Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 2

[2]

مرسل مڻيادار

عربي عاشق الله جو

 

پر مالڪ ڪئو محبوب

احمد کي اظھر ڪري

 

خالق ڪيو خوب

طالب مولا جو بھ سو

 

محب ٿيو مطلوب

راغب ۽ مرغوب

 

ڪنھن کي چئي ڪنھن کي چوان

١٨-٩-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

ڪائنات جو ڪريم ڪئو

 

محمد کي مختار

رھبر ڪيائين راه جو

 

مرسل مڻيادار

عاشق مٿس الله ٿيو

 

جل جلاله جبّار

عربي احمد ڄام ۾

 

نور ڪيئين نروار

صلواتون سيد تي

 

بيحد، بيشمار

آھي ان عجيب جو

 

طالبُ طلبگار

اڙين جو اڌار

 

عشق عربي ڄام جو

٢٠-٩-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

صانع پنھنجي صنعت ۾

 

ڪيو قدرت ساڻ ڪمال

احمد کي عطا ڪيو

 

واحد پاڻ وصال

معراج ڪرايئينس محبت سان

 

رکي خاص خيال

جبّار ڏنس جوڙ سان

 

جلوو ۽ جمال

انھي جو احوال

 

قلم لکندو ڪيترو

٢٠-٩-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

”لا اِلهٰ اِلاّالله“

 

محمد الرسول

جھانن ۾ جميل کي

 

مولا ڪيو مقبول

پيغمبر پڌرو ڪيو

 

الله جو اصول

طالب مولا مرد ٿي

 

فڪر ڇڏ فضول

جنھن قريشي جي قرب کي

 

قلبئون ڪيو قبول

سو محبتي ملول

 

ڪڏھن ٿيندو ڪو نھ ڪو

٢٠-٩-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

الله ڪرايو عربي کي

 

محبتي معراج

طالبَ! رکيائين تاج

 

رسالت جو رسول تي

٢٠-٩-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

پيغام پرور موڪليو

 

ھٿان پنھنجي حبيبَ

امانت سان الله جو

 

نياپو ڏنو نجيبَ

آخر ان عجيبَ

 

ڪفر ڪعبي مان ڪڍيو

٢٠-٩-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

ھاشمي جي حب ۾

 

جو عاشق ٿئي عليل ُ

عربي ٿيندو ان جو

 

واحد وٽ وڪيل ُ

طالب مولا مرد ڪو

 

ذرو ٿئي نھ ذليل ُ

قادر پڻ ڪفيل ُ

 

اول آخر ان جو

٢٠-٩-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

پرين پڇاڙيء آئيو

 

ٿي اڳين جو اڳواڻ

صورت ۾ پڻ سھڻو

 

۽ سيرت جو سرواڻ

ھٿين پيرين حبيب ٿيو

 

پنھنجو مٽ ئي پاڻ

ڌنار پنھنجي ڌڻ جو

 

سدائين سڄاڻ

پياري پياسن کي

 

محبت ڀريو ماڻ

طالب مولا، نور جو

 

نرمل آھھ نياڻ

ڀاڳئي سندو ڀاڻ

 

ڀريو ئي ڀرپور آھھ

٢٩-٩-١٩٥٦ع

ھالا

*

سرسو آھي سونھن ۾

 

مديني جو مير

شمس اڳيانئس شرمندو

 

توڙي ماه منير

فقيرن جو فقير سو

 

پِيرن سندو پير

خادم خاصو خلق جو

 

۽ امت جو امير

طالب مولا عشق ۾

 

ان جي آھھ اسير

الله ڪيو اڪسير

 

عشق عربي ڄام جو

٢٢-٩-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

صورت سيرت سھڻو

 

محبوب سو مليح

لطيفن کان لطيف سو

 

صبيحن کان صبيح

مئل دل جي لاءِ ٿي

 

محبت سندس مسيح

امي عربي ڄام کي

 

فائق ڪئو فصيح

سرور سو صحيح

 

طالب مولا ملڪ ۾

٢٢-٩-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

ڪريم پنھنجي قرب سان

 

خلقيو محمد مير

سر ۾ سجھي ڪونھ ڪو

 

نرمل جو نظير

بشير آھي بشر لاءِ

 

عربي ڄام امير

ساڻس رکبو سير

 

تڏھن مھند مرڪبو

٤-١٠-١٩٥٦ع

راڻوٻگھيو

*

عرب، عجم ۾ اھڙو

 

نھ پيدا ڪئو پرور

آندي ”اِلاّالله“ جي

 

خاصي خاص خبر

وڏا اچي وڙ ڪيا

 

پرينءَ پيغمبر

طالب مولا مرد ٿي

 

رک نرمل ڏي نظر

ساري ئي منجھھ سر

 

سجھي ڪونھ سيد ري

٤-١٠-١٩٥٦ع

راڻوٻگھيو

*

مورھئون ڪونھن ملڪ ۾

 

محمد سندا مٽ

ٻيا سڀ سھڻا سٽ جان

 

ھو تاڃي پيٽي پٽ

لائق لاھي لطف سان

 

قلبن مٿان ڪٽ

محبت جي مٽي مان

 

پر پياري پٽ

طالب مولا جنھن وڌي

 

سچائيءَ جي سٽ

ان تان پرينءَ لاٿي پٽ

 

ڏئي وٽ وصال جي

٤-١٠-١٩٥٦ع

راڻوٻگھيو

*

خالق خلقي خوب آھھ

 

جانب سندي جوڙ

محمد جھڙو نھ ملڪ ۾

 

ٻي خلق آھي کوڙ

سھڻا سھانگا سر ۾

 

ڪروڙين ڪروڙ

جنھن کي ھوندي جي ۾

 

لالڻ سندي لوڙ

ڪانھ پسندو سوڙ

 

سو محبتي مورھئون

٤-١٠-١٩٥٦ع

راڻو ٻگھيو

*

محب مولا موڪليو

 

عالم جو امين

درود ان دلبر تي

 

جو ھٿين پيرين حسين

قائم آھي ڪل تي

 

دائم سندس دين

ربّ العالمين

 

عاشق ٿيو ان تي

٢٠-١٠-١٩٥٦ع

ھالا

*

دمدم آھھ درود

 

مٺي مرسل مير تي

مڙني موچارن کان

 

مالڪ ڪيس مسعود

طالب مولا ملڪ ۾

 

محمد ٿيو محمود

شاھد ۽ مشھود

 

مولا ڪري موڪليو

٢٠-١٠-١٩٥٦ع

ھالا

*

شاھھ شفيع المذنبين

 

مرسل موچارو

ڪفر ڪٽي ڪلمي سان

 

ٿيو سيد سوڀارو

مڪي ۾ محبّت جو

 

نيڪ ھنيو نعرو

وڄايو وحدت جو

 

نرمل نقارو

طالب مولا مرد سو

 

ناطق ناميارو

ڪامل قرارو

 

قادر ڪيو ڪل تي

٢٠-١٠-١٩٥٦ع

ھالا

*

مالڪ پنھنجو محب ڪئو

 

ملڪن جو محبوب

طالب امت ان جي

 

ھو مڙني ٿيو مطلوب

محمد سان منسوب

 

طالب، مولا آھھ ڪئو

١-١-١٩٥٧ع

حيدرآباد

*

آھي حضرت ھاشمي

 

حبيبن حبيب

پرين پراھون نھ ٿيو

 

قربائتو قريب

اميرن جو امير سو

 

غريبن ۾ غريب

صاحب شفاعت جو

 

موچارو مجيب

طبيبن طبيب

 

طالب مولا سو ٿيو

٤-١-١٩٥٧ع

حيدرآباد

*

مولا مٿاھون ڪيو

 

مصطفيٰ جو مان

شاھن سندو شاھھ سو

 

خانن جو پڻ خان

ڪامل پھچايو ڪل کي

 

قادر جو قرآن

طالب مولا مست ٿيو

 

جانب لاءِ جھان

جنھن جو ثناخوان سبحان

 

تنھن جو مٽ ئي ناھھ ملڪ ۾

٢٣-١-١٩٥٧ع

حيدرآباد

*

ھيرا جواھر ڪيئن ڪريان

 

محبوبن سان مٽ

ھو ونڌجن وڪجن وينجھار وٽ

 

ھي ڇپر، ڇانو ۽ ڇٽ

طالب مولا مرد سو

 

جڏا جياري جھٽ

ھي قلبون لاھي ڪٽ

 

ھو چاڙھن ڪٽ قلب تي

١٥-٤-١٩٥٥ع

ھالا

*

صبح ھڪ سانجھي ٻيو

 

سج، چنڊ جي چال

ڪڏھن پھتا ڪين ڪي

 

پنھنجي ڪنھن بھ ڪمال

طالب مولا طلب سان

 

سيد کي سنڀال

جو ھميشه ھڪ حال

 

جانب پنھنجي جاءِ تي

١٧-٤-١٩٥٥ع

ھالا

*

سج بھ تيسين آھھ

 

جيسين آھي اڀ ۾

مغرب ۾ محفوظ ٿيو

 

تھ آئي ڪي اونداھھ

طالب مولا محب جو

 

ڪو مٽ موراھين ناھھ

لوڪ انھي جي لاھھ

 

مون سھائو سپرين

١٥-٤-١٩٥٥ع

ھالا

*

چنڊ سندي چانڊاڻ

 

آھي ٻٽي راتـڙيون

طالب مولا تنھن تي

 

اعتبار نھ آڻ

ڪانھي ان جي ڪاڻ

 

مون سھائو سپرين

١٥-٤-١٩٥٥ع

ھالا

*

ڪوڙين ٻرن قنديل

 

تھ بھ وڃن وساميو ڏينھن جو

لاتم دل دليل

 

مون سھائو سپرين

١٥-٤-١٩٥٥ع

ھالا

*

ڪڍي ڇڏ قلب مان

 

ٻيائي وارو ٻج

طالب مولا محب جي

 

نينھن ۾ ٿيجئين نج

عالم وڻي سج

 

مون سھائو سپرين

١٦-٤-١٩٥٥ع

ڪراچي

*

سج، چنڊ کان سھڻو

 

جانب جو جمال

قادر قدرت سان ڪئو

 

قائم ھيءُ ڪمال

طالب مولا، مرد سو

 

لالن جو ئي لال

ماڻھو گھرن مال

 

مون سيباڻو سپرين

١٦-٤-١٩٥٥ع

ڪراچي

*

چنڊ چوڏھينءَ رات جو

 

ڪري ٿو ڪمال

ھميشه ھڪ جھڙو

 

جانب جو جمال

ھي رھي فقط رات جو

 

ھو ڏينھن جو بھ ڏيال

طالب مولا ھن جو

 

ھردم ھڪڙو حال

ھن ۾ آھھ زوال

 

سڄڻ سدائين سوجھرو

١٦-٥-١٩٥٥ع

حيدرآباد

*

سج ۾ آھھ شعاع

 

طالب مولا ڏينھن جو

ھو ڪري نيٺ وداع

 

سڄڻ سدائين سوجھرو

١٦-٤-١٩٥٥ع

ڪراچي

*

ڪٿي منھن محمد جو

 

ڪٿي ماھتاب

ڪٿي جلوو جانبن

 

ڪٿي آفتاب

ھڪڙو چمڪي رات جو

 

ٻي ۾ ڏينھن جو تابش، تاب

ھنن ھي حساب

 

سڄڻ سدائين سوجھرو

٢٣-١٢-١٩٦٣ع

ڍاڪا

*

ڪٿي سنبل سھڻا

 

ڪٿي مبارڪ مو

ڪٿي چھرو چنڊ جو

 

ڪٿي جبين جادو

ڪٿي شعاع شمس جو

 

ڪٿي رھبر رو

ڪٿي تلوارون تير ٿيا

 

ڪٿي احمد جا ابرو

ڪٿي اکيون عجيب جون

 

ڪٿي ساغر ۽ سبُو

ڪٿي گل گلاب ۽

 

ڪٿي بدن جي بُو

لبن لعل لڄائيا

 

ڏندن لک لو لو

ھلڻ تان حبيب جي

 

عجب ۾ آھو

ڪٿي فضيلت فردوس جي

 

ڪٿي ڪامل سندي ڪو

حبيب آھي ھو

 

طالب مولا تنھنجو

٢٣-١٢-١٩٦٣ع

ڍاڪا

*

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org