Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 7

 

ڍولڻ آھي ڍڪ

 

ڍولڻ ڍڪڻ ٿيو

 

ٿو ڍڪي عيب اپار

ڪري ٿو ڪرم جي

 

نافع پاڻ نھار

ڏھاڙي ڏئي ٿو

 

پياسن کي پيار

غافل گنھگار

 

ٿو بخشي پنھنجي ڀال سان

٧-١١-١٩٥٧ع

ھالا

*

ڍولڻ آھي ڍڪ

 

ڪڍي عيب نھ ڪنھن جا

محب جو مرڪ

 

اھو آھي اصل کان

٧-١١-١٩٥٧ع

ھالا

*

محب آھي منھنجو

 

ماکي کان بھ مٺو

اينھين ڪنھن نھ ڏٺو

 

جئن مون ڏٺو محبوب کي

٧-١١-١٩٥٧ع

ھالا

*

ڪڏھن ڪرڪيو ڪين

 

ڏوراپو ڏيئي

ھٿان مون پيئي

 

تھ بھ ڪوسو ڪونھ قريب ٿيو

٧-١١-١٩٥٧ع

ھالا

*

پسيو عيب پانھنجا

 

پيا ڏوھھ ڏڪن

اسان پارا عجيب جي

 

نٿا منھن چڙھن

ھو ڏھھ ڏھھ ڀيرا ڏينھن ۾

 

ٿو معافيون ڏي مٺن

طالب مولا تڏھين

 

ٿا لڙيو لڙڪ پون

ڏسيو قرب قريب جا

 

ٿيون اوڇنگارون اچن

تھ ھھڙا حبيبن

 

پنھنجا ڀال ڀلائيا!

٧-١١-١٩٥٧ع

ھالا

*

ڪڏھن ڪو نھ ڏٺوم

 

منھن مٽيل محبوب جو

جي منھن، ميرائي پانھنجي

 

ڍولڻ اڳيان ڍڪيوم

۽ پري ويٺس پرينءَ کان

 

جو ڏاڍو شرم ٿيوم

طالب حال حبيب وٽ

 

نھوڙيل نيوم

تھ بھ سڄڻ سڏ ڪيوم

 

ڀيري ڀيري ڀال سان

٧-١١-١٩٥٧ع

ھالا

*

منھن مٽيو ڪين ڪي

 

ڪڏھن قريبن

پاڻان ڄاڻي پاڻ ٿيا

 

اوٽ سندي عيبن

لوڪ لوڌي ڪڍيو

 

ڏنو اجھو عجيبن

عاجز جو علاج ٿيا

 

جو تڙيو طبيبن

طالب مولا مليو

 

نرمل نصيبن

ھميشه ھن ڳالھھ جو

 

آھي مجرو مجيبن

تھ ھيڏو حبيبن

 

ڀلائي سان ڀال ڪيو!

٧-١١-١٩٥٧ع

ھالا

*

سڀ ڪنھن ڀيري سڪ مان

 

ٿو سھڻو روز سڏي

پلؤ ڏييو پرت جو

 

اگليون يار اڏي

منھن ميرن کي مورھئون

 

ڇنيو ڪين ڇڏي

وھاري ٿو ويجھڙو

 

گوڏي ساڻ گڏي

طالب مولا تنھنجي

 

جو ترت اچي تڏي

جي ھجي جي جڏي

 

تھ بھ وھاري ٿو ويجھڙو

١٤-١١-١٩٥٧ع

ڪراچي

*

محبّت جو متاع آھھ

 

محب وٽ مڻي

ٻئي ٻاجھاريون ٻاجھھ مان

 

کڻيو روز کڻي

طالبُ مولا ڪيترا

 

ڳڻ سندس ڳڻي

ھن ئي ھڪ ڄڻي

 

ڪروڙن کي قيد ڪيو

١٦-١١-١٩٥٧ع

ھالا

*

ڪامل ڏسي ڪين ڪي

 

ڪنھن جون ڪچايون

ڳڻي ڪنھن جون ڪونھ ڪو

 

عجيب اگلايون

دلبر پنھنجي ديد سان

 

ميٽي مدايون

طالب مولا تنھن جا

 

ڳڻ وڏا ڳايون

ٿو ڏئي واڌايون

 

وريو وريو وصال جون

١٦-١١-١٩٥٧ع

ھالا

*

متان ڪو لاھي

 

اميدون عجيب مان

اجھو آسرندو جو

 

اھو ئي آھي

ڪر ان جي قدم تي

 

لاڳاپا لاھي

رسي روز رندن ۾

 

قربائتو ڪاھي

طالبَ مولا تنھن جو

 

ڪو مورھئون مٽ ناھي

سينو ڇا ساھي

 

ڪو منھنجي ھن محبوب سان!

١٩-١١-١٩٥٧ع

ھالا

*

جي ميري منھن اچن

 

حضور حبيبن جي

سي نرمل سندي نگاه سان

 

ڌوپيو ٿا ڌوپن

ھت بھ سندن ھاڪ ٿئي

 

۽ مھند بھ سي مرڪن

چڱو چڱايون ڪري

 

بيحد سان بڇڙن

عادتون عجيب جون

 

اھي ئي آھن

طالب مولا تھدليئون

 

جي وجھيو وک وڃن

تھ خالي ڪونھ ورن

 

حبيباڻي حضور مان

١٩-١١-١٩٥٧ع

ھالا

*

ڪري ڪوجھن ساڻ ھو

 

قرب مان ڪلام

معذورن ڏي موڪلي

 

سوين روز سلام

نڌر روز نوازيا

 

جانب وٽان جام

پچي پختا سي ٿيا

 

جي خالص ھئا خام

طالب مولا توڙ ويا

 

جي سندس پيا سام

جي سئا نرمل نام

 

سي پري نھ ڪيائين پاڻ کان

٢٠-١١-١٩٥٧ع

ھالا

*

ٻڌم ڪونھ ڪڏھن

 

ڪو ڏکويائين ڏيھھ ۾

جو ويو وٽس جڏھن

 

سو نوازيئين نگاه سان

٢٠-١١-١٩٥٧ع

ھالا

*

جو ھڪ ڀيرو حبيب وٽ

 

ھليو ٿو اچي

سو وريو ڪين وڃي

 

ڏسيو مھرون محب جون

٢٠-١١-١٩٥٧ع

ھالا

*

ڪڏھن رنجايو ڪونھ ڪو

 

منھنجي محب وٽان

مجرم کي معافي ملي

 

حبيبن ھٿان

جو ڪري اچان اچان

 

تھ سڏيو وھاري سٿ ۾

٢٠-١١-١٩٥٧ع

ھالا

*

ڪونھي ھت ڪو ڪال

 

محبت جي متاع جو

اٺئي پھر عجيب وٽ

 

ڀلايون ۽ ڀال

سوالي سوال

 

ھرھر ٻڌي ٻاجھھ سان

٢٠-١١-١٩٥٧ع

ھالا

*

ڪارون ٻڌي ڪڏھين

 

ڪامل ڪڪ نھ ٿيو

قرب مليو قريب کان

 

اصلي اڻ ميو

طالب مولا طلب ۾

 

جيڪو وٽس ويو

تنھن سان پرين پيو

 

نڀائي نينھن ۾

٢٠-١١-١٩٥٧ع

ھالا

*

عيب ڏنا ڪين ڪي

 

سڄڻ يار سچي

طالب مولا طلب ۾

 

ٿو رکيو رمز رچي

عجب ٿو اچي

 

ڏسيو وڙ عجيب جا

٢١-١١-١٩٥٧ع

ھالا

*

ڪھڙي منھنجي ڪل

 

طالب طبيبن کي!

ھئي ھئي منجھھ ھڪل

 

نٿا پھچن پل ۾

٢١-١١-١٩٥٧ع

ھالا

*

طبيبن تاڻي

 

وڌو وڃي تار ۾

تھ دارون منھنجي درد جو

 

ڏنو عجيبن آڻي

طالب مولا مست ٿي

 

سڄڻ ساماڻي

حبيبن ھاڻي

 

وڏا ڀال ڀلائيا

 

*

 


 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org