Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  شاعري

ڪتاب: ڇپر ۾ ڇڙيون

باب: 1

صفحو :1

ڇپر ۾ ڇڙيون

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

[1]

ھادي آھي ھڪڙو

 

تڏھن بھ ھڪ الله ھو

 

جڏھن ڪجھھ نھ ھو

جڏھن ھوندو ڪين ڪي

 

تڏھن بھ سو ئي سو

”وحده لاشريڪ له“

 

ثاني سندس نھ ڪو

صحيح آھي سمجھيو

 

طالبُ! مولا تو

اھو ئي اھو

 

ھادي آھي ھڪڙو

٩-١٢-١٩٥٥ع

حيدرآباد

*

اڄ بھ اھو ئي آھھ

 

جيڪو ھئو اڳ

ھئڻ رڳو ھن جو

 

جلوو آھي جڳ

قرب ۾ ڪلتار جي

 

مانجھي ٿيجئين مڳ

طالب مولا مرد ٿي

 

وٺ داور وارو دڳ

نھ لڀندين ساڳيو سڳ

 

جي پاسي ڪندين پاڻ کي

٩-١٢-١٩٥٥ع

حيدرآباد

*

ھادي سو، حڪيم سو

 

مالڪ سو، مختار

رازق سو، رحيم سو

 

جابر سو، جبّار

اڳ بھ سو، پوءِ بھ سو

 

اڙين جو آڌار

”الله الغني و انتم الفقرآءُ“

 

سو ئي سو سردار

طالب مولا مرد ٿي

 

ڪر وحدت جو واپار

قادر سو ڪلتار

 

قائم دائم ڪل تي

١٠-١٢-١٩٥٥ع

ميرپورخاص

*

بقا ھڪ الله کي

 

ٻيو سڀ فنا

ھستي فقط ھن جي

 

انسان سندس ادا

ھو جبّار جل جلاله

 

جائي جلوه نما

’اِن الله عليٰ کل شيءِٕ قدير‘

 

صفت سندس سدا

سڀئي سطوت ان جا

 

گولا ۽ گدا

اڳيان ان جي ڪا

 

ڪانھي طاقت ڪنھن جي

١٥-١٢-١٩٥٥ع

ڪرم نظاماڻي

*

الله ئي الله

 

ٻيو سنڀران ڪين ڪي

ڪن ۾ ٻانگي ٻانگ سان

 

ڪيو آواز اِلاّالله

مادر مون معصوم کي

 

چيو لولي ۾ الله

ڪونھي ٻيو ڪريم ري

 

ھو شاھن سندو شاھھ

آھي ان جي امر ۾

 

سفيد ۽ سياھھ

ھادي سو ھمراھھ

 

ھردم آھي ھڪل ۾

٢٦-١٢-١٩٥٥ع

ڪرجات

*

 

 

قدرت جنھن جي قديم

”ڪل شيءٕ محيط“ سو

 

حاذق اھو حڪيم

قائم ذات قدير جي

 

آھي پاڻ عليم

قادر اھو ڪريم

 

قائم ڪائنات ۾

٢٨-١٢-١٩٥٥ع

ڪرچات

*

صفتون سو ھزار

 

ذات آھي ھڪڙي

ڪار فرما ڪريم ٿيو

 

انسان سڀ اوزار

ھلايو حڪمت سان

 

قدرت کي ڪلتار

ڪافي قرب انھي سندو

 

ٻي محبت ئي مردار

طالب مولا مرد ٿي

 

ڪر نوڙت ساڻ نھار

ڏس عبرت جا آثار

 

حسن قبح ۾ ھڪڙا

١-١-١٩٥٦ع

ھالا

*

دوا اھو، دارو اھو

 

طاقت اھو، طبيب

طالب مولا تنھنجو

 

حاذق اھو حبيب

قادر آھي قريب

 

پر ڏسڻ کان ڏور ٿيو

١-١-١٩٥٦ع

ھالا

*

ھلي ھر ڪنھن جاءِ تي

 

فائق جو فرمان

انسان مان حيوان ڪري

 

حيوان مان انسان

پري ڪونھي پاڻ کان

 

مالڪ جو مڪان

”ڪل شيءٕ يحرڪ“ ۾

 

غير نھ ڪو گمان

سبحان ئي سبحان

 

ٻيو سر ۾ سجھي ڪونھ ڪو

١٠-١-١٩٥٦ع

تعلقو کپرو

*

جنھن ”ڪن“ چئي ڪل جوڙيو

 

تنھن واحد کي واکاڻ

وحدت جي ويساه سان

 

وجود پنھنجو واڻ

ڪر اتبار احد تي

 

ايمان اِتي آڻ

ڪافي تو لئي ڪريم ٿيو

 

ڇرڪين ٿو ڇاڪاڻ

در ھڪڙو ديک تون

 

ٻي جي ڪڍ نھ ڪاڻ

تون تيڏانھن ئي تاڻ

 

طالب! مولا جنھن طرف

٢٥-٧-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

ڏسڻ کان جو ڏور

 

سو ويجھو آھي وجود کان

ڪک پن ۾ ڪريم جو

 

نسورو ئي نور

ذرڙو ذرڙو، ذرڙو

 

لئي ڪاملن ڪوه طور

جو ڏسي نٿو ڏيھھ ۾

 

تنھن قلب جو قصور

دريون دنيا واريون

 

پھرئين پٽي پور

طالب مولا ڄاڻ تون

 

ھر جا اٿئي حضور

ھو دل کان ناھي دور

 

ھردم آھي ھنج ۾

١٦-٥-١٩٥٦ع

ڪراچي

*

پري ڇو پلاڻيين

 

واحد اٿئي ويجھو

”ونحن“ واري ويڙھھ ۾

 

وار بھ نا ويڇو

آھي سوئي سو

 

در تون پور دوئي جا

٢١-٥-١٩٥٦ع

ھالا

*

جو پري ناھھ پساھھ کان

 

تنھن واحد کي ئي وٺ

ڪڍي ڇڏ قلب مان

 

ھستي وارو ھٺ

طالب مولا طلب ۾

 

ڪر ڪلمي سان ئي ڪٺ

من مان ڪڍي مٺ

 

مولائي تون مرد ٿي

١٩-٦-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

ھادي سوئي ھڪڙو

 

ٻولي ڪبي نھ ٻي

وحدت جي واپار ۾

 

ٿيبو مرد مچي

”قل ھوالله“ ۾ قادر جي

 

آھي صفت سڄي

واحد جي وحدت جي

 

ڪھڙي ڳالھھ ڪبي!

ھلي ڪا چلي

 

دوئي واري جي دنيا ۾!

١-٩-١٩٥٦ع

ھالا

*

”وحده لا شريڪ له“

 

ويجھو اٿيئي

”ماسويٰ“ کي مرد ٿي

 

ڏھاڳ ڇڏ ڏيئي

قدرتون ڪريم جون

 

قلب ۾ ڪيئي

طالب مولا مرد ٿي

 

ڇڏ نرت اتي نيئي

پڪ اٿئي پيئي

 

عاشق ”اِلا الله“ ۾

١-٩-١٩٥٦ع

ھالا

*

عاشق ”اِلا الله“ ۾

 

اٿئي واحد جو وصال

سا صيقل ھڻي صاف ٿي

 

ڪر قرب منجھھ ڪمال

تھ پسين جل جلاله جي

 

جلوي جو جمال

ڪر اطاعت ان جي

 

خاصو رکج خيال

تھ ھادي ٿيئي حال

 

طالب مولا طلب ۾

١-٩-١٩٥٦ع

ھالا

*

آڻج ”اِلاّالله“ سان

 

الله تي ايمان

رھبر ٿيندئي راھھ ۾

 

ڪلمو ۽ قرآن

ھادي جي حڪمت ۾

 

ھرڪو ئي حيران

ناھي زور زبان کي

 

ڪري باري جو بيان

قرآن ۾ ڪريم جو

 

شائق پس تون شان

جيڪي لکيم جي سان

 

سو بھ آگي جو احسان

طالب مولا طلب ۾

 

دوئي کان رک ڌيان

ھڪڙو اٿئي حنان

 

شڪ نھ آڻج شرڪ جو

١-٩-١٩٥٦ع

ھالا

*

شائق شڪ نھ آڻجئين

 

شڪ جو ٿين نھ شڪار

ھادي ھڪڙو مڃ تون

 

جل جلاله جبّار

شرڪ نھ ڪجئينس شان ۾

 

قادر اٿئي قھار

طالب مولا مرد ٿي

 

ڪر احد تي اتبار(1)

ٿو سمجھي سڀ ستّار

 

ڪيفيتون قلب جون

٨-٩-١٩٥٦ع

ڪراچي

*

آھي ھڪ الله

 

حاڪم سو حڪيم

ھر ھنڌ اٿئي ھڪڙو

 

مالڪ ئي مقيم

قائم آھي ڪل تي

 

مولا مستقيم

”الله الغني و انتم الفقرآءُ“

 

اھوئي عظيم

طالب مولا آھھ سو

 

عالم پاڻ عليم

ڪريم ئي ڪريم

 

قادر آھي ڪل تي

١٥-٩-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

قائم دائم ڪل تي

 

خالق خلقڻھار

ڪونھي ٻيو ڪريم ري

 

مالڪ ۽ مختار

ڪر اطاعت ان جي

 

بندا نھ ٿي بيڪار

سڌو ھل سائينءَ سان

 

آھي ستّار ۽ غفار

ھو ڍڪي ٿو ڍڪڻ ٿي

 

عاصي عيبدار

طالب، مولا کان نھ وجھھ

 

وٿي ھڪڙو وار

اصلوڪو اقرار

 

پاڻا پارج پرت سان

١٧-٩-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

گھڻو سارج ساه سان

 

سبحان سنجھھ صباح

آھي قرب ڪريم جو

 

محبت جو مفتاح

”فاذڪروني اذڪرڪم“

 

فڪر ڪاڻ فلاح

مڙئي آھھ مباح

 

محبت جي ميدان ۾.

٢٧-١١-١٩٥٥ع

پکاشريف


 

(1) ۑڠڷۑ ”إڠجبإڎ“، صڎ ڶڎۆٓض ڐبإڷ ۾ ”إجبإڎ“ یۑ کإڵێإیضۑ حۆ ۽ ۆڐڷ ضۑ ڵقإڟ ښإڷ إیۑڷ إښجڠڶإڵ ڥۑۆ ۆۑۆ آێۑ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ڪتاب جو مهاڳ --  ٻئي ڇاپي جي ناشر طرفان -- ناشر طرفان ٻه لفظ -- ڪتاب جو مقدمو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

   

 

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org