Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ڇپر ۾ ڇڙيون

ناشر طرفان ٻھ لفظ

  اسدالله شاھھ ”بيخود“ حسيني

ڇپر ۾ ڇڙيون

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

ناشر طرفان ٻھ لفظ

مرڪزي بزم طالب المولا نھايت فخر سان حضرت قبلا طالب المولا جن جو ھي بيتن ۽ ڪافين جو مجموعو ”ڇپر ۾ ڇڙيون“ پڙھندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪري ٿي.

جئن پڙھندڙن کي معلوم ٿيندو تھ قبلھ طالب المولا جن جو ھن مجموعي ۾ ڏنل ڪلام ١٩٥٥ع کان وٺي ١٩٦٨ع تائين آھي.  ١٩٥٥ع کان اڳ جو گھڻو ڪلام ”ڪچڪول“ ۽ ٻين مجموعن ۾ شايع ٿي چڪو آھي. سندن عروضي شاعري جو مڪمل مجموعو زير ترتيب آھي ۽ عنقريب شايع ڪيو ويندو.

ھن مجموعي کي موضوعن جي لحاظ سان مختلف بابن ۾ ورھايو ويو آھي. ڌڻي سڳوري جي واکاڻ ۽ ڪارڻي ڪريم ' جي ساراھھ سان بيت توڙي ڪافيون شروع ڪيون ويون آھن ۽ پڇاڙي ۾ وڃي حقيقت تائين منزل رسي آھي.

ھر باب جي مٿان طالب المولا جي ئي ڪلام مان مصرع يا اڌ مصرع چونڊي موضوع ڪري قائم ڪيو ويو آھي. گھڻو ڪري ھر بيت ۽ ڪافي جي ٺاھڻ جي تاريخ بھ ڏني وئي آھي ۽ جتي ساڳئي ڏينھن تي گھڻا بيت يا ڪافيون چيون ويون آھن ۽ موضوع بھ ساڳيو آھي تھ تاريخ پڇاڙي ۾ ڏني وئي آھي. تاريخ ڏيڻ جي ڪري شاعر جي ارتقائي ڪيفيت جو اندازو ڪري ۽ جائزو وٺي سگھجي ٿو.

ھن ڪتاب جي طباعت وغيره تي جيڪا رقم خرچ ٿي آھي اھا حضرت قبلھ طالب المولا صاحب جن ڪمال مھرباني سان بزم کي اڌاري ڏني آھي جنھن لاءِ اسان سندن شڪر گذار آھيون.

محترم مصري ڪاڪا مائل سروري پريس ڪاپي تيار ڪئي، ان لاءِ سندس مھربانيون.

اسان کي افسوس آھي جو ھڪ ھنڌ تي غلطي کان بابن تي ساڳيو ساڳيو نمبر ڇپجي ويو آھي ۽ ڪجھھ پروفن جون غلطيون بھ رھجي ويون آھن.

بھرحال اميد ٿي ڪجي تھ ھي ادبي تحفو سنڌي زبان جو بيش بھا خزانو ثابت ٿيندو.

 

١٩٧١ع                                         اسدالله شاھھ ”بيخود“ حسيني

جنرل سيڪريٽري

مرڪزي بزم طالب المولا

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ڪتاب جو مهاڳ --  ٻئي ڇاپي جي ناشر طرفان -- ناشر طرفان ٻه لفظ -- ڪتاب جو مقدمو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org