Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 13

[16]

درجا آھن دلن تي

 

سر تھ برابر سر ٿيا

 

پر من جا ناھن مٽ

دل تان لھن ڪين ڪي

 

ڪڏھن جيڪر ڪٽ

تھ رڳي ھوند ھار ٿئي

 

يا کلندي ٿئي نھ کٽ

جي دل تي چڙھن ڪين ڪي

 

عشق جا الھٽ

دل تي نھ ھجن درد ۽

 

ٻيا ڦوڙائي جا ڦٽ

تھ سر نھ ھجن منجھھ سٽ

 

سچ ٿو صديقي چوي

٣-٣-١٩٦٧ع

اسلام آباد

*

سر ڀلي ڏين سجدا

 

سو سو ۽ سئو وار

چانئٺ چمن چاھھ مان

 

۽ پرين جا پيزار

جي دل نھ محبّت کي مڃي

 

تھ سر ڪلھن تي بار

طالب مولا طلب جي

 

جي دل کي لڳي لغار

تھ سر بھ تڏھن سر ٿين

 

نھ تھ بلڪل سي بيڪار

سر بھ تڏھن ٿا قبول پون

 

جو دل پرکن دلدار

سر جھڪن صد بار

 

تھ بھ درجا آھن دلن تي

١٧ رجب ١٣٨٧ھھ

٢٢-١٠-١٩٦٧ع

حيدرآباد

*

سر پيشانيون پنھنجيون

 

جودئون جھڪائين

چميو چانئٺ چاھھ مان

 

ٿا پرين پرچائين

پاڻھي وڃيو پاڻ کي

 

ھو ڪلھا ڪپائين

طالب مولا تن جا

 

ڳڻ گھڻا ڳائين

دل نھ مڃي جيڪڏھن

 

تھ ھليو ھارائين

ڀل سھرا سر پائين

 

تھ بھ درجا آھن دلن تي

١٧- رجب – ١٣٨٧ھھ

٢٢-١٠-١٩٦٧ع

حيدرآباد

*

سر برابر ڪيترا

 

بيحد بار کڻن

مھل اچي جي مورھئون

 

تھ مچيو مٿا ڏين

سورھھ سامھون جي ٿيا

 

تھ ڌڙ کان ڌار ٿين

دل گھرجي درياءَ جئن

 

نھ تھ سر ٿيو بار پون

ٺلھا پٽڪا تھ بُنڊن تي بھ

 

ٻڌيو ٿا سگھجن

طالب مولا طلب ۾

 

دلبر دل ڏسن

تِھان پوءِ عاشق کي

 

ٿا ٻيڻا ٻک وجھن

سر سوين ھجن

 

تھ بھ درجا آھن دلن تي

٦ رمضان شريف ١٣٨٧ھھ

٩-١٢-١٩٦٧ع

ڍاڪا

*

جت لڳن سر جون بازيون

 

اتِ ارادا گھرجن

دل نھ ھوندي شير جئن

 

تھ سر سيڙاپو ٿين

مقتل جي ميدان ۾

 

بيھي ڪين سگھن

کڻيو پٽڪا پوئتي

 

بلڪل سي ڀڄن

طالب مولا طلب ۾

 

داور پسي دلن

جن ۾ نيت نيڪ ٿئي

 

۽ پختايون پلجن

ھي ئي حجّ بھ ڪن

 

درجا آھن دلن تي

٩-١٢-١٩٦٧ع

ڍاڪا

*

جيڪو داور در تي

 

دل سان ڪري دانھن

تھ ٻيھر بھ وٺي ٻانھن

 

طالبَ، مولا تنھن جي

٩-١٢-١٩٦٧ع

ڍاڪا

*

رڳو ڪعبي اڳيان

 

جي سکڻا سر جھڪن

۽ ھلي احرام اجرا

 

ٻيڻا کڻي ٻڌجن

نيت نيڪ نھ آھھ جي

 

۽ نمازون پڙھجن

چمجي چانئٺ رسول جي

 

روزا پڻ رکجن

تھ بھ مولا ۽ محبوب ٻئي

 

دائم دليون ڏسن

قلب جڏھن ٿو قلب ٿئي

 

تھ دھرا دان ملن

طالب مولا طلب سان

 

محبّت رکبي من

حجّ ھزار ڪجن

 

تھ بھ درجا آھن دلن تي

٩-١٢-١٩٦٧ع

ڍاڪا

*

دل ٿئي فدا دوست تان

 

مٿو نھ ٿئي منصور

سر کي سودا، وسوسا

 

مورھئون ڪن مجبور

سر سدائين سٽن ۾

 

جھڄي ٿئي جھور

دل اچي جي عشق تي

 

تھ ڪري ٿي ڪلور

طالب مولا دل سان

 

دلبر جو دستور

دل ئي دردن ساڻ ٿي

 

ڀرجي ٿئي ڀرپور

سر ۾ ٺلھو سور

 

درجا آھن دلن تي

٩-١٢-١٩٦٧ع

ڍاڪا

*

سر ۾ رڳو عشق ٿيو

 

تھ گدو بندر ۾ گوڙ

ھوندو ھردم ٽنگ ۾

 

نير ۽ ٻيو نوڙ

سر ڦريو تھ سدائين

 

رڳو روٽي ٽوڙ

طالب مولا دل ئي

 

ٿي ڪري طلب ۾ توڙ

ڀلي سر ٻڌجي موڙ

 

تھ بھ درجا آھن دلن تي

٩-١٢-١٩٦٧ع

ڍاڪا

*

دائم دل جي زور تي

 

سر فدا ٿا ٿِين

بلڪل باطل ڳالھھ کي

 

مرڳو ڪين مڃين

ڪاھيو پون ڪٽڪ ۾

 

تھ ڪلھان ڪنڌ ڪپين

طالب مولا مرد ٿا

 

مھمن مٿا ڏين

سٽون سر جھلين

 

تھ بھ درجا آھن دلن تي

٩-١٢-١٩٦٧ع

ڍاڪا

*

آھي برابر سر ۾

 

رمزن واري رڳ

دل نھ ڏني جنھن داور کي

 

تنھن وڃايا ٻئي جڳ

نيت کپي نيڪ ٿي

 

جنھن جا دل ۾ دڳ

ان مان وري ڪين ڪي

 

جي سکڻي ٻڌبي پڳ

طالب مولا دل ڏئي

 

وٺبا سڀئي سڳ

چاھئون ڏبي چڳ

 

تھ بھ درجا آھن دلن تي

٩-١٢-١٩٦٧ع

ڍاڪا

*

سر جھڪيو تھ ڇا ٿيو

 

جھڪي نھ جيڪر دل

تھ اھا اڪثر ٿي ٿئي

 

منافقي منزل

سر ڏني نھ حل ٿئي

 

مورھئون ڪو مشڪل

طالب مولا دل سان

 

ھڙ ئي ٿئي حاصل

سر وڍجي اول

 

تھ بھ درجا آھن دلن تي

٩-١٢-١٩٦٧ع

ڍاڪا

*

سر سدائين سٽن ۾

 

رکي دل تي بيحد ڀر

جيڏھن لاڙو دل جو

 

تيڏھن ڪري ڪر

ڪڏھن ڏسي ڪين ٿو

 

واٽن جو ڪو ور

دل واري دنيا ۾

 

ڪونھي خوف خطر

طالب مولا ٿو ملي

 

دل سان ئي دلبر

سر نھ ٿئي ٿو گھر

 

”دل ئي ديرو دوست جو“

٩-١٢-١٩٦٧ع

ڍاڪا

*

سر ۾ سودا ٿي پوي

 

تھ بھ ماڻھو جال جِين

جنون جيڪر ٿو ٿئي

 

تھ بھ ھڙئي پيا ھلن

جي ھجين ماليخوليا

 

تھ بھ گھمن ۽ ڦرن

وسواس ئي وڌي وڃي

 

تھ بھ کائن ۽ پين

منڊڙا، ٽنڊڙا، لولڙا

 

تھ بھ رستن تي رڙھن

دل بيٺي تھ دنگ ٿيو

 

ھڪدم مريو پون

حڪيم ھيڪاندا اچن

 

تھ بھ ڪري ڪجھھ نھ سگھن

کرن ۽ کوٽن جي

 

دليون خبر ڏين

طالب مولا سر کي

 

پرين پوءِ پڇن

دلبر دل گھرن

 

ٻي ٻولي ناھھ ڪا

٩-١٢-١٩٦٧ع

ڍاڪا

*

سر ويچارو سدائين

 

آھي دل جي وس

دل چويس تھ وڍجي

 

نھ تھ بلڪل ڪري بس

اونھين ٿئي اوس

 

جئن طالبَ مولا دل چوي

٩-١٢-١٩٦٧ع

ڍاڪا

*

اکيون ٿين جي انڌيون

 

ڏسڻ کان بھ وڃن

ڪن بھ جيڪر ڪڏھين

 

ٻڌڻ ڇڏي ڏين

سرن ۾ سودا ٿئي

 

تھ چرٽيا ٿي پون

پير بھ پرڻ ڇڏين جي

 

ھلي ڪين سگھن

۽ مڙئي عضوا ضعف کان

 

جواب ڏئي وھن

تھ بھ دليون دوست پسن

 

طالب مولا طلب ۾

٩-١٢-١٩٦٧ع

ڍاڪا

*

سر تھ ريائي رمز ۾ بھ

 

سجدا خوب ڏين

پيشاني جي داغ کي

 

ڏاھا ڪونھ ڏسن

نظر انھن تي الله جي

 

جي دل کي پاڪ رکن

جنھن ۾ نج نيڪي چون

 

نيتون ٿيون نپجن

۽ طالب مولا طلبون

 

پختيون ٿيون پون

ڪم ارادا ڪن

 

سر تھ ھلن ٿا حڪم تي

٧ رمضان شريف ١٣٨٧ھھ

١٠-١٢-١٩٦٧ع

ڍاڪا

*

ھيڻائي ۾ حبيب وٽ

 

دل ٿي ڪري دنگ

وجھي ٿي واحد سان

 

وحدت وارو ونگ

نرمل ڪاڻ نروار ٿي

 

نڀائي سا ننگ

عشق واري آڳ تي

 

پاري پر پتنگ

طالب مولا طلب جي

 

رمزن جو ٿس رنگ

آھي دل اڙٻنگ

 

پر ظاھر سر ٿيو سٽ ۾

١٠-١٢-١٩٦٧ع

ڍاڪا

*

سر ڪپجي تھ بھ ڪا گھڙي

 

دل ٿي ھجي حيات

طالب مولا ماٺ ۾

 

ڪري نھ ھوءَ ھيھات

مورھئون ٿئي نھ ممات

 

رکي عشق عجيب سان

١٠-١٢-١٩٦٧ع

ڍاڪا

*

ماڻھو مري تھ مريو وڃي

 

پر دل پئي پوءِ بھ جئي

ڪڍيو وجھن ڪنھن ٻئي ۾

 

تھ ھو جيئرو ٿو ٿئي

جھجھو ھلي جھان ۾

 

پيو کائي ۽ پئي

طالب مولا تنھن کي

 

ڏاتر بھ ڏان ڏئي

سر وڍيل ڪنھن ٻي تي

 

جي لڳي تھ نھڙ نئي

ڪو اھڙو عمل ڪئي

 

اڃان تھ ڪامل ڪونھ ٿيو!

١٠-١٢-١٩٦٧ع

ڍاڪا

*

ھمدم جڏھن حبيب ٿئي

 

تھ ڏي دل کي دلداري

دل وٺڻ لئي دل تي

 

رکي ھٿڙو ھيڪاري

سوز گداز بھ دل جي

 

سئنا سينگاري

سر ۾ ٿئي ڪين ڪي

 

ڪا برھھ بيماري

طالب مولا سر جي

 

نھ ٿئي غمخواري

سدائين ساري

 

دل جي سر کان سرسي

١٠-١٢-١٩٦٧ع

ڍاڪا

*

دلبر درد فراق ۾

 

دل ئي ڌتاري

سر ۾ سودا ٿي پوي

 

تھ مٿو پيو ماري

طالب مولا نيٺ سو

 

گدوءَ ۾ گھاري

ڪو ويھي ويچاري

 

تھ دلبر بھ آھي دل جو

١٠-١٢-١٩٦٧ع

ڍاڪا

*

نينھن نھوڙي سر کي

 

ھي ڪڏھن ڪونھ ٿيو

حيلن سان ھليو ويو

 

جي سر ۾ سور پيو

طالب مولا طلب جو

 

دل کي درد مليو

اينھين ڪنھن نھ چيو

 

تھ سوز الم ٿئي سر ۾

١٠-١٢-١٩٦٧ع

ڍاڪا

*

دل وارا ئي دنيا ۾

 

سورھھ ۽ سرويچ

دل نھ ھجي ھا ڌوٻڻ جي

 

تھ ڪھي نھ وڃي ھا ڪيچ

جن ٺلھا سر سنباھيا

 

سي ڏاھا بھ ٿيا ڏاميچ

”انھن سان ئي عجيب جا

 

بلڪل آھن ڀيچ“

جن دل سان پاتا پيچ

 

طالب مولا طلب ۾

١٠-١٢-١٩٦٧ع

ڍاڪا

*

سر تھ برابر ٿا ڪھي

 

وڃو وسائن سڃ

سدا ات سھن ٿا

 

ڏاکڙا ۽ ڏڃ

ھلن اوڏاھين ھيج مان

 

جتي رڳي رڃ

پر جڏھن لڳي ٿي دل کي

 

ڪا برھھ واري ڀڃ

سر بھ تڏھن ٿو سر ٿئي

 

جڏھن من ٿئي ٿو مڃ

طالب مولا دل سندا

 

اھي آھن اھڃ

اٺئي پھر اڃ

 

ويچاري وصال جي

١٠-١٢-١٩٦٧ع

ڍاڪا

*

سر تھ وڃو ٿا سڄڻ جي

 

سينن تي بھ سمھن

اکيون پڻ عجيب کي

 

ڏسيو نيٺ وٺن

پير بھ پنھنجي پر ۾

 

ھليو ات پڄن

جسم بھ آخر ٿا وڃو

 

لالڻ ساڻ لڳن

طالب مولا طلب ۾

 

دلڙيون درد سھن

اٺئي پھر عشق کان

 

ڌڙڪيو ٿيون ڌڙڪن

سک ڪري نھ سمھن

 

ھو سدائين سڪڻ ۾

١٠-١٢-١٩٦٧ع

ڍاڪا

*

من جي مخالف ڪو ٿئي

 

ھڏھن نھ ٿيو ھيئن

دل ئي پڄائي سر کي

 

سدا سڄڻ سيئن

جيڪي جڏھن جِي چيو

 

ٿيو طالب مولا تيئن

دل نھ اچي جنھن ڪم تي

 

سو ڪري سگھبو ڪيئن!

سر بھ اونھين ئي پيو ڪري

 

جِي ٿو چوي جيئن

الله بھ ڪري ايئن

 

جيڪا دل مان دانھن ٿئي

٨ رمضان شريف ١٣٨٧ھھ

١١-١٢-١٩٦٧ع

ڍاڪا

*

”القلب مراة المؤمنين“

 

اتان رباني راھھ

جنھن مان الاھي عشق جا

 

اجھامن نھ آڙاھھ

ان تي ڪرم ڪريم جو

 

۽ نوراني نگاھھ

طالبُ مولا ڇا ڪري

 

سگھندو سندس ساراھھ

دل ئي سا درگاھھ

 

جت الله آھي اوڏڙو

١١-١٢-١٩٦٧ع

ڍاڪا

*

آھي ھن جھان کان

 

دل جو وڏو جھان

لاشڪ لا مڪان جو

 

ھي ئي ماڳ مڪان

حاصل ھتان ئي ٿئي

 

سدائين سبحان

دل ڏي رک ڌيان

 

طالب مولا مرد ٿي

١١-١٢-١٩٦٧ع

ڍاڪا

*

دل کي مڃن ڪين ڪي

 

اڄوڪا انسان

ھو مائل رڳو مغز ڏي

 

جت عقل جا امڪان

پر آھي ھينئن فرمائيو

 

ڪريم منجھھ قرآن

اِن الله يحول بَين المرءِ و قلبِه

چيو مالڪ مھربان

تنھن جي نبي تائيد ۾

 

ڏنا بلڪل ھي بيان

”اِن في الجسد مضغة اذا صلحت“ جا

آھن صورت اندر سامان

”اِن الله لا ينظر اِليٰ صورتکم ولکن ينظر اِليٰ قلوبِکم“

ھي فائق جا فرمان

رکن ايمان ان تي

 

محڪم مسلمان

جي مورھئون نھ مڃن دل کي

 

سي نسورا نادان

طالب مولا تون بھ اِت

 

آڻج کي ايمان

جو رسول ۽ رحمان

 

بھ درجا ڏنا دلن کي

٢٠-١٢-١٩٦٧ع

ھالا

*

 


 

[17]

رمزون آھن روح جون

 

دل تھ برابر آھھ دل

 

جو قادر منجھھ قرآن

ڪئي تعريف تنھن جي

 

سڳوري سبحان

آئي حديث ان جي

 

منجھھ شوڪت ۽ شان

اسان جا پڻ ان تي

 

اتبار ۽ ايمان

پر معنيٰ آھي مام ۾

 

رکي جا رحمان

سا ڪو سمجھو سمجھندو

 

ٻي ڪنھن جي تڪڙ ڪان

ان ۾ امر الله جو

 

وھم نھ ڪي گمان

طالب مولا تڏھين

 

ڌرج اوڏھين ڌيان

آھن اطمينان

 

تھ رمزون آھن روح جون

 

*

 

دل تھ برابر آھھ دل

 

پر رڳو آھي ماس

اچي پيو ان ۾

 

ويتر جي وسواس

تھ ھوئي ھڪ گھڙي ۾

 

نگرو ڪندس ناس

طالب مولا طلب سان

 

رک اصلئون ھي احساس

ڪبو جي قياس

 

تھ رمزون آھن روح جون

 

*

 

دل تھ برابر آھھ دل

 

ناليرو ھڪ نانءُ

درد نھ اچي ان ۾

 

تھ ٺلھو آھي ٿانءُ

امر ڪري ان کي

 

جي ڏاتر ڏئي ڏانءُ

تھ ٿئي روحاني راز جي

 

وايرليس وٽانءُ

پو طالب مولا ٿو ملي

 

الله پڻ اتانءُ

سمجھو ڪي سمجھانءُ

 

تھ رمزون آھن روح جون!

 

*

 

دل تھ برابر آھھ دل

 

پر محبّت ري محتاج

امر اچي ان ۾

 

۽ ڏاتر ڏئيس ڏاج

تڏھن ملندو طلب جو

 

طالب مولا تاج

حاصل ٿيندو تڏھين

 

خالق وٽان خراج

آھھ روحاني راز جو

 

اصلي ھيءُ علاج

رازق جو بھ رواج

 

تھ رمزون آھن روح جون

 

*

 

دل تھ برابر  آھھ دل

 

پر نيت اصلي چيز

سھاڳو جئن سون تي

 

تئن آھي پر پرھيز

ھجي ھر ڪنھن ويل ۾

 

۽ دمدم درد آميز

پو محب جي محل جي

 

ٿيندي دل دھليز

ھتي ھرڪو ڏينھن آھھ

 

روز رستاخيز

مليل مالڪ کان اٿم

 

محڪم ھي مھميز

طالب رک تميز

 

تھ رمزون آھن روح جون

 

*

 

دل تھ برابر آھھ دل

 

پر نيت گھرجي نيڪ

ڪڍبيون ڪوري قلب مان

 

اگلايون انيڪ

ڏبس ھردم ھيج سان

 

سڪ، صبر جا سيڪ

طالب مولا تنھن کي

 

ڏي نھ ڏبو ڇيڪ

ھي حقيقت ھيڪ

 

تھ رمزون آھن روح جون

 

*

 

دل تھ برابر آھھ دل

 

در پرده رھي روح

سو ئي طالب مولا

 

آ سالم سنجھھ صبوح

فائق ڏنس فتوح

 

رمزون آھن روح جون

 

*

 

دل تھ برابر آھھ دل

 

پر ٿئي دل آويز

نھ تھ ان مان ٿيندو ڪين ڪي

 

ٿي جي شور انگيز

ان مان اچڻ بُو کپي

 

اڪثر عنبر بيز

شال نھ ٿئي شر ۾

 

طالب مولا تيز

بلڪل چوءِ، برخيز!

 

تھ رمزون آھن روح جون

 

*

 

دل تھ برابر آھھ دل

 

پر ٺلھو ان جو نام

صفا ڪجي نھ صبر سان

 

تھ اچيس نھ الھام

پچي نھ جيتر پرت ۾

 

تيتر خالي، خام

پاڪ جڏھن ٿئي پيار سان

 

۽ درد بھ وجھنس دام

طالب مولا طلبون

 

تڏھين ٿين تمام

وري وحدت واٽ ڏي

 

۽ عشق ٿئيس امام

آھي انھيءَ ڳالھھ جو

 

مٿائون مقام

تھ بھ تنھن ۾ صبح شام

 

رمزون آھن روح جون

 

*

 

دل تھ برابر آھھ دل

 

پر اڃا اڳتي راز

ڦاسائيس ڦير ۾

 

مرڳو کڻي مجاز

تھ وحدت وڃيس وسري

 

وٺيس حرص ۽ آز

مٽجي، مولا جو مڙئي

 

سٽي سوز گداز

طالب مولا تنھن جو

 

عجيب اٿئي انداز

ظاھر دل دمساز

 

پر رمزون آھن روح جون

 

*

 

دل تھ برابر آھھ دل

 

پر طالب ٿئي تمثيل

ھي خزانو خون جو

 

امر سواءِ عليل

رمز آھي راز جي

 

ڄاڻي ربّ جليل

ڪو صوفي صفا سمجھندو

 

واحد جو وڪيل

طالب مولا تن سان

 

ڪجئين دور دليل

ٻيو رڳو قال ۽ قيل

 

رمزون آھن روح جون

١٩-٩-١٩٦٨ع

٢٥ جمادي الثاني ١٣٨٨ھھ

اسلام آباد

*

دل تھ برابر آھھ دل

 

پر نيڪ ھجي نيت

عليل ھجي عشق کان

 

رھي منجھھ رقت

ڀڳل رھي برھھ ۾

 

منجھھ دردن جي دقت

خاص مليس خلوص سان

 

روحاني رغبت

تقوا کپيس تمام ٿي

 

۽ سھڻي صداقت

رھي منجھس نھ مورڳو

 

تڪبّر جي طاقت

طالب مولا آھھ ھي

 

ھردم حقيقت

حقيقي حدت

 

رمزون آھن روح جون

 

*

 

دل تھ برابر آھھ دل

 

پر جڏھن ٿئي صاف

وڃي ان کان وسري

 

صفا لاف گزاف

چڙھي مٿس مورڳو

 

غيرت سندو غلاف

نھ تھ ڪندي خطائون خيال جون

 

جي مور نھ ٿين معاف

ات طالبُ، طالب مولا

 

اڪثر ٿيندو آف

ھوءَ توڙي ڪري طواف

 

تھ بھ رمزون آھن روح جون

 

*

 

دل تھ برابر آھھ دل

 

پر روح نھ ڪري رحلت

نوڙيل ھجي نياز سان

 

۽ ڀريل سان برڪت

ھجي ھر ڪنھن ويل ۾

 

شامل شريعت

قبولي ھوءَ قرب کان

 

طريقو طريقت

رھي ھميشه حق سان

 

رکي ھردم حقيقت

طالب مولا ٿي وڃي

 

سا ماھر معرفت

اھڙا عمل ٻيا مڙيئي

 

ڪريس واحد وديعت

نالو ان مجموع کي

 

”قلبُ“ ڏنو قدرت

ان ۾ امر الله جو

 

ويٺو سان وحدت

جنھن ۾ سڀ جرائت

 

سي رمزون آھن روح جون

٢٠-٩-١٩٦٨ع

٢٥ جمادي الثاني ١٣٨٨ھھ

لاھور

*

دل تھ برابر آھھ دل

 

پر روح بنا بيڪار

روح تھ امر الله جو

 

ٻي ڪائي خبر نھ چار

ان کان سوا اصلي

 

سونھن نھ منجھھ سنسار

روح نھ آھي دل ۾

 

تھ سدا سيه ڪار

پاڻان وجھي فتور جا

 

ڄارن مٿي ڄار

طالب مولا ٿا ڪنبن

 

سچا سمجھدار

جي ڏسن اصلي ڳالھھ کي

 

سي اکيون آھن ڌار

يقين ڪر ھي يار!

 

تھ رمزون آھن روح جون

 

*

 

دل تھ برابر آھھ دل

 

پر ان جي ھڪڙي حد

ان ۾ رکيو روح کي

 

وحدت سان واحد

طالب مولا راز ھي

 

آندو ات احد

ھجي ويھي ڇا ڪبو

 

ھتي شد نھ مد!

ڏسبا ھرگز ڪين ڪي

 

فقط خال ۽ خد

ڳالھھ ڪبي انصاف جي

 

ڪڏھن نھ ٻڌبا قد

رڳي نھ ڏبا رد

 

رمزون آھن روح جون

 

*

 

دل تھ برابر آھي دل

 

پر روح بنا بي رنگ

ڌڙڪي برابر پاڻ ٿي

 

پر چري منجھس ٻيو چنگ

معنيٰ واري ملڪ ۾

 

فرحي نھ ڪو فرھنگ

ڪم اچي ان جاءِ تي

 

عشق وارو انگ

طالب مولا ان ۾

 

ڍولڻ رکيو ڍنگ

سمجھي انھي راز کي

 

ڪو مولائي ملنگ

دوڙ ڪيو ھي دنگ

 

تھ رمزون آھن روح جون

 

*

 

دل تھ برابر آھي دل

 

پر ڪجھھ نھ ”اِلاّ ھو“

نھ تھ ھوندي ھردم ھن ۾

 

خودي واري خو

طالب مولا طلب جي

 

شل ھجيس جستجو

ھي رڳي رت ۽ پو

 

رمزون آھن روح جون

 

*

 

دل تھ برابر آھي دل

 

جي رمز ڏئيس نھ ربّ

تھ پويس ھوند پلاند ۾

 

رڳو ڪوڙ ڪسب

وٽانس وڃي نڪري

 

الاھي ادب

طالب مولا مورڳو

 

ڪو لڳيس ٻيو لقب

ڪم اچي ڪين ڪي

 

ھتي حسب نسب

قلب بھ ڪعبو تڏھين

 

جي واحد ڪري وھب

نھ تھ سڏجي اھو شخص ٿو

 

لاشڪ ابولھب

ٻيو سڀوئي سبب

 

رمزون آھن روح جون

 

*

 

دل بھ تڏھن ٿي دل ٿئي

 

جي تقويٰ ڪري تمام

تقوا تڏھن تمام ٿئي

 

جي عشق ٿئيس امام

عشق بھ تڏھين امام ٿئي

 

جي روح بنائيس رام

روح تھ امر الله جو

 

اٿس مٿاھون مقام

طالب مولا طلب جو

 

جوڙي پيبو جام

پو ھر ھنڌ، ھر مقام

 

رمزون ڏسبيون روح جون

 

*

 

رمزون ڏسبيون روح جون

 

پر روح بھ امر الله

پنھنجي حقيقت پاڻ ٿيو

 

منجھھ وحدانيت واھھ

انھي بحر عميق کي

 

ووڙيندا ڇا واھھ!

لاحد واري لڪ ڏي

 

رڙھي ٿي ھي راھھ

ٿڙيو پير تھ سر ويو

 

پرور ڏي پناھھ

پتو پيو تھ بھ تِر جو

 

پر ساھھ کي ڏبي ساھھ

ان کان جي آگاھھ

 

سي طالب مولا ماٺ ۾

 

*

 

آھي ھرڪنھن علم جي

 

ھڪڙي حد، نشان

عقل، فھم ۽ فڪر سڀ

 

منجھھ پھڻ پريشان

ھتي منزل ھن ۾

 

حيرت خود حيران

تھ سڀ ڪجھھ آھي ھن ۾

 

ھو سڀ ۾ ئي سبحان

خبر جي نھ خبر ڪا

 

نھ بي خبري بيان

طالب مولا تون بھ رک

 

ڌريئون اھو ڌيان

آھي ماٺ مڪان

 

چئي چئبو ڪيترو!

 

*

 

چئي چئبو ھيترو

 

ٿا جنھن کي سمجھن جو نھ

اھو آھي اصل کان

 

ڪنھن کي پيو پرو نھ

ڪجھھ بھ جڏھن ھو ڪونھ ڪو

 

تڏھن بھ ھو ھو ڇونھ!

اڪيلائي ان ۾

 

ھئي نسبت ۽ نالو نھ

”ٿي“ چيئين تھ ٿي پيو

 

جو حقيقت ۾ ھو نھ

پتو لڳو نھ مورڳو

 

پرور ڪنھن پرکيو نھ

جيڪي سمجھن ٿا سڀئي

 

صاحب آھي سو نھ

رمزون انھي راز جون

 

ڪوئي سمجھي ڪونھ

طالب مولا تو نھ

 

ڪھڙي ڳجھڙي ڳالھھ ڪئي!

 

*

 

”ونحن“ وارو ويجھڙو

 

ڏاڍو ڏنئين ڏس

تھ پاڻ سوا ٻيو پيچرو

 

۽ گھوريو مون ھر گس

ويتر وڃائي ڇڏيم

 

ووڙڻ وارو وس

طالب مولا طلب کي

 

جوڙي چيم جس

موٽايم مھوس

 

ڳولڻ واري ڳالھھ جو

 

*

 

”ونحن“ وارو ويجھڙو

 

ڏنائين ڏس جو

تھ لڌم ور وجود ۾

 

سڌو سائين سو

طالب مولا اندر ۾

 

اھوئي اھو

ڀڄي پيو ڀولو

 

ڳولڻ واري ڳالھھ جو

 

*

 

”ونحن“ وارو ويجھڙو

 

ڏس جو ڏنائين

تھ ووڙڻ ويو وسري

 

ھو ھوئي ھتائين

طالب مولا پاڻ ئي

 

سڀ چٽو چيائين

مون ئي منجھائين

 

پاڻ ڪيائين پڌرو

 

*

 

”ونحن“ وارو ويجھڙو

 

پتو جو پيوم

تھ سموري سنسار مان

 

نينھن ڪڍي نيوم

طالب مولا تڏھين

 

ووڙڻ سڀ ويوم

قلب انھيءَ قرار ۾

 

ٿڪو ٿانءِ ٿيوم

حيرت لڳي ھن ڳالھھ جي

 

تھ ڪيئن پي پنڌ ڪيوم

ڪک، پن، گل، ڦل، گاه ۽

 

پي وڻ ٽڻ واجھايوم

الا! ھو تھ ھيوم

 

وريدن کان ويجھڙو!

 

*

 

ويھي ڪيم وجود ۾

 

جوڙي جستجو

تھ آھي بقا ان کي

 

ٻي خالي فقط خو

گل گھڻا گلزار جا

 

پر بلڪل ھڪڙي بو

ٻيو ھرڪو بحر عميق ۾

 

حبابُ ھوبھو

ماڻھن کي منجھائيو

 

مورھئون ”ما ۽ تو“

طالب مولا ذات سا

 

سدا سوبسو

ھڙئي آھي ھو

 

ٻيو ڪجھھ آھي ڪين ڪي

٢٢-٩-١٩٦٨ع

٢٨ جمادي الثاني ١٣٨٨ھھ

ڪراچي

*

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org