سيڪشن: ادب

ڪتاب: زنبيل

باب:

صفحو:30 

ٻيو جذبو

(ادبي ڇنڊ ڇاڻ جو جواب)

تازو مئي 1988ع جي نئين زندگيءَ ۾ جناب فيض محمد شاهه جي ادبي ڇنڊ ڇاڻ بعنوان ”لفظ پارسي غلط آهي يا صحيح؟“ پڙهيم. بقول نقاد جي تنقيد جو حق هر ڪنهن کي آهي پر منهنجي ڪيل تنقيد کي اشاري طور هلڪڙائيءَ سڏي ان ڳالهه کي هن پاڻ لڪايو آهي جيڪا صاف چئجي ها. آءٌ پنهنجي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ ۾ گذارش ڪندس ته جيڪڏهن ڊاڪٽر اياز قادري پنهنجي نالي سان هيءَ تنقيد لکي ها ته بهتر هو. بهرحال هن هيٺ آءٌ پنهنجون گذارشون پيش ڪريان ٿو.

جناب فيض محمد شاهه جي لکڻ مان مون کي اهو معلوم ٿئي ٿو ته: ”ايراني مرڪز مان سرٽيفڪيٽ ڪورس ڪرڻ جي باوجود مون کي فارسي ڪونه ٿي اچي.“ اُهو ته جڏهن ايرانين کي وٺي اچي مون سان فارسي ڳالهائيندو تڏهن مڃيندو پراڻن ڪتابن ۽ هتي جي مدرسن ۾ پڙهيل ماڻهن جي حوالن ڏيڻ سان خبر نه پوندي. مون قادري صاحب جي ڪتاب مان حوالو ڏيندي فقط ايترو چيو آهي ته زبان کي فارسي چوڻ کپي جئن اڄ ايران ۾ چون ٿا. اسين پراڻي ادب پڙهڻ سبب برابر فارسي چئون ٿا. مون فارسي ان ڪري چيو جو آءٌ ايرانين وٽ پڙهيس. هر جديد ايراني ڪتاب تي زبان لاءِ لفظ فارسي ڪم اچي ٿو. ايتري ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪهڙو ڪينو آهي؟ مون قادري صاحب کي پنهنجو دوست ڄاتو آهي. مون وٽ گهر به هڪ ٻه ڀيرا مهرباني ڪري آيو آهي. ان ماڻهوءَ لاءِ بقول فيض محمد شاهه مون وٽ ڪهڙو ”ٻيو جذبو“ هوندو، جنهن جو تنقيد ۾ ٻه ڀيرا ذڪر ڪيو ويو. تنقيد ڪرڻ ۾ هروڀرو ”ٻيو جذبو“ ڪونه ٿو ٿئي.

هن مسئلي لاءِ آءٌ وري گذارش ڪندس ته فارسي زبان لاءِ جيڪڏهن ڪي ماڻهو پراڻي نهج تي هلندي ”پارسي“ لفظ ڪم آڻين ته انهن کي پنهنجي حال تي ڇڏي سگهجي ٿو، باقي انهن جا حوالا ڏيئي جديد فارسي پڙهيل ڪنهن به شخص کي هيسائي نٿو سگهجي.

اڄ جي فارسي ان زبان کان مختلف آهي جيڪا ماضيءَ ۾ هئي. جڏهن هوٽل ۾ رهڻ کي قيام ڪرڻ چئبو هو. اڄ قيام ڪرڻ ڪنهن جي خلاف اُٿي کڙو ٿيڻ کي چئجي ٿو. ڌاڳي کي ريشو چئبو هو، اڄ نخ ٿو چئجي، عرض ته ان نموني مان سمجهڻ کپي ته جنهن شئي کي پارسي چوندا پئي آيا، ان کي اڄ ايران ۾ فارسي چئجي ٿو. اهل زبان کي ٻيو ڪير ڇا سيکاريندو؟

مون کي فارسيءَ جي سرٽيفڪيٽ ڪورس جو هنڌ هنڌ طعنو ڏنو ويو آهي، جديد فارسيءَ جا سڀ ڪتاب زبان کي فارسي سڏين ٿا. ڪراچي جا رهواسي ته ايراني مرڪز ۾ وڃي به اهو معلوم ڪري سگهن ٿا. منهنجي فارسي دانيءَ جي امتحان جي ضرورت آهي ته به آءٌ حاضر آهيان.

جن به سنڌ جي عالمن جي ڪتابن مان فيض محمد شاهه حوالا ڏنا آهن، انهن مان ڪوبه فارسيءَ جو عالم نه آهي. فقط سدارنگاڻي صاحب جي هن قديم زبان جي شاعرن جو تذڪرو لکيو آهي. سدارنگاڻيءَ لاءِ پي ايڇ. ڊي لکڻ به غلط آهي پي ايڇ. ڊي لکڻ کپي.

فيض محمد شاهه اهو به لکيو آهي ته مون ڪتاب بنان پڙهڻ جي تنقيد ڪئي آهي. هوڏانهن جنهن ماڻهوءَ کي چڪون ۽ خاص طور پروف جون چڪون ڪڍندڙ چيو ويو ۽ جنهن جي لاءِ ٻئي جذبي جو بهانو ڪري تنقيد ڪئي ويئي، تنهن جي ڪجهه پڙهيو به نه هجي ته پوءِ چڪون ڪهڙيون ڪڍندو؟

ڪافي وقت اڳي 1976ع ۾ جڏهن مڪتبه اسحاقيه ڪراچيءَ ڪلياڻ صاحب جي ايڊٽ ڪيل ”شاهه جي رسالي“ جو مجمل (مڪمل نه) ڇاپو ڪڍيو ته ريڊيو ڪراچيءَ تان اياز قادريءَ تبصرو ڪندي ان کي مڪمل رسالو ڄاتو هو. بنان پڙهڻ انهي کي چئبو آهي. مون بروقت ريڊيو وارن کي خط لکيو هو. اياز قادري ان جو ته مون کي داد ڏنو هو، پر پرپٺ مون کي چڪون ڪڍندڙ ۽ پروف ڏسندڙ سڏجي ته سڏڻ واري جي نيت. اديون رسالي ۾ ڪنهن ”فتح محمد خاموش“ منهنجي ٿيسز تي تنقيد ڪئي. مون اُهو فرضي نالو ڄاتو ان ڪري آءٌ به ”خاموش“ ٿي رهيس، نه ته الله جي مهربانيءَ سان ڪنهن به پنهنجي پهچ جي عنوان تي جواب ڏيڻ فرض ڄاڻان ٿو.

اياز قادري منهنجو دوست آهي ۽ جڏهن هن جي ڪتاب ۾ مون کي هڪ غير مناسب لفظ نظر آيو ته مون اها صلاح ڏني ته ”نوس نوس“ جو لفظ نقادن لاءِ ڪم نه آڻڻ گهرجي. ان اصلاح کي قبول ڪرڻ کپي ها.

گل ۽ قاسم لاءِ ڪنهن نئين بحث کولڻ جي ضرورت ڪونهي، نه وري آءٌ هتي اياز صاحب جي سڄي ڪتاب ”غزل جي اوسر“ جي باري ۾ ڪو ٻيو بحث شروع ڪرڻ ٿو گهران. علمي ڪتابن ۾ جتي مواد جي افراط ٿئي ٿي، اتي بحث جا موقعا به ٿين ٿا. مون ته هن ڪتاب تي خط لکي اياز صاحب کي داد ڏنو هو. جيڪڏهن پنهنجي ڪنهن مقالي ۾ هڪ لفظ لاءِ تجويز ڏنم ته ڪهڙو ڏوه ڪيم جو اياز صاحب جو هڪ پاڙيسري هيترو ناراض ٿئي؟ پر بقول سندس (فيض محمد شاهه جي) تنقيد جو حق آهي ته اهو مون مڃيو.

تنقيد جي آخر ۾ فيض محمد شاهه برادرم عبدالقادر جوڻيجي جي ڪتاب ”شڪليون“ مان منهنجي طبعيت جو اندازو لڳايو آهي. اهو هڪ خاڪو آهي. عبدالقادر منهنجو ڀاءُ آهي. جي هن پنهنجائپ کان خاڪي ۾ ڪجهه به لکيو ته اهو ڪنهن کي ڪيترو دليل طور ڪم ڏيندو؟ اها ته ملان جي پوتڙي واري ڳالهه ٿي جو اسين ان کي پنهنجي فائدي لاءِ ڪم آڻيندي چئون ته ادا اعتبار نه ڪجوس. اهو ڪنهن ٻئي جذبي هيٺ تنقيد ڪري ٿو.

فيض محمد شاهه آخر ۾ مون کي پروف پڙهڻ جو اشارو به ڪيو آهي، اها صلاح سنڌالاجيءَ کي ڏيڻ کپيس. جيڪڏهن آءٌ پروف ريڊر آهيان ته پاڻ ته پروف ريڊر به نه ٿي سگهندو.

آخر ۾ منهنجي گذارش آهي ته برابر سِنڌ سِنڌ آهي پر ايران وارن جي زبان فارسي آهي. انهن جي زبان کي سکڻو آهي ته ڪج بحثي نه ڪبي، نه عنوان جي ڪري ڪنهن جي محنت کي رد ڪرڻ لاءِ هڪ ٿيسز کي ٻئي جو تتبع چئبو. ائين شعرالعجم ۽ اياز صاحب جي ٿيسز ۾ ڪو رابطو قائم ڪري سگهبو ڇا؟

ذڪر ڪيل مضمون ۾ مون کي اهو به چئلينج ڏنو ويو آهي ته ڇا آءٌ اهو ٻڌائي سگهان ٿو ته آخوند گل جي ڏينهن ۾ ڪهڙا غزل جا شاعر هئا جن سان سندس دوستانا ناتا هئا؟ جواب ۾ اهڙا چئلينج نٿو ڏيئي سگهان پر ايترو عرض ڪندس ته سنڌي ادب سان دلچسپي رکندڙن کان اهڙيون ڳالهيون ڳجهيون نه هونديون آهن.

فارسيءَ لاءِ ايترو عرض ڪريان ته اڄ هن زبان کي فارسي چئجي ٿو ان لاءِ ڪنهن به ڪج بحثيءَ جي ضرورت نه آهي.

سنڌي ادب جي تاريخ جي روشنيءَ ۾:

”تذڪره شعراءِ سکر“

جو خصوصي مطالعو

سنڌي ادب جي تاريخ جو مطالعو ادب جي طالب علم لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو. مون پنهنجي تاليف سنڌي ادب جي مختصر تاريخ جي مقدمي ۾ ادبي تاريخ جي ماخذن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. هتي پس منظر طور ڪن اهم ماخذن جي ڳڻپ ڪري اصل موضوع تي ايندس.

سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ٻه ڪتاب اهم ماخذ رهيا آهن. هڪڙو پروفيسر لطيف الف بدويءَ جو ٽن بلدن تي آڌاريل ڪتاب ”تذڪره لطفي“ آهي ۽ ٻيو خانبهادر محمد صديق ميمڻ جو ڪتاب ”سنڌي ادب جي تاريخ“ ٻن جلدن تي مشتمل آهي. اُن پوءِ انگريزيءَ ۾ پروفيسر لال سنگ اجواڻيءَ ۽ پوپٽي هيراننداڻيءَ جا انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب به سنڌي ادب جي تاريخ بابت آهن ۽ هندوستان ۾ ڇپيا آهن. تذڪري جي عنوان سان به چند ڪتاب آهن، جن ۾ محمد بخش واصف جو ”تذڪرة الشعراء“، اسدالله حسينيءَ جو“ تذڪره شعراء ٽکڙ“، محمد سومار شيخ جو ”تذڪره شعراء بدين ۽ مطالعه تذڪره الشعراء سکر“ اهم آهن، جيڪو ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي تاليف آهي. ڊاڪٽر ميمڻ صاحب جي هن ڪتاب کي سنڌي ادب جي تاريخ جي روشنيءَ ۾ مطالعو ڪرڻ جي هن مقالي ۾ ڪوشش ڪئي اٿم.

تذڪري ۽ تاريخ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ ان فرق جو جائزو وٺبو ته فارسي ۽ اردوءَ جي معاملي ۾ تذڪرو پهرين اچي ٿو. تذڪري کي ليکڪن پنهنجي پسند جي شاعرن يا دستياب شعرن جي ذڪر سان سينگاريو. توري سوانح سان ۽ ٿوري ڪلام جي چونڊ سان ڪتاب تيار ڪيا ويا. اڪثر هڪ ٻن جملن ۾ ذاتي راءِ به ڏني ويئي. ڪن هم خيال، واقف ۽ دوست شاعرن کي وڌيڪ اهميت ڏني ويئي. هندستان ۾ فارسي ۽ اردوءَ ۾ شاعرن جا تذڪرا مرتب ڪيا ويا. جهانگير جي زماني ۾ عبدالنبي فخرالزمانيءَ انهن شاعرن جو تذڪرو مرتب ڪيو، جن ساقي ناما لکيا. سندس تذڪري جو نالو ”مي خانه“ آهي. غلام علي آزاد پنهنجي تذڪري جو نالو ”خزانه عامرة رکيو. اُن ۾ انهن شاعرن جو ذڪر ڪيو اٿس، جن کي قصيدن ۽ مدحن جو معاوضو مليو. هنن تذڪرن ۾ شاعر جي مختصر سوانح لقبن ۽ چونڊ ڪلام کان اڳتي قدم نه وڌايو ويو. فقط ڪٿي ڪٿي ڪو، رايو شامل ڪيو ويو. اهڙا ٻيا اهم تذڪرا دُرگا پرشاد نادم جو ”گلشن ناز“ فسيح الدين جو ”بهارستان ناز“ مير تقي مير جو ”نڪات الشعراء“، خوبچند ذڪا جو ”عيارالشعراءَ“ سعادت خان ناصر جو ”خوش معر ڪرزيبا“ ۽ علي لطف جو ”گلشن هند“ آهن. خواتين جي ڪلام بابت به ڪي تذڪرا آهن. فرينچ ۾ گار سان دناسي ”تاريخ ادبيات هندي و هندوستاني“ لکيو. بعد ۾ اردوءَ ۾ ادبي تاريخون رام بابو سڪسينه، حامد حسين قادري، 
محي الدين زور، نصير الدين هاشمي، جميل طالب ۽ ٻين لکيون. ايئن اردوءَ ۾ پهريون ڪتاب محمد حسين آزاد جو ”آب حيات“ آهي، جنهن ۾ تذڪري کان هڪ قدم اڳتي ادبي تاريخ طرف وڌايل آهي. ايران ۾ اي. جي برائون انگريزيءَ ۾، پرويز ڪانلريءَ ۽ ٻين ڪيترن محققن فارسيءَ ۾ تاريخ ادبيات مرتب ڪئي. فارسي ادب جي تاريخ اردوءَ ۾ ”شعر العجم“ جي عنوان سان مولانا شبلي نعمانيءَ ڇهن جلدن تي مشتمل لکي. هن ڪتاب جو فارسي ترجمو علي اصغر حڪمت ڪيو.

سنڌ ۾ جيڪي ابتدائي ادبي تذڪرا مرتب ٿيا سي خاص طور سنڌ جي فارسي شاعرن بابت آهن. انهن ۾ اهم مير علي شير قانع ٺٽويءَ جو ”مقالات الشعراء“ آهي. اُن جو تڪملو پوءِ مخدوم محمد ابراهيم خليل ٺٽوي لکيو. هي ٻئي ڪتاب پير صاحب حسام الدين راشدي ايڊٽ ڪري سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ڪيا.

سنڌيءَ ۾ شاعرن جي سوانح ۽ مختصر ڪلام جا ڪيترائي مجموعا آهن: انهن ۾ وڏي اهتمام سان مخدوم صاحب محمد زمان طالب الموليٰ جو ڪتاب ”ياد رفتگان“ ڇپيو. اهڙا مختصر سوانح ۽ انتخاب ڪلام وارا ڪتاب ۽ چونڊ ڪلام جي نالي سان ڇپيل ڪتاب ٻيا به آهن.

حقيقت ۾ ادبي تاريخ هڪ خاص موضوع آهي. اُن جي مقابلي ۾ تذڪرا پراڻا آهن. پر ان کان پوءِ واري دؤر يعني ويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ خاص طور ڪن ڪتابن کي تذڪرو سڏيو ويو. اُنهن ۾ پروفيسر لطف الله بدويءَ جو ”تذڪره لطيفي“ تفصيلي ۽ تجزياتي ڪتاب آهي. هن ۾ بدوي صاحب تذڪري جي پراڻي مفهوم کي ملحوظ خاطر نه رکيو آهي. بلڪ هن هڪ قدم اڳتي وڌائي، خود سندس دؤر کان پوءِ ايندڙ طريقي ادبي جائزي وانگر شاعرن جي ڪلام تي تفصيلي تبصرو ڪيو آهي.

هن مختصر تمهيد کان پوءِ اچو ته ڊاڪٽر ميمڻ جي ڪتاب ”تذڪره شعراء سکر“ جو جائزو وٺون. ڊاڪٽر ميمڻ (1932ع-1996ع) سنڌ جو هڪ ادبي جاکوڙي ۽ محقق ٿي گذريو آهي. هن سنڌي ادب، تاريخ، ثقافت ۽ دينيات تي قابل قدر ڪم ڪيو آهي. سندس بي شمار مقالا ۽ چاليهن کان مٿي ڪتاب شايع ٿيل آهن. زير بحث ڪتاب 1965ع ۾ سنڌي ادبي سوسائٽي اسلامي ڪاليج سکر شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر ميمڻ شاعرن جي مختصر سوانح ۽ ڪلام جو نمونو ڏنو آهي. هي تذڪرو دؤر وار لکيل آهي. مهاڳ کان پوءِ ڪتاب کي ٽن بابن ۾ ورهايو اٿس. ڪتاب جي رٿا جو بيان ”ابتدائي“ ۾ ڪري ٿو:

”هن شاعرن جي تذڪري کي فقط سنڌي شاعرن تائين محدود رکيو ويو آهي.(1)

اهڙي طرح تذڪري ۾ مقرر ڪيل حدن بابت لکي ٿو: ”هن خطي جون حدون هونئن ته وسيع رهنديون آهن، پر پوءِ ضلعي جي حدن ۾ محدود ٿي ويون. تذڪري کي به ضلعي تائين محدود رکيو ويو آهي.(2)

سکر جي اهميت جو به خاص طور ذڪر ڪري ٿو. اُن ۾ قديم شهر ۽ علمي مرڪز جو بيان به ڪري ٿو. هونئن پنهنجي سڄي ادبي سفر ۾ ميمڻ صاحب هندن جي حڪومت کي پسند نه ڪيو آهي. سنڌ ۾ ٿورو گهڻو جو ڏاهر يا محمد بن قاسم جي هيرو هجڻ وارو بحث هليو، اُن ۾ هو ظاهر ظهور محمد بن قاسم جو طرفدار هو. آءٌ سندس انهي روش کي هن ڪتاب جي ”ابتدائي“ ۾ ٻي طرح پيو ڏسان. هو لکي ٿو ته:“ سکر جي سر زمين کي قديم زماني کان وڏي اهميت حاصل رهي آهي. هن خطي جو قديم ترين شهر اروڙ هندو راڄ ۾ سڄي سنڌ جي راڄڌاني هئي.“ هونئن هي تاريخي حقيقت آهي ۽ مؤرخ اُن کان فرار حاصل ڪري نٿو سگهي. پر هتي ليکڪ سکر جي اهميت خاطر اُن ڳالهه کي به اهميت ڏني آهي، جنهن جو مخالف هو اڳ به پوءِ به رهيو.

خير هي هڪ جملو معترضو هو. هونئن ميمڻ صاحب جي هن ڪتاب ۾ ڪيل جاکوڙ قابل داد آهي ڪتاب جو مواد هن جن ذريعن مان حاصل ڪيو آهي اُن جو به ابتدائي ڪلمن ۾ ذڪر ڪيو اٿس.

پهريئن باب ۾ شروع کان وٺي ميرن جي دؤر تائين جي شاعرن جو ذڪر ڪيو اٿس. ابتدا ۾ سنڌ جي قديم شاعريءَ جو ذڪر ڪندي مختلف دؤرن ۽ شاعريءَ جي صنفن جو بيان ڪري ٿو. ٿورڙي تاريخي جائزي کان پوءِ قديم شاعر فاضل بکريءَ جو بيان ڪري ٿو، جيڪو مؤرخ مير معصوم بکريءَ جو ڀاءُ هو. اُن سلسلي ۾ ذخيرة الخوانين جو حوالو ڏي ٿو. جنهن موجب مير فاضل بکري سنڌي ڪافيءَ جو شاهر هو(1). مير فاضل کانپوءِ ميمڻ صاحب جيڪي قديم شاعر متعارف ڪرايا آهن. اُنهن ۾ هان فقير، ڀرپور شاهه، ڀارو ۽ حفيظ آهن. سندس لکڻ موجب هي شاعر شاهه عبداللطيف کان گهڻو اڳ ٿي گذريا آهن. اندازاً خلجي دؤر جا آهن(2) هان فقير ۽ ڀرپور شاهه جا بيت (هڪ هڪ ) يا ڳاهون ڏنيون ويون آهن. ڀارو ۽ حفيظ لاءِ ميمڻ صاحب جو خيال آهي ته هي ٻئي سگهڙ آهن(3). انهن جون ڳجهارتون به ڏنيون اٿس. هي چارئي شاعر ۽ سگهڙ ماڙيءَ جا آهن. ذڪر ۾ ڪالو فقير به اچي ٿو، جو حضرت غوث بهاءُ الدين ملتانيءَ جي درگاهه جو مريد هو. هن شاعر جو هڪ مولود ڏنو ويو آهي.

سنڌ جو مشهور شاعر قاضي قاضن (قادن) جنهن جا وڏا اصل ٺٽي ۽ سيوهڻ جا رهاڪو هئا. تنهنجو ميمڻ صاحب تفصيل سان ذڪر ڪري ٿو. هن شاعر جا ست بيت پهرين پهرين شاهه ڪريم جي ملفوظات ”بيان العارفين“ ۾ محفوظ رهيا ۽ سنڌي زبان جو پهريون تحرير ۾ هيٺ آيل ڪلام آهي. اُن کان پوءِ 1978ع ۾ ڀارت مان هيري ٺڪر سؤ کان وڌيڪ بيت هٿ ڪري شايع ڪيا. اُنهن تي ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ڊاڪٽر بلوچ ۽ ڊاڪٽر جوتواڻيءَ لکيو. پوين ٻن محققن قاضي قادن جي ڪلام جا تحقيق ڪيل ايڊيشن به شايع ڪيا. انهيءَ لحاظ سان قاضي قادن هاڻي هڪ وڏي شاعر جو درجو ماڻي ٿو.

ميمڻ صاحب ڪتاب جي پهرئين باب ۾ جن ٻين شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي، سي سنڌ جا ڄاتل سڃاتل شاعر ۽ بزرگ آهن. اُهي آهن پير محمد لکوي، عثمان احساني، شاهه خير الدين، خليل لاشاري، صابر موچي، روحل فقير، پير محمد راشد، سيد محمد بقا، سامي، صاحب ڏنو صاحب، محمد عارف صنعت، مراد فقير ۽ ڪرم الله هنن مان بيشتر کي پروفيسر بدوي ۽ ٻين ادبي تاريخ لکڻ وارن متعارف ڪرايو آهي. هتي ميمڻ صاحب موضوع جي مناسبت سان سڀني جو ٿورو احوال آندو آهي.

تذڪري جو ٻيو باب انگريزي جي دور کان شروع ٿئي ٿو. هن ۾ پهريون شاعر بيدل آهي. اُن کان پوءِ سکر جي شاعرن ۾ مشهور ۽ گمنام شاعرن جو احوال ۽ ڪلام ڏيئي ميمڻ صاحب هڪ علمي ڪم سرانجام ڏنو آهي. هن باب ۾ بيدل، بيڪس، نواب  شاهه، مفتون همايوني علي نواز علوي ۽ غلام علي مسرور کان وٺي نماڻي فقير تائين ڪل 114 شاعرن ۽ شاعرائن جو احوال ۽ نمونه ڪلام ڏنو آهي.

هنن ۾ اڪثر قادرالڪلام شاعر آهن. جئن بيدل، بيڪس ۽ مسرور ڪي عالم آهن، جئن دين محمد وفائي ۽ آغا تاج محمد وغيره. هن باب ۾ جن گمنام شاعرن جو بيان آهي. اُهي ادبي تاريخ ۾ نئون اضافو آهن اُن لاءِ محقق کي داد ڏيڻ کپي.

ٽيون باب ميمڻ صاحب زنده شاعرن لاءِ مخصوص رکيو آهي. اُنهن مان ڪي هاڻي وفات ڪري چڪا آهن. جهڙوڪ: مولائي شيدائي، شيخ اياز، شيخ راز ۽ لطف الله بدوي وغيره. هنن ۾ اڪثريت اُنهن شاعرن جي آهي جن سنڌي شاعريءَ جي روايتي انداز قائم رکيو آهي. اُنهن کان ميمڻ صاحب مطمئن آهي. هو اُن جو اظهار هيئن ڪري ٿو: ”قديم نوع تي شعر چوندڙ گهڻو ڪري ٻهراڙين ۾ آهن. جتي هينئر اڳ وارو چرچو ڪونهي، تڏهن به ’جر مان مڇي کٽڻي ناهي‘ جي مصداق ڪيترائي ذوق جا صاحب موجود آهن(1).“

هوڏانهن جديد شاعرن جي ترقي پسنديءَ تجربي لاءِ پنهنجي سوچ موجب هتي به تنقيد ڪري ٿو: ”ڪن شاعرن عروضي شاعريءَ تي بي ڍنگا تجربا ڪيا آهن. جهڙوڪ غزل ڇند وديا موجب چوڻ وغيره. جنهن ڪري غزل جو روح فنا ٿي ويو آهي. اهڙن ڪن نام نهاد ترقي پسند شاعرن جي عروضي شاعري ڦڪي ۽ ڪجسي آهي(2).“ خود هن حوالي ۾ هڪ سٽ ۾ ميمڻ صاحب چوي ٿو ته غزل کي ڇند ۾ لکن ٿا ته ٻي سٽ ۾ انهن ئي شاعرن جي عروضي شاعريءَ کي ڦڪي ۽ ڪجسي شاعري سڏي ٿو.

هاڻي شاعريءَ ۾ وزن جو اهو بحث ڪو وقتائتو بحث ڪونهي. رڳو هيءَ ڳالهه ڳڻجي ته اسان وٽ شاهه لطيف ۽ ٻدين شاعرن جو بيت مڃيل هو. وزن جي لحاظ کان توڙي مضمون جي لحاظ کان ته پوءِ اسان هڪ ڌاريون وزن عروض ڇو اختيار ڪيو. جڏهن اڪثر ترقي پسند شاعرن ڇند ۾ ڪجهه لکيو ته ڪهڙو قانون ٽُٽو؟ سنڌي ادب جا محقق ۽ طالب ڄاڻن ٿا ته شاعري وزن جي هڪڙي يا ٻئي نظام لاءِ مخصوص نه آهي. هاڻي ته پهرين آزاد نظم ۽ پوءِ نثري نظم وارو قدم به کڄي چڪو آهي.

بهرحال ميمڻ صاحب زنده شاعرن تي هي باب لکي پنهنجي ڪتاب کي مڪمل ڪيو آهي. هن باب ۾ ڪل 59 شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جن ۾ شيخ اياز، شيخ راز، بردو سنڌي، نياز همايوني، سڳن آهوجا ۽ بشير صورياڻي مشهور شاعر آهن. ڪن گمنام شاعرن جي داخلا به هن باب ۾ آهي. هن باب ۾ ميمڻ صاحب ترقي پسندي جي خلاف هجڻ ڪري شيخ اياز کي تنقيد جو نشانو بنايو آهي. هن جي هر ڳالهه غلط، دين ڌرم جي خلاف ۽ غير معياري آهي ته کيس ڪتاب ۾ شامل به نه ڪجي ها! پر ميمڻ صاحب، اياز کي فنڪار سڏي(1) پوءِ هر پهلوءَ تي تنقيد ڪئي آهي اُن جا مثال هي آهن:

”اُن کان پوءِ سنڌي ڪلام جو پهريون مجموعو ڀؤنرڀري آڪاس پاڪستان رائٽرس گلڊ ڇاپايو جنهن تي فحاشي، ڪرياني، وطن دشمني ۽ اسلامي دشمنيءَ جي الزم ۾ سرڪار طرفان بندش پئي(2).“

حقيقت ۾ معاملو پسند نا پسند جو هو. حيدرآباد ۽ سکر جي ڪن اديبن ۽ صحافين کي اياز پسند ڪونه هو. اڳتي هلي ميمڻ صاحب اياز تي، اُن جي لکيل هر صنف تي جا تنقيد ڪئي آهي، اُن جا اقتباس ڏيان ٿو، جنهن مان اهو نظر اچي ٿو ته ڀري ٻيڙيءَ ۾ واڻيو ڳرو آهي.

”اياز هڪ فنڪار آهي: پر هو جدت جي جذبي ۾ ليڪا لنگهي ويو آهي. هن تصوف ۽ ويدانت ۽ ٻين نظرين کي مروڙي سروڙي پيش ڪيو آهي(3).“

”قدم قدم تي جنسي بي راه رويءَ جو مظاهرو ڪندو ۽ مذهب سان دشمنيءَ جو اظهار ڪندو معلوم ٿئي ٿو.(4)

”ڪافي، وائي ۽ غزل جي صنفن ۾ هن اصلي روح ۽ صورت کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جنهن ۾ هو ناڪام ويو اهي. هن ڪافي ۽ وائيءَ کي علم عروض جي قالب ۾ آڻي ۽ غزل کي ڇند وديا موجب رکي، انهن صنفن سان وڏي بي انصافي ڪئي آهي.(5)

حقيقت ۾ اُهي الائي ڪهڙا نظريا هئا جن کي ميمڻ صاحب ”ٻيا نظريا“ سڏيو آهي! ٻيو جنسي بي راهه رويءَ جو جي تعين ڪجي ته سانگي ۽ ڪن ٻين غزل گو شاعرن جي ڪلام ۾ اهڙا مثال موجود آهن. انهن کي اسين ڏوهه ڇو ڪونه ٿا ڏيون؟ آخري اقتباس ۾ ميمڻ صاحب غزل کي ڇند ۽ وائي کي عروض ۾ لکڻ جو الزام هنيو آهي. اياز جي وائيءَ کي عروض ۾ لکيو ته ثواب چئبو جو عروض ڇند وانگر هندڪو نه پر مسلمانڪو وزن آهي. ڪافي ته اياز چئي نه آهي. وايون به پراڻي دور جون چند آهن. اياز جي وائيءَ جو پويون دؤر به ميمڻ صاحب ڏنو پر هي ڪتاب ان دور کان آڳاٽو آهي. شيخ اياز جي ڄمڻ جو سال به غلط لکيو ويو آهي جيڪو حقيقت ۾ 1923ع آهي.

ايئن نياز همايونيءَ تي به ميمڻ صاحب کي به ڪجهه اعتراض آهي. دوستيءَ سبب شيخ اياز کي هر طرح ساراهيو اٿس. بهرحال هنن چند ڳالهين جي باوجود هي ڪتاب سنڌي ادب جي تاريخ جي روشنيءَ ۾ سکر جي شاعرن جو هڪ اهم جائزو آهي. هن ڪتاب کي آءٌ خاص طور ناميارن شاعرن سان گڏ گمنام شاعرن کي متعارف ڪرائڻ سبب بدين جي محمد سومار شيخ جي لکيل ٽن جلدن ۾ قلمي ادبي تاريخ سان هم معيار سمجهان ٿو.

خدا ۽ طبع زاد خدا

جڏهن حڪيم نذير حسين حيدريءَ جو ڪتاب ”جمهوريت يا تماشو“ مون پڙهيو. اُن وقت آءٌ پنهنجي ادبي زندگيءَ جي ابتدائي سالن ۾ هوس ۽ ڪا ڳوڙهي ڳالهه سمجهه ۾ گهٽ ايندي هئي. هن ننڍڙي ڪتاب مان اهو معلوم ٿيو ته لکڻ وارو گهري سوچ وارو هو. کيس لفظن تي پورو عبور حاصل هو ۽ معنيٰ ۽ مطلب کي مڪمل طور واضح ڪرڻ جو فن ڄاتائين ٿي. مون کي ياد آهي ته اندازاً 52-1953ع ۽ اُن کان پوءِ مسلسل هن پر اثر شخصيت سان ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون. مون ان وقت ئي ڄاتو ته حڪيم نذير حسين حيدري هڪ مذهبي اسڪالر ۽ سچو پچو سياسي رهبر هو.

1954ع کان بدين ۾ هڪڙو ننڍڙو ادبي گروپ نظر اچڻ لڳو هو ۽ ادبي محفلون گهڻو ڪري گورمينٽ سنڌي اسڪول بدين ۾ شام جي وقت ٿينديون هيون، جتي محمد سومار شيخ ماستر هو. اُنهن مخفلن ۾ محمد سومار شيخ، شمشير الحيدري، فرمان جعفري ۽ آءٌ شريڪ ٿيندا هئاسين. مضمون، افسانا ۽ شعر پڙهيا ويندا هئا ۽ گهڻو ڪري هڪ ٻئي کي داد ئي ڏبو هو. اُن وقت پنهنجي ذات کان ٻاهر نهاريوسين ته نذير حيدري صاحب اسان کان علم عقل ۾ قد ڪاٺ ۾ گهڻو مٿي ۽ اوچو اُتاهون نظر ايندو هو. اُنهن ئي سالن دوران يعني 1952ع کان 1956ع تائين محمد سومار جو ڪتاب آڌي رات شايع ٿيو. شمشير جا ڪاروان ڪربلا ۽ انسان ڪامل شايع ٿيا. منهنجي افسانن ۽ بيتن جو گڏيل مجموعو سوکڙي ڇپيو ۽ اُن ڏهاڪي ۾ مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ جو غلغو به جاري هو.

نذير حسين حيدري جڏهن ڀٽي صاحب جي پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو ته اسان ڏٺو ته هن جي عمل جو ميدان ته هي آهي. هن شعله نوا مقرر جون تقريرون لاڙ پٽ ۾ هڪ منفرد آواز هو ۽ نهايت بلند ۽ اثرائتو آواز هو. هوڏانهن نذير حسين هڪ مذهبي اسڪالر طور مشهور ۽ مقبول هو ته هيڏانهن هن جو سياسي قد به بلند هو. سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جو جائزو ايم. اي سنڌيءَ جي مونوگراف ۾ هڪ شاگرد احمد خان باگراڻيءَ ورتو آهي. هيءُ مونوگراف 1980ع ۾ سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. شاگرد پرائيوٽ هو اُن ڪري ڪي ڳالهيون ۽ مونوگراف جو معيار مون کي پسند ڪونه هو. پر بدين جو هجڻ ڪري مون کي هي ڪئپسول ڳڙڪائڻو پيو.

بهرحال هن مونوگراف ۾ احمد خان باگراڻيءَ حيدري صاحب جي سوانح سان گڏ علمي ادبي خدمتن ۽ سياسي سماجي ڪردار جو جائزو پيش ڪيو آهي.

آءٌ جنهن ننڍڙي مضمون ۾ موصوف جي خدمتن جو مڪمل جائزو پيش ڪرڻ کان قاصر آهيان. البت سندس سوچ جي انهيءَ پهلوءَ جو اشارو ڪندس ته نذير حسين حيدري توهم پرستيءَ ۽ غلط سوچ خلاف لکيو ۽ آواز بلند ڪيو. هن سلسلي ۾ سندس ٻيون تحريرون به آهن ۽ اعلان حق اخبار به آهي. آءٌ ته سندس ڪتاب ”خدا ۽ طبع زاد خدا“ بابت چند حوالا پيش ڪريان ٿو. هيءُ ڪتاب 1981ع ۾ سنڌي ساهت سال جي حوالي سان ڊاڪٽر نذير حسين حيدري اڪيڊميءَ شايع ڪيو آهي. 114 صفحن جي هن ڪتاب ۾ وضاحت سان غلط سوچ ۽ وحدانيت بابت اجاين ڳالهين جو رد پيش ڪيل آهي. اڪيڊميءَ جي سيڪريٽري جناب افضل جعفريءَ، نذير حسين حيدريءَ جي مذهبي اسڪالر واري حيثيت جو ذڪر ڪندي لکيو ته هن جي سڄي زندگيءَ ۾ وحدانيت هڪ دلچسپ موضوع رهيو آهي. جنهن تي مضمون، مقالا لکندو ۽ تقريرون ڪندو رهيو هو. اُنهن کي هن ڪتاب ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي.

ديني لٽريچر ۾ هي موضوع بنيادي نوعيت جو آهي. خدا جي وجود بابت مڃيندڙن ۽ نه مڃيندڙن گهڻو ڪجهه چيو ۽ لکيو آهي. نذير حسين حيدري مغربي اثرات ۽ دهرين جي وضاحتن کي هن ڪتاب ۾ رد ڪيو آهي.

حيدري صاحب لکي ٿو ته پاڻ يارهن سالن جو هو، اُن وقت کان وٺي منجهس مذهبي تفتيش ڪرڻ جي جستجو پيدا ٿي. مسلسل مشاهدي ۽ مطالعي هن جي ذهن کي پختو ڪيو. اصل حقيقت معلوم ڪرڻ ۽ مذاهب عالم جو گهرو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ نذير حسين حيدري هن نتيجي تي پهتو ته خدا جي باري ۾ شڪ شبها ۽ غلط اندازا، غلط سوچون مفاد پرستيءَ جو ڪرشمو آهن ۽ هي سڄي ڪارستاني انهن ذهنن جي آهي جن پنهنجي فائدي لاءِ طبع زاد خدا ٺاهي ورتو ۽ خدا بابت، توحيد بابت غلط خيال ڪچن ذهنن تي وهاريا ويا. مسلمانن ۾ غلط سوچون سرايت ڪري ويون. ننڍين ڳالهين تان وڏا تفرقا پيدا ٿيا. غلط عقيدن بابت ڊاڪٽر حيدري فرمائي ٿو: ”انهي غلط عقيدي جو هي نتيجو نڪتو آهي جو باوجود ذات الاهيءَ جي واحد واحد صاحب خير و نيڪي مڃڻ جي لاءِ به اسان اُن لاءِ هر قسم جون بريون صفتون وضع ڪري سندس ذات سان چسپان ڪري ڇڏيون.

ڪتاب جي ڪل سورهن بابن ۾ مصنف مثالن سان پنهنجو نقطه نظر واضح ڪيو آهي ۽ خوب واضح ڪيو آهي. هي ڪتاب به مڪمل بي باڪيءَ سان لکيو اٿس.

نورِ توحيد

جائزو:

ڏيپلائي هڪ نظرياتي اديب هو. هو شروع کان پنهنجن نظرين سان سچو ۽ پابند هو. ڪڏهن به ڪنهن دٻاءَ ۾ اچي پنهنجي جاءِ تان نه هٽيو، نه جهڪيو، نه حڪومت جي پاليسين تي هليو. شروع ۾ وڏيرن وٽ خانگي ملازمت دؤران انهن جي ذهنيت کان واقف ٿيو. اهڙي طرح پيرن جي پرڪارن کان به واقف ٿيو. غير مسلمانن جي سوچ کان جئن ئي خبردار ٿيو تئن اُنهن جي خلاف به جهاد شروع ڪيائين.

ڏيپلائي هڪ مرد مجاهد هو. هن جو قلمي جهاد آخري لمحن تائين جاري رهيو. تقسيم کان اڳ هن جون تحريرون سندس اسلامي جذبي جو مظهر آهن. اُن سان گڏ توهم پرستي ۽ پير پرستيءَ سان سندس جنگ ڪنهن سان لڪل آهي؟ ڏيپلائي صاحب ڏٺو ته هندوئن جو انتها پسند طبقو پئمفلٽن ۽ اخبارن ذريعي مسلمانن جي دل آزاري ڪري ٿو. تنهن کان سواءِ مسلمانن ۾ تعليم جي ڪميءَ سبب ٽوڪ بازي ڪئي ٿي وڃي ته هن جو اسلامي جذبو بيدار ٿيو ۽ مقصديت سان سندس تحريرون سامهون آيون. ان باري ۾ سندس ڪتاب ”ڏاهري رنگ محل“ شايع ٿيو. والد صاحب وٽ ڏيپلائيءَ جا سڀ ڪتاب ايندا هئا اُنهن ۾ هي ڪتاب به هو. مون اندازاً 1952ع ۾ پڙهيو. توهم پرستي ۽ پير پرستيءَ خلاف جيڪو سلسلو هليو اُن مفاد پرست ٽولي جي گهر ۾ گهوٽالو وجهي ڇڏيو. ايئن چوڻ کپي ته صف ماتم وڇائجي ويئي.

”ڏاهري رنگ محل“ انهي مقصد سان لکيو ويو هو ته ڏيکارجي ته هندو سياست جا رنگ ڪهڙا هئا. پنهنجن رنگ رلين کي راجا جي قومي پرستيءَ ۽ شجاعت جي دبيز پردن ۾ لڪايو ويو هو. وقت بدليو تقسيم کان پوءِ سنڌين سان ٿيل ٻه اکيائيءَ کي ڏيپلائي صاحب برداشت ڪري نه سگهيو ۽ مسلمانن جي منافقت جو به پردو فاش ڪرڻ لڳو. انهن تحريرن ۾ سندس ڪتاب ڏاهر نشانبر ٿيو. سندس خيال مفاد پرستن کي پسند ڪونه آيا ۽ ڏيپلائيءَ جي خلاف ڪات ڪهاڙا کنيا ويا. ڏاهري رنگ محل کانپوءِ ٻيا ڪتاب به ضبط ٿيا. امڙ به ضبط ٿيو. هي سنڌي ترجمو هو. اردو ترجمو بحال رهيو.

جئن شروع ۾ عرض ڪيو ته تقسيم کان اڳ ڏيپلائي اسلام پسند ليکڪ هو ۽ تقسيم کان پوءِ وارين حالتن کيس قوم پرست ترقي پسند ليکڪ بنائي ڇڏيو. اڄوڪي گفتگو ڏيپلائيءَ جي ڪتاب نور توحيد بابت آهي جنهن جا مختلف حصا مختلف نالن سان 1940ع کان وٺي 1948ع تائين شايع ٿيندا رهيا. هاڻي 2001ع ۾ هن ڪتاب کي حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي سيرت ۽ اسلام جي اُڀار تي لکيل ناول يڪجا ڪري شايع ڪيو ويو آهي. ڇو جو هي ڪتاب سيرت نبي جي پس منظر ۾ لکيل آهي ۽ واقعات سان دؤر جي حالات تي لکڻ سان گڏ پنهنجي نظرين جي دل کولي تبليغ به ڪيل آهي. مسلمان پاڻ ۾ نبرد آزما آهن. ڏيپلائي صاحب انتساب ڪندي اُميد ظاهر ڪئي آهي ته: ”ارباب حاجي الهه جڙئي جي نيڪ ڪوشش سان ٿر ۾ نياڻين کي مارڻ جي از حد گندي رسم نابود ٿي ويئي آهي.“ ان ۾ عجب اهو آهي ته هي به عرب جي دور جاهليت وانگر نياڻين کي جيئري دفن ڪرڻ جي ڪا رسم هئي ڪي مفرور ۽ مفاد پرست ماڻهو انفرادي طور ههڙو ڪڌو ڪم ڪندا رهيا ۽ هاڻي به ڪونه ٿا مڙن!!

ٻي ڳالهه شرڪ ۽ قبر پرستيءَ جو بسترو گول ٿيڻ جي ڪئي اٿس. اهو به مُوَحِدن جي ڪوششن سبب ڪٿي ٿيو هجي ته ممڪن آهي. آءٌ جيڪي ڏسان پيو سو هي آهي ته قبر پرستيءَ کي سڀ مفاد پرست ٽولا هٿي ڏيڻ ۾ اڳي کان اڳرا آهن ۽ توهم پرست خلق درگاهن تي اونڌي ڪنڌ پئي ٻاڏائي.

هن ناول جي شروعات هڪ نياڻيءَ کي جيئري دفن ڪرڻ جي واقعي کان ٿي آهي ۽ خاتمو حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي دؤر ۽ خدا جي حڪم مڃڻ لاءِ خلق کي تلقين ڪرڻ ۽ ڪاميابي ماڻن سان ٿئي ٿي. ڏيپلائي صاحب اختتام جي قريب اسلام جي بول بالا ٿيڻ تي خوشيءَ ۽ اطمينان جو اظهار ڪري ٿو. اها ڳالهه به فطري آهي جو مصنف کي ڪتاب ختم ڪرڻ تي اطمينان حاصل ٿيندو آهي. ڏيپلائي صاحب نهايت محتاط به رهيو آهي جو ڪتاب جي ڪهاڻيءَ جو تاڃي پيٽو حضور صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي پاڪ سيرت سان گڏ اُڻيل آهي. کيس ڊو رهيو ته ڪا بي ادبي نه ٿي وڃي.

بهرحال هيءَ هڪ ڪامياب ڪوشش آهي. هي ڪتاب اُن جذبي جو ثمر آهي، جيڪو ڏيپلائيءَ صاحب پاليو، تاتيو ۽ وڏو ڪيو. عملي ۽ تحريري صورت ۾ موجود ڪيائين. بلاشبه هو هڪ وڏو اديب ۽ پُر مقصد تحرير جو مالڪ آهي.

سندس فرزند محمد عليءَ جو اهو لکڻ صحيح نه آهي ته ڏيپلائي صاحب جا پهرين اردوءَ ۾ ترجما ٿيا. هڪ ته پهرين واري ڳالهه ڪو مضبوط دليل يا فخر جهڙي ڳالهه نه آهي ٻيو ته اُن جو جواب هي آهي ته نجفيءَ جو ڪتاب سنڌي شاعريءَ جي تاريخ گهڻو اڳ اردوءَ ۾ بهاولپور مان ڇپيو. ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جو ايڊٽ ڪيل ڪتاب تاريخ معصومي فارسيءَ تعليقات ۽ توضيحات سان سنڌ کان ٻاهر ڇپيو. جنهن جو داد مولانا ابوالڪلام آزاد ڏنو. مير علي نواز ناز جو اردو ڪلام ۽ ڪيترا ٻيا ڪتاب نولڪشور لکنوءَ ۾ ڇپيا ۽ گذريل پنجاهه سالن ۾ ڪيترا سنڌي ڪتاب اردوءَ ۾ ترجمو ٿيا آهن. هاڻي اُنهن بابت هڪ پي ايڇ. ڊي ٿيسز لکجي چڪي آهي.

هن قسم جي ڳالهين ۾ هڪ ڳالهه سنڌيڪا جي سرواڻ به لکي آهي ته ”ستر واري ڏهاڪي ۾ ٻاهرين نقل پرستي جي غلبي“ نقصان پهچايو آهي! خبر ناهي ته اها ڪهڙي نقل پرستي هئي؟ نشاندهي نه ڪئي ويئي آهي! مخصوص ڏهن سالن ۾ هي ٿيو. شعر ۾ افساني ۾ ناول ۾ يا ڪنهن ٻي صنف ۾ ٿيو؟ ڏيپلائي صاحب خود موجود هو!! اشارو مبهم آهي. واضح طور چوڻ کپي.

نور توحيد ته خود ڳالهائي پيو وضاحت جي ضرورت ڪونهي. هي هڪ ڪامياب ناول آهي. سنڌي ناول جي تاريخ ۾ اهم مقام رکي ٿو. سنڌيءَ ۾ ناول ٿورا آهن. اُنهن جي ٽيڪنڪ، زبان ۽ بيان بابت اڳ به ڪا سختي نه ڪئي وئي آهي. ڀارت ۾ نسبتاً وڌيڪ ناول لکيا ويا آهن. اُهي سماج جي وچولي طبقي ۽ ريتن رسمن جي پس منظر ۾ لکيل آهن. تاريخي ناول ڀارت ۾ گهٽ لکيل آهن. ٿورا عشقيه ناول به آهن. سنڌ ۾ البت ڪجهه تاريخي ناول به آهن. اُنهن ۾ ڏيپلائي صاحب جو نالو اهم آهي. خليق مورائيءَ جو ”سندري“ هڪ اهم ناول آهي.

نور توحيد وقفي سان لکيو ويو پر واقعات جي تسلسل رکڻ ۾ ڏيپلائي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هيئن ديده زيب ڪتاب ڇپائڻ لاءِ اداري سنڌيڪا ۽ محمد علي ڏيپلائي کي جس هجي.

مصيبت ماريا، سائينءَ سناريا

حقيقت ۾ هي عنوان مرزا قليچ بيگ جي هڪ ترجمو ڪيل ناول جو آهي. هيءُ ناول اصل وڪٽر هيوگو جو فرينچ زبان ۾ لکيل آهي. هت سچل سرمست جي حوالي سان هن ڳالهه جي اپٽار ڇو؟ گذارش آهي ته سچل چيئر جي مخزن آشڪار 5 ۾ جناب امداد حسينيءَ جو هڪ مضمون ڇپيو آهي. اُن جو عنوان آهي. ”سچل سرمست ۽ سائين سنواريا“. هن ۾ ڪنهن طبقي ”سائينءَ سنواريا“ تي ڇوهه ڇنڊيل آهي ۽ هي هڪ مضمون آهي، مقالو ناهي! مرزا قليچ بيگ ٻن بجاءِ چار لفظ ڪم آندا آهن، پر آهن اُهي به هڪ ئي طبقي بابت اُهي ته جيڪي آهن سي آهن، پر امداد حسينيءَ وارا سائينءَ سنواريا ڪير آهن؟ اُنهن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪبي. عرض ڪريان ته آءٌ ههڙن سنجيده موقعن تي ههڙا مضمون پيش ڪرڻ جو عادي نه آهيان. پر مجبور ٿي مضمون جو جواب مضمون ۾ ڏيڻ ٿو چاهيان.

سچل سائين جي باري ۾ اسان جي محققن ۽ ڪلام جي مرتبن کي پير حسام الدين راشديءَ 80 ۽ 1981ع ۾ سچل ڪانفرنسن جي صدارتي تقريرن ۾ واضح لفظن ۽ پنهنجي طرز ۾ تنبيهون ڪيون آهن. جيڪي سرمست ۾ ڇپيون آهن. هوڏانهن سچل سائينءَ جو عاشق صادق، علي اڪبر درازي سچل سائينءَ جي شاعرانه ڪمال کي نه سمجهندڙن کي ڪجهه پيار ۽ ڪجهه للڪار سان سمجهائيندو رهيو. پير صاحب ته سنڌ جي تاريخ جي ماخذن ۽ اهم ڪتابن جي تحقيق ۽ تاليف ۾ پاڻ موکيو ۽ دنيا کان داد حاصل ڪيو. درازي صاحب سچل سائين جي فارسي مثنوين جو متن ۽ ترجمو شايع ڪيو. امداد حسينيءَ ڇا ڪيو! شاعري اُن جو کيس داد مليو. هن پاڻ شاهه، سچل، سامي ۽ ٻين ڪلاسيڪي شاعرن کي ڪهڙا موڙ ٻڌرايا آهن، جو بنا ڪنهن سائينءَ سنوارئي جو نالو وٺڻ جي فائرنگ شروع ڪري ڇڏي اٿس.

خاص طور جڏهن آشڪار جي مرتب جناب الطاف اثيم مهاڳ بعنوان ”پني ۾ پيغام“ ۾ پڙهندڙن کي دعوت ڏني آهي اُميد ڪئي آهي ته پڙهندڙن آشڪار ۾ آيل مواد پڙهڻ سان گڏ پرکڻ جو به سعيو ڪندا.

اهو پڙهي منهنجي به همت وڌي. آءٌ ناراض ڪنهن کي به نٿو ڪرڻ گهران. نه مرتب کي نه ليکڪ کي عجب جي ڳالهه آهي ته جناب امداد حسيني لاڙ جو رهاڪو هوندي اڪثر اُتر جو محاورو لکي ۽ ڳالهائي ٿو. ”آءٌ“ بجاءِ ”مان“ پسند ڪري ٿو. لاڙ ۾ ”ڇڙو“ وانڍي يا نه پرڻيل ۽ اڪيلو رهندڙ کي چئبو آهي. اُتر ۾ ”ڇڙو“ فقط ۽ ”رڳو“ جي معنيٰ ۾ ڪم اچي ٿو. اُتر يا لاڙ ٻولي ته سنڌي ئي آهي، پر امداد حسيني هندي بلڪ سنسڪرت جا لفظ شوق سان ڪم آڻيندو آهي. ان جو سبب کيس ئي معلوم هوندو. هوءُ وشيه (موضوع) کيتر (ميدان) ۽ پرمپرائون (ريتون رواج) جهڙا لفظ ڪم آڻڻ ۾ به فخر محسوس ٿو ڪري. هن مضمون ۾ به ٻن لفظن منهنجو ڌيان ڇڪايو آهي. اُهي آهن اتهاسڪار (مؤرخ) پرائسچت (ڪفارو). آءٌ گذارش ڪندس ته هي نئون رواج ۽ نئون فئشن ٿيندو جي سنڌي رواج ۽ نئون فئشن ٿيندو جي سنڌي ماڻهن اهڙا لفظ قبول ڪيا. آءٌ جي هڪڙو لفظ آئيندي ڪم آڻڻ لاءِ تجويز ڪريا ته اُهو وشليشڻ يا ڪو ٻيو لفظ هوندو. آءٌ ته ديوناگري لپي ۽ اُن جي مدد سان هندي ۽ سنسڪرت سکيو آهيان. ڪتابن، ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تان به مدد ورتي اٿم. پر سنسڪرت جا اوپرا لفظ ڪم آڻن مناسب نٿو سمجهان مناسب ۽ ضرورت جا لفظ ته زنده زبانن ۾ ايندا آهن، پر پُر معنيٰ ۽ اڳ موجود لفظ هجن ته رعب وهارڻ لاءِ ڪنهن به زبان جا ڏکيا ۽ ڌاريان لفظ هروڀرو پنهنجي زبان ۾ ٽنبڻ سان ڪو فائدو ڪونهي.

امداد حسينيءَ جي خيال ۾ شاهه، سچل ۽ سامي ”ڇڙا“ ڪلاسيڪل شاعرن جي ٽه مورتي نه آهن بلڪ اتهاس ڪار آهن. انهن ي مستقل ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي (ص 33). جواب ۾ گذارش آهي ته اوهين ڪريو! بقول اوهان جي ته سائينءَ سنوارين ۾ لڇڻ ڪونهي. شاهه ۽ سچل ته بقول اوهان جي تاريخ نويس آهن، پر ساميءَ جي ڪلام ۾ ڪهڙي تاريخ آهي؟ بيشڪ شاهه ۽ سچل جي رسالن ۾ اسم خاص ۽ ماڳ مڪانن جا نالا، توڙي تاريخ جاگرافيءَ جا اهڃاڻ آهن. ساميءَ لاءِ اوهين ثابت ڪريو ته هو اتهاس ڪار آهي؟

تاريخ ته اهم آهي، پر ٻوليءَ جي بگاڙ کان به بچڻ کپي. جئن مون مٿي عرض ڪيو ته سنسڪرت ۽ هنديءَ جا لفظ هروڀرو ٽنبڻ سان ٻوليءَ جو فائدو نه ٿيندو.

امداد صاحب جو هيٺين لفظن کي سنڌيءَ ۾ داخل ڪرڻ بابت ڪهڙو خيال آهي: پِرتِي بڌتا، وشليشڻ، پَري ڀاشا، وَڪِتَ وِيهَ، پِرَدُوشڻ، ۽ پرينام وغيره! ڇا هو گدلاڻ بجاءِ پِرَدوشڻ ڪم آڻڻ پسند ڪندو؟ اڪثر ماڻهن کي هن انداز ۾ عربي فارسي لفظ سنڌيءَ ۾ ٽنبڻ جو به مرض لاحق رهيو آهي!! اُها به ڪا سٺي ڳالهه نه آهي. هاڻي اچون امداد جي سچل بابت رويي تي.

صفحي 37 تي آخري پئرا ۾ پهرين امداد سائين سنوارين کي شاهه کان پوءِ اياز يا اُستاد بخاريءَ يا اڃان ڪنهن ٻئي جي مٿي تي ٻئي نمبر شاعر واري پڳ جي ڳالهه ڪندي وري ٻي اچرج ۾ پوي ٿو. پڳ واري ڳالهه ته سچ به هلڪڙائپ واري آهي. آءٌ اهڙيون پڳون تيار ڪرڻ ۽ نمبر هڪ نمبر ٻه چوڻ واري رويي جي خلاف آهيان. امداد صاحب پنجاب وارن کي داد ڏي ٿو ۽ چوي ٿو: ”اها ڪيڏي نه اچرج جي ڳالهه آهي ته سچل سائينءَ کي پنجاب وارا ته پنجابيءَ (سرائڪيءَ) جو وڏو شاعر مڃين ٿا، پر سچل جا پنهنجا سچل کي سنڌ جو وڏو شاعر مڃڻ کان منڪر آهن. (ص 37).

پهرين ته اهي پنجاب وارا ڪير آهن؟ بقول امداد صاحب جي ته اُهي پنجابيءَ (يا سرائڪيءَ) جو مطلب سچل سميت خواجه فريد ۽ ٻين شاعرن کي پنجابيءَ جي کاتي ۾ داخل ڪن. اهو نه اسان کي قبول آهي نه ملتان بهاولپور وارن کي قبول آهي. ان ڳالهه جو جواب ڊاڪٽر شهباز ملڪ کي مون پنهنجي ڪتاب ”سرائڪي شاعري هڪ مطالعو“ ۾ سنڌي توڙي اردو ايڊيشن ۾ ڏنو آهي. هن ”پنجابي ڪتابيات“ ۾ سچل ۽ ٻين سنڌ جي شاعرن جي مجموعن کي پنجابي ڪتابيات ۾ داخل ڪيو هو. ڪيفي جام پوريءَ به کيس ۽ پنجابيءَ جي ٻين خير خواهن کي اهڙو جواب ڏنو آهي. وڏو شاعر ته سچل سائين آهي. سنڌي، سرائڪي، فارسيءَ ۾ توڙي اردوءَ ۾ سندس ڪلام اهڙي ساک ڀري ٿو. امداد صاحب ڪنهن جي حوالي سان اهڙي ڳالهه ڪري ٿو؟ آخر به آشڪار بقول ايڊيٽر جي هڪ تحقيقي جرنل آهي! پڳ وارن سان سنڌ جا محقق ۽ سچل جا پرستار متفق نه آهن. امداد صاحب فقط ڪاوڙ مان هي رمارڪ ڏي ٿو.

اڃان اڳتي هلو ته امداد صاحب سائينءَ سنوارين کي وڌيڪ گهٽ وڌ ڳالهائڻ ۽ گٿا لفظ ڪم آڻڻ خاطر لکي ٿو: ”هتي اهو به چئي سگهجي ٿو ته نيٺ به انهن سائين سنارين جي اهڙيءَ هوڙيائپ، اُڇاترائپ ۽ ادبي ملائپ واريءَ فتوا جي اهميت ئي ڪهڙي آهي؟ ته اُن جي ورندي رڳو ٽن لفظن جي آهي ته: ٽڪو به نه! (ص 38)

خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته امداد صاحب خود سائينءَ سنارين کي ٽي عدد گاريون ڏيئي جواب به ٽن لفظن ۾ خود ڏنو! تنهن سان گڏ فتويٰ جي سنڌي صورت به (فتوا) ٺاهي ڇڏي. رڳو اعتراض پيو ڪري کيس خود ڪو رستو نٿو لڀي! آخر سائينءَ سنواريا ڪير آهن؟ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کان وٺي ادبي ملن شاهه تي ڪم ڪيو آهي. ڪوڙيمل، ڏيارام گدو مل ۽ ناگراڻيءَ کان وٺي ڪلياڻ آڏواڻي ۽ سنديلي تائين ساميءَ تي ادبي ملن ڪم ڪيو آهي. ايئن سچل تي علي قليچ بيگ کان وٺي عثمان علي انصاريءَ، مولانا محمد صادق، عطا محمد حامي، علي اڪبر درازيءَ کان وٺي موجوده دؤر جي محققن لکيو آهي. اهي سڀ اُڇاترا ۽ ادبي ملا آهن ته امداد صاحب هن کان اڳ ۽ هن مضمون ۾ ڪهڙو ادبي مجاهد وارو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي؟ ڇا هو هنن گارين واري تمهيد کان پوءِ هنن ٽن وڏن شاعرن تي ڪي مختلف مجاهدانه مقالا لکندو؟

آءٌ کيس عرض ڪريان ته هي سڀ سندس ذهن جي پيداوار آهي. بقول سندس ڪي عوامل (ص39) ڪونه آهن ۽ ادبي ملائپ جو ڀوت هروڀرو مٿس سوار ٿي ويو آهي، بلڪ ايئن جئن ملن جي ذهن تي ترقي پسنديءَ جو ڀوت سوار ٿيندو آهي. جي چڱن ڀلن کي شاهه، سچل ۽ ساميءَ جو بيت به پڙهڻ نٿو اچي (39) ته اُهي به ادبي ملا هوندا.

مضمون جي آخر ۾ امداد صاحب وري به ٽمورتيءَ جو بحث ڇيڙي ٿو ۽ بيدل ۽ خواجه محمد زمان لنواريءَ واري، حمل، روحل ۽ ٻين شاعرن جي اهميت جو ذڪر ڪري ٿو. اُن کان انڪار ڪير ڪري ٿو! پاڻ خواجه محمد زمان کي مخدوم محمد زمان لکي ٿو (41) ته سندس سبق جي پڪي هئڻ جي ڳالهه پڌري ٿي پوي ٿي.

امداد صاحب اهو به لکي ٿو ته: ”سنڌي ادب ۾ شاهه، سچل ۽ سامي هڪ اهڙي تثليث آهي، هڪ اهڙي ٽمورتي آهي، ٽه پاسو مشاهدو آهي جنهن ۾ سنڌي تهذيب ۽ سنڌي قوم جي تمدني بنياد جو روح ۽ نچوڙ نظر اچي ٿو (ص 43).“

پاڻ ٻڌائي سگهندو ته ساميءَ جي سلوڪن ۾ ڪهڙي سنڌ جي تهذيب ۽ سنڌي قوم جي تمدني بنياد جو روح ۽ نچوڙ نظر اچي ٿو؟! ساميءَ وٽ اول ۽ آخر ڌرمي معاملو آهي. ويدانت جو نچوڙ آهي. امداد صاحب کي صلاح آهي ته ساميءَ کي پڙهي پوءِ ادبي مجاهد جو ڪردار ادا ڪري. اسان جا شاعر ايتري سٿري وٿ ڪونه آهن جن کي خود رٽائر ٿيڻ ڪري نشانو بنائجي.

ادبي ملن جي ڪيل ڪم، ايڊيٽنگ، معنائن وغيره کي ڇڏيو پاڻ ڪجهه لکيو. اوهان جن شعرن جا حوالا ڏنا آهن، ادبي ملان به اهو ڪم ڪندا آيا آهن. اوهين شاهه، سچل ۽ ساميءَ جا اُهي حوالا ڏيو جن مان اوهين مجاهد، جدت پسند ۽ نرالا لڳو. ڊاڪٽر بلوچ جو ڏهن جلدن وارو شاهه جو رسالو جي ملائپ جو نمونو آهي ته خود ڪاوش ڪريو!

ناگراڻيءَ جهڙو ساميءَ تي ڪم ڪريو پوءِ ٻين کي اُڇاترو سڏيو!!

ڊاڪٽر سنديلي جي سچل لغات کي چئلينج ڪريو ته خبر پوي!!! ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ۽ بلوچ جهڙو ڪم ڪريو پوءِ ٻين کي اُڇاترو سڏيو!! 

خواب ۽ تعبير

هڪڙا ماڻهو خوبن جي نوعيت کي ئي نه سمجهندا آهن. رڳو پيا پنهنجي نام نهاد وڏائيءَ ۾ ڇڄندا آهن ۽ عرب ۽ عجم جي ڀُل ۾ منجهندا آهن. کين حقيقت جو شعور ئي نه هوندو آهي. ايئن سمجهندا آهن ته جي سندن وڏا اصل عرب جا هئا ته سٺو، پر جي ڪنهن انهن وڏن کي عجم جو سڏيو ته رسندا، رڙيون ڪندا ۽ اخبارن ۾ فرياد ڪندا آهن ۽ چوندا اسين تنقيد ٿا ڪريون ۽ ڪنهن اُن جي برعڪس چيو ته به ڏوهاري!

دودو بهادر هو اِهو انهن لاءِ اهم نه آهي پر دودو اصل سنڌ جو هو يا عرب کان آيو هو. اِها ڳالهه سندن خواب جا تعبير منتشر ڪري ڇڏيندي آهي! ڪنهن موضوع تي لکيل تحرير سان متفق نه ٿيڻ ۽ اُن جي رد ۾ پنهنجا دليل ڏيڻ ۾ ڪو عيب ڪونهي، پر ڪنهن محقق تي فقط ذاتي رمارڪ پاس ڪرڻ ۽ ناشائسته انداز بيان اختيار ڪرڻ غير مناسب آهي. سومرن ڀائرن لاءِ مون کي عزت ۽ احترام آهي، پر جناب غلام رسول سومري طرفان، ڊاڪٽر بلوچ جهڙي عالمي معيار جي محقق تي رڳو اِن ڪري ناشائسته انداز بيان اختيار ڪرڻ جو مون کي افسوس آهي. اُن جو مختصر جواب آءٌ کيس ڏيڻ گُهران ٿو، انهيءَ گذارش سان ته بيشڪ تنقيد ڪريو. اُها موضوع تي هجي، نه ڪي ذاتي هجي ۽ ڪنهن محقق سان ذاتي عناد پيدا ڪجي ۽ اُن جو دائرو وسيع ڪجي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جنهن بلند معيار جو اسڪالر آهي. اُهو دنيا ڄاڻي ٿي. جناب غلام رسول سومري 5 آگسٽ 2002ع جي ڪاوش اخبار ۾ هڪ ليک وسيلي ڊاڪٽر صاحب کي لوئڻ خاطر ئي قلم کنيو آهي. ليک جو عنوان آهي: ”آهي ڪو هن خواب جي تعبير ٻڌائڻ وارو؟“

عجب وري هي آهي ته ڊاڪٽر صاحب جو نالو کڻڻ کان سواءِ کيس غير مناسب لفظن سان ياد ڪيو ويو آهي. حقيقت ۾ هي ڪو خواب ڪونهي پر اوٿارو (ڪابوس Night Mare) آهي. اِهو خواب سومري صاحب کي ڪنهن وقت کان پريشان ڪندو رهيو آهي. خواب جا ته تعبير ٿين ٿا پر اوٿاري جو تعبير ڪٿان هٿ اچي!

ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي تحرير ۾ اِهو خيال ظاهر ڪيو هو ته سومرا عربي نسل جا آهن. اهڙي خيال کي رد ڏيندي سومري صاحب تڏهن به اظهار ڪيو هو جڏهن منهنجو ڪتاب ”ڊاڪٽر بلوچ هڪ مطالعو 1998ع“ ۾ شايع ٿيو هو. ڪتاب جي اشاعت هن لاءِ صدمو ثابت ٿي ۽ هن اخبارن ۾ اهڙا ليک لکيا ته: هن ڪتاب تي اعتبار نه ڪجو. بقول سندس ته ڊاڪٽر بلوچ جامع لغات جو ليکڪ ڪيئن ٿيو جڏهن ته لفظ ٻوليءَ ۾ اڳ موجود هئا! آءٌ به گڏ ڪري وٺان ها!! ڏهن ڪلاسيڪي شاعرن جو ڪلام مرتب ڪيائين ته ڇا ٿي پيو؟ شاعرئي اُنهن ڪتابن جا ليکڪ آهن!! لوڪ ادب به اڳ موجود هو! سومري صاحب جي خيال موجب جيڪي به صحيح آهي اُن جي اُبتڙ راءِ ڏيڻ تاريخ سان هٿ چُراند آهي. سندس لکڻ موجب هو ڏاهر، قاضي قادن، دولهه دريا خان، شاهه عبداللطيف ۽ ٻين کي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ پيو گڏ ڪري ۽ پنهنجي پسند جا بيان وٺڻ گهري ٿو. چچ نامي ۽ ٻين تاريخن کي ڊاڪٽر بلوچ طرفان ترجمو ڪيل سڏي ٿو. حقيقت ۾ چچ نامه تاريخ ”معصومي“ ۽ ”تحفة الڪرام“ جو ترجمو مخدوم امير احمد ڪيو. سومري صاحب کي اها به خبر نه آهي ته فريدون بيگ، مرزا قليچ بيگ جو ڏاڏو هو يا نانو؟ حقيقت ۾ هو مرزا قليچ بيگ جو والد هو. ڊاڪٽر بلوچ تي تنقيد ڪندي نقاد خود بنيادي معلومات کان واقف نه آهي. اُن جو پهريون سبب سندس ڪاوڙ آهي. ڪاوڙ صحتمند تنقيد کي جنم نٿي ڏي، بلڪ وڌيڪ ڪاوڙ کي جنم ڏي ٿي. هن صاحب کي ته هڪ خواب اوٿاري پريشان ڪري رکيو آهي ته سومرا عرب آهن يا سنڌي! پاڻ ئي دليلن ۽ مستند حوالن سان تحقيق ڪري ها ته بهتر هو.

ڊاڪٽر بلوچ صاحب، لوڪ ادب رٿا هيٺ ”دودي چنيسر“ بابت ٻه جلد مرتب ڪيا ۽ انهن کان سواءِ هڪ جلد ”سومرن جو دور“ به لکيو. سندس ڪتاب ”جنگ ناما“ ۾ ٻيو باب سومرن ۽ سمن بابت آهي. انهن جو ٿڌي دماغ سان مطالعو ڪري پنهنجي راءِ دليلن سان ظاهر ڪري سگهجي ٿي. اِهوئي علمي طريقو آهي. نيم تاريخي داستانن تي مرتب ڪيل ڊاڪٽر صاحب جا ٻيا به ڪتاب آهن. اُنهن جو مطالعو ڪجي ها ۽ مليل روايتن جي صحت بابت پنهنجا دليل ڏيڻ کپن ها. سومري صاحب خود هنن موضوعن تي ڪهڙي تحقيق ڪئي آهي؟ هُن جي ڪل ڪائنات ڊاڪٽر بلوچ صاحب بابت ناشائسته لفظ ڪم آڻڻ آهي. هُو لکي ٿو ته: ”نه هيءَ محقق آهي نه تخليق ڪار.“ هيءَ آهي سومري صاحب جي اڻ پوري خواهش!

مٿان وري اهو لکڻ ته ڊاڪٽر بلوچ پنهنجن مداحن کان تعريفي ڪتاب لکايو آهي. مداح به ڪنهن جي اهليت ۽ قابليت ڏسي پيدا ٿين ٿا. جي آءٌ مداح آهيان ته اهو اعزاز قبول ٿو ڪريان. منهنجي ڪتاب ”ڊاڪٽر بلوچ هڪ مطالعو“ سومري صاحب جي مرڳو ننڊ حرام ڪري ڇڏي. اُن کان پوءِ ماڻڪ موتي تنظيم ڊاڪٽر صاحب جي باري ۾ ”مثالي عالم“ نالي ٻه جلد ڇپايا. 2002ع ۾ ڊاڪٽر صاحب سان روح رهاڻ جي نالي سان تقريب به منعقد ڪيائون. ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪيو، اعلان هزارين آهن.

حقيقت هيءَ آهي اهل ۽ قابل پروفيسر پڙهڻ پڙهائڻ ۽ تحقيق ڪرڻ ۾ رڌل هوندا آهن ۽ سومرو صاحب ههڙا خواب ڏسڻ ۽ اوٿارن جو شڪار ٿي ويو آهي.

ٻي ڳالهه ته جناب غلام رسول سومرو ذڪر ڪيل مضمون لکڻ کان پوءِ مون کي دودي شهيد جي مزار تي مليو ۽ جڏهن اسٽيج تي ويٺاسين ته مون سان معذرت ڪرڻ لڳو: ”معاف ڪجو! مون اوهان تي تنقيد ڪئي.“ مون کيس جواب ۾ چيو ته پنهنجي تحرير بابت معافي وٺڻ خود اُن کي رد ڪرڻ آهي. مون کي ته تنقيد جي باري ۾ هي چوڻو آهي ته تنقيد، تخليقڪار لاءِ زيور مثل آهي.

رِهاڻ هِيرن کاڻ

هيءَ ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ڇپيو آهي. پهريون 2000ع ۾ ۽ ٻيو 2001ع ۾. هيءُ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي گذريل 50 سالن جي ياداشتن جي بنياد تي آڌاريل آهي. سنڌ جي تاريخ، ثقافت، ادب ۽ زندگيءَ جي گوناگون ۽ اهم پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جيڪو ڪم ڪيو آهي، سو عالم آشڪار آهي. سنڌ جي تارخ جي ماخذن تي تحقيق هڪ طرف ته لوڪ ادب، سنڌ جي اساسي شاعريءَ تي تحقيق ٻئي طرف ۽ پڻ سنڌ جي ثقافت تي ڊاڪٽر صاحب جو ڪم هر طرح سان داد حاصل ڪري چڪو آهي. سنڌ جي سموري ورخي کي سلجهائڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ پاڻ جيڪي سنڌ جي واهڻن، وسين، ماڳن، مڪانن، جهر جهنگ جا سفر ڪيائون اُنهن جو بنيادي مقصد سنڌ کي پنهنجي مڪمل حُسن سان ظاهر ڪرڻ رهيو.

ڊاڪٽر صاحب پنهنجي پهرين ڪتابن مان ”ٻيلاين جا ٻول“ ۾ اهو لکيو آهي. ته پاڻ ڊاڪٽريٽ ڪرڻ کان پوءِ بيروزگاريءَ جي نعمت حاصل ٿيڻ ڪري، سنڌ ڏسڻ جو فيصلو ڪري نڪري پيا. ان ريت سنڌ جي قديم آثارن، تاريخ، ادب ۽ ثقافتي سونهن جو قريبيءَ کان مشاهدو ڪيائون. پاڻ محسوس ڪيائون ته سنڌ سڄي ”پارس کاڻ“ آهي.

هن موضوع تي ڊاڪٽر صاحب پنهنجن مشاهدن کي پهريائين ”پارس کاڻ“ جي عنوان سان قلمبند ڪيو ۽ اُهو مقالو مهراڻ ۾ ڇپيو. هي مشاهدا گفتگو جي انداز ۾ لکيا ويا آهن. بقول سندن ته پارس ڏٺو نه هئم، اُن ڪري ڏٺل وٿ کي ڪم آڻيندي هنن ڳالهين ۽ مشاهدن کي هيرن سان مشابهت ڏني اٿن. ايئن هي ڪتاب ”رهاڻ هيرن کاڻ“ جي عنوان سان اسان تائين پهتو آهي.

ڪتاب جو انداز بيان دلنشين آهي ۽ ڳالهيون جئن ڊائريءَ ۾ نوٽ ڪيل هيون، اُتان اُتاري ڏنيون ويون آهن. هي اُن سڄي مواد جو پهريون ڀاڱو آهي. هي جدا جدا مختصر مضمونن جو هڪ مجموعو آهي. انهن جا عنوان سنڌي زبان، ادب، دين دنيا ۽ لاڳاپيل تاريخ ۽ ثقافت جي سونهن سان مزين آهن. هي عنوان ننڍين ڳالهين جي وضاحت طور قائم ڪيل آهن. انهن ۾ آيل معلومات سوچ ۽ سمجهه جا مختلف پهلو روشن ڪري ٿي. هِت فقط چند مضمونن جو جائزو پيش ڪجي ٿو.

ڊاڪٽر صاحب جئن ننڍي کي سمجهائجي، اُن انداز ۾ مخاطب سان گفتگو ڪئي آهي. مثال طور ”پنهنجي سمجڻ جي پيماني کي ڪشادو ڪر.“ هن مختصر تحرير ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب، مخدوم بصرالدين سيوهاڻيءَ ۽ ڊاڪٽر ضياءَ الدين شيخ جي گفتگو جو بيان ڪيو آهي. ڊاڪٽر ضياءُ الدين، مخدوم صاحب کي چيو: ”خدا سمجهه ۾ نٿو اچي.“ مخدوم صاحب اهو ٻڌي کيس چيو: ”هيءُ پيالو وٺ ۽ ان ۾ اڌ سير پاڻيءَ جو کڻي آءُ“ ضياءُ الدين پاڻيءَ جو پيالو ٽمٽار ڪري کڻي آيو. مخدوم صاحب چيو: مون توکي چيو هو ته اڌ سير پاڻيءَ جو کڻي آءُ! هيڏانهن پيالي ۾ پاڻي پيو ايترو: مخدوم صاحب چيو: اها ڳالهه سمجهين ٿو باقي ايترو نٿو سمجهين ته تنهنجي سمجهه جو پيالو تمام ننڍو آهي. هن مثال ۾ سمجهه ڏي صاف اشارو ڏنل آهي.

ڪتاب ۾ موضوعن جي گوناگوني آهي، جي سنڌ جي تاريخ، ثقافت، ادب ۽ شخصيتن تي مشتمل آهن. مثال طور سنڌ جي تاريخ جي ڪن اهم پهلوئن، سلطان محمود سنڌ ۾، سومرا ۽ گُجر، سومرن جي تاريخ، سما، الله بخش جنجهڻ، ميان نور محمد، ميرن جي حڪومت جو نظام، ميرن جي برداشت ۽ فراخدلي حڪومت جو نظام وغيره. انهن ٿاڻن جا چند واقعا ۽ سگهڙن جا بيت به شامل ڪيل آهن هي بيت واقعن جي پوري پروڙ ڏين ٿا.

ڊاڪٽر صاحب جي لکيل هنن مضمونن جي معلومات ۽ انداز بيان منفرد آهي. مثال طور ”سنگهارن جا سانگ“ مضمون ۾ ڳالهه جي مڪمل سمجهاڻي آهي. ڳالهه کي چٽو ڪرڻ لاءِ بيت به ڏنل آهن. ڳالهه هيئن شروع ٿئي ٿي:

”سنگهار معنيٰ مال وارا جن جو گذران ئي مال ڌارڻ تي هجي، اُهي جتي مينهن وسندا اُتي مال ڪاهي ويندا. گاهه جي سانگي ويندا، يعني سانگ ڪندا. ڪَچ ۾ ٻَنيءَ جي علائقي ۾ ڏڪار پيو ۽ سنگهار مالدار مال ڪاهي نيڙ ۾ ويا. اتان مٺي تعلقي ۾ ڏاڀري جي ٿڙ تي اچي ويٺا، اتان وري واپس ٻنهيءَ ڏانهن وڃڻ جا سانباها ڪيائون. سندن انهيءَ سانگ جو بيان شاعر عالي پُٽ سِرهاڻ مبار ڪاڻي راڄسينءَ پوٽي (يعني راڄسينءَ درويش جي اولاد مان) هيٺئين بيت ۾ ڪيو جنهن ۾ هن سنگهارن جي جدا جدا ماڳن تي مال ڪاهي وڃڻ ۾ سانگ ڪرڻ جا پار پتا ڏنا آهن. اي سڄاڻ! تون هي بيت دل لائي پڙهه ته توکي سانگهين جي سانگ جي حقيقت سمجهه ۾ اچي.

ڏاڏي ڀوٽا ڏاڀريءَ تي ٿا مڙيو مصلحت ڪن مينهن وٺا ملڪ تي ڪيو سعيو سنگهارن وطن ڏي ورڻ جون ڪيون وايون وانڍيارين آڻي اڱڻ جهيڪيا اُٺ به اوٺيئڙن ڪڍيون پاڃوڙون پَٿريون ٿي چڱيون چوڙيلين مايون مِسر پَٽ جي ٿيون نُنهڻين ساڻ نهن وجهي بار بوتن تي ڪيو سعيو سنگهارن ترت ڇڏايائون تڪڙو سونيهار سنگهارن وري تنهن واڻهيار تي ڪيو پياڻو پرين اڳينءَ ويل عالم سَتيءَ جو جهليو گس گُنگن ٿورا ٿيو ٿانور تي منهنجا آري ڄام اچن ڇهل تنهن ڇَهڇي تي ڪيو پيو پوشيدن نمي نبي سر ڪنڌين واڪيو وير وڃن چئني ڪنڊين چانڊاڻ تي وانڍيون وس چرن الخ.

هن بيت ۾ تڙن ۽ ماڳن مڪانن جا نالا آهن ڪن لفظن جون معنائون به لکيون ويون آهن. سنڌي زبان ۽ اُن جي محاورن جي جيڪا وسعت آهي، تنهن جو بيان ڊاڪٽر صاحب هڪ ٻئي مضمون ”سنڌي ٻولي“ ۾ به ڪيو آهي. ان ۾ هن شاهوڪار ٻوليءَ جي تاريخ ۽ ادب جي وسعت، لفظن ۽ اصطلاحن جي ترڪيب، اسمن ۽ نالن جي سٽاءَ، حرف جر جي صورت توڙي ظرف جي نوعيت جو مختصر پر مجمل بيان ڪيو آهي. سگهڙن جي بيتن ۾ ڪم آيل اڪثر لفظن جي سمجهاڻي ڏني ويئي آهي. نالن جي فلسفي ۽ معنيٰ جو به ذڪر ڪيو ويو آهي. هن سلسلي ۾ لفظن جي ماضيءَ ۽ ڪن نحوي ۽ حرفي صورتن جي سمجهاڻي ڏني ويئي آهي. ڊاڪٽر صاحب هر نڪتي کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ٻوليءَ جي لحاظ کان. اهڙو ٻيو مضمون ”سنڌ جي اندروني ڀاڱن جا مقامي نالا“ (فهرست ۾ هن عنوان جي ٻي صورت ڇپجي ويئي آهي). هن ۾ سنڌ جي مختلف حصن تي انهن نالن جي پوڻ جي اپٽار ڪيل آهي، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن سبب جي ڪري انهن حصن تي پيا. انهن طبعي حصن ۾ رهندڙ قومن جي ٻولين تي مختصر طور سمجهاڻي ڏني ويئي آهي.

هن ڪتاب ۾ مختلف موضوعن تي ننڍا مضمون آندل آهن، پر هر هڪ ۾ سمايل فلسفو سمجهائڻ جي به ڪوشش ڪيل آهي. جوانيءَ جي دؤر جي جذباتي حالات جو ذڪر ڪندي ڊاڪٽر صاحب مضمون ’جواني‘ ۾ لکي ٿو: ”اي سڄڻ! انسان جي حياتيءَ ۾ جواني وڏي وٿ آهي. اها وٿ وڃي ٿي ته هر ڪو ان کي وري وري ياد ڪري ٿو. سنڌ جي شاعرن جوانيءَ کي ڳايو آهي.“ اُن کان پوءِ لس ٻيلي جي شاعر مڱيي براديي جا جوانيءَ بابت پنج بيت ڏنا اٿس، جن مان ٻه هي آهن. ع

جوڀن ۽ جواني، جي سچي هئي ساکي
اُن مکڻ ۽ ماکي، وڪاڻي ورهيه ٿيا.
ٻيا سڀ ٿول اڇا چڱا، اڇا چڱا نه وار
دُشمن دُشڪاري نه آڻي، توڙي ٻڌان پنج هٿيار
مِهري مُور نه بيهي، توڙي حيلا ڪريان هزار
ڀلو ڙي جوڀن يار، ويندي وداع ئي نه ڪيئي.

هن مضمونن ۾ ڊاڪٽر صاحب ڪيترن ئي سگهڙن، شاعرن ۽ سڄاڻن جا بيت، ڪافيون ۽ گڻ وارا گفتا ڏنا آهن. سياڻپ ۽ سچ جو بيان مثالن سان ڪيو آهي. اڪثر ڳائڻ وارن جو ذڪر به ڪيو اٿس. مثال طور ماضيءَ جي لٽ ۾ لٽجي ويل هڪ وڏي فنڪار سيد نُور شاهه کي ياد ڪري اُن جي ساٿ وارن سازندن جو به ذڪر ڪيو اٿس. سيد نور شاهه کان سواءِ ٻين به ڪيترن ڳائڻن جو بيان ڪري اُنهن جي فن جو داد ڏنو اٿس. اهڙي طرح قافين (ڪافين) واري مضمون ۾ ڳائڻن سان گڏ شاعرن جون اڪثر ڪافيون به محفوظ ٿي ويون آهن.

سنجيده ۽ سکڻ وارن گفتن سان گڏ خوش طبعي ۽ ظرافت ۾ سکڻ ۽ هنئين سان هنڊائڻ جا بيشمار نڪتا آهن. هلڪڙن ماڻهن وٽ اهڙن نڪتن بجاءِ فحش چرچا آهن، پر گڻ وارن وٽ فضيلت ڀريا ٻول آهن. انهن جا چرچا ظنز مذاح وارا ته آهن پر اُهي گهڻو سيکارين ٿا. ڪي ترڪي به ترڪي جواب مثل آهن ۽ داد حاصل ڪن ٿا. ڊاڪٽر صاحب جي مضمون ”ظرافت خوش طبقي چرچا“ ۾ به پرکڻ، پروڙڻ ۽ سکڻ سمجهڻ لاءِ چڱي خوراڪ موجود آهي. اهڙن ٻولن ۽ سوال جواب ۾ شگفته بيانيءَ لاءِ لکي ٿو: ”اي سياڻا! ڄاڻ ته آمهون سامهون سوال جواب ڪنهن موقعي مناسبت سان ٿين ٿا. جنهن ۾ ٽوڪ (طنز) جو جواب ساڳئي طرح نموني سان ڏيڻ وڏي سياڻپ آهي. چرچو ارادي آهي يعني ڄاڻي واڻي هڪڙو ٻئي سان ڪندو.“

سوال جواب يا طنز حد اندر هجي نه ته بقول ڊاڪٽر صاحب جي ته: ”جهيڙو ٿيندو“ هن مضمون ۾ پاڻ سوال جواب ۽ ترڪي به ترڪي جواب جا مثال ڏيندي ڊاڪٽر صاحب، گولا شاهه قهيري ۽ بچل شاهه مهاوليءَ جي آمهون سامهون هليل سوالن جوابن جو ذڪر ڪيو آهي. سگهڙن جي گفتن ۽ ڳجهارتن هلندي ڪي ظرافت جا نڪتا پيدا ٿين ٿا. رسالي جي بيتن مان به ڪي خوش طبعي ڪندڙ پنهنجي دلپسند معنيٰ ڪڍي ٿا وٺن. شاهه جي بيت وکر سو وهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي ۾ وکر کي حقي جو مواليءَ جو تماڪ سمجهڻ چي: هائو!!! ڀٽائيءَ تماڪ جي ڳالهه ڪئي آهي.

ڳجهارت جي پائي ”نار نانءُ“ ۾ جڏهن سڄاڻ، عورتن جا نالا کڻن ٿا ته هڪ شخص (حاجي گاجن شر) اچي چوي ٿو ته: ميان ڪجهه ماڻهپو ڪريو، رڳو پيا اسان جي زالن جا نالا وٺو! هت جوڻيجا، ميرجت ۽ ٻيا گهڻا راڄ آهن انهن جي زالن جا به ته نالا وٺو!

ان کانسواءِ پيراڻي ڀنڀري ۽ فولاد فقير جا گفتا ۽ بيت هن مضمون جي سونهن آهن. ڪتاب جو آخري مضمون ”ڪچهري بدين“ آهي، جو بدين جي قديم ذاتين، چڱن مڙسن، سخين، دردويشن ۽ اهم ماڻهن جو، ڪچهريءَ جي انداز ۾ تذڪرو آهي. هن ۾ لاڙ جي تاريخ جي جهلڪ ملي ٿي. ذاتين ۾ منڌرن ۽ ملاحن جو خصوصي ذڪر آهي. بدين جي سگهڙن ۽ سڄاڻن سان ڪچهرين جو به تذڪره ڪيو ويو آهي.

مضمون جي آخر ۾ لاڙ جي سرموڙ شاعر مولوي احمد ملاح جو ذڪر ڪندي ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو: ”هن پوئين ويجهي دؤر ۾ مولوي احمد ملاح بدين جي ملاحن ۾ ڄڻ سج ٿي اڀريو، جنهن ملڪ روشن ڪري ڇڏيو. توحيد جو وڏو مبلغ، عالم با عمل ۽ شاعر بيمثل هو. راقم جي ساڻس سالن تائين صحبت رهي. سنڌي لغات ۽ محاوري تي مهارت سيان مولوي احمد پنهنجي سنڌي نظم کي نئون لباس ڍڪايو، جنهن ۾ تجنيس حرفي جا نت نوان گل پوتائين ۽ چونڊ لفظن کي نظم جي ميدان ۾ وڏي لاڏ ڪوڏ سان ڪڏايائين. هن پنهنجي غزل ۾ غمنائي رنگ ڀريو ۽ توحيدي تبليغي نظمن ۾ زوردار دليلن جا دُر پوتا. آخر عمر ۾ قرآن شريف جو سنڌي بيتن ۾ ترجمو ڪيائين، جيڪو سلاست ۽ معنوي معيار جي لحاظ سان هڪ شاهڪار آهي.“

هر طرح سان هي منفرد ڪتاب آهي. هونئن ته هي ڪتاب ڊاڪٽر بلوچ صاحب طرفان ڊائرين ۾ رکيل داخلائون آهن. پر هنن جي نوعيت مواد جي لحاظ کان منفرد ۽ مفيد آهي. معلومات جو هي خزانو خيرپور مان خليل ڪتاب گهر ڳوٺ رفيق مهيسر وارن شايع ڪيو آهي.

ڪتاب جو ٻيو ڀاڱو نيو فيلڊس حيدرآباد شايع ڪيو آهي. هي به پهرئين ڀاڱي وانگر يادداشتن جو تسلسل آهي. جن ۾ عنوان قائم ڪري خيالات جو اظهار به ڪيو ويو آهي. پهريون مضمون ڪچهريءَ بابت آهي. ڪچهريءَ جو لفظ ڪهڙي معنيٰ ۾ ڪم آيو آهي، اُن جي اُپار ڪيل آهي. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب ڊڪشنرين جي معنيٰ به ڏني آهي.

ڪتاب ۾ شامل مضمون معلومات سان ڀريل آهن. تاريخ بابت مضمون سٿين ۽ ساڪائين جي اصل نسل کان شروع ٿئي ٿو ۽ تاريخ جي مختلف دؤرن تي روشني وجهي ٿو. هن سلسلي ۾ راءِ سهارس جي پٽ ”سگر“ جو ذڪر ڪندي هن سان منصوب دؤر جو احوال ڏي ٿو. اُن دؤر کي سگر جو وارو سڏي ٿو، جنهن بابت سگهڙن جا بيت موجود آهن. ڊاڪٽر صاحب سگر سان منسوب ڳالهه به بيان ڪري ٿو، جنهن موجب هو پنهنجي پيءُ جو بدلو وٺي ٿو. هن سلسلي ۾ ڇاڇري طرف کوهن ۽ ٻين آثارن جو به بيان ڪري ٿو. تاريخ جو هي دؤر اچي انگريزن جي قبضي تي ختم ٿئي ٿو.

انهيءَ مضمون جي تسلسل ۾ ٻيو مضمون ”سامراجي حڪومت خلاف سنڌ جو خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو“ آهي. هن مضمون هيٺ سنڌ ۾ آزاديءَ جي جذبي جو ذڪر ڪندي ڊاڪٽر صاحب اهم شخصيتن جو احوال ڏي ٿو. هن باري ۾ نه رڳو شخصيتن ۽ خلافت تحريڪ جو بيان آهي، پر اهم اجلاسن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي. ڪن اڳواڻن سان ڊاڪٽر صاحب ملاقاتن جو ذڪر ڪيو آهي انهن ۾ مضمون جي آخر ۾ نواب شاهه جي حڪيم پير معين الدين سان 1965ع ۾ ملاقات جو ذڪر ڪيو اٿس ۽ ملاقات ۾ ڪيل ڳالهين جو به احوال ڪيو اٿس. جيڪو هن سلسلي جي مواد ۾، ۽ خلافت تحريڪ بابت هڪ اضافو آهي.

هن ڪتاب ۾ بيش بها قومي سرمايو شامل آهي. منهنجو مطلب سورهيه سائين پير صاحب پاڳاري صبغت الله شاهه بابت مضمون سان آهي. هن مضمون ۾ پير صاحب جي ڪيل مجاهدانه جاکوڙ جو ذڪر ڪيل آهي. سندن وڏن جو بيان ڪندي ڊاڪٽر صاحب سورهيه سائين بابت قيمتي معلومات فراهم ڪئي آهي. هن جدوجهد جو ذڪر ڪندي ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو: ”انگريزن پير پاڳاري جي درگاهه جي جماعت جي طاقت کي ٽوڙڻ لاءِ وڏي پيماني تي پوليس جي طاقت استعمال ڪئي جنهن جي ظلم خلاف 1896ع ۾ پهرين حُر تحريڪ شروع ٿي. انگريزن حرن کي سالن جا سال لوڙهن اندر بند رکيو، ۽ پوءِ انهن کي پوليس ٿاڻن تي حاضري ڏيڻ جو پابند ڪيو. سورهيه صبغت الله شاهه شهيد 1922ع ۾ پير پاڳارو ٿيو. اُن وقت سندس عمر 12 سال هئي پر ٿوري ئي وقت ۾ کيس پنهنجي جماعت توڙي سنڌ جي عام ماڻهن خلاف انگريزي حڪومت جي ظلم ۽ ڏاڍاين جو احساس ٿيو ۽ پوليس جي خلاف آواز اُٿاريائين. ان تي حڪومت طرفان مٿن ڪوڙو ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو ويو. هن مضمون ۾ ڊاڪٽر صاحب، پير صاحب پاڳاري جي سورهيائيءَ ۽ جيل ۾ گهاريل ڏينهن جو ذڪر ڪيو آهي. اُتان پيغامن ذريعي پير صاحب جماعت جي تنظيم جو ڪم ڪيو. انگريزن کي پير صاحب کي ختم ڪرڻو هو. ان ڪري 3 مارچ 1943ع تي کين شهيد ڪيو ويو.

هن ڪتاب ۾ شامل ڪيل بيشتر مضمون جئن ته يادداشتن مان ترتيب ڏنا ويا آهن ۽ انهن واقعن تي آڌاريل آهن، جن ڊاڪٽر صاحب کي متاثر ڪيو. وقت بدليو ته خيال بدليا. بيراج ٺهيو. سڀڪنهن پنهنجا خيال ظاهر ڪيا. الائي وقت بدليو يا ماڻهو بدليا: بهرحال سگهڙن جي بيتن ۽ گفتن مان اُنهن جي راءِ معلوم ٿئي ٿي ڊاڪٽر صاحب هن مضمون ۾ جهوتي ۽ يگاني سگهڙ قاضي الله ورايي نظاماڻيءَ جو بيراج ۽ فصل جي قسمن: بابت بيت ڏنو آهي. گهڻو ڪجهه ٿيو پر آخر ۾ قاضي صاحب خيال ظاهر ڪيو ته رشوت وڌي ويئي مسڪين پيا مارجن.

سنڌي ٻوليءَ بابت مضمون ۾ ڊاڪٽر صاحب ٻوليءَ جي وسعت ۽ اعرابن جي فرق جي ڳالهه ڪئي آهي. اعرابن بابت ڪي شعر به ڏنا آهن. هي مضمون ڊاڪٽر صاحب جي مشاهدي ۽ هر ڳالهه بابت تجسس طرف ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. ڊاڪٽر صاحب نهايت باريڪ بينيءَ سان وڻن ٽڻن ۽ گلن ٻوٽن، گاهن توڙي ٻي اوڀڙ کي هميشه ڌيان سان جاچيو آهي. اوڀر بابت سندس مضمون اُن ڳالهه جي پوري پوري ثابتي آهي. عنوان آهي: ”سنڌ جي اوڀڙ ((نباتات) جو مطالعو.“ هي مطالعو ڊاڪٽر صاحب لوڪ ادب اسڪيم هيٺ گهٽ ۾ گھٽ هڪ جلد ۾ ڪرڻ ٿي گهريو پر سنڌي ادبي بورڊ اهو ڪم ڪرائڻ جو حوصلو نه هو. هن مضمون ۾ ڊاڪٽر صاحب پهرين اوڀڙ جي ورڇ ڪئي آهي ته ٻوٽو ڇا آهي؟ وڻ ڇا آهي؟ ٻوڙو ڇا آهي؟ ول ڇا آهي، گاهه ڇا آهي؟ ڪک ڇا آهن؟ هن سڄي اوڀڙ جي علائقي وار ورڇ ڪري ٻڌايو ويو آهي ته ڪهڙي اوڀڙ ڪهڙي علائقي ۾ ٿئي ٿي. هن سلسلي ۾ ٽڪر ۽ ناري جي گاهن جو ذڪر ڪيل آهي. ڪهڙو گاهه ڪهڙي قسم جي زمين ۾ اُڀري ٿو. اُتر، لاڙ، ٿر، جبل ۽ روهيءَ جي گاهن جو ذڪر ڪندي اهو به ڏسيو ويو آهي ته ڪهڙا ٻوٽا ۽ اوڀڙ ڪهڙن مرضن تي پوي ٿي. اهو ذڪر ۽ ٻوٽن جي نوعيت جو به بيان نهايت دلچسپ انداز ۾ ڪيو ويو. ايئن معلوم ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب کي اهوئي بنيادي شوق آهي. ڳالهه هي آهي ته ڊاڪٽر صاحب سنڌ جي آثارن، تاريخ، ثقافت ۽ جيوت جي سڄي هلٽ جي جاچ جوچ ۽ کوجنا ڪندو رهيو آهي. اُن سلسلي ۾ اوڀڙ جي هيءَ پرک به ڪئي اٿن. ڏُٿ ۽ ڏوٿي مضمون به هن سلسلي جي ڪڙي آهي. هن معاملي جي تفصيلي کوجنا اڃان ٿيڻي آهي. 1947ع جي آخري ٽماهيءَ واري مهراڻ ۾ رامنداس وشنداس لکاڻيءَ جو مضمون سنڌ جا گاهه ڇپيل آهي.

ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب ۾ سنڌ جي راندين، ملهن مانائينن ماين جو ذڪر به ڪيو آهي. سندن مضمونن ۾ ذڪر ڪيل مضمونن سان گڏ ڪي ٻيا به نهايت وزندار ۽ مفيد آهن. انهن ۾ عوامي فيلسوف، مقامات سنڌي، گول لاٽون چورس چگهه ۽ ڪچهري ناڙي نشانبر آهن.

مضمون عوامي فيلسوف ۾ فولاد فقير، فضل محمد لغاري، دراني فقير، ڌيرڻ فقير وساڻ ۽ عليم مڱريي جو بيان ڪيو ويو آهي. فولاد فقير ۽ انهن سياڻن جون ڳالهيون ٻين کان ٻي طرح آهن. انهن جون اهي منفرد ڳالهيون، اُهي نراليون ڳالهيون ۽ ملاقاتون ڊاڪٽر صاحب بيان ڪيون آهن. هنن ۾ فولاد فقير شر ته اڳ به ڄاتل سڃاتل آهي. هنن جون ڳالهيون ڳڻڻ جهڙيون آهن. اُهي هن جائزي ۾ دوهرائي پوري ڪونه پئبو.

عربي ادب ۾ ”مقامات“ هڪ خاص صنف آهي. ڊاڪٽر صاحب مقامات همدانيءَ مقامات هريري جو حوالو ڏيئي مقامات سنڌي جي عنوان سان هن مضمون ۾ هڪ مقامو لکيو آهي، جنهن ۾ رمل ۽ رمليءَ جي ڳالهه ڪيل آهي. لعلڻ خان لغاريءَ جي حوالي سان هن موضوع تي لکيو آهي. ڳالهه کي هڪ مخصوص نثري اسلوب هيٺ لکيو ويو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي طرز تحرير، رواني ۽ ڪچهريءَ جو انداز نهايت وڻندڙ آهي. سنڌيءَ جي انشاپردازيءَ ۾ اُن جو مثال ڪونهي. مضمون (Essay) جي صنف ۾ به اُن جو ڪو جواب ڪونهي. ڪچهريءَ ۾ جا گفتگو ٿئي ٿي اُن جوبيان نرالو آهي.

عمر بن بحر جيڪو جاحظ جي نالي سان مشهور ٿيو. عربي ادب ۾ نالي وارو ٿيو. علم ڪلام جو ماهر هو. سندس ڪتاب الحيوان مشهور آهي. ٽي صدي هجريءَ ۾ ٿي گذريو آهي. پنهنجي وقت ۾ بغداد ۾ رهندڙ سنڌين جي ذهانت کي ساراهيندو هو. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته: ”هڪ طرف جاحظ جيڪڏهن علم جا دريا وهائي ڇڏيا ته ٻئي طرف سندس وقت ۾ احمقن به پنهنجي علم ۽ عقل جي ڏيوالي جا پڙها پئي ڏنا.“ انهن بابت هڪ رسالو ”چورس ۽ گولائي“ لکيائين. جنهن ۾ اهڙن جا وکا پڌرا ڪيائين. ڊاڪٽر صاحب هي انشائيو طنزيه انداز ۾ ”گول لاٽون ۽ چورس چگهه“ جي عنوان سان لکيو آهي. بقول سندس اهڙن عقل جي اڪابرن کي سندن چهرو آرسيءَ ۾ ڏيکارجي. اسلوب جي لحاظ کان هي مضمون پُرڪشش آهي، پر لهجو اڪثر هنڌن تي ٽوڪ وارو آهي. بهرحال ڊاڪٽر صاحب وٽ ههڙو طنزيه انداز هوندو اُن جي پروڙ پئي.

آخري مضمون ”ڪچهري ناڙي“ آهي. هي به ڊاڪٽر صاحب اڳ ۾ لکل ڪچهري بدين جي طرز تي لکيو آهي. ناڙي علائقي جي شاعرن ۽ سگهڙن جو بيان ڪندي اهم شخصيتن ۽ ڪن ذاتين جو بيان به ڪيو آهي.

هن ڪتاب ۾ ڊاڪٽر صاحب مختلف موقعن لاءِ بيت يا ڪي مصراعون ڏنيون آهن. جئن ڳالهه چٽي ٿي سگهي. بهرحال هي ڪتاب ڊاڪٽر صاحب جي تحقيقي ڪاوشن کان جدا نوعيت جو آهي. تنهن سان گڏ سندن مخصوص ۽ منفرد نثري اسلوب جو به اعليٰ نمونو آهي.

هاڻي هن ڪتاب جا ٻيا ڀاڱا به ڇپيا آهن.


(1)  ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي ’تذڪره شعراء سکر‘ سنڌي ادبي سوسائٽي اسلاميه ڪاليج سکر 1965ع ص 9 (ابتدائي).

(2)  ايضاً ص 9.

(1)  ايضاً ص 17

(2)  ايضاً ص 18

(3)  ايضاً ص 19

(1)  ايضاً ص 273

(2)  ايضاً ص 273

(1)  ايضاً ص 344

(2)  ايضاً ص 344-345

(3)  ايضاً ص 345

(4)  ايضاً ص 345

(5)  ايضاً ص؟؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org