Last Update: 22-05-07

   

 

سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 5

 

عشق نھ بيت المال

 

عشق عشق سڀڪو ڪري

 

پر عشق ڪري ٿو ڪو

جو ڪڇي پڇي ڪين ڪي

 

سر بھ ڏئي ٿو سو

سو طالب مولا مرد ٿئي

 

جو عاشق عشق سندو

جو محبت اندر مو

 

سو جِيرو آھي جڳ ۾

٦-٤-١٩٥٧ع

ھالا

*

عشق عشق سڀڪو ڪري

 

پر عشق بھ ڪن ٿا ڪي

ھت اڏي ۽ ڪات جي

 

بازي ٿي بنجي

”العشق نارالله“ مان

 

ڪو سڙي سالم ٿئي

سڌڙيو سڀڪو سيراف کان

 

ڀڄيو پيو ڀڄي

طالب مولا سي

 

جي ڪڏھن ڪڇن ڪين ٿا

٦-٤-١٩٥٧ع

ھالا

*

عشق عشق سڀڪو ڪري

 

پر عشق ڏکيو ڏاڍو

جنھن جو ڪريم ڏي ڪاڍو

 

اھو طالب مولا مرد ٿيو

١٩-٥-١٩٥٧ع

حيدرآباد

*

عشق نھ چرچو ڀانءِ

 

ھو شاھن سندو شاھھ

حجت ھلندي ڪانھ ڪا

 

ڪئس باري بي پرواھھ

خودي وارن کي خوب ٿو

 

پڃي ڪري پاھھ

طالب مولا ان کان

 

ڪو ڪو آھھ آگاھھ

جو صدقي ڪري ساه

 

اھو ماڻي ان کي

١٩-٥-١٩٥٧ع

حيدرآباد

*

عشق نھ ڀانءِ آسان

 

ٿو ھرھر سوري تي سڏي

سودو ڪبو سر جو

 

اِتي کپي ايمان

جنھن ھنيو دم دعوا جو

 

سو نابود ٿيو نادان

طالب مولا مرد ٿئي

 

ڪو عاشق عاليشان

سو مرد کتي ميدان

 

جو عاشق ھجي عشق جو

١٩-٥-١٩٥٧ع

حيدرآباد

*

عشق نھ بيت المال

 

جو ملي محتاجن کي

عشق آھي ان سندو

 

جنھن ڪيو قرب ڪمال

طالب مولا طلب ۾

 

جو رکي خاص خيال

جانب جو جمال

 

اھو ماڻيندو عشق سان

١٩-٥-١٩٥٧ع

حيدرآباد

*

آھي عشق الله جو

 

ٻيو سڀڪي سمجھج سور

محبّت مولا پاڪ جي

 

”نور عليٰ نور“

سو طالب مولا مرد ٿيو

 

جنھن تي راضي ربّ غفور

جنھن کي پرور سندو پور

 

عشق بھ عاشق ان جو

١٩-٥-١٩٥٧ع

حيدرآباد

*

عشق اڙانگو آھھ

 

ٿو لاھي ور وڏن جا

طالب مولا مرد ٿي

 

سينو ھڏ نھ ساھھ

سانگا سڀئي لاھھ

 

پو عاشق سڏائج عشق جو

٢٧-٥-١٩٥٧ع

ھالا

*

عشق نھ اٽڪل سان ٿئي

 

ھت سر جي بازي لاءِ

توري تڪي پڙ ۾

 

پير پختا پاءِ

دنيا، عقبيٰ کي ڇڏي

 

نرمل وٽ ڪنڌ ناءِ

ھڻ نھ دم دعويٰ جو

 

لوڪئون پاڻ لڪاءِ

طالب مولا مرد ٿي

 

قرب کي ڪماءِ

پنھنجو پاڻ پچاءِ

 

ويھي پنھنجي پاڻ ۾

٢٧-٥-١٩٥٧ع

ھالا

*

عشق نھ اٽڪل سان ٿئي

 

عشق الاھي راز

حجّت نھ ھن سان ٿي ھلي

 

جو مالڪ ڪئو ممتاز

پاڻ وڃائي پانھجو

 

ڪر نوڙت ۽ نياز

طالب مولا مرد سو

 

جو حقيقت سان ھمراز

ڇيڙ سريلو ساز

 

محبت جي مضراب سان

٣١-٥-١٩٥٧ع

ھالا

*

عقل جي اثبات ۾

 

رڳي رد ۽ قد

اتي آسڻ عشق جو

 

جتي شد نھ مد

جو لنگھيو کان لاحد

 

سو طالب! عاشق عشق جو

٢٨-١-١٩٦٠ع

*

سمجھھ جيسين ساڻ

 

تيسين ڪجھھ ئي ڪين ٿئي

عقل کي اوري ڇڏي

 

وٺ عشق جو اھڃاڻ

متان کريل کير ٿيين

 

سالم ٿيج سنباڻ

طالب مولا طلب ۾

 

ٿي ڄٽ وڃاء نھ ڄاڻ

جنھن کي سمجھيئي پاڻ

 

اھو ناھين پاڻ تون

٢٩-١-١٩٥٧ع

*

عاشق جي آھين

 

تھ ھڪدم ھئڻ ڇڏ

ترڪ دنيا کي ڪري

 

لالڻ پاسي لڏ

ھستي، ھوڏ حرام ٿئي

 

کوءِ وجھينس، کڏ

اھڙي اندر اڏ

 

طالب مولا مرد ٿي

٧-٣-١٩٥٧ع

ھالا

*

عاشق جي آھين

 

تھ ھڪدم ڇڏ ھئڻ

ويساھھ سان وحدت جو

 

پوک وجود ۾ وڻ

ڪروڙن کان ڪثر ٿئي

 

قرب سندو ئي ڪڻ

طالب مولا پٽ سان

 

ھستي کي تون ھڻ

توري تڪي کڻ

 

قدم پنھنجو قرب ۾

٧-٣-١٩٥٧ع

ھالا

*

عاشق جي آھين

 

تھ ووڙي ڏس وجود

حرص ھئڻ ڇڏ کڻي

 

نينھن ۾ ٿي نابود

”العشق نارالله“ کي

 

ڪر محبتي! مقصود

تھ خالق ٿئي خوشنود

 

طالب مولا مرد ٿي

٧-٣-١٩٥٧ع

ھالا

*

عاشق جي آھين

 

تھ وٺ رسولي واٽ

محبت واري مي سندا

 

ماڳ انھي تي ماٽ

اتان اڃ، اساٽ

 

طالب مولا دور ٿئي

١٠-٣-١٩٥٧ع

ھالا

*

عاشق جي آھين

 

تھ پر رسولي پار

نفس نامراد کي

 

ماري ماري مار

”من عرف نفسه“ جي

 

عمل کي اجار

شارع شريعت جي

 

ٿي وڃي پرئين پار

طالب مولا مرد ٿي

 

ڪيڏھن ڪيم نھار

ڪر اھا ئي ڪار

 

تھ اگھين آگي جي اڳيان

١١-٣-١٩٥٧ع

ھالا

*

عاشق جي آھين

 

تھ پار رسولي پر

مار موذي من جو

 

ڇڏ نھ ڀلي جي ڀر

طالب مولا مرد ٿي

 

ڪار قرب جي ڪر

ولھن مٿي ور

 

ڪري عشق عجيب جو

١٣-٣-١٩٥٧ع

حيدرآباد

*

عاشق جي آھين

 

تھ تقويٰ ڪر تمام

پاڪائي سان پرت جو

 

ڪنبي ڪج سلام

مٿاھون محبوب جو

 

مڙني کان مقام

طالب مولا مرد ٿي

 

نرمل جو وٺ نام

ڪنھن کي ڪر نھ سلام

 

سڄڻ ڌاران سڪ جو

١٣-٣-١٩٥٧ع

حيدرآباد

*

عاشق جي آھين

 

تھ ناتو نڀائيج

عمر ساري عجز سان

 

پاند ڳچي پائيج

طلب واري تند کي

 

ويٺو وڄائيج

طالب مولا درد کي

 

لوڪان لڪائيج

پرينءَ لئي پائيج

 

لڪي لياڪا لوڪ کان

١٣-٣-١٩٥٧ع

حيدرآباد

*

عاشق جي آھين

 

ھڻ نھ دعويٰ جو دم

عبديت اثبات ڪر

 

قربئون ڀر قدم

ٿي ھمدم سان ھمدم

 

طالب مولا مرد ٿي

١٣-٣-١٩٥٧ع

حيدرآباد

*

عاشق جي آھين

 

تھ سوچي ڪر سجود

شرڪ جو نھ شڪار ٿين

 

ھڪ مالڪ ٿئي معبود

ٿي بود ۾ نابود

 

طالب مولا مرد ٿي

١٣-٣-١٩٥٧ع

حيدرآباد

*

 


 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج -  - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org