Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 19

 

طالب تنوارون ڪري

 

آگا١ ڪريان عرض ٿو

 

ٻيئي ھٿ ٻڌي

وک وک تي وڌي

 

طالب تنوارون ڪري

 

*

 

طالب تنوارون ڪري

 

رت ڦڙا روئي

دشمن دفع تون ڪجان

 

چيو ”تقنطوا“ توئي

راتو ڏينھان روح کي

 

آسر اھوئي

ڪونھي ڪو ڪوئي

 

تو ري مدد منھنجي

 

*

 

مولا! مددون منھنجيون

 

ھن دم ڪر ھزار

سر کي سجدي ۾ رکي

 

پلپل ڪيم پڪار

مھابي محمد جي

 

ڪا چڱي ڪر چوڌار

منھنجو مٿو مٿي ٿئي

 

ھزارن ۾ ھروار

منھنجي مداين جو

 

ستر ٿيج ستّار

طالب مولا تو اڳيان

 

ٿو عرض ڪري اظھار

غافر ربّ غفار!

 

ڪر تون سھنج سڻايون

 

*

 

سڀئي سھنج سڻائيون

 

تون آگا ڪر عطا!

ڀلا ٻيو ڪو ٻڌندو

 

سائين سندم صدا!

پناه ڏي تون پنھنجي

 

عالم جا اجھا

جيڏو آھين پاڻ تون

 

ڪر ايڏا وڙ وڏا

ٻيو ڪير ڪريم آھھ

 

سائين تو سوا!

طالب مولا جا

 

مشڪل سڀ معاف ڪر

 

*

 

مشڪل سڀ معاف ڪر

 

تون ھادي حڪمتدار!

نڪمايون نڪري وڃن

 

جئن مکڻ منجھان وار

قادر آھين ڪل تي

 

غالبُ ربّ غفار!

جيڪي ڊوھھ فريب ڪن

 

سي گدودي ڪر غار

پردو ٿي پينار جو

 

تون سدائين ستّار

ھلاءِ سڀ ھدايت سان

 

پڪو، پوڙھو، ٻار

ربّ! تنھنجي رحم جو

 

طالب طلبگار

ان کي ڏئي آڌار

 

مخالف مات ڪرين

 

*

 

مخالف مات ڪري

 

مون کي ڪر مٿي

تو کي عرض الله! ڪيم

 

اھا ڪٿ ڪٿي

لٿي ۽ پٿي

 

ٿئي طالب فاتح فضل سان

 

*

 

ڪري عرض اپار ھي

 

ڪريان ٿو آمين

رھبر رھج راھھ ۾

 

ربّ العالمين

سازشن تي سڀئين پرئين

 

يا ربّ پڙھھ يسٰين!

مھت ڏيج مھابي

 

ختم المرسلين

الاھي آمين!

 

طالب ڪئي طلب ۾

 

*

 

طالب ڪري طلب ۾

 

رويو صدا ربّ!

مخالفن کي منھنجي

 

آڻين منجھھ ادب

ختم ڪر خالق تون

 

چرين سندي چب

ڏي ھڙني کي ھدايت جي

 

طالب چوي طلب

سھڻا ڪري سبب

 

چڱي وجھين چِت ۾

 

*

 

چڱي وجھين چِت ۾

 

ھادي ڏين حيا

ڪڇي سگھن ڪين ڪي

 

مون کي ڏيج ڏيا

پنھنجا ھجن پاڻ ۾

 

اڪثر سڀ اڙيا

موٽي لڳنن منھن ۾

 

سندن سڀ گھڙيا

طالب چوي تڙيا

 

وري اچن واٽ تي

 

*

 

وري اچن واٽ تي

 

ھادي سڀ ھڪدم!

ڪچو کڻن نھ ڪڏھين

 

پنھنجو ڪوبھ قدم

مدايون ڪڍين من مان

 

مولا تون محڪم!

پڇتائين سڀئين پرئين

 

ڏين فيض ساڻ فھم

طالب چوي طلب ۾

 

دائم نھ ھڻن دم

خرابيون ختم

 

اڄ ئي ڪر الله تون!

 

*

 

اڄ ئي ياالله تون

 

آزيون سڀ اگھاءِ

مھابي مرسل جي

 

عرض ھي اوناءِ

طالب سندا تاءِ

 

دشمن پنھنجا پاڻ ۾

١٠-٥-١٩٦١ع

امين منزل - حيدرآباد

*

 


 

[35]

پاڻ مرادو اچ

 

پاڻ مرادو سڏ

 

تھ اوريان حال اندر جا

سھڻا، سڄڻ، سپرين!

 

ڇرڪ سڀيئي ڇڏ

طالب مولا تنھنجو

 

عجيب! ان کي اڏ

گوڏي ساڻ تون گڏ

 

تھ پرت وراھيون پاڻ ۾

٢٧-٢-١٩٦٦ع

ڪراچي

*

پاڻ مرادو ٿي

 

تھ ھڙئي حال ٻڌائيان

منھنجي بھ پرين پيار جا

 

پٽ پيارا پيءُ!

طالب جو تو ساڻ ئي

 

قرب آھي قوي

جاني! گڏجي جي

 

عجيب! اداسي آھيان

٢٧-٢-١٩٦٦ع

ڪراچي

*

پاڻ مرادو اچ

 

تھ ڪريان تو سان ڳالھڙيون

طالب مولا طلب جون

 

ڳالھيون ڪري ڳچ

ھڪدم ھھڙي حال ۾

 

پرين اچي پھچ!

منھنجا سھڻا! سچ

 

تون ئي واھھ ولھي جي

 

*

 

پاڻ مراديون ڪر

 

ويھي مون سان ڳالھڙيون

قربائتا! قرب جي

 

ڪر ولھي تي ور

يا سڏ مون کي سپرين

 

دلبر پنھنجي در١

نھ تھ ھلي آءُ حبيب! تون

 

ھن گوندر ئي جي گھر

تھ پاري پوري پر

 

طالب مولا طلب جي

 

*

 

ٻڌ ھنيڙي جون ھزار

 

پاڻ مراديون ڳالھڙيون

اچ تھ سھي اڱڻ تي

 

حبيب تون ھيڪار!

ڏيندس وٺندس ورھھ جا

 

وھوا سڀ وھنوار

جي سچي ھوندي سھڻا!

 

تھ مڃيندس ميار

اعتراف ڪندس ان جو

 

ٻھڳڻ آئون ٻيھار!

جي حرفي ٿئين حبيب تون

 

تھ بھ معاف ڪندس منٺار!

ڏيندئي رڳي پيار

 

طالب مولا طلب ۾

 

*

 

ڪريون اڄ عجيب!

 

ڪي پاڻ مراديون ڳالھڙيون

ڪن ڏئي ٻڌجان قرب جون

 

ڪرم ساڻ قريب!

درد اچي دور ڪر

 

طالب جا طبيب!

نرمل مون نصيب

 

جي اچين منھنجي اڱڻ تي!

 

*

 

پرين اچي تون پڇ

 

پان مراديون ڳالھڙيون!

ماٺ نھ ڪر محبوب تون

 

ڪجھھ تھ پيارل ڪڇ١

لڪي لوڪان لڇ

 

طالب ساڻ طلب ۾

 

*

 

ٻانھون ڪري ھار

 

ڪريون پاڻ مراديون ڳالھڙيون

ڀلا ڇاھي ان ۾

 

جي پيارا ڪجن پيار١

سڏي وٺ سڄڻ تون

 

يا ھلي آ ھڪوار

محب، مٺا، منٺار!

 

طالب مولا تنھنجو

٢٨-٢-١٩٦٦ع

ڪراچي

*

 


 

[36]

مٺايان مٺو گھڻو

 

کنڊون، ماکيون، مصريون،

 

جي کڻي اچجن کوڙ

مٺايون سڀ ملڪ جون

 

ڀل ڪٺيون ڪجن ڪروڙ

تھ بھ مٽ مٺي جو نھ ٿِين

 

ڪٿ وڃي ڏجي ووڙ

ھو مٺو مڙني کان گھڻو

 

ھي جاني سندي جوڙ

ڪئي طالب مولا توڙ

 

ڳولي انھيءَ ڳالھھ جي

٢-٣-١٩٦٦ع

تاراھھ

*

مدام آھن مٺاڻ

 

اڻ ميا عجيب ۾

پِڪون پياريئين پرت جون

 

پاڻان ڄاڻي پاڻ

منھنجو منھن مٺو ڪيئين

 

ڏئي مٺن جا ماڻ

ٺاھي ويٺو وجود ۾

 

وھڻ جا وٿاڻ

طالب مولا تنھنجي

 

ڇا ويھي ڪري واکاڻ!

مون کي پرينءَ پٺاڻ

 

پينڌ پاتا پرت جا

٢-٣-١٩٦٦ع

تاراھھ

*

گھڻئي ماڻھو مٺا

 

پر مڙنيان محب مٺو

اينھين مون نھ ڏٺو

 

ڪو طالب مولا ملڪ ۾

٢-٣-١٩٦٦ع

تاراھھ

*

کنڊان، ماکيان، مصريان

 

منھنجو مٺو محبوب

مٺاڻن کان مٺو گھڻو

 

طالب جو مطلوب

مون سان ٿيو منسوب

 

طالب مولا تھدليئون

٣-٣-١٩٦٦ع

ھالا

*

مٺايان مٺو گھڻو

 

منھنجو محب مٺو

ڏاڍو اٿم ڏٺو

 

تھ بھ نئين سج نئون ٿو ڏسان

٣-٤-١٩٦٦ع

نوابشاه، تيزگام

*

 


 

[37]

آھي آب حيات

 

ڪٿي ماکيون، مصريون

 

ڪٿي پرين پِڪ!

چکئي چريائي نھ ٿئي

 

پڻ سڪن مٿي سڪ

دارو آھي درد جو

 

ھردم سا ھڪ ٽڪ

طالب مولا جي رھي

 

ڇو نھ انھي ڏي ڇڪ!

چوان چڙھي چوٽِ ٿو

 

ناھي لوڪان لڪ

ڳالھھ اھا ئي لک جِي

 

حقيقت ۾ ھڪ

تھ ھن جي تکي تِڪ

 

مڙني مشروبات کان

 

*

 

ڪٿي ماکيون، مصريون

 

ڪٿي شھد شڪر!

مد کي ناھھ مجال ڪا

 

جو ڪلھو ھڻي ڪنھن پر

مٽ مورھئون نھ ٿين

 

مشروبات مگر

ڏني لبَ لبن جي

 

عجيبن اگر

طالب مولا تر

 

ھرھر ڪبو حلق کي

 

*

 

طالب مولا ھن ۾

 

نھ شڪ، گمان، دليل

ھوءَ جڙي ھن جھان ۾

 

ھن جي ھت سبيل

ھوءَ ھتي ملي تھ بھ ڪڏھين

 

ڪنھن کي ڪا قليل

ڪٿي سلسبيل

 

ڪٿي پڪ پرين جي!

 

*

 

لائق لبَ لبن جي

 

نس پِس نجابت

طالب مولا تنھن ۾

 

نامي نجاست

سراسر سعادت

 

آھي پڪ پرين جي

 

*

 

کڻي اچن اڻ ميون

 

چاشنيون مان چين

مورھئون ماکيون، مصريون

 

۽ اچي انگبين

ٻي مڙيئي ملڪ جون

 

شيون سڀ شيرين

ٺاھي ڀلي ٺاھھ سان

 

مشروبات مشين

ھي طالب مولا پي ڏسن

 

جي ميخانن مڪين

تھ وسري وڃي راھھ جا

 

مورھئون مئي مشڪين

بيشڪ بي قرين

 

آھي لبَ لبن جي

 

*

 

ڪٿي لب لبن جي

 

ڪٿي شاخ نبات!

شرم شوڌارا ڪري

 

۽ مڙئي مشروبات

طالب مولا ٿيا اچي

 

جت معالج سڀ مات

اتي پڪ پرين جي

 

ڪري ڏاتر ڏني ڏات

اصلي آب حيات

 

آھي لبَ لبن جي

 

*

 

ڪٿي لبَ لبن جي

 

ڪٿي عرق گلاب!

جئن جئن پيچي پيار مان

 

تئن نشا ڪري ناياب

طالب مولا تنھن جو

 

آھي حد نھ حساب

ڪٿي لبن لعاب

 

ڪٿي شيشا شراب جا١

 

*

 

جڏھن ياقوتِن

 

ڪجھھ بھ ڪيو ڪينڪي

طالب مولا تڏھين

 

ٿي ماريو مايوسن

پر اتي لب لبن

 

اچي ٻيڙا پار ڪئا

 

*

 

ھليو نھ زور ذھبْ جو

 

مھل نھ ڪئي موتِن

اوڄ نھ ڏني جڏھين

 

جواھرات جڏن

ڪجھھ بھ ڪيو ڪينڪي

 

خالص خميرن

جتي بلڪل بس ڪئي

 

دائم دوائن

طالب مولا جو اچي

 

پھتي پڪ پرين

تھ ھڻي وڃي ھنڌ ڪيو

 

سوھارن سرڪن

ڪٿي لبَ لبن

 

ڪٿي جواھر مھرا!

٢٤-٨-١٩٦٨ع

٢٤ جمادي الثاني ١٣٨٨ھھ

ھالا

*

ھڙان وڙان اچي ڪيا

 

وس وڏا ويڄن

ستِن سور وڌائيا

 

فرق نھ ڪيا ڦڪن

پڙن نيو پوئتي

 

ھيڻو ڪيو حبن

آڻي ڏاھن ڪئين ڏنا

 

شيشا شربتن

تڪليفون طلب جون

 

ٻيڻيون ڪيون ٻڪن

لاٿا درد نھ دل جا

 

حاذق حڪيمن

معجونن مان ڪين ٿيو

 

اثر نھ ڪئو عرقن

جوارش جڏو ڪيو

 

ڪم نھ ڏنو ڪشتن

ڪجھھ نھ ماءُ اللحم ڪئو

 

لوڏيو لعوقن

ويتر سوز نوان ٿيا

 

دور نھ ڪئا دارن

ھئي بيماري برھھ جي

 

سا سنوان ڇا سمجھن!

اتي تڏھين ڪجھھ نھ ڪئو

 

تڪڙن تشخيصن

ويٺا ھارائي وير ۾

 

تھ بھ ترس نھ طبيبن

اتي انھي حال ۾

 

سنڀاليو سڄڻن

ڪو جو پور اچي پيو

 

ھڪدم حبيبن

پھتا پري پلڪ ۾

 

ڪئا قرب قريبن

اچي پاڻ پريم مان

 

پياري پِڪ پرين

طالب مولا ٿي شفا

 

انھي ئي پيرن

ڪٿي لعاب لبن

 

ڪٿي حيلا حڪيم جا!

 

*

 

مد مرڳو وڪجي

 

ھر دم مٿي ھٽ

پيالو اڃا پري ھجي

 

تھ ڇوھئون اچي ڇٽ

ان جي پيتي پاڻ ٿئي

 

ڏاڍي ڏاڙھي پٽ

طالب مولا ٿي وجھي

 

وسڪي وڏا وٽ

اچو چڙھن اکن تي

 

تھ لھن ڪين لٽ

ڪٿي مي جا مٽ

 

ڪٿي پِڪ پرين جي!

 

*

 

ڪٿي پڪ پرين جي

 

ڪٿي مئي جا ماٽ!

انھي سرڪي واسطي

 

ليلائن ٿا لاٽ

چکي جن ھي چاٽ

 

سي طالب راحت رسيا

٢٥-٨-١٩٦٨ع

٣٠ جمادي الثاني ١٣٨٨ھھ

ھالا

*

جا ڪٿي نھ ملي ڪڏھين

 

سا ڏني نيٺ نجيب

آخر اچي عجيب ٿئا

 

طالب مولا طبيب

ڪٿي لب لبيب

 

ڪٿي مفرحون ملڪ جون!

٣٠-٨-١٩٦٨ع

٥ جمادي الثاني ١٣٨٨ھھ

ھالا

*

ڪٿ طبيبن تدبير

 

ڪٿي عطا عجيب جي!

ڪٿي لب لبن جي

 

ڪٿي لبُوب ڪبير!

طالب مولا محبُ جي

 

ڪري قربَ ڪثير

تھ ڪٿي ٿئا اڪسير

 

ڪٿي پڪ پرين جي!

٢-٩-١٩٦٨ع

٨ جمادي الثاني ١٣٨٨ھھ

حيدرآباد

*

ڇنڊا ڦيڻا ڪئين ڪيا

 

پيرن، فقيرن

ڌاڳن ڌونڌاري ڇڏيو

 

تايو تعويذن

ڏاڍو ڏينھاڙي ڏنو

 

ٻيڻو ٻر ٻڪن

سوڀ سحِيقن مان نھ ٿي

 

لوڙھيو لبوبن

طالب مولا توھھ ڪئي

 

تر نھ تِرياقن

ٻيڻا چاڪ چڪائيا

 

مرڳو مرھمن

وڌي لب لبيب جو

 

منجھھ مڙني مرڪبن

مورھئون کان مرضن

 

شافع شفا پو ڏني

٩-٩-١٩٦٨ع

١٥ جمادي الثاني ١٣٨٨ھھ

ڪراچي

*

ڪرين ٿو قرب ۾

 

لالڻ ڇا کان لڪ!

پنھنجو بنائي پيار مان

 

ڇو ٿو ڀرين ڇرڪ!

شايد تو وٽ ناھھ سا

 

ڇاتي واري ڇڪ

طالب مولا سان نھ ڪر

 

دم دم دلبر ڌڪ

لائي لب لبن سان

 

سرڪي پياري سڪ

جانب يار! جيار تون

 

حقيقت ٿئي ھڪ

علاج اٿيئي منھنجو

 

حبيب! ھي ھڪ ٽڪ

جاني! جياري ڇڏيين

 

جي طلبئون ڏيين تڪ

پرين پيارين پڪ

 

تھ وري جاني جي پوان!

١٠-٩-١٩٦٨ع

١٦ جمادي الثاني ١٣٨٨ھھ

حيدرآباد

*

 


 

[38]

ويل وقت نھ آھيان

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ پِڪ پريمي پيار

انھي آب حيات مان

 

ڏاتار! ڪي ڏيار

طالب مولا کي مٺا

 

ماري، ماري نھ مار!

کڻي نظرون ناز سان

 

جاني! پاڻ جيار

پھريان وعدا پار

 

ويل وقت نھ آھيان

١٥-٩-١٩٦٨ع

٢١ جمادي الثاني ١٣٨٨ھھ

ھالا

*

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ اچي ڀاڪر پاءِ

جڏي منھنجي جسم کي

 

پنھنجي لڱين لاءِ

سالن کان پوءِ سپرين

 

پنھنجا پير چماءِ!

سھڻا صديقي کي

 

بيخود اچي بناءِ!

پنھنجو سڳنڌ سنگھاءِ

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ مون لئي ٿيج مڇڏ

تون قوي آھين قرب ۾

 

منھنجو ھيڻو ٿئي ھڏ ھڏ

سھڻا! صديقي کي

 

گھرائي وھارج گڏ

سڏ ۾ ڏيندس سڏ

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ ھڪل ۾ رس ھاڻ

طالب مولا جي پرين

 

ڪر ڪا وٽِ وراڻ!

مٺڙا! مون کي ماڻ

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ ساڻي ٿي سان سڏ

پرتي اٿئي پيار جي

 

لالڻ سائين لڏ!

اکيون پوريو اچ تون

 

اڳيان کوھھ نھ کڏ

شل آڏي اچئي نھ اڏ

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ محبّت ۾ ٿي مڳ

اونھين پيار وري بھ ڪر

 

جئن عجيب! ڪيئي اڳ

طالب مولا وٽ پرين!

 

پرچي ڏي ڪو پڳ

ورڇون ڏي وصال جون

 

تھ درد بھ وٺن دڳ

اچي لڱين لڱو

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ ھلي آءُ حبيب!

لائي لڱ لڱن سان

 

مٺيون ڏينم مجيب!

سھڻا صديقي جا

 

لائق يار لبيب!

منھنجا ٿِي نصيب

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ گڏجي پيالا پي

مون کي بھ جوڙي جيارجان

 

۽ تون پڻ جانب جي!

سينو سيني تي رکي

 

سڄڻ لاھھ ڪو سي

سچ ٿو صديقي چوي

 

ٿوپ ٿڪي جو ٿي

ڪر ڪو قرب قوي

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ قربَ اچي ڪي ڪر

نوازڻ جا نجيب تون

 

پير پيارا ڀر!

محبّت واريون منزلون

 

سڀيئي ڪر سر!

راتِن جي رھاڻ جي

 

ويتر ڪجئين ور

آھن تو لھءِ اکيون

 

طالب سنديون تر

سھڻا! صديقي کي

 

نوري تون نظر!

گھرائي وٺ گھر

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ ڳري لاءِ ۽ ڳل

ويھي وري وصال جون

 

رمزون سڀئي رل

کڻي چاڙھج چاھھ مان

 

وري گھورن گھل

سينو سيني تي رکي

 

جذباتن کي جھل

جن وھڻ وھھ ڪري ڏنو

 

تن پورن کي پڻ پل

سچي ڳالھھ تون سل

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ دل جا ڌوئج داغ

اچي پيارج عشق مان

 

اڻ ميا اياغ

بيٺا ڪري بھار اچِ

 

برھھ وارا باغ

ٿو زوري منجان زاغ

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

ٿي حامي منجھھ ھڪل

نھ تھ مون کي گھراءِ محب تون

 

جي ھجيئي جانب جھل!

مون کان تھ نھ ٿي ٿئي پرين!

 

پورن سندي پل

تو ۾ مٺڙا محب! ڪا

 

اصلي ڪانھي ال

تھ منھنجا بھ ناھن ملڪ ۾

 

بلڪل ڪي بدل

اچي اوڳاڙ عشق جي

 

ڍولڻ! مون کان ڍل

سھڻا صديقي چوي

 

عاجز لاءِ امل!

منھن جا محب مٺل

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ ٺار مڙيئي ٺپ

طالب مولا کان ڪبا

 

ڪھڙا ڊاءَ ۽ ڊپ!

بِرج کيڏون برھھ جي

 

لائق! ڪر لھپ

ٻھڳڻ! ٻاونگير جي

 

ھجني کٽڻ جا کپ

ڏي ڪا شوق شراب مان

 

لالڻ ساقي لپ!

چتا آھن چپ

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

اچي اولا لاھھ

ليڪا سڀ لڪڻ جا

 

ڊڄ نھ، ڍولڻ ڍاھھ!

قرب مان قريشي ڏي

 

قربدار تون ڪاھھ

اچ تھ سھي عجيب تون

 

پو سينو ڀلي ساھھ

وسائين نٿو وجود مان

 

برھھ واري باھھ

سوين ھجنئي شابسون

 

اِينھين ڪبو آھھ!

چاھئون وري چاھھ

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ محب اچ مون وٽ!

عجيب! عزت تنھنجي

 

نھ گوھر ٿيندي گھٽ!

کڻي سيني لاءِ تون

 

جي پيل آھيان پٽ

تارون طلبن واريون

 

قربدار نھ ڪٽ!

نرمل! نوحاڻيءَ لاءِ

 

سانگا کڻي سٽ

منھن نھ مٺا! مٽ

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ وائي ڪر وصال

پھريين ڏينھن پرين مٺا!

 

جا ڏٺم جوت جمال

تھ ڪڏھن ڇڏيو ڪونھ ڪو

 

تنھنجي خاص خيال

سچ پچ صديقي چوي

 

ماريو ھن ملال

جو ڀڄي پرين پري ٿيين

 

قربدار ڪلال!

ھاڻي تھ پڇ حال

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ پيارا! لھھ پرگھور

حبيب! اچي ھٽاءِ ڪا

 

قلب واري ڪور

ڏي ڪا وٽ وصال جي

 

تھ جھڪي ٿئي جھور

نرمل! نوحاڻي جي

 

لھن ھنيين جا ھور

موٽي اچ تون مور!

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ عجيب ھلي اچ!

محبّت ڏني ڏينھڙا

 

ڳڻ تھ ٿيا ڳچ

مري نھ وڃان محب مان

 

پلڪن منجھھ پھچ!

نرمل نوحاڻي سان

 

محبّت اندر مچ

سڄڻ سائين سچ!

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ مھر خموشي ھڻ

تھ ٻاھر ٻاڦ ئي نھ ڪڍان

 

ڄيرين پوان نھ ڄڻ

ڌڪي دلبر! دور ڪر

 

دردن وارو ڌڻ

اڃا سلو سڪ جو

 

سائو آھي سڻ

ڏينس پاڻي پيار جو

 

تھ وڌي ٿئي وڻ

ميوا جھلي محبّت جا

 

سي کاءُ اچي، ٻيا کڻ

عجيب! کپئي اچڻ

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

ھلي اچ ھاڻي

زوراور! زبان کي

 

پرين ڏي پاڻي!

توکي معلوم منھنجي

 

عجيب! آکاڻي

پري نھ ڪر پاڻ کان

 

ڄاڻي سڃاڻي

طالب مولا جا مٺا!

 

ٿو ڄاڻ سڀئي ڄاڻي

اھو آھي ڇا ڀلا

 

اڄ ۽ صبحاڻي!

ويل نھ وھاڻي

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ ھاڻي ڏيج نھ ڏڃ

پياري پڪ پيار جي

 

پرين! ڪرائج پڃ

حبيب! ھاڻي ھجر ۾

 

ماري ڪجئين نھ مڃ

توري مٺا! من سان

 

بلڪل آھي ڀڃ

سڄڻ! صديقي تو سوا

 

رڳي ڀانيئي رڃ

اچي اجھائج اڃ

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

بلڪل ڪينڪي ڀڄ

حبيب! اچي ھڪ ٿي

 

منھنجي حال ۾ ھڄ

تھ ولوڙي ڪيئن ورھھ ٿو

 

احوال جڙئي اڄ!

طالبُ مولا، تون ٻئي

 

ڏيون ڪڙاين ڪڄ

رلجِي ڪر ڪو رڄ

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ رڙھي اچي رس

حقيقت ھن حال جي

 

پرين پيارا پس!

ڪندين اڄ احسان ھي

 

تھ جڳ بھ چوندئي جس

قريشي سان قرب ۾

 

ڪر رھاڻ ۽ رس

سڪ ۾ صديقي سان

 

صحبت ڪج سرس

کڻي کائج ڪس

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ رسڻا لاءِ ڪو رنگ

وري اچي وجود کي

 

ٻيڻو پاءِ تون ٻنگ

تھ ڇڏي شھرت شھر جي

 

جھونجھي لھون جھنگ

طالب مولائي ۽ تون

 

وري وجھون ونگ

ٺار اچي انگ انگ

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ ھاڻي ڪڍ نھ ڪنڌ

پرين! اچي پيار تون

 

وري محبّت منڌ

نھ تھ مون کي گھر گھراءِ تون

 

جي پڄئي نٿو پنڌ

مون وٽ تھ آھي مورڳو

 

عشق وارو انڌ

سڪ ۾ صديقي جو

 

سڪي ٿو سنڌ سنڌ ُ

ھي ئي اٿئي ھنڌ ُ

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ لاھھ برھھ جا بند

نوري اچي نواز تون

 

عجيب آسروند!

پيارج لب لبن جي

 

ڪيڏھن ڪبا قند!

اچي قوت قلب کي

 

سنگھاءِ اچي سڳند

نٿو اچين نجيب تون

 

ڇو ڦير ڪيئي ۽ ڦند!

حيرت کان ھن ڳالھھ جي

 

ٿم ڏندن مٿي ڏند

صديقي تنھنجي سڪ ۾

 

ٿو سڙي جئن سپند

رس رڙھي سڀ رند

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ اچي اڱڻ اڏ

ڇڏ ھي رسڻ روز جا

 

کڻي وجھين کڏ

طالب مولا سان وري

 

گوڏو پنھنجو گڏ

قسم قادر جو اٿئي

 

ڇرڪ سڀيئي ڇڏ

سھڻا! کڻي سڏ

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ ڇڏ تون ڊاءُ ۽ ڊپ

ھلي اچ تون ھيجِ مان

 

ٽپ تي ڏيئي ٽپ

طالبُ مولا آھيان

 

سڄڻ! ناھيان سپ

ھجئي منھنجو کپ

 

تھ ويل وقت نھ آھيان

١٦-٩-١٩٦٨ع

٢٢ جمادي الثاني ١٣٨٨ھھ

ھالا

*

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ صحبت مان ڏي ساءَ

ھليو اچ حبيب! تون

 

ڪبا نھ ڪي ڊپ ڊاءَ

وري ڪي وصال جا

 

وار ورھھ ۾ واءَ

ڪھڙا ڪبا قرب ۾

 

ڀلا رک رکاءَ!

طالب مولا مان بھ وٺ

 

ڪي تھ سڄڻ تون ساءَ!

ھلي آءُ ”ھماءَ“!

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ سڄڻ! ٿي نھ سخت

نوري! نوحاڻي کي

 

ڏي طلبن وارو تخت

ٿي ھاڻ بھ منھنجو بخت

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

ٿي نماڻي نصيبُ

اڳ ۾ ئي تون آھيين

 

لائق ۽ لبيبُ

طالب مولا لاءِ ٿي

 

طلبن منجھھ طبيبُ

جيڪر ٿيين قريبُ

 

تھ ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ قلب مان ڪڍ ڪچ

ھيڻي وٽ حبيب تون

 

پاڻھي پري اچ

ويھي ڪريون قرب جون

 

دلبر ڳالھيون ڳچ!

صديقي چوي سچ

 

تھ ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ اکيون اچي ڪر چار

ھجر ۾ نھ حبيب! تون

 

ڀل محبت ۾ پيو مار

اھا سرت صديقي چوي

 

دلبر سائين ڌار!

ڪر قربائتي ڪار

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ ھاڻ نھ وڃاءِ ويل

پرين! ڪر ڪا پيار جي

 

ريھي ريل ۽ ڇيل

تھ ڪريون ڪي قريب ٿي

 

محبّت سندا ميل

سورن جي صديقي چوي

 

بيھي ڪريون ڀيل

سڄڻ! اچ سويل

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ نرمل ڪر نھ نراس!

تنھنجا سور صديقي چوي

 

ٿا مورھئون کائن ماس

گڏجي گوندر کي

 

نھوڙي ڪريون ناس

عجيب! ھجئي احساس

 

تھ ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ کڻ قرب جا قدم

عجيب! اجايا ٿا وڃن

 

دوري وارا دم

گڏج تھ گوندر لاھيون

 

غلط ڪريون سڀ غم

رکون ڦٽ فراق تي

 

محبّت جا مرھم

اٿئي منھنجي سر جا

 

ڪيئي سو قسم

لاھي ڇڏ وھم

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ رس تون ڪارڻ ربّ

ڦٽا ڪر فقير سان

 

سڀيئي سبب

سچ ٿو صديقي چوي

 

چڙون ڇڏ ۽ چب

عجيب! نھ کاءُ عجب

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ لالڻ ڇڏ لڪون!

ڦٿڪن ٿيون فراق ۾

 

تو لئي سڄڻ سڪون!

اکن اوھيرا ڪري

 

چؤطرف ڪيون چڪون

عادت ھي نھ اسان جي

 

تھ ڍورن جيئن ڍڪون

طالب مولا کي تڏھين

 

ڏي طلب مان تڪون

پيارج پاڪ پڪون

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ پرين رھھ نھ پري!

دردن سوڌي دلڙي

 

پئي ڳڻتن منجھھ ڳري

فرق فقط ھي ٿورڙو

 

پئي ٻڏي ۽ تري

تنھنجي بھ سريو ٿي وڃي

 

منھنجي بھ پئي سري

سچ ٿو صديقي چوي

 

ھيئن وري نھ ڪي سري

مالڪ مرضي جو ٿيين

 

ڏس دل تي ھٿ ڌري

اچ تون پير پري

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

ڍولڻ منھنجا ڍول!

نوري! ڪر نوازشون

 

تھ جھلي بيھان جھول

قلب مان قريشي جي

 

ھڪدم لھن ھول

پورا ڪر تون پيار مان

 

جي ٻيھر ٻڌئي ٻول

ويتر ڪين وسارجان

 

قربن وارا قول

سھڻا! صديقي جي

 

ڪر ڳجھارت جي ڳول

تھ روح رچنديون ڪي ڪريون

 

ريجھي منجھھ رتول

ڀلائي ڇڏ ٻيا ڀول

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

محب مٿي جا موڙ

منھنجي ڏئين ڪا ڪنھن کي

 

وڃي جيڪر ووڙ

تو سان بھ ڪيا ڪڏھن

 

ڪي گوندرن گوڙ!

يا اسان سان اصل کان

 

پئي ڪري پرت پتوڙ

تنھنجي ڪئي طلب ۾

 

طالب مولا توڙ

جوڙ اچي ڪا جوڙ

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

ڏي طالب کي نھ تڏ

ھن وٽ آھي ڪانھ ڪا

 

پرين پيارا پڏ!

پرتي اٿئي پيار جي

 

لالڻ سائين لڏ!

ڌڪي ڪڍ دوري کي

 

ڪر گدلي سان ڪا گڏ

قريشي سان قرب جي

 

اچي ڪر ڪا اڏ

ڇڏي اچ ھوءَ ڇڏ

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

۽ مران ڪين مان

تھ ھليو اچ حبيب تون

 

حالي ھڪ لڱان

تھ وڻئين ڏاڍو وجود کي

 

۽ ريجھين پئين روحان

طالب مولا کي مٺا!

 

ھوند چمين چاھھ منجھان

سڏ پرين! تون پاڻ ڏي

 

تھ پلڪ اندر پڄان

وري ھوند اچان

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ پري اچي ڪر پيار

ھاڻي ڇڏ حجاب کي

 

عجيب ڇڏي آر!

ڏسندين تھ چاھئون چنبڙندين

 

بلڪل بي اختيار

نوري! نوحاڻي جو

 

ٿي غمن ۾ غمخوار

سچ ٿو صديقي چوي

 

تھ ٻھڳڻ ٿي نھ ٻار!

قريشي قربائتو

 

ٻيھر بھ ٿئي ٻلھار

طالب مولا ٿو چوي

 

ھي عشق منجھان اظھار

اھو ڪر اتبار

 

تھ ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ پت پرت جي پار

رمزون روز رسڻ جون

 

ٽيھھ ئي ڏينھن تون ٽار

اصلي تنھنجو آھيان

 

ھنيون نھ ھرگز ھار

نھ تھ عاشق چواءِ نھ اصلي

 

۽ وعدا سڀ وسار

ڪوڙو سمجھيئي قرب ۾

 

محبوب سائين مار!

طالب مولا ڏي پرين!

 

کڻي ڪنڌ نھار

اکيون اچي ڪر چار

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ کڻ برھھ جو بار

سوگند تنھنجي سر جو

 

اٿم نينھن نبار

اصلئون تنھنجي عشق ۾

 

ٻھڳڻ! ناھيان ٻار

اچ تھ جھولي ۾ جھلي

 

اھڙو ڏيئين پيار

سيوڪارن ۾ سھڻا!

 

وٺجئي ھڪ ھڪ وار

طالب مولا ساڻ ڇڏ

 

گوھر تون گينوار!

ٻنھي ٻانھن جو کڻي

 

پاءِ حقيقي ھار

اھو ڪر اتبار

 

تھ ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ اچي ڪر احسان

سڏڪا ھر ھر ٿو ڀري

 

اندر جو ارمان

تون بھ انسان آھيين

 

آنءُ بھ آھيان انسان

مشڪل مڙئي پانھنجا

 

اچ تھ ڪريون آسان

يا فطرت ۾ ڪو فرق پيو

 

ڇڏيو جذباتن جھان!

آرزو مان عشق ويو

 

ٿي تقاضا تالان!

يا ختم ٿي ويون خواھشون

 

۽ سڪ جو ويو سامان!

متان تاب تمنائن ڇڏيو

 

۽ مطالبن ميدان!

نوري! نوحاڻي جو

 

اڃا نينھن اٿئي نالان

حبيب ھميشه نھ اچين

 

تھ بھ محب ٿي مھمان!

نرمل! ٿيس نادان

 

تھ بھ ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

اچ عجيب الاڙي!

اکيون عاجز ٿي پيون

 

ڳوڙھا سو ڳاڙي

حبيب سائين! ھجر ٿو

 

لونءَ لونءَ لتاڙي

کٽي واري کنڀ جان

 

پئي محبّت مناڙي

آوي وانگر عجيب! ٿي

 

سڪ سدا ساڙي

ڪيل قول قرار تون

 

اچ پرين سڀ پاڙي!

تھ بھ سمجھين نٿو صديقي چوي

 

گھوڙا گھوڙا ڙي!

من پڇين اچين پاڙي

 

ويل وقت نھ آھيان

 

*

 

جي ڀائين جيئرو ھجان

 

تھ ڏک نھ ڏي ڏوڙا

عشق ھڻي ٿو اڻ ڳڻيا

 

ھر ھر ھٿوڙا

پيارا يار! پڇي تھ ڏس

 

سڀ اوڙا ۽ پاڙا

ھلن ڪئن حبيب ٿا

 

جھان ۾ جوڙا!

پنھنجا بھ پرين شل ھجن

 

جوڙا سجوڙا!

تھ بھ سمجھين نٿو صديقي چوي

 

گھوڙا ڙي گھوڙا!

ٻڌين نٿو ٻوڙا

 

تھ ويل وقت نھ آھيان

١٧-٩-١٩٦٨ع

٢٣ جمادي الثاني ١٣٨٨ھھ

حيدرآباد ۽ ملتان جي وچ ۾

فوڪر فرينڊشپ پي ڪي ٦٠٢

*

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج -  - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org