سيڪشن: ادب

ڪتاب: زنبيل

باب:

صفحو:13 

ڏيا تيل ڦليل جا (درشهوار سيد)

مون کي ياد آهي، اٽڪل سورهن سالن جي عمر ۾ (1951ع ۾)، منهنجو ڌيان جي. ايم. سيد جي سياست ۽ سندس تحريرن ڏانهن ويو. ايندڙ چند سالن ۾ ۽ خاص طور 1960ع ڌاري مون سندس ٻن ڪتابن، نئين سنڌ لاءِ جدوجهد ۽ پيغام لطيف کي وري پڙهيو. منهنجو اهو معمول هو ته اسڪول ۽ پوءِ ڪاليج کان وئڪيشن ۾ جڏهن حيدرآباد کان بدين ايندو هوس ته سنڌ جي تاريخ ۽ سيد صاحب جي ڪتابن جو (ايئن کڻي چئجي ته) دور ڪندو هوس. ڪوشش اها هئي ته اڳتي پڙهڻ کان اڳ تاريخ جي ڄاڻ هجي. سيد صاحب جي پوءِ شايع ٿيل ڪتابن جو مطالعو به اِن تجسس سان ڪندو هوس ته ”سيد صاحب چوي ڇا ٿو؟“ جئن ڏٺو آ مون، مون تي گهڻو اثر ڪيو. 1946ع ۾ سيد صاحب اليڪشن جي سلسلي ۾ بدين آيو هو. آءٌ اُن وقت يارهن سالن جو هوس. سندس هڪ جهلڪ مون به ڏٺي. هر ڪنهن جي زبان تي ”جيئيم“ جو لفظ هو. عام خلق ۾ سيد صاحب جو اهو نالو مقبول هو. عجيب اتفاق آهي ته وري ڪڏهن به سيد صاحب جي جهلڪ ڏسڻ جو ڪو موقعو نه مليو. البت سندس تصوير هڪ ڏينهن منهنجي سامهون اچي ويئي، اُها هئي سندس شخصيت ۽ آدرشن جو نمونو يعني سندس نياڻي درشهوار سيد!

اُنهن ڏينهن آءٌ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اُستاد هوس. مون کي پورو ياد نه آهي، پر اندازو آهي ته 1970 – 1975ع جو زمانو هو، جڏهن درشهوار اچي مون سان ملي ۽ فارسي پڙهڻ جي ڳالهه ڪيائين. سيد صاحب جي راءِ به ٻڌايائين ته: ”جي ڊاڪٽر جوڻيجو فارسي ڄاڻي ٿو ته اُن وٽ فارسي سک.“ مون کي اهو به ٻڌايائين ته: ”اوهان جي ڪتاب ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ کي خاص طور بابا پسند ڪري ٿو.“ اُن کان پوءِ ڪيترا ڏينهن درشهوار مون وٽ فارسي پڙهڻ ايندي هئي ۽ ابتدائي زبان جي سبقن سان گڏوگڏ اڪثر مثنوي رومي، ديوان حافظ ۽ ٻين اهم فارسي ڪتابن تي به بحث ٿيندو هو. هِتي کيس پي ايڇ. ڊيءَ لاءِ رهبر جي تلاش هئي. اڪثر اُن بابت ويچار به ڪيوسين. سيد صاحب جو رايو به معلوم ٿيو هو ۽ اسان ٻنهي جو رايو به اهو هو ته اُهي ملائيت ئي سيکاري سگهندا ۽ تصوف جو انسان دوستيءَ، رواداريءَ، عالمي ڀائيچاري ۽ انقلاب وارو پيغام هنن جي پهچ کان پري آهي. درشهوار کي شاهه عبداللطيف جي آفاقي پيغام تي ريسرچ ڪرڻي هئي.

ڪافي وقت جي غير حاضريءَ کان پوءِ درشهوار جي ولايت وڃڻ جو معلوم ٿيو. هُوءَ اُتان پي. ايڇ. ڊي ڪري آئي. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ اُستاد جي حيثيت سان آئي ۽ پوءِ اُتي ئي شاهه لطيف چيئر جي ڊاريڪٽر ٿيئ 1988ع ۾ سندس ٿيسز سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪئي. اُن ئي سال سنڌ يونيورسٽيءَ جي منعقد ڪرايل سنڌي ادبي ڪانفرنس ۾ منهنجي گذارش تي مقالو پيش ڪيائين. جنهن ۾ شامل ڪيل بيتن ۽ انهن جي ترجمي بابت مون سان صلاح ڪيائين. اندازاً 1994ع ڌاري مون کان شاهه لطيف تي ٺاهيل ڏسڻي گهريائين، جا پوءِ 1995ع ۾ لطيف چيئر طرفان ’ڪشف الابيات‘ جي نالي سان شايع ٿي. هيءَ ڏسڻي حقيقت ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي تحقيقاتي رٿا جو نتيجو هئي. هِتان مظهر الحق صديقي صاحب جي وڃڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اختيارين ڌيان نه ڏنو.

ڊاڪٽر درشهوار جي چوڻ تي مون ڪشف جي تيار ڪيل ڪارڊن جو کوکو پاڻ سان کنيو ۽ همدرد يونيورسٽيءَ جي فنڪشن ۾ طئي ڪيل پروگرام موجب اُتي لهرائي، ڊاڪٽر درشهوار جي گاڏيءَ ۾ رکيم. ڇپائيءَ جي دوران ڏسڻي ۽ فهرست چيئر ۾ گم ٿي ويئي ۽ ٻه ڪارڊ به گم ٿيا. خير ڪتاب ڇپيو، پاڻ هڪ دم اُن جون ٽيهه ڪاپيون ۽ ويهه هزار رپيا مون ڏانهن ڏياري موڪليائين. حساب موجب منهنجا اڃان اٺ هزار ٿيا ٿي. پاڻ مون کي لکيائين ته وائيس چانسيلر پئسن ڏيڻ کان نابري واري بيٺو آهي. اوهين کيس لکو ته مون کي ٽيهه ڪاپيون مليون آهن ۽ اُجوري جا اٺاويهه هزار مون کي ڏيو نه ته آءٌ پنهنجي قانوني مشير سان صلاح ڪري مناسب قدم کڻندس.

اهڙو خط لکڻ کان پوءِ مون کي ڏهن ڏينهن اندر اٺاويهن هزارن جو چيڪ اچي مليو ۽ ڊاڪٽر درشهوار جي خط مان خبر پيم ته پاڻ پهريان ويهه هزار پنهنجي کيسي مان ڏنا هئائين. مون چيڪ مان پنهنجا اٺ هزار ڇڏي ويهن هزارن جو ڊرافٽ ڊاڪٽر صاحبه جي ذاتي اڪائونٽ ۾ روانو ڪيو. ههڙا همت، سچائيءَ ۽ اعتماد جا ڪم هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهن.

البت ڪتاب تي سهيڙيندڙ (منهنجي نالي) هيٺيان ترتيب ۽ تدوين ڪندڙ جو نالو ڊاڪٽر درشهوار جو آيو. مون کي ناگوار لڳو پر آءٌ اُن جو اظهار ساڻس چند ڀيرا ملڻ جي باوجود ڪڏهن ڪري نه سگهيس. اُن جو سبب اهو هو ته هوڏانهن به احترام هو ته هيڏانهن به احترام هو. ڊاڪٽر درشهوار هڪ باصلاحيت، بامروت ۽ باادب خاتون هئي. اهڙيون نياڻيون ڀاڳ ڀرين جي گهر جنم وٺنديون آهن. پاڻ جڏهن به سن کان ڪراچي يا ڪراچيءَ کان سن ويندي هئي ته پهرپلڪ ڄامشوري ۾ ڊاٻو ڪندي هئي. هتي ڪن واقف ڪارن، ساهيڙين ۽ اڪثر راقم وٽ ٻه گهڙيون ايندي هئي. آءٌ جڏهن به ڪراچيءَ سنڌي ڊپارٽمينٽ جي فنڪشن يا امتحان لاءِ ڪراچي يونيورسٽي ويندو هوس ته سڪ ۽ احترام سان ملندي هئي. چيئر جو فنڪشن يا ڪو ليڪچر هوندو ته به ملاقات ٿيندي هئي ۽ ڊپارٽمينٽ توڙي چيئر وارا ساٿي عثمانيه ريسٽورنٽ ۾ منجهند جي ماني کائيندا هئاسين. اهي موقعا به ڪچهري ۽ حال احوال لاءِ يادگار هئا.

هڪ ڀيري شاهه لطيف چيئر ۾ منهنجو ليڪچر ڪرايائين. ليڪچر کان پوءِ دستور موجب ٽي اي. ڊي اي ڏيڻ گهريائين. مون نه ورتو ته اُن جو کيس عجب لڳو ڇو جو اڳ ڪن وڏن ليکڪن خرچ ورتو هو. منهنجو جيڪو ڀيڻ لاءِ احترام هو اُن مون کي ٽي. اي. ڊي اي وٺڻ کان روڪيو. ڪتاب ’ڪشف الابيات‘ جو جنهن سچائيءَ سان پاڻمرادو مون کي معاوضو ڏنو هئائين، اُن جو اثر منهنجي ذهن تي اڄ به آهي. سندس شخصيت مون کي گهڻو متاثر ڪيو.

ڊاڪٽر درشهوار سيد، لطيف چيئر ۾ جيڪو ڪم ڪيو، اُهو هڪ ذهين اسڪالر جو ڪم آهي. هُن شاهه لطيف بابت ٿيل اهم تحقيقي مقالن کي مجموعن جي صورت ۾ شايع ڪيو. ببليوگرافي تيار ڪئي. اُن کان اڳ ۾ منهنجي تيار ڪيل ببليوگرافي موجود هئي. اُن جا ٽائٽل استعمال ڪندي پيش لفظ ۾ اهڙو برملا اعتراف ڪيائين. آءٌ ڊاڪٽر درشهوار سيد جي ادبي حيثيت کي تسليم ڪريان ٿو، پر اُن کان وڌيڪ سندس شخصيت جي خوبين جو معترف آهيان. لکون پڙهون ته اسين گهڻو ئي پيا، پر انسانيت جي اعليٰ مقام تي هجڻ وڏي ڳالهه آهي. درشهوار ۾ اها ڳالهه مون کي نظر آئي جو هوءَ انسانيت جي اعليٰ قدرن تي سرفراز هئي. سندس شرافت ۽ وڏن لاءِ احترام جي جذبي مون کي گهڻو متاثر ڪيو. اڪثر وڏن ماڻهن جا ٻار، وڏن جي اخلاق، علم ۽ آدرشن کان وانجهيل به ڏٺاسين، پر درشهوار هيڏي وڏي ماڻهوءَ جي نياڻي هئي ته اُن جي آدرشن جو جيئرو جاڳندو نمونو به هئي. بلڪ اعليٰ نمونو هئي. يا ايئن چئجي ته سيد صاحب جو هڪ ڪتاب هئي، سيد صاحب جي خيالات جو آئينو هئي.

ڊاڪٽر درشهوار جي زندگيءَ جو دور مختصر رهيو. پر اُن ۾ هُن ماڻهن جي دلين تي پنهنجين نيڪين جا نشان ڇڏيا. آءٌ سندس آخري ملاقات کي ياد ڪريان ٿو ته اُها سندس وفات واري سال ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿي. آءٌ مسز خورشيد عباسيءَ جي ايم. فل جي زباني امتحان لاءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ ويو هوس. امتحان کان پوءِ خورشيد جي گهر منجهند جي مانيءَ تي ملياسين. ڊاڪٽر ’شوق‘ به هو. اُتان موڪلايوسين ته ڄڻ هميشه لاءِ موڪلاڻي ٿي ويئي. حقيقت هيءَ آهي ته اهڙيون هستيون ڪڏهن به جدا نه ٿينديون آهن، بلڪ هميشه دلين ۾ موجود رهنديون آهن.

خبر نه اٿم ته هيءُ مختصر تاثر ڊاڪٽر درشهوار سيد جهڙيءَ هستيءَ جي شايانِ شان آهي به يا نه!

تن ڳُڻن ڳَهَر وڃائي

 

اِن ڳالهه ۾ ته ڪو شڪ ئي ڪونهي ته انسان لاءِ دنيا ۾ ٿڌي ڇانوَ ڪنهن کي چيو ويو آهي. شاهه عبداللطيف جهڙي عظيم رهبر به ماءُ جهڙي هستيءَ کي ور ور ڪري ياد ڪيو آهي: مون کي مجاز، پڃاري جيئن پڃيو. ماءُ وهاڻو وار کڻ پٿراڻي پنهنجي- يا آيل ڙي ڪري دک درد جا داستان بيان ڪيا اٿس. ماءُ جنم ڏنو- پل پل نپايو تاتيو. پنهنجون مٺيون ننڊون خوشيءَ سان قربان ڪيون. اولاد هڪ رات جي اوجاڳي جي برابر ماءُ جو احسان لاهي نٿو سگهي. پنهنجي ڄمڻ تي به ڪن انسانن پڇتاءُ ظاهر ڪيو آهي، اُهو فقط ڏکن سورن جو مقابلو نه ڪري سگهڻ ڪري ڪيو اٿن. اُهي شاعريءَ جا مثال به آهن. سنڌ جي سونهن علامه آءِ. آءِ قاضيءَ هڪ تقرير ۾ فارسيءَ جو هي شعر پڙهيو:

بسي ناديد نيها ديده ام من
اي کاش که مرا مادر نه زادي

اهو تاثر شاهه جي رسالي سسئي ۽ مارئيءَ جي سُرن ۾ ملي ٿو. مارئيءَ ۾ مٿئين فارسي شعر جو تقريباً پورو مفهوم ملي ٿو:

هڪ جو نه ڄاياس، ٻيو ڄاپندي جي مران،
گهنگهر گهڻو ٿياس، ڄاپي ماروئڙن کي.

مون پنهنجي زندگيءَ جي مڙني ڏکن سکن ۾ ايئن ڄاتو آهي ته چڱو جو منهنجي مادر مهربان مون کي جنم ڏنو جو آءٌ هن جهان جي ٿڌين ڪوسين هوائن سان مقابل ٿيس ۽ مقابلي جي قوت به ماءُ ڏني. اُن ڪري ئي ٻه قدم اڳتي هلڻ جهڙو ٿيس. ماءُ جي محبت نه نثر ۾ نه نظم ۾، نه سادن لفظن ۾، نه تشهيبن ۾ بيان ڪري سگهبي. فارسيءَ واري چيو آهي:

زن چون نه زايد دلبر است

اگر زايد مادر است.

فارسيءَ جي معاصر شاعره خانم لعبت والا سفر تي ويل فرزند هڪ نظم ۾ محبت ۽ سلامتيءَ لاءِ ڪيترائي بند تحرير ڪيا آهن. آءٌ سندس ٻن بندن جو ترجمو عرض ڪريان ٿو:

چشم انداز پُشت کوچهء ما
نگهت گل رانگ باغ مي گِرد
دختر خوش اداي همسايه
از تو گاهي سراغ مي گيرد.

اِهو ته ٿيو پاڙيسريءَ جي خوش شڪل ڌيءَ طرفان پڇا ڪرڻ، پر ماءُ پنهنجي سرمايهء حيات لاءِ ڇا ٿي سوچي:

زنده ماندم که روز آمدنت
بتو گويم خوش آمدي بوطن
ارمغان من، علم و دانش تو
هديهء تو، تمام هستئي من.

منهنجو تحفو تنهنجو وطن ورڻ آهي ۽ تنهنجو تحفو منهنجي سڄي هستي آهي. ماءُ جي محبت جا مثال ايترا آهن جيتريون مائرون آهن. ڪو حد حساب ڪونهي.

منهنجي مادر محترمه جو اَباڻو ڳوٺ کُورو نزد جهوڪ شريف هو. منهنجا ڏاڏاڻا به اصل اُتي جا ئي هئا. ٿورو اڳ لڏي هاڻوڪي ڳوٺ پير فتح شاهه تعلقي بدين ۾ آيا.

منهنجي مادر محترمه اُن ڳوٺ کُوري مان پرڻجي آئي. والد محترم ڊاڪٽر سلطان احمد (1900ع – 1978ع) بدين جي اُن وقت جي اهم شخصيت هو. هوميوپيٿي، ايلوپيٿي ۽ حڪمت ۾ سند يافته هو. طب جي خدمت ٿورو وقت ئي ڪيائين پوءِ پنهنجي زمينداري سنڀالڻ لڳو ۽ گڏوگڏ تعلقي لوڪل بورڊ کان سياست جي ابتدا به ڪيائين.

والده جو محترم نالو ڀاڻي هو. نانا جو نالو صديق هو. جهڙو هوس نالو تهڙو هو سچار ۽ صديق. سادو به هڪڙو ئي هو. دوڪاندار شي جي قيمت ۽ معيار جيڪو ٻڌايو اُن تي اعتبار ڪندو هو. نانيءَ کي ڳالهه نه وڻندي هئي ته ٽوڪ ڪري چوندي هئي ته: ”واڻيا واٽون ويٺا نهارين ته ڪڏهن ٿو وڏيرو صديق اچي، ڪڏهن ٿو اسان جو مال کپي!“

نانا جهڙو سچو مون پنهنجن مامن ۾ ماما مبارڪ (منهنجو سهرو) ڏٺو. امان جي ٿي ڳالهه ڪيم. ڪجهه به پڙهيل ڪونه هئي. سندس عمل، بصيرت، ورتاءُ ۽ گهر داريءَ توڙي رڌپچاءَ جي ڇا ڳالهه ڪجي! اڄ به سندس هڪ هڪ ڳالهه، هڪ هڪ عمل ذهن ۾ اچيم ٿو ته سندس عظمت اڳيان سر ٿو جهڪي وڃيم. لڙڪ نه لکڻ ڏين، ڪريو پون قلم تي.

سندس گهر ڀاتين سان رويو نهايت نرميءَ وارو ۽ تڪرار جي صورت ۾ به مفاهمت وارو رهيو. اسين چار ڀائر ۽ ٽي ڀينرون سندس يادگار رهياسين. هاڻي آءٌ، ننڍو ڀاءُ علي احمد (سابق سيڪريٽري قانون) ۽ سڀني کان ننڍي ڀيڻ سڪينه بقيد حيات آهيون. سڀ گڏ هئاسين ته خبر نه پوندي هئي ته ڪنهن سان وڌيڪ پيار ٿي ڪري. ماءُ جو مقام به اهو آهي.

بصيرت ۾ انسان جي مڪمل شخصيت اچي ٿي وڃي. امان جيڪي پهاڪا ۽ اصطلاح موقعي مهل سان چوندي هئي. اُنهن مان ڪي اڄ به ياد اٿم:

1.      آنڊن جا واهي گدڙ.

2.     اَٺين پُري اوٺي منهنجو ماڪوڙو ماسات.

3.     اُڻندو اُها جا ڪوريءَ جي من ۾.

4.     ٿوري کٽئي گهڻي برڪت

5.     جيڏا اُٺ تيڏا لوڏا

6.     ڄٽ جي ڄمار اَڍائي کٿا

7.     گهر جو پير چُلهه جو مارنگ

8.     نه ڏي نه ڏکوءِ

9.     مرون ٿا موت ملوڪان شڪار

10. تِرَ جي گٿي سؤ چوٽون کائي

اڄ پڙهيل پهاڪن لاءِ به ڪتاب ٿا کولين. اڳ پهاڪا زبان تي هئا ۽ هي عوامي ورثو هو. مون کي ياد آهي ته امان موقعي مهل سان ٺهڪندڙ پهاڪو چوندي هئي. ايئن لڳندو هو ته فطري گفتگو پئي هلي، ڪو تڪلف ڪا ٺاهه ٺوهه نه هئي. گهر ڀاتين ۽ ٻين سان ورتاءُ ۾ سندس رويو مفهامانه هو. سنگين صورت حال ۾ به معاملن کي سنڀالي وٺندي هئي.

رات جو هنج ۾ ويهاري بادشاهن جون ڳالهيون ٻڌائيندي هئي. بابا به آکاڻيون ٻڌائيندو هو. مون کي پنهنجي اڳتي جي زندگيءَ ۾ اُهي آکاڻيون ڪم آيون. اُهي ئي ڏٺم ته پوءِ ڪتابن ۾ ڇپيون. آکاڻين ۾ جيڪو نيڪي بديءَ جو مقابلو ڏيکاريل هو، تنهن زندگيءَ ۾ گهڻو ڪجهه سيکاريو. امان جيڪي ٽوٽڪا ٻڌائيندي هئي، اُنهن ۾ هڪ هي هو ته هڪ ماڻهوءَ کي درياءُ پار وڃڻو آهي. ٻيڙي بيٺي آهي. ساڻس گڏ شينهن، ٻڪري ۽ ٻُوريءَ واري ڍنگهري به آهي. ايئن پار ڪرڻو آهي، جو نه ڍنگهريءَ ۽ ٻڪريءَ کي اڪيلو گڏ ڇڏڻو آهي جو ٻڪري ٻُوري کائي وڃي. نه شينهن ۽ ٻڪريءَ کي اڪيلو گڏ ڇڏڻو آهي جو شينهن ٻڪريءَ کي کائي ڇڏي. پوءِ ڪبي هئي مٿا ڪٽ! (هاڻي پڙهندڙ حل ڪن).

بهرحال هن هستيءَ جون ڪهڙيون ڳالهيون، ڪهڙيون مهربانيون ڳڻبيون؟ اڄ اسين فن خانه داريءَ جي ڳالهه ٿا ڪريون، اُن کي پڙهائيءَ سان به جوڙيون پيا. جن مائرن اسڪول جو منهن نه ڏٺو. اُنهن هي هنر پنهنجين وڏڙين کان سکيو. ڌيان ڌرڻ سان کين هر ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي. گهر ۾ ڪيئن رهبو؟ هنڌ بسترو ڪيئن درست ڪبو. ٿانوَ ٿپا ڪيئن مَلي صاف ڪري ترتيب سان رکبا؟ گهر جي صفائي ۽ ٻيو ڪم ڪار هنن سکيو ۽ اولاد جي تربيت به احسن طريقي سان ڪيائون. اسان جو سکيو ستابو گهر هو. مون کي ياد آهي ته ٻاهر اوطاق ۽ مال جي سنڀال لاءِ ڌنار ۽ ٽي واهي (نوڪر) هئا. گهر ۾ ٽي واهياڻيون (نوڪرياڻيون) هيون، جيڪي اَن پيهڻ، ڇڙڻ ۽ ماني پچائڻ تي مامور هيون. ٻوڙ امان رڌيندي هئي. اهڙو ٻوڙ مون زندگيءَ ۾ اڄ تائين ٻي هنڌ نه کاڌو آهي. خاص طور مڇيءَ جو ٻوڙ بيمثال رڌيندي هئي.

تڏو يا تونري وڇائجي ويندي هئي. سڀني کي ٻوڙ ماني ورڇي ڏيندي هئي. اُهو ذائقو اڄ به محسوس پيو ٿئيم. اُهو نظارو اڄ به اکين ۾ پيو ڦريم. امان جي هٿ ۾ ڏوئي آهي. ٻين سان گڏ پاٿولي ماري ماني کائي رهيو آهيان. اڄ اُهي آرزوئون ۽ تمنائون خاڪ ۾ ملي چڪيون آهن. امان هميشه منهنجي باري ۾ چوندي هئي ته عبدالجبار ڪڏهن به کاڌي مان عيب نه ڪڍيو. اڄ به جي کاڌي ۾ ڪا گهاٽي واڌي هوندي آهي ته امان جي احترام ۾ اُن مان وِيڪَ نه ڪڍندو آهيان.

زندگيءَ جا آخري 3 – 4 سال بيمار رهي. آخري مهيني ۾ ته اڪثر بي سُڌ رهي. کاڌو ۽ پاڻي به کيس چمچن سان ڏنو ويندو هو. اڪثر ننڍي پُٽَ آفتاب وٽ وڃي رهندي هئي. علاج به بيشتر ڪراچيءَ ۾ ٿيو. پر ڪو فائدو نه ٿيو. ذهني طور سجاڳ هوندي هئي. مون کيس آخري ڀيرو ڳوٺ ۾ ڏٺو. پورو سڃاڻي نه پئي سگهي ۽ ڪنهن حال ۾ نه هئي. سندس اِهو حال ڏسي مون محسوس ڪيو ته ماءُ اولاد لاءِ جيڪي ڪري ٿي، اولاد سندس علاج ۽ سنڀال لاءِ ڪيترو به پاڻ پتوڙي، ماءُ جي ڪيل خدمت جي برابر نه ٿي سگهندو.

آفتاب امان جي گهڻي خدمت ڪئي. آخر سندس زندگيءَ جو ماڻ ڀرجي آيو. اڄ ڪ سنجهه صباح هر ڪنهن کي هلڻو آهي. امان به اسان کان جولاءِ 1988ع ۾ وڇڙي ويئي. آفتاب به 1992ع ۾ وڇڙي ويو. ٻيا ڀائر ڀينرون به پوءِ وڇڙيا. زندگي بس ايئن ئي آهي. سڀ اونهي ۾ اوهري ويا. اُتي ويا جِت نهايت ناهه ڪا. ماءُ جو ڪردار هي آهي جو پنهنجي تڪليف کي ليکي نٿي. ٻچن لاءِ بيقرار ۽ بيتاب! بقول لطيف سائينءَ جي:

پير پٽانئي ڪُونئرا، ڏونگر مٿي ڏي،
پاڻ نه پسي ڦٽيو، ڪڙهي ڪيچين کي،
هاڙهو هوت پري، ڪوه ڄاڻان ڪئن لنگهيا؟

ماءُ جو درجو نه لفظن ۾ بيان ڪري سگهبو، نه ڪتاب ماءُ جي مقام جو احاطو ڪري سگهن ٿا. هي جو ماڻڪ موتي تنظيم وارن ماءُ جي دعا جو اشارو ڏيئي دل جي اندر جي ڳالهه چوارائي آهي، خبر نه آهي ڪجهه چئي سگهيو آهيان يا نه!! مادر مهربان جي قدمن ۾ جذبن جي، احترام جي، پيار جي ۽ لفظن جي ڀيٽا رکڻ ۽ حق ادا ڪري سگهيو آهيان يا نه؟

تن ڳڻن ڳهر وڃائي، هو مائي،
جوڳين مون سين جي ڪيا.
 

مير غلام محمد خان ٽالپر

 

مير غلام محمد جو وڏو مير باگو خان اهو شخص هو، جنهن کي سنڌ فتح ڪرن کان پوءِ حڪمرانن جي چؤياريءَ ۾ جاءِ قبول نه ڪرڻ ۽ سُنيتي سنڌ راڻيءَ جي ٻانهن گُهرڻ تي لاڙ طرف موجوده ٽنڊي باگي ايراضيءَ ڏانهن زمين ڏني ويئي ۽ اُن روايت موجب، گهوڙو جيترو ڊوڙي ٿڪو اُها سڄي زمين مير باگي کي ڏني ويئي، باگو واهه کوٽائي اُن کي آباد ڪيائين. مير غلام محمد جي وڏي ڏاڏي مير باگي خان جو فرزند مير ولي محمد (يا وليه خان) ٽالپر هو. جنهن جا پنج پٽ ٿيا. اُنهن مان مير محمد خان جو فرزند اسان جو رهبر مير غلام محمد ٽالپر 1876ع ۾ ٽنڊي باگي ضلعي حيدرآباد (هاڻ بدين) ۾ ڄائو.

مير صاحب جي سوانح عمري جناب جي. ايم. سيد پنهنجي سوانح عمري جي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ ڏني آهي. سيد صاحب لکي ٿو ته: ”اصل ۾ هو ٻين مير صاحبن وانگر ڪو وڏي ملڪيت وارو نه هو. ابتدا ۾ سرڪاري نوڪري ڪندو هو. پوءِ نوڪري ڇڏڻ محنت ۽ ڪفايت شعاريءَ سان وڏي زمينداري ۽ پيسو ڪٺو ڪري سگهيو“(1).

ٻيو سوانح نگار خادم حسين چانڊيو، مير صاحب جي تعليم بابت پنهنجي تازي تاليف مارو جي ملير جا ۾ لکي ٿو: مير غلام محمد خان قرآن شريف جي تعليم ۽ وقت جي رواج موجب سنڌي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي(2)، جوانيءَ ۾ ئي هن جيڪو خيال پاليو پئي، اُن جو عملي اظهار، تعليم جي ميدان ۾ ڪم جي ابتدا يعني اسڪول کولڻ سان شروع ٿيو، مير صاحب جهالت ۾ ورتل خلق کي آفيسرن اڳيان ذليل ٿيندي ۽ زمين تي ويهندو ڏسڻ برداشت نه ٿي سگهندو هو. سندس هي عملي اقدام اسڪول جي صورت ۾ 1919ع ۾ ظاهر ٿيو. جڏهن پاڻ 45 سالن جو هو. پهرين اي. وي اسڪول کوليو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ ڇوڪرين جو اسڪول، هاءِ اسڪول ۽ صحت مرڪز کولايائون. هن سڄي خير جي ڪم ۾ محمد صديق مسافر، مير صاحب سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو. 1919ع ۾ قائم ٿيل هن اسڪول جي نئين عمارت جو ڪم 1922ع کان شروع ٿيو ۽ اسڪول 1924ع ۾ نئين عمارت ۾ منتقل ٿيو. اسڪول جو نالو اُن وقت جي انگريز عملدار لارينس جي نالي پٺيان لارينس مدرسه اينڊ هاءِ اسڪول رکيو ويو. هيءُ عمارت مير صاحب پنهنجي خرچي تي ڏيڍ لک روپين سان تعمير ڪرائي. لوڪل بورڊ ۽ سرڪار مان گرانٽ جي به اُميد رکي ويئي. تعليم ۽ رهائش مفت هئي، فقط کاڌي جو خرچ سرنديءَ وارن جي ٻارن جو طلب ڪيو ۽ ڪٿي ورتو ويندو هو. هن سلسلي ۾ اسڪول جي سنڀاليندڙ محترم محمد صديق ”مسافر“ جا ٻه خط ۽ خود مير صاحب جو هڪ خط منهنجي ڏاڏي محترم رئيس حيدرخان جوڻيجي جي ڪاغذن ۾ موجود آهن. پهرين اپريل 1924ع جي خط ۾ محمد صديق مسافر ڏاڏي سائين ڏانهن لکيل خط ۾ منهنجي سوٽ محمد علي جي کاڌي جي خرچ بابت لکيو آهي ته اوهين ڀري سگهو ٿا، اُهو خرچ ڀريو ۽ مير صاحب پنهنجي ڇهين اپريل 1924ع واري خط ۾ 8 روپيا مهيني جو ميس جو خرچ گهريو آهي(3).

هي اسڪول انهن ابتدائي اسڪولن مان آهي، جن تعليمي خدمت سرانجام ڏني. لاڙ توڙي ٻين پاسن جا شاگرد هن اسڪول مان مستفيد ٿيا. خادم حسين چانڊيو، مير صاحب جي ٻين شعبن ۾ ڪيل خدمتن جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: ”مير صاحب کي انهيءَ ڳالهه جو شدت سان احساس هو ته تعليم عورت لاءِ پڻ اوتري ضروري آهي جيتري مرد لاءِ. اُن ڪري هن ٽنڊي باگي شهر ۾ نياڻين لاءِ هڪ زنانو اسڪول به قائم ڪيو. کيس تعليم سان گڏ صحت جو پڻ گهڻو خيال هوندو هو(4).

تعليم جي هن گهڻگهري ۽ اورچ انسان کي جنهن معلم ۽ ادب پورو پورو ساٿ ڏنو، سو جيئن عرض ڪريم ته محترم محمد صديق مسافر هو. مسافر صاحب هن سڄي سلسلي جو بيان پنهنجي تصنيف ”منازل مسافر، بمع ڪليات مسافر“ ۾ ڪيو آهي. قدرت هن صاحب جي والد کي سنڌ آندو. اصل وطن آفريڪا ۾ زنجبار هوس. جيئن قبيلا هڪ ٻئي جي خونريزيءَ کي ئي جوانمردي ڄاڻندا هئا. مسافر جو والد اُتان غلام ٿي مسقط جي شيخ حسين وٽ وڪاڻو، اُتان قسمت کيس سنڌ آندو. ٺٽي جي سنگتراش وٽ وڪاڻو. جنهن کيس مير ولي محمد (وليه خان) جي حويليءَ جي تعمير لاءِ پاڻ سان گڏ ٽنڊي باگي آندو. سندس نالو بلال رکيو ويو. سنگتراش کيس ناراض ٿي ٽنڊي باگي جي هڪ سرنديءَ واري مخدوم حُر علي وٽ وڪيو.(5) اُن جي بيبي کيس پنهنجي اولاد وانگر پيار ڪندي هئي. نالو گلاب رکيائونس. گهر ۾ ٻانهي سليمت هئي اُن سان کيس شادي ڪرايائون، انگريزن جي حڪومت غلاميءَ تي پابندي وڌي ۽ ايئن گلاب آزاد ٿيو. کيس سلميت مان ارڙهن ۽ اُن جي وفات کان پوءِ ٻئي گهر مائي بيگم مان ٻارنهن ٻار ٿيا. جن مان 1952ع تائين فقط مسافر زنده رهيو ۽ اولادي ٿيو(6). مسافر صاحب جو پٽ عطاءُالله ۽ ڏهٽو عبدالباري منهنجا ڪلاس ڀائي هئا. هڪ ڏوهٽي مس محموده بدين اقراءَ اسڪول ۾ ٽيچر آهي. مسافر صاحب 1879ع ۾ ڄائو ۽ 1961ع ۾ وفات ڪيائين.

مسافر صاحب جو تعليم، خدمت ۽ ادبي ڪم جو بيان به ڊگهو آهي. ”منازل مسافر“ ۽ ٻئي ڪتاب ”غلامي ۽ آزاديءَ جا عبرتناڪ نظارا“ ۾ پڙهڻ گهرجي. مير صاحب جي تعليم خدمت ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان ٽنڊي باگي آيو ۽ زناني اسڪول لاءِ هيڊ مسٽريس به حيدرآباد کان آندائين.

جيتري خلوص سان مير غلام محمد خان اسڪول جو ڪم هلايو اوترو ئي اورچائي سان مسافر صاحب سندس ساٿ ڏنو. مير صاحب جي علمي خدمتن ۽ اسڪالرشپس جو ڊگهو داستان آهي. مطلب ته مير صاحب سراپا هڪ خدمت گذار هو. روايتي زميندارن ۽ شاهوڪارن جي منجهس ڪابه ڳالهه نه هئي.

1928ع ۾ جناب جي. ايم. سيد کيس سن ۾ تعليمي ڪانفرنس ۾ اچڻ جي دعوت ڏني، جنهن جو معذرت وارو جواب صحت جي خرابيءَ سبب ڏنائين. آخر ۾ ڪاليج لاءِ به عمارت ٺهرايائين، پر سندس وفات 12 فيبروري (1933ع، 1932ع) سبب سڀ ارادا اڌورا رهجي ويا(7). سندس چاچي جو پٽ مير خدا بخش وارث ٿيو ۽ سڄي بساط ئي اونڌي ٿي پيئي.

 

حوالا

1.                   سيد، جي. ايم. ’جنب گذاريم جن سين‘، سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع، ص 101

2.                  چانڊيو، خادم حسين، ’مارو جي ملير جا‘، گنج بخش ڪتاب گهر حيدرآباد، 2003ع ص 483

3.      جوڻيجو، عبدالجبار (ڊاڪٽر) مقالو: ’حيدرخان جوڻيجو‘، لکپڙهه، سنڌي ادب، سنڌالاجي 1/1994ع، ص 38

4.                  مارو جي ملير جا، ص 483.

5.      مسافر، محمد صديق، ’منازل مسافر بمع ڪليات‘، مسافر آر. ايڇ. احمد حيدرآباد، 54-1955ع ص 2 کان 8.

6.      مير وليه خان جي حويلي جي ڪم جي شروعات 1806ع ۾ ٿي ۽ گلاب خان وڏي عمر ۾ 1888ع ۾ وفات ڪئي.

7.      مير غلام محمد جي وفات جو سال، مسافر 1932ع ص 47 ۽ جي. ايم. سيد 1933ع ص 103، ۽ خادم حسين چانڊئي 1933ع ص 484 لکيو آهي.

 

بردو سِنڌي: شاعريءَ جو اڀياس

 

شاعري، مقصد ۽ معنيٰ کان سواءِ بيڪار ۽ لفظن جو هڪ بي جوڙ ۽ بي هنگم ڍڳ آهي، جنهن کان سمجهه وارو هٽي پر ٿي لنگهندو. شعر ۾ جذبات جو اظهار مناسب لفظن ۽ موزون مصرعن ۾ ڪجي ٿو. اُهو اهڙو هجي جو ٻڌڻ ۽ پڙهڻ واري جي اندر ۾ پيهي وڃي.

سنڌي شاعريءَ جي قديم دور کان وٺي موجوده دور جي اهم شاعرن جو ڪلام زبان ۽ بيان جي خوبين سان سينگاريل آهي. شاهه لطيف کان وٺي شيخ اياز، نياز، نارائڻ شيام، ايم ڪمل، تنوير ۽ بردي تائين اچون ته اسان کي اهڙا مثال ملن ٿا.

هتي بردي سنڌيءَ (1) جي شعر تي نظر وجهون ته هُو جديد شاعريءَ جو نه رڳو اهم نمائندو آهي، بلڪ هڪ منفرد شاعر به آهي. محمد رمضان ولد خدا ڏنو لاشاري پنهنجي سنڌي توڙي سرائيڪي ڪلام جي ڪري سنڌي ادب ۾ هڪ لاڏلي شاعر جو درجو رکي ٿو.

بردو اصل ڳوٺ ماڪن ڪوري، تعلقي ميرپور ماٿيلي جو هو. جتي هُو 1922ع ۾ ڄائو. 1939ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيائين. سندس دلي لاڙو تعليم ڏي هو، پر کيس آبپاشي کاتي ۾ دارغي جي نوڪري ملي. هُو اُن تي صابر رهيو ۽ ماستر نه ٿيو پر هو ته شاعر هو ۽ شاعر ٿي ساماڻو. پنهنجي چوڌاري موجود ڳوٺاڻي زندگيءَ جو ترجمان ٿيو. نوڪريءَ سانگي نوابشاهه ۾ رهيو. زندگيءَ جا رنگين ۽ سنگين تجربا بردي جي شاعريءَ جا موضوع بنجي ويا. سندس پهرئين مجموعي اکيون ميگهه ملهار (1961ع) جي مهاڳ ۾ شيخ اياز لکيو. بردي جي شاعري ڏسي مون کي بلڙيءَ واري جي دوهي جي پهرين سٽ ياد ايندي آهي: پاڻيهاريءَ سر ٻهڙو جر تي پکي جئن. هن جي ڪلام ۾ اهڙو ئي خوبصورت توازن، نزاڪت، لچڪ ۽ ديهات جي روماني زندگيءَ جي جهلڪ آهي، جهڙي پاڻياريءَ جي مٿي تي گهڙا پيدا ڪندا آهن ۽ هن جي گيتن ۽ نظمن ۾ اهڙي بيساخته رواني ۽ پاڪيزگي آهي، جئن جر ۾ پکي لهوارو ويندو آهي.“

حقيقت ۾ بردي جي شاعريءَ جي صحيح ڪٿ به اِها آهي ته هُن ٻهراڙيءَ جي جيوت جي روماني پهلوءَ کي اجاگر ڪيو ۽ جيڪو جديد شاعريءَ جي سڃاڻپ طور اُڀريو. بردي ڪي ڪهاڻيون به لکيون. پر هُن جو اصل ميدان شاعري ئي هو. ماحول سان گڏ بردي شاعريءَ کي مشڪل زبان جي اوڙاهه مان به ڪڍي هڪ فطري زبان ڏانهن آندو. هو خود به سادو سُودو ۽ يار ويس ماڻهو هو. سندس شخصيت تي ڪوبه ٻاهريون کوپو ۽ پوش نه هو. ملندو هو ته مُرڪ سندس سڃاڻپ هئي. شايد 1958ع جو زمانو هو. آءٌ اڳ ئي نوابشاهه ۾ هوس ته سنڌي ادبي سنگت جي اُتي ڪاروباري ۽ ادبي نشست ٿي. اُن وقت تائين منهنجا فقط ڪي مضمون ۽ افسانا، فردوس، نئين زندگي ۽ روزانين اخبارن ۾ ڇپيا هئا. پهرين سنگت جي ڪاروباري نشست ٿي. اُن ۾ مقبول ڀٽي، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي بردو سنڌي، اياز قادري ۽ ڪي مقامي ساٿي هئا. جيترو مون کي ياد پوي ٿو ته اياز قادري ۽ مقبول ڀٽي ناراض ٿي ٻاهر نڪري آيا ۽ وري تڏهن اندر ويا جڏهن ادبي نشست جو اعلان ٿيو. آءٌ به ٻين سان گڏ اندر ويس. (شايد هي لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول جي ڏکڻ واري بلڊنگ جو هڪ ڪمرو هو.) بردي سان آمهون سامهون ٿيس ته مون کي ڇوڪراڻي ٽهيءَ ۾ ڏسي چيائين ته مون کي اهو خيال هو ته تون مون کان وڏو هوندين! اُن وقت بردو مون کان 13 سال وڏو هو. هڪ پختو شاعر هو. آءٌ پوءِ به مبتدي هوس. اِهي ڪل لفظ هئا جي مون بردي کان ٻڌا ۽ ان کان پوءِ ڪٿي ملياسين يا نه، ياد نٿو پويم. شايد وري نه ملياسين. بردي کي جيئن آءٌ مليس هو مون کي پيار ڏيڻ وارو، دوست نواز، ۽ رڻو ملڻو نظر آيو. هُو اٽڪل 66 ورهن جي عمر ۾(1988ع) گذاري ويو. پر سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجو هڪ مستقل مقام قائم ڪري ويو. بردي جا گيت، نظم، ڪافيون، غزل، بيت ۽ آزاد نظم سنڌي شاعريءَ ۾ اهم جاءِ والارين ٿا. آزاد نظم، ”سانوڻ جي ڪڪري هيڪلي“ خاص طور مشهوري ماڻي. جن ماڻهن آزاد نظم جي نالي ۾ بي ترتيب لفظن جا ڍير لڳائي ڇڏيا تن جون اکيون کُلي ويون:

او بانوري

او سانوري

سانوڻ جي ڪڪري هيڪلي،

ڪر خبر،

ڇو ٿي روئين؟

ڇو ٿي روئين ڇا جي ڪري؟

او بانوري

او سانوري

سانوڻ جي ڪڪري هيڪلي،

ڪر خبر، ڇو ٿي روئين؟

روئندي وتين، رڙندي وتين،

لڏندي اچين، ٽڙندي وتين،

۽ پنهنجي لڙڪن ۾ ئي خود ٻڏندي وتين ترندي وتين،

او بانوري

او سانوري.

بردي جو قصيدو ”سنڌ سنهاڻي“ به هڪ شاهڪار آهي. هن قصيدي ۾ شاعر سنڌ جي مدح سان گڏ سنڌ جي سورن جوبه بيان ڪيو آهي. چند بند هي آهن:

کوهه جي رونق، روح ريجهائي، رينگٽ گيت ٻڌائي،
دل کڻي سِرِ سينگيون آيون، مُنڊو مُنڊي ۾ پائي،
کِلي کلائي پاتي ڪنهن ٿي، چهنڊي ٻانهن وڌائي،
زيور شرم ڍڪي لڄ چادر، سنڌ جي نازڪ نياڻي 
                                         - سنڌ سنهاڻي.

---

تُنهنجي مهر ڀري آ جهولي، ٻار پراوا پالين،
تون ڌارين جا درد وڃائي، پاڻ ڏکن ۾ جالين،
هر ڪنهن قوم مٿان هٿ ڦيري، ٻچڙن وانگر پالين،
تنهنجي گود آ جنت مون لئه، منهنجي ماءُ سياڻي!
                                         - سنڌ سنهاڻي

بردو حسن ۽ محبت جو شاعر آهي. هُو حسين اکين جو بيان هن طرح ڪري ٿو:

ڀلا ڀلا نيڻ تنهنجا مِٺيءَ مِٺيءَ ديد وارا!
هڄي هڄي نيٺ پهتا، اچي تنهنجي در اُڃارا.
سنهي سنهي سوز جهوريو، وري نئون نينهن موريو،
پتنگن به پنهنجو پاڻهي، هڻي کڻي ساهه گهوريو،
هَڪي پَڪي هنج ٿي ڪا، لڳس ڪنهن جا لڱ پيارا.
جَهلي جَهلي مونجهه تنهنجي، هِري مِري هانءُ وِيڙو،
مِٺو مِٺو درد دل کي پرين تنهنجو ڀانءِ پيڙو،
نه ڀانيان ندوريون راتيون، تڪي تنهنجا چنڊ تارا
                                        ڀلا ڀلا نيڻ تنهنجا.

هن گيت ۾ مڪرر لفظن جي استعمال سان ردم ۽ سنگيت پيدا ٿئي ٿو جو گيت کي واڌو موسيقي عطا ڪري ٿو. سڪ ۽ سوز سان گڏ شاعر ڳوٺن ۽ واهڻن جي جيوت ۽ فطري حسن جوبيان هيئن ڪري ٿو:

واهڻ جي اربيلي ڪاجا ڪاري گهوري،
واهڻ جي واهه ڇوري،
کلي کلائي روح ريجهائي،
دل ۾ پيار جا گهاءُ لڳائي،
سونهري جي پنبڻيون جاڳن،
ڇڏي نظر سان لک لٽائي.

ڳوٺ جي ماحول ۾ رتل گيت: پينگهه پپر ۾ ٻڌي ڙي جيڏيون، يا نسري آهي جوار پرين چڙهه پيهي تي – بردي جي تجربي، مشاهدي ۽ زندگيءَ جو حصو رهيا. گيت وانگر غزل ۾ به ڪٿي ڪٿي اُهوئي وايومنڊل ۽ زبان موجود آهي:

برسيا رات وري بادل
جاڏي ڪاڏي آ جل ٿل.
مُرڪيو من ۽ ريڌو روح،
توڳل لاتو ڀنڙا ڳل.
سِرَ جا سائين تنهنجا نيڻ،
سيني منجهه ڪري ويا سَل.
تنهنجو جوڀن پرهه پرين،
جهڙو موتيو ماڪ ڀنل.
هلڪا هلڪا ٽهڪ اِئين،
پڳ پڳ ڇمڪي ٿي پايل.
مون وٽ آهن گيت اجهو،
وٺين ته مٺڙا جهولي جهل.

بردي جا گيت، غزل ۽ نظم پنهنجي حسن ڪاريءَ جي ڪري سينگار جي بيتن وانگر به لڳن ٿا:

مکڻ جهڙا پير پرينءَ جا چانديءَ جهڙا چنبا،
وار عطر سان واسيل سنهڙا کيهه کُڙيءَ تائين لنبا.
سينڌ سَندوري پينگهه فلڪ جي جُهَڙ ۾ ڏيٿي جهلڪا،
تنهنجي رنگ برنگي جلون لاتا هِنئڙي لنبا.
ڳل صنم جا ڳانڌو گدرا چپه ڪِنون جون ڦاڪون،
نيڻ صدف جئن متا، پنبڻ جهڙا رنبا.
قد ۽ ڪاٺي سهڻي هاٺي پيڪر پيارا پيارا،
واسينگن کان وترا ويڙها ڀورل تنهنجا ٿنڀا.
جي تون ايندين ڳالهه ڳڻي ڪا، گهر بردي جي سائين،
رهندا ياد حياتيءَ تائين تنهنجا ٽورا ٿنڀا.

سونهن جي بيان ڪرڻ ۾ بردي گهٽايو ڪونهي. رنگا رنگ تشبيهون هن جي ڪيل بيان کي وڌيڪ سهڻو بڻائين ٿيون. محبوبه کي استعاري جو روپ هن ريت ڏي ٿو:

او هرڻي هرڻي هرڻي، ٿر ۾ تنهنجا ٿاڻا،
او هرڻي مُور نه ورڻي، ٿر ۾ تنهنجا ٿاڻا.
ماڻهن سان ڪو ميل نه تنهنجو ڊڄڻي ڀڄڻي ڀوري،
ويجهي وسنهه نه وڻندي توکي، تولئه سُڃَ سدوري
هي برپٽ تو من ڀاڻا، ٿر ۾ تنهنجا ٿاڻا.

بردي جا بيت ٿورا ئي آهن، پر هُنَ هِنَ ڪلاسيڪي صنف سان خوب نڀايو آهي. ڪي بيت ننڍا ته ڪي طويل آهن. بيتن ۾ به ساڳي تنوار آهي. حسن ۽ عشق:

سکيا سڀ نه سُکَ ۾، ڏکيا سڀ نه ڏيل،
ڪنهن ڪنهن منجهه قليل، آهي ساڃهه سهپ جي.

---

ڪاريون سڀ نه ڪوجهيون، سهڻيون سڀ نه سٿ،
ڪنهن ڪنهن اُجرا هٿ، چمڪن چوڏهينءَ چنڊ جان.

---

لائن سڀ نه سُرخيون، منهن تي سڀ نه ميرَ،
ڪنهن ڪنهن ڪُونئرا پيرَ، مکڻ کان به ملوڪڙا.

---

مُنڌَ هلي مهراڻ ڏي، اڳيان سِير سقاڪ،
ڪچي پڪي جي نه پيس، خبر جيڏي خاڪ،
ڏسي چنڊ ڏڪي ويو، تارن تاڻيا طاق،
ويندي ولهيءَ کي ڏسي، روئي پيا افلاڪ،
لڙڪن لڙيون ڇڳيون، مارڳ اُٺي ماڪ،
نيڻ بسدا نمناڪ، بيراڳين جا بردو چوي.

بيت جو ساٿ ڪافيءَ سان آهي. اِن ساٿ کي به بردي قائم رکيو آهي. ڪافيءَ جا جذبا، زبان ۽ هيئت کي يڪجا ڪندي هيئن ٿو چوي:

ڪهڙي ڳالهه ڪريان تنهنجي ديد سندي،
جاڏي کڄندي ڪيئي ڪِيس ڪندي.
 

1.   هِت حاجت ناهي دوائن جي،
بس لوڙ آ تنهنجي نگاهن جي.
تنهنجي دامن جاءِ پناهن جي،
اچ پياس پيار جي پوءِ هٽندي.
 

2.  لڪي لوڪان پايان روز ليا،
تڪي راهون ٿڪجي نيڻ پيا،
ماڻهو منجندي توڏي ورهه ويا،
وريا ڪانگ نه آئي ڪائي ورندي.
 

3.  پلئه منهن  تان مٺڙا محب کڻي،
وتي اک تو هڻي ڪٺو ڪجل ڪڻي،
نه جي ملندين هاڻي ته دل جا ڌڻي،
جند برهه ۾ بردي جي جلندي.
 

مجلس ۽ سماجي زندگي ۽ حسن و عشق جو بيان بردو پنهنجي مخصوص زبان ۽ انداز موجب ڪري ٿو. راندين، ثقافتي رنگ ۽ وندر کي اهميت ڏي ٿو. مثال طور ٻيلهاڙي راند لاءِ دوستن کي هيئن سڏي ٿو:

اچو يارو رهون ٻيلهاڙو،
ڪاٿي آهن جمن جاڙو.
اوري آ ڙي عارب يار،
عيسيٰ کي ڀي ڪر ڪوڪار.
موسيٰ کي وڃي ڪن ۾ چئو،
پوي جئن نه پڻس کي ڪئو.

جن شاعرن جي مادري زبان سنڌي هئي تن به سرائيڪي زبان ۾ خوبصورت ڪلام چيو آهي، انهن ۾ سچل، بيدل، بيڪس ۽ رکيل شاهه جا نالا ئي ڪافي آهن. بردي جي ته مادري زبان ئي سرائيڪي هئي. سندس سرائيڪي ڪلام به نهايت بلند معيار جو آهي. اُن ۾ غزل، ڪافيون ۽ آزاد نظم اهڙا ئي خوبصورت آهن جهڙو سندس سنڌي ڪلام، بلڪ جي ايئن چئجي ته وڌيڪ خوبصورت آهن ته غلط نه ٿيندو. سنڌيءَ وانگر سرائيڪي به سنڌ جي مقبول زبان آهي. بردي سرائيڪيءَ ۾ پنهنجن پيار ۽ پاٻوهه وارن خيالن کي سهڻي انداز ۾ ظاهر ڪيو آهي. اکين جي بيان ۾ بردو عروج تي آهي. چوي ٿو:

واه واه چشمان يار ديان – يار مِٺي منٺار ديان.
 

1.   صدقي ٿيوان لب چولڻ تون،
ڍولڻ تيڏي خوش ٻولڻ تون،
ڪر ڪر نخري گهنڊ کولڻ تون،
وه مٺڙيان ڳالهين پيار ديان.
 

2.  اِهي زلف سياه مستاني هِن،
اکين مئي خوشي دي پيماني هِن،
رخ روشن تي پرواني هِن،
وه نوڪان نت سينگار ديان.
 

3.  بردي ڪُون هُڻ چين نه دم،
تين بِن جڳ وچ ڪونهين همدم،
وانگون بلبل رووي دم دم،
لهه خبران بيمار ديان.

ڪافيءَ ۾ حسن ۽ عشق جي ذڪر ۾ وڇوڙو هڪ بنيادي موضوع آهي. بردو وڇوڙي ۾ هيئن به چوي ٿو ته هي تن بردي جو مهجور وڇوڙي جا ڏينهن ۽ هجر جون راتيون هڪ مهجور دل کي ڪيئن وسرن:

وڇڙي ياد پون جنهن دم،
چمڪي پلڪين تي شبنم.
 

1.   ڏينهن جدائي دا برپٽ،
رات انڌاري ڪالي مم،
ڏائڻ ڏيکيم سُڃڙي جهوڪ،
سڄيان راتين جاڳي ڏٺم.
 

2.  وک وک تي هِن ڳجهڙي دام،
قدم قدم تي منجهدي دم،
رات ڳَئي کُٽ باک ڦٽي،
در در ڏِيوي ٿئي مڌم.
بردا ياد پرين دي وچ،
نيڻ اسان ڏي رهدن نم.
 

محبوب جي ياد ۾ لون لون ۾ غمن جا زخم آهن:

دم دم ياد ڪنون دل ماندي،
لون لون وچ چوٽ غمان دي.

سرائيڪيءَ ۾ آزاد نظم لکندي بردو هڪ ڪامياب شاعر آهي. آزاد نظم ”نوان سجهه“ ۽ ”انڌا کوهه“ اهڙا بهترين مثال آهن. نوان سجهه جي هڪ ٽڪري جو مثال هي آهي:

ايهه زمين ٻڍڙي زمين،
تيڏي امان ميڏي امان
هر چيز دي مادر مٺي
هر روح دي مائي ته هي
هر شي چون ڄائي ته هي
ايهه جڳ وسڻ واليان دي ما.

”انڌا کوهه“ هڪ طويل آزاد نظم آهي. هن نظم ۾ هُو زندگيءَ جي ڪٿ ڪندي انڌي ۽ ڦٽل کوهه جي ڳالهه ڪري ٿو. هي کوهه ڳوٺ وارن جي جيوت جي سکن ۽ ڏکن جو شاهد آهي. شاعر جيوت جي مختلف دورن جو ذڪر ڪري ٿو ته ڪڏهن سندس چوڌاري ڪي خوبصورت رنگ هئا. هي ڳوٺ جي اُتر پاسي وارو کوهه گهڻو پراڻو آهي:

ميڏي ڄم تون

پهلي دا اُو

ساڏي ڳوٺ دي اُتر پاسي

ڪلهم ڪلها

انڌا کُوهه

ايوين پئي اوچٽ پڌر تي

جيون

ٻڌڙا ڪوئي بي آسا الهه راسا

نُهرين جنهن ڪون

گهرون تڙايا

اپڻي ڄاڻين دي ڏک سانڀي

ڌرتي تي اٽڪائي پاسا.

ڪو وقت وري ههڙو هو:

او ويلا وي ويلا ها

ميڏي سر تي ميلا ها

ڪڻڪ پهار ڏکيندي هَئي

هر پاسون هي ساوي سبزي

ڏيک تي اکين ٺرديان هِن.

زندگيءَ جا هي رنگ پَسائيندي شاعر آخر ۾ چوي ٿو ته ههڙي انڌي کوهه جو ڊپ به سيني ۾ سمايل رهي ٿو پر وقت سان لهيو به وڃي. چي:

آوي ڌيڙا ٿاٻا

ڊهه جو پئون ول ڪون ڪڍيسي

وٿ سلهان دي ڄاپي ايوين

جيوين کنڊا

کولي وات

نِوڪي اندر ويکو لڳدي

کوهه دا تلا

جُهڙ دي رات

پر ڪنڌي تي

سَر دا ٻوٽا

سالين تون پيا سُڪدي ڦُٽدي

وا گهليندي لڏدي پڏدي

اين بهاني

کوهه دي اندر

جُهڪ دي جُهڪ دي جهاتيان پيندي

هون ڪون تان

ڪوئي ڏر ني لڳدا

شئت

ورهين دي رلي سيون

هين دا ڏر لهه ڳئي بردا.

هيءَ حقيقت آهي ته جديد شاعرن ۾ بردو هڪ اهڙو شاعر آهي جنهن جي جذبن ۽ فن بابت گهڻو ڪجهه لکڻ جي گنجائش آهي. هي قرض آهي ۽ اهو لاهڻو آهي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org