Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 8

 

جي جو جياپو

 

آءُ وري عجيب تون

 

تھ لايون نوان نينھن

پي ڪي سرڪيون سڪ جون

 

راتيون ڪريون ڏينھن

محبّت وارا مينھن

 

بس نھ ڪن برھھ ۾

٢٤-٢-١٩٦٣ع

ڍاڪا

*

آءُ وري عجيب تون

 

تھ نئون نينھن لايون

وصل جون وايون

 

واري اچ وطن تي

٣-٨-١٩٥٥ع

حيدرآباد

*

عجيب اوري آءُ

 

تھ ساري سور سڻائيان

زمانو ضعيف ٿيو

 

ڇڏيئين لاءُ ۽ ساءُ

محبت مان محبوب تون

 

وار وصل جو واءُ

ڦڙي ڦڙي تلاءُ

 

ڪٺو ٿيندو قرب سان

١٤-١٢-١٩٥٥ع

حيدرآباد

*

مٺا موٽي آ

 

سڄڻ ساريان ٿو گھڻو

توري طالب يار جي

 

آھي واھھ نھ ڪا

پارج اچي پرت سان

 

ٻولي ٻوليئي جا

سھڻا سائين سا

 

پوري ڪج پيار مان

١٣-٩-١٩٥٨ع

حيدرآباد

*

مٺا اچ موٽي

 

سڄڻ ساريان ٿو گھڻو

طالب جي طلب ۾

 

چوٽِ آھي چوٽي

دل کي ڏي دل سان

 

اميري اوٽي

متان ڪرين کوٽي

 

اچڻ ۾ عجيب ڪا

١٣-٩-١٩٥٨ع

حيدرآباد

*

موٽي آءُ مٺا

 

سڄڻ ساريان ٿو گھڻو

آئين ڪونھ عجيب تون

 

ڏاڍا ڏينھن ڏٺا

طالب تنھنجي طلب ۾

 

سوين سور سٺا

قرب ۾ ڪٺا

 

ٿي رھون راتيون ڏينھڙا

١٣-٩-١٩٥٨ع

حيدرآباد

*

مٺا موٽي آءُ

 

سڄڻ ساريان ٿو گھڻو

وئين جيئن وري پرين

 

تھ لڌئي ڪونھ سماءُ

پساءِ اچي اڱڻ تي

 

لالڻ ڪو لقاءُ

وار وصال جو واءُ

 

طالب مولا ڏي مٺا

١٣-٩-١٩٥٨ع

حيدرآباد

*

مٺا موٽي اچ

 

سڄڻ ساريان ٿو گھڻو

محبت سندو من ۾

 

مچائي وئين مچ

سڄڻ ٻڌاءِ سچ

 

ايندين ڪڏھين اڱڻ تي

١٣-٩-١٩٥٨ع

حيدرآباد

*

مٺا وري موٽ

 

سڄڻ ساريان ٿو گھڻو

تنھنجي عشق عجيب اڄ

 

چڙھي ورتو چوٽ

طالبُ مولا تنھنجو

 

اٿيئي اڻ موٽ

قرب سندو ڪوٽ

 

جانب ڏي جود مان

٢٧-٣-١٩٥٩ع

ھالا

*

محبت واري مئي مان

 

جام پياريئي جال

ويھي نھ پڇيئي ڪنھن ويل ۾

 

ھيڻا منھنجا حال

مٽيو منھن محبوب تو

 

ڪالھوڻي ڪال

ڪيئي ڪانھ سنڀال

 

طالب مولا جي مٺا

٢٠-٩-١٩٥٨ع

ھالا

*

ھئن نھ مناسب ھوءِ

 

پرين پيارا

پير ڪڍي وئين پوءِ

 

لائي عشق عجيب تون

٢٠-٩-١٩٥٨ع

ھالا

*

ڪين مڪو محبوب تو

 

نينھن جو نياپو

تون ڀلارا ڀلا پرين

 

جي جو جياپو

طالب مولا جو ٻيو

 

سڱ نھ سياپو

ڏيئي ڏوراپو

 

پڇان ٿو پيار مان

٢٠-٩-١٩٥٨ع

ھالا

*

ڀلارا ڀلا پرين

 

آئين ڇو نھ اتي

واعدو وصال جو

 

جانب ھو جتي

ھاڻي ڳالھھ ھتي

 

صفا ڪر صلح جي

٢٠-٩-١٩٥٨ع

ھالا

*

ڀلارا ڀلا پرين

 

ھئن نھ مناسب ھوءِ

وعدو ڏئي وصال جو

 

پڇيئي وري نھ پوءِ

ڏاڍو ڏک ڏنوءِ

 

دلبر منھنجي دل کي

٢٠-٩-١٩٥٨ع

ھالا

*

راتيون ڪري ڏينھن

 

سڄڻ ويٺو ساريئين

ھيڪاندا ھجر ۾

 

محبت وسايا مينھن

ناتو نڀائج نينھن

 

طالب مولا سان پرين

١٧-٤-١٩٥٥ع

ھالا

*

اٺئي پھر اون

 

عجيب آھي اھنجي

ٻيو ڪنڌي ڪپر ڪونھ

 

توري سھڻا سپرين

٢-٩-١٩٥٩ع

*

جاني! جئن جو تئن ٿو

 

سڪان ۽ ساريان

ھنجھون پيو ھاريان

 

ھئي ھئي تنھنجي ھجر ۾

٦-٨-١٩٦٠ع

*

سپرين! تنھنجي سڪ ۾

 

سڪان سارو ڏينھن

محبت وارو  مينھن

 

ويٺو روز وسائيان

٦-٨-١٩٦٠ع

*

سپرين! تو کي سڪ مان

 

ساريان ساري رات

وائي اھا وات

 

تھ ملان پنھنجي محب سان

٦-٨-١٩٦٠ع

*

سپرين! تو کي سڪ مان

 

سڏيان ۽ ساريان

ويٺو تنھنجون واٽڙيون

 

نرمل نھاريان

پرين تنھنجي پرت کي

 

پلپل پڪاريان

ھاريو ٿو ھاريان

 

ھنجھون تو لءِ ھجر ۾

٦-٨-١٩٦٠ع

*

سڄڻ، پيارا، سپرين

 

تو ۾ سندم ساھھ

مون ۾ وري محب تون

 

ٺاھي ويٺين ٺاھھ

ھردم منھنجي حال کان

 

آھين تون آگاھھ

طالبُ مولا تو سندو

 

چِت ۾ رکي چاھھ

ڄاڻي ٿو الله

 

حقيقت ھن حال جي

٣-١١-١٩٥٩ع

حيدرآباد

*

پرين ھت پرديس ۾

 

اڪيلو آھيان

ھردم توکي ھيج مان

 

دلبر ٿو داھيان

ڪرم ڪر قريب تون

 

ٻي ڪنھين جو ناھيان

ٿو لالڻ ليلائيان

 

حبيب ٻڌي ھٿڙا

٢٨-٧-١٩٥٩ع

لنڊن

*

حبيب ٻڌي ھٿڙا

 

ٿو ڪريان عرض اپار

مھر ڪر محبوب تون

 

جاني جي جيار

پيارا پرديسي کي

 

ڏي پل پل منجھھ پيار

سڀئي بخشج بديون

 

سھڻن جا سردار

سھڻا سڀ ڄمار

 

تنھنجو ئي تان آھيان

١٥-٨-١٩٥٩ع

لنڊن

*

پرين! تنھنجي پرت جون

 

جِي ۾ آھن جايون

ھجر مون سان ھر گھڙي

 

ھئي ھئي ڪري ھايون

آءُ وري عجيب تون

 

تھ نئون نينھن لايون

وصل جون وايون

 

وراءِ جلد وري پرين

٣-٨-١٩٥٥ع

حيدرآباد

*

جيڏھن ڪريان نھار

 

تھ آھين سڄڻ سامھون

اينھين ھوندس عشق ۾

 

جانب جي جيار

حاصل ڪندس حبّ مان

 

پلپل تنھنجا پيار

لھي ويندا لطف سان

 

سڀئي غم، غبار

سھڻا سڀ ڄمار

 

تنھنجو ھوندس طلب ۾

١١-٨-١٩٥٩ع

لنڊن

*

ويٺو آھين وجود ۾

 

پرين پيارا

جِي جا جيارا

 

تون ئي تون اندر ۾

٢٨-٧-١٩٥٩ع

لنڊن

*

اھو دم حرام

 

جنھن ۾ ياد نھ تون ھجين

نرمل تنھنجو نام

 

اٺئي پھر اندر ۾

٢٨-٧-١٩٥٩ع

لنڊن

*

جڏي ھن جسم جو

 

سپرين آھين ساه

ڄاڻي ھڪ الله

 

حقيقت ھن حال جي

٧-٦-١٩٦١ع

زيارت

*

آئون ٿو اچان

 

اکيون، پير ڪري

پنھنجو پيارل تون ڪجان

 

دل تي ھٿ ڌري

توري سڄڻ سھڻا

 

ساعت ڪين سري

طالب تنھنجي طلب ۾

 

نھ تھ ٿو مفت مري

حاضر ٿيان ٿو حضور ۾

 

لائين من ڳري

پوءِ پرين پير ڀري

 

من پائين ڳل ڳرھاٽئين

١٥-٨-١٩٥٩ع

لنڊن

*

متان ڪرين مٺا پرين

 

پري کان پاڻا

آئون پنھنجي پاڻ کي

 

ٿو ڄاڻان سڃاڻا

انھن وانگر آھيان

 

جي آھن اياڻا

ساجن سھمان تو سندا

 

ساھئون سيباڻا

سھڻا سياڻا

 

پري نھ ڪجئين پاڻ کان

١١-٨-١٩٥٩ع

لنڊن

*

ماڻھو گھڻا ڏٺام

 

سھڻا سوين سر ۾

رڳو تن رمزن سان

 

ڏاڍا ڏک ڏنام

پرين تو پاتام

 

پيچ پنھنجي پيار جا

٢٠-٩-١٩٥٨ع

ھالا

*

ماکي خوب مٺي

 

تون مٺو ماکي کان

مون ڪڏھن ڪانھ ڏٺي

 

ڪا مٺائي مٽ تنھنجو

٢٠-٩-١٩٥٨ع

ھالا

*

ٻيھر بھ ھڻ ڪو ٻاڻ

 

جئن پھريون ھيئي پيار سان

ھلڪو ھٿ حبيب ڪر

 

ساڳي صورت ساڻ

طالب مولا تنھنجو

 

سورھھ آھھ سڄاڻ

پري نھ ڪندس پاڻ

 

ھر ھر حاضر آھيان

٣-٨-١٩٥٥ع

حيدرآباد

*

ھڻ حبيب اکيون کڻي

 

ٻيھر ڀري ٻاڻ

ڀلي تھ گھائن گھور سان

 

سھڻيون سرمي ساڻ

طالبُ مولا تنھنجو

 

سڄڻ ڏاڍو سڄاڻ

پاسي نھ ڪندس پاڻ

 

سڌيون ھڻ سيني ۾

١٤-١٢-١٩٥٥ع

حيدرآباد

*

 


 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org

 

 
دس پاڻ

 

سڌيون ھڻ سيني ۾

١٤-١٢-١٩٥٥ع

حيدرآباد

*

 


 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org