Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 18

[30]

سان سدائين سھڻا

 

چريا ھيئن چون

 

تھ سان نھ سوگو ڪن

جي سانن سوگو ڇڏيون

 

تھ سان ڪيئن سڏجن!

اچو ھر ڪنھن ويل ۾

 

ولر منجھھ وھن

ھر ھر ھرڪنھن ئي منجھان

 

پنھنجو سڳنڌ سنگھن

ھو ويھي وٿاڻن ۾

 

سڀڪي ٿا سمجھن

طالب مولا مستي جي

 

مڻ مٿي ۾ اٿن

ٻيو سان اچي ڪو ٻاھران

 

تھ صفا ڪين سھن

مٿو ڏيو مرن

 

يا جھوريو ڪڍنس جوءِ مان

 

*

 

سانن کي ساڃاه جا

 

مٿي ۾ ڪئين مڻ

ھردم ھنن اڳيان

 

ڌڻن سندا ڌڻ

ھڪ ھڪ توڏيءَ، جي اٿن

 

تانگھھ، طلب ۽ تڻ

طالب مولا تن کي

 

ڳجھي اندر ۾ ڳڻ

وٿاڻن جا وڻ

 

ڪڏھن وسارن ڪين ڪي

 

*

 

سان سڃاڻن پنھنجون

 

پري نھ ڪي پھرن

وڃي ٻي وٿاڻ تي

 

ڪڏھن ڪين وھن

جھاڳي پنھنجي جوءِ کي

 

سمن تي سھڙن

اڳيان ڪري انھن کي

 

پٺ ۾ سندن پرن

ھجي مھاڙ مڙن ۾

 

تھ بھ پنھنجن ڪين پڇن

سائو سائو ڪن ٿا

 

سدائين سڀن

ڌاران ڌرارن

 

طالب ڪنھن جا ڪين ٿيا

 

*

 

سوگ نھ ڪن ٻيا ساه ڀريا

 

سان ئي سوگارا

جي وڃي ڪا وڙواند ٿي

 

ھڻن ڦريو ڦونگھارا

واريو آڻين ولر ۾

 

ڀِريو ڀٽارا

باس نھ وڻين بَد جي

 

ڀڃن ٽاڙھيون ڏيو ٽارا

جھڙا لھوارا

 

تھڙا اوڀارا

طالب چوي تن جا

 

مٿا موچارا

ميا متارا

 

جالين پنھنجي جوءِ ۾

 

*

 

سانن سائي آھھ

 

جا ڪنھن نھ پاري پر

بلڪل ڀتارن جي

 

ڪڏھن نھ ڇڏين ڀر

جتي ڪڻڪا ڪنڍن جا

 

اتي وريو ڪن ور

وھن ڪين ڪپر

 

جھاڳيو اچن اجھاڳ کي

 

*

 

سان سدائين سھڻا

 

چڱا چؤکا، چال

وڃن تھ ٻي ڪنھن جوءِ تي

 

سالن سندا سال

رکن سدائين روح ۾

 

محبّت پنھنجي مال

جھنگ چرن ٿا جال

 

پر وڃن ٻي نھ وٿاڻ تي

 

*

 

جيڏي ساڃاه سانن کي

 

تيڏي جي ماڻھن

تھ جنگ جھيڙو نھ ٿئي

 

واٽان ڪين وڃن

ويھي پنھنجي وڳر ۾

 

سدا سک سمھن

ولر واريو پانھنجا

 

سدا ساوڻ ڪن

سدائين صديقي چوي

 

موجن منجھھ مچن

ھميشه ھجن

 

سڀئين پرئين سنرا

 

*

 

سان نھ سھي ويڻ

 

ڪاڻ نھ ڪڍي ڪنھن جي

سختي سھي ڪانھ ڪا

 

محبّت سان ٿئي ميڻ

تھ بھ سڃاڻي ماءُ ۽ ڀيڻ

 

مچِي جڏھن مست ٿئي

 

*

 

سانن جھل نھ پل

 

چرن ڀلي چاه مان

ڪن ٿا اھي قرب ۾

 

سڪي، سائي کل

وھن جنھن وٿاڻ تي

 

تھ ڀِريو ڪن سي ڀل

جن ۾ ھوندي ال

 

سي ورائيندو واٽ تان

 

*

 

سوگون سان نھ ڪن

 

تھ وڙ ئي وڃن وڃائجي

حضورن ۾ ھزارين

 

ھوند اچي الون پون

وڙن وجھن واريون

 

مورڳو ڪين ملن

ڦنڊيون ڦرن ڦرن تي

 

ڍڪيون ڪونھ ڍڪن

کڙي وڃن کڙڪ تي

 

ڀِلون ڪين ڀِڄِن

ڏڌ، مکڻ ۽ کير مان

 

برڪتون ڀڄِن

ڀينگ ٿئي ڀاڻن تي

 

ڪنڍيون نھ ڪڻڪن

ڀاڳيا ٺلھيون ڀاڻ تي

 

ويٺا وايون ڪن

جي ڪن ٿا مست مھي سان

 

تن کي بکون ڀڃن

سچ ٿو صديقي چوي

 

ٻلاريون نھ ٻرن

طالب مولا تڏھين

 

کرڪيون نھ کڙڪن

سانڀر ڪين سڄن

 

بنياد ئي وڃن بدلجي

٢٩-٨-١٩٦١ع

ڪراچي

*

 


 

[31]

عورت ڏنگي پاسري

 

عورت ڏنگي پاسري

 

سڌي ڪين ٿئي

زور ڏجيس ذرڙو

 

نھ ڀڄي نيٺ پئي

مر بھ آھي تيغ جيئن

 

جيڪو زور ڏئي

تھ ڀڄي نھڙ نئي

 

طالب مولا تنھن جو

 

*

 

عورت ڏنگي پاسري

 

سڀئي ايئن چون

پر مرد بھ آھن تيغ جئن

 

جي سڌا ڪين ٿين

ھو ڀڄن تھ ٺلھيون ئي ڀڄن

 

ھي ڀڄن تھ ٻيا بھ ڦٽن

ھو ڳنڍجن تھ ڳنڍ ٿئي

 

ھي ٺھن تھ خوب ٺھن

ھن کي فقط ھٿ سان

 

پنيون پٽيون ٻڌجن

ھن کي ڏين آتشون

 

تڏھين ٿا مڙن

ھو سڄيون ٿيڻ کان پوءِ پڻ

 

ڪمزور ئي رھن

ھي ٺھي وڃن تھ ٺاٺ سان

 

صدا صفون ڀڃن

سچ ٿو صديقي چوي

 

مٽ نھ ڪو مردن

چڱيون سي چئجن

 

جي ھٺ نھ ڪن ھنن سان

 

*

 

وڏي وٿ وڳر ۾

 

عورتون آھين

ويچاريون ھر ويل ۾

 

ٿيون ننڍڙا نپائين

لوليون ڏيئي لاڏ سان

 

راتيون وھائين

تڪليفون سڀ تن لھءِ

 

چشمن تي چائين

ننڍڙا وڏا ڪرڻ ۾

 

ورھھ وڃائين

بديون بخشائين

 

مائون پنھنجي مھر سان

 

*

 

ڪن جي محبّت مرد سان

 

تھ روئي ريجھائين

سچيون ٿين صحبت ۾

 

تھ ناتا نڀائين

ڪن جي وفا ور سان

 

تھ پاند ڳچيءَ پائين

پنھنجو ڪن پِرين کي

 

تھ وري نھ وڃائين

قرب واري جو قلبَ سان

 

چاڪر چوائين

جي خودي کي کائين

 

تھ مٽ نھ سندن ڪو ٻيو

 

*

 

اعتراف آھي انھن جو

 

ٿيون محبّت ملھائين

ڪاھي پون ڪلفت ۾

 

تھ ٻيڻيون ٻڌائين

ڪاوڙجن ڪنھن مھل جي

 

تھ سڀ سر سڻائين

اچن پنھنجي پر تي

 

تھ ناٿ بھ نچائين

سچيون ٿين سڪ ۾

 

تھ ڪنڌ بھ ڪپائين

مرد سندن محتاج ٿين

 

جي ٻيھر ٻاڏائين

افسوس ٿيندو، جيڪڏھن

 

رڳو حجتون ھلائين

ڳرھاٽيون ڳنڍڻ لاءِ

 

جي پيار منجھان پائين

۽ پلپل گھڻا پيار ڏئي

 

ٿي محڪم مڃائين

تھ مست گھڻي ئي مرد ٿي

 

ڳڻ سندن ڳائين

طالب مولا طلب ۾

 

شل قرب ڪمائين

لئون سچي لائين

 

سدا ھجن سھاڳڻيون

٣٠-٨-١٩٦١ع

ڪراچي

*

 


 

[32]

ڪتو ڪتو نھ چئو

 

ڪتو ڪتو نھ چئو

 

ڪتي وڏو ڪار

ڌڻي ڌاران ڪڏھين

 

ڪري ڪونھ قرار

بک ڏک ڏسي ڪين ڪي

 

سدائين سچار

طالب مولا تھدليئون

 

ھميشه ھشيار

پھرو ڏي پرت مان

 

جاڳڻ سان ٿس جار

پنھنجن ساڻ پيار

 

ڀونڪي بيگانن تي

٤-٦-١٩٦٤ع

راولپنڊي

*

ڪتو ڪتو نھ چئو

 

ٿو ڄاڻ وڏي ڄاڻي

سدا حاضر حڪم تي

 

ڏي مٿو مانڌاڻي

پادر پنھنجن جا جھلي

 

پاڻ نھ ات آڻي

ماڻھن وانگر مورھئون

 

وري نھ وراڻي

جي ڇِتو ٿي پوي

 

تھ بھ ڌڻي سڃاڻي

طالب مولا تنھن کي

 

ويٺو واکاڻي

ھو تيڏاھن ئي تاڻي

 

جيڏھن مالڪ موڪلي

٤-٦-١٩٦٤ع

راولپنڊي

*

ڪتو ڪتو نھ چئو

 

ٿو ڄاڻي وڏي ڄاڻ

بلڪل وڙھي بَڇ تي

 

مٿو ڏي مانڌاڻ

ڀونڪيو بيگانن سان

 

ڪري ڇنڊ ۽ ڇاڻ

مري مالڪ اڳيان

 

پٺ نھ ڏي ھو پاڻ

آدمن اھڃاڻ

 

طالب مولا تنھن ۾

٤-٦-١٩٦٤ع

راولپنڊي

*

ڪتو ڪتو نھ چئو

 

ڪتي وڏو ڪم

نمڪ ملھائي نياز سان

 

ڏئي ھڏ ۽ چم

ھڻي ڪونھ ڌڻي وٽ

 

دعوا وارو دم

طالب مولا تنھن تي

 

ڪو ڪري ڪونھ ڪرم

تھ بھ ھڪل سان ھڪدم

 

ھليو اچي ھيج مان

٤-٦-١٩٦٤ع

راولپنڊي

*

ڪتو ڪتو نھ چئو

 

ڪتي وڏي ڪار

عادتون انھي جون

 

آدمن آچار

ويتر وفادار سان

 

دلبري ئي ڌار

طالب مولا تنھن کي

 

پيار ڏئي تون پار

مري مالڪ اڳيان

 

پٺ نھ ڏي پيڪار

گندو نھ ڏئي گار

 

جي مالڪ ھڻيس موچڙا

٤-٦-١٩٦٤ع

ڪوه مري

*

ڪتو ڪتو نھ چئو

 

ڪتي ڪم وڏا

ماني مليس ڪين ڪي

 

تھ بھ ھيجئون کائي ھڏا

پاليل، پرايا ڪڏھين

 

تڪي ڪين تڏا

محبّت مالڪ سان رکي

 

لوچي ڪونھ لڏا

ڦريو ڪري ڦڏا

 

بلڪل بيگانن سان

٤-٦-١٩٦٤ع

ڪوه مري

*

ڪتو وڃي ڪين ڪي

 

پري پلڪ پھر

ماڻھن وانگر مورڳو

 

مٽي نھ ڌڻي در

ماني مليس ڪانھ ڪا

 

تھ پٽي اچي پر

محڪم مالڪن جو

 

سھي ڏوٺ ڏمر

محبّت جو محتاج سو

 

گھري ڪونھ گھر

حڪم تي حاضر

 

طالب چوي تھدليئون

٤-٦-١٩٦٤ع

ڪوه مري

*

ڪتو وڃي ڪين ڪي

 

پري پھر پلڪ

ڪڇي پڇي نھ ڪڏھين

 

جي ڌڻي ھڻيس ڌڪ

بلڪل بيگانن کي

 

چنبڙيو ھڻي چڪ

محبّت ئي مرڪ

 

طالب مولا تنھن جو

٤-٦-١٩٦٤ع

ڪوه مري

*

سالڪ ھيئن چون

 

”تھ ڪتو ويري ڪڙم جو“

جي نھارين نرتِ مان

 

تھ عجب رنگ ڏسن

تھ ماڻھو ماڻھن سان وڙھيو

 

ٿا وڏا چڪ وجھن

ڪتا بھ وڙھن ڪين ڪي

 

جيئن ٿا ھو وڙھن

پٽيو ماس پاڻ ۾

 

ننگئون ٿا نڪرن

”الدنيا جِيفة“ تي

 

عمل خوب اٿن

سله رحمي کي سدا

 

وساريو وھن

ڪتا وڙھيو ۽ وريو

 

پيا گڏ ھلن

ھي رسيو مٿئين مقام تي

 

تڪبّر ۾ تِرڪن

ظالم زبردستيون

 

ڪن مٿي مسڪينن

حاڪم ھيڪاري ٿين

 

تھ سچ نھ ڪڏھن سنڀرن

طالب مولا تن کي

 

جي چڱايون چئجن

تھ ٻوڙا ٿيو ٻڌن

 

ھيڪاري ھدايتون

٥-٦-١٩٦٤ع

ڪوه مري

*

ڪتو ماڻھو نھ ٿئي

 

پر ماڻھو ٿئي ڪتو

اٿي ھرگز ڪين ڪي

 

ٿي غافل سنجھي ستو

طالب چوي طلب ۾

 

ٿي محبّتي متو

تھ مٽ ماڻھوءَ جو نھ ٿئي

 

جي رنگ ۾ خوب رتو

رکي کوٽ اندر ۾

 

تھ پوي ڪونھ پتو

کائي ڌر ڌڻي کي

 

جي پوي ٿي ڇِتو

گوئي ڪري گتو

 

تھ گپ مان نڪري ڪين ڪي

٢-٨-١٩٦٤ع

اسلام آباد

*

 


 

[33]

مٿو کپندئي مٽي ۾

 

مھمايل! مجاز جي

 

لڳيئي ڪانھ لغار

نرمل وجھئي ھا نڪ ۾

 

محبّت جي مھار

تھ ھوند نھ رکين ھا ھيتري

 

محبِتن ميار

پڙھي پروڙيئي ڪين ڪي

 

ويئي عمر اپار

دک پھچايئي دلين کي

 

بحث ڪري بيڪار

”لباس المؤمنين قلوب الکافرين“

 

بڇڙو ٿين بدڪار

ٿو ڀلائين خلق خدا جي

 

نالائق نيڪار

طالب چوي تڪرار

 

ٿو ڪرين سڀ طمع تي

٢٧-٤-١٩٦١ع

ھالا

*

تنھنجي سڀ طمع تي

 

نيت آھي نادان

ڪرين رڳو ڪوڙ تون

 

ھلڪو ٿي حيوان

مومن جھڙو منھن ۾

 

بلڪل بي ايمان

اندر اونداھون اٿئي

 

منجھايئي مسلمان

ظالم ذري ذر تي

 

مڙيو اچين مروان

لافون ھڻين لوڪ ۾

 

ظاھر ساڻ زبان

مٿو کپندئي مٽي ۾

 

شر پسند شيطان

مولا نھ ڏيندئي مان

 

ڪنڌ نھ کڻندين ڪڏھين

٢٨-٤-١٩٦١ع

ھالا

*

مھمايل! منجھين پوين

 

منجھھ من جي مونجھاري

ڪنڌ کڻين ڪين ڪي

 

منھين موچاري

پوئي ڳٽ ڳچي ۾

 

وجھئي مجازي ماري

پرائي پچار کي

 

شل ويھين وساري!

وري اچين واٽ تي

 

پر ڇاڻي ٻھاري

ساري سنڀاري

 

ڪو بدلو وٺئي بره جو

٢٨-٤-١٩٦١ع

ھالا

*

متو آھين مڇ جان

 

مھمايل! مٿير

پيو ھٿ ھلائيين

 

پختا نھ اٿئي پير

رنگ ڪريو رات جو

 

سجدا ڪرين سوير

تو ۾ ڏھاڙي ڏينھن جو

 

ڏسجن ٿا ڏھھ ڦير

محبّت رکين مال جي

 

مولا کان منھن ڦير

اھڙا ڪئين انڌير

 

ڪرين ٿو ڪلتار سان

٢٨-٤-١٩٦١ع

ھالا

*

ڪرين ٿو ڪلتار سان

 

ٺڳين وارا ٺاھھ

آذر سندءِ امام ٿيو

 

ويئي رسولي راھھ

پاڻ نھ ڏٺئي پانھنجو

 

پر بيٺو ڪرين باھھ

پڇتائين ھوند پاڻ لاءِ

 

اٿئي ٻين جي لاءِ ٻاھھ

سٺي اچئي ساھھ

 

جي موچڙو لڳئي منھن ۾

٢٨-٤-١٩٦١ع

ھالا

*

ڪيو خدا خراب

 

مھمايل مڇ کي

واري وٺندس وير ۾

 

الله سائين آب

ڏٺو ٿيندو ڏيھھ ۾

 

کڄندس نيٺ نقاب

طالب سندو تاب

 

سھي سگھندو ڪين ڪي

٣-٥-١٩٦١ع

ھالا

*

 


 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org