Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 14

 

اکن مينھن وسايو

 

اکن مينھن! وسائيو

 

اڃا ويھھ عجيبَ

طالب مولا طلب ۾

 

نوان ڪري نصيبَ

پسي متان پرين پوين

 

لالڻ يار لبيبَ

ھو ماٺ ڪن مجيبَ

 

پو ٻھڳڻ ٻاھر نڪرجان

٢٧-٩-١٩٦١ع

راولپنڊي

*

اکن مينھن وسائيو

 

ڪري ڪارونڀار

اڃا وڃ نھ عجيب تون

 

محب، مٺا، منٺار

طالب چوي تن ۾

 

اڃا وسڻ جا وھنوار

جڏھن ڏين وار

 

پو ٻھڳڻ ٻاھر نڪرجان

٢٧-٩-١٩٦١ع

راولپنڊي

*

اکن مينھن وسائيو

 

وسنديون سڄي رات

منجھن ڪانھي مورھئون

 

بس ڪرڻ جي بات

طالب  چوي تن کي

 

تنھنجي آھي تات

پرھھ ڦٽي پرڀات

 

پو ٻھڳڻ ٻاھر نڪرجان

٢٧-٩-١٩٦١ع

راولپنڊي

*

اکن مينھن وسائيو

 

وسنديون رات سڄي

ويندين جي وسڪار ۾

 

تھ بيحد پونديون ڀڄي

وڃ نھ، مٺا ويھھ تون

 

لالڻ ڪر نھ لڄي

ترس پِرين تڪڙا

 

تھ وڃن ھي نھ ھڄي

بادل کٽن کڄي

 

پو ٻھڳڻ ٻاھر نڪرجان

٢٧-٩-١٩٦١ع

راولپنڊي

*

اکن مينھن وسائيو

 

چؤڦير آھي چِڪ

طالب چوي طلب جي

 

تڙ مان پيون تڪ

سڄڻ لاھيون سڪ

 

پو ٻھڳڻ ٻاھر نڪرجان

٢٧-٩-١٩٦١ع

راولپنڊي

*

اکن مينھن وسائيو

 

وڃڻ نھ جنھن جي وس

اڃا ويتر وسڻ جا

 

ارادا(1) اٿس

بيھھ تھ ڪري بس

 

پو ٻھڳڻ ٻاھر نڪرجان

٢٧-٩-١٩٦١ع

راولپنڊي

*

اکن مينھن وسائيو

 

گوڙ نڪو گھمسان

اھڙي گونگي مينھن کان

 

الله ڏي امان

سڄڻ رھھ تون راتڙي

 

اھو ڪر احسان

نھ تھ ترسي پؤ طالب چوي

 

مٺا ٿي مھمان

اڇو ٿئي آسمان

 

پو ٻھڳڻ ٻاھر نڪرجان

٢٧-٩-١٩٦١ع

راولپنڊي

*

ھڪ اکن مينھن وسائيو

 

ٻي اوندھھ انڌوڪار

ٿيو ماري منھنجي من کي

 

تنھنجي وڃڻ جو ويچار

چوٿون اويل آھھ عجيب ٿي

 

پنجون پليو نھ ٿئي پيار

ڇھون بي مدو نھ بس ڪندو

 

وسڻ جو وھنوار

جڏھن وڃڻ جو ڏي وار

 

پو ٻھڳڻ ٻاھر نڪرجان

٢٧-٩-١٩٦١ع

راولپنڊي

*

بلڪل ڪندو نھ بس ڪا

 

اھو مٺا مينھن

رھي پؤ ھي راتڙي

 

تھ نڀايون ڪو نينھن

طالب مولا طلب ۾

 

شوق جو پاليو شينھن

جڏھن ٿئي ڏينھن

 

پو ٻھڳڻ ٻاھر نڪرجان

٢٧-٩-١٩٦١ع

راولپنڊي

*

ڳوڙھا ڳڙيو ڳلن تان

 

ٿا منٿون مٺا ڪن

ڪري قرب پانھنجا

 

عجيب من اگھن

منھنجي پاران مٺڙا

 

ٿا توکي ھيئن چون

ترسي پؤ طالب وٽ

 

تھ سڪون سڀ لھن

حبيب ساڻ ھٿن

 

اگھڻ جو انعام ڏيو

١١-٥-١٩٥٩ع

*

ھي لڙڪ منجھھ اکن

 

ڄڻ سچا موتي سپ ۾

تن جا سوداگر سپرين

 

ٿا وڏا قدر ڪن

ھي بلڪل بازارن مان

 

ڪنھن کي ڪين ملن

نھ وڪجن وينجھار وٽ

 

نھ ھٽن تي ھجن

طالب مولا طلب ۾

 

جي ڪريو لڙڪ پون

تن سھڻن ۽ سچن

 

ملھھ مورھئون ناھھ ڪو

٥-١٠-١٩٥٨ع

*

 


 

[19]

سار سنڀار

 

ڪري اٿيا اتر کان

 

ڪڪر ڪارونڀار

وسڻ سندا ويس ھا

 

ٻيا منجھن سو سينگار

مٿان ”ڪوه مري“ جي

 

ڪيئون وارو وار

ڪٿي ڇوھا ڇوٽ مان

 

ڪٿي بوند بھار

پھاڙن تي پرت مان

 

ڪيئون وسڻ جا وھنوار

پسايائون پيار مان

 

ڪنوارن ڪاپار

ھو ڊوڙي ڊڪي ڊيل جان

 

ھليون ھوٽل ۾ ھڪوار

جھڙيون ھرڻيون ھيج مان

 

ڪن رمز ڀري رفتار

ڪلھا ھڻي قرب مان

 

شائق ڪيئون شڪار

پاتل ڪجل ڪانيون

 

نرمل ڪيئون نھار

واٽھڙن تي ورھھ جا

 

بيحد وڌئون بار

ڪي وڻن ھيٺ ويٺيون

 

ڪي دڪانن تي ڌار

ڪئي نھ بس بيھڻ جي

 

مٿائن ملھار

پسي پاڻي ۾ پِين

 

ڪپڙا قربدار

بدن بَکيو تن مان

 

چيلھھ ڪيا چمڪار

ھو سمٽيو سوڙھيون ٿي ويون

 

جي گوڙ ڪيا گجگار

نھ ڄاڙي ڄاڙي سان ملي

 

جو سي ڪيا سٽڪار

ھوڏنھن گل گلاب جا

 

ھيڏھن ھي دلدار

ڏاڍا ڍو ڪرائيا

 

ڏسڻ مان ڏاتار

جڏھن بس برسات ڪئي

 

تھ ھلڻ لڳيون ھيڪار

نوري نظارن جا

 

ڇا شاعر ڪري شمار

سمجھڻ وارا سمجھندا

 

پيارن سندا پار

ڪارا ڪارا ڪنڍڙا

 

ونگڙا ونگڙا وار

سھڻا سھڻا سنھڙا

 

ڇلڙا ڇڳيدار

چھٽيل ڄڻ چندن تي

 

ماريندڙ سي مار

ڀرون پيشاني ڀر ۾

 

جئن ڍال اڳيان تلوار

اکيون عجيبن سنديون

 

خاصيون ٻئي خوددار

سنھڙي سنھڙي نڪ سان

 

گڏ گلابي رخسار

ڏند چپ محبوبن جا

 

جوھر جلويدار

قربائتن ڪلھن تي

 

ڪونج ڳچي ۾ ھار

جواني جي جوش کان

 

اڀريل سيب انار

ٻانھون ٻھڳڻ جون

 

واھھ جا مٿن وار

ڪراين ۾ ڪنگڻيون

 

۽ چوڙا چوڙيدار

نازڪ ھٿ حسين ٻئي

 

حسن جا ھٿيار

چيلھھ چيتن کان چوکي

 

لڏي لچڪيدار

ھٿين پيرين ھڪڙا

 

نھ ثاني سندن سردار

اھي اسان کان ئي پڇو

 

دم دم جا ديدار

ڪھڙا ”ڪوه مري“ ۾

 

ھا جھلڪا ۽ جنسار

جبل پنھنجي جاءِ تي

 

سڀئي سبزه زار

مٽي نھ ڏسجي مورھئون

 

رڳي ساوڪ جا سينگار

گل ڦل تن جي گود ۾

 

وڌا قدرت سان ڪلتار

وھن تن جي وجود مان

 

چشما ڪئين چوڌار

درخت تن ۾ دل گھريا

 

سدا سايي دار

طالب ڏسيو تن کي

 

برھھ سندا بيمار

رويو وھن رمز ۾

 

ھو نيڻين واھيو نار

جو جدا آھن جن کان

 

جاني جِي جيار

تن کي آھي طلب جي

 

تن ۾ لڳل تار

سي سک ھوندا ڪين ڪي

 

جن کان جدا يار

تن کي ”ڪوه مري“ جا

 

جار لڳن جنسار

وسن ھن جي ونن ۾

 

جانبَ جلويدار

جن لڌي وري ڪانھ ڪا

 

سندن سار سنڀار

ويچارن ويچار

 

آھن پنھنجي پِرينءَ جا

٩-٨-١٩٦١ع

سيسل ھوٽل، ڪمرو نمبر ٣١

ڪوه مري

*

 


 

[20]

وٽان جيئن ويام

 

وٽان جيئن ويام

 

وري نظر نھ آئيا

سھڻن سپرين کي

 

ڏٺي ڏينھن ٿيام

ڪئين پيغام پرت جا

 

مٺڙن ڏانھن مڪام

جيڪي ڏوھھ نھ منھنجا

 

سي مڙيئي مڃيام

طالب مولا طلب جا

 

پلو پاند ڏنام

تھ بھ آيا ڪين اڱڻ تي

 

وھلور ٿي ويام

الا! ڪيئن ھيام

 

ويا ڪيئن ٿي سپرين

١-١-١٩٦٢ع

ڪھور

*

ڪالھھ ھئا ھو جيئن

 

اڄ نھ ساڳيا سپرين

جيڪي اٿم جِي ۾

 

ملن تھ چوان تيئن

پرور پھچائينم شل

 

سڄڻ سھڻن سيئن

چوان تھ ڪيانو ڪيئن

 

طالب سان طلب ۾

٢-١-١٩٦٢ع

ڪھور

*

ھو جيئن ڪالھھ ھئا

 

اڄ نھ ساڳيا سپرين

ڪھڙو پھھ پين جو

 

وريا ڪين، وئا

دور ڪيائون دل کان

 

نکٽ ڪنھن نئا

ورھھ ويھي تن سان

 

مون وڏا قرب ڪئا

اڳ ھا حبيب ھڪڙا

 

ھاڻ ٻھڳڻ ٿيا ٻئا

وڃي ٿاڪ ٿئا

 

طالبُ ڇڏي طلب ۾

٣-١-١٩٦٢ع

ٽنڊو مٺا خان

*

حبيبن ئي ھيئن ڪيو

 

تھ ڪنھن کي ڏوھھ ڏجي

فيصلو فراق جو

 

نازڪ ڪٿ نجي

پنھنجي ويھي پاڻ سان

 

قائم قرب ڪجي

طالب پنھنجي طلب ۾

 

حبيب ڪر ھجي

پنھنجي ٿوپ ٿِجي

 

سدا پنھنجي پاڻ لاءِ

٩-١-١٩٦٢ع

حيدرآباد

 

*

 

 


 

[21]

ڪونجِن ڪرڪي ڪالھھ

 

ڪونجن ڪرڪي ڪالھھ

 

مون کي رت رئاڙيو

رئندي رئندي رئندي

 

ھيڻا ٿيم حال

ھو ٻيھر وڃي ٻچن سان

 

ڪنديون واھھ وصال

آئون پاڙي رھان پرينءَ جي

 

تھ بھ جر وھايان جال

طالب مولا طلب ۾

 

سڪندي وريا سال

ڪيم گڏ فراق جا

 

ميڙي چونڊي مال

عجائب احوال

 

آھن منھنجي عشق جا

١٢-١-١٩٦٢ع

بودليجا

*

ڪرڪي ڪونجڙين

 

مون کي رت رئاڙيو

مون سڪ ۾ اينھين سمجھيو

 

تھ پيون پار ڪڍن

پر ھن کي ٻاجھھ ٻچن جي

 

رڙڪيو ٿيون رڙڪن

آئون سڏڪا سھڻي لئي ڀريان

 

ٿا اڌما روز اچن

جي پاڙي رھي پرينءَ جي

 

ھجر منجھھ ھلن

طالب مولا تن کي

 

پلپل پيار ڏجن

جي محبت منجھھ مرن

 

سي جيئرا آھن جڳ ۾

١٣-١-١٩٦٢ع

ھالا

*

ڪرڪڻ جي ڪونجڙيون

 

اٿو ٻچن لئي ٻاڪار

وڃي پنھنجي وطن ۾

 

ٿيون ڪريو خوب قرار

آئون پاڙي رھان پرينءَ جي

 

تھ بھ عشق سندا آزار

اھنجي ورونھن ولر سان

 

آئون دلبر کان ئي ڌار

طالب ھاريان طلب ۾

 

لڙڪن لک ھزار

مون کي پرينءَ پچار

 

اھنکي ور وطن جي

١٤-١-١٩٦٢ع

ھالا

*

ڪرڪي ڪالھھ اوھان

 

جذبا، جوش جاڳائيا

اوھان ٻوليو ٻاجھھ مان

 

آئون پيو رت رئان

اھنجي ورونھن ولر ۾

 

آئون جھوري منجھھ جھڄان

اھين موٽي پڄو ملڪ ۾

 

ڪٿان جو ڪٿان

آئون پاڙي رھي پرينءَ جي

 

سڪ ۾ روز سڪان

رئان ۽ رڙان

 

طالب مولا طلب ۾

١٥-١-١٩٦٢ع

ھالا

*

ڪونجون مونجھون نھ ٿيو

 

وينديون وري وطن

ملنديون اتي محبّت مان

 

ٻيھر ساڻ ٻچن

آئون پاڙي رھان پرينءَ جي

 

تھ بھ ھنجھون ھارجن

جو مون کي ڌار ڌڪي ڪيو

 

پاڙيچن پرين

جئن طالب مولا ساڻ ڪيو

 

مٺن محبوبن

ھئي ھئي حبيبن

 

ھئن ڪڏھن ڪيو ڪونھ ڪو

١٦-١-١٩٦٢ع

ھالا

*

ڪونجون مونجھون نھ ٿيو

 

وينديون وطن وري

ٻيھر ملنديون ٻچن سان

 

اينديو پت پري

آئون پاڙي رھان پر جي

 

تھ بھ مون لئي ڳالھھ ڳري

ويجھي ھوندي ورھھ ٿيا

 

پرين نھ آيو پري

طالب مولا دل ڪئي

 

ھن جي چاھھ چري

جنھن جاني جي جدائي کان

 

ساعت ڪين سري

سو وري ويو وري

 

موٽي موٽيو ڪين ڪي

١٧-١-١٩٦٢ع

ھالا

*

ڪونجن ڪھڙا حال

 

اسان جي عشق جا

ھو پرديسان آئيون

 

ڪالھوڻي ڪال

سڪندي مون کي سڄڻ لا

 

ٿيا سالن مٿي سال

ھو ٻڙھڪن رڳو ٻچن لا

 

آئون رئان جاني لئي جال

پکيڙا پڻ پيار ۾

 

ڪن ٿا قرب ڪمال

پر اسان وانگر انھن کي

 

مورھئون ناھھ مجال

طالب مولا طلب ۾

 

ھت جھوري ۽ جنجال

ھت وڃڻ ساڻ وصال

 

ھت ھنجھون ھاريون ھجر ۾

١٨-١-١٩٦٢ع

ھالا

*

ڪٿي ڪرڪڻ ڪونج جو

 

ڪٿ عاشق جون آھون

ھو ٻھڪيو ٻوليون ڪن ٿيون

 

ھت ڳجھھ اندر ڳاھون

ھي بي وطن وطن ۾

 

ھو پرن ٿيون پاھون

ھو ٻيھر ٻچن سان ملن

 

اٿيو اتاھون

ھن کي عشق عجيب جو

 

ڏي سٽون ۽ ساھون

طالبَ، طالبن جون

 

قريب ڏي ڪاھون

ويچارن واھون

 

ٻيون ويون وسري

١٩-١-١٩٦٢ع

ھالا

*

ڪرڪي اڄ ڪونجن

 

رئاڙيو سڄو ڏينھن

ھن کي ٻاجھھ ٻچن جي

 

مون کي نرجو نينھن

ھن جو چاھھ چڻڻ سان

 

شوق سندم ڄڻ شينھن

محبت وارو مينھن

 

طالب وسايم ورھھ ۾

٢٠-١-١٩٦٢ع

ھالا

*

 


 

(1) إۑڎإڈإ ێیڼ ڦصۑ صڎ ڶحۑ ۆڐڷ ۽ ڠإڶ إښجڠڶإڵ ضۆ كۑإڵ ڎڦۑۆ ۆۑۆ آێۑ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org