Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 11

[14]

قدمن تان قربان ٿيان

 

ٿو چمان پنھنجا پير

 

جي وٺي تو وٽ آئيا

طالب مولا تي ڪيئون

 

ڀلائي جا ڀير

اوير ۽ سوير

 

قدمن تان قربان ٿيان

٢٦-٣-١٩٦٤ع

ڄام صاحب

*

ٿو پنھنجا پير چمان

 

جي وٺي تو وٽ آئيا

طالب مولا طلب ۾

 

تن تان گھور ٿيان

مران جي جيان

 

تھ بھ قدمن تان قربان ٿيان

٢٦-٣-١٩٦٤ع

ڄام صاحب

*

قدمن تان قربان ٿيان

 

جو ھليا وٽ حبيب

ھيرايا ھٿن سان

 

قربائتي قريب

نھ تھ ڪڏھن ڏسان ھا ڪين ڪي

 

لالڻ يار لبيب

طالب، ٿيا طبيب

 

جو پرينءَ وٽ پڄائيئون

٢٦-٣-١٩٦٤ع

ڄام صاحب

*

پير گھڻئي پٿون ٿيا

 

تھ بھ رسيا محبَ مڪان

طالب مولا طلب ۾

 

کڻي سورن جا سامان

ھلي پھتا حبيب وٽ

 

ڪمي ڪيائون ڪان

اکن تي احسان

 

قدمن ڪيا ڪيترا

٢-٣-١٩٦٤ع

شاهپور چاڪر

*

ھلي حبيبن وٽ

 

پيرن پھچايو

تڪليفن تن کي

 

نھ ھرگز ھٽايو

پھتا در دوست جي

 

ٿيو سانگ سجايو

طالب مولا طلب جو

 

تن ناتو نڀايو

ات پيرن پڄايو

 

جت پڄڻ ڀيڻي ڪانھ ھئي

٣-٣-١٩٦٤ع

ڳوٺ مٺو ڀٽي

*

دلبر گھڻو دور ھو

 

ات پڄايو پيرن

جن رند سڀئي رت ڪيا

 

تن شابسون ھجن

ويچارن وڙ ڪيا

 

مون مٿي ميرن

مڃيا احسان ان جا

 

چاھھ منجھان چشمن

سي چميو ۽ چمجن

 

طالب مولا طلب ۾

٤-٣-١٩٦٤ع

ڳوٺ يارو ماڇي

*

اکيون بھ آھن اکيون

 

پر پيرن سان نھ پڄن

ھو رئن ٿيون رت ڦڙا

 

ھي ڦٽجو ٿا ڦٽجن

ھو بيوس آھن برھھ ۾

 

ھي ھيجئون اٿيو ھلن

ھو نھارين نجيب کي

 

ھي تِر نٿا ترسن

ھو اٻاڻڪيون عجيب لھءِ

 

ھي رندن منجھھ رلن

احسان ڪيا اکين تي

 

پرت منجھان پيرن

طالب مولا طلب ۾

 

چميو وريو چمجن

جھلئي نٿا جھلجن

 

ھلندي پنھنجي حبيب ڏي

٤-٣-١٩٦٤ع

ڳوٺ ساجن ڳاھو

*

ھلندي حبيبن ڏي

 

رند نھ ڏسن راه

ھلن سڌا ھيج مان

 

قربئون ٿا ڪن ڪاه

اکن جي بھ انھن ۾

 

اميد اھا آه

پير جيڪي پٿون ٿيا

 

چمجن منجھان چاه

طالب مولا تن جي

 

سڪ جي ڇا ساراه!

رسيا راتو واه

 

ھلي در دوست جي

٤-٣-١٩٦٤ع

ڳوٺ ساجن ڳاھو

*

رويو رويو اکيون

 

اچو پيرن مٿي پون

چميو تن کي چاه مان

 

ڌوڙ سندن ٿيون ڌون

اينھين اشارن ۾

 

چريون گونگيون چون

تھ ھي سلامت ھون

 

اسان سندا آسرا

٢٠-٣-١٩٦٤ع

راولپنڊي

*

ڇو نھ چمان پانھنجا

 

ھي پير پيارا

رت وھائن راھھ ۾

 

ويتر ويچارا

احسان ڪن اکن تي

 

سوين سچارا

طالب مولا طلب ۾

 

سونھن سڪ وارا

ھلن در دوست جي

 

بيحد ڀلارا

سدا سوڀارا

 

تر ترسن ڪين ڪي

٢٠-٣-١٩٦٤ع

راولپنڊي

*

اکيون تھ اکن سان مليو

 

وڃو وصال بھ ڪن

رئن تھ عجيب اگھن ٿا

 

ھر ھر ساڻ ھٿن

لاڙيو لڙڪ لھوءَ جا

 

پرين سان پرچن

پير ويندي پِر ڏي

 

جتي بھ ڪانھ وجھن

ڦٽيل ويچارا فراق جا

 

صحت بھ نھ سنڀرن

مجروح ٿين محب لھءِ

 

تھ بھ حڪيمن وٽ نھ وڃن

رحم نھ آندو روح ۾

 

مٿن محبوبن

طالب مولا تن کي

 

ڪيو ننگو نصيبن

سي چميو ڇو نھ چمجن

 

جي ڪڇن پڇن ڪين ڪي

٢١-٣-١٩٦٤ع

لاھور

*

گونگيون اکيون آگميو

 

ٿيون پچن ۽ پڄرن

لڪيو لڪيو لوڪ کان

 

راتو ڏينھن رئن

آخر اچو انھن کي

 

عجيب ٿا اگھن

پير سدائين پرت ۾

 

وٺيو رند رلن

راھون مڙئي رت سان

 

ڳوليو ڳاڙھيون ڪن

ڪن احسان اکن تي

 

جو نرمل وٽ نين

طالب! لاتو تن کي

 

ھٿ نھ حبيبن

پيارن پرين

 

ڪڏھن پير نھ پڇيا

٢٢-٣-١٩٦٤ع

راولپنڊي

*

پيرن ڪڏھن پرين جي

 

منزل ڪين مٽي

ھلندي حبيبن ڏي

 

نھ ھمت سندن ھٽي

راه مڙئي رت سان

 

تن قرب مان ڪٽي

تھ بھ طالب پرت پٽي

 

ٻھڳڻ ٻڌين ڪانھ ڪا

٢٢-٣-١٩٦٤ع

راولپنڊي

*

جي اکيون پير ھجن

 

تھ پتو پوين پنڌ جو

تھ اگھاڙا عشق ۾

 

ڪئن ٿا سور سھن

ڪئن ٿا ڦٽ فراق جا

 

چِڪيو ۽ چِڪن

رت ٿين جي راه ۾

 

تھ بھ ھيجئون اٿيو ھلن

ڪنجھن ڪرڪن ڪين ڪي

 

توڙي پٿون ٿيو پون

پھچن جڏھن پرين وٽ

 

تھ بھ ڏوراپا نھ ڏين

طالب مولا طلب ۾

 

پڻ اھا صحت سندن

ڪڏھن ڏٺو ڪين ڪي

 

ھن ڏي حبيبن

سنڀرن ڪڏھن ڪونھ ڪو

 

ڪا پٽي ٻڌين پِرين

تھ بھ رڙھيو رڙھيو رڙھن

 

حبيب جي حضور ڏي

٢٢-٣-١٩٦٤ع

راولپنڊي

*

جي اکيون ھجن پير

 

تھ پتو پوين پنڌ جو

جن کي اچي ڪانھ ڪا

 

جنبندي ڪڏھن جھير

ھڪجھڙي ھنن لاءِ

 

ٿي اوير ۽ سوير

ڪڏھن ڪن نھ قريب سان

 

نينھن سندي نبَير

ھلندي در دوست جي

 

شوق ۾ آھن شير

طالب مولا تن جي

 

مٿان نھ لٿي مير

ھردم اٿن ھير

 

ھلڻ جي حبيب ڏي

٢٢-٣-١٩٦٤ع

راولپنڊي

*

اکيون تھ اونڌاھي ۾

 

واٽ وڃائيو وھن

حڪم ھلين ڪونھ ڪو

 

۽ وسان ٿيون وڃن

گونگيون ڪن گھمسان ڪئين

 

پر ڪجھھ ئي ڪين ڏسن

لڙڪ گھڻئي لاڙين ٿيون

 

ڪارڻ قريبن

پر پير ويندي پِرين ڏي

 

بلڪل بس نھ ڪن

اوجھڙ ۾ عجيب لھءِ

 

ٿا لاکيڻا لوچن

پھچن وڃو پر وٽ

 

مورھئون ڪين مڙن

طالب مولا طلب ۾

 

ڪمال ڪيو قدمن

انھن اڻ موٽن

 

اکن تي احسان ڪيا

٢٢-٣-١٩٦٤ع

راولپنڊي

*

ٿا پير پڄائين

 

ھلي در دوست جي

طالب مولا طلب ۾

 

ٿا قريب ڏي ڪاھين

گونگيون اکيون انھن جا

 

ٿورا ڪئن لاھين

انھن تي آھين

 

رحمتون رحمان جون

٢٢-٣-١٩٦٤ع

راولپنڊي

*

اکيون تھ برابر گونگيون

 

پر ڏسيو ٿيون سگھن

پير ويچارا پٿون ٿيل

 

ڏسن ۽ نھ ٻڌن

اکيون تھ ھنجھون ھاريو

 

ڪي ٻڌايو بھ ڏين

پير پنھنجي درد جي

 

ڳالھھ ڪٿي بھ نھ ڪن

اکيون تھ آخر محب جي

 

اچڻ سان اگھجن

پير سدائين صبر ۾

 

سوين سور سھن

طالب مولا تن

 

وڏا قرب ڪمائيا

٢٢-٣-١٩٦٤ع

راولپنڊي

*

اکيون تھ برابر گونگيون

 

پر زبانون تھ اٿن

ھي بي زبانا بره ۾

 

سختيون سڀ سھن

ھو اشارن سان عجيب وٽ

 

ڪجھھ تھ چيو ڏين

ھي سدا صبر شڪر ۾

 

ڦٽجو ٿا ڦٽجن

ھو پرچو نيٺ پرين سان

 

وڃو چار ٿين

ھي ھردم پنھنجي پِر کان

 

پري ئي رھن

ھو پين مي محبّت جي

 

۽ ٿيو مست وتن

ھي ھميشه ھڪجھڙا

 

ھجر منجھھ ھلن

ھو ھر ھر حبيبن سان

 

وڙھيو وريو پرچن

ھي طالب مولا ڪڏھين

 

راڻل سان نھ رسن

تھ بھ ڪرم ٿئي ڪونھ ڪو

 

مٿي مظلومن

پرت وڏي پيرن

 

ڦٽجن، ڦرن ڪين ڪي

٢٢-٣-١٩٦٤ع

راولپنڊي

*

اکن تي احسان ڪيئون

 

جو سھڙيا ساجن سينءَ

رھبر ٿي رسيا

 

پنڌ ڪٽي ھو ڪينءَ

طالب مولا تيئنءَ ٿيو

 

جِي ٿي چيو جينءَ

پھتا وٽ پرينءَ

 

پيرن پڄاڻيون ڪيون

٢٥-٣-١٩٦٤ع

لاھور

*

پيرن پڄاڻيون ڪيون

 

جئن عاشق مست اليل

پرين پيارن ڏي

 

ويا عشق منجھان اصيل

رليا ڪين راه ۾

 

جئن رلن ٿا رذيل

قرب جا قتيل

 

پھتا در دوست جي

٢٨-٣-١٩٦٤ع

خانپور ريلوي اسٽيشن

*

پيرن پڄاڻيون ڪيون

 

ڦٽجي خوب ڦٽيا

پرين پيارن ڏي

 

ھلندي ڪونھ ھٽيا

ويچارن ورھھ ۾

 

سانگا سڀ سٽيا

اکن روئي اگھيا

 

لٽ ۾ جئن لٽيا

گس ۾ ڪين گھٽيا

 

طالب مولا طلب ۾

٢٨-٣-١٩٦٤ع

صادق آباد ريلوي اسٽيشن

*

پيرن پڄاڻيون ڪيون

 

پاڙون پنڌ پٽيئون

ھلندي حبيبن ڏي

 

سڀئي سک سٽيئون

ٿي زخمي پنھنجي پاڻ کي

 

لٽ ۾ خوب لٽيئون

وڏا ور واٽن جا

 

ڪري ڪاھھ ڪٽيئون

ڪڏھن جاني يار کان

 

جدا ڪونھ جٽيئون

وري در دوست جو

 

مورھئون ڪين مٽيئون

عجيب لاءِ اکن سان

 

رھي راند کٽيئون

ڦٽي روز ڦٽيئون

 

تِريون طالب پانھنجون

٢٨-٣-١٩٦٤ع

صادق آباد ريلوي اسٽيشن

*

پيرن پڄاڻيون ڪيون

 

جھلئي ڪين جھليا

پنڌ ۾ جئن پيا

 

تھ ڪنھين ڪونھ پليا

اتي ويا ھليا

 

جت طالب منزل محب جي

٤-٨-١٩٦٤ع

اسلام آباد

*

پيرن پڄاڻيون ڪيون

 

اٿيو پنڌ پون

اڻ تڻ پنھنجي عجيب جي

 

اٺئي پھر اٿن

طالب مولا طلب ري

 

سڌ نھ ٻي سمجھن

جھل نھ ڏني جڏن

 

ويٺا ڪڏھن نھ واٽ تي

٢٠-٨-١٩٦٤ع

اسلام آباد

*

اکيون سڪنديون ئي رھيون

 

سڪ ۾ روز سدا

طالب مولا طلب ۾

 

ڪئا سبب خود خدا

ڪئا قدمن حق ادا

 

ھلڻ جا حبيب ڏي

٨-٩-١٩٦٤ع

مکه معظمه

*

اکن ڪري عاجزيون

 

پيرن تي پيئي

ڪيئون التجا انھن کي

 

ڏھھ ڏھھ چميون ڏيئي

تھ پڄايو پريت مان

 

نرمل وٽ نيئي

سدا سڪون جن لھءِ

 

سڄڻ ڏسون سيئي

طالب مولا تن کي

 

جانب مليا جيئي

قربائتن ڪيئي

 

اکن تي احسان ڪيا

١٣-٩-١٩٦٤ع

مدينه منوره

*

راھان ڪڏھن نھ رھيا

 

ھي قربائتا قدم

ڪٿي کيئون ڪين ڪي

 

دلبر ڌاران دم

لاٿئون سڀ اکن جا

 

جيڪي گوندر غم

طالب مولا تن کي

 

ھئا اندر منجھھ الم

تھ بھ ڪيئون اھڙا ڪم

 

جو ڪنھن کان ٿيا ڪين ڪي

١٥-٩-١٩٦٤ع

مدينه منوره

*

ڪيا ڪرم ڪريم

 

پر پير کڻي پريام

پھچي در پرينءَ جي

 

چاھھ منجھان چميام

دز تنين جي تھدليئون

 

لڱن سان لاتيام

ميرا ٻئي محبتي

 

چشمن تي چايام

آئي جھير اکن کي

 

تھ پرين خود پسيام

ٿيس سرخرو سڄڻ وٽ

 

جو منھن سان ٻئي مليام

لڙڪن سان لعلن جي

 

ڌوڙ سڀئي ڌوتيام

اکن سندي آب سان

 

چھڪ سندن چيٺيام

مڙيئي مڃيام

 

طالب احسان انھن جا

١٦-٩-١٩٦٤ع

اربع

١٠ جمادي الاول ١٣٨٤ھھ

فجر نماز بعد

حرم شريف – مدينه منوره

*


 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org