Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 16

[25]

جتي جوڙ بھ جي ٿيان

 

جيڪر جتي ھجان

 

پنھنجي محب مجيب جي

تھ پيرن ۾ پرينءَ جي

 

پيئي روز پوان

وک وک تي واھھ جا

 

چميو قدم چمان

ٿانيڪي ٿيان

 

طالب مولا تنھن سان

١ شوال ١٣٨٧ھھ

٢-١-١٩٦٨ع

ھالا

*

ھئي ھئي منھنجون قسمتون

 

جيڪر جتي ٿيان

پلپل پائن پير ۾

 

تھ ڀاڪر وجھي بيھان

چوڙن سدا چاھھ مان

 

بيحد بار کڻان

پيارا پير تھ پري ٿيا

 

پر مٽي مر چمان

پيئي پيراندي ھجان

 

تھ بھ سدائين سونھان

طالب مولا تھدليئون

 

ڏينھاڙي ڏسان

پگھر پئي پيان

 

عمر ڏيان عجيب سان

٢ شوال ١٣٨٧ھھ

٣-١-١٩٦٨ع

ھالا

*

جتي ٿيان جيڪر

 

پنھنجي محب مجيب جي

تھ ڪري پيار پيرن سان

 

ڀريو وجھان ڀاڪر

پيئي ھجانس پير ۾

 

سدا منجھھ سفر

طالب مولا طلب جي

 

ھي خاصي آھھ خبر

تھ نڌر بھ ٿيان سڌر

 

جي لالڻ وٽ لتاڙجان

٣ شوال ١٣٨٧ھھ

٤-١-١٩٦٨ع

ھالا

*

پنھنجي محب مجيبڙا

 

جيڪر جتي ڪن

تھ پيرن کي نھ پڄڻ ڏيان

 

خراشون خارن

قدمن کي قرب مان

 

ڏيان ڀريون ڀاڪر

مٽي ھاڻا پير ٻئي

 

مون ۾ محب وجھن

تھ بھ منھنجو منھن مٿي ٿئي

 

اچو الاھي اگھن

ممڪن آھي مورڳو

 

مون کي چميون ڏين

طالب مولا ايئن ٿئي

 

تھ قسمتون کلن

ڀلي ڏيھھ ڏسن

 

پئي لالڻ وٽ لتاڙجان

٣ شوال ١٣٨٧ھھ

٤-١-١٩٦٨ع

ھالا

*

جيڪر آئون ٿي پوان

 

جتي جاني يار

پير نھ ڏيکاريان پرينءَ جا

 

ڪوڙين ڏيان قرار

مٺن تي مٺن جي

 

ڪريان وارو وار

سيبايان سڀئين پرئين

 

وڻان ھر ڪنھن وار

چنبڙان اھڙي چاھھ مان

 

جو ڪري نھ پاڻان ڌار

ماڻي مون کي ئي فقط

 

نھ ٻي ڏي ڪري نھار

لاھي کڻي ڦٽو ڪري

 

تھ بھ سڌو ڪن سردار

طالب مولا ايئن ٿئي

 

تھ ڪرم وڏا ڪلتار

سھان پيو صد بار

 

لتون لالڻ يار جون

١٥ صفر ١٣٨٨ھھ

١٤-٥-١٩٦٨ع

ڪوئٽا

*

جتي جاني جي ٿيان

 

ھي لاکيڻي ٿم لوڙ

طالب مولا طلب ۾

 

تھدل ڪئي توڙ

وڻي ٿي وجود کي

 

پيارل جي پتوڙ

ڪٿِ  چلولن چوڙ

 

ڪٿي پائڻ پرينءَ جو!

١٥ صفر ١٣٨٨ھھ

١٤-٥-١٩٦٨ع

ڪوئٽا

*

وڪجي تھ قيمت ڪانھ ڪا

 

۽ ھلڪي مٿي ھٽ

پوري پرينءَ جي پير ۾

 

تھ جھڪن تاج منگھٽ

جتي جاني جي ٿيان

 

تھ ڪي بھ نھ منھنجا مٽ

مون تي مدامي ھجي

 

سرن سندي سٽ

سوين صدقي ٿي وڃن

 

ڄام وڏا ۽ ڄٽ

طالب مولا وانگيان

 

ڪيئي ڀان ۽ ڀٽ

ھوءَ تخت لتاڙي تاب مان

 

ڇاھي ڇپر کٽ!

ڪٿي ڪلنگيون ڇٽ

 

ڪٿي پيزار پرينءَ جا!

١٥ صفر ١٣٨٨ھھ

١٤-٥-١٩٦٨ع

ڪوئٽا

*

بلڪل بازارن ۾

 

جتيون ڍيران ڍير

پئسن ساڻ پيون ملن

 

۽ ٿئي ڪانھ نبير

موچن وٽ نھ مھانگيون

 

پڻ سستيون جڙن سوير

طالب مولا طلبون

 

ھئن ٿيون چون ھير

تھ جنھن ۾ جاني پير

 

آئون بھ جتي اھا ٿيان

١٦ صفر ١٣٨٨ھھ

١٥-٥-١٩٦٨ع

ڪوئٽا

*

سوني جتي بھ پير ۾

 

آڻيو وجھن امير

لچ، لانبڙ، لوٺيا

 

۽ پائن پير، فقير

اھي جتيون اصل کان

 

حيثيت ۾ حقير

پائي پرين جا پير ۾

 

تھ سا ئي بي نظير

طالب مولا ھن لاءِ

 

ٿا نڪرن اکيان نير

ڪجي ڪا تدبير

 

تھ جتي جاني جي ٿيان

١٦ صفر ١٣٨٨ھھ

١٥-٥-١٩٦٨ع

ڪوئٽا

*

جتيون تھ شاھن جون بھ ٿيون

 

موتِن ۾ مڙھجن

ڪانھي ڳالھھ سون جي

 

پر ھو ٿيون لک لھن

البت ٿيندو ايئن آھھ

 

تھ تخت تي بھ چڙھن

تھ بھ پون اھي ئي پير ۾

 

نھ مٿي تي رکجن

سي بھ تھ ڪنھن ڪنھن جاءِ تي

 

ٿيون لاھڻيون پون

جي سر جھڪن ٿا تن کي

 

تھ بھ دليون ڪين جھڪن

طالب مولا طلب مان

 

ھي نڪتا نھارجن

تھ تن کي مھت ملن

 

جي پون پرينءَ جي پير ۾

١٨ صفر ١٣٨٨ھھ

١٧-٥-١٩٦٨ع

ڪوئٽا

*

جتي سندي جوڙ کي

 

ڪلنگيون ڪين پڄن

ات ڪئين ڪلاھون اچيو

 

ٿيون جذباتئون جھڪن

جن کي اتان عار ٿئي

 

سي سر ئي ڪسيو وڃن

جيڪي اتي جھڪيا

 

تھ تاج بھ ماڻيا تن

محبوب جڏھن وڃي پڳا

 

مٿائين مقامن

ڀانيئون تھ جتي لاھيون

 

اھو اڃا خيال ھئن

تھ پين پڙلاءُ ڪن تي

 

۽ حڪم ھي ملين

جانب جتي نھ لاھجو

 

متان پير اگھاڙا ٿين!

وڃي پھتا توڙ تي

 

سان پيارن پيزارن

طالب مولا ڪئن چوان

 

ٿيان جتي نھ جانبن!

جتي ٿيان تھ ٻيو ڇا کپي

 

کٽان ٻنھي جھانن

جو پھتي ساڻ پرين

 

جتي عرش عظيم تي

١٨ صفر ١٣٨٨ھھ

١٧-٥-١٩٦٨ع

اسلام آباد

*

ڪٿي جانب جي جتي

 

ڪٿي آئون غريب!

مون ۾ تھ آھن مورڳو

 

وڏا عيب عجيب

آئون گدلو، ڪنڙو، ڪوجھڙو

 

ھو نرمل پاڻ نجيب

وٽس ڪھڙي منھن وڃان

 

جو ٿيندس ڪيئن قريب!

پر اٿم اھو ئي آسر

 

تھ لالڻ آھھ لبيب

چڱو چڱايون ئي ڪندو

 

حاڪم سائين حبيب

طالب مولا آئون ڪٿي

 

ڪٿي محب مجيب!

ھو ھميشه حسيبِ

 

آئون جتي جوڙ بھ جي ٿيان

١٩ صفر ١٣٨٨ھھ

١٨-٥-١٩٦٨ع

اسلام آباد

*

ڪيم انصاف امين ٿي

 

ڳڻ ئي پي ڳوليام

ويھي پنھنجي پاڻ جا

 

ڦولا جو ڦوليام

تھ سچ پچ صديقي چوي

 

رڳي عيب پسيام

پنھنجي اوڻاين جا

 

جڏھين پتا پيام

تھ پنھنجي مرم مسي ويس

 

سڄڻ جو سوچيام

طالب مولا پاڻ کان

 

پو سوين سوال پڇيام

جواب ھي جڙيام

 

تھ جتي جوڙ بھ جي ٿيان!

١٩ صفر ١٣٨٨ھھ

١٨-٥-١٩٦٨ع

اسلام آباد

*

 


 

[26]

ليلائي ليلاءِ

 

ھيرو آيئي ھٿ ۾

 

قدر ڪونھ ڪيئي

لا قيمت جي لاڏلي

 

قيمت ڪٿي وڌيئي

مغروري کان محب جو

 

پتو ڪين پيئي

پنھنجو اڇلي پاڻي ۾

 

پرايو پڇيئي

معصوم محبّت کي

 

رڳو ڏوھھ ڏنئي

دعويٰ ڪيئي نھ دل سان

 

چپن ساڻ چيئي

طالب چوي طمع ۾

 

من مڻيي تي مٽيئي

اھو ڪونھ ٻڌئي

 

تھ ڪاند ڪميڻن مٽيو

 

*

 

ھيرو آيئي ھٿ ۾

 

تو ولھي وڃايو

ھٺيلي تو ھٺ کان

 

نھ پاند ڳچي پايو

قرب ڪري ڪاند سان

 

تو لايو نھ نڀايو

ور پنھنجو ويسلي

 

تو مڻيي تي مٽايو

پنھنجي پاڻھي پير تي

 

تو ھٿيار ھلايو

ھو غازي غيرت مند ھو

 

وئو پٺ ورايو

سچ ٿو صديقي چوي

 

تو ھڪدم ھارايو

وقت ويو نھ آيو

 

توڙي ڪجن ڪوششون

 

*

 

ھيڪر مليئي ھٿ ۾

 

گھر ويٺي گوھر

ڪھڙو آيئي اوچتو

 

اندر مان اوڀر!

پنھنجو ڇڏي پٽ ۾

 

پسند ڪيو تو پر

ڪيڏھن ملھھ مڻئي جو

 

ڪيڏھن پنھنجو ور

ھي ڀيڻي ھيئي ڀر

 

ھن وڃايئي وڙ کان

 

*

 

مڻيو مھانگو ڄاتئي

 

ايڏي طمع تات!

مڻيا تھ موڙي ھٽ جي

 

ور ڏاتر جي ڏات

ھنن جا مٽ ملڪ ۾

 

ھي پنھنجو ذات ئي ذات

ڪمائي سڀ ڪٽ ڪيئي

 

موڙھي منجھھ ھڪ رات

قرب جي قريشي چوي

 

بلڪل نھ سمجھيئي بات

ھو بخشئي ھا برات

 

ھي ٿيئي ڳٽ ڳچي جو

 

*

 

پورھيت ٿين ھا پرينءَ جي

 

ڪري ڪنئوروءَ وارو ڪم

ور وٽ تون اي ويسلي

 

ڄٽِي ڏين ھا ڄم

بَدن بخشڻ ڪاڻ ھو

 

دلبر جو ھڪ دم

طالب چوئي طمع ۾

 

ڀلجي ويئي ڀرم

قرب جو قدم

 

کڻي ڄاتئي ڪونھ ڪو

 

*

 

ڪامڻ پنھنجي ڪر کي

 

ٿي لوٺي لڄايوءِ

طمع آڏو تڪڙي

 

عقل نھ آيوءِ

ويھي ويھي ويسلي

 

وقت وڃايوءِ

وڃي نھ پنھنجي ور کي

 

روئي ريجھايوءِ

وري ور پوي ھا

 

جي ٻيھر ٻاڏايوءِ

سڪ مان صديقي چوي

 

نينھن نھ نڀايوءِ

سرتِن سمجھايوءِ

 

تھ بھ سمجھي سگھئين ڪين ڪي

 

*

 

ڪيو ڇا تو ھي

 

ڪامڻ پنھنجي ڪاند سان!

منھن انھي کان مٽيئي

 

جنھن ٿي چيئي جي

پڳئي ڪئن ھڪ رات لاءِ

 

چئيس ”پرايو ٿِي!“

ھو تھ فقط ھو تنھنجو

 

وارث، وير، ولي

ڇڏي ويئي ڇوھھ مان

 

ڪاوڙ اٿس قوي

وٺئي ڀلي تھ وري وري

 

سوڙن منجھان سي

ويتر ھاڻ ورھھ جا

 

پر پيالا پي

عجب آھي اِي

 

اڃا آھين ويسلي!

 

*

 

مٽجي وئينءَ ماڻڪ تي

 

ڄاڻ نھ ڄاتوئي

نينھان چڱو چاڳلي

 

نينھن جو ناتوئي

شايد پيچ پرينءَ سان

 

ڪو نھ پاتوئي

اگلو ڇڏيئي آتڻ ۾

 

ڪچو ڪاتوئي

روئي ريجھاءِ راءَ کي

 

ڏينھان راتوئي

جو لڪي لاتوئي

 

سو پاڳل! پڌرو ٿي پيو

 

*

 

قلم تنھنجي ھٿ

 

لڱ سڄڻ جا لوح ٿيا

لک تھ وري لائون لھين

 

ڳالھھ چڱي ڪا ڪٿ

وھاريندئي ولھو

 

سڏي پنھنجي سٿ

لڄي ٿي لٿ پٿ

 

نوڙي نيزاريون ڪري

 

*

 

چمي پيزار پرينءَ جا

 

کڻي مٿي منھن لاءِ

اکن جي زبان سان

 

ڱڻ اٿي ڳالھاءِ

ڪري ڳھھ ڳچي جو

 

پاند پرت مان پاءِ

ڪنڌ پنھنجو ڪاند جي

 

قدمن تي ڪيراءِ

ورچي ويل ور کي

 

منٿن سان موٽاءِ

حجتون ڪيم ھلاءِ

 

ھٿ ٻڌي ڏي حاضري

 

*

 

نوڙت ۽ نياز ۾

 

ھنيين کي ھيراءِ

ڪامڻ پنھنجي ڪر کي

 

لڄي ٿي نھ لڄاءِ

طالب ٿي طلب ۾

 

روئي ھو ريجھاءِ

ليلائي ليلائي

 

ليلائي ليلاءِ

ڪچي ڇو ڪياءِ

 

ھٿان نھ پئي ھن جي!

 

*

 

ھٿان پيئي تنھنجي

 

ڏين ٿي ھن ميار!

مڃين نٿي مورڳو

 

اھي نھ پرت پار

ياد ڪري ڏس يار سان

 

ڪيل قول، قرار

ناتن نڀائڻ جا

 

توتي منڌ مدار

واٽين ورھھ واريين

 

وڇائي ڇڏ وار

اچي آخر انھن تي

 

پرين ڏي پيزار

تنھنجي بخشي ڏوھھ کي

 

ڪن درگذر دلدار

ھو اٿئي وڏا وڙائتا

 

بديون بخشڻھار

مٿي کڻي مٽي مان

 

ڪندئي ڳچي جا ھار

سڄڻ اٿئي ستّار

 

اميد نھ لاھھ انھن مان

 

*

 

جي اميدون لاھين

 

سي ئي سڄڻ ڌڪاريون

انھن ھنجون ماڻيون

 

جي ڪاند ڏي ڪاھين

جوٽون وھاڻا ور جون

 

انھن لئي آھين

سينو جي ساھين

 

اھي وران وڇڙيون

٣٠-٨-١٩٦١ع

ڪراچي

*

ڪامڻ ڪري نھ ڄاتئي

 

قرب پنھنجي ڪاند سان

ڪري ڳھھ ڳچي ۾

 

پاند نھ پاتئي

لالچ لاتئي

 

ليڪو لڱاين جو

٣١-٨-١٩٦١ع

ڪراچي

 

*

 


 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org