Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 15

[22]

ٻڌان ٿو ٻين کان

 

ٻڌان ٿو ٻين کان

 

ٿا رئن راتو ڏينھن

وسائن پيا ورھھ ۾

 

منجھان اکن مينھن

نٿو ننڊ ڪرڻ ڏين

 

نانگو، نپٽو نينھن

شوق منھنجي جو شينھن

 

طالب ھيرايئون ھٿن سان

٥-١-١٩٦٢ع

ڪراچي

*

ٻڌان ٿو ٻين کان

 

ٿا راتو ڏينھن رئن

واٽون منھنجون ور ڏيو

 

پڇيو ٿا پڇن

شوق منھنجي جي شينھن کي

 

پيا پنھنجو ماس ڏين

پنھنجي ڪيي تي پاڻ ئي

 

رويو ٿا رئن

صلاح آھي سولي

 

تھ پاڻھي ئي پرچن

صحبتون صديقي جون

 

نٿيون تن وسرن

ھليا اڱڻ اچن

 

تھ کلي کيڪاريون تن کي

٦-١-١٩٦٢ع

ڪراچي

*

ٻڌان ٿو ٻين کان

 

ٿا رئن ڏينھان رات

اٺئي پھر اندر ۾

 

اٿن طالب جي ئي تات

منھنجي ئي مقال جي

 

وائي اٿن وات

پو اچن نٿا عجيب ڇو

 

ڇا ويا آھن ولات؟

ممڪن ڪونھي، منھنجو

 

نينھن ڏيندن نجاتِ

بخشان ھوند براتِ

 

جي ھلي اچن ھنج ۾

٧-١-١٩٦٢ع

ھالار

*

توکي ھئن حبيبَ

 

ڪئن وڇوڙو وڻيو!

محبّت ھيئي نھ من ۾

 

لالڻ يار لبيبَ

جو مورھئون منھن مٽي وئين

 

عاشق کان عجيبَ

طالب مولا کان پري

 

ناحق ٿئين نجيبَ

نرمل ڪنھن نصيبَ

 

پري ڪيئي پيار کان

٨-٧-١٩٦٢ع

راولپنڊي

*

 


 

[23]

لڪي ليام پاءِ

 

لڪي ليا م پاءِ تون

 

سامھون اچ سڄڻ!

تھ پرين ڏيانءِ پرت مان

 

محبّت سندا مڻ

مون وٽ ولر ورھھ جا

 

۽ دردن سندا ڌڻ

طالب وٽ آھي تنھنجي

 

ڳڻن سندي ڳڻ

ورھھ وارا وڻ

 

ڪڏھن ڏس قريب ٿي

 

*

 

لڪي ليا م پاءِ تون

 

سامھون سڄڻ اچ

ٻھڳڻ اڃا ٻري پيو

 

محبّت وارو مچ

طالبُ مولا ٿو چوئي

 

سھڻا سائين سچ

پرين تون پڻ پچ

 

جئن آئون پچان ٿو پرت ۾

 

*

 

لڪي ليا م پاءِ

 

سڄڻ اچ تون سامھون

جي درد اٿيئي دل ۾

 

تھ ٻيھر لنئون لڳاءِ

قدم پنھنجا قرب ۾

 

ويتر تون وڌاءِ

طالب مولا ساڻ ٿي

 

نيھي، نينھن نڀاءِ

نھ تھ چريو ڪين چواءِ

 

محبت واري ملڪ جو

 

*

 

لڪي پاءِ م ليا

 

سڄڻ اچ تون سامھون

جي ويھي وعدا تو ڪيا

 

سي پورا ڪين ٿيا

تھ بھ طالب مولا جا سڄڻ

 

تو سان پيچ پيا

محبّت واري ملڪ ۾

 

جي مئا سي جيا

ورھھ ٿي ويا

 

ملئي، ماڻھو مٺڙا!

 

*

 

ليا پاءِ م لڪي

 

سڄڻ اچ تون سامھون

پرين تنھنجي پيار جا

 

پيا چھڪ چِڪي

طالب مولا مست ٿيو

 

سڪ ۾ روز سڪي

تھ بھ دلبر تو ڌڪي

 

دلڙي پنھنجي در تان

٢٩-٨-١٩٦٤ع

تيزگام

*

 


 

[24]

جيڪر آئون ھجان!

 

ھجنم ور ورن تي

 

ڏنگايون ڏھوار

ٻيون ڪارايون قھر جون

 

ٽيا جلوا جوھردار

ڪر ڪاريھر جان کڻي

 

ڏاڍي ڏيان ڏيکار

وجھي ڪمند قرب جا

 

ڪريان شوق شڪار

ساري عمر عجيب وٽ

 

رکان غازي گرفتار

طالب مولا طالبن کي

 

ٻڌي وٺان ٻيھار

صبا لڳي تھ سر ۾

 

ھوند ٿِين ھٻڪار

جيڪر ھجان وار

 

مٿي تي محبوب جي

 

*

 

کڻيو ھميشه پيو ھلان

 

ڪاريھر جان ڪر

ڪڍي ڇڏيان نھ ڪنڌ مان

 

ويتر وجھان ور

نانگ بلائون ڇا ڪندا

 

ٻيا کپايان کپر

سامھون اچن سورما

 

تھ ڏنگي ڪڍان ڏر

طالب مولا تن کي

 

ھوند پوي پوءِ خبر

ھجان ھا جيڪر

 

ڪارا ڪيس قريب جا

 

*

 

مون ۾ ھردم ئي ھجن

 

ڪي وڏا جاه، جلال

رکان نوري نسبتون

 

۽ ڪمال تي ڪمال

سج چنڊ منھنجي سامھون

 

ظاھر منجھھ زوال

ھمسر ھجي ڪونھ ڪو

 

۽ جوڙ نھ ڪي بھ جمال

جھڪن اچي جود مان

 

لاکيڻا ڪئين لال

طالب مولا، مون جيان

 

ڪنھن کي ڪانھ مجال

ميٽي ڇڏيان ملال

 

جي پرينءَ پيشاني ھجان

 

*

 

جيڪي منھنجي صبح سان

 

اچي زيارت ڪن

تھ سڀني جا سڀئين پرئين

 

ھوند ڀلا بخت ٿِين

سڄو ڏينھن سکن ۾

 

پيا کلن ۽ ڪڏن

جتي وڃن جڏھين

 

تھ مڙني ۾ مرڪن

ڪانئر ٿين ڪين ڪي

 

پر فاتح ئي رھن

گھنڊ وجھي جي گھور ڏيان

 

تھ مئا جِي جين

طالب مولا تن کي

 

نھ ڪوسا واءُ لڳن

مون کي مڙيو ڏسن

 

جي جبِين جاني جي ھجان

 

*

 

عاشقن کي اشارن جا

 

جام ڪرايان جڃ

لاھيان ھوند ذري ذري

 

سندن اندر جي اڃ

ڪرايان قرب جا

 

پلپل پلپل پڃ

لاھي ڇڏيان لحظي ۾

 

ڏاکڙا ۽ ڏڃ

طالب مولا محبّت جي

 

سيبايان سڃ

پو صفن جون صفون ڀڃي

 

بلڪل وجھان ڀڃ

ماري ڪريان مڃ

 

جي ابرو ھجان عجيب جا

 

*

 

تلوارن کي اھڙو

 

ڪٿي ھوندو آبُ؟

خنجر خود جھڪي پون

 

تبرون پڻ بيتاب

سينڱون سوين ھجن

 

تھ بھ منھنجو ڪونھ جواب

پھرين ماھھ شوال جي

 

اڳتان مون بي آب

ھو ابرو ابتو آسمان جو

 

آئون سڄڻ وٽ صواب

طالب مولا تعريف ۾

 

منھنجي حد نھ حساب

مون وٽ جھڪي محراب

 

جي ابرو ھجان عجيب جا

 

*

 

اک ڇنڀ ۾ آڻيان

 

عجيبُ انقلابَ

دلن کي ڌڙڪائيان

 

شوقئون منجھان شتاب

ڦريو ڦريو ڦٿڪائيان

 

شوقينن شباب

لحظي اندر لاھيان

 

ھيڪاري حجاب

طالب مولا تن کان

 

وٺان ھزارين حساب

نھ منھنجا ھجن جواب

 

جي ھجان ڇپر حبيب جا

 

*

 

ھوندس حاضر ھر گھڙي

 

مٿي ميدانن

چيف ڪمانڊر ٿي ڪري

 

سان سوين سپاھن

ھڪدم منھنجي حڪم تي

 

ھردم جي ھلن

بلڪل بيباڪي سان

 

ور ور ڏيو ورھن

ھردم رکن ھٿ ۾

 

محڪم مشين گن

بَڇان کڻي تھ بي ڊپا

 

ڪنھن مان ڪين گسن

جيڪو اچين اڳيان

 

تنھن کي قتل ڪن

سستِي ھجي ڪانھ ڪا

 

طالب مولا تن

اھي سڀيئي ئي صفتون

 

پوريون منجھھ پنبڻن

لاھيان ور وڏن

 

جي ھجان ڇپر حبيب جا

 

*

 

نھاريان نھ نھوڙيان

 

ڪيئي جنگ جوان

گھور ڏيان تھ گھائيان

 

ساري جڳ جھان

نظر اينھين نڪري

 

جئن گز منجھان ڪمان

اک نھ کڻن اڳيان

 

سورھھ ۽ سلطان

ڪنڌ نمائن ڪوڙيون

 

ٻيا خانن سندا خان

دوناليون دٻجي وڃن

 

مورھئون منجھھ ميدان

”ٿِري ناٽ ٿِري“ ۾

 

ڪٿي اھڙا ڪان

ائٽم اينھين ڪيئن ڪندو

 

جئن آئون ڪندس احسان

ڪران تھ بجلي ٿي ڪران

 

پر دھرا ڏيان دان

سڪا پڻ ساوا ڪريان

 

اندر جا ارمان

طالب مولا ڀريان

 

دردن سان دامان

دانا ڪريان نادان

 

جي اکيون ھجان عجيب جون

 

*

 

نظر کپائي نھاريان

 

ڪري جذبا جانانا

تھ واعظ، شيخ ۽ محتسب

 

ڪريان مڙئي مستانا

زاھدن وڃن وسري

 

فرض دوگانا

شاھي شاه ڇڏي ٿين

 

بلڪل بيگانا

وڃن قلندر وس کان

 

ڪن رقص رندانا

ساقن وڃن وسري

 

پيارڻ پيمانا

طالب مولا ڪئين ڪريان

 

آئون دانا ديوانا

جنگ ڀرن جانا

 

جي اکيون ھجان عجيب جون

٢٧ شوال ١٣٨٧ھھ

٢٨-١-١٩٦٨ع

ڪراچي

*

ڏسي ملاحت منھنجي

 

گل ڦل شرمائين

موسم جا محتاج ھو

 

ھي اينھين ئي آھين

خزان اچي تھ خوف کان

 

کڻيو پلؤ پائين

پنھنجن پراون ۾

 

ڪو فرق نھ فرمائين

سونگھڻ ڏين سڀن کي

 

۽ عبرت نھ کائين

ھٿ لڳي نھ حجاب ڪن

 

کڻيو ڪنڌ نائين

ڪڇن پڇن ڪين ڪي

 

جي ڳچي ڪي پائين

طالب مولا پاڻ کي

 

وڃو وڪڻائين

مٽ سٽ منھنجو مورھئون

 

ھو ڪڏھين ئي ناھين

آئون حجت نھ رکان ھڪ سان

 

کڻي چاھئون ڪئين چاھين

ڳڻ سوين ڳائين

 

جي ھجان ڳل عجيب جا

 

*

 

بلبل ڀلجي ھوند پئي

 

اھڙا ھجنم انگ

پنھنجي لالائي لال ٿيان

 

ڪريان دلبري ۾ دنگ

وجھان پري کان پيار جا

 

ٻھڳڻ ٿي ڪي ٻنگ

اچي جھڪن اڳيان

 

عاشق ڪئين اڙٻنگ

مون ۾ بوءِ بھار جي

 

واسيان پيو جھر جھنگ

طالب مولا مون مٿي

 

پلپل اچن پتنگ

ھزارين حيران ٿين

 

ڍولڻ ڏسي ڍنگ

توري ڇڏيان تنگ

 

جي ھجان ڳل عجيب جا

 

*

 

شوقئون شاعرن کان

 

ڳڻ پيو ڳارايان

ڪوڙين ڪافر پيا چون

 

تھ بھ مٺيان نھ ڀانيان

ويھي ڪعبي وچ ۾

 

مسلمان بنايان

آنء ڪارو ڪارو ئي رھان

 

پر سوين سڪايان

نظر لڳڻ ئي ڪانھ ڏيان

 

حفاظت ھلايان

دشمن سندو داغ ٿيان

 

سڄڻن سيبايان

بخت ڀلا ڀايان

 

جي طالب مولا تِر ھجان

 

*

 

مون کي ملاحت تي

 

ڏي فائق فضيلت

کوليان آئون عجيب جي

 

ڪارو ٿي قسمت

وڌي حسن حبيب جو

 

منھنجي معرفت

نھوڙيان سڀ ناظرو

 

منجھھ ھجان حفاظت

لکين لکندا ئي رھن

 

منھنجي صاف صفت

جت ذڪر منھنجو تھ اچي

 

ٿئي اوڻائي البت

مڻين مون  لئي ئي ھجي

 

محبن وٽ محبّت

اعليٰ مليم عزت

 

جي طالب مولا تِـر ھجان

٢٨ شوال ١٣٨٧ھھ

٢٩-١-١٩٦٨ع

ڪراچي

*

ڌريان اوڏاھين ڌيان کي

 

جيڏھن طلب تڻ

اتبار نھ ڪريان ڪنھن ڳالھھ تي

 

جيتر ڳڻيان نھ ڳڻ

ٻڌان نھ ٻولي سان ٻڌان

 

جنھن ۾ محبّت مڻ

اھو سمجھان ۽ سڻان

 

جنھن ۾ ورھھ واري وڻ

طالب مولا پيو ڪريان

 

رڳي ڇنڊ ۽ ڇڻ

سڻان نھ ٻي ڪا سڻ

 

جي ھجان ڪن قريب جا

١٤ شوال ١٣٨٧ھھ

١٣-١-١٩٦٨ع

ڪوئٽا

*

ٻيون ٻوليون وجھان ٻن

 

جن ۾ رڳي جار

مٺا ٻول رڳو ٻڌان

 

ٻيا ھڙئي ڇڏيان ھزار

گلا غيبت جي ھجي

 

تھ ٻوڙو ٿيان ٻيھار

سڻان سمجھان ڳالھھ سا

 

جنھن ۾ پختا پيار

سڏ جن ۾ سڪ جا

 

تن آوازن سان آر

طالب مولا تن ڏي

 

ڌيان ڏيان ڏھوار

ھي ڪرم ڪري ڪلتار

 

جي ڪن ھجان قريب جا

٢٧ شوال ١٣٨٧ھھ

٢٨-١-١٩٦٨ع

ڪراچي

*

ڪٿي منھنجو ڍنگ ٿئي

 

ڪٿي انبَ جي ڦار

ڀلا قوس قزح ڪٿي

 

ڪٿي منھنجا پار

ڪٿي تشبيه تبر جي

 

ڪٿي منھنجي ڌار

طالب مولا جڳ ڪندو

 

پلپل منھنجي پچار

سيکاٽيان سردار

 

جي ھجان نڪ نجيب جو

٢٧ شوال ١٣٨٧ھھ

٢٨-١-١٩٦٨ع

ڪراچي

*

ڪٽي ڇڏيان ڪيترا

 

خنجر سڀ خمدار

دڙٻاٽيان دوناليون

 

محڪم ڪري مار

برھھ منجھھ بنائيان

 

بيحد بيقرار

طالب مولا تڪڙ مان

 

سامھون اچن سردار

تھ ويتر ڪريان وار

 

جي ھجان نڪ نجيب جو

٢٧ شوال ١٣٨٧ھھ

٢٨-١-١٩٦٨ع

ڪراچي

*

مرڪي محبوبن جو

 

شان وڌايان

سڌون ڪري سڀڪو

 

تھ چميو آئون چمان

پر اچڻ نھ ڏيان اوڏڙو

 

ويجھو ڪين وڃان

لکين نھ پڇن لعل کي

 

جنھن ۾ ڪانھي جان

ياقوت ياد ئي نھ پوي

 

مورھئون ٻي مرجان

عزت نھ ٿئي عقيق جي

 

جو شايان نھ منھنجي شان

طالب مولا جي کلان

 

تھ موتي ڪڍي ڏيان

لعاب ساڻ لڳان

 

لالڻ جا جي لب ھجان

١٢ شوال ١٣٨٧ھھ

١٣-١-١٩٦٨ع

ھالا

*

بند ھجان تھ بلڪل ئي

 

رعبَ ڄمايان

چران تھ چرپر چؤطرف

 

بيتابيون ڀايان

مرڪان کڻي تھ مورڳو

 

بيخود بنايان

کلان تھ ساري لوڪ ۾

 

لو لو لٽايان

کلان تھ سر سرھو ٿئي

 

ھٻڪار ھلايان

ڳالھايان تھ ڳڻن جا

 

گل ڦل ورھايان

ڪئين راڻا رلايان

 

لالڻ جا جي لب ھجان

١٢ شوال ١٣٨٧ھھ

١٣-١-١٩٦٨ع

ھالا

*

دليون نھ دکايان مورھئون

 

نھ واتان وڃايان

پراون کي پيار سان

 

پنھنجو بنايان

ھرڪو حيرت ۾ پوي

 

سي ٻول ٻڌايان

طالب مولا ھر گھڙي

 

ڳڻ ئي ڳالھايان

سڀني سيبايان

 

جي ھجان دھن حبيب جو

١٦ صفر ١٣٨٨ھھ

١٥-٥-١٩٦٨ع

اسلام آباد

*

وعدا سڀ وفا ٿين

 

۽ پورا ڪريان پيمان

سچ سدائين سليان

 

ڪوڙ ڳالھايان ڪان

لڏان لچڪان ڪين ڪي

 

سيف ٿيان سبحان

دشمن سڀ دٻائيان

 

درس ڪري دھمان

ڳڻن پريون ڳالھيون ڪريان

 

ھجان نھ جيئن حيوان

مڻين مٺايون ڏيان

 

جوڙي جڳ جھان

طالب مولا طلب جا

 

بيحد ڪريان بيان

دھرا رکان ڌيان

 

جي لالڻ جي لسان ٿيان

٢٨ شوال ١٣٨٧ھھ

٢٩-١-١٩٦٨ع

ڪراچي

*

اڇو مليم آب پيو

 

جھڙو عرق گلاب

لاھيان اڃ ذري ذري

 

شوقئون پيان شراب

پڙھان روز پرينءَ وٽ

 

بيخودي جا باب

ملنم آب حيات مان

 

نشا ڪئين ناياب

طالب مولا محب سان

 

ھجنم ڪين حجاب

لڳان ساڻ لعاب

 

جي لالڻ جي لسان ٿيان

٢٨ شوال ١٩٨٧ھھ

٢٩-١-١٩٦٨ع

ڪراچي

*

مون کي ڏسي تھ ڦٽو ڪري

 

ساقي صراحِن

ھٿ لائڻ تھ پري ٿيو

 

ھو گڏي گلاسن

بلڪل ئي ڀڃي ڪري

 

پرزا پيمانن

وساري ويھي رھي

 

موکي کي مٽن

حيرت ۾ حيران ٿي

 

چٻي ھوند چپن

طالب مولا جي اينھين

 

ٺاھيس ڌريئون ڌڻن

تھ ڪونجون ڪر نھ کڻن

 

جي ڳڻن ڀري ڳچي ھجان

٢٩ شوال ١٣٨٧ھھ

٣٠-١-١٩٦٨ع

ڪراچي

*

تڪبر تباه ڪري

 

منجھھ مٽي ملايان

سٺي سرفرازي کي

 

گردن جھڪايان

اوچا ٿي اچن جي

 

سي ڪنڌ نمايان

تڪڙن جي بھ تڪڙ کي

 

ھيڻو ھلايان

مٿي ڦريل جي مورڳو

 

آڪڙ اڏايان

پنھنجي اڳيان پيرن جون

 

ٻانھون ٻڌايان

زيردستيون زور سان

 

مخدومن مڃايان

محتسبن کي مورھئون

 

ڳٽ ڳچي پايان

واعظن جا ور ڪڍي

 

تن کي نمايان

لاھي شيخي شيخ جي

 

سڌو سمجھايان

پاڻ نمي پاڻ کي

 

ليڪو نھ لايان

پر طالب مولا اندر ۾

 

نوڙتون نپايان

ڪنڌ نھ ڪٿي نايان

 

جي ڳڻن ڀري ڳچي ھجان

٢٩ شوال ١٣٨٧ھھ

٣٠-١-١٩٦٨ع

ڪراچي

*

عجب وٺي عام کي

 

ٻي ھڪدم حيراني

تعريفون ڪن تڪڙيون

 

ڏسي نفاست نشاني

پاڻي پيان تھ ڏسجي

 

ٿيان نھر نوراني

طالب مولا آئون ھجان

 

لوڪئون لاثاني

نڪري ھر زبان مان

 

جاني ڙي جاني!

ڪن سارھھ سبحاني

 

جي ھجان حلق حبيب جي

١٣ صفر ١٣٨٨ھھ

١٢-٥-١٩٦٨ع

ڪوئٽا

*

ڳايان کڻي تھ ڳڻن جا

 

کٽڻھار کڙن

ٿين رس رھاڻيون

 

۽ نغما نوازجن

ققنس کڻي نھ ڪنڌ کي

 

نھ ڪونجون ئي ڪرڪن

سر لڳن جي سرن تي

 

تھ ميون دليون جين

اکيون بيماريل برھھ جون

 

غسل صحت جو ڪن

طالب مولا طلب جون

 

باھيون ڪئين ڀڙڪن

وار بھ اڀا ٿين

 

جي  آواز ھجان عجيب جو

١٣ صفر ١٣٨٨ھھ

١٢-٥-١٩٦٨ع

ڪوئٽا

*

بلڪل بس ڪري وڃي

 

طوطو نھ ڪري تنوار

قمري ڪو ڪو کي ڇڏي

 

تھ چيھو ڪري چونگار

ڪوئل ڪوڪون وسرن

 

نھ مور کولي منقار

ققنس خود ڪنبي وڃي

 

پئي حيرت ۾ ھيڪار

ريبيان ربابن کي

 

گس نھ وٺن گيتار

جلترنگ جڏو ٿئي

 

نڙ نھ وڄي نروار

وسري وڃن مورڳو

 

وايولن وھنوار

الغوزا عجب ۾

 

نھ سرمنڊل سر تار

سارنگي سڪتي ۾

 

مرلي تھ اڳ مردار

ڪرشن ھجي تھ ھٿ ۾

 

ٿئيس بنسري بيڪار

زرياب ڪري زاريون

 

ھڪدم مڃي ھار

خسرو اچي تھ خبر پئي

 

سڏائي نھ ستار

ابن سينا عجب ۾

 

ٻيا مڙئي موسيقار

طالب مولا جي کڻي

 

آلاپيان آزار

جيڪر ربّ غفار

 

آواز ڪيس عجيب جو

١٤ صفر ١٣٨٨ھھ

١٣-٥-١٩٦٨ع

ڪوئٽا

*

جوڙ نھ ڪوئي جڳ ۾

 

نھ منھنجو ٻيو نظير

مصحف تشبيه منھنجي

 

آئون ان جو پڻ تفسير

آئون چِھرو چھرو چنڊ کان

 

اصل ۽ اڪسير

ھجي مھندان منھنجي

 

مٺو ماه منير

طالب مولا آئون ھجان

 

اصلئون عالمگير

قادر ربّ قدير

 

جي منھن ڪري محبوب جو

١٤ صفر ١٣٨٨ھھ

١٣-٥-١٩٦٨ع

ڪوئٽا

*

نڪران جڏھن نقاب مان

 

تھ طلبون ٿين تمام

نور ھجيم نراڙ ۾

 

۽ جلوا ھجن جام

تجلي سندي تاب کان

 

اکيون جھڪائي عام

نھاريان تھ نمي پون

 

غازي ٿين غلام

قربئون ڪيئي ڪن اچي

 

سدائين سلام

طالب مولا ڇا چوان

 

۽ ڪھڙا ڪريان ڪلام

حاصل مطلب ھي ٿيو

 

تھ حسين نھ ھڻن ھام

منھنجا سي مقام

 

جو چوڏھين مٽ نھ منھنجو

١٤ صفر ١٣٨٨ھھ

١٣-٥-١٩٦٨ع

ڪوئٽا

*

ھٿڙا لائن ھيج مان

 

جودئون ڪيئي جھڪن

ڏين سوين ئي سجدا

 

نيتئون اچو نمن

دل وارا ڪئين دل سان

 

ڌوئي پاڻ پين

ڪي چنبڙي چنبڙي چنبڙي

 

مورھئون منٿون ڪن

عاشق سر کي جيئن رکن

 

تھ مورھئون مٿي نھ کڻن

طالب مولا تھدليئون

 

پڻ نذر سر ڏين

چاھئون لکين چمن

 

پير پرينءَ جا جي ھجان

١٥ صفر ١٣٨٨ھھ

١٤-٥-١٩٦٨ع

ڪوئٽا

*

جتان واٽ وٺي وڃان

 

۽ قدم گھمايان

تھ سڪل سر ساوا ڪريان

 

پڻ ڦٽا وسايان

بخت ڀلارا تن سندا

 

جن پاڻ چمايان

جيڪي پيراندي وھن

 

سي شاه بنايان

پاڻ ڊگھاريان جن ڏي

 

تھ فيض فرمايان

طالب مولا محبّت جا

 

مينھن وسايان

تن جا شان وڌايان

 

پير پيرينءَ جا جي ھجان

١٥ صفر ١٣٨٨ھھ

١٤-٥-١٩٦٨ع

ڪوئٽا

*

ميندي رتا تھ ملڪ ۾

 

کڻي ڏسبا تھ کوڙ

پر اصلي جيڪي ڳاڙھڙا

 

سي ڪٿي آھن ڪروڙ

جاني جھڙا نھ لڀن

 

ڀل ڏجي وڃي ڪا ووڙ

سوچيل سمجھيل ڳالھھ جي

 

ڪئي طالب مولا توڙ

تھ ڪٿي پير پرينءَ جا

 

ڪٿي ڳاڙھا موڙ

ڪٿي جباري جوڙ

 

ڪٿي ھاج ھٿن جي!

١٥ صفر ١٣٨٨ھھ

١٤-٥-١٩٦٨ع

ڪوئٽا

*

جيڪر ھجان وار

 

مٿي جا محبوب جي

ڌوپي واسي نڪري

 

ڦڻيون ڪري ڦوڪار

ملي مکي مشڪ سان

 

ڪري خوشبودار

ھر ھر لائي ھٿڙا

 

مٺا ۽ من ٺار

وجھي گل گلاب جا

 

بيھي منجھھ بھار

پائي ڏاڻ ڏھھ دفعا

 

سرسا ڪري سينگار

پلپل ڏيم پيار

 

طالب مولا مست ٿي

٢٨ شوال ١٣٨٧ھھ

٩-١-١٩٦٨ع

ھالا

*

سڳيون ھڻي يار جون

 

ٿي پٺن تي پوانس

بلڪل بي حجاب ٿي

 

چاھھ منجھان چنبڙانس

ڪس ڪريانس ڪس تي

 

پر ماڳھين مس ٿيانس

ڍءُ ٿئي ئي ڪونھ ڪو

 

پيو ڏينھاڙي ڏسانس

طالب مولا تھدليئون

 

وريو وريو وڻانس

ڏاڍو ھوند ٺھانس

 

سرتِن سندي سٿ ۾

٢١ شوال ١٣٨٧ھھ

٢٢-١-١٩٦٨ع

لاڙڪاڻو

*

چمان پيشاني پيار مان

 

ھوءَ نرمل، نوراني

تھ بھ حيا ڪري ڪين ڪي

 

دلبر، دل جاني

طالب مولا تنھن جي

 

ڪريان سر تي سلطاني

پوڄيان پيشاني

 

جي الي ھجان عجيب جي

٩ شوال ١٣٨٧ھھ

١٠-١-١٩٦٨ع

ھالا

*

پائي پاڻھي پاڻ مان

 

دوست دل جاني

سينگاريانس سڀئين پرئين

 

نظرون نوراني

لڳي ھوند ھرڻ کي

 

ھڪدم حيراني

طالبَ مولا جي ڪري

 

اھا آساني

تھ ڪجل ٿي ڪاني

 

ڪارن کي ڪڪوريان

١٠ شوال ١٣٨٧ھ

١١-١-١٩٦٨ع

ھالا

*

سڪايا سون کي

 

۽ ڇرڪ بھ ڇڏايان

سھڻن کي سوين ڀتئين

 

چوڏس چمڪايان

بي پرواھن جا پِر ڏي

 

ڪئين ڌيان ڇڪايان

طالب مولا تن کي

 

کڻي طلبن ۾ تايان

ھر ھر ھرکايان

 

جي ھيرو ھجان حبيب جو

١٤ صفر ١٣٨٨ھھ

١٣-٥-١٩٦٨ع

ڪوئٽا

*

ڳاڙھن ڳاڙھن ڳلن تي

 

لڳيو روز لڳان

ھو پڻ چمن چاھھ مان

 

آئون پڻ چميون ڏيان

طالب مولا تِر کي

 

ماڳھن ڪس ڪيان

رمز ڀرئي رخسار سان

 

مورھئون مس ٿيان

سدائين سھاڳ ٿي

 

سڄڻن کي سونھان

ٿين بخت سنوان

 

نرمل جِي جي نٿ ھجان

١٣ شوال ١٣٨٧ھھ

١٣-١-١٩٦٨ع

ھالا

*

ڳڻن ڀري ڳچي کي

 

پلپل ڪريان پيار

محبّت مان مٺيون ڏيان

 

ھر ھر ۽ ھزار

طالب مولا طلب مان

 

ٿيان جاني جا جنسار

بخت ٿين بيدار

 

تھ جھومڪ جاني جا ٿيان

١١ شوال ١٣٨٧ھھ

١٤-١-١٩٦٨ع

ھالا

*

لٽڪي لٽڪي لٽڪي

 

حسن وڌايان

چمڪي چمڪي چمڪي

 

ڪئين مست بنايان

لڏندي لڏندي لڏندي

 

دليون ڌڙڪايان

پاپِڙن کي پيار سان

 

لڏيو لڏايان

طالب مولا پاڻ کي

 

لالڻ سان لايان

لعلون لڄايان

 

جي ايرينگ ھجان عجيب جا

١٦ صفر ١٣٨٨ھھ

١٥-٥-١٩٦٨ع

اسلام آباد

*

پرين جيئن پائين

 

تھ چمان روز چپن کي

طالب مولا ھوند ھو

 

لبن سان لائين

آءٌ مٺن ڏيڻ کان نھ مڙان

 

ھو ھر ھر ھٽائين

حبيبَ ھنڍائين

 

بولو بنجي جي پوان

١٣ شوال ١٣٨٧ھھ

١٤-١-١٩٦٨ع

ھالا

*

لبن ساڻ لڳي لڳي

 

ڪريان لعل نشان

چٻاڙي چس وٺي

 

عجيب ڪري احسان

طالب مولا ھن ڏي

 

دم دم آھي ڌيان

جيڪر ٿيان پان

 

تھ لڳان ھوند لسان سان

١٣ شوال ١٣٨٧ھھ

١٤-١-١٩٦٨ع

ھالا

*

ھجان جي حبيب جو

 

چوکو چندن ھار

ڳھڻو ٿيانس ڳچي ۾

 

پلپل وٺانس پيار

پيو لڳان پرينءَ جي

 

سيني تي صد بار

مٺيون ڏيانس مٺِن تي

 

۽ چمانس وار وار

طالب مولا ٿي پوان

 

دلبر جو دلدار

ٿيان سڄڻ جو سينگار

 

سڄڻ نھ سينگار منھنجو

٢٢ شوال ١٣٨٧ھھ

٢٣-١-١٩٦٨ع

ھالا

*

جيڪر جاني جو ٿيان

 

بلڪل بازو بند

تھ وجھانس قرب ڪمند

 

طالب مولا تھدليئون

١٥ شوال ١٣٨٧ھھ

١٦-١-١٩٦٨ع

ھالا

*

جيڪر جاني جي ھجان

 

ٻانھين کنجاري

ڪنڌ ھيٺ رکيم قرب مان

 

ٿيان ٻلھار ٻيھاري

طالب مولا آئون ٿيان

 

ھوند پِر کي پياري

وتان سينگاري

 

ٻھڳڻ سندي ٻانھن ۾

٢٥ شوال ١٣٨٧ھھ

١٦-١-١٩٦٨ع

ھالا

*

جيڪر ھجان گھڙي

 

تھ ٻک وجھانس ٻانھن ۾

نرمل نگاھون کڻي

 

لالڻ مون ڏي لڙي

طالب مولا تنھن سان

 

اچيم پرت پڙي

پايانس ڪا ڪڙي

 

ڪرائي ۾ قرب جي

١٨ شوال ١٣٨٧ھھ

١٩-١-١٩٦٨ع

ھالا

*

منڊي ٿيان محبوب جي

 

تھ ھٿ ۾ پئي ھجانس

سنھڙيون سھڻيون آڱريون

 

چميو چميو چمانس

ھردم پيئي ھٿ ۾

 

سدائين سونھانس

ويجھي ھجانس وجود کي

 

لونءَ لونءَ ساڻ لڳانس

ويتر آئون وڻانس

 

طالب مولا تھدليئون

١٩ شوال ١٣٨٧ھھ

٢٠-١-١٩٦٨ع

ھالا

*

جيڪر ھجان چيلھڪي

 

تھ چيلھھ چمان چؤڌار

چنبڙان ۽ چھٽانس پئي

 

ٻک وجھي ٻيھار

پري نھ ڪري پاڻ کان

 

ٿيان سندس ئي سينگار

واھھ جا چمانس وار

 

طالب مولا طلب مان

٢١ شوال ١٣٨٧ھھ

٢٢-١-١٩٦٨ع

لاڙڪاڻو

*

پازيب ٿي پرينءَ جا

 

پلپل پير چمان

پانچو پري جي ٿئي

 

تھ جلوا جام ڏيان

رمز ڀري رفتار تي

 

ڇيريون ٿي ڇمڪان

قدم قدم تي واھھ جو

 

ناچو ٿي نچان

ميندي رتڙن جي مٿان

 

ڪري ٺاھھ ٺھان

سھاڳ ٿي سونھان

 

طالب مولا تن کي

٢٣ شوال ١٣٨٧ھھ

٢٤-١-١٩٦٨ع

ھالا

*

ميندي ٿيان محب جي

 

تھ پيرن تي ھڻن

مون کي ڏسي محبوب تي

 

سوين پيا سڪن

سرتيون، ساھيڙيون مڙئي

 

چاھھ منجھان چنبڙن

طالب مولا طلبون

 

چريون ھيئن چون

پرين لائي پيرن

 

تھ بخت ڀلارا ڀائيان

٢٠ شوال ١٣٨٧ھھ

٢١-١-١٩٦٨ع

دادو

*

جيڪر ٿيان ڀتِ

 

حويلي حبيب جي

پسان روز پرينءَ کي

 

نھاريان مان نرت

پاريان پيو پرت

 

طالب مولا تنھن سان

٢٦-٦-١٩٥٤ع

ھالا

*

جيڪر ٿيان زمين

 

حويلي حبيب جي

مٿان پير پرينءَ جا

 

جتي ھيٺ جبِين

ھو ھلي سدا ھيج مان

 

مٿي مون مسڪين

تھ ڪريان آئون آمين

 

جي طالب مولا ايئن ٿئي

١ شوال ١٣٨٧ھھ

٢-١-١٩٦٨ع

ھالا

*

جيڪر ٿيان آستان

 

دوست سندي در جي

تھ اورانگھڻ جا انيڪ ھو

 

عجيبُ ڪري احسان

طالب مولا جنھن جا

 

درشن ئي درمان

ھجن ھرگز ڪين ڪي

 

سورن جا سامان

اندر جا ارمان

 

پورا پلپل ۾ ڪريان

٧ شوال ١٣٨٧ھ

٨-١-١٩٦٨ع

ھالا

*

جيڪر ٿيان ٿانءُ

 

پرينءَ لاءِ پيڻ جو

رکان چپ چپن تي

 

عجيب جي آنءَ

طالب مولا شل ڏئي

 

ڏاتر اھڙو ڏانءَ

وٺي نرمل نانءُ

 

لڳان روز لبن سان

٥ شوال ١٣٨٧ھھ

٦-١-١٩٦٨ع

ھالا

*

درسني ٿيان دوست جي

 

تھ اڳيان ھجيم عجيب

سھڻل يار صفا ڪري

 

ھٿن ساڻ حبيب

ڏسي مون ڏي ڏھھ دفعا

 

مرڪي محب، مجيب

وڃان جي وڃائجي

 

تھ نھاريم نجيب

طالب مولا ھيئن ٿئي

 

تھ قربئون وٺي قريب

اھڙو ٿئي نصيب

 

جو ھردم ھجانس ھٿ ۾

٧ شوال ١٣٨٧ھھ

٨-١-١٩٦٨ع

ھالا

*

جيڪر ٿيان ھنڌ

 

پنھنجي جاني يار جو

تھ ملائي مون سان سمھي

 

سينو ۽ سنڌ سنڌ

مون تي رکي محب سو

 

ھر ھر قربئون ڪنڌ

طالب مولا تنھن لاءِ

 

پري ڪريان نھ پنڌ

محبّت وارو منڌ

 

پئي پياريندو رھي

٢ شوال ١٣٨٧ھھ

٢-١-١٩٦٨ع

ھالا

*

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org