Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 4

 

جي ڀائين جاني لھان

 

پرھيزگاري پار

 

تھ وڃي پھچين پار

ھتي جون حقيقتون

 

رسنديون پريين پار

طالب مولا مرد ٿي

 

پر پرينءَ جي پار

پاريو پاريو پار

 

جي ڪيئي قول قريب سان

١٦-١٠-١٩٥٧ع

ھالا

*

جي ڀائين محب ماڻيان

 

ڪر پرھيزگاري پر

ھڻ صيقل سيني کي

 

تھ نور اچئي نظر

طالب مولا مرد ٿي

 

قربئون قدم ڀر

دل ۾ ڪٺو ڪر

 

محبت جي متاع کي

١٦-١٠-١٩٥٧ع

ھالا

*

رڳي زھد، عبادتون

 

ظاھر جا ضرر

ري پرھيز ڪين ملن

 

وحدت جا وکر

دلبر آھي دل ۾

 

پڇين ڇو ٿو پر

طالب مولا مرد ٿي

 

ڪر ڀلائي ڏي ڀر

آديسين اکر

 

اھي ڏسيا ڏيھھ کي

١٦-١٠-١٩٥٧ع

ھالا

*

پرھيزگاري پار

 

تھ ھادي حاصل تون ڪرين

نظر سڀڪا نيڪ کڻ

 

نحيف ٿي نھار

ھٿ ڀلي رک ھاج ۾

 

دل ڌڻي سان ڌار

طالب مولا مرد ٿي

 

دنيا کي ڌڪار

وک نھ پوئتي وار

 

قدم کڻج قرب جا

٢٥-١٢-١٩٥٧ع

ھالا

*

جي ڀانئين جاني لھان

 

رک پاڪائي، پرھيز

طالب مولا مرد ٿي

 

من کي ڏي مھميز

تھ لالڻ ڏي لبريز

 

ڀري قدح قرب جا

٢٦-١٢-١٩٥٧ع

ھالا

*

پِيندين قدح قرب جا

 

جي ٿيندين پرھيزگار

نشا ڪري نينھن جا

 

ٿي سڪر ۾ سرشار

پي تون سرڪ سڪ جي

 

ٿي مرد مڻيادار

طالب مولا مرد ٿي

 

تھ قرب ڪري ڪلتار

وحدت جو واپار

 

ويھي ڪر وجود ۾

٢٦-١٢-١٩٥٧ع

ھالا

*

پاري پر پرھيز جي

 

عبادت اجار

محبت رکج من ۾

 

وھمن کي نھ وھار

”قد افلح من تزکيٰ“ ڏي

 

نوڙت ساڻ نھار

طالب مولا مرد ٿي

 

پرھيزگاري پار

ڪر ڪا اھڙي ڪار

 

جنھن کان راضي ربّ ٿئي

٢٦-١٢-١٩٥٧ع

ھالا

*

عبادتون آھين

 

پرھيزگار ڪرڻ لاءِ

طالب مولا مرد سي

 

جي سينو نھ ساھين

اوڙون ڏيئي عشق سان

 

قلب کي ڪاھين

اندر واريءَ آگ ۾

 

پاڻ کي پاھين

رمز سان راھين

 

قريب پنھنجو قلب ۾

٢٧-١٠-١٩٥٧ع

ھالا

*

عبادت جو الله سان

 

نھ ويھي ڪر واپار

ڏي وٺ واري ڏيھھ ۾

 

ٿيج نھ گنھگار

اصلي عبد آھيين

 

ڪر عبديت اظھار

تھ ٿيندو ھر ھڪ ڳالھھ ۾

 

مولا مددگار

”طالب الدنيا مخنث“

 

بلڪل آھھ بيڪار

”طالب العقبيٰ مونث“

 

عورتن آچار

”طالب الموليٰ مذڪر“

 

ٿي مرد مڻيادار

جيتر ٿيبو ڪين ڪي

 

پڪو پرھيزگار

تھ قلب جو قرار

 

حاصل ٿيندو ڪونھ ڪو

٢٧-١٠-١٩٥٧ع

ھالا

*

 


 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org