Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ڇپر ۾ ڇڙيون

ناشر طرفان (ڇاپو2)

 حبيب الله صديقي

ڇپر ۾ ڇڙيون

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

ٻئي ڇاپي جي ناشر طرفان

”ڇپر ۾ ڇڙيون“ نج سنڌي شاعري جو ھڪ شاھڪار آھي. ھي ڪتاب پھريون دفعو مرڪزي بزم طالب المولا طرفان سال ١٩٧١ع ۾ شايع ڪيو ويو. چند سالن اندر ھي ڪتاب بازار مان ناياب ٿي ويو.

سال ١٩٨٧ع ۾ ان وقت جي سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جناب مخدوم محمد زمان طالب المولا صاحب جن کان اجازت حاصل ڪري ھن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو شايع  ڪرڻ جو ارادو ڪيو ليڪن انھيءَ ڪم جي تڪميل ۾ ٻن سالن کان مٿي عرصو لڳي ويو. دير آيد کي ”درست آيد“ بڻائڻ لاءِ وڏا وس ڪيا ويا آھن. اميد آھي تھ ھي ڇاپو پڙھندڙن کي وڌيڪ پسند ايندو.

فاضل سخن گو جي ترغيب تي ”ڇپر“ لفظ جي معنيٰ ھيٺين ريت واضع ڪجي ٿي.

”ڇپر ھڪ ٺيٺ سنڌي لفظ آھي، جنھن جون انيڪ معنائون آھن، مثلا ڇن – ڇنو – لانڍي – جھوپڙي – ڍڪ – ڇانو – لڪ – آڌار – ڏڍ – اک جو مٿيون پردو يا اک جو ڇپر – جبل – ڏونگر وغيره وغيره. جيئن تھ ”ڇپر ۾ ڇڙيون“ سر سسئي جي حوالي سان لکيل آھي، تنھن ڪري ھن عنوان ۾ ”ڇپر“ لفظ جي معنيٰ ٿيندي جبل يا ڏونگر جي ماٿري جو اھو حصو جنھن جي پاڇي ۾ ٿڪل ٽٽل پانڌيئڙو گھڙي پلڪ دم پٽي.

ڄام شورو سنڌ                                             حبيب الله صديقي

٨ مارچ ١٩٩٠ع                                                  سيڪريٽري

                  سنڌي ادبي بورڊ


 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ڪتاب جو مهاڳ --  ٻئي ڇاپي جي ناشر طرفان -- ناشر طرفان ٻه لفظ -- ڪتاب جو مقدمو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org