مددي ڪتاب ۽ مواد
1. Qalich Beg Mirza:
“A History of Sindh”. Sindh classics, 1982 A.D.
2. P. E. Roberts: “ History of Birtish
India - under the company and the Crown” ,
Oxford Press, 1952 A.D.
.3. Dayaram gidumal:
“Hirannand- The Soul of Sindh”, Revised and
enlarged edition،
1932 A.D.
(4) ڊاڪٽر ممتاز بخاري: ”سنڌ مدرسة الاسلام“ اڻ ڇپيل ٿيسز.
(5) الهه بخش اٻوجهو: ”مسدس اٻوجهو“ ناشر سنڌ مسلم ادبي جماعت حيدرآباد.
(6) خداداد خان: ”لب تاريخ سنڌ“ فارسي، ڊاڪٽر بلوچ وارو ڇاپو.
(7) پروفيسر ڦيرواڻي: ”راڄ رشي ديوان ڏيارام گدومل جو جيون چرتر“ سال 1938ع.
(8) ڀيرومل مهر چند: ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ادبي بورڊ وارو ڇاپو.
(9) سيٺ نائونمل: ”يادگيريون“، ترجمو محمد حنيف صديقي.
تحريڪ ريشمي رومال ۽ سنڌ
ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهان پوري
سنڌيڪار: ڊاڪٽر نواز علي شوق
ريشمي رومال واري تحريڪ ننڍي کنڊ پاڪ و هند جي آزاديءَ جي هڪ انقلابي تحريڪ
هئي. جيئن ته ان جو تفصيل ريشمي ڪپڙي تي لکيو ويو
هو، اهو ئي سبب آهي جو ان کي ريشمي رومال واري
تحريڪ سڏيو وڃي ٿو، جڏهن ته برٽش حڪومت ان کي
ريشمي رومال سازش جو نالو ڏنو.
سي.آءِ. ڊي جي چوڻ موجب هي خط مولانا عبيدالله سنڌي لکيا هئا، تنهنڪري کيس
ان سازش جو باني سڏيو ويو ۽ ٻين اڪابرن کي سندس
ساٿي ۽ مددگار چيائون. پر حقيقت هيءَ آهي ته
مولانا سنڌي 1915ع ۾ حضرت شيخ الهند مولانا محمود
حسن ديوبنديءَ جي حڪم سان هڪ تحريڪ ۽ منصوبي مطابق
ڪابل جو سفر ڪيو هو ۽ تحريڪ جو سربراهه به هـُـو
ئي هو، تنهنڪري حضرت شيخ الهند کي ئي تحريڪ جو
باني سڏڻ گهرجي، پر ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ريشمي
رومال ۾ جيڪي معلومات، هدايتون، صلاحون، مشورا ۽
”جنود ربانيه“ (ڇوٽڪارو ڏياريندڙ خدائي فوج) ۽ ان
وقت جي حڪومت جي باري ۾ جيڪو منصوبو لکيو ويو هو،
سو مولانا سنڌيءَ تيار ڪيو هو، تنهنڪري انگريزن
طرفان مولانا سنڌي کي ان تحريڪ جو باني سڏڻ غلط
معلوم نه ٿو ٿئي.
هي خط پيلي رنگ جي ريشمي ڪپڙي جي ٽن ٽڪرن تي لکيا ويا هئا. پهريون خط 10
جولاءِ 1916ع تي شيخ عبدالرحيم سنڌي حيدرآبادي جي
نالي پنج ڇهه انچ ڊيگهه ويڪر وارو آهي. ٻيو خط
حضرت شيخ الهند جي نالي آهي، جو 9 جولاءِ يعني ان
کان هڪ ڏينهن اڳ جو لکيل آهي. ان جي ڊيگهه ويڪر اٺ
ڏهه انچ هئي ۽ ٽين خط جي ڊيگهه ۽ ويڪر ڏهه پندرهن
انچ هئي، اهو ٽيون خط پڻ حضرت شيخ الهند جي نالي
هو.
خط لکندڙ:
عام طور اهو سمجهيو وڃي ٿو ته ٽيئي خط مولانا عبيدالله سنڌي لکيا هئا. هيءَ
غلط فهمي ريشمي خطوط سازش ڪيس جي بيانن ۾ پڻ موجود
آهي. هيءَ غلط فهمي ان ڪري ٿي، جو ٻئي خط تي ڪنهن
جي صحيح ٿيل نه هئي ۽ پهرين ۽ ٽين خط تي مولانا
عبيدالله سنڌي جي صحيح هئڻ سبب ٻيو خط پڻ سندس
سمجهيو ويو، توڙي جو ائين نه آهي. حقيقت هيءَ آهي
ته ٻيو خط مولانا محمد ميان جو آهي. ان خط جي منڍ
کان پڇاڙيءَ تائين هر هڪ جملي مان اها حقيقت ظاهر
ٿئي ٿي. مولانا محمد ميان جڏهن حجاز مان غالب نامو
۽ ٻيون تجويزون کڻي هندستان اچي رهيو هو ته حضرت
شيخ الهند کين جده ۾ الوادع چئي هئي. اهو ئي سبب
آهي جو خط لکندڙ جده ڇڏڻ کان پوءِ وارن واقعن سان
خط جي شروعات ڪئي آهي.
پهريان ٻه جملا هن ريت آهن:
”جده کان پوءِ جا احوال هي آهن: بمبئي بنا خوف خطري آرام سان پهتاسون“. ان
کان پوءِ خط لکندڙ راندير، ڀوپال، مولانا حسرت
موهاني ۽ مولانا آزاد سان پنهنجي ملاقات ۽ ياغستان
۽ ڪابل جي سفر وغيره جو تذڪرو ڪيو آهي ۽ مولانا
ناظم يعني مولانا عبيدالله سنڌي جو ذڪر صيغئه واحد
غائب ۾ ڪيو آهي. ان مان چٽيءَ طرح ظاهر ٿئي ٿو ته
ان خط جو لکندڙ مولانا سنڌي نه پر ڪو ٻيو آهي ۽
اها شخصيت مولانا محمد ميان عرف محمد منصور انصاري
جي ٿي سگهي ٿي.
خطن جو مضمون:
پهرين خط ۾ شيخ عبدالرحيم کي هدايت ڪئي وئي هئي، ته حضرت شيخ الهند جي نالي
وارو خط ڪنهن ڀروسي جوڳي حاجيءَ سان، يا پاڻ، يا
نه ته احمد الله پاڻيپٽ واري
(1)
جي ذريعي واسطيدار شخص کي مديني شريف پهچايو وڃي.
حضرت شيخ الهند کي زباني پڻ اهو پيغام موڪلڻ جي
هدايت ڪئي ويئي هئي ته هو واپس هندستان نه وڃي.
شيخ عبدالرحيم سنڌي لاءِ پڻ هدايت هئي ته هو ڪابل
اچن، ڇاڪاڻ ته گهڻائي ضروري ڪم آهن.
حضرت شيخ الهند جي نالي خط ۾ سندن حجاز وڃڻ ۽ غالب نامي ۽ تقويٰ جهاد جا
هندستان پهچڻ کان پوءِ جون حالتون لکيل آهن. ان ۾
ديوبند جي ڪن شخصن ۽ جماعت جي حالتن، چندو چيرو گڏ
ڪرڻ، حضرت شيخ الهند جي گهر ڀاتين جي خير خبر
معلوم ڪرڻ، ياغستان ۽ ڪابل جون حالتون، ترڪي ۽
جرمني جي سفارتن جا حالات، ان وقت جي حڪومت ۽
ڇوٽڪارو ڏياريندڙ فوج (خدائي فوج) جي رهڻ جي ڪيفيت
خاص طور جنگ جي صورت ۾ افغانستان جي حالتن تي
تبصرو آهي.
هن سلسلي جي ٽئين خط ۾ پهرين ڇوٽڪارو ڏياريندڙ(خدائي فوج) جي تشڪيل، انتظام
۽ عهديدارن جي هڪ وڏي فهرست آهي. ان کان پوءِ ان
وقت جي حڪومت جي باري ۾ ضروري معلومات ۽ مفادات جي
حفاظت جي پيش نظر ان ۾ شامل ٿيڻ جي فيصلي جو اطلاع
روس، جرمني، چين ۽ جاپان وغيره کي وقت جي حڪومت
طرفان موڪلڻ وارن سفارتن جا تذڪرا ۽ حڪومت ۾ عهدن
جي ورهاست جو اطلاع آهي. هتي پهچي حضرت شيخ الهند
جي نالي موڪليل ريشمي خط ختم ٿئي ٿو. عبيدالله لکي
مولانا سنڌي ان تي پنهنجي صحيح ڪئي آهي.
لکڻ جو طريقو:
خطن جي لکت جي باري ۾ مولانا عبدالله لغاري جو بيان آهي ته خط ڳجهي نموني
ريشمي رومالن تي لکيا ويا هئا. سندس بيان ۾ ”ڳجهي
نموني“ جي ڪا وضاحت ڪا نه آهي. قاضي محمد اڪبر
لکيو آهي ته ”هي خط بصر جي پاڻيءَ سان لکيا ويا
هئا.“ پر ريشمي خطوط سازش ڪيس جي اڀياس مان پتو
پوي ٿو ته لکت واسطي ان قسم جو ڪو ڳجهو طريقو
اختيار نه ڪيو ويو هو، پر اهي خوش خط اردو ۾ لکيا
ويا هئا. هن ڪيس جي پهرين نوٽ ۾ سي. آءِ. ڊي طرفا
هيءَ پڌرائي ملي ٿي:
”14- آگسٽ ملتان جي خانبهادر رب نواز خان ملتان جي ڪمشنر کي پيلي ريشمي ڪپڙي
جا ٽي ٽڪرا ڏيکاريا، جن تي خوش خط اردو لکيل هئي.“
خط لکڻ جو مقصد هيءُ هو ته مولانا عبيدالله سنڌي ڪابل ۾ حالتن جو مطالعو
ڪري ملڪ جي آزاديءَ منصوبو ٺاهيو آهي، جنهن کان
شيخ الهند کي، جو ان وقت حجاز پهچي چڪو هو، واقف
ڪيو وڃي ۽ اُن منصوبي مطابق تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ
جو بندوبست ڪيو وڃي.
رپورٽ تيار ڪرڻ واري، ڇوٽڪارو ڏياريندڙ فوج (خدائي لشڪر) ۽ وقت جي حڪومت جي
اُنهن رٿن تي، جي مولانا سنڌي، تحريڪ آزادي جي
آئيندي بابت بيان ڪيون هيون، هيٺين لفظن ۾ تبصرو
ڪيو آهي:
”هينئر هو (مولانا عبيدالله سنڌي) جيڪي رٿون بيان ڪري ٿو، تن جي هڪ حـصي تي
عمل ڪري سگهجي ٿو، باقي حصو خيالي ۽ هوائي آهي. پر
جتي جتي هن حقيقتن ۽ واقعن جو تذڪرو ڪيو ويو آهي،
مون کي چوڻو پوي ٿو ته سندس بيان سورهن آنا سچو ۽
اکر به اکر صحيح آهي.
ڇوٽڪارو ڏياريندڙ فوج(خدائي لشڪر):
هن خط سان گڏ مولانا سنڌي مرحوم ”جنود ربانيه“ (ڇوٽڪارو ڏياريندڙ خدائي فوج)
جي عهديدارن جي جيڪا فهرست شامل ڪئي هئي، تنهن جي
متعلق رپورٽ تيار ڪرڻ وارو لکي ٿو ته ”ڇوٽڪارو
ڏياريندڙ(خدائي فوج) جي عهديدارن جي جيڪا فهرست هن
تيار ڪئي آهي، سا اسلامي دنيا جي وڏين شخصيتن تي
مشتمل آهي، جن کي عالم اسلام جي ڀائيچاري واري هر
وڏي اسڪيم ۾ شامل ڪرڻ لازمي آهي“.
ڇوٽڪارو ڏياريندڙ خدائي فوج ۾ فيلڊ مارشل جي عهديدارن ۾ شريف مڪه کي پڻ شامل
ڪيو ويو هو. ان وقت تائين ترڪي خلافت سان ان جي
بغاوت جي خبر ڪابل ڪو نه پهتي هئي. ظاهر آهي ته
جيڪا تحريڪ ترڪي خلافت جي تعاون سان هلائي ٿي وئي،
تنهن ۾ ترڪي جي باغي ۽ انگريزن جي مخلص ۽ ڀروسي
واري شخص کي ايڏو وڏو عهدو نه ٿو ڏيئي سگهجي. جيئن
ته هيءَ هڪ عجيب ڳالهه هئي، تنهن ڪري رپورٽ تيار
ڪرڻ واري، انهن لفظن ۾ ان تي تبصرو ڪيو آهي ۽ ان
تقرر جو جواز پڻ خود پيش ڪيو اٿس. لکي ٿو ته:
”هيءَ ڳالهه ڏاڍي دلچسپ آهي ته (مولانا سنڌي) شريف مڪه کي به فيلڊ مارشل جي
حيثيت سان پيش ڪيو آهي. عبيدالله جي خط جي تاريخ 8
رمضان، آچر جو ڏينهن آهي، جيڪو 9 جولاءِ جي مطابق
آهي. شريف مڪه جي بغاوت جي خبر هندستان ۾ 23 جون
تي ڇپي هئي ۽ جيتري قدر مون کي معلوم ٿي سگهيو آهي
ته 9 جولاءِ تائين ڪابل ۾ ان بابت ڪنهن کي خبر ڪا
نه هئي“.
ٻين عهديدارن بابت ساڳيو شخص لکي ٿو ته ”ليفٽيننٽ جنرل ۽ ان کان گهٽ درجي جا
عهدا گهڻن ئي شخصن کي ڏنا ويا آهن، جي تقريباً
سمورا اسلامي ايڪي يا وهابي تحريڪ جي سلسلي ۾ اسان
جي نوٽس ۾ اچي چڪا آهن.“
عهدا ۽ منصب:
ملڪ کي ڇوٽڪارو ڏياريندڙ فوج (خدائي فوج) کي انهن منصوبن يا عهدن هيٺ ٺاهيو
ويو هو. سڀ کان اعليٰ منصب مربي
(Patron)
جو هو. ان منصب تي ترتيب وار ترڪي، ايران ۽ افغانستان جي
بادشاهن کي مقرر ڪيو ويو هو. ان کان هيٺ
مردان(فيلڊ مارشل) جو منصب هو، جو ترڪي ۽
افغانستان جي اڪابرن پڻ حيدرآباد، ڀوپال، رام پور
۽ بهاولپور جي نوابن ۽ جهاد واري تحريڪ جي سرواڻ
رئيس المجاهد کي ڏنو ويو هو. ان کان پوءِ جنرل يا
سالار جو عهدو هو، جيڪو حضرت شيخ الهند کي سونپيو
ويو هو. پر جيئن ته حضرت مولانا جن مرڪز ڪابل ۾
موجود هئا، تنهنڪري مولانا عبيدالله سنڌي قائم
مقام جنرل جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو هو. انهن جي
ماتحت 29 نائب سالار يا ليفٽيننٽ جنرل هئا، جن
ترڪيءَ جي مشهور اڳواڻ شيخ عبدالعزيز کان علاوه سڀ
عهديدار ننڍي کنڊ پاڪ وهند سان تعلق رکندڙ هئا،
جن ۾ مولانا حسين احمد مدني، ڊاڪٽر انصاري، سندس
وڏو ڀاءُ حڪيم عبدالرزاق، مولانا عبدالباري فرنگي
محلي، مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا محمد علي،
شوڪت علي، مولانا ظفر علي خان، مولانا حسرت
موهاني، مولانا عبدالقادر قصوري، سندس پٽ مولوي
محي الدين قصوري، مولوي عبدالرحيم عظيم آبادي،
مولوي عبدالله غازي پوري، مولانا برڪت الله
ڀوپالي، مولانا تاج محمود امروٽي(ضلعي سکر)، پير
سيد امداد الله شاهه وغيره خاص طور قابل ذڪر آهن.
انهن عهدن کان پوءِ ترتيب وار ميجر جنرل (معين
سالار) ”ڪرنل“ (ضابطه) ليفٽيننٽ ڪرنل(نائب ضابطه)
ميجر، ڪپتان ۽ ليفٽيننٽ جا عهدا هئا.
مرڪز ۽ هيٺيان مرڪز:
خدائي فوج (ڇوٽڪارو ڏياريندڙ فوج) جو مرڪز مدينو شريف هو، ۽ هيٺيان مرڪز
قسطنطنيه، تهران ۽ ڪابل هئا. ٽنهي مرڪزن جي اثر جا
حلقا پڻ مقرر ڪيا ويا هئا، قسطنطنيه جو حلقئه اثر
يورپ ۽ آفريڪا جي ملڪن تائين پکڙيل هو. جڏهن ته
تهران جو مرڪز وچ ايشيا جي ملڪن لاءِ ۽ ڪابل جي
مرڪز جو حلقو هندستان تائين محدود هو.
خدائي فوج بابت برٽش گورنمينٽ جي رپورٽ جي هيءَ پڌرائي پڻ قابل توجه آهي.
رپورٽ مرتب ڪرڻ وارو لکي ٿو ته:
عارضي حڪومت:
خدائي فوج جي اسڪيم هڪ ٻي جماعت سان ڳنڍيل هئي، جنهن کي ان وقت جي هند جي
حڪومت چيو ويندو هو، جنهن جي ڪارڪن لاءِ مسلمان
هئڻ لازمي نه هو، راجا مهندر پرتاب ان جو دائمي
صدر هو،. وزيراعظم مولوي برڪت الله ۽ وزير امور
هند مولوي عبيدالله سنڌي هو.
ائين ٿو معلوم ٿئي ته ان جماعت (يعني عارضي حڪومت ) جو مقصد هو هند ۽
افغانستان جي وچ ۾ جهڳڙو ۽ افغانستان ۾ جيڪي غير
مطمئن هندستاني هئا، تن جي وفدن کي غير جانبدار يا
دشمن ملڪن ۾ موڪلي ڪا جوڙ توڙ ۽ ساز باز ڪرڻ.
ڇوٽڪارو ڏياريندڙ(خدائي فوج) جي تشڪيل جي مقصد
بابت لکي ٿو ته: ”عبيدالله جي هيءَ اسڪيم هئي، ته
هندستان ۾ اسلامي لشڪر جي سـُـڪل هڏن ۾، جن جي
جسمن ۾ ٿورڙي زندگي باقي آهي، تنهن کي ڪم آندو
وڃي. اهڙيءَ طرح هن پنهنجي سازش ۾ وهابي تحريڪ جي
باعمل مشينري، مولوي طبقي جو اسلامي جوش جذبو ۽
اسلامي ايڪي جي حامين جي سياسي سگهه ۽ تلخي کي هڪ
جاءِ ڪري ڇڏيو هو. سندس وڌيڪ منصوبو هيءُ هو ته هڪ
ٻي سازشي جماعت(يعني ان وقت جي حڪومت هند) سان
ڪــُـلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، ته جيئن
هندن جا انقلاب پسند عناصر سندس طرف رهن.
پر هيءَ ڳالهه خاص طور ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته وقت جي حڪومت جي اسڪيم ۽ ان جي
ٺاهڻ ۾ مولانا سنڌي جو تعلق نه هو. هيءَ اسڪيم
راجا مهندر پرتاب جي هئي ۽ مولانا سنڌي کي ان جي
اهميت جي پيش نظر ان ۾ بعد ۾ شريڪ ڪيو ويو هو، ۽
راجا صاحب جي ڪابل وڃڻ کان پوءِ، مولانا سنڌي ان
جي مرڪز ڪابل جو انچارج پڻ ٿي ويو. جڏهن ته
ڇوٽڪارو ڏياريندڙ فوج (خدائي فوج) جو مڪمل منصوبو
۽ سندس لائحه عمل مولانا سنڌي جي سهڻي سوچ جو
نتيجو هو. ان سان راجا مهندر پرتاب جو ڪو تعلق
ڪونه هو. ڇوٽڪارو ڏياريندڙ فوج ۾ مشن جي صرف هڪ
رڪن مولانا برڪت الله ڀوپالي کي شامل ڪيو ويو هو.
سندس عهدو ليفٽيننٽ جنرل جو هو، پر کيس وقت جي
حڪومت جي وزيراعظم جي حيثيت سان نه، بلڪ هڪ مسلمان
جي حيثيت سان شامل ڪيو ويو هو، تنهنڪري ريشمي خطوط
سازش ڪيس جي رپورٽ جي مرتب جو هيءُ خيال صحيح نه
آهي، ته ڇوٽڪارو ڏياريندڙ فوج (خدائي فوج) جي هيءَ
اسڪيم هڪ ٻي جماعت سان ڳنڍيل هئي، جنهن کي هند جي
ان وقت جي حڪومت چيو ويندو هو. شايد اهو شڪ ان ڪري
پيدا ٿيو ته عارضي حڪومت ۾ مولانا سنڌي شريڪ هو ۽
ڇوٽڪارو ڏياريندڙ فوج ۾ مولانا ڀوپالي شامل هو.
ريشمي خط ۾ پڻ ٻنهي ادارن جو گڏ ذڪر ڪيو ويو آهي.
پر انهيءَ خط ۾، ۽ ان ئي جاءِ تي مولانا سنڌي اها
ڳالهه واضح ڪئي آهي ته عارضي حڪومت جي اسڪيم راجا
مهندر پرتاب جي اسڪيم آهي، جنهن ۾ هو قومي مفادات
جي حفاظت خاطر شريڪ ٿيو آهي.
حضرت شيخ الهند جي نالي مولانا سنڌي جي خط ۾ ان وقت جي حڪومت ۽ ان جي سفارتن
بابت تفصيلات آهن. ان رپورٽ جو مرتب لکي ٿو ته:
”عبيدالله پنهنجي خط جي آخر ۾ ان جو تفصيل ڏنو آهي، جنهن کي هن ”هندستان جي
وقتي حڪومت“ سڏيو آهي. اهڙيءَ ريت هن (مولانا) ان
سازش ۾ راجا مهندر پرتاب جي حصي کي متعين ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي، جنهن بابت سندس بيان آهي ته:سندس
آريائي سماج سان خاص لاڳاپو آهي ۽ هندستاني راجائن
سان سندس سڌيءَ طرح تعلق آهي.“
هن جاءِ تي پڻ اسان کي ڪجهه حقيقتون ۽ واقعا معلوم آهن، مثلاً روس کي ايلچي
موڪليو ويو. ايلچي جي باري ۾ سندس بيان سورهن آنا
صحيح آهي. مان سمجهان ٿو ته مجموعي طرح اسان کي
عبيدالله جي انهن خطن بابت هي سمجهڻ گهرجي ته هن
واقعن ۽ منصوبن کي بيان ڪرڻ ۾ پوري ڪوشش ڪئي آهي
ته جيئن خطن جا مالڪ ۽ وچ وارا اهي شخص، جيڪي هي
خط پڙهن، سي سموريون ڳالهيون سمجهي سگهن.
ريشمي خطوط سازش بابت هڪ ٻي يادداشت ۾ چيو ويو آهي ته ”متفقه راءِ آهي ته
هيءَ اسڪيم جوکائتي ۽ نهايت ئي اهم آهي. هن سلسلي
۾ حڪومت کي هيءُ مشورو پڻ ڏنو ويو هو، ته عام
صورتحال ۾ انڪشافات جي اها تقاضا آهي ته حڪومت
اهڙا قدم کڻي، جيئن افغانستان، عرب ۽ هندستان ۾
وڳوڙين ۽ سازشين جي وچ ۾ خط و ڪتابت، سازشن ۽ پئسي
جي ڏي وٺ جو سلسلو بند ٿي وڃي. هن سلسلي ۾ سنڌ،
پنجاب، سرحد، دهلي ۽ يوپي ۾ گرفتارين جو هڪ منصوبو
پڻ تيار ڪيو ويو ۽ وڏي پيماني تي گرفتاريون عمل ۾
آنديون ويون.
راز ظاهر ٿيڻ:
هي خط مولانا عبيدالله سنڌي، عبدالحق نالي هڪ شخص جي هٿان موڪليا هئا ۽ کيس
هدايت ڪئي هئائين ته هو اهي خط حيدرآباد سنڌ ۾ شيخ
عبدالرحيم جي حوالي ڪري. عبدالحق تحريڪ جو هڪ
ڀروسي جوڳو شخص هو ۽ هو هن کان اڳ پڻ هڪ ڪم سانگي
سنڌ اچي چڪو هو. ان کان پهرين هو خانبهادر رب نواز
جي پٽن هر هڪ الله نواز، شاهنواز ۽ لاهور جي ٻن
شاگردن جي وفد سان گڏ سن 1915ع جي شروعات ۾ هجرت
ڪري ڪابل هليو ويو هو. جولاءِ 1916ع جي آخر ۾
عبدالحق هيءُ خط کڻي آيو ته پهريائين هـُـو ملتان
هليو ويو ۽ خانبهادر وٽ رهيو. خانبهادر اندازو
لڳايو ته هو ڪجهه اهم معلومات کڻي حيدرآباد وڃي
رهيو آهي ته ان کان پوءِ هن (خانبهادر) اهڙو ڄار
وڇايو، جو عبدالحق ان مان نڪري نه سگهيو. نه فقط
راز ظاهر ڪري وڌائين، پر 4 آگسٽ تي اهي خط سندس
حوالي ڪري ڇڏيائين. 14- آگسٽ تي خانبهادر رب نواز
اهي خط ملتان جي ڪمشنر کي پهچايا ۽ هن وري اهي خط
پنجاب جي ليفٽيننٽ گورنر کي موڪلي ڏنا. اهڙيءَ ريت
اهي خط اصل مالڪ تائين پهچڻ بجاءِ دشمن جي قبضي ۾
اچي ويا.
ريشمي خطوط سازش ڪيس ۾ هيٺيون نوٽ ”هي خط اسان جي هٿ ڪيئن آيا“ جي عنوان سان
انهن جي هٿ اچڻ بابت لکيل آهي ته : ”14 آگسٽ تي
ملتان جي خانبهادر رب نواز ملتان ڊويزن جي ڪمشنر
کي ريشمي ڪپڙي جا ٽي ٽڪر ڏيکاريا، جن تي سهڻي
صورتخطيءَ ۾ اردو لکيل هئي ۽ چيو ته ”14 آگسٽ کان
هي وٽس هئا، پر ڪمشنر جي غير موجودگيءَ سبب هو پيش
نه ڪري سگهيو.“ خانبهادر ٻڌايو ته کيس اهي خط
عبدالحق کان مليا آهن، جيڪو سندس پٽن جو اُستاد پڻ
هو ۽ اُنهن سان گڏجي 1915ع ڌاري ڪابل ويو هو.
عبدالحق، رب نواز کي اُهي خط پيش ڪندي ٻڌايو ته
کيس ڪابل مان اُنهن خطن پهچائڻ لاءِ ئي موڪليو ويو
آهي. هي خط کيس حيدرآباد سنڌ ۾ عبدالرحيم کي ڏيڻا
هئا ته جيئن هو اُهي خط مديني شريف موڪلي. عبدالحق
کي عبدالرحيم کان خطن جي رسيد پڻ وٺڻي هئي ۽ کيس
اُها رسيد واپس کڻي وڃڻي هئي.“
هن راز جي ظاهر ٿيڻ شرط ننڍي کنڊ ۾ وڏي پئماني تي گرفتاريون عمل ۾ آيون. نه
فقط اهي جيڪي مذڪوره تحريڪ سان وابسته هئا، پر هر
اُن شخص کي قيدي يا نظر بند ڪيو ويو، جنهن جي باري
۾ کين شڪ هو ته هـُـو ان تحريڪ يا شيخ الهند يا
مولانا سنڌيءَ سان ڪجهه تعلق ۾ رهيو آهي. حضرت شيخ
الهند ۽ سندن ساٿين جهڙوڪ مولانا حسين احمد مدني،
مولانا عزيز گل، مولانا وحيد احمد ۽ حڪيم نصرت
حسين کي مديني منوره مان شريف حسين کي گرفتار ڪري،
انگريزن جي حوالي ڪيو ۽ کين مالٽا جي ٻيٽ ۾ قيدي
بنايو ويو. اهڙيءَ طرح هيءَ تحريڪ پايئه تڪميل تي
پهچڻ کان اڳ ۾ ئي ختم ٿي ويئي.
مقصد ۽ طريقه ڪار:
هن بحث جي سلسلي جو هڪ اهم مضمون هي رهجي ويو آهي ته هن تحريڪ جو مقصد ۽ ڪم
ڪرڻ جو طريقو ڪهڙو هو؟ ٿورن لفظن ۾ ته هن تحريڪ جو
مقصد هيءُ هو ته پهرين جنگ عظيم ۾ انگريزن جي رُڌل
هجڻ سبب هندستان ۾ فقط يارهن هزار فوج ۽ هڪ
توبخانو وڃي بچيو هو. تحريڪ جي باني شيخ الهند جو
خيال هو ته هيءُ مناسب موقعو آهي ته هندستان ۾
طاقت جي ذريعي انگريزن جي حڪومت جو تختو اونڌو
ڪجي. منصوبو ائين هو ته ترڪيءَ جي سهڪار سان
افغانستان جي ذريعي هندستان تي حملو ڪرايو وڃي. هن
سلسلي ۾ مولانا عبيدالله سنڌي کي ڪابل موڪليو ويو
ته جيئن اُتي پهچي هو حالتن جو جائزو وٺي ۽ تحريڪ
کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ڪا ترڪيب سوچي. ۽ حاجي ترنگ
زئي کي نياپو موڪليو ويو ته هو آزاد قبائلين کي
انگريزن خلاف جنگ لاءِ ڀڙڪائي. تحريڪ جهاد جي مرڪز
چمرقند اطلاع موڪليو ته هو پنهنجي تحريڪ زور شور
سان شروع ڪن ۽ پاڻ حجاز جي سفر لاءِ روانو ٿي ويو،
ته جيئن ترڪيءَ جي اڪابرن کي هندستان جي آزاديءَ
لاءِ اخلاقي ۽ فوجي امداد ڏيڻ واسطي تيار ڪن.
اُهائي ڳالهه ريشمي رومال سازش ڪيس مان ظاهر ٿئي
ٿي. مولانا عبيدالله سنڌي ۽ تحريڪ جي ٻين سورمن جي
خلاف جيڪو ڪيس تيار ڪيو ويو هو، تنهن ۾ ”سازش جا
مقصد“ جي عنوان سان چٽيءَ ريت لکيل آهي ته:جو
هزمئجسٽي جي فوجن خلاف جنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ، جنگ
لاءِ مدد ڪرڻ يا هزمئجسٽي کي هندستان جي اقتدار
اعليٰ کان محروم ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ جي طريقه ڪار
بابت لکيو آهي ته ”هندستاني مسلمانن ۾ قرآن (پاڪ)
جي غلط تشريح (نعوذ با الله) ۽ ٻين طريقن ذريعي
مذهبي تعصب پکيڙي، سرحدي قبائلين ۽ افغانستان ۾
برطانيه جي خلاف نفرت پيدا ڪري، انهن ملڪن جي عوام
کي برطانيه جي خلاف جنگ ڪرڻ لاءِ آماده ڪري، ترڪي
حڪومت کان جنگي امداد وٺي ۽ ان مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ
چندو گڏ ڪري. آخرڪار هيءُ ارادو ڪيو ويو ته جيئن
ئي ٻاهرين ملڪن کان وڏي امداد ۽ حمايت جي پڪ ٿي
وڃي، ته هڪدم هندستان ۾ برطانوي حڪومت خلاف بغاوت
ڪئي وڃي.
مرڪز:
هن تحريڪ جو پهريون مرڪز دارالعلوم ديوبند هو. ان جو سبب هيءُ آهي ته حضرت
شيخ الهند جي ذات بابرڪات ۽ عالي صفات سان ان جو
تعلق هو. مگر مولانا سنڌي جو ڪابل ۽ حضرت شيخ
الهند جي حجاز اسهڻ ڪري، ان جو اصلي مرڪز ڪابل ٿي
ويو هو ۽ هندستان ۾ ڪيتريون ئي جايون هن تحريڪ جي
ننڍن مرڪزن جي حيثيت رکندڙ هيون. هندستان ۾ دهلي،
ڪلڪتو ۽ ديوبند خاص مرڪز هئا. سنڌ ۽ پنجاب ۾
ڪراچي، حيدرآباد، پير جهنڊو، امروٽ، دينپور ۽
لاهور هن تحريڪ جا اهم مرڪز هئا.
سنڌ جو حصو:
هن تحريڪ ۾ سنڌ جو حصو نهايت اهم ۽ ساراهه جوڳو رهيو آهي. هن تحريڪ جي وڏي
اڳواڻ کان وٺي ننڍڙي ڪارڪن تائين ۽ خدائي
فوج(ڇوٽڪارو ڏياريندڙ فوج) ۾ قائم مقام کان وٺي
ليفٽيننٽ جي عهدي تائين ۽ حڪومت وقت ۾ نهايت اهم
عهدن تي سنڌي نظر ايندا هئا.
ريشمي رومال تحريڪ جي سڀ کان اهم شخصيت سنڌ جو مايه ناز فرزند مولانا
عبيدالله سنڌي هو ۽ هن تحريڪ جي اهم شخصيتن ۾ شيخ
محمد ابراهيم، پير سيد اسدالله شاهه، حاجي عبدالله
هارون، شيخ عبدالرحيم، فتح محمد، مولوي محمد علي،
محمد حسن، مولانا حافظ محمد صادق، مولانا رشدالله،
حاجي ڊاڪٽر شاهه بخش لاشاري، مولانا تاج محمود
امروٽي، حڪيم قاضي عبدالقيوم عباسي حيدرآبادي ۽
مولانا لغاري ته اهي شخصيتون آهن، جن جو ذڪر ڪنهن
نه ڪنهن طريقي سي- آءِ- ڊي عبدالله رپورٽن ۾ موجود
آهي. ان کانسواءِ اهڙا ڪيترائي شخص هوندا، جن کان
سي-آءِ-ڊي وارا بيخبر رهيا، پر انهن جي سڃاڻپ ٿي
چڪي آهي. ’عارضي حڪومت‘ ۾ سڀ کان اهم ۽ فعال شخصيت
سنڌ جي عالم ۽ مفڪر مولانا عبيدالله جي هئي، جيڪي
هندستان جي ’عارضي حڪومت‘ ۾ وزير داخله جي عهدي تي
فائز رهيا. ڇوٽڪارو ڏياريندڙ فوج ”خدائي لشڪر“ جي
وڏي ۾ وڏي ۽ اهم عهدي جنرل جا قائم مقام پڻ هئا.
ان کان علاوه ليفٽيننٽ جي عهدي تي امروٽ (ضلع سکر)
جو مقتدر عالم دين ۽ شيخ طريقت مولانا تاج محمود ۽
مولانا سنڌي جا شاگرد ۽ فخر سنڌ پير سيد اسدالله
شاهه ٽکڙائي فائز هئا. ميجر جنرل جي حيثيت سان ان
فهرست ۾ شيخ ابراهيم سنڌي جو نالو چمڪي رهيو آهي.
اهڙيءَ طرح ’ڪرنل‘ جي عهدي تي پڻ سنڌ جي سرزمين جي
ئي مشهور ماڻهن جا نالا نظر ايندا. انهن مان هڪ
مولانا عبدالله لغاري، جنهن کي مولانا سنڌي جي
صحبت ۽ مدرسي دارالرشاد ۾ مولانا سنڌي جي نائبي ۽
افغانستان جي سفر ۾ رفاقت جو شرف حاصل ٿيو هو. ٻي
هستي ڪراچي جي مشهور عالم دين ۽ سياسي اڳواڻ
مولانا حافظ محمد صادق کڏه واري جي هئي. جڏهن ته
ٽين شخصيت مشهور انقلابي شيخ عبدالرحيم حيدرآبادي
جي هئي ۽ ريشمي خطن ۾ پهرين اها ئي شخصيت هئي،
جنهن ڏانهن خط لکيو ويو هو ۽ ليفٽيننٽ ڪرنل جي
عهدن تي ڊاڪٽر شاهه بخش ۽ محمد علي سنڌي جا نالا
قابلِ ذڪر آهن.
قاضي محمد اڪبر(مرحوم) پنهنجي هڪ مضمون ۾ مولانا سنڌي، حاجي شاهه بخش، شيخ
عبدالرحيم، مولانا محمد صادق، مولانا تاج محمود،
سيّد اسدالله شاهه ۽ پنهنجي والد (قاضي) عبدالقيوم
کان علاوه، جن جا نالا ”تحريڪ ريشمي رومال“ سازش
جي سلسلي ۾ سي .آءِ. ڊي جي رپورٽن ۾ لکيل آهن، سي
هي آهن: ڪريم بخش نظاماڻي، عقيل هالو، حاجي حيدر
خان نظاماڻي هالائي، پير آغا حسن جان، آغا حسين
جان سرهندي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي (جيڪو قاضي
محمد اڪبر جو وڏو چاچو ٿئي) غلام محمد ڀرڳڙي، پير
سيد تراب علي شاهه راشدي، ۽ ڳوٺ پير جهنڊو جي سيد
محب الله شاهه راشدي کي نه فقط ريشمي رومال تحريڪ
۾ رڳو ڪارڪن بلڪ سنڌ ۾ مذڪوره تحريڪ جو روح روان
سڏيو ويو آهي.
”تحريڪ ريشمي رومال“ جي سلسلي ۾ جن معتبر سرويچن جا نالا آيا آهن، انهن جو
تحريڪ سان فقط رسمي تعلق نه هو. مولانا محمد ميان
هن تحريڪ ۾ جتي ملڪي يا جڳ مشهور رهنمائن ۽ حضرت
شيخ الهند جي صلاحڪارن ۽ مددگارن جو ذڪر ڪيو آهي،
اتي ڊاڪٽر مختار احمد انصاري، مولانا ابوالڪلام
آزاد، مولانا محمد علي، حڪيم اجمل خان ۽ نواب
وقارالملڪ سان گڏ مولانا محمد صادق، شيخ عبدالرحيم
۽ مولانا تاج محمود امروٽي جو پڻ ذڪر ڪيو آهي.
حضرت شيخ الاسلام مولانا حسين احمد مدني پڻ انهن بزرگن جي حالات ۽ خدمتن جي
ذڪر ڪرڻ کان علاوه حاجي شاهه بخش مرحوم جو ذڪر خير
پڻ ڪيو آهي. آزاديءَ جي سنڌي سورمن جي ڳــُـڻن ۽
سندن اثر رسوخ جي باري ۾ وي- وي وپان ريشمي رومال
تحريڪ تي تبصرو ڪندي لکي ٿو ته عبيدالله (سنڌي) جا
ڪٽر تعصب پرست دوست، پير ۽ مائٽ، جيڪي سنڌ ۾
رهندا هئا، تن جا لڳ لاڳاپا هندستان ۾ هر هنڌ
موجود هئا.
تحريڪ جا سنڌي مجاهد:
”تحريڪ ريشمي رومال بابت سنڌ جي مجاهدن ۽ سرويچن جا مختصر حالات هيٺ ڏنا وڃن
ٿا: تعارف ۽ تحريڪ ۾ هر هڪ جي اهميت ۽ سندن مان
مرتبي جي لحاظ کان پاسيرو رکي، صرف الف- بي وار
ترتيب سان سندن احوال پيش ڪيو وڃي ٿو:
اسدالله شاهه، سيد:
15 شعبان سنه 1285 هه ۾ ٽکڙ(ضلع حيدرآباد) ۾ پيدا ٿيو.(1)
سندن والد بزرگوار جو نالو سيد الله بخش شاهه آهي.
شروعاتي تعليم حيدرآباد(سنڌ) ۾ حاصل ڪيائين. مدرسه
دارالرشاد ڳوٺ پير جهنڊو( تعلقو هالا)، دارالعلوم
ديوبند، بعد ۾ مدرسه نظارة المعارف القرآنيه دهلي
جو پڻ شاگرد ٿي رهيو آهي. پاڻ عالم، حڪيم، خطيب،
مصنف ۽ شاعر هئا. ”فدا“ سندن تخلص هو. مولانا
سنڌيءَ جا شاگرد، رفيق ۽ ريشمي رومال خطن واري
سازش ڪيس جي داخلا موجب هڪ اهم شخصيت ۽ مولانا
عبيدالله سنڌيءَ جا نهايت سرگرم ايجنٽ هئا.
ڇوٽڪارو ڏياريندڙ فوج (خدائي فوج) ۾ سندن عهدو ليفٽيننٽ جي برابر هو. ان کان
علاوه تحريڪ خلافت ۾ پڻ سرگرميءَ سان حصو ورتائون.
سندن ايثار ۽ قربانيءَ متعلق قاضي محمد اڪبر لکيو
آهي ته: ”قربانيون ڏيڻ ۽ تڪليفون سهڻ ۾ هن پنهنجو
پورو پورو حق ادا ڪيو“.
14 ۽ 21 سيپٽمبر جي وچ واري هفتي دوران کيس گرفتار ڪيو ويو. ”ريشمي رومال
تحريڪ سازش“ جي ڏوهين جي گهربل فهرست ۾ سندن مڪمل
احوال هيٺين لفظن ۾ آيو آهي:
”غالباً امروٽ (ضلع سکر سنڌ)(2)
جو رهاڪو آهي. عبيدالله جو ساٿي، مدرسه ڳوٺ پير
جهنڊي (تعلقه هالا) ۾ ان وقت تعليم حاصل ڪيائين،
جڏهن عبيدالله سنڌي اتي هو. ڪجهه وقت مدرسه نظارة
المعارف القرآنيه دهليءَ ۾ شاگرد ٿي رهيو. پڪ ئي
پڪ هيءُ عبيدالله جو نهايت سرگرم ايجنٽ پڻ آهي.
ڇوٽڪارو ڏياريندڙ خدائي فوج جي فهرست ۾ ليفٽيننٽ
جنرل جي عهدي تي فائز هو. 27 رجب 1344هه ۾ پنهنجي
اباڻي شهر ٽکڙ ۾ وفات ڪيائون.
تاج محمود امروٽي، مولانا:(3)
امروٽ جي مشهور مذهبي شخصيت، ”تحريڪ شيخ الهند“ جا خاص رڪن ۽ حضرت جا
صلاحڪار ۽ مددگار هئا. وڏي اثر رسوخ وارا ۽ طريقت
جا صاحب هئا. مولانا عبيدالله جي ڪابل وڃڻ وارن
انتظامن ۾ سندن خاص هٿ هو. سندن شمار سنڌ جي مدبر
۽ انقلابي رهنمائن ۾ ٿئي ٿو. خلافت، ترڪِ موالات ۽
هجرت وارين تحريڪن ۾ سندن حصو نمايان آهي. ريشمي
رومال سازش ڪيس جي سلسلي ۾ تڪليفن، آزمائش ۽ جيل
وڃڻ جا دور کين ڏسڻا پيا. مولانا حسن احمد مدني
لکيو آهي ته، ”کين گرفتار ڪري، وري ٿورن ڏينهن کان
پوءِ آزاد ڪيو ويو ۽ تحريڪ خلافت جي پوين ڏينهن ۾
وفات ڪيائون.“
ريشمي رومال سازش ڪيس ۾ سندن ذڪر گهڻين جاين تي آيو آهي. سازش جي ڏوهارين ۾
سندن ذڪر هيٺين ريت ڪيو ويو آهي.
”تاج محمود سنڌ جو رهاڪو شايد اهو ئي مولوي تاج
محمود امروٽي ضلع سکر(سنڌ) آهي، جنهن جو سنڌ ۾
ٻئي نمبر تي زبردست اثر رسوخ آهي. فقط مولوي
همايوني
(1) جو اثر کائنس وڌيڪ آهي. هو کڏي ڪراچي واري
مولوي محمد صادق جو دوست آهي، جيڪو هينئر
ڪارواڙ(مهاراشٽر) ۾ نظر بند آهي. انومان آهي ته هن
مولوي عبيدالله جي افغانستان ڀڄي وڃڻ ۾ مدد ڪئي
هئي. سندن هزارين مريد، جن ۾ وڏا وڏا زميندار،
وڪيل ۽ سرڪاري ڪامورا شامل آهن ۽ ”ڇوٽڪارو
ڏياريندڙ فوج(خدائي فوج) ۾ ليفٽيننٽ جنرل آهي.“
ريشمي خطوط سازش ڪيس ۾ نالو حمدالله آيو آهي،
پر صحيح نالو احمد الله آهي.
سيد اسد الله شاهه ٽکڙ ضلع حيدرآباد سنڌ جو
رهاڪو هو.
امروٽ هينئر شڪارپور ضلع ۾ آهي.
”سازش
ڪيس
“
۾ سندس نالو تاج محمد آيو آهي، پر سندن نالو
تاج محمود آهي.
مشهور عالم دين ۽ شاعر مولانا عبدالغفور”مفتون“
همايون ضلع شڪارپور جو ويٺل هو.
|