلوقات جهڙو عجوبو نه تاج محل آهي نه ديوار چين. انسان جي تاريخ بيان ڪرڻ کان اڳ ڪائنات جي تخليق، بِگ بئنگ، بلئڪ هول ۽ ٻين نظرين جو جائزو وٺندي فاضل مصنف، قيامت جي نظرئي يا ڪائنات جي انت بابت مذهبي ۽ سائنسي سوچ جو ذڪر ڪري ٿو. هن سلسلي ۾ هو قرآن ۽ سائنس جا حوالا ڏي ٿو. قاريءَ کي هن موضوع سان هميشه دلچسپي رهي آهي. هو چاهي ٿو ته هن ڌرتيءَ جي تاريخ معلوم ٿئي. هيءَ ڌرتي ڪيتري پراڻي آهي؟ مختلف دؤر ڪيترو ڪيترو عرصو رهيا؟ هن سلسلي ۾ فاضل مصنف سائنسي تحقيق جو پورو پورو استفادو ڪري نهايت قيمتي معلومات منظر عام تي آندي آهي.

اسين مشرق وارا مذهب جي فيصلي کي ئي اهميت ڏيندا آهيون. مذهب جيڪي سيکاري ٿو، جي اُن جي پيروي نٿا ڪري سگهون پر بنيادي اُصولن کي قبول ڪندا آهيون، ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ڪتاب جي ٽئين باب کان تخليق آدم کان ڳالهه شروع ڪري ٿو. بقول سندس جديد دور جي انسان جي ڏاڏي جو ذڪر ڪندي نهايت محتاط طريقو استعمال ڪري ٿو. هيءُ تمام نازڪ معاملو آهي. مشهور سائنسدان ڊاڪٽر عبدالسلام جو هڪ انٽرويو دلچسپيءَ کان خالي نه آهي. هن چيو ته آءٌ پنهنجي اعتقاد موجب قرآن جو پيروڪار آهيان پر بحيثيت سائنسدان، سائنس جي تحقيقات تي اعتبار ڪريان ٿو. هي عقيدن ۽ تحقيق جو تضاد منجهائيندڙ آهي. تاريخ ۽ تهذيب جا رنگ واضح طور سامهون اچڻ کپن. قديم تهذيبون جن انسان ذات کي شعور ڏنو اُنهن جي حقيقت آهستي آهستي سامهون آئي ۽ اسان ڏٺو ته اُنهن موجوده ترقي يافته معاشري کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي. ڌرتيءَ تي انسان جي پئدائش، واڌ ويجهه، سوچ ۽ تحقيق قديم تهذيب جو هڪ روپ آهي.

مذاهب عالم جي ڪيل تشريح کي ڊاڪٽر صديقيءَ تفصيل ۽ حوالن سان واضح ڪيو آهي. قديم تهذيبن کان پوءِ اسان کي قريب هجڻ وارو دؤر جيڪي سيکاري ٿو اُها مذهبي تعليم آهي. مذهب پنهنجي پنهنجي اعتقاد کي انسان ذات تائين آندو.

آءٌ اهو محسوس ڪريان ٿو ته ليکڪ قديم دور کان وٺي يهوديت، عيسائيت، هندو ڌرم، اسلام، ٻڌمت ۽ ٻين رهبري ڪندڙ مذهبن ۽ ننڍن فرقن بابت معلومات مهيا ڪرڻ سان موضوع کي خوب نباهيو آهي. ڪتاب بي يارهن بابن ۾ هن نه رڳو انساني ارتقا جي تاريخ لکي آهي، پر اُن سان گڏ انسان جي اعتقادن، ذاتين ۽ قبيلن سان گڏ سنڌ جي تاريخ جا ڪي پهلو روشن ڪيا آهن.

ڪتاب جو ستون باب منهنجي دلچسپيءَ جو آهي، جو اُن ۾ سنڌ جي سپيتا تهذيب جو تفصيلي جائزو ورتو ويو آهي اُن جا خاص عنوان، اوائلي سنڌو تهذيب جا معمار، دراوڙن جو اصل نسل، هند سنڌ بو نسلي جائزو ۽ آريائي ٻوليون وغيره اُن کان پوءِ ليکڪ هن موضوع جي ننڍن عنوانن جهڙوڪ، چولستان، گنڌارا، هڙاپا، موهن جو دڙو ۽ ماڻهن جي پوشاڪ، خوراڪ، قومون ۽ ذاتيون، موجوده وقت تائين سنڌ جي تاريخ جو جائزو ورتو ويو آهي. جيڪو پڙهندڙ کي قيمتي معلومات مهيا ڪري ٿو. اُن کان پوءِ وارن بابن ۾ آرين جو ذڪر ڇيڙيو ويو آهي، جيڪو هڪ طرح سان منجهيل سٽ رهندو اچي. بقول ڊاڪٽر ذبيح الله صفا آريا پامير جي واديءَ مان هليا. هڪڙا ٽولا هند ڏي آيا ٻيا ايران ويا. ايران تي نالو اُن تان پيو. اڳوڻو شهنشاهه ايران آريا مهر سڏائيندو هو. افغانستان جي ايئرلائن ’آريانا‘ سڏجي هئي. پيڪنگ ۾ منهنجو ڪلاس ڀائي محمود توخي چوندو هو: ’ما آريا هسٽيم‘ وڏو بحث آهي، نه رڳو آرين وارو، پر ڪل انسان ذات وارو. هندن جي چوڻ موجب آريا هِتان دنيا ۾ پکڙيا ۽ بقول گنگارام سمراٽ جي دنيا کي تهذيب جا ڊوز ڏنائون.

انهن ڳالهين تي غور لاءِ ڊاڪٽر حبيب الله دعوت ڏني آهي. هن راز کي کولڻ لاءِ صدين کان سياڻن پئي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر فلسفي ۽ ٻيا سياڻا اهو راز کولي نه سگهيا ۽ دنيا ڏٺو ته هڪ ڪمليءَ واري صلي الله عليہ وآلہ وسلم چند اشارن ۾ سڀڪجهه سمجهائي ڇڏيو.

 

رڻ سڄو رت ڦڙا

 

نئين ٽهي، جيڪا اڄ هام هڻي پنهنجي پوڙهن، کک گنجن اديبن ۽ ادب تي راڪاسن وارا هٿ کُپائي وهڻ وارن ٺيڪيدارن کان پاڻ کي ٺڪرايل ڄاڻي ٿي، ته اها انفرادي طور ڪن نئين ٽهيءَ جي جڙتو ۽ پاڻ ٿاڦيل حامين جي تنگ نظري آهي. اهو مون چند سالن کان محسوس ڪيو آهي، ته نوان لکندڙ نه رڳو جلد ڇپجڻ گهرن ٿا، پر جلد واکاڻجڻ به گهرن ٿا. اهو به گهرن ٿا ته پوڙهن ککن مان ڪو گهوڙي تي وڃي رهيو هجي ته کين ڏسڻ سان هڪدم گهوڙي تان لهي چوي ته ”واهه فلاڻا! تو ته وڻ وڄائي ڇڏيا. شاهڪار لکيو اٿئي. فلاڻي کي ته اجايو پئي ساراهيوسين، تون ته باهه جو ٽڪرو آهين!“ سنڌي اڪيڊميءَ جو مهتمم اسلم لغاري ڪتابن اڳيان ”تکا مٺا ٻول“ لکندو رهيو آهي. هن ڀيري انهن تکن ٻولن ۾ هن ذوالفقار سيال جي ڪلام جي قدر ۽ قيمت کي گهٽايو آهي ۽ ڌڪار وارا لفظ لکي، هن ڪو چڱو ڪارنامو ڪونه ڪيو آهي.

اديب ڪوبه کک ڪونهي. ڪوبه ادب جو ٺيڪيدار ڪونهي، جيڪڏهن ماضيءَ جي روايت کي ٽوڙي، ڪو اديب اڳتي وڌي ٿو، ته فقط ادبي تبقرن سان ائين ڪونه ٿو ٿي سگهي.

ذوالفقار سيال جي شعر جو مجموعو ’رڻ سڄو رت ڦڙا‘ هڪ اهڙو مجموعو آهي، جنهن ۾ ڪيترو شعر آهي، جنهن کي ساراهي سگهجي ٿو. سماج کي صاف صاف لفظن ۾ چٽيو ويو آهي. شاعر روايت کي سراسر رد ڪري، اُهو اڃا ته ڪونه ٿيو آهي، جزوي ڳالهيون نوان شاعر بدلائيندا رهيا آهن. اهوئي عمل آهي، جنهن سان شاعريءَ جو قافلو اڳتي وڌي ٿو. جيڪي ڳالهيون پراڻين سنڌي ڳاهن ۾ هيون، اهي جي شاهه ڀٽائي به بيان ڪري ها ۽ سندس ڪلام جي هيئت ۾ نواڻ نه هجي ها، ته ڪير کيس منفرد ڄاڻي ها! وري جيڪي گدائي، اياز، امداد، تنوير، شمشير ۽ نياز ڏنو، اُن ۾ به نواڻ هئي. هڪ نئين پڪار هئي، وقت جو آواز هو. اهو به ناهي ته وقت جو آواز چوڻ سان اُها شاعري ايندڙ وقت جي ناهي. اڄ به شاهه ڀٽائيءَ جو ڪلام نئون آهي. پويان ايندڙ شاعر، اڳوڻن جي فن ۾ فڪر مان گهڻو پرائين ٿا. انهن کي مدي خارج چوڻ ۽ کک چئي پنهنجي ٽهيءَ ۽ وهيءَ کي فريب نه ڏيڻ کپي. اسان وٽ قصو هيئن آهي، جي شاعر نه ڪڇي ته حمايتي ٻه وکون مرڳو اڳتي آهي. روايت ۽ تجربي جو عمل شاعريءَ ۾ جاري آهي. نئون شاعر ڪٿي نئون ورق ورائي ٿو، ته ڪٿي انهن ئي وڪڙن ۾ ڦاٿل نظر اچي ٿو، جن ۾ صدي اڳ جا شاعر ڦاٿل هئا. سيال به ائين روايتي عزل گوئيءَ جي حدن ۾ نظر اچي ٿو:

شمع جلندي ائين رهندي ته پروانن جو ڇا ٿيندو؟
ازل کان جي ائين تڙپيا ته ارمانن جو ڇا ٿيندو؟

فارسي اهڃاڻ واري شاعريءَ جو عڪس سيال وٽ موجود آهي، ته نئون نڪورو انداز به آهي.

سانڍي رکجانءِ ڪورو آهي،
منهنجو نينهن نڪورو آهي.

فني لحاظ کان عروضي نظام ۽ علم قافيه موجب هن شعر تي اعتراض ڪيو ويندو، پر نئين سنڌي شاعريءَ جو مقبول رنگ ئي اهو آهي. نئين رنگ کي انور پيرزادي، ادل سومري، عثمان ميمڻ، سيال يا ڪنهن به نئين، بلڪ نئين کان نئين شاعر دلپسند بڻايو آهي، ته به اُن جون جڙون اياز ۽ نياز، تنوير ۽ شمشير، امداد ۽ تاج جي ٽهيءَ کان موجود آهن. ان ڳالهه کان انڪار ڪرڻ پنهنجي ڀر پاسي کان اکيون پوري هروڀرو هٿوراڙيون ڏيڻ جي برابر آهي.

ذوالفقار سيال ۽ سندس ٽهيءَ جا شاعر تازو ادبي ميدان ۾ آيا آهن. هنن کي اڃا گهڻو پڙهڻو آهي ۽ گهڻو ڪجهه لکڻو آهي.

ذوالفقار جي ڪلام ۾ اُتساهت ڪرڻ وارا جذبا موجود آهن ۽ انهن جذبن سان شاعر ذهنن تان ڏک جا ڏونگر ٽاري انهن کي اُميد ڏياري ٿو.

پنهنجو پنڌ سجايو ٿيندو، ملندو نيٺ ته ماڳ

الو ميان، نيٺ ته ملندو ماڳ

هو دنيا جي رنگ محل ۾ پنهنجو من اُداس پيو ڀانئي، ته اهو به هڪ اندروني دنيا جو ڏيک آهي، جيڪو اسين شعر ۾ ڏسون ٿا:

جهرمر جهرمر دنيا ساري، منهنجو جيءُ اُداس،

  مٽڪا خالي مڌ جا.

يا

چارڻ بڻجي چنگ وڄايم، پوءِ به جهولي خالي،

   آءٌ سوالي.

شاعر جي دل جي دنيا ائين ئي هوندي آهي. هو قومي سطح تي گفتگو ڪري ٿو، ته هڪڙا رنگ ظاهر ٿين ٿا. اڪثر اندر جي دنيا جي اُجهام به ظاهر ڪري ٿو. خارجي پهلوءَ سان گڏ داخلي پهلو پڙهندڙ جي اڳيان ٿو اچي بيهي.

سماج جي ڇاپ به ذوالفقار جي ڪلام تي آهي. هو پنهنجي سماج ۾ جيڪو ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ، ظلم ۽ زوري توڙي ٻهروپيائي ڏسي ٿو، اُن جا پاڇولا سندس ڪلام ۾ موجود آهن. نظم ”غيرت“ ۾ اهڙي فقط هڪ اشراف جو نموني طور ذڪر ڪيو ويو آهي.

”ڏهن سالن کان

’رن‘ وڏيرو

پنهنجي گهر ۾

ويهاريون اچي ٿو.“

پر ڪنهن صلاح ڏني ته ’سائين! شادي ڪري ڇڏ‘ اهڙو ڪڌو ڪم ڀلا اشراف ڪيئن ڪري؟ ڪڃريءَ سان شادي ڪيئن ڪري؟ اهو عڪس آهي، پنهنجن اشراف وڏيرن جو ۽ گهڻا ڏسڻا وائسڻا، سيٺيون ۽ دانشور به ان ”نيڪ ڪم“ ۾ شامل آهن.

سماجي موضوعن تي هن مجموعي ۾ ٻيا به نظم آهن، جهڙوڪ: ’عڪس‘، ’پڙلاءُ‘ ’ڪاري‘،’قدر‘ ۽ ’مهمان‘ وغيره. منهنجي خيال ۾ نظم جو ڏانءُ ذوالفقار کي ڪجهه وڌيڪ آهي.

غزل ۾ هن ڪيترا سهڻا شعر ڏنا آهن ۽ جن ۾ زبان ۽ بيان جو چشڪو هڪ طرف ته جذبو ۽ تانگهه ٻئي طرف آهي. هن توازن قائم رکڻ جي چڱي ڪوشش ڪئي آهي. ڇو جو نئون سنڌي غزل ايترو نازڪ بڻجي ويو آهي، جو ٿوري بيپرواهيءَ سان اُن فرسودهه رنگ ۾ ظاهر ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ پنجاهه سال اڳ هو. مون کي غزلن جا هيٺيان شعر جلد زبان تي چڙهي آيا:

پنهنجن پيرن ۾ زنجيرون،
ڄڻ ڪا پايل پايل آهي.

*

شهر ۾ ڇو اڄ خوشبو آهي،
شايد ڪوئي آيو هوندو.

*

هيل اسان وٽ ساوڻ رت ۾،
پنڇي سڏڪي گيت چون ٿا.

ننڍن بحرن وارا غزل وڌيڪ سريلا آهن. وڏن بحرن ۾ هو خاص طور روايتي غزل گوئيءَ جو شڪار ٿي ويو آهي. ذوالفقار سڀني صنفن ۾ فني لحاظ کان Average سطح تي آهي ۽ هن ۾ اڳتي وڌڻ جون صلاحيتون آهن. شعر جو وڌيڪ اڀياس ڪرڻ سان هو انهن عيبن کي دور ڪري سگهي ٿو، جيڪي اڃا هن ۾ آهن. بلڪ وڏو عيب تبصري نگارن ۽ دوستن جون پوزيون هونديون آهن، انهن کان آجو ٿيڻ جي ڪوشش ڪجي. اسين اوهين ڏسون پيا، ته اڪثر دوست ’نئين ٽهيءَ‘ کي هروڀرو اجايا چاڙهه ڏين ٿا ۽ جيڪي نئين ٽهيءَ جا ننڍي گُجيءَ وارا يار آهن، سي اهڙين گهنترين کي ٻڌي ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي بالم بڻجي ويهي رهن ٿا ۽ رڳو واکاڻيندڙن جي پٺيان نائب ٿيو هلندا وتن. ائين پاڻ کي ڇيهو ٿا رسائين. اُميد آهي ته ذوالفقار ائين نائب ٿي هلڻ بدران پنهنجو وقت اڀياس ۾ سجايو ڪندو، جيڪو هڪ شاعر لاءِ تمام ضروري آهي.

 

هري ياد رهندين

 

هونئن ته دل هر ڪنهن جي سيني ۾ هوندي آهي، پر دل وارا ڪي ڪي هوندا آهن. هري موٽواڻي اُنهن دل وارن مان هو. وطن ۽ وطن وارن جي حُبَ هن جي لونءَ لونءَ ۾ هئي. ڪيترا ڀيرا سنڌ تان ڀيرا ڪيائين. ڍاپندو ڪونه هو. گذريل آڪٽوبر ۾ ڀارت جي دوري وقت هو ٻين دوستن سان گڏ ممبئيءَ کان ڪهي دهليءَ کان جپان لاءِ آيو هو. جڏهن ويهن ڏينهن جي سير سفر کان پوءِ دهليءَ کان وطن ورياسين ته به اُماڻڻ لاءِ آيو. ٻلهار پئي ويو، هر ڪنهن کي ڪونج جا خاص پرچا ٿئي ڏنائين. مون جڏهن پنهنجي ڪتاب ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ جا پهريان ٻه جلد کيس ڏنا ۽ چيم ته ٽيون (۽ آخري) جلد مهيني ٻن ۾ ايندو ته چيائين ته موڪلجين. ٽئين جلد دير ڪئي ۽ اپريل 2006ع ۾ وڃي تيار ٿيو. اُن ۾ سندس ناولن ۽ آتم ڪهاڻيءَ توڙي سفر نامي جو بيان ڪيل آهي. ڀارت جي ڪن ٻين دوستن کي گذريل هفتي ٽيون جلد به روانو ڪيم. پر اُن ۾ هريءَ کي جا ڀيٽا ڏني اٿم اُن جو تت هيءُ آهي:

”آخري پنا 1997ع، هيءَ هري موٽواڻيءَ جي آتم ڪهاڻي آهي. سنڌ جي پيار ۾ هو هاڻي ٻن مان ٽي ٽڪر ٿي پيو. هڪڙو ’هري‘ ٻيو ’موٽواڻي‘ ۽ ٽيون ’سنڌي‘ لکيائين: ورهاڱي بعد اسين سنڌي هندو، ڀارت ۾ ڪڻو ڪڻو ٿي وياسين. اسان جي زمين اسان کان کسي ويئي. اسين بي پاڙا، هن زمين ۾ پنهنجون پاون پختيون کپائي ڏيکاريون. اسان اها چنوتي قبول ڪئي. اڄ اسين سنڌي نه صرف پيرن تي پختا آهيون بلڪ ٻين کي به سهارو ڏيئي رهيا آهيون. ”هن ئي آتم ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجي محبوبه سان ملڻ جو به ذڪر ڪري ٿو.

هري وطن کان جدا ٿيو، پر سنڌ تان ڀيرو نه ڀڳائين. سندس وطن جي ڌرتي چمڻ جو بيان سفرنامي ’جڙيل جن سان جند‘ 1988ع ۾ نمايان آهي. لکي ٿو: منهنجي هن سفر نامي جو پهريون حصو سپنو ۽ ٻيو ساڀيان نه! هي سفر نامو ناهي! آءٌ ڏيساور ڪونه ويو هوس، جو اُتان جو حال احوال لکان! آءٌ ته پنهنجي جنم ڀوميءَ ويو هوس. مون جيڪي ٽيهه ڏينهن پنهنجي وطن ۾ گهاريا، هي انهن ٽيهن ڏينهن جون سڪ سنديون ساروڻيون آهن، جي آءٌ دنيا جي سنڌين سان ونڊي رهيو آهيان.“

مون کي ياد آهي اُن سفر دوران هو سنڌالاجيءَ جي لئبريريءَ ۾ گهڙي آيو ۽ سڪ سان مليو. اُن ڳالهه جو ذڪر به هن سفر نامي ۾ ڪيائين.

دهليءَ ۾ هڪ موقعي تي چوڻ لڳو ته اشتهار نه مليا ۽ ڪونج بند ٿي ته آءٌ مري ويندس. ڪونج کي زندهه ڇڏي ويو. هيري ٺڪر ۽ نند ڇڳاڻيءَ جي هٿن ۾.

دوست دلگير هئين ۽ سنگت کي اُٻاڻڪو ڇڏي ويئين. اُميد ته ڪونج جي اُڏام جاري رهندي ۽ ان ۾ تون پيو پسبين.

ڪاوش ذريعي ڀيٽا جا هي ٻه اکر قبول ڪر.

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو بدين

š

واهه بديڻان تنهنجا ڀاڳ!

 

لاڙ پٽَ جو هيءُ قديم شهر بديڻ يا بدين تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر هو ۽ 1975ع کان بدين ضلعي جو هيڊ ڪوارٽر ٿيو. محمد سومار شيخ هڪ ننڍو ڪتابي سلسلو جاري ڪيو هو جنهن جو هڪ شمارو مٿئين نالي سان شايع ٿيو.

جيتريون بدين لفظ جون نحوي صورتون آهن اوترا اڄ اُن جا مسئلا آهن. پڇبو ادا ڪيڏانهن ٿو وڃين ته جواب هوندو ته بديڻ، بديڻي يا بديڻن پيو وڃان. مخاطب ايئن ٿبو ته واهه بديڻان تنهنجا ڀاڳ! ڇا ته اوج هو ڇا ته تعلقي ۽ شهر جون شخصيتون هيون، تقسيم کان اڳ ديوان آتمارام شهر جي نوٽيفائڊ ايريا جو چيئرمن هو. شاهي بازار جي ٻنهي پاسي آرپار گهٽيون سرن سان پڪيون ٿيل هيون ۽ شاهي بازار جو فرش به سرن سان پڪو هو. جايون ڪچيون به پڪيون به، پر شهر جون گهٽيون صاف ۽ گندگيءَ کان هر طرح پاڪ هيون. شهر ۾ به شخصيتون ۽ تعلقي ۾ به اڪابر موجود! علم جا اڪابر اڄ به موجود آهن، پر پنهنجي گهر ۽ پنهنجي پيٽ کي وڏو ڪرڻ ۾ رڌل آهن.

پنهنجي گهر هرڪو اڪابر بنيو ويٺو هجي ته اُها ٻي ڳالهه آهي، پر اڪابر جيڪي آهن سي آهن. بديڻن جا روشنيءَ جا مينار رامواڻي هئا، جن جي بنگلي ۾ ماسٽر چندر اچي ڳائيندو هو، اڄ اُن بنگلي جي حالت ڪهڙي بيان ڪجي، بس مينهن جو واڙو گهٽيءَ مان لنگهندڙن کي نڪ تي هٿ رکڻ لاءِ مجبور ڪري ٿو ۽ ترڪڻ کان بچڻ لاءِ پير پختا ڪرڻا ٿا پون.

واهه بديڻان تنهنجا ڀاڳ! جت جمڙو مل گولا ۽ شمعدان درست ڪندي هٿ ڪارا ڪندو هو اُت ڪتابن جو وڏي ۾ وڏو دڪان آهي! ۽ جتي ڪتابن جو وڏو دوڪان هو، اُت اُنهن جا پويان مينهن جو واڙو رکي پاڙي جو ساهه دونهن ۽ ڌپ ۾ رضاڪارانه طور گهٽي رهيا آهن. ميونسپالٽي ڏسي رهي آهي. داد فرياد نه ٿي ڪري. واهه بديڻان تنهنجا ڀاڳ!

بدين جا اڪابر ۽ اديب به ڪي هئا، اُنهن ۾ سيرانيءَ جا ارباب فضلي وڏو، عبدالرسول ۽ غلام رسول، سهلو منڌرو، پير ڀاون علي شاهه ساقي، پير عالي شاهه، مولوي احمد ملاح، پير بخش دلريش، خليفو نبي بخش، خواجه محمد زمان، اشرف ٿيٻو، رئيس حيدر خان جوڻيجو ۽ ڊاڪٽر سلطان احمد جوڻيجو (راقم جو والد) جيڪو نوٽيفائيڊ ايريا، پوءِ ٽائون ڪميٽي ۽ نيٺ ميونسپل جو چيئرمن رهيو ۽ روز آفيس ايئن ويندو هو جئن هڪ ملازم وڃي ٿو. روز جا مسئلا طئي ڪري واپس موٽندو هو. اڄ دونهن ۽ گند جون اروڙيون شهري حڪومت جا چٻارا ڪڍي رهيون آهن. واهه بديڻان تنهنجا ڀاڳ!

سنڌي ٻوليءَ کي به اڪثر بدين جا واسي پوئتي ڌڪڻ ۾ وسان ڪونه ٿا گهٽائين. سندن خيال آهي ته هو هيٺان کان مٿي ٿا چڙهن. حال هي آهي جو صاف پيئڻ جي پاڻيءَ جي پلانٽ تي لکيو ويو آهي ته: ”پيئڻ جو صاف پاڻي“ ۽ اُتي ئي بلاول پارڪ تي تعلقه ميونسپل انتظاميه انگريزيءَ ۾ Taluka بدران Taulka لکيو آهي. بالترتيب مهينن کان سالن تائين نشاندهي ڪئي ويئي، پر اڄ ڪلهه جي شهر جي ابن کي هن معمولي ڳالهه جي پرواهه ناهي. واهه بديڻان تنهنجا ڀاڳ!

شهر ساڳئي وقت هڪ تلاءُ جو ڏيک به ڏي ٿو. وڻي اوهين ڪار ۾ اچو، وڻي ته ٻيڙيءَ ۾ اچو، شهر مان حفاظت سان لنگهي ويندا. فقط پيادن کي ڪي ٿورا ڇنڊا لڳندا. اسان جو شهر حقيقت ۾ ڀڳل ٽانگن ۽ گڏهه گاڏين جي ڪري آباد آهي. ڪهڙي ڪار ۾ هجو اوهين ٽانگن ۾ گڏهه گاڏهين ۾ تمام سٺا لڳندا. جي اوهان کي تڪڙ آهي ته هڪ سهڻو گهٻ/ڊينٽ هڻايو ويو. جيڪب آباد وارا چون ٿا اسان سان مقابلو ڪريو ۽ کٽو ته مڃيون! واهه بديڻان تنهنجا ڀاڳ!

ٽرئفڪ جو ته ذڪر ئي نه ڪريو! سپاهيءَ کي هڪڙي سڪيلڌي چؤڪ (شاهنواز چوڪ) حيران ڪري رکيو آهي.

مائٽن، دوستن ۽ اختيار وارن کي چوي ٿو ڀلي ون وي کي نه کنگهو باقي ٻي خلق لاءِ ون وي آهي! ههڙو انصاف شايد ڪنهن ٻئي شهر ۾ به هجي! واه بديڻان تنهنجا ڀاڳ! هڪ ڀيرو موٽر سائيڪل تي ڪنهن همراهه سان ٻيلهه هوس ته هو ون وي ٽوڙڻ لڳو ته سپاهيءَ سلام ڪيو. همرهه چيو: ڀاءُ آهي!

هي ڪي خاميون نه آهن، پر خوبيون آهن. هن شهر جي بقول گدائي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. هي شهر به ڪو شهر هو. هن ۾ وڏا اڪابر آيا جن بديڻن جا ڀاڳ ڀلا ڪري ڇڏيا. اڄ به اڪابر آرام ده بنگلن ۾ ويٺا آهن. انهن جي اڳ سک نه ڏٺو هو ته اڄ سکيا آهن. شهرين جي اکين ۾ دونهن جا ڪڪر داخل پيا ٿين، روڊن تي روئندا وتن ته روئن، اڪابر کلي رهيا آهن، ٽهڪ پيا ڏين ته پڄا ووٽ ڏيئي ڪرسيءَ تي ويهاريو اٿو. واهه بديڻان تنهنجا ڀاڳ!!

ڪو ووٽ وٺڻ وارو اچي ته آءٌ اُن کي پنهنجي گهر جي ڀرسان مينهن جو واڙو ۽ هڪ عظيم اروڙي ڏيکاريان جا اُميد ته جلد ڪارونجهر جبل جو ڏيک ڏيندي. واڙي جو دونهن مون کان سواءِ ڪنهن به ٻئي فرد کان شايد پاسو ڪري وڃي ٿو جو ڪڇن ئي ڪونه ٿا. شايد دونهين ۽ ڌپ سان ٿيندڙ نقصان جو احساس نه اٿن. جتي بدين جي باني سانول فقير جو آستان هو، ٺيڪ اُن هنڌ ان دونهين جو لاٽون اُڀري رهيون آهن. شهرين لاءِ چئلينج آهي، پر جي جيئرا هجن ته؟ واهه بديڻان تنهنجا ڀاڳ!!!


(1)  مولانا صاحب جي سوانح عمريءَ جو خاص ماخذ سماهي مهراڻ جو سوانح نمبر 1957ع آهي. جنهن ۾ سندس خود نوشت سوانح تان مواد ورتل آهي.

(2)  سماهي مهراڻ سنڌي ادبي بورڊ 1957ع ص 179.

(3)  ايضاً ص 179

(4)  ايضاً ص 180

(1)  سماهي مهراڻ سنڌي ادبي بورڊ 1957ع ص 181، 182.

(2)  مڪمل فهرست مهراڻ سوانح نمبر ص 182 تي موجود آهي. ب: ٻي روايت موجب مولانا جي وفات جي تاريخ 10 اپريل ڄاڻائي ويئي آهي. ڏسو سنڌي ليکڪن جي ڊاريڪٽري سنڌالاجي 1974ع، ص 244.

(3)  وفائي، دين محمد تذڪره مشاهير سنڌ (پهريون جلد) پير حسام الدين راشديءَ جو لکيل مهاڳ، سنڌي ادبي بورڊ 1974ع ص 14. حقيقت ۾ 442 آهن، پر ٽئين جلد ۾ ص 263 تي خالي صفحي جي مٿان عمر بن عبدالله هباري منصوريءَ جو نالو لکيل آهي، پر ٻيو ڪجهه به احوال نه آهي.

(4)  ايضاً  مهاڳ ص 2

(1)  ايضاً  ص 3.

(2)  ايضاً  مهاڳ ص 7

(3)  ايضاً مهاڳ ص 7

(4)  ايضاً مهاڳ ص 3

(1)  تذڪره مشاهير سنڌ جلد ٽيون، ص 4

(2)  هنن شخصيتن جو احوال بالترتيب، جلد ٻئي جي صفحن 63، 193 ۽ ٽئين جلد جي صفحن 295 ۽ 331 تي آند آهي.

(3)  ڏسو تذڪره جلد پهريون

(4)  ڏسو تذڪره جلد ٻيو.

(1)  ڏسو تذڪره جلد پهريون مهاڳ ص 14

(2)  تذڪره جلد پهريون، مهاڳ ص 14-15

(3)  ايضاً ص 288

(4)  ڏسو جلد ٻيو ص 342 ۽ جلد ٽيون ص 332

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org