Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 3

[3]

تقويٰ ري طاعت

ڪجھھ بھ آھي ڪين ڪي

 

تقويٰ ري طاعت

روزا، نمازون، بندگيون

 

نھ تھ آھن سڀ عادت

ٿينديون ڳٽ ڳچيءَ جو

 

نھ سبب شفاعت

اصلي عبادت

 

ڪو طالبُ مولا جو ڪندو

٣١-٧-١٩٥٧ع

ڪراچي

*

طاعت، تقويٰ ڪانھ ٿئي

 

تقويٰ ئي طاعت

عين عبادت

 

ٿي تقويٰ طالبن جي

٣١-٧-١٩٥٧ع

ڪراچي

*

تقويٰ، توبھ ٻئي ٿيون

 

عبادت اوجر

جئن پاڻي نھ ملي پوک کي

 

تھ آڻي نھ اوڀر

تئن تقويٰ ريءَ طاعتون

 

ٺلھو آھن ٺڪر

جن ورتو اھو وکر

 

سي طالب مولا مرد ٿيا

١٢-٨-١٩٥٧ع

ھالا

*

تقويٰ، طاعت کي سدا

 

ٿي آخر اجاري

نفس نافرمان کي

 

مورھئون ٿي ماري

عيبدار اڳي ڪري

 

۽ وچ ۾ وھاري

”صراط المستقيم“ ڏي

 

واريو ٿي واري

پھءُ ان جي پناري

 

طالب مولا مرد ٿي

٢٧-٨-١٩٥٧ع

ھالا

*

عبادت الله جي

 

ٿئي تقويٰ ساڻ تمام

الفت رک عظيم سان

 

آھي قرب ۾ ڪمام

”قالوابَليٰ“ قول جو

 

عاشق! پار انجام

تھ ”اظھرمن الشمس“ ٿيئي

 

ناسوت اندر نام

طالب مولا طعام

 

کا تقويٰ جو طلب ۾

٥-٩-١٩٥٧ع

ڏگا

*

طالب! تقويٰ کانسوا

 

طاعت ڪجھھ ئي ناھھ

پاڪائي، پرھيز ڏي

 

ڪاھيو ڪاھيو ڪاھھ

لاڳاپا سڀ لاھھ

 

ٻي اجائي عبادت جا

٢٨-٩-١٩٥٧ع

ھالا

*

تقويٰ ساڻ طاعتون

 

ڪي عاشق اجارين

”خيار کم احسن کم اخلاقا“

 

پر اِھا پارين

”موتوا“ واري ملڪ ۾

 

جي کي جيارين

طالب مولا مرد سي

 

مرڻ کي مارين

گھڙيون ٿا گھارين

 

عاشق روز الله سان

٢٨-٩-١٩٥٧ع

ھالا

*

طالبن تقويٰ کي

 

چِٽ ۾ چتايو

ان کان پو عبادت جو

 

وقت نھ وڃايو

پنھنجي نفس نادان کي

 

ماري مڃايو

طالب مولا مرد ٿيا

 

جن قرب ڪمايو

تن ڳايو وڄايو

 

واحد جي واکاڻ کي

١٦-١٠-١٩٥٧ع

ھالا

*

عبادت ۾ اختيار ڪئي

 

تقويٰ طالبن

غير ڪڍي غازي ٿيڻ

 

رستو راغبن

قريب کي قريب ٿين

 

ھي قرب ڪاملن

اطاعت ۾ اجھو ڪيو

 

عجز عاشقن

طالب مولا مرد سي

 

جن محبت رکي من

ملين کان محبن

 

وحدت واري واٽڙي

١٨-١٠-١٩٥٧ع

ھالا

*

تقويٰ ري نھ طالبَ! ٿئي

 

حاصل ھدايت

اول اچبو عمل تي

 

پو ٿيندي شفاعت

جي چاھين منزل ماڻيان

 

تھ رک سالم سعادت

ڪنڌ نھ ڦيرج ڪيڏھين

 

وڃي سھڙج سلامت

اصل عبادت

 

تقويٰ ساڻ تمام ٿئي

١٨-١٠-١٩٥٧ع

ھالا

*

 


 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org