Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 17

[27]

قرب ڪني سان ڪئن ڪيئي!

 

حيرت ٿم ھن ڳالھھ جي

 

حاڪم سائين حبيب!

عجب آھم ھن جو

 

تھ کليم ڪئن نصيب

سچ ٻڌائج سھڻا

 

ماڻھو مٺا مجيب

طالب مولا ساڻ ڪئن

 

لائق ڪيئي لبيب

اڻ ڏٺي عجيب

 

قرب ڪني سان ڪئن ڪيئي

 

*

 

اڻ ڏٺي عجيب تو

 

قرب ڪني سان ڪئن ڪيو!

پانڌي تنھنجي پيار جو

 

نرمل اچي نيو

ڏيئي نياپو نينھن جو

 

کڻي لالڻ تنھن ليو

گھران گھرائي ورتئي

 

جو طلبن ھيئي تيو

طالبُ مولا پيار سان

 

تو ڍولڻ آھھ ڍيو

عجيب! اڻ ميو

 

مد پياريئي پيار جو

 

*

 

اڻ ڏٺي عجيب ڇو

 

اچي پور پيئي!

محب مون مسڪين جو

 

ڪئن نرمل نانءُ ٻڌئي

حيران ھردم آھيان

 

جو منھنجي نينھن نيئي

آئون ڪنو ڪوجھو ئي ھيس

 

ڇو حبيب ھي نھ سيئي

طالب مولا کي مٺا

 

چاھھ منجھان چاھيئي

مون گمنام گدلي سان

 

ھيڏو پيار ڪيئي!

سڄڻ ڪئن سمجھيئي

 

تھ آئون اھڙو آھيان!

 

*

 

عجيب! اگلو آھيان

 

نھ صورت ۽ سينگار

ادلو، گدلو، اڀرو

 

نھ منھن ۾ مڻيادار

تون سرتاپا سھڻو

 

سھڻن جو سردار

تو وٽ طالب مولا

 

اڄ آھي عرض گذار

سڄڻ سچ ٻڌاءِ تون

 

تھ سچ پچ اٿئي پيار

متان مون کي وھم ئي

 

آھھ ڪيو گرفتار!

اچي ئي نٿو اتبار تھ

 

قرب ڪني سان ڪئن ڪيئي

 

*

 

توکي ڏسيو ۽ وريو

 

ٿو پسان پنھنجو پاڻ

تھ مٽ نٿو ٿين مٺڙا

 

مورھئون ئي مون ساڻ

طالب مولا ڪٿ ٿيو

 

ڪٿ پرين تون پٺاڻ!

ڪٿي منھنجو ماڻ

 

ڪٿي تنھنجي تور ٿي!

 

*

 

سڪ جي کنيم ساھمي

 

ھٿ ۾ اڄ حبيب!

ھڪ پاسي تون ھئين

 

ٻي پاسي آئون عجيب!

ڪيم انصاف امين ٿي

 

نرمل، يار، نجيب

تور ڪئي مون طلب مان

 

لائق، لکي، لبيب

اعتبار ڪن ان تي

 

مٺڙا، محب، مجيب

سوگند آھي تنھنجو

 

قلب کان بھ قريب

طالب جا طبيب

 

تنھنجو وزن وڌي ويو

١٥ ذيقعده ١٣٨٧ھھ

١٥-٢-١٩٦٨ع

سرور آباد

*

اھو لڳيم عجب ٿو

 

مون سان ڪئن ڪيا تو پيار

مون ۾ تھ آھن مورڳو

 

عيبن جا انبار

ڏسيو پنھنجي پاڻ کي

 

ٿو مرم وٺي منٺار

جوڙ بھ تنھنجو ناھيان

 

ڪامل، قربدار

طالب مولا سان تھ ڪئا

 

ڪرم ھي ڪلتار

تنھنجو قسم دلدار

 

تھ کھھ بھ کڙي جِي جي ٿيان

 

*

 

اچي عشق عجيبَ

 

مون ڪني سان ڪئن ڪيئي

مون ۾ ڏٺئي محب ڇا

 

مٺڙا ماڻھو مجيب!

ڪٿي منھنجو منھن مٺا

 

ڪٿ تنھنجو حسن حبيب!

تنھنجو قسم تھ تنھنجي

 

لائق ناھيان لبيب

حيران ھن کان آھيان

 

عاشق مون اديب

طالب مولا ساڻ ڪئن

 

ڪيئي قربَ قريب

منھنجا ھي بھ نصيب

 

جي کھھ کڙي جي ٿي پوان

 

*

 

ڪٿي تنھنجو شان

 

ڪٿي آئون اگلو!

ھڪجھڙو ناھيان

 

تنھنجو مٿي مون کان مان

گھرائي وھندين گڏجي

 

ھي اصلي نھ ھو امڪان

طالب مولا کي نھ ھو

 

اھڙو وھم، گمان

تھ ايڏو ڪندين احسان

 

ڪوڙي تي قرب جو

 

*

 

ھوئي ڪونھ حبيب ھي

 

مون کي خواب خيال

پيدا ٿيو ئي ڪونھ ٿي

 

سھڻا ھي سوال

تھ ڪنڙي کي قرب جو

 

ڏيندين محبّت مال

تو تھ گھرائي بخشيو

 

جانب پاڻ جمال

طالب مولا ۾ تھ ڪئو

 

آھھ ڪناين ڪمال

آھين ڪو لڄ پال

 

ٻيو آئون تھ اھوئي آھيان!

 

*

 

تو تھ وڏا ئي وڙ ڪيا

 

اگلي مٿي عيان

تنھنجو منھنجو مقابلو

 

جي قلبئون ٿو ڪيان

تھ ڦڪو پيو لڳان

 

تنھنجو قسم طالب چوي

 

*

 

تنھنجو نقش قدم

 

منھنجي سو سجدنئان سرسو

عيب پسي پانھنجا

 

ٿو اچيم شاه شرم!

تون تھ ڪرين ٿو طلب مان

 

پنھنجو قرب ڪرم

مون کي تھ منھنجي حال جو

 

ماري پئو مرم

طالب مولا ٿئو ڪٿي

 

۽ ڪٿي تون صنم!

تنھنجي سر جو قسم

 

کھھ بھ کڙي جِي جي ٿيان

 

*

 

عيبن وارو آھيان

 

لوڪان يار لڪاءِ!

گوڏو گوڏي سان گڏي

 

لالڻ ڪين لڄاءِ

طالب مولا کي مٺا

 

ڀل سڪ ۾ خوب ستاءِ

پر قسم اٿئي قادر جو

 

سڄڻ سچ سڻاءِ

ٻھڳڻ ھي تھ ٻڌاءِ

 

قرب ڪني سان ڪئن ڪيئي!

 

*

 

جڏھن گھران گھرايئي

 

نياپو ڪري نينھن

تھ مون ڏي محب موڪليئي

 

شوق بنائي شينھن

طالب مولا کي ڏني

 

دردن پرين پينھن

اکن تڏھن مينھن

 

وڏڦڙا وسائيا

٢١ ذيقعده ١٣٨٧ھھ

٢١-٢-١٩٦٨ع

ڄام صاحب

*

پھريون ئي پيغام

 

محب جڏھن تو موڪليو

ڏٺم تھ مون کان ئي وڏو

 

نرمل تنھنجو نام

تون خاصن ۾ خاص ٿئين

 

آئون عامن ۾ پڻ عام

ويھي سوچيم سھڻا

 

پنھنجو محب مقام

ھلندو ڪئن حضور ۾

 

نڪمو ھي ناڪام!

دل ۾ چيم تھ ڪئن ڪندس

 

قريبُ ٿي ڪلام!

جي سڄڻ ڪيو سلام

 

تھ طالب مولا ڪئن ڪبو!

٢٢ ذيقعده ١٣٨٧ھھ

٢٢-٢-١٩٦٨ع

سرور آباد

*

ھردم ھراسيل آھيان

 

ڏسي پنھنجي حيثيت

قربائتا ڪري وڌيئي

 

مون ادنيٰ سان الفت

سڀئين پرئين تون سرسو

 

منجھھ فائق فضيلت

مون ۾ تھ ڪائي ڪانھ آھھ

 

خاصي ڪا خصلت

مون ۾ او منھنجا مٺا!

 

عيب اٿئي البت

اڃا تھ آھي تو سندي

 

مون سان مروت

پر منھنجي مداين کي ڏسي

 

جي نرمل ٿيئي نفرت

۽ طالب مولا کان پرين

 

جي مٽي وئين محبّت

تھ ان لئي ٿي ويندي

 

تڏھن قائم قيامت

پو ڪيڏھن ويندس ڪئن ڪندس

 

جو فنا ڪندي فرقت

شل چڱي ھجي قسمت

 

نھ تھ ڪنھنجو ٿيندس ڪين ڪي

٢٧ ذيقعده ١٣٨٧ھھ

٢٧-٢-١٩٦٨ع

ڪراچي

*

چڙ نھ ڪرين تھ چئي ڏيان

 

معاف بھ ڪج منٺار!

دلبر ۽ درياء جا

 

عجيب آھن آر

پور پين تھ رات ۾

 

ھو وڃو وسائن پار

پٺ ورائي جي ويا

 

تھ وري ڪن نھ نھار

ترس نھ پوين تر جو

 

نھ وٺن خبر چار

سال لڳيو ئي ٿا وڃن

 

جي موٽن کڻي ٻيھار

ڪھڙا آھن دلربا

 

عمرن تي اتبار!

تيتر قيامت کان وڏا

 

آھن انتظار

ماريو ڇڏين ٿا من کي

 

وڏا ھي ويچار

جي ڌڪي ڪيئي ڌار

 

تھ طالب مولا ڪئن ڪندو!

٢٠ صفر ١٣٨٨ھھ

١٩-٥-١٩٦٨ع

اسلام آباد

*

 


 

[28]

جنھن کي چئجي ڪاند

 

جنھن کي چئجي ڪاند

 

سو ڪميڻو ڪئن ٿئي!

ھو ھميشه ھڪڙي جو

 

وڃي نھ ڪي وڙواند

طالب چوي، چِڪ ۾

 

پوي نھ ان جو پاند

ھو ڏندين آھي ڏاند

 

محتاج نھ ڪنھن مھري جو

٢٩-٨-١٩٦١ع

ڪراچي

*

جنھن کي چئجي ڪاند ٿو

 

ان جو اعليٰ شان

ھو جنھن جو ٿيو جڏھين

 

تھ ٿئي نھ ٻي مھمان

ھو ڏئيس طعنو تک مان

 

ڄڻ لڳس ڪک جو ڪان

قربائتي جي قھر کان

 

شل الله ڏي امان!

سچ ٿو صديقي چوي

 

جوڌو ھو جوان

جئن سوگ رکي ٿو سان

 

تئن وري ويجھو نھ اچي

٢٩-٨-١٩٦١ع

ڪراچي

*

جنھن کي سڏبو ڪاند

 

تنھن سان ليکا ڪھڙا!

طالب چوي تنھن کان

 

وڃو متان وڙواند

جنھن سان پختو پاند

 

عمر تائين اٽڪيو

٢٩-٨-١٩٦١ع

ڪراچي

*

جن ڪن ڀانيو ڪاند کي

 

رڳو ڪري راند

تن منھن کنيو نھ معرڪين

 

وييون ٿي وڙواند

ھو اڇو اجرو ئي رھيو

 

ھن پيئي چڪ پلاند

غفلت ۾ نھ غرق ٿيو

 

وقت نھ ڏي ويساند

طالب چوي طلب ۾

 

ھن سان ٿيو ھيڪاند

خاوند سندي خاند

 

ولھيون ٿي نھ وڃائيو

٢٩-٨-١٩٦١ع

ڪراچي

*

جن ڪن ڀانيو ڪاند کي

 

رڳي راند ڪري

ڪاند انھن جو ڪين ٿيو

 

ڪا جيئي يا مري

ڪلفت ساڻ ڪڏھين

 

ولھو ڪونھ وري

جا ھلي سندس حضور ۾

 

اکيين وکون ڀري

سا ڪامڻ ڪاند گھري

 

جا ڪيڏھن نھاري ڪين ڪي

٢٩-٨-١٩٦١ع

ڪراچي

*

ڪاند گھڻو ڪم

 

ڪامڻ ڪم ئي ھڪڙو

ھو پلپل گھرن پيار ٿا

 

جو وڃائين وھم

ھي ھردم ڀري حاضري

 

ڏيئي ھڏ ۽ چم

پر ھڻي نھ ھرگز ھوءَ ڪڏھن

 

دعوا وارو دم

پو بلڪل ٿي باھم

 

منڌ، متيندو ڪين ڪي

٢٩-٨-١٩٦١ع

ڪراچي

*

ڪاند نھ ڪرڙا ٿا ٿين

 

ڪاند نھ ڀانيو راند

جنين جي پلاند

 

اوھين اچي پيئيون

٢٩-٨-١٩٦١ع

ڪراچي

*

ڪڏھين ڪميڻي

 

ڪاند نھ ڪئي پانھنجي

ھزار ڀيرا ھوءَ ٿئي

 

ٻيڻي جي ٽيڻي

ڪاند انھي جي پاند سان

 

ھلي جا ھيڻي

سا ئي سڱيڻي

 

ڪاند ڪندو قرب سان

٢٩-٨-١٩٦١ع

ڪراچي

*

ڪڏھين ڪميڻيون

 

ڪاند نھ ڪيون پانھنجون

حاصل حق انھن کي

 

جي ھلن ٿي ھيڻيون

سرت رکي جن سڪ جي

 

ٿيون سيئي سڱيڻيون

ٻيون ٻيڻيون ۽ ٽيڻيون

 

ٿيون، تھ بھ ٿيندن ڪين ڪي

٢٩-٨-١٩٦١ع

ڪراچي

*

سي ڪاند نھ ڪري پانھنجون

 

جي ٿيون حق ڀڃن

تن جايون ورتيون جي ۾

 

جي رکيو سيل رھن

سي ئي جِيريون جڳ ۾

 

جي محبّت منجھھ مرن

جي ٻين جي ٻڌن

 

سي پنھنجن پرايون ڪيون

٢٩-٨-١٩٦١ع

ڪراچي

*

سي ور وٺي ڀاڪرين

 

جي ڳاٽ ڏين ڳارا

ھنج حاصل تن کي

 

۽ ور ڏئين وارا

ڪاند ڏسي ٿو قرب کي

 

نھ اڇا نھ ڪارا

سدا رکين سيني سان

 

پون جي پارا

سي لڳي نھ سھاڳڻيين

 

توڙي سخت سيارا

قرب سان قريشي چوي

 

ڪن ڀلي ڀلارا

سڄڻ سوگارا

 

ٿين قربائتن ڪنن جا

٣١-٨-١٩٦١ع

ڪراچي

*

ڪاند نھ ڏسي زال

 

ماکي نھ ڏسي وڻ

ھوءَ بھ ڪري آر ٿي

 

۽ ڪاند بھ ڳڻي ڳڻ

ڀلو برابر بُڻ

 

پر سلڇڻيون ئي سھاڳڻيون

٣١-٨-١٩٦١ع

ڪراچي

*

اھي قبول ڪاند وٽ

 

جي قربائتيون ڪنيون

ھو مھر گھري مھري جي

 

نھ تھ ڪري ڇوريون ڇنيون

اھي وٺي آغوش ۾

 

جيڪي ڀيڄ ڀنيون

مٺيون ڏين مٺن تي

 

جي ڊاءِ سندس ڊنيون

ھن ڏھھ ڏھھ ڀيرا ڏنيون

 

وٽيون تن وصال جون

٣١-٨-١٩٦١ع

ڪراچي

*

وٽيون سي وصال جون

 

وٺن ٿيون ونيون

جي ور ور ڏيو ور سان

 

بيٺيون آھن ڀِنيون

ونيون ۽ ٻنيون

 

ڪاند وسارن ڪين ڪي

٣١-٨-١٩٦١ع

ڪراچي

*

ڪيئي پائن پاڻ کي

 

چوڙيون ۽ چنيون

ور انھن کي ويجھڙو

 

جي لاڪس روز رنيون

بي وڙن جو ور نھ ٿئي

 

ھو ڪوڙين ڪن ڪنيون

طالب مولا طلب ۾

 

ٿيون گسن بي گنيون

جن جون پيرن کان نھ پنيون

 

تن جون پرينءَ سڀ پڄائيون

٣١-٨-١٩٦١ع

ڪراچي

*

سھاڳ جي سيج تي

 

سا سورمي سمھي

جا قرب منجھان ڪاند کي

 

ٻئي ٻک وجھي

ھو ڏي مٺي ھڪڙي

 

تھ ھيءَ ڏھھ ڏھھ ڀريو ڏئي

اٺئي پھر انھي وٽ

 

ٿي ھيٺاھين ھلي

ھي ٽڙيو پئي ٽڙي

 

ھو جي پائي پير اڱڻ تي

١-٩-١٩٦١ع

ڪراچي

*

ڪاند ھڪڙي ڪامڻي

 

ڌڻڻ منجھان ڌڻي

اھا وڻي ور کي

 

جيڪا ڳري ڳڻي

ھو ڏسي مھر مھري جي

 

۽ کڻي ڪونھ کڻي

ڇنل تارون طلب جون

 

ڏيو اميريون اڻي

سائي سرھي سرتئين

 

ڪڏيو ڪنڌ کڻي

سا سورمي صديقي چوي

 

ڄام ٿي ڄڻي

محبّت ڏي مڻي

 

طالب مولا تنھن کي

١-٩-١٩٦١ع

ڪراچي

*

اگلي سگلي ٿي ٿئي

 

جنھن ۾ ڳرا ڳڻ

ھو منگي ٿو مھر کي

 

ڪاند نھ وجھي ڪڻ

چڱو چڱايون ئي ڏسي

 

ڀلي ڀلا ھجن بڻ

صفتن جي صديقي چوي

 

چونڊ ڪري ۽ چڻ

داناء سندي ڌڻ

 

ڪڏھن گسي ڪين ڪي

١-٩-١٩٦١ع

ڪراچي

*

ڪچي ڪري ڪامڻي

 

تھ ڍولڻ ٿو ڍڪي

ٻھڳڻ ان کي ٻي دفعي

 

ڌڪيو ٿو ڌڪي

داناء پنھنجي دل ۾

 

طلبون ئي تڪي

اھا ونھون وڌيڪ ٿئي

 

جنھن جو ڏوھھ ڏڪي

جا ڪريو بڪ بڪي

 

سا ڪڍيو ڇڏي قريشي چوي

١-٩-١٩٦١ع

ڪراچي

*

جيڪا ڪامڻ ڪاند کي

 

ھر ھر ڏي ھڏي

سوين ڪري سينگار سا

 

گل ٿي اچي گڏي

طالب مولا تنھن جي

 

ٻيڙي ئي ٻڏي

ٿڏي ڪاند ٿڏي

 

سا سدا صديقي چوي

١-٩-١٩٦١ع

ڪراچي

*

 


 

[29]

سو نھ چئبو ڪاند

 

جيڪو ڪميڻو ٿئي

 

سو نھ چئبو ڪاند

اھو ور واھيات ٿيو

 

پاڪ نھ جنھن جو پاند

سو ڏھڻو آھي ڏاند

 

سچ ٿو صديقي چوي

 

*

 

جيڪو ڪميڻو ٿئي

 

سو ولھو نڪي ور

جنھن جو منھن مدي ڏي

 

۽ بيحد آھي ڀر

سو مٿي نھ ڪندو مورھئون

 

ڪڏھين پنھنجو ڪر

ھنڌ ھنڌ جنھن جو گھر

 

سو ڪاند نھ قريشي چوي

 

*

 

ڪاندن وڏا پاند

 

جن وٽ سکيون سورميون

جن جا چارئي پلو چڪ ۾

 

سي نھ چئبا ڪاند

وڃن جي وڙواند

 

اھي ڪميڻا قريشي چوي

 

*

 

ور انھي کي سڏبو

 

جو ور ڏيو ڪري ور

جو ور ور چوي ونھونءَ کي

 

۽ وريو ڏئي ور

جنھن کنيا وڃڻ لئي ور

 

سو ڪاند نھ قريشي چوي!

 

*

 

ور سڏائڻ سولو

 

پر ڏکيو ڏيڻ ور

ڪوڙو چئبو ڪاند سو

 

جو وجھي وڏو ور

سو ئي سڏبو ولھو

 

جو وڃي ڪري ور ور

جنھن جو ونگو ناھي ور

 

سو سچو صديقي چوي

 

*

 

ور اھي ئي ور ٿيا

 

جيڪي حق رکن

ڪري ور ونھن تي

 

پلپل پيار ڏين

وٺيو وريو وٺن

 

ونھون ھر ھر ڀاڪرين

 

*

 

جي ور کڻيو وڃن

 

اھي نھ چئبا ور

جن ۾ وڏا ور

 

سي ڪوڙا قريشي چوي

١-٩-١٩٦١ع

ڪراچي

 

*

 


 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org