Last Update: 22-05-07

   

 

Search(General)

Search (Library-Record)

Learn More

 

 
 

    ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 

 

    هن ڪتاب جي فهرست

باب پهريون

اسلام جو ظاهر ٿيڻ

عرب جا حالات
عربستان جاگرافيائي حدون
عرب ۾ عورت جو درجو

باب ٻيون

اسلام جو ظاهر ٿيڻ

عرب جا حالات
عربستان جاگرافيائي حدون
عرب ۾ عورت جو درجو

باب ٽيون

اسلام جو ظاهر ٿيڻ

عرب جا حالات
عربستان جاگرافيائي حدون
عرب ۾ عورت جو درجو

باب چوٿون

اسلام جو ظاهر ٿيڻ

عرب جا حالات
عربستان جاگرافيائي حدون
عرب ۾ عورت جو درجو

باب پنجون

اسلام جو ظاهر ٿيڻ

عرب جا حالات
عربستان جاگرافيائي حدون
عرب ۾ عورت جو درجو

باب ڇهون

اسلام جو ظاهر ٿيڻ

عرب جا حالات
عربستان جاگرافيائي حدون
عرب ۾ عورت جو درجو

 

 

 

    سنڌي ادبي بورڊ بابت

 

   بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

 

ادبي بورڊ لائبراري/ٻاراڻو ادب/عجيب طلسم/صفحو نمبر1

عجيب طلسم

شمس العلماءُ ميرزا قليچ بيگ

گھڻين صدين جي ڳالھھ آھي، تھ ھڪڙو عرب بادشاھھ ”غرناطھ“ ۾ بادشاھي ڪندو ھو. ھو ڏاڍو بھادر ۽ حشمت وارو ھو. پنھنجي ساري جواني ھن جنگين ۾ گذاري. جڏھن منجھس پيريءَ جا اثر ظاھر ٿيڻ لڳا، تڏھن ارادو ڪيائين تھ ھاڻي آرام ۽ آسائش ۾ گذاريان ۽ آسپاس وارن بادشاھن سان صلح ڪري، پنھنجين فتحن جو فائدو وٺان ۽ باقي حياتيءَ جا ڏينھن لذت ۽ فرحت سان گذاريان، پر پاسي وارن بادشاھن مان ڪي جوان، بھادر ۽ جنگجو بھ ھئا، انھن جي مرضي نھ ھئي تھ ھن ٻڍي ۽ زبردست بادشاھھ کي سک ٿي سمھڻ ڏين، پنھنجن پِين – ڏاڏن جا وير وساري ڇڏين. تنھن کان سواءِ خود انھيءَ بادشاھھ جي ملڪ ۾، جن ماڻھن سان ھن زبردستي ۽  ڏاڍائي ڪئي ھئي، سي ھينئر ھن کي سک آرام جو خواھشمند ڏسي، فساد ۽ شورش ڪرڻ جو وجھھ ڳولڻ لڳا، ۽ سندس گاديءَ جي ھنڌ تي ڪاھي اچڻ جي تياري ڪرڻ لڳا. انھيءَ طرح جوانيءَ جي زبردستيءَ جي ڪري پِيريءَ ۾ ھن کي چؤطرف دشمن ڦري آيا.

”غرناطھ“ جي آسپاس جبل ۽ ٻيلا گھڻا آھن، انھن ۾ گھڻا دشمن لڪي ويھندا ھئا، انھيءَ لاءِ تھ وجھھ وٺي اوچتو شھر تي ڪاھي پون. انھن جو سماءُ بادشاھھ کي پوريءَ طرح پئجي نٿي سگھيو، تنھنڪري جبل جي چوٽين تي ھن ٺلھھ ٺھرايا ۽ انھن تي پھري وارا مقرر ڪيا ۽ جبلن جي وچ وارن درن ۾ فوجون بيھاري ڇڏيون تھ جڏھن ڪنھن دشمن جي اچڻ جي خبر پوين، تڏھن رات جو باھھ جي مچن ٻارڻ سان ۽ ڏينھن جو دنھن دکائڻ سان، کيس توڙي شھر جي ماڻھن کي خبر ڏين. انھيءَ ھوندي بھ ڪي دشمن اھڙا چالاڪ ۽ خبردار ھوندا ھئا، جو ڪن ڏکين جبلن جي لڪن کان لنگھي ايندا ھئا ۽ ملڪ کي ڦري لٽي ھليا ويندا ھئا ۽ ماڻھن کي بھ قيد ڪري ويندا ھئا.  انھيءَ ڪري بادشاھھ ڏاڍي پريشاني ۽ انتظار، فڪر ۽ ڳڻتيءَ ۾ رھندو ھو.

اھڙيءَ سخت پريشانيءَ جي حالت ۾ ھڪڙو ٻڍو عرب حڪيم ۽ نجومي بادشاھھ جي دربار ۾ اچي وارد ٿيو. ھن جي اڇي ڏاڙھي ايڏي وڏي ھئي جو دن تي پئي پيئي. ھو اصل ”مصر“ جو رھاڪو ھو اگرچھ اھڙو ڪراڙو ھو تھ بھ ھمت ڀريو ۽ چست چالاڪ ھو، جو ”مصر“ کان وٺي پنڌ ئي پنڌ ”غرناطھ“ تائين آيو ھو ۽ سواءِ لٺ جي ٻيو ڪو بھ ھٿيار يا وسيلو ڪونھ ھئس. اھا ھڪڙي عجيب لٺ ھئي. مٿس عجيب قسم جا چِٽ، نقش ۽ شڪليون نڪتل ھيون. اھو حڪيم ۽ نجومي اگرچ اڳي اتي نھ آيو ھو، تڏھن بھ ملڪن ۾ اھڙو مشھور ھو، جو سندس ناموس اڳي ئي اتي ٻڌڻ ۾ آئي ھئي. ھن جو نالو ”ابراھيم ابن ايوب“ ھو. مشھور ھو تھ ھن نبيءَ سڳوري جو زمانو ڏٺو ھو ۽ ھن جو پيءُ ”ابو ايوب“ حضرت جن جي پوين اصحابن مان ھو. اھو حڪيم ننڍپڻ ۾ ”عمرو عاص“ جي فوج سان گڏ ”مصر“ ۾ آيو ھو، جنھن فوج ”مصر“ جي فتح ڪئي ھئي. انھيءَ وقت کان وٺي ھو اتي جو رھاڪو ٿيو ۽ ”مصر“ جي ”قسيسن“ يا پادرين ۽ راھبن سان گڏ رھي، انھن جي صحبت ۾ ڪيترائي قديم علم حاصل ڪيا ھئائين. انھن مان نجوم، ڪيميا، جادو ۽ طلسم جا علم خاص ڌيان سان پڙھيا ھئائين. اھا ڳالھھ مشھور ٿي ويئي ھئي تھ عمر وڏي ڪرڻ جي ڳجھھ بھ ھن معلوم ڪيو ھو، جنھنڪري ھن جي ڄمار انھيءَ ٻن سون ورھين کان بھ زياده ھئي.

انھيءَ پوڙھي حڪيم جو بادشاھھ گھڻو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ ھن کي پنھنجي خاص محلات ۾ جاءِ ڏنائين، پر ھن نجومي حڪيم عذر ڏيئي معافي گھري ۽ شھر جي ويجھو ھڪڙي جبل جي غار ۾ رھڻ جي اجازت گھريائين. ھن انھيءَ غار کي ڪشادو ڪرايو ۽ انھيءَ ۾ وڏو ايوان ٺھرايائين ۽ غار جي ڇِت مان ھڪڙو سوراخ کوھھ وانگي مٿي ٻاھرين کليل ھوا تائين پھچارايائين، جنھن مان غار ۾ ويٺي، ھو آسمان جي تارن کي ڏينھن جو بھ پيو ڏسندو ھو. غار جي ڀتين تي ھن ”مصر“ جون ڪي نشانيون، نقش ۽ صورتون بھ اڪرايون ۽ تارن جون شڪليون ۽ بُرجن جون علامتون بھ کوٽايون. ايوان ۾ وري عجيب قسم جا ھٿيار رکايائين. اھو سڀ ڪم ھن بادشاھھ جي حڪم پٺيان اتي جي ھوشيار ڪاريگرن کان ڪرايو، جن کي انھيءَ ڳجھي راز ۽ عجيب اسرار جو ڪو بھ سماءُ پئجي نٿي سگھيو.

سگھوئي اھو نجومي حڪيم، بادشاھھ جو رازدان ٿي ويو ۽ سڀڪنھن ڳالھھ ۾ بادشاھھ ھن سان صلاح مصلحت ڪندو ھو. ھڪڙي ڀيري بادشاھھ پنھنجن پاڙيسري بادشاھن ۽ دشمنن جي شڪايت حڪيم سان ويٺي ڪئي ۽ انھن جي دفع ڪرڻ لاءِ ھن جيڪي ڪوششون ڪيون ھيون، تن جي ڪارگر نھ ٿيڻ تي افسوس ۽ ارمان پئي ڪيائين تھ حڪيم، بادشاھھ کي ٻڌايو تھ جڏھن آئون ”مصر“ ۾ ھوس، تڏھن ”برسا“ شھر جي ويجھو  مون ھڪڙو عجيب طلسم ڏٺو ھو، جو قديم وقت جي ڪنھن بُت پرست ”قسيس“ بنايو ھو، اھو شھر جي نزديڪيءَ ۾ ھڪڙي جبل جي چوٽيءَ تي بيھاريل ھو. اتان ”نيل نديءَ“ جي ساري وادي نظر پئي آئي. اھو طلسم ھڪڙي گھيٽي يا رڍ جي صورت ۾ ھو ۽ انھيءَ جي مٿان وري ھڪڙو ڪڪڙ ٺاھيل ھو. اھي ٻيئي پتل جا ھئا ۽ ھڪڙي محور تي پيا ڦرندا ھئا. جڏھن ڪو غنيم انھيءَ ملڪ تي چڙھي ڪري ايندو ھو، تڏھن گھيٽي جو منھن انھيءَ پاسي ٿيندو ھو ۽ ساڳئي وقت ۾ اھو ڪڪڙ بھ ٻانگ ڏيندو ھو. انھيءَ ٻانگ تي ماڻھو خبردار ٿيندا ھئا ۽ دشمن کي روڪڻ جي تياري ڪندا ھئا. معلوم ٿيندو ھون تھ دشمن ڪھڙي طرح کان ڪاھيو ٿو اچي. پوءِ اڳيئي لشڪر وٺي وڃي انھيءَ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا. ھيءَ ڳالھھ ٻڌي بادشاھھ ڏاڍو خوش ٿيو ۽ حيرت بھ لڳيس. چوڻ لڳو تھ ”جي ڪو اھڙو گھيٽو ۽ اھڙو ڪڪڙ مون وٽ بھ ھجي تھ آئون جيڪر ڪھڙي نھ آرام ۾ ھجان ۽ فرحت سان ڊپ ڊاءُ کان سواءِ سمھي ننڊون ڪريان!“

جڏھن بادشاھھ جي خوشي ۽ حيرت جو جوش ڍرو ٿيو، تڏھن نجومي وري چوڻ لڳس تھ ”جڏھن عربن ”مصر“ جو ملڪ فتح ڪيو ھو، تڏھن اتي آئون قسيسن سان گڏ رھڻ لڳس ۽ ھنن جون رسمون  ۽ راھون معلوم ڪرڻ لڳس ۽ ھنن جا ڳجھا علم ۽ ھنر سکڻ لڳس. ھڪڙي ڏينھن آئون ”نيل نديءَ“ جي ڪناري تي ويٺو ھوس تھ ھڪڙي ٻڍي قسيس ”مصر“ جي انھن مشھور منارن ڏي اشارو ڪيو، جي صحرا ۾ جبلن جي پاسي ۾ بيٺل آھن ۽ جن کي ”پرئمڊ“ يا ”اھرام“ سڏيندا آھن. چوڻ لڳو تھ ”جيڪو ڳجھو علم انھن اھرامن ۾ لڪو پيو آھي، تنھن جي مقابلي ۾ اسان جو علم ڪي بھ ڪين آھي. انھيءَ وچئين ھرم ۾ ھڪڙو زير زميني قبرستان آھي، جنھن ۾ انھيءَ وڏي قسيس جو ”ممي يا موميائي“ ڪيل لاش پوريل آھي، جنھن انھن اھرامن يا منارن جي ٺاھڻ ۾ مدد ڏني ھئي. انھيءَ لاش سان گڏ ھڪڙو عجيب ڪتاب پوريل آھي، جنھن ۾ مادو، طلسم ۽ ٻين مخفي علمن جو ڳجھھ لکيل آھي. جڏھن حضرت ”آدم“ بھشت مان نڪتو ۽ زمين تي آيو تڏھن اھو ڪتاب انھيءَ کي ڏنو ويو. پوءِ نسل بنسل اھو حضرت .سليمان“ کي مليو، جنھن انھيءَ جي مدد سان ”بيت المقدس“ جي عمارت بنائي، اھو ساڳيو ڪتاب انھي ٻڍي قسيس کي ڪيئن ھٿ لڳو، تنھن جي خدا کي خبر آھي!“

”جڏھن مون ھن کان اھا ڳالھھ ٻڌي، تڏھن منھنجي دل ۾ اھو شوق پيدا ٿيو تھ ڪنھن بھ طرح اھو ڪتاب ھٿ ڪريان.“ ”عرب“ توڙي ”مصر“ جي مدد سان مون اھو ڪم شروع ڪيو. انھيءَ وڏي اھرم يا مناري ۾ مون کوٽي کوٽي ھڪڙو سوراخ ڪيو، ۽ ڏاڍي محنت ۽ تڪليف سان ھڪڙي ڳجھي سرنگھھ تائين پھتس. انھيءَ سرنگھھ جي وسيلي ھيٺ وڃي، آئون انھيءَ ھرم جي وچ واري ڪوٺيءَ ۾ آيس، جتي انھيءَ وڏي قسيس جو لاش رکيل ھو. مون انھيءَ لاش جو ٻاھريون موميائي غلاف يا پوش ڀڃي ڦاڙي، ۽ ڪفن جا پٽا کولي، اھو ناياب ۽ قيمتي ڪتاب لڌو، جو ھن جي سيني تي رکيل ھو. اھو ڪتاب کڻي، آئون پويان پير ڏيئي، ساڳيءَ سرنگھھ جي رستي ڏڪندو ڏڪندو ٻاھر نڪري آيس.“

بادشاھھ حيرت ۾ پئجي چيو تھ ”اي ابن ابو ايوب، تون ڪو وڏو سياح آھين! تو دنيا جا ڪي وڏا عجائب غرائب ڏٺا آھن،. پر توکي انھيءَ ”اھرام جي ڳجھھ مان ڪھڙو فائدو“ ۽ ”حضرت سليمان“ جي انھيءَ عجيب ڪتاب مان ڪھڙو نفعو پھچي سگھندؤ.“

نجوميءَ چيو تھ ”نفعو اھو آھي تھ انھيءَ ڪتاب جي پڙھڻ مان مون کي سڀ قسم جي جادوءَ جي خبر پئجي ويئي آھي، ۽ آئون جنن ۽ ديون کان مدد وٺي ڪو بھ ڪم ڪري ٿو سگھان.“ ”برسا“ جي طلسم جو ڳجھھ بھ مون کي معلوم ٿي ويو، ۽ آئون اھڙو ساڳيو طلسم پاڻ تيار ڪري ٿو سگھان، بلڪ انھيءَ کان بھ ٻيو بھتر طلسم جوڙي ٿو سگھان

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org