Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو :1

عجيب طلسم

شمس العلماءُ ميرزا قليچ بيگ

ڇپر ۾ ڇڙيون

 

 


 

[1]

مالڪ جي مختاري

 

ٿل:

مالڪ جي مختاري وي

 

ٻيو نھ سجھي ٿو ساري سر ۾

١.

سوئي ھادي، سوئي رھبر

 

سنديس ئي سرداري وي

 

اول، آخر، ظاھر، باطن

 

بيشڪ آھي باري وي

ان جي قدرت شجر حجر ۾

٢.

ربّ جليل جي عظمت اعليٰ

 

جاه، جلال، جبّاري وي

 

ان جي جمال کان ذري ذري ۾

 

جِٿِ ڪٿِ جلويداري وي

نرت ھي رکبي نيڪ نظر ۾

٣.

ھر شئي تي ئي حڪم ھميشه

 

جابر جو آھي جاري وي

 

”فاذکروني“ فڪر ۾ رھبو

 

گھڙي نھ وجھبي گھاري وي

عاشق رھجان انھي اثر ۾!

٤.

بندا! عجز سان ھلبو ھردم

 

سائين ڪندو ستّاري وي

 

طالب مولا ڪين وسارج

 

خالق جي خودداري وي

رھج انھي جي خوف خطر ۾

١٨-٩-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

ٿل:

ھادي حڪمتدار اِلاّالله

 

سائين آھي سڀ صورت ۾

١.

ڪل شئي کي خود محيط جو آھي

 

وچ ۾ وار وٿي ڪا ناھي

 

غالب آھھ غفار اِلاّالله

 

ذات سمائي ويٺو صفت ۾

٢.

عبديت جي ويڙھي ويھي

 

ڳولج ان کي پاڻ ۾ پيھي

 

صاحب ربّ ستّار اِلاّالله

 

طالب! ملندئي سو طاعت ۾

٣.

لا شريڪ ۽ ھو لاثاني

 

کيس بقا ٻيو سڀ ڪجھھ فاني

 

قائم سو ڪلتار اِلاّالله

 

قادر پنھنجي ئي قدرت ۾

٤.

ڌرتي کان تا عالم بالا

 

سوئي سو اي طالبَ مولا

 

خالق خود مختار اِلاّالله

 

ھرڪو آھي ھن حيرت ۾

١٧-٩-١٩٦٧ع

حيدرآباد

*

ٿل:

ھن جا حمد ھزار

 

ڪھڙا ڳائي ڪھڙا ڳايون!

١.

ڪک پن ۾ قادر جي قدرت

 

اکن وارن لئي آھي عبرت

 

گل ڦل ۽ گلزار

 

تِن ۾ وحدت جون واڌايون

٢.

’ڪن‘ چئي ڪل جنھن آھي جوڙيو

 

نيزو نينھن جو تنھن ئي کوڙيو

 

عجب ڪري اسرار

 

پاڻ ويٺو آھي لوڪان لڪايون

٣.

جڳ جنسار سندس ئي آھي

 

ٻي ڪنھن جو ھي مظھر ناھي

 

ٻيا سڀ نقش، نگار

 

صفتون انھي جون سڀ ۾ سمايون

٤.

”من عرف“ ۾ طالب مولا

 

ڄاڻو ٿي ڪج ڳولا ڦولا

 

پارس جا ھي پار

 

جِي ۾ جنھن جون  آھن جايون

 

 

*

 

ٿل:

نرمل! رخ تان لاھھ نقاب

 

لڪندي لڪندي عمر گذاريئي

١.

روحن جت ھو ميڙ مچايو

 

پيچ پرين! تو تڏھين پايو

 

ورتئي مون کان ’ھا‘ جو جواب

 

ڪيئن ٿي پيارا مون کي پڪاريئي!

٢.

سھڻا سائين! ياد اٿئي سا

 

قرب ۾ مون سان ڳالھھ ڪيئي جا

 

توئي عجيب! ڏنو ھي آب

 

وقت انھي ۾ ويجھو وھاريئي

٣.

سمجھي نھ سڀڪو تنھنجون رمزون

 

آھن عجيب، غريب ھي غمزون

 

ڪنھن ۾ نھ آھي طاقت، تاب

 

جنھن ڏي نھاريئي تنھن کي ماريئي

٤.

سڀڪنھن جي ڳل طوق غلامي

 

سھا تنھنجا سو تھ سلامي!

 

تون ئي ھڪڙو عالي جناب

 

جن کي ماريئي تن کي جياريئي

٥.

تو کان مٺي ناھي ماکي، مصري

 

ويندين ڀلا ڪئن مون کان وسري!

 

تنھنجي حسن جي حد نھ حساب

 

صورت وھوا ڏاڍي سينگاريئي

٦.

طالب مولا مست بنايئي

 

پيارا پرين! ھي پاڻ ڀلايئي

 

ھاڻ سڄڻ تون ڪر نھ حجاب

 

سڪ جي سرڪي ڇو ٿي پياريئي!

٢-١-١٩٥٨ع

ھالا

*

 


 

[2]

منھنجو محمد ' مير

 

ٿل:

محبّت جو مقصود

 

لائق ستائش جو ئي آھي

١.

ھردم آھن حامد ھزارين

 

ھڪڙو ھو محمود

٢.

خلقڻ بعد حبيب پنھنجي تي

 

خالق ٿيو خوشنود

٣.

ڪلفت واريون ڪوڙين واٽون

 

محب ڪيون مسدود

٤.

ڪھڙو تعارف ان جو ڪرايان

 

پاڻ شاھد مشھود

٥.

طالب مولا ان تي سدائين

 

آھھ سلام درود

١٥-٢-١٩٥٦ع

ھٿونگو

*

ٿل:

منھنجو محمد مير-مولا ڄاڻي

-

سرسو آھي سڀ صورت سان

١.

آھي قسم، ڪائنات ۾ ڪونھي

 

نرمل جو ڪو نظير

٢.

شمس اڳيانئس ٿو شرمائي

 

توڙي ماه منير

٣.

عامل، ڪامل عرب، عجم ۾

 

ڪل کان قريشي ڪبير

٤.

آھي فقير فقيرن ۾ ئي

 

پيرن جو خود پير

٥.

ڪاڻ بشر جي قادر ڪيڙو

 

بيشڪ سو ئي بشير

٦.

طالبُ مولا ننڍڙي کان ئي

 

عشق سندس جو اسير

٢٩-٩-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

ٿل:

حضرت پاڻ حسين-صلواعليٰ

-

مورھئون انھي جو ڪو مٽ ناھي

١.

ڪل کان قرارو امي، عربي

 

جوڙ نھ جنھن جا شرقي، غربي

عالم جو سو امين

٢.

منھنجو محب مليح جو آھي

 

سڀ سھڻن کان صبيح سو آھي

آھي حق اليقين

٣.

عالم جو اڳواڻ سو ٿِيڙو

 

قادر ان کي آھي ڪيڙو

سڀ جا صدر نشين

٤.

طالبَ مولا پنھنجو سوالي

 

ڪين ڇڏيائين ھرگز خالي

مون جھڙو مسڪين

٣١-١-١٩٥٧ع

ھالا

*

ٿل:          مٺا مير مرسل ولھن جو تون والي!

                وريو تو وٽان ڪو سوالي نھ خالي

١. ڪنن، ڪوجھڙن جو ھلي ڪونھ حيلو

تون ئي عيبدارن جو واھر وسيلو

مڙئي توکي پرتا ھي عالي موالي

٢. سدائين سڀيئي سندءِ در صدائي

پياڪن کي پيارج ڪا سرڪي سوائي

اسين آھيون ساقي! ستي جا سوالي

٣. تون رھبر اچي رس او ھيڻن جا حامي!

اي سردار سرور سندءِ جڳ سلامي!

ڪا لھھ سار منھنجي وجھي وک وصالي

٤. تون ئي آھين طالب جو ٻيو ڪير آھي

محمد مٺا! ھاڻ پرواھھ ناھي

سندم لڄ ۽ لڏ سڀ سڄڻ تو سنڀالي

١-١-١٩٥٦ع

بوقت سحر

حيدرآباد

*

ٿل:

سچ چيم تو کان سوا، منھنجي تھ ڪا ڪانھي ڳلي

 

ڪج ڪرم پنھنجو پيارا، اچ اڱڻ حاڪم ھلي!

١.

تنھنجون ارڏايون عجب، ڪھڙيون چئي ڪھڙيون چوان

 

تو پليو دل کي سڄڻ، مون کان نھ پنھنجي دل پلي

٢.

پاڻ ڏي ڏسجئين متان ڪو ڀيرڙو مون تان ڀڃين

 

تون ئي عاجز جو اجھو، تنھنجي اٿم دامن جھلي

٣.

مون تھ ڀانيو تنھنجي کسيم دل، مگر تو ئي کسي

 

واه ڙي سھڻا سڄڻ، ھي چال وئين ڏاڍي چلي!

٤.

عابدن ۽ زاھدن، پنھنجا عمل توشو ڪيا

 

عيبدارن سان ڪندين، بيشڪ ڀلارا تون ڀلي!

٥.

ٻي تھ سڀڪنھن جا وڏا ئي آسرا آھن ٿيا

 

مون نماڻي ۽ نڌر جو تون ئي ور، وارث، ولي

٦.

اي مٺا محبوب مرسل، جت نھ پڇندو ڪنھن کي ڪو

 

ات اچي سيد سچا، ھيڻي نھ ڇڏجان ھيڪلي

٧.

ڪوبھ دل کي خوف ڪونھي، ڪوبھ خطرو ڪونھ آھھ

 

طالب المولا ٿيو، ناصر نبي، آڌر علي

٩-٩-١٩٥٦ع

حيدرآباد

*

ٿل:          اونائج ھي عاجز جون سيد صدائون!

                سندءِ در ٿو عاصي ڪري التجائون

١. او سردار، سرور، شفيع آھين شافع!

سندو دردمندن نفع بخش، نافع

سڄڻ سيگھھ مان ڪر اگھي تي عطائون!

٢. سوا تنھنجي ناھي وسيلو ڪا اوھر

مٺا مير مرسل اجھو تون ئي آڌر!

خدا کان گھري ڪر بسم سڀ بلائون

٣. سفارش خدا وٽ سندم ڪر اي سرور!

عرض ڪج تھ عاجز تي رحمت عطا ڪر

خطادار جون بخش اڄ سڀ خطائون

٤. خدا کان گھري تندرستي عطا ڪر

طبيب آھين طالب جو ان تي نظر ڌر

سندءِ ھٿ ۾ آھن دعائون، شفائون

٨-١٢-١٩٥٦ع

وقت فجر

ھالا

*

ٿل:

عاجز جون التجائون

 

سيد تون سڻ سوڀارا!

 

مل مھل ۾ محمد

 

مشفق، مٺا، موچارا!

١.

توکي پرين پڪاريان

 

واٽون سدا نھاريان

 

سيد! سڻي صدائون

 

ڏي سيگھھ ۾ سھارا

٢.

سڏ ۾ تون سڏ ڏيين ٿو

 

محڪم مدد ٿيين ٿو

 

عربي! ڪي ڪر عطائون

 

او منھنجا جِي جيارا!

٣.

سائين! اھيان صدائي

 

دردن کان ٿِئي رھائي

 

ٿينديون دفع دوائون

 

منھنجا پرين پيارا!

٤.

نرمل! نراس ناھيان

 

اميدوار آھيان

 

خادم جون سڀ خطائون

 

بخشاءِ اڄ ڀلارا!

٥.

مٺڙا الله سائين

 

ڪر سھنج پڻ سدائين

 

ٿينديون بسم بلائون

 

ويندا ھي سور سارا

٦.

اي ھاشمي، قريشي!

 

ھرڪا ڪمي ۽ بيشي

 

نرمل سڻي ندائون

 

خرم ڪجئين خدارا!

٧.

مولا سندءِ مڃيندو

 

محبوبَ! مھت ڏيندو

 

سڀ ڏي وٺي شفائون

 

ڪل کان ڪثر، قرارا!

٨.

طالب تي يار ھٿ ڌر

 

پوريون مٺا مڙئي ڪر!

 

محبوب'! مدعائون

 

منھنجون پيار وارا!

٨-١٢-١٩٦٠ع

لاھور

*

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org