Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 9

 

جڙيو جانب جي ۾

 

رئان ۽ رڙيون ڪريان

 

سڪان ۽ ساريان

پل پل ۾ پاريان

 

جي ڪيم قول قريب سان

 

*

 

ويٺي وھامي ويئيون

 

راتِن جون راتيون

ڪھندي ڪھندي قرب ۾

 

برھھ جون باتيون

لاتيون عشق اندر ۾

 

طلب جون تاتيون

جھاتِن تي جھاتيون

 

پاتم پنھنجي پاڻ ۾

٢٧-١١-١٩٥٥ع

پکا شريف

*

سھڻن جي صفت ۾

 

ظاھر  آھي ذات

انس آھي ان سان

 

ٻي ڪانھي بلڪل بات

طالب مولا تن جي

 

وائي ھردم وات

رھاڻن ۾ رات

 

ويٺي وڃي وھاميو

٢٧-١١-١٩٥٥ع

پکا شريف

*

متان ڪو ڀانئي

 

تھ مجازي ئي ماريو

مگر سڪ سڄڻ جي

 

سمھڻ نھ سيکاريو

طالب مولا طلب ۾

 

جي کي جياريو

ھنجھن کي ھاريو

 

ٿو ڌوئي داغ دلن جا

٢٤-٧-١٩٥٩ع

ھالا

*

راتيون ڪيم ڏينھن

 

ساريندي سڄڻ کي

طالب مولا طلب جا

 

محبت وسايا مينھن

نسنگ ڪيو نينھن

 

جڙيو جانب جي ۾

٢٠-١-١٩٥٦ع

ايري

*

ويھي ٻڌي شال

 

سڄڻ سور منھنجا

محبّت سندي مئي مان

 

جام پياري جال

سڪندي کي سورن ۾

 

ٿيا سالن مٿي سال

ميڙيا محبّت مال

 

طالب مولا طلب ۾

٢٥-١١-١٩٥٧ع

ھالا

*

مٺن محبوبن

 

دل ۾ ديرا لائيا

ٻاروتڻ کان ٻاجھھ پئي

 

سنڀاليو سڄڻن

پرين پراھان ڪين ٿيا

 

پيا ھنئڙي منجھھ ھرن

طالب مولا تن جا

 

ٿا پلپل پور پون

سي ڪئن ياد اچن

 

جي ڪھين ويل نھ وسريا

١٥-٨-١٩٥٩ع

لنڊن

*

 

[10]

ڪاند ڪميڻي ناھيان

 

ويراڳڻ ورونھن ۾

 

آھيان ويچاري

سڄڻ سھڻا سپرين

 

تنھنجي ماڻن جي ماري

وساري نھ ويھھ تون

 

ٿئي نرمل نيزاري

ملڻ ۾ مون ساڻ ڪا

 

گھوٽ نھ وجھھ گھاري

طالب چوي طلب ۾

 

تنھنجي ئي تاري

ڪوجھي جي ڪاري

 

تھ بھ ڪاند ڪميڻي ناھيان

 

*

 

اگلي سگلي، اڀري

 

تھ بھ تنھنجي آھيان يار!

ڪني، ڪوجھي، ڪارڙي

 

گولي گنھگار

ھٽائج نھ حبيب تون

 

قدم قربدار

پاند تنھنجي پاند سان

 

سلھاڙيم سردار

طالب چوي طلب جي

 

تن ۾ آھي تار

ڀيڙو رھج ڀتار

 

ڪاند ڪميڻي ناھيان

 

*

 

ڪاند ڪميڻي ناھيان

 

توڙي ڪوجھي آھيان ڪني

سڄڻ سيل رکيو اٿم

 

ڇڏين متان ڇني

تنھنجي محبت من ۾

 

ڏاتر آھھ ڏني

پِيرن کان پني

 

تون ور ورتم ھڪڙو

 

*

 

ڪاند ڪميڻي ناھيان

 

سيل رکيو ٿم ست

مون کي ڏج محبوبَ تون

 

محبّت جو مھت

ڏينديس رت ۽ ست

 

پرين تنھنجي پرت ۾

 

*

 

جي ور نھ ڪن ھڪڙو

 

سي ڪميڻيون سڏجن

در در لائي دل کي

 

ور ور ڏيو وڃن

حبيب جي حضور مان

 

توڙئون ٿيون تڙجن

طالب تن جون ڪھڙيون

 

ڳالھيون ڳڻي ڳڻجن

سي سنڀاليون سڄڻن

 

جي ڪيڏھن ويون ڪين ڪي

*

 


 

[11]

تون تنين سان ٿي

 

رڙھھ تنين سان رڙھھ

 

رڙھي جي ڄاڻن

متان ساڻ ٻين

 

رڙھي ريجھھ ڦٽائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

گھم تنين سان گھم

 

گھمي جي ڄاڻن

متان ساڻ ٻين

 

گھمي گھور پرائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

رھھ تنين سان رھھ

 

رھي جي ڄاڻن

متان ساڻ ٻين

 

رھي روح رنجائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

اچ تنين وٽ اچ

 

اچي جي ڄاڻن

متان ساڻ ٻين

 

اچي اھنج پرائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

وڃ تنين وٽ وڃ

 

وڃي جي ڄاڻن

متان وٽ ٻين

 

وڃي واٽ وڃائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

ڊوڙ تنين سان ڊوڙ

 

ڊوڙي جي ڄاڻن

متان ساڻ ٻين

 

ڊوڙي ڊوھھ پرائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

مل تنين سان مل

 

ملي جي ڄاڻن

متان ساڻ ٻين

 

ملي مونجھھ پرائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

سمھھ تنين سان سمھھ

 

سمھي جي ڄاڻن

متان ساڻ ٻين

 

سمھي سور پرائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

ٽِل تنين سان ٽل

 

ٽلي جي ڄاڻن

متان ساڻ ٻين

 

ٽلي ٽور ڦٽائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

نچ تنين سان نچ

 

نچي جي ڄاڻن

متان ساڻ ٻين

 

نچي نينھن وڃائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

کاءُ تنين سان کاءُ

 

کائي جي ڄاڻن

متان ساڻ ٻين

 

کائي کوٽ پرائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

پي تنين سان پي

 

جيڪي پي ڄاڻن

متان ساڻ ٻين

 

پي ۽ پرت وڃائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

گھر تنين کان گھر

 

گھري جي ڄاڻن

متان کان ٻين

 

گھري گھل پرائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

ويھھ تنين وٽ ويھھ

 

ويھي جي ڄاڻن

متان ساڻ ٻين

 

ويھي وھھ پرائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

سل تنين سان سل

 

سلي جي ڄاڻن

متان ساڻ ٻين

 

سلي سک ڦٽائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

تر تنين سان تر

 

تري جي ڄاڻن

متان ساڻ ٻين

 

تري ترھو وڃائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

ٻڏ تنين سان ٻڏ

 

ٻڏي جي ڄاڻن

متان ساڻ ٻين

 

ٻڏي ٻوڏ پرائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

مر تنين سان مر

 

مري جي ڄاڻن

متان ساڻ ٻين

 

مري منجو وڃائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

جِي تنين سان جِي

 

جيڪي جي ڄاڻن

متان ساڻ ٻين

 

جي جنجل پرائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

کل تنين سان کل

 

کلي جي ڄاڻن

متان ساڻ ٻين

 

کلي کل پرائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

ڊڄ تنين کان ڊڄ

 

ڊڄي جي ڄاڻن

متان کان ٻين

 

ڊڄي ڍيڪ پرائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

وڙھھ تنين سان وڙھھ

 

وڙھي جي ڄاڻن

متان ساڻ ٻين

 

وڙھي وات وڃائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

چڙ تنين سان چڙ

 

چڙي جي ڄاڻن

متان ساڻ ٻين

 

چڙي چھڙ پرائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

چاھھ تنين کي چاھھ

 

چاھي جي ڄاڻن

متان کي ٻين

 

چاھي چاھھ ڦٽائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

ڏس تنين کي ڏس

 

ڏسي جي ڄاڻن

متان کي ٻين

 

ڏسي ڏوھھ پرائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

ڳاءِ تنين کي ڳاءِ

 

ڳائي جي ڄاڻن

متان کي ٻين

 

ڳائي ڳالھھ وڃائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

لاءِ تنين سان لاءِ

 

لائي جي ڄاڻن

متان ساڻ ٻين

 

لائي لاڳ وڃائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

ڳول تنين کي ڳول

 

ڳولي جي ڄاڻن

متان کي ٻين

 

ڳولي ڳجھھ ڦٽائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

ٻول تنين سان ٻول

 

ٻولي جي ڄاڻن

متان ساڻ ٻين

 

ٻولي ٻول ڦٽائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

لئون تنيين سان لاءِ

 

لائي جي ڄاڻن

متان ساڻ ٻين

 

لائي لئون ڦٽائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

بيھھ تنين سان بيھھ

 

بيھي جي ڄاڻن

متان ساڻ ٻين

 

بيھي باھھ پرائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

روءُ تنين سان روءُ

 

روئي جي ڄاڻن

متان ساڻ ٻين

 

روئي راز وڃائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

نم تنين کي نم

 

نمي جي ڄاڻن

متان کي ٻين

 

نمي ناز وڃائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

 


 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org

 

 
ي ٻين

 

نمي ناز وڃائيين

٥-٥-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

 


 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org