Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 20

[39]

ڪنھن کي خبر نھ ڪنھن جي!

 

چرين کي چريو چوڻ

 

آھي چريائي

ڪڏھن ڪبي ڪانھ ڪا

 

حقيقت ھوائي

مورھئون متان تون ھجين

 

صفا سودائي!

سچ ٿو صديقي چوي

 

طالب مولائي

ناھي ڪڏھن ڪائي

 

ڪنھن کي خبر ڪنھن جي

 

*

 

چرين کي چريو چوڻ

 

چريائي آھي

ڪھڙو پتو ڪنھن کي

 

ان سان ٿيو ڇاھي!

متان اھي عشق ۾

 

ويا لاڳاپا لاھي!

طالب مولا ھو متان

 

پيو نينھن نباھي!

چئي نوحاڻي ناھي

 

ڪنھن کي خبر ڪنھن جي

 

*

 

چرين کي چريو چوڻ

 

آھي وڏي چڪ

متان ھڏ ھنن جا

 

رلندي ٿيا رڪ!

طالب مولا ڪا ھنين

 

متان محبّت رڪ!

ھي ٺڙي ڇڏج ٺڪ

 

تھ ڪنھن کي خبر نھ ڪنھن جي

 

*

 

چرين کي چريو چوڻ

 

ھي ڳالھھ ئي اجائي

متان پيتئون پريم جي

 

ڪا سرڪي سوائي!

حقيقت ھن حال جي

 

ڪنھن کي نا ڪائي

شايد محبوبن ڪاڻ

 

ٿيا آھن توائي

اھڙي منزل محبّتي

 

ھئي اسان تي بھ آئي

متان دردن ھن کي

 

ڇڏيو کپائي کائي!

طالب مولائي

 

ڪنھن کي خبر نھ ڪنھن جي

 

*

 

چرين کي چريو چوڻ

 

ڏاڍو آھي ڏوھھ

سردي گرمي ھڪڙا

 

لڱ اٿن ڄن لوھھ

وڌي وين وجود ۾

 

محبوبن جو سوھھ

طالب مولا ھن کي

 

آھي طلبن سندو توھھ

اھو آھھ اندوھھ

 

تھ ڪنھن کي خبر نھ ڪنھن جي

 

*

 

چرين کي چريو چوڻ

 

ڏوھھ آھي ڏاڍو

متان ھجين ڪو ڪاڍو

 

ڪنھن کي خبر نھ ڪنھنجي

 

*

 

چرين کي چريو چوڻ

 

ھي ڪم نھ ڪاملن

متان سودا سڪ جي

 

۽ محبّت اٿن من!

تڏھن پيا طلب ۾

 

رڃون سڀ رلن

مٿان تن جي مورڳو

 

پيا ڪيئي کليو کلن

ھو مڙئي محبوبن لاءِ

 

سر تي ٿا سھن

طالب مولا تن سان

 

ھمدرديون ھجن

اندر ڇا اٿن

 

ڪنھن کي خبر ڪنھنجي!

 

*

 

چرين کي چريو چوڻ

 

خوف نھ خدائي

پھرين ڏس تون پاڻ کي

 

متان تون ئي توائي!

سوچڻ سمجھڻ کان سوا

 

ڌوڙ تھڙي ڇائي

متان نھ چريو تون ھجين

 

رک سمجھھ سجائي!

طالب مولائي

 

ڪنھن کي خبر نھ ڪنھنجي

 

*

 

چرين کي چريو چئي

 

خلق نھ کلائين

متان حقيقت پانھنجي

 

ٿو ٻين ٻڌائين!

سمجھھ وارن جي سامھون

 

متان سنئون سڏائين

طالب مولا ڌيان سان

 

سوچج سدائين

ڪڏھن پنھنجي پاڻ کي

 

متان پڏائين

سمجھھ رکج سائين!

 

ڪنھن کي خبر نھ ڪنھنجي

 

*

 

چرين کي چريو چئي

 

پاڻ نھ چريو ٿي

سور پنھنجا پاڻ ئي

 

پاڻھي ويٺو پي

ھميشه ھلڻ جو

 

اٿئي رستو اِي

ڪنھن تان ڪين کلون ڪبيون

 

قادر آھھ قوي

نظر ڪندئي نبّي

 

طالب مولا تڏھين

 

*

 

چرين کي چريو نھ چئو

 

سامھون آھھ سميع

ڪنھن جو ناھي ڪنھن سان

 

خريف ۽ ربيع

طالب! مولا جي اڳيان

 

مدام رھج مطيع

واحد اٿئي وسيع

 

گھرج چڱايون چاھھ مان

١٨-٩-١٩٦٨ع

٢٤ جمادي الثاني ١٣٨٨ھھ

اسلام آباد

*

چرين ڪھڙيون چت

 

سي تنين کي خبرون

جي ھتِ ھوندي ھتِ

 

سي ڪامل قريشي چوي

 

*

 

ڪھڙيون چت چرين

 

سي تنين کي خبرون

سرڪي سڪ سرين

 

پر ۾ پنھنجي پيار جي

 

*

 

چرين ھڪڙيون چت ۾

 

ٻين آھن ٻيون

پرينءَ کان تن پاکريون

 

نيت ساڻ نيون

وڃي ٿانيڪيون ٿيون

 

طالب طلبون تن سان

١٦-٩-١٩٦١ع

ھالا

*


 

[40]

ڇپر ۾ ڇڙيون

 

وڃ تون سج لھي

 

تھ پير وڃائيان پرينءَ جو

ويھي رھان واٽ تي

 

متان پھچان ڪيچ ڪھي!

جھوتون ڏيندي جبل ۾

 

وڃيم ڀل تھ وھي

جو پاري سگھيس نھ پنھل سان

 

جا مون پر ۾ ڳالھھ پھي

ڪھڙي منھن محبوب جا

 

سھما سگھنديس سھي!

طالب مولا محب جي

 

روح ۾ ڳالھھ رھي

ڀل صدما سور سھي

 

پھچان پوءِ پنھونءَ کي

٧-٨-١٩٥٥ع

پيٽھڙو

*

سسئي سان سورن جا

 

عشق ڪيا آزار

جانبُ جت وٺي ويس

 

ٿيا ڪيچي سڀ قھار

وٺي واٽ وھي ويا

 

ڪرھا ڪري قطار

اوٺن ڪيا ڪينڪي

 

اوڳي لئي آچار

طالب مولا تن لاءِ

 

پلپل ڪڍيائين پار

تن کي ڪھڙي خبر چار

 

جن عمر اٺ ٿي چاريا!

١٣-١٢-١٩٥٤ع

پينگھارو

*

اٺن ڪين اٿاريس

 

موڳن ماٺ ڪئي

پنھل سندي پرڻ جي

 

پروڙ ڪانھ پئي

اٿي تھ ان کي اندر ۾

 

لاتي طلب تئي

جھلئي جھل نھ ڏنئين

 

ھئي محبّت منجھھ مئي

وئي ڙي وئي

 

واڪا ڪندي ور ڏي

٤-١-١٩٥٥ع

ٿاڻو بولا خان

*

حجت پائي ھوت ڏي

 

جي ھلڪيون ٿيون ھلن

سي رسن ڪين راز کي

 

پيون رندن تي رلن

طالب مولا محب سان

 

محبّتيون ملن

سي کليو ۽ کلن

 

جن عاجزي اجھو ڪيو

١٧-٤-١٩٥٥ع

ھالا

*

ڏونگر ڏکويينم

 

جو سکن ۾ سمھي رھيس

سکن ساڙي ڇڏيس

 

تھ ڏک وڏا ڏيينم

پنھل ري پرديس ۾

 

متان ٿوپ ٿيينم

رندن ۾ رڙن ڪندي

 

رلايو رلايينم

پِٿون پير ڪريينم

 

جو سڄڻ سنڀاليم ڪينڪي

٥-٧-١٩٥٥ع

عبدالحڪيم ٻرڙي جو ڳوٺ

*

ڀلي ڏک ڏٺام

 

سڄڻ ري سنسار ۾

پنھل پاھون ويو ھليو

 

تھ گوندر اچي گڏيام

جبل ڀلي جاڙ ڪئي

 

جو نينھن ۾ ننڊ ڪيام

سنجھي سنڀاريم ڪينڪي

 

تھ ھتان ھوت ويام

تڏھن سور سٺام

 

جو سمھي رھيس سيج تي

٧-١١-١٩٥٥ع

ھالا

*

ڀلي ور ويو

 

ڏئي ڏھاڳ ڏکن جو

سک وندي سان سيگھھ ۾

 

ڀل ڪيچن قھر ڪيو

نيو ڙي نيو!

 

عشق آري ڄام جي

٢٧-١١-١٩٥٥ع

٢٥ صفر ١٣٧٧ھھ

پکا شريف

*

ديسي تھ سڀڪنھن سيڻ

 

ڪجن پرديسي پرين

روئڻ روز انھن لاءِ

 

نھاري نھاري نيڻ

ورھھ وارا ويڻ

 

پيا سيبائن ساھھ کي

١٠-٣-١٩٥٦ع

ڳوٺ صوفي

صبح ١٠ بجھ

*

پنھنجو ڪن نھ ڪن

 

پرين پنھنجا مون ڪيا

ڪڏھين من ھو قرب مان

 

ڏکي ڏي ڏسن!

محبّت ساڻ محبوب سي

 

واري واڳ ورن

طالب مولا طلب جا

 

ٿا دل ۾ دود دکن

ھن کي جن نھ ڪن

 

مون کي عشق اليل ڪيو

٢٠-٩-١٩٥٢ع

ھالا

*

منھنجا ٿين نھ ٿين

 

پرين پنھنجا مون ڪيا

ڪنديس ورھاڙو ور تي

 

ميڙيون مان مڃين!

ويھي شل ڪنھن ور ۾

 

ساڻم سور سلين!

ڏيئي پاند پريت جو

 

ڍڪڻ ٿي ڍڪين

طالب مولا تھدليئون

 

جانب سام جھلين

ڏکي کي ڏسين

 

من پرين وجھھ پرچائڻ جا!

٢٠-٩-١٩٥٧ع

ھالا

*

منھنجا ٿيا ڪينڪي

 

پنھنجا پرين ڪيام

رلندي رلندي رندن تي

 

گذري ڏينھن ويام

سکن سنگت ڇڏيو

 

۽ ساڻي سور ٿيام

گوندر اچي گڏيام

 

طالب مولا طلب ۾

٢٠-٩-١٩٥٧ع

ھالا

*

ڪنبدي ڪنبدي ھل تون

 

اڳيان اٿئي ڪيچ

مٿو متان مٿي کڻين

 

ھيڻي ٿيجئين ھيچ

جنھن سان پاتئي پيچ

 

سو ڏاڍو اٿئي ڏيھھ ۾

٦-٧-١٩٥٥ع

ڳوٺ جمان، تعلقھ شھدادپور

*

سورن مون کي سرتيون

 

ڀينر ڪڍي ڀڃ!

مورھئون ناھھ مين لاءِ

 

مئن وٽ ڪا مڃ

ھتان حبيبن موڪلي

 

ڄيرن سندي ڄڃ

ھلي آيا ڪين ڪي

 

جو ڳالھين ڪريان ڳڃ

تڏھن سختن جي ڪيئون سڃ

 

جڏھن طالب ھيس تن جي

 

*

 

طالب ھيس تن جي

 

تڏھن ھيڏيون ڪيون ھن!

پراين کي پرت مان

 

ڪي ئي ڪين پڇن

پنھنجن مٿي پيار جا

 

ايڏا بار اچن!

ڪوڙيون ڪڏھن ڪينڪي

 

سھندا بار سھن

جي مٺيون محبوبن

 

سي پاڻھي ڪيئون پانھنجون

 

*

 

آھون ۽ دانھون

 

ندا ناھھ نجيب جي

مطلب آھھ مٺي جو

 

تھ اچن اوراھون

طالب طلبن واريون

 

روز ڏسن راھون

ٻئي کڻي ٻاھون

 

ٿي سڏيان ھوت حبيب کي

 

*

 

متان ڏئي ڪي مھڻا

 

مئي کي ماريو

اٿو ھمدردي ھن سان

 

تھ ور وڃي واريو

ميون! نھ تھ ماٺ ڪري

 

گھر ھلي گھاريو

اوھين سکن واريون

 

نھ لايو، نھ پاريو

طالب چوي طلب ۾

 

منھنجي سڪ سڄڻ ساريو

اوھين ويتر وھاريو

 

آئون ھرگز وھان ڪينڪي

 

*

 

اوھين وھڻ واريون

 

ھلڻ واري ڪام

سنڀالي سرتِن کي

 

سوين ڏجو سلام

آنءُ ٿي وڃان ور ڏي

 

ھڻي وڏي ھام

مون لئي شام صبوح ٿيو

 

۽ صبوح آھي شام

اِھي اوھين ۽ عام

 

آئون طالب آھيان تن جي

١٢-٨-١٩٦١ع

لاھور

*

پنڌ مڙوئي پنڌ

 

پر پرينءَ وارو پنڌ ٻيو

سي ڪين پھچنديون ڪيچ کي

 

جي ھتان پڇن ھنڌ

ڪھنديون اھي قرب سان

 

سگھو نھ جنين سنڌ

ٿينديون واصل ور سان

 

جن کي عشق وارو انڌ

ڪٻڙو جنين ڪنڌ

 

سي نھ وڃائن واٽ کي

١٣-٣-١٩٥٨ع

کپرو

*

ھلو، تھ ڏيکاريانو

 

ھوت ٻاروچل پنھنجو

جيڪو آھي جوءِ ۾

 

ڇپر سڄي جي ڇانو

ميون اوھين بھ مست ٿيو

 

اھڙو ھو اٿانو

پر ڀلي اوھين بيھي رھو

 

نٿي آنءُ نيانو

ٿيو نھ عاشق ان تي

 

آنءُ رقيب ٿي رھانو

طالب چوي طلب ۾

 

جي ڪا چاٽ چکيانو

جي ھڪڙي ڏينھن ڏٺانو

 

تھ ھليون سڀيئي ھوت ڏي

 

*

 

پيو ڪانھ ڪڙي

 

ڪڏھين ڪا قرب جي

نھ تھ ھلو ھا ھوت ڏي

 

عاشق ٿي اڙي!

گھر ۾ گھاريو ڪيم ھا

 

گوندر جي گھڙي

آنءُ وينديس پنھنجي ور ڏي

 

لڪن ساڻ لڙي

جو جانب پنھنجي جِي جي

 

جِي ۾ ميخ جڙي

طالب آھيان تنھنجي

 

سورن منجھھ سڙي

پڙي جي نھ پڙي

 

تھ بھ رڙھندس انھي راھھ ۾

١٣-٨-١٩٦١ع

لاھور

*

جھليو ڪيم جيڏيون

 

ٻيھر مون کي ٻڙيون!

ڪوھياري قلب ۾

 

پاتيون قرب ڪڙيون

ڪم نھ ڀايان قيام کان

 

گوندر جون گھڙيون

ھو ٻٽي ٻاھر نڪتا

 

چانگن جون چڙيون

آنءُ گھاريان ڪئن گھنگھر ۾

 

سوريتي، سڙيون!

ڇو ٿيون ڏيو ڇوھھ مان

 

طالب کي تڙيون!

ڏونگر ڏورڻ آئيو

 

ڪندس رڃن ۾ رڙيون!

ڪندو ڪھل ڪٺي تي

 

آري ڄام اڙيون!

نھ تھ بھ ڇپر منجھھ ڇڙيون

 

ھڻندس ھوت پنھونءَ لاءِ

١٣-٨-١٩٦١ع

لاھور

*


 

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org