Last Update: 22-05-07

   

 

Search(General)

Search (Library-Record)

Learn More

 

 
 

    ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 

 

    هن ڪتاب جي فهرست

باب پهريون

اسلام جو ظاهر ٿيڻ

عرب جا حالات
عربستان جاگرافيائي حدون
عرب ۾ عورت جو درجو

باب ٻيون

اسلام جو ظاهر ٿيڻ

عرب جا حالات
عربستان جاگرافيائي حدون
عرب ۾ عورت جو درجو

باب ٽيون

اسلام جو ظاهر ٿيڻ

عرب جا حالات
عربستان جاگرافيائي حدون
عرب ۾ عورت جو درجو

باب چوٿون

اسلام جو ظاهر ٿيڻ

عرب جا حالات
عربستان جاگرافيائي حدون
عرب ۾ عورت جو درجو

باب پنجون

اسلام جو ظاهر ٿيڻ

عرب جا حالات
عربستان جاگرافيائي حدون
عرب ۾ عورت جو درجو

باب ڇهون

اسلام جو ظاهر ٿيڻ

عرب جا حالات
عربستان جاگرافيائي حدون
عرب ۾ عورت جو درجو

 

 

 

    سنڌي ادبي بورڊ بابت

 

   بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

 

ادبي بورڊ لائبراري/ٻاراڻو ادب/عجيب طلسم/صفحو نمبر1

عجيب طلسم

شمس العلماءُ ميرزا قليچ بيگ

[41]

متفرقات

 

اڄ عجيب ڇو نھ ھئين

 

سڄڻ ساڳي جاءِ!

پو نياپا نينھن جا

 

ڇو ٿي محب مڪاءِ!

گھرايئي بھ گھر ڪري

 

ڇا کان ۽ ڇا لاءِ!

ھيرايئي بھ ھٿن سان

 

سھڻا سڪ جي ساءِ!

متان عيب انيڪ ڪي

 

مون ۾ محب ڏٺاءِ!

حڪم ڪر تھ ھٽي وڃان

 

وري نھ اچان واءِ

طالب مولا کي کڻي

 

سچي ڳالھھ سڻاءِ

ميار نھ رکبي مورھئون

 

سوگند آھن سنداءِ

نڀائي سگھين تھ نڀاءِ

 

نھ تھ بھ دلبر دعاگو آھيان!

١٩-٢-١٩٦٨ع

١٩ ذوالقعد ١٣٨٧ھھ

ھالا

*

محب! منھنجي دل کي

 

ٿو ماري تنھنجو موھھ

حبيب! ھن جھان ۾

 

تنھنجو اٿم توھھ

عجيب! اچڻ ڇڏي ڏنئي

 

ڪنھن ڊٺل ڪيئي ڊوھھ

ٻھڳڻ ھي بھ ٻڌاءِ تون

 

تھ ڏٺئي ڪھڙو ڏوھھ!

ڪمند پائي قرب جو

 

ڇو لالڻ ڪيئي لوھھ!

طالب مولا ٿو ڪري

 

تو کي سڄڻ ستوھھ!

ھيڏيون وري وٿيون وڌئي

 

قرب وارا ڪوھھ!

ڇنڊيندين جي ڇوھھ

 

تھ بھ دلبر! دعاگو آھيان

٥-٩-١٩٦٨ع

١١ جمادي الثاني ١٣٨٨ھھ

ھالا

*

ڪارا ڪيس قريب جا

 

واسينگ ڄڻ وار

پيشاني پرينءَ جي

 

چنڊ جئن ڪري چمڪار

اکيون ھن عجيب جون

 

نرگس جئن نروار

جھڙا گل گلاب جا

 

تن کان وڌ رخسار

لعل لب لبيب جا

 

مٺڙا ٻئي من ٺار

وجھي ڪونج ڳچيءَ ۾

 

چھرا چندن ھار

ڪھڙا چئي ڪھڙا چوان

 

سڄڻ جا سينگار!

جان ۽ جند نثار

 

طالب مولا تن تان

٢٥-١-١٩٥٥ع

ھالا

*

ڪلوئڙو قرب جو

 

ھنيين منجھھ ھنيئي

لڳي کــُنڊ، کنيئي

 

طالبُ مولا طلب مان

٩-٩-١٩٦٨ع

١٥ جمادي الثاني ١٣٨٨ھھ

ڪراچي

*

محڪم ٿو مڇي کي

 

ڪلو جيئن لڳي

تيئن پيو تڳي

 

طالبُ مولا طلب ۾

٩-٩-١٩٦٨ع

١٥ جمادي الثاني ١٣٨٨ھھ

ڪراچي

*

سورن کي سو وار

 

ھر ھر ھجن شابسون

ھردم ھمدردي ڪيئون

 

وٿي نھ وڌائون وار

رنا رڙيا گڏجي

 

پلپل ڪڍيئون پار

اٿي، ويٺي، ھلندي

 

سمھندي لڌئون سار

آڌيءَ مانجھيءَ، اسر جو

 

ويتر وفادار

حقيقت ۾ ھا منھنجا

 

پر کنيئون پرينءَ جا پار

طالب مولا طلب ۾

 

اچي ٿيا آڌار

پر عجيب اچڻ ساڻ ئي

 

ٿي ڌڪي ڪيا ڌار

خوشين مليا خرار

 

تھ بھ ويچارا ڪين ويا

٨-٥-١٩٦٨ع

٩ صفر ١٣٨٨ھھ

پاڪ سنگھار

*

پڃارو پڃي جيئن

 

ڪيترا ڀيرا ڪپاھھ کي

طلبن مون کي تنبيو

 

طالب مولا تيئن

آھي ڪيو ايئن

 

مون کي عشق عجيب جي

٢٨-٢-١٩٦٨ع

٢٧ ذوالقعد ١٣٨٧ھھ

ڪراچي

*

تون مٺو برابر مٺاڻ کان

 

۽ سڀني کان بھ سٺو

پر طالب مولا کي پرين!

 

تو ڏسڻ جيئن نھ ڏٺو

پاڻان بھ لڳئين مٺو

 

جي مون کي ماڻي تون ڏسين

٢٨-٢-١٩٦٨ع

٢٧ ذوالقعد ١٣٨٧ھھ

ڪراچي

*

مٺيان متان ڀانئيين

 

ٿو سڄڻ سچ چوئين!

ناھي ڳالھھ چپن جي

 

پڪ کڻي ڪجئين

تھ پنھنجو طالب مولا

 

ڏسڻ جيئن ڏسجئين

۽ جيڪي اچئي جي ۾

 

سو چئي سڀ ڇڏجئين

پو بھ جيڪر نھ وڻان

 

تھ ڏوراپا بھ ڏجئين

پاڻان بھ مٺو لڳئين

 

جي مون کي ماڻي تون ڏسين

١٩-٥-١٩٦٨ع

٢٠ صفر ١٣٨٨ھھ

اسلام آباد

*

ٿي قيامت تڏھين

 

جو ڏني پٺ پرين

ھج ھلي نھ ھٿن جي

 

پڄڻ ڇڏيو پيرن

زور ھليو نھ زبان جو

 

چڪو چوڻ چپن

طالب مولا تڏھين

 

ميڙ ڪئي منٿن

وائي بلڪل بند ٿي

 

تھ سڏ ڪيا سڏڪن

ھڏڪن ھيرائي ڏنو

 

۽ لوڏ نھ ڪئي لڙڪن

آخر اوڇنگارن

 

وري ورايس واٽ تان

١٩-٥-١٩٦٨ع

٢٠ صفر ١٣٨٨ھھ

اسلام آباد

*

اپٽيان تھ اڳيان

 

پوريان تھ محب منجھن

پري نھ ڪيو پاڻ کان

 

ويڳاڻن ونن

وھاريو وجود ۾

 

سڄڻ کي ستِن

پل پل اندر پرين سان

 

محبّتي ملن

سڪ نھ لھي تن جي

 

توڙي ڏسيو روز ڏسن

سھڻو وھاري سرير ۾

 

ٿيون سدوريون سمھن

نئين سج نئين عشق مان

 

ٻئي البيليون اٿن

ڏينھان ڏينھن ڏسون کڻيو

 

تھ نئون نينھن اٿن

عجيب رمز رکن

 

طالب مولا طلب جي

٢-٢-١٩٦٦ع

ڳوٺ بخش خان ڪلوئي

*

ھردم ٻڌي ھٿ

 

ھلبو حبيبن سان

طالب مولا! نھ ٿبو

 

لالڻ سان لٿ پٿ

ڪبي ڪھڙي ڪٿ

 

ناھي جاءِ جواب جي!

٦-٢-١٩٦٦ع

ھالا

*

ڏاتار ٿي ۽ ڏي گھڻو

 

کيپن جا ٿم کپ

ٻڪين پيارين تان چڱو

 

نھ تھ بھ لالڻ! ڏي ڪا لپ

چتا آھن چپ

 

پِڪون پيار ڪي پيار جون!

٤-٤-١٩٦٦ع

لاھور

*

 


 

 

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org