سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع (1-2)

 

صفحو :8

سنڌ ۾ ”يوم خلافت“....(17 - آڪٽوبر 1919ع)

زاهده ميمڻ

ترجمو: مراد علي مرزا

 

ويهين صديءَ جي شروعات ۾ مسلمان ملڪن خاص ڪري ترڪي سان انگريزن جي جيڪا نيتي هئي، ان جي ڪري ننڍي کنڊ جي مسلمانن ۾ بيچيني وڌندي ويئي. سال 1907ع ۾ انگريزن روس سان هڪ صلح نامي تي صحيح ڪئي، جنهن کي اينگلو - رشين ائگريمينٽ سڏيو وڃي ٿو. سال 1911ع ۾ اٽليءَ ٽريپولي تي حملو ڪيو، جنهن سبب اٽلي ۽ ٽريپولي جي وچ ۾ جنگ شروع ٿي ويئي(1)

آڪٽوبر 1912ع ۾ بلقان به ترڪيءَ سان جنگ ڪرڻ جو اعلان ڪيو. انهن واقعن هندستاني مسلمانن جو ڌيان پاڻ ڇڪيو، جيڪي سخت فڪرمند هئا. هنن ترڪيءَ ڏانهن طبي وفد اماڻيو ۽ چندي جي هڪ وڏي رقم ڪٺي ڪري اها پڻ موڪلي. ظفر علي خان ترڪيءَ وڃي اها رقم هٿو هٿ پهچائي. سال 1913ع ۾ هندستاني مسلمانن لکنئو ۾ هڪ جماعت ٺاهي، جنهن کي ”خدام الڪعبه“ سڏيو ويو (2)

سال 1914ع ۾ پهرين عالمي جنگ لڳي ۽ جنهن ۾ ترڪي انگريزن جي خلاف اتحاد ۾ شامل هو. انگريزن ترڪيءَ سان وڙهڻ جي لاءِ هندستاني فوج کي اماڻيو. جيئن ته انهيءَ فوج ۾ اڪثريت مسلمان سپاهين جي هئي، تنهنڪري صورتحال تمام نازڪ ٿي پئي، پر وفاداريءَ جي پراڻين عادتن جي سرسي ٿي. مسلمانن جي شڪن ۽ انديشن تي انگريزن جي ايمانداريءَ جو احساس غالب ٿيو، جنهنڪري ننڍي کنڊ جي مسلمانن جنگي ڪوششن ۾ ڀرپور حصو ورتو. ترڪيءَ پهرين عالمي جنگ ۾ هارايو ۽ هاڻي اتحادي طاقتون کليو کلايو عثمانيه سلطنت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ لڳيون. مسلمانن ۾ انهيءَ خيال کان ڏاڍي بيچيني پيدا ٿي ته سندن پاڪ شهرن ۾ عيسائي اثر زور وٺي ويندا، تنهنڪري ترڪيءَ جي مدد ڪرڻ جي لاءِ خلافت جي مذهبي حيثيت مان تائيد حاصل ڪئي ويئي. ترڪيءَ جي مستقبل جي باري ۾ مسلمانن جا انديشا وڌڻ لڳا. انهيءَ جي نتيجي ۾ هنن 17- آڪٽوبر 1919ع تي سڄي هندستان ۾ ”خلافت ڏينهن“ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو(3).

سنڌ ۾ خلافت ڏينهن موقعي مطابق شانائتي نموني سان ملهايو ويو، سواءِ ڪنهن مت ڀيد جي مسلمانن ۽ هندن سڀني گڏجي ان ۾ حصو ورتو. سڄي صوبي ۾ عثماني خلافت المسلمين جي بقا ۽ سلامتيءَ جي لاءِ دعائون گهريون ويون. بنهه ننڍن ڳوٺن به ان ۾ خاصو حصو ورتو. سڀني وڏن ۽ اهم هنڌن تي عام جلسا ڪيا ويا. ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، پراڻا هالا، سکر، لاڙڪاڻو، امروٽ، شڪارپور، ڳڙهي ياسين ۽ ٻين هنڌن تي خلافت ڏينهن ملهايو ويو. حيدرآباد ۽ سکر ۾ عورتن جا جلسا ٿيا-(4).

انهن سڀني هنڌن مان جيڪي خبرون پهتيون، تن مان پتو پوي ٿو ته مردن توڙي عورتن روزا رکيا هئا. هندن پڻ اُپواس(روزو) رکيو هو. ڪن هنڌن تي، جتي جلسا ٿيا هئا، انهن هنڌن تي کاڌي وغيره جو بندوبست ڪيل هو، جن اُپواس رکيو هو. مختلف هنڌن تي جدا جدا ماڻهن جي صدارت ۾ جلسن جي ڪارروائين ۽ اتي منظورڪيل تجويزن جو هڪ مختصر بيان هيٺ ڏجي ٿو:

17 آڪٽوبر 1919ع تي جمعي جي ڏينهن ڪراچي ۾ خلافت ڏينهن مانائتي نموني سان ملهايو ويو. هندن ۽ مسلمانن سڄو ڏينهن روزو رکيو هو. جمعي نماز کان پوءِ هر هڪ مسجد ۾ خلافت جي دنياوي استحڪام ۽ بقا جي لاءِ خاص دُعائون گهريون ويون هيون. خالقڏنه هال ۾ شام جو ساڍي ستين بجي سنڌ صوبائي خلافت ڪاميٽي جي صدر سيٺ حاجي عبدالله هارون جلسي جي صدارت ڪئي. اتي هزارن جي تعداد ۾ هندو مسلمان موجود هئا ۽ هال ۾ تر جيتري به خالي جاءِ نه هئي، جلسي جي ڪارروائي قرآن شريف جي تلاوت سان شروع ٿي، جيڪا حافظ خان محمد ڪئي. انهيءَ کان پوءِ سيٺ حاجي عبدالله هارون پنهنجي پرمغز صدارتي تقرير پڙهي جنهن ۾ خلافت ۽ خليفي جي مسئلن تي روشني وڌي ويئي هئي. فاضل صدر خيال ظاهر ڪيو ته انهن جي خاطر خواه حل تي آئيندي جي امن ۽ دنيا جي ترقيءَ جو دارومدار  آهي. انهيءَ کان سواءِ هن کان اڳ جن ذميدار انگريز وزيرن جيڪي وعدا ڪيا هئا، مسلمانن جي گـُـهر مطابق اهي هنن کي پاڙڻ گهرجن. پوءِ منشي عبدالغني ڏاڍي مٺڙي سـُـر ۾ هڪ نظم ڳايو، جنهن ۾ مسلمانن کي دلنشين انداز ۾ ٻڌايو ويو هو ته خليفي جي فرمانروائيءَ کي هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي هيٺ ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي نتيجي ۾ اسلام جو زوال ٿيندو. انهيءَ جلسي ۾ هيٺيون تجويزون منظور ڪيون ويون هيون.

ته سنڌ صوبائي خلافت ڪاميٽيءَ جي طرفان ڪراچي جي مسلمانن جو اهو عام جلسو خلافت المسلمين جي دنياوي استحڪام ۽ قيام جي لاءِ دعائن ڪرڻ کان پوءِ 2 سيپٽمبر 1919ع تي لکنؤ ۾ ٿيل ڪل هند مسلم ڪانفرنس جي ڪاروائين کي منظور ڪري ٿو ۽ ترڪيءَ جي ورهاست جي ڌمڪيءَ ۽ اسلام جي پاڪ جاين کي خليفي جي اثر ۽ اختيار مان ڪڍڻ جي عمل تي گهري تشويش جو اظهار ڪري ٿو، ۽ ڀروسو رکي ٿو ته انگريز وزير عزت ماب لائڊ جارج کان اهو وعدو پورو ڪرائيندا، جيڪو انگريز سلطنت جي طرفان هن ترڪيءَ جي سلسلي ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته ٻيءَ صورت ۾ مسلمانن ۾ وڏي بيچيني پکڙبي، جنهن ڪري نه رڳو سڄي دنيا جي امن ۽ ترقيءَ کي خطرو ٿي پوندو، پر خاص ڪري انگريز سلطنت ۾ سخت ۽ شديد نفرت ۽ بيچيني اڀري ايندي“.(5)

انهيءَ تجويز جي تائيد جناب عبدالرحمان بئريسٽر، مولوي محمد صديق ۽ جناب علي محمد ڪئي هئي.

ٻي تجويز هيٺئين ريت هئي:

”ترڪي سلطنت جي استحڪام جي حفاظت ڪرڻ ۽ اسلام جي پاڪ جاين تي عثمانيه خلافت جي اقتدار کي برقرار رکڻ جي خيال کان ۽ انگلستان ۽ ٻين هنڌن تي، خاص ڪري لنڊن ۾ مسلمان راءِ عامه جي تجويز ڪيل اداري ۾، اثرائتي پرچار ڪرڻ خاطر، مسلمانن جو هيءُ عام جلسو تجويز منظور ڪري ٿو ته ان مقصد جي لاءِ هڪ فنڊ شروع ڪيو وڃي ۽ سڀني ديني ڀائرن ۽ سند همدردن کي گذارش ڪئي وڃي ته اهي ان ۾ کليءَ دل سان حصو وٺن“.

ٽئين ۽ آخري تجويز ۾ صدر کي اختيار ڏنو ويو ته هو پهرين تجويز جا نقل تار ذريعي وزيراعظم، هندستان جي سيڪريٽري فار اسٽيٽ، هزايڪسيلنسي وائسراءِ، هزهائينس آغا خان ۽ عزت ماب جناب غلام محمد ڀرڳڙي ڏانهن اماڻي.(6)

جلسي جي صدر جي شڪر گذاري محمد خان ۽ سيٺ طيب علي علي ڀائي (1) ڪئي(7) ۽ اهڙيءَ ريت اها شاندار گڏجاڻي پوري ٿي، جيڪا نه رڳو ان وقت ماڻهن کي ياد رهي، بلڪ ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ ياد رکي ويندي.

حيدرآباد ۾ خلافت ڏينهن وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو هو. مولانا عبدالباري جي رڳو اعلان ڪرڻ تي، مسلمانن پنهنجي سر ڪرت ڪاروبار ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو. مولانا تاج محمود جلسي جي صدارت ڪرڻ لاءِ حيدرآباد آيو، جتي مسلمانن ۽ هندن سندس آجيان ڪئي. مسجدن ۾ جمع نماز ۾ خلافت، ترڪي ۽ جزيرهِ العرب جي سلامتيءَ جي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون. صدر جي مسجد ۾ تر ڇـَــٽڻ جيتري به جاءِ نه هئي. ٻنپهرن جو شاهي بازار مان ڪيترن هزارن مسلمانن جو هڪ ڊگهو جلوس پيدل لنگهيو. حيدرآباد جي تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن به ايڏو ڊگهو جلوس نه نڪتو هو (8) جلسي جي گڏجاڻي هومسٽيڊ هال ۾ ٿي. جلسي جي ڪارروائي کان اڳ مولانا حافظ اسدالله قرآن شريف جي تلاوت ڪئي.(9)(2)

ان کان پوءِ ميان محمد هاشم(مخلص)، ايڊيٽر ”ڪچڪول“ انهيءَ موقعي لاءِ لکيل پنهنجو هڪ نظم پڙهيو. پوءِ جلسو ڪندڙن طرفان نور محمد شيخ (3) تقرير ڪئي (10) ۽ گڏجاڻيءَ جي مقصد تي روشني وڌي. جلسي جي صدر مولانا تاج محمود امروٽي پنهنجي صدارتي تقرير ۾ خلافت جي اهميت ۽ ترڪيءَ جي استحڪام ۽ آزاديءَ جي ضرورت تي زور ڏنو(11)

انهيءَ کان پوءِ عبدالجبار وڪيل پنهنجي تقرير پڙهي ۽ هيٺيون تجويزون پيش ڪيون:

”ته روحاني برتري ۽ خلافت المسلمين جي منصب کي ان جي مڪمل سياسي آزاديءَ کان جدا ڪري ئي نه ٿو سگهجي، ۽ تنهنڪري هر ان رٿ کي جنهن جو مقصد هن کي خلافت تان هٽائڻ يا هن جي سياسي آزادي ڦـُـرڻ هوندو، ان کي سموري اسلامي دنيا پنهنجي عقيدي ۾ سنئين سڌي دخل اندازي ۽ انهن وعدن جي خلاف ورزي ڪري سمجهندي، جيڪي انگريز سلطنت جي اهم عيوضين، مسلمانن سان ڪيا هئا.“

ساڳئي وقت سرڪار کي هيٺين لفظن ۾ گذارش ڪئي وئي هئي ته جزيره العرب جي نظريي کي نظر انداز نه ڪيو وڃي. ”ته وقت اچي ويو آهي، جڏهن مسلمان ادب سان گهر ڪن ٿا ته انگريز سرڪار پنهنجا اهي واعدا پورا ڪري، جيڪي ان ترڪي ۽ پاڪ جاين جي باري ۾ مسلمان دنيا سان ڪيا هئا ۽ انهن اصولن کي برقرا رکي جن خاطر اتحادين جنگ ڪئي هئي، ڇاڪاڻ ته اهي، انجام ۽ اصول ئي هئا، جن جي ڪري مسلمانن انگريزن جي سندن ضرورت جي وقت وڏي جوش ۽ جذبي سان ماڻهن ۽ پئسن جي ذريعي امداد ڪئي هئي.“(12)

شيخ عبدالمجيد سنڌي اهڙي ته اثرائتي انداز ۾ تقرير ڪئي جو مسلمانن ۽ هندن روئي ڏنو. هن ايشيائي ڪوچڪ ۾ يوناني ظلم ۽ ڏاڍ جي باري ۾ هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو. ٻيو ٺهراءُ سنڌ ۾ خلافت تحريڪ جي خلاف ٿيندڙ پرچار بابت منظور ڪيو ويو، جنهن ۾ گورنر کي گذارش ڪيل هئي ته ان باري ۾ اخبارن ۾ جيڪي عجب جهڙيون خبرون ڇپيون هيون، انهن جي جانچ ڪرائڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ جي مسلمانن ۾ حڪومت جي ارادن متعلق جيڪو خوف پکڙيل هو، اهو دور ڪيو وڃي.(13)

انهيءَ کان پوءِ شيخ نور محمد تحريڪ جي تاريخ بيان ڪئي ۽ ٻڌايو ته اها ڪيئن شروع ٿي هئي ۽ ان ۾ سنڌ جي عالمن متفقه طور تي سلطان کي جائز خليفو ڄاڻايو هو. هن سنڌ جي مولوين جي بيان ڏانهن ڌيان ڇڪايو ۽ اهو به ٻڌايو ته مولوي فيض الڪريم جيڪو ڪتابڙو لکيو هو ان لاءِ مولوين جون  صحيحون ڪيئن ورتيون ويون هيون. هن ”الحق“ ۽ ”سنڌ مسلم“ جي مضمونن ڏانهن ڌيان ڇڪايو ۽ ٻڌايو ته انهيءَ تحريڪ ۾ سياسي پرچار  جون سموريون خوبيون هيون. پير جهنڊو جي ميان محمد اسماعيل صاحبزادي، بمبئيءَ جي گورنر کي اپيل ڪئي ته ان معاملي ۾ جانچ ڪرائي وڃي. خلافت ڪاميٽي ٺاهڻ جي لاءِ پڻ هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي ويئي، جنهن کان پوءِ جلسو پورو ٿيو.(14)

اهو جلسو ڏاڍو ڪامياب ٿيو هو ۽ ان ۾ شروع کان آخر تائين ماڻهو ڏاڍي سليقي سان ويٺا هئا. خلافت ڏينهن جي سڀ کان اهم خصوصيت مسلمان عورتن جي گڏجاڻي هئي. سنڌ ۾ اڳ ڪڏهن به عورتن جو جلسو نه ٿيو هو.

17- آڪٽوبر 1919ع تي ئي لاڙڪاڻي جي عيدگاهه ۾ غلام علي جي صدارت ۾ جلسو ٿيو هو، جنهن ۾ جان محمد جوڻيجو، پير تراب علي شاهه، پيرزادو عبدالغفار بئريسٽر  ۽ ٻين ڪيترن ئي شرڪت ڪئي. انهيءَ جلسي ۾ مولوي محمد عاقل خطبو پڙهيو هو ۽ پوءِ هيٺيون ٺهراءُ يڪراءِ منظور ڪيو هو:

”عيدگاهه جي عام جلسي ۾ شريڪ ٿيندڙ لاڙڪاڻي شهر ۽ ضلعي جا مسلمان ڪل هند مسلم ڪانفرنس جي تائيد ڪن ٿا، جيڪا 20 سيپٽمبر 1919ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٿي هئي ۽ سرڪار کي گذارش ڪن ٿا ته دنيا جي مسلمانن خاطر عثمانيه خلافت جي استحڪام، نيڪ نامي ۽ تعظيم کي برقرار رکيو وڃي ۽ پاڪ جاين جي حفاظت ڪئي وڃي“.

جمع جي ڏينهن وائسراءِ کي تار موڪلي انهيءَ ٺهراءُ کي قبول ڪرڻ ۽ مٿي اُماڻڻ جي سفارش ڪئي ڪئي ويئي هئي.(15)

راڌڻ جي مسلمانن جو هڪ عام جلسو سيد حافظ مصري شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو هو، جنهن ۾ ترڪي سلطنت جي استحڪام ۽ ترڪيءَ جي سلطان جي خلافت جي بقا واسطي هڪ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. انهيءَ ٺهراءُ جا نقل حڪومت ڏانهن موڪلڻ جي لاءِ سنڌ صوبائي خلافت ڪاميٽيءَ ڪراچيءَ ڏانهن اُماڻيا ويا هئا.

ٻيو عام جلسو محمد هاشم بلوچ زميندار جي صدارت هيٺ جمڙائو واهه جي ويجهو تعلقي ميرپور خاص ۾ ٿيو هو.(16)

سکر ۾ معصوم شاهه جي مناري جي ويجهو ساڳئي ڏينهن تي هڪ عام جلسو مولوي عبدالخالق مورائي جي صدارت هيٺ ٿيو هو. ان جلسي ۾ مسلمانن ۽ هندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي هئي. جلسي ٿيڻ کان اڳ اتي هڪ بنگلي ۾ ماڻهن جي لاءِ چانهه پاڻيءَ جو انتظام ڪيل هو. انهيءَ جلسي ۾ تاج محمود ترڪي ۽ خلافت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي خلاف هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي تائيد مولوي دين محمد وفائي ۽ حمايت ”سنڌي“  جي ايڊيٽر ويرومل ۽ مولچند پيسومل ڪئي ۽ غلط فهميءَ کان بچڻ خاطر هنن سڀني پنهنجيون لکيل تقريرون پڙهيون. جلسي جي ڪارروائي هلندي هڪ ڪراڙي عورت پنڊال ۾ نياپو کڻي آئي ته شهر جي پرده نشين عورتن جي پڻ گڏجاڻي ٿي آهي، جنهن ۾ ترڪيءَ ۽ خلافت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي خلاف هڪ رٿ منظور ڪئي ويئي آهي. انهيءَ مائيءَ جي چوڻ مطابق گڏجاڻيءَ جي عورتن جي خواهش هئي ته سندن منظور ڪيل رٿ انهيءَ جلسي جا منتظمين پنهنجي طرفان وزيراعظم ۽ وائسراءِ ڏانهن موڪلي ڏين.(17)

ترڪيءَ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي خلاف احتجاج ڪرڻ لاءِ روهڙي ۾ خلافت ڏينهن هڪ جلسو ڪري ملهايو ويو. ان جلسي جي صدارت غلام نبي قاضي ڪئي ۽ قاضي عبدلرزاق ترڪيءَ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ خلاف هڪ رٿ پيش ڪئي جنهن جي تائيد علي بخش ڪئي ۽ حمايت هيراسنگهه ڪئي. خاص دعائن گهرڻ کان پوءِ اها رٿ منظور ڪئي ويئي هئي.

سنڌ ۾ ٻين هنڌن تي به خلافت ڏينهن ملهايو ويو، جتي مختلف ماڻهن جي صدارت هيٺ جلسا ڪيا ويا، مثال طور ڳوٺ راضي محمد عارف، پير جهنڊو، باقراڻي روڊ (ضلعو لاڙڪاڻو) ڳوٺ شاهه قلي پور(تعلقو ڳڙهي ياسين)، ڳوٺ ٿاڻي (تعلقو ڳڙهي ياسين)، ڳوٺ رڪ، ڳوٺ ڳڙهي ٻڍل(تعلقو شڪارپور ۽ تعلقو ڳڙهي ياسين).

مٿي ڄاڻايل انهن سڀني جلسن جي احوال ۽ ٺهرائن مان خبر پوي ٿي ته خلافت ڏينهن تي ڪا به هڙتال نه ٿي هئي ۽ مسلمانن ۽ هندن سڀني گڏجي روزا رکيا هئا ۽ دين ڌرم جي مٿ ڀيد کي هڪ طرف رکي پاڻ ۾ يڪمشت ٿي ويا هئا. اهو پڻ پتو پوي ٿو ته خلافت کي ختم ڪرڻ ۽ ترڪي کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش تي سنڌ جا ماڻهو ڪيترو نه فڪر مند هئا.

حوالا

1. T. W. Arnold: The Caliphate, PP. 191-196.

2. History of  the freedom Movement, Karachi., 1962, Vol III, Part I, Chapter V.

3. Rahim، M.A, Chughtai, Zaman, W.Hamid, A, A Short History of Pakistan. Edited by I.H. Qureshi, Karachi, 1967, P 181.

4. Contemporay Pamphlet, approx. dated, 17th oct 1919, p 39.

5.                              -Do-                   pp 13-24

6. Daily gazette, 18th october, 1919.

7 . جي. ايم. سيد، جنب گذاريم جن سين، 1967ع، ص- 216-219.

8. Contemporary pamphlet, approx. dated, 17th oct 1919, pp 25-26.

 .9 جي. ايم . سيد جنب گذاريم جن سين،1967ع، ص 174- 175.

10.                            -- ايضاً- -             ص     187.

11. Contemporary Pamphlet, approx. dated 17th oct 1919, pp 25-28.

12.Ibid.

13.Ibid pp 23-22.

14.Ibid.

15. Daily gazette, 31th oct 1919.

16. Contemporary Pamphlet.

17. Daily gazette, 21st oct 1919.

18.Daily gazette, 27th oct 1919.

 (پاڪستان اسٽڊيز سينٽر، سنڌ يونيورسٽيءَ جي مخزن)

(”گراس روٽس“ جلد 2، نمبر 1، سال 1978ع تان کنيل.)


 

سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائي

فليمن ميٽيڪ

مترجم: مراد علي مرزا

 

(نوٽ: سنڌ جي بمبئي پريزيڊنسي کان جدائي تاريخي عمل جو هڪ اهڙو اهم واقعو هو، جنهن جي ڪري اڳتي هلي پاڪستان وجود ۾ آيو. جيڪڏهن  75 في سيڪڙو آبادي وارو سنڌ علائقو نه هجي ها، ته ورهاڱي جو مطالبو گهڻي قدر ڪمزور بڻجي وڃي ها. پنجاب ۽ بنگال ۾ مسلمانن جي ايتري اڪثريت نه هـُـئي، بلوچستان خودمـُـختار نه هو، ۽ سرحد صوبي جي سياست واضح نه هئي. سال 1938ع کان 1846ع تائين خودمختار سنڌ، پاڪستان جي مطالبي لاءِ هڪ اهم ٽيڪ هئي.

خود سنڌ ۾ خودمختاريءَ جي گـهرَ گهڻي عرصي کان پئي ٿي. ويهين صديءَ جي شروعاتي سالن ۾ مسلمان ۽ هندن جي عيوضين غلام محمد ڀرڳڙي  ۽ هرچند راءِ  وشنداس علحدگيءَ جي گـُـهر ڪئي هئي. مشهور انگريز مدبر ۽ هندستان جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ سر ايڊون مانٽيگو تي سندن دليلن جو گهڻو اثر ٿيو هو ۽ ماليات جي تڪراري سوال بابت هن جي راءِ هئي ته ان ۾ ڪو به شڪ نه هو ته، ”سنڌ کي بمبئيءَ کان جيڪي ملي ٿو، انهيءَ کان گهڻو سنڌ بمبئيءَ کي ڏئي ٿي“.

ويهين صديءَ جي ٻئي سڄي ڏَهي ۾ علحدگيءَ جو سوال اندر ئي اندر پچي رهيو هو، پر 1928ع کان وٺي سنڌ جي مسلمانن پاڻ ان سوال کي وڏي جوش ۽ جذبي سان کنيو ۽ اهو پهرين سائمن ڪميشن اڳيان پيش ڪيو ۽ پوءِ گول ميز ڪانفرنس ۾ کڻي ويا. سال 1935ع جي سڌارن ۾ جيڪا خودمختاري حاصل ٿي هئي، اها سنڌ جي مسلمانن جي ڪوششن جو نتيجو هئي، جيڪي سنڌ جي هندن جي ڀيٽ ۾ گهڻو گهٽ تعليم يافته ۽ سياسي طور تي گهٽ منظم هئا. هنن انهن سخت گير انگريز ڪامورن جي اطمينان لاءِ ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌ هڪ خودمختار صوبي جي حيثيت ۾ قائم رهي ۽ ترقي ڪري سگهي ٿي.

علحدگيءَ جي جدوجهد جا ٻه رُخَ هئا، هڪ پاسي موافقت ۽ مخالفت ۾ ڪامورا شاهيءَ جا دليل جيڪي 19 صديءَ کان ڏنا پئي ويا (در حقيقت سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر 1849 - 1856ع کان وٺي 1930ع جي ڏهي تائين) ۽ ٻئي طرف انتها پسند هندو مخالفت ۽ ڪامورا شاهي مخالفت جي خلاف جدوجهد جيڪا سنڌين ڪئي. ڊاڪٽر ميٽيڪ جي هن مضمون ۾ علحدگيءَ جي سوال تي ڪل هند سرڪاري ۽ سياسي سوچ جو اڀياس ڪيو ويو آهي. (ڊاڪٽر حميده کهڙو)

تعارف

سال 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي ۽ ٿورن سالن کان پوءِ ان کي بمبئي پريزيڊنسيءَ سان ملائي ڇڏيو. هندستان جي انگريزي ڪامورن وقت بوقت اهي تجويزون پئي ڏنيون ته سياسي ۽ فوجي سببن جي ڪري سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪري پنجاب سان ملايو وڃي. سال 1903ع ۾ ڪرزن هندستان جي وائسراءِ جي حيثيت ۾ سنڌ کي پنجاب سان شامل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. 1920ع ۽ 1930ع جي ڏهاڪن ۾ هندستاني مسلمانن گــُـهر ڪئي ته سنڌ جو جدا صوبو ٺاهيو وڃي. مسلمانن جي جذبات کي ٺارڻ لاءِ انڊين نيشنل ڪانگريس سنڌ جي علحدگيءَ جو اصول قبول ڪيو. انڊين نيشنل ڪانگريس سمجهيو هو ته مسلمانن جي انهيءَ مطالبي کي قبول ڪرڻ سان هندو - مسلمان ايڪو وڌندو ۽ اهڙيءَ ريت اهو آئيني حل هٿ ڪجي، جيڪو ٻنهي قومن کي قبول هجي. سنڌ جي علحدگيءَ جي گهر جي شدت کي محسوس ڪندي انگريز سرڪار وٽ سواءِ ان جي ٻي ڪا به راهه نه هئي ته ان کي منظور ڪري.

هن وقت تائين ان موضوع جو ڪو به تفصيلي اڀياس نه ڪيو ويو آهي، ڇا لاءِ ته بنيادي ماخذ ٽڙيل پکڙيل آهن: ڪي ماخذ انڊيا آفيس لائبرري ۾ آهن ته ٻيا وري ڪراچي صوبائي آرڪائيوز ۾ ۽ باقي دهليءَ جي قومي آرڪائيوز ۾ پيا آهن. هن مضمون جو بنياد انهيءَ مواد تي آهي، جيڪو سرڪار پاران ڇپيل ڪتابن ۽ انڊيا آفيس رڪارڊ تان گڏ ڪيو ويو آهي. اهم بحث انهن دليلن جي باري ۾ آهي جيڪي سنڌ جي علحدگيءَ جي باري ۾ ان  تجويز جي حامين حمايت ۾ ۽ مخالفن مخالفت ۾ ڏنا هئا. اهو بحث 1928 کان 1933ع تائين واري عرصي بابت آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ دور جا ئي بنيادي ماخذ ملي سگهيا آهن.

سنڌ جي علحدگيءَ جو خيال پهرين 1850ع جي ڏهي ۾ سرحدي انتظام ۽ صوبي جي حدن کي ٻيهر مقرر ڪرڻ جي مسئلن جي نتيجي ۾ بحث هيٺ آيو هو. اڻويهين صديءَ جي ٻئي اَڌَ ۾ ۽ ويهين صديءَ جي شروعاتي سالن ۾ اهو وري وري سرڪاري بحث مباحثي هيٺ آيو، پر ٻين مسئلن وانگر انهيءَ تجويز کي به ملتوي ڪيو ويو هو.نيٺ 1920ع جي ڏهي ۽ 1930ع جي شروعاتي سالن ۾ سنڌ جي علحدگيءَ جو مسئلو حڪومت نه کنيو، پر اهو سنڌ ۽ ان صوبي کان ٻاهر سياسي سمجهه رکندڙ اهم ماڻهن جي بحث مباحثي جو موضوع ٿيو پيو هو. ظاهر آهي ته اهو هڪ فرقيوارانه معاملو هو، پر ان کي انتظامي ۽ خاص ڪري آئيني بحث کان جدا ڪري نٿو سگهجي، جيڪو ان زماني ۾ ٿي رهيو هو.

سنڌ جي سن 1843ع ۾ فتح ٿئي ۽ ان کي بمبئي سان شامل ڪيو ويو هو. ممڪن آهي ته جيئن سال 1852ع ۾ لارڊ ڊلهوزي چيو هو ته جيڪڏهن  پنجاب اڳواٽ فتح ٿي وڃي ها ته سنڌ کي پنجاب سان شامل ڪيو وڃي ها ۽ نه بمبئيءَ سان. ان کان اٽڪل پنجاهه سال پوءِ سال 1902ع ۾ لارڊ ڪرزن ۽ سندس عملدارن برار جي مستقبل جي سلسلي ۾ صوبائي حدبنديءَ جو نئين سر مسئلو اٿاريو. صوبن جي ورهاست جي رٿ لاءِ ڪيتريون ئي تجويزون هيون، مثال طور صوبن جي پکيڙ، انتظامي هڪجهڙائي، جاگرافيائي، نسلي ۽ لساني لاڳاپو، مالي وسيلا، مادي ترقيءَ جا آسرا، سامونڊي بندر جي ويجهڙائي، انتظامي بار جي گهڻائيءَ کان نجات(1).

1850ع جي ڏهي کان سنڌ کي پنجاب سان ملائڻ جي لاءِ ان جي آئيندي تي سوچ ويچار ٿيندو پئي رهيو هو ته جيئن سرحدي انتظام ۾ سڌارو آندو وڃي. پنجاب ۽ سنڌ کي ملائڻ جي خواهش ان ڪري به ڪئي پئي ويئي ڇاڪاڻ ته ٻنهي ايراضين ۾ ساڳيو نهري سرشتو هو ۽ ٻنهي کي ريلوائيءَ جي ذريعي گڏيو وڃي. انهن ٻنهي ايراضين جي گڏجڻ جي ڪري پنجاب کي سمنڊ تائين پهچڻ جو سڌو رستو ملي ويندو ۽ ڪراچي هڪ وڏي صوبي جو سامونڊي بندر ٿي ويندو.(2)

سال 1883ع ۾ جڏهن هيووٽ هندستاني حڪومت جي گهرو کاتي جو انڊر سيڪريٽري هو، تڏهن هن سنڌ کي پنجاب ۾شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي ته جيئن سرحدي سرشتو برجستو ٿئي، پر پوءِ هن اهو فيصلو ان ڪري واپس ورتو، ڇاڪاڻ ته اتر - اولهه صوبي جي ٺهڻ ڪري سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرڻ غير ضروري ٿي پيو هو. هن اهو پڻ دليل ڏنو هو ته سنڌ جي جدا ٿيڻ تي بمبئي اعتراض ڪندو، ڇالاءِ ته ان جي عملداري ننڍي ٿي ويندي. اهو پڻ چوڻ غير مناسب نه ٿيندو ته سنڌ علائقي جي جدا ٿي وڃڻ سبب بمبئي سرڪار جي ملازمن جي فائدن ۾ گهٽتائي اچي وڃي ها.

جن عملدارن ان مسئلي تي غور ويچار ڪيو هو، اهي صوبائي تعصبن ۽ پنهنجي بهتر مستقبل جي اميدن کان آجا ڪو نه هئا. سال 1903ع ڌاري ابيٽسن، جنهن کي پنجاب جي ليفٽيننٽ گورنر ٿيڻ جي اميد هئي، تنهن ان خيال جي زبردست حمايت ڪئي هئي ته سنڌ کي پنجاب سان ملايو وڃي ۽ تجويز ڏني هئي ته ان جي عيوض بمبئيءَ کي برار ڏنو ويندو. انهيءَ هوندي به ڪرزن ان تجويز کي قبول نه ڪيو. هن جو چوڻ هو ته صوبائي حدن جي وَڍ ٽـُــڪَ ڪرڻ جي باري ۾ ڪنهن به فيصلي ڪرڻ کان اڳ ۾ اهم ڳالهه اها هئي ته ٻئي صوبي ۾ ويندڙ ماڻهن جي ڀلائيءَ جو ۽ انهن ايراضين جو جائزو ورتو وڃي، جتي انهن کي شامل ٿيڻو هو تنهنڪري  هن واضح ڪيو ته ”انهن سرحدن ۽ علائقن جي حد بندي جي ڪم ۾ هٿ وجهڻ کان اڳ پراڻن لاڳاپن سان جيتري به گهٽ چرپر ڪبي، اوتري بهتر ۽ عيوضي جي خوفناڪ حجت کان جيترو به پاسو ڪبو، اوترو جلدي پنهنجيءَ منزل تي پهچنداسون. جيڪو ماڻهو ڪنهن لڪل خواهش هيٺ هڪ صوبي جي نقصان ڪري ٻئي صوبي کي ڪجهه ڏيڻ گهرجي ٿو، اهو لاشعوري طرح ان ٻئي صوبي کي ڪجهه وڌيڪ ڏئي، ان جي ڄڻ حمايت ڪري ٿو.“(3)

ان تجويز جو فائيل پئي آيو ويو ۽ ابيٽسن پنهنجي پهرين سفارش کي وري ان بنياد تي زور وٺايو ته اهڙيءَ طرح ڪراچي ۽ پنجاب جي وچ ۾ ريلوي جي ڪري ڳانڍاپو ٿيندو ۽ هڪ وڏي صوبي ٿيڻ جي ڪري ڪراچي ترقي ڪندو. هن اهو به لکيو ته سنڌ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو ۽ ان جي خاص ضرورتن تي همدرديءَ سان غور ڪيو ويندو. پر انهن سفارشن جي پٺيان سندس خود مطلبي جا ڪارڻ هئا، جيئن هو پاڻ چوي ٿو.....”پنجاب جي ليفٽيننٽ گورنر جو عهدو هندستان جي پريمئر ليفٽيننٽ گورنر جي عهدي کان گهٽايو ويو آهي، جيڪا هڪ هندستاني شهريءَ جي لاءِ بيحد اهم ۽ دلچسپ تبديلي آهي. پر پنجاب جي ليفٽيننٽ گورنر جو عهدو سڀني ليفٽيننٽ گورنرن جي عهدن ۾ گهٽ دلچسپ ۽ گهٽ اهم آهي.“(4)

ابيٽسن جي خواهشن ڪرزن کي ڪاوڙائي ڇڏيو ۽ هن لکيو.....”دنيا ۾ اڪثر ڪري جذبي جي ئي حڪمراني هلي ٿي، پر بمبئيءَ کان سنڌ جدا ڪرڻ جي ڪا اميد نظر نٿي اچي.“(5) ڪرزن سنڌ ۽ پنجاب جي طبعي ويجهڙائپ جي بدران بمبئي ۽ سنڌ جي تاريخي لاڳاپن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو. هن جو چوڻ هو ته انهن علائقن جي وچ ۾ جيڪي رشتا ناتا آهن، تن کي پائمال ڪرڻ کان سواءِ انهن جي رفاقت جي تاريخي تسلسل کي ٽوڙي نٿو سگهجي.(6) ڪرزن چيو ته سنڌ جي ترقياتي مسئلن ۾ بمبئي دلچسپي ورتي آهي ۽ ان کي پريزيڊنسيءَ جو اهڙو حصو ڪري نه ليکيو آهي، جنهن جو ڪو قدر ئي نه هجي. انهيءَ هوندي به هن دليل ڏنو ته پنجاب، جنهن کي پنهنجي ترقيءَ جي لاءِ پئسن جي گهرج هئي، اهو سنڌ جي مالي مدد لاءِ رقم نه ڏئي سگهندو. پنجاب جي طرفان انهيءَ مالي امداد جي کوٽ ڪراچي جي ترقيءَ ۾ رخنو پيدا ڪندي. ڪراچي هڪ تمام اهم بندر آهي ۽ اهو بلڪل مناسب نه ٿيندو ته اهڙو بندر هڪ اهڙي صوبي جي حوالي ڪجي جنهن کي سامونڊي تجارت جو ڪو به تجربو ڪونهي. انهيءَ هوندي به ڪرزن وڌيڪ دليل ڏنو، ته پنجاب انتظامي ضرورتن جي لحاظ کان هڪ تمام وڏو صوبو هو، ڇاڪاڻ ته ان جي پکيڙ ۽ آدمشماري چڱي خاصي هئي. هڪ تمام وڏي صوبي کي پنهنجي قبضي ۾ رکڻ ممڪن نه ٿيندو ۽ هڪ ليفٽيننٽ گورنر جي لاءِ اهڙو صوبو تمام وڏو ٿي پوندو. (7) ڊاڪٽر ايس. زيڊ. ايڇ. زيدي چوي ٿو ته، ”ٻيو ته ڪرزن پڻ جنهن ابيٽسن کي سندس معاوضي جي حجت اٿارڻ تي سرڪاري طرح تنبيهه ڪئي هئي ۽ پنهنجن عملدارن کي ان ڪيس جي خوبين مطابق دليل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، بمبئي جي اها ساک نظر انداز ڪري نٿي سگهيو، جيڪا سنڌ جي جدا ٿيڻ ڪري ختم ٿيڻي هئي ۽ نه وري انهن ڌڪيل ملازمتن کي وساري ٿي سگهيو، جن سان واسطو رکندڙ ملازم بمبئي ڪميشن جا ميمبر هوندي به سنڌ ۾ پنهنجي ڪميشن وڃائي ويهندا، ڇا لاءِ ته وائسراءِ جي ڪائونسل جي ميمبرن ۾ مان مرتبي جي لحاظ سان سنڌ ٻئي درجي جو هو.(8) انهيءَ هوندي به سنڌ جي سوال تي سيڪريٽري آف اسٽيٽس هئملٽن جو ڪرزن سان اتفاق نه هو. هن جي راءِ هئي ته سنڌ ۽ بمبئيءَ جي وچ ۾ ڪي گهڻا لاڳاپا ڪونهن. تنهنڪري هن سنڌ کي پنجاب ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي. هن تجويز ڏني  ته مرڪزي صوبن جا اتر وارا ضلعا بمبئي ۾ شامل ڪري بمبئيءَ کي معاوضو ڏئي سگهجي ٿو ۽ مرڪزي صوبن کي ان جي عيوض برار ۽ بنگال جو علائقو ڇوٽا ناگپور ڏنو وڃي.“(9) انهيءَ سفارش جي هوندي به ڪرزن اها تجويز نامنظور ڪئي. سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرڻ ۾ هن کي ڪو به قبول ڪرڻ جوڳو سبب ڏسڻ ۾ نه آيو.

ائين ٿو معلوم ٿئي ته ان وقت ان تجويز تي عام ماڻهن ۾ ڪو اختلاف پيدا ڪو نه ٿيو هو. انهيءَ هوندي به سال 1913ع ۾ هڪ هندو ڪانگريسي اڳواڻ هرچندراءِ وشنداس ڪراچيءَ ۾ ڪانگريس جي مرحبائي ڪاميٽيءَ جي چيئرمين جي حيثيت ۾ پنهنجيءَ تقرير ۾ سنڌ جي جدا ٿيڻ جي سوال جو حوالو ڏنو هو. هن سنڌ جي علحدگيءَ جي هر تجويز جي مخالفت ڪئي ۽ شايد اها انهن طاقتن لاءِ ان وقت هڪ تنبيهه هئي، جڏهن خاص ڪري صوبائي خودمختاريءَ جي اختلاف تي هندستاني اڳواڻن جو، ۽ پڻ لارڊ هارڊنج جي سربراهيءَ هيٺ هندستاني حڪومت جو ڌيان هو. هرچند راءِ وشنداس چيو ته سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرڻ جو اڃا وقت ڪو نه آيو آهي: ”تنهن هوندي به صوبي ۾ ڪيتريون ئي جاگرافيائي ۽ نسلي خوبيون آهن، جن جي ڪري ان جي پاڻ- ڀري علائقائي وحدت ظاهر ٿئي ٿي. پنجاب هڪ وڏي عرصي کان هن صوبي کي لالچي نظرن سان پئي ڏٺو آهي ۽ جڏهن گذريل دهلي درٻار ۾ هزمئجسٽي شهنشاهه علاقائي تبديلين جو اعلان ڪيو هو ته ان کان پوءِ پنجاب سنڌ کي پاڻ ۾ شامل ڪرڻ جي دعويٰ تي زور ڏيندو اچي. پر سنڌ انهن سڀني خوشامدن کي همت ۽ ثابت قدميءَ سان منهن ڏيندي پئي اچي ۽ ان وقت تائين بمبئي پريزيڊنسيءَ جو حصو ٿي رهڻ گهرندي، جيستائين تقدير ان کي سندس ئي فائدي خاطر صوبائي خودمختاري حاصل ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي.“(10)

جڏهن سال 1917ع ۾ هندستان جو سيڪريٽري آف اسٽيٽس ايڊون مانٽيگو ڪراچي آيو هو، تڏهن سينٽرل محمدن ايسوسيئيشن جي سنڌ شاخ سنڌ کي جدا ڪرڻ جو سوال اٿاريو هو. سال 1918ع ۾ پنجين سنڌ صوبائي ڪانفرنس سنڌ جي عليحدگيءَ جي سوال تي غور ڪرڻ جي لاءِ هڪ ذيلي ڪاميٽي مقرر ڪئي، جنهن ۾ پنج هندو هئا ۽ هڪ پارسي هو، انهيءَ ڪاميٽيءَ هن ريت رپورٽ ڪئي: ”سنڌ جي خودمختاريءَ جي خلاف جيڪي به اعتراض اٿاريا وڃن ٿا، اهي ذيلي ڪاميٽيءَ جي راءِ ۾ اڻپورا آهن، ۽ اعتبار جوڳا ڪونهن. ڪاميٽيءَ کي ان سفارش ڪرڻ ۾ ڪا به هٻڪ محسوس نٿي ٿئي ته سنڌ کي هڪ خودمختار صوبو ٺاهڻ گهرجي، جنهن جي پنهنجي انتظاميه ۽ پنهنجي قانون ساز اسيمبلي هجي“.(11) انهيءَ عرصي ۾ مسلمانن ۽ هندن جي تعليم يافته طبقي سنڌ جي علحدگيءَ جي گهـُـر، ممڪن آهي ته ان اُميد  تي ڪئي هجي ڇالاءِ ته جيڪڏهن سنڌ کي گورنر جي صوبي جي حيثيت ڏني ويندي ته کين ڪيترائي فائدا ٿيندا، جهڙوڪ سنڌ ليجسليٽو ڪائونسل تائين رسائي ۽ اثر رسوخ. ان ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته سنڌ کي پنجاب سان ملائڻ جي رٿ جي سنڌين جيڪا مخالفت ڪئي هئي، ان جو هڪ بنيادي سبب هيءُ هو ته انهيءَ رٿ جي ڪري تعليم يافته سنڌي سياسي فائدن کان محروم رهجي وڃن ها.

سال 1924ع کان وٺي سنڌ جي بمبئي پريزيڊنسيءَ کان علحدگي هڪ اهم سوال ٿي اڀريو ۽ آل انڊيا مسلم ليگ جي بنيادي مطالبن مان هڪ هو. آل انڊيا مسلم ليگ جي ستين اجلاس ۾، جيڪو ڊسمبر 1925ع ۾ عليڳڙهه ۾ ٿيو هو، ليگ هڪ ٺهراءُ جي منظوري ڏني، جنهن ۾ گهـُـر ڪئي ويئي هئي ته سنڌ کي هڪدم بمبئيءَ کان جدا ڪيو وڃي.

 ”جيئن ته سنڌ جي بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ شامل رهڻ جو ڪو به نسلي، جاگرافيائي يا ڪو ٻيو سبب ڪونهي ۽ جيئن ته گذريل تجربو ٻڌائي ٿو ته اها صورتحال سنڌ جي ماڻهن جي بهترين مفادن ۽ هندستان جي هن حـصي جي ترقيءَ جي لاءِ زبردست هاڃيڪار آهي، تنهن ڪري آل انڊيا مسلم ليگ جي راءِ ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي هڪ علحده صوبي جي حيثيت ڏني وڃي“.(12) ان کان اڳ اهو مسئلو جيڪو مڪاني هو ۽ ايترو اهم نه هو، اهو هاڻي ڦري هڪ وڏو اختلافي مسئلو ٿي پيو هو، جنهن ۾ نه رڳو سنڌي اڳواڻ شريڪ هئا، پر صوبي کان ٻاهر جا اڳواڻ به شامل هئا.

آل انڊيا مسلم ليگ جي سنڌ جي علحدگيءَ جي مطالبي پٺيان جيڪي مقصد هئا، تن کي سمجهڻ جي لاءِ ان وقت مسلمانن جي ٻين مطالبن جو مختصر بيان ڪرڻ ضروري آهي. 20 مارچ 1927ع تي مسلم ڪانفرنس دهلي مسلم تجويزون پيش ڪيون هيون. ڪانفرنس جي صدر جناح، جيڪو ان وقت هندستان جو هڪ تمام ناميارو سياستدان هو، تنهن مسلمانن تي زور ڏنو هو ته چونڊن جي علحده طريقي تان دستبردار ٿين ته جيئن هندستان جي آئيني مستقبل جي تجويز جي سوال تي هندن سان ٺاهه ٿي سگهي، آخر گهڻي بحث مباحثي کان  پوءِ مسلم ڪانفرنس گڏيل چونڊن جي تجويز کي ڪن شرطن تي قبول ڪيو. اتفاق راءِ سان اهو فيصلو ڪيو ويو ته جيتريقدر مستقبل جي ڪنهن به آئيني تجويز هيٺ مختلف قانون ساز اسيمبلين ۾ نمائندگيءَ جو تعلق هو ته مسلمان اهو ٺاهه هيٺين تجويزن مطابق قبول ڪن:

(1) سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ کان علحده ڪري هڪ جدا صوبي جي حيثيت ڏيڻ گهرجي.(2) اتر-اولهه  سرحد صوبي ۽ بلوچستان ۾ به اهڙا ئي سڌارا ڪرڻ گهرجن، جهڙا هندستان جي ٻين صوبن ۾ ڪيا ويا آهن. ”جيڪڏهن اهي تجويزون قبول ڪيون وڃن ته مسلمان اهڙن سڀني صوبن ۾ گڏيل چونڊن جي طريقي کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهن، ۽ سنڌ، بلوچستان ۽ اتر- اولهه سرحد صوبن ۾ هندو قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهن، ۽ سنڌ، بلوچستان ۽ اتر هندو اقليت کي اهي ساڳيون سهوليتون ڏيڻ لاءِ تيار آهن، جهڙيون هندو اڪثريت ٻين صوبن ۾ مسلمان اقليت کي ڏيڻ لاءِ آماده آهي. پنجاب ۽ بنگال ۾ نمائندگيءَ جي نسبت اتي جي آباديءَ مطابق هجڻ گهرجن“.(13) ان مان معلوم ٿيندو ته مسلمانن جي تجويزن جو وڏي ۾ وڏو مقصد اهو هو ته ان وقت جي صوبن مان گهڻي ۾ گهڻا اهڙا صوبا ٺاهيا وڃن، جن ۾ مسلمانن جي اڪثريت هجي. مئي 1927ع ۾ آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽي بمبئيءَ ۾ مسلمانن جي انهن سڀني تجويزن کي قبول ڪندي، اصل تجويزن ۾ رڳو هيءَ تبديلي ڪئي ته، ”سنڌ آباديءَ جي بنيادن تي نه پر سڀني صوبن جي عام بنيادن تي جدا ڪرڻ گهرجي“.(14)

ڊسمبر 1927ع ۾ مدراس ۾ ڪانگريس جو ساليانو جلسو ٿيو، جنهن ۾ سوراج آئين تيار ڪرڻ جي ڏس ۾ ٻين جماعتن جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ پختو فيصلو ڪيو ويو. آل انڊيا مسلم ليگ ان فيصلي جي ڀرپور پٺڀرائي ڪئي. ان جي نتيجي ۾ هڪ ڪل جماعتي ڪانفرنس ٿي، جنهن جي پهرين گڏجاڻي 12 فيبروري 1928ع تي دهليءَ ۾ ٿي ۽ وچ مارچ تائين ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ اهي گڏجاڻيون ٿينديون رهيون. ڪانفرنس چونڊن جي گڏيل يا جدا طريقي، اتر-اولهه سرحد صوبي ۾ سڌارن ۽ سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ جي سوالن تي گهڻو غور ويچار ڪيو. ڪل جماعتي ڪانفرنس فرقيواريت جي سموري مسئلي ۽ آئين سان ان جي لاڳاپي تي غور ويچار ڪرڻ لاءِ هڪ ذيلي ڪاميٽي مقرر ڪئي.(15)

اُن ڪاميٽيءَ ۾ هيٺيان ميمبر هئا:

(1) پنڊت موتي لعل نهرو....................... چيئرمين.

(2) سر علي امام .......................... مسلمان.

(3)  جناب شعيب قريشي ................... مسلمان.

(4) مسٽر ايم. ايس. ايني .................. هندو مهاسڀا.

(5) مسٽر ايم. آر. جئڪار ................. هندو مهاسڀا.

(6) مسٽر جي. آر. پراڌن ................... غير- برهمڻ.

(7)  سردار منگل سنگهه ................... سک ليگ.

(8)  سر تيج بهادر ساپرو .................. آزاد.

(9)  مسٽر اين. ايم. جوشي ................ مزور.

اُميد ڪئي پئي ويئي ته اها ڪاميٽي جولاءِ 1928ع جي آخر تائين پنهنجي رپورٽ ڪل جماعتي ڪانفرنس کي پيش ڪندي، ان ۾ سنڌ جي علحدگيءَ جي سوال تي تفصيل سان غور ڪيو ويو هو. ڪاميٽيءَ جي راءِ مطابق ”ڪي اهڙا عجيب واقعا ٿيا، جو سنڌ اسان جي سياست جو هڪ اهم مسئلو ٿي پيو.“(16) سال 1924ع کان اڳ هندو ۽ مسلمان ٻئي سنڌ جي عليحدگيءَ جا خواهشمند هئا، پر سال 1928ع جي وچ ڌاري ڪي هندو انهيءَ تجويز جي سختيءَ سان مخالفت ڪرڻ لڳا. انهيءَ تي ڪاميٽي راءِ ڏني، ”حيرت  آهي ته اُهي جيڪي انهيءَ تجويز جا مخالف هئا ۽ اهي جيڪي اُن وقت علحدگيءَ جي خلاف هئا، هاڻي ان جي زور شور سان حمايت ڪن ٿا.“(17) گمان ظاهر ڪيو ويو ته فرقيواريت جي ڪري اها مخالفت ڪئي ويئي هئي. چيو ويو ته ، ”راءِ جو اهو اوچتو ۽ قدري بيان ڪرڻ کان مٿي ڦيرو ظاهر ڪري ٿو ته ڪيئن نه فرقي واري سوچ بهتر فيصلي تي اثر انداز ٿئي....ٿي. اسين سمجهون ٿا ته فرقي واري بهتانن ۽ الزامن جي ڏي وٺ ۾ سلامتي واري راهه اِها آهي ته انهي کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ۽ جيتريقدر ٿي سگهي ان مسئلي تي غير جذباتي انداز ۾ سوچيو وڃي. پر افسوس آهي ته اهو هاڻي ماڻهن جي جذبات جو هڪ حصو ٿي پيو آهي ۽ جذبن کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي.“(18(

انهيءَ ڪاميٽيءَ محسوس ڪيو ته سنڌ جي علحدگيءَ جو مطالبو اصل ۾ فرقيوارانه  هو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ڪل آباديءَ جو 74 في سيڪڙو حصو مـُـسلمان هو. عملي سياست جي هڪ معاملي هجڻ سبب ان ڪاميٽيءَ  اهو مطالبو منظور ڪيو. ڪاميٽيءَ راءِ ڏني ته، ”اهو معاملو جنهن طريقي سان اڳتي وڌايو ويو، ان جي ڪري ضروري ڪونهي ته ان  تجويز جون خوبيون گهٽجي وڃن.... اسان کي حقيقتن کي جيئن اُهي آهن، قبول ڪرڻ گهرجي.... سنڌ ۾ مسلمانن جي وڏي اڪثريت آهي. کڻي هڪ نئون صوبو ٺاهجي يا نه سنڌ مسلمانن جي گهڻائيءَ واري ايراضي ٿي رهندو ۽ جيڪڏهن ان وڏي اڪثريت جي خواهشن کي قبول نه ڪيو ويندو ته ان ڪري نه رڳو خودمختياريءَ جي اصول جي انحرافي ٿيندي، پر نتيجو اهو ٿيندو جو ايڏي اڪثريت واري آبادي دشمن ٿي پوندي.(19) حقيقت ۾ اهو فرقيواري مطالبو خود اختياريءَ جي مطالبي وانگر ئي هو ۽ مسلمانن کي سندن ثقافتي خودمختياريءَ مان لطف ماڻڻ جي لاءِ اجازت ڏيڻي هئي ته جيئن هندستان امن ۽ خوش اسلوبيءَ سان ترقي ڪري سگهي ها، تنهنڪري ڪاميٽيءَ مسلمانن جي مطالبي جي پٺڀرائي ڪندي، راءِ ڏني ته، ”قوميت جي وسيع نڪته نظر کان ائين چوڻ ته ڪو فرقيواري صوبو ٺاهڻ نه گهرجي، جي هڪ صورت ۾ وڌيڪ بين الاقوامي نڪتئه نظر کان ائين چوڻ جي برابر آهي ته علحده قومون هجڻ ئي نه گهرجن. انهن ٻنهي بيانن ۾ سچائي آهي. پر بين الاقواميت جو زبردست حامي به قبول ڪندو ته مڪمل قومي خودمختياريءَ کان سواءِ اهو بلڪل ناممڪن آهي ته ڪا بين الاقوامي رياست ٺاهي سگهجي. تنهنڪري پڻ مڪمل ثقافتي خودمختياريءَ کان سواءِ ۽ فرقيواريت پنهنجي بهتر روپ ۾ ثقافت ئي آهي، هڪ متفق قوم ٺاهڻ ڏاڍو مشڪل آهي.“(20) ڪاميٽيءَ گمان ڏيکاريو ته هندن طرفان مخالفت ڪرڻ جو بنيادي سبب اقتصادي معاملو هو، ڇا لاءِ ته جيڪڏهن سنڌ جدا ٿي ۽ انهيءَ صوبي جو انتظام مسلمانن جي هٿ وس ٿيو ته هندن جي اقتصادي حيثيت تي اثر پوندو. ان ڊپ کي بي بنياد چئي رد ڪيو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته جدا سنڌ صوبي ۾ هندو اڳي وانگر آسودا هوندا، ”صوبائي حڪومت جا اختيار محدود هوندا آهن ۽ مرڪزي ئي حڪومت آهي، جنهن کي سڀني اهم کاتن ۾ اختيار مليل آهن.“(22) اها اُميد ظاهر ڪئي ويئي ته سنڌ ۾ ٻئي قومون فرقيواري اختلاف کان سواءِ اتفاق سان رهنديون.

صوبن جي ٻيهر مجموعي ورڇ تي ويچار ڪندي نهرو ڪاميٽيءَ چيو ته جيڪو صوبو علحدگيءَ جي گهر ڪري ٿو، ان لاءِ جاگرافيائي ۽ لساني ايڪائي لازمي آهي. ٻيو خيال اهو هو ته اهڙي صوبي جي معيشت مضبوط هجڻ گهرجي ۽ ٻيو ته واسطيدار ماڻهن جي مرضي به ايتري ئي اهميت واري آهي.(23)

نهرو ڪاميٽيءَ جون جيڪي ضرورتون هيون، انهن مان حقيقت ۾ سنڌ گهڻيون پوريون ٿي ڪيون، تنهنڪري ان ڪاميٽيءَ جي راءِ هئي ته سنڌ ۾ 74 في سيڪڙو مسلمان هئا، ”ان ڪري اسين خاطريءَ سان چئي سگهون ٿا ته ماڻهن جي هڪ وڏي اڪثريت عليحدگي گهري ٿي.“(24)

مالي لحاظ کان سنڌ هڪ پٺتي پيل علائقو هو. ان خيال کان سنڌ پنهنجي پيرن تي بيهڻ لائق نه ٿيندي. ان هوندي به نهرو ڪاميٽيءَ چيو ته عملي ۾ ڇانٽي ڪرڻ سان سنڌ جا ماڻهو پنهنجن وسيلن اندر گذر ڪري سگهندا ۽ اُميد ڏيکاري ته، ”نئين پوک ۽ ٻيا اهڙا اُپت جا واڌو ذريعا ان جي آمدني خاصي وڌائيندا.“(25) حقيقت اها هئي ته اقتصادي طور تي سنڌ ڪا ايتري پٺتي پيل نه هئي. نهرو ڪاميٽيءَ سنڌ جي انهن مالي امڪانن بابت چيو ته، ”ظاهري طرح ڏسجي ٿو ته سنڌ وڏين ترقياتي رٿن جي لائق آهي. لڳي ٿو ته ڪراچي هڪ تمام وڏو بندرگاهه ٿيندو ۽ اتي زمين جا تمام وڏا ٽڪرا آهن، جيڪي يا ته غير آبادي يا وري پوري ريت سڌريل ڪونهن. تنهنڪري ائين چوڻ درست آهي ته وقت گذرڻ سان سنڌ هڪ پاڻ ڀرو ۽ خوشحال صوبو ٿيندو.“(26) اها به تجويز ڏني ويئي ته مالي تجويزون ٻين اهم تجويزن تي اثر انداز نه ٿينديون. خود اختياريءَ جو حق سنڌ کي ڏيڻو هو ته جيئن انهيءَ صوبي جي ترقيءَ لاءِ موقعن مان فائدو وٺجي. خالص مالي بنيادن تي خود اختياريءَ جي حق ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ جي سبب وڏي بي اطميناني ٿيندي ۽ نتيجي ۾ سنڌ جي ترقي رڪجي ويندي. صوبي جي ۽ ان جي ماڻهن جي ڀلائيءَ جي سلسلي ۾ جيڪا به ڪوشش ڪبي اها هڪ بيسود هل هنگامي  ۾ ضايع ٿي ويندي، تنهنڪري جيڪڏهن اهو حق منظور ڪيو وڃي ٿو، شرط ان سان ته سنڌ جا رهاڪو مالي بار کي پاڻ منهن ڏيندا، ته هڪ نئين صوبي کي ٻين وڌيڪ ترقي يافته صوبن سان اڳتي وڌڻ جي سلسلي ۾ محنت ڪرڻ لاءِ ڄڻ ته طاقت ملي ويندي.“ (27) نهرو رپورٽ ۾ سنڌ جي علحدگيءَ جي دليلن سان همدردي ڪندي آخر ۾ چيو ويو ته، ”تنهنڪري جيستائين ڪا اهڙي ناقابل حل تڪليف پيدا نه ٿي آهي ۽ اسان کي في الحال ته ڪا به اهڙي ناقابل تڪليف ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي، اسين چئون ٿا ته سنڌ کي علحده ڪرڻ گهرجي.“(28)

تنهنڪري، ان کان پوءِ آگسٽ 1926ع ۾ جڏهن ڪل جماعتي ڪانفرنس لکنؤ ۾ ٿي، تڏهن سنڌ جي باري ۾ اصلي سفارشن ۾ شايد ان ڪري تبديلي ڪئي ويئي، ڇاڪاڻ ته هندن ان جي مخالفت ڪئي هئي. ڪل جماعتي ڪانفرنس هڪ مالي ڪاميٽي مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي ته جيئن خبر پوي ته علحده سنڌ پنهنجي پيرن تي بيهي به سگهندي يا نه. ان ڪانفرنس تجويز ڏني ته جيڪڏهن سنڌ مالي لحاظ کان پاڻ ڀري ثابت نه ٿي ته اتي جي رهاڪن جي اڪثريت کي ڏيکارڻو پوندو ته اهي صوبي جي مالي ذميدارين جو بار کڻڻ لاءِ تيار هوندا. ٻيو شرط اهو هو ته سنڌ جي غير مسلم اقليت سان صوبائي ۽ مرڪزي قانون ساز ادارن ۾ به اهو هو ته اهو ساڳيو ورتاءُ ڪيو وڃي ۽ اهي ساڳيا حق ڏنا وڃن، جهڙا مسلم اقليتن کي نهرو ڪاميٽيءَ جي رپورٽ هيٺ انهن علائقن ۾ مليل هئا، جتي سندن ٿورائي هئي.(29)


(1) طيب علي ڀائي واپاري هو. هو ڪراچي ۾ سال 1875ع ۾ ڄائو ۽ 90 ورهين جي ڄمار ۾ 13 مارچ 1964ع تي گذاري ويو. هن خلافت تحريڪ ۾ حصو ورتو هو ۽ ان جي ڪيترن ئي جلسن ۾ شريڪ ٿيو.

(2) مولانا اسد الله 30 نومبر 1864ع تي ڳوٺ مٽياري ۾ پيدا ٿيو. ديوبند ۾ پڙهندي هن عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. جڏهن سنڌ ۾ خلافت تحريڪ شروع ٿي ته ان ۾ هن بهرو ورتو ۽ ان جي ڪيترن ئي جلسن ۾ شريڪ ٿيو.

(3) شيخ نور محمد ڊاڪٽر هو. هو حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو، جتي مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري بمبئيءَ مان ڊاڪٽريءَ جي سند ورتائين. خلافت تحريڪ جي زماني ۾ هن ان ۾ بهرو ورتو ۽ پڻ سنڌ کان هجرت ڪري افغانستان هليو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com