سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع (1-2)

 

صفحو :5

(6)

جيئن مون مٿي عرض ڪيو آهي ته سنڌ جي هن پهرين باقاعده تنظيم کي سال 1884ع ۾ پورو اوج ملي چڪو هو، ٺيڪ ان ريت هن سال ۾ ئي ”سنڌ سڀا“ جو زوال به شروع ٿي ويو. ان متعلق اسانکي هي واقعا، تاريخون ۽ سال ذهن ۾ رکڻ گهرجن. اسان کي هي ته ياد آهي ته هن تنظيم ۾ سنڌ جا سڀ طبقا يعني هندو، مسلمان، پارسي ۽ عيسائي شامل هئا. مسلمانن پاران خيال آهي ته خانبهادر حسن علي آفندي، هن ميڙ ۾ شريڪ ٿيندو هو. غالباً آفندي صاحب، آڪٽوبر 1884ع تائين ان جو صدر رهيو.(؟)

ڊاڪٽر ممتاز بخاري لکي ٿو ته:آفندي مرحوم سال 1881ع ۾ ڪراچي ميونسپل تي نامزد ٿيو هو(ٿيسز، ص 116). ان کان اڳ هن صاحب سال 1880ع ۾ ”انجمن اسلام“ ٺاهڻ جي ناڪام ڪوشش پڻ ڪئي هئي. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر بخاري يا ڪجهه ٻين عالمن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ انجمن اسلام، مجمع محمدي يا سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جي تنظيم يا عمل ، سر سيد جي حوالي سان شروع نه ٿيو، تاهم  منهنجو خيال آهي ته هي معاملو اڃا ڪافي تحقيقي طلب آهي. هڪ طرف آفندي صاحب ڪراچيءَ جو ڪونسلر هو، ته ٻئي پاسي هو صاحب سنڌ سڀا جو به مکيه اهلڪار هو. تڏهن به ڏسجي ٿو ته کيس اطمينان حاصل نه ٿيو. هن هڪ ڀيرو وري 16 مارچ 1884ع تي، ڪراچيءَ ۾ مسلمانن جو ميڙ ڪوٺايو ۽ ”مجمع محمدي“ ٺاهي ورتائين. آفندي صاحب صدر، اٻوجهو مرحوم جنرل سيڪريٽري، فتح علي شيخ احمد نائب صدر ۽ فيض محمد علي جائنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيا. ان زماني ۾ سياسي اهلڪارن لاءِ ڪنهن به هڪ جماعت سان وابستگيءَ جو شرط لاڳو  نه هو. اهوئي سبب آهي جو آفندي ”سنڌ سڀا“ ۽ ”مجمع  محمدي“ ۾ هڪ ئي وقت ڪم ڪندو رهيو. خبر نه آهي ته ڪهڙي محاذ تان حسن علي آفندي هي تجويز ڏني ته ڪراچي ۾ ”مدرسو“ قائم ڪجي ؟ البته هن تجويز تي ڏاڍو گوڙ ٿيو. انگريز، پارسي ۽ مسلمان مدرسي جي حق ۾ هئا، ته هندن جو خيال هيءُ هو ته جڏهن سنڌ ۾ سيڪنڊري تعليم جو ڪجهه بندوبست آهي، ته پوءِ بهتر ٿيندو جو اسين ڪراچيءَ ۾ ڪاليج ٺهرائڻ لاءِ ڪوششون ڪريون. خير ڌڪي ڌوڻي معاملي کي سلجهايو ويو ۽ ميونسپل به پنج هزار روپيا، مدرسي ٺهرائڻ لاءِ چندو ڏنو. (ص 58، حاشيه، مسدس اٻوجهو).

ڊاڪٽر بخاريءَ جي راءِ آهي ته مجمع محمدي ذريعي مدرسته الاسلام ٺهيو، جتان پوءِ سنڌ محمدن ائسوسيئشن ٺهي، جنهن اڳتي هلي سنڌ ۾ مسلم ليگ کي منظم ڪري، پاڪستان ٺاهڻ ۾ سنڌ پاران اهم ڪردار ادا ڪيو. خود پاڪستان جو باني به هن مدرسي جو فارغ التحصيل آهي. جيتوڻيڪ هن واقعي بعد سنڌ جي مسلمانن ۽ هندن جون راهون الڳ الڳ ٿي چڪيون هيون، تاهم آفندي صاحب اڃا به سنڌ سڀا ۾ رهندو آيو ۽ ان جو صدر پڻ.

سال 1884ع مهينو آڪٽوبر هند توڙي سنڌ جي سياست ۾ ڪيترن ئي خيالن کان انتهائي اهميت وارو آهي. رپن سرڪار جيڪا اڳ ۾ ئي هندستان ۾ پاپولر هئي، ان جي مڃتا ۾ اڃا به وڌيڪ اضافو تڏهن آيو،. جڏهن هن مهيني ۾ ”بمبئي ڊسٽرڪٽ ميونسپل ترميمي ائڪٽ 1884ع“ ۽ ”بمبئي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ائڪٽ“ جاري ٿيا. هنن بلن ذريعي ڪراچيءَ ۾ به نامزد ماڻهن بجاءِ چونڊيل عيوضي ميونسپل جو ڪاروبار سنڀالڻ وارا هئا. دراصل هنن بلن جي جاري ٿيڻ ۽ ترميمن لاءِ، سنڌ جي دانشورن گهڻو تحرڪ ورتو هو. درخواستون، عريضيون ۽ ٻيا سڀ طريقا آزمايا ويا هئا. هنن بلن جي نفاذ لاءِ ۽ انهن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ سنڌ سڀا پنهنجي اخبارن سميت گهڻو جوش ۽ جذبو ڏيکاريو. هن انجمن لارڊ رپن جي ”لوڪل سيلف گورنمينٽ اسڪيم“ تي عمل ڪرڻ لاءِ گهڻو پاڻ پتوڙيو. بلن ۾ اصلاح واسطي، سنڌ مان ليجسليٽو ڪونسل بمبئي لاءِ پڻ عيوضي موڪليا ويا. ميونسپل بل ضروري بحث مباحثي ۽ ترميمن بعد قانون ٿي ويو. ان بعد حسن علي، ڏيارام گدومل ۽ ٻين پبلڪ آڏو جلسا ڪري، ووٽرن کي پنهنجي حقن ۽ ذميدارين جو احساس ڏياريو ته جيئن ميونسپل ۾ مهذب عيوضي چونڊجي اچن.

آڪٽوبر 1884ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ”سنڌ سڀا“ جو هڪ ميڙ ٿيو. تجويز هيءَ آئي ته لارڊ رپن کي سندس ڪاميابين تي مانپتر ڏنو وڃي. خانبهادر حسن علي آفندي زبردست اختلاف ڪري اٿي ويو ۽ باقي ڪارڪنن ۽ عهديدارن تجويز پاس ڪئي ۽ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ مختلف رٿون سامهون آنديون ويون. آفندي صاحب جو هي اختلاف پوءِ سنڌ جي سياست ۾، تمام نتيجه خير ثابت ٿيو، جنهن جو تفصيل هيٺ اچي رهيو آهي. هن اجلاس ۾ ساڌو هيرانند هڪ زبردست تقرير ڪري، سنڌ جي خطابت جو پورو پورو زور ڏيکاريو. هي صاحب ذاتي طرح به لارڊ رپن جي شخصيت جو وڏو مداح هو - سنڌ سڀا پنهنجي تجويز کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ سڄي سنڌ مان چندو ڪجي ۽ ماڻهن کي ”رپن“ جي شخصيت سان روشناس ڪرائجي، ان دوري لاءِ سنڌ سڀا پاران، ساڌو هيرانند کي مقرر ڪيو ويو. اهڙو اطلاع سندس هڪ خط مان هن ريت ملي ٿو:

”آئون تمام جلد هڪ سياسي ڪم سان اندرون سنڌ وڃي رهيو آهيان. ڪاميابي ٿئي يا نه، پر مون لاءِ هي هڪ سٺو تجربو ثابت ٿيندو.“

آخرڪار مانپتر  (Address)جون هزارين ڪاپيون -- سنڌي ۽ انگريزي ۾ تيار ڪري سڄي سنڌ ۾ صحيحون وٺڻ لاءِ موڪليون ويون. هڪ سفارتي وفد تيار ڪيو ويو، ته جيئن سنڌ جو مانپتر، لارڊ رپن کي بمبئي ۾ سهڻي نموني سان پيش ڪيو وڃي. هن وفد ۾- ڏيارام گدومل، ساڌو هيرانند، مسٽر فتح علي (مسٽر بدرالدين طيبجيءَ جو مائٽ)، ڀائي هيرانند مسند شڪارپوري ۽ لاڙڪاڻي جي وڏي جاگيردار سرائي ٺاري خان جو پٽ شامل هئا. انهيءَ سفارت بمبئي سرڪار سان، مسٽر بدرالدين طيبجيءَ جي معرفت لکپڙهه ڪئي. هي تقريب ”بمبئي ٽائون هال“ ۾ ٿي گذري، جتي رپن صاحب کي سنڌ سميت، ٻين صوبن پاران هزارن جي تعداد ۾ مانپتر ڏنا ويا. انگريزيءَ ۾ ائڊريس، ڪڇ جي ٺهيل تمام سهڻي چانديءَ جي پيتڙيءَ ۾ پيش ڪئي وئي ۽ سنڌي مانپتر تمام خوبصورت، چمڪدوز ۽ زيڪ جي پوتڙيءَ ۾ ڏنو ويو. ان زماني ۾ سنڌ ڪنڊيءَ جو ڪم تمام سٺو ٿيندو هو ۽ اها به هڪ قسم جي سوکڙي هئي. هن موقعي تي بمبئي ۾ سنڌي رهنمائن سنڌ جي مسئلن تي اختياريءَ وارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان سان گڏ سنڌي سفارت، هندستان جي متعدد مفڪرن ۽ سياسي ڪارڪنن سان ملاقات ڪري، خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي. اهڙي هڪ ملاقات ڏيارام گدومل ۽ بهرامجي ملباريءَ ۾ ٿي، جنهن سنڌي سفارتڪار تي گهڻو اثر ڇڏيو. ان بعد ڏيارام رفاهي ڪمن ڏي متوجـه ٿيو. سال 1888ع، ۾ ڏيارام انگريزي زبان ۾ مسٽر ملباريءَ جي سوانح پڻ شايع ڪئي هئي.

 

(7)

سنڌ ۾ 1- نومبر 1884ع تي بلدياتي اليڪشن ٿي گذري. سنڌ سڀا دلچسپي ورتي ته ڪراچي ميونسپل ۾ ڪي سٺا ماڻهو چونڊجي اچن. هن متعلق ڏيارام گدومل جو سوانح نگار لکي ٿو:

”سنڌ سڀا ڪوشش ورتي ته چڱا ماڻهو چونڊجن، پر هاڻي ته ڇڪڙن وارن ۽ ويشائن کي به ووٽ جو حق مليو هئو. ووٽن وٺڻ لاءِ مجلسون ۽ ناچ ڪرايا ويا، جي سڄي رات هلندا رهيا، ته جيئن ووٽرن کي صبح جو گاڏيءَ ۾ چاڙهي، سلامتيءَ سان ووٽ ڏياريو وڃي. قاعدن موجب ووٽن جي وڪري تي ڪا به بندش نه هئي، انڪري ڏاڍيون خرابيون نڪتيون، جي سنڌ سڀا وارن بنا ڊپ ڊاءُ جي اخبارن ذريعي ظاهر ڪيون. 11 - ڊسمبر 1884ع تي نتيجو ظاهر ٿيو. ماڻهو معتبر چونڊيا. ساڌو هيرانند ۽ ڏيارام گدومل جي ڪوشش ڪامياب وئي.“(ص 17 ۽ 18)

نئين ميونسپل ڪارپوريشن پهرين جنوري 1885ع تي ذميداريون سنڀاليون. پهرين آگسٽ 1885 تي، سڀا جو صدر سيٺ آتما رام وفات ڪري ويو، بعد ۾ ڏيارام ڄيٺمل صاحب ان جو صدر ٿيو.

سنڌ سڀا جي سرجوشي ۽ پروگرامن ۾ ڪا به گهٽتائي نه ٿي. اڻ چٽو مواد، ان حقيقت جي علامت آهي ته هن سڀا سنڌ جي ڪيئي مسئلن تي پنهنجي موقف جو اظهار ڪيو، احتجاج ڪيو ۽ انهن کي حل ڪرايو. هن انجمن سنڌ جي ناقص جاگيرداري سسٽم ۽ شڪارپور جي ڪجهه زميندارن سان روينيو ڏاڍاين تي آواز اٿاريو. هنن مسئلن تي، پوءِ مسٽر ارسڪن جوڳو ڌيان ڏنو. ان کان علاوه سنڌ جي هن پهرين سياسي تنظيم ڪراچيءَ جي مقامي وقت جي بحالي، ڪراچي سٽي ڀرسان برانچي پوسٽ آفيس ۽ ٽيليگراف آفيس کولائڻ، ڪراچي پورٽ  ٽرسٽ بل پاس ڪرائڻ (جيڪو پوءِ 1886ع ۾ ائڪٽ بنيو)، لينڊ روينيو ڪوڊ جي زرعي سڌارن سميت ترميم واري تحريڪ، ۽ حيدرآباد شهر ۾ ڪن قبيلن جي لاقانونيت جي خاتمي جهڙن مسئلن تي تمام گهڻو جوش ڏيکاريو ۽ ڪم ڪيو. سنڌ سڀا جو جيڪو هڪ وڏو ڪارنامو آهي، ان کي سنڌ جي تعليمي تاريخ ۾ مٿانهين حيثيت ملڻ گهرجي. دراصل ڊي - جي- سنڌ ڪاليج هن تنظيم جي پليٽ فارم تان ٺهيو ۽ وجود ۾ آيو. افسوس جو هي حقيقت اڄ سوڌو عام جي نظرن ۾ اچي نه سگهي آهي. سنڌ ۾ ڪاليج جي قيام لاءِ، هڪ وفد تعليمي ڪميشن سان ملاقات ڪئي، ۽ مسٽر هنٽر جڏهن خانگي دوري تي ڪراچي پهتو، تڏهن به کيس ان مسئلي کان آگاهه ڪيو ويو. هن ڪم جي پورائي لاءِ اصل ڪم ڏيارام گدومل ڪيو، جنهن ذاتي دلچسپي وٺي، هزارين رپين جو چندو ڪيو. ان کان علاوه مسٽرگپتا، ساڌو هيرانند ۽ ڏيارام ڄيٺمل به وڏي سرجوشي ڏيکاري. آخرڪار سنڌ سڀا کي، ڪاليج ٺاهڻ ۾ به ڪاميابي حاصل ٿي. ساڌو هيرانند ”انڊين نيشنل ڪانگريس“ جي ٻئي سالانه اجلاس، منعقده ڪلڪتي ۾ (ڊسمبر 1886ع) شرڪت کان جيئن ئي سنڌ واپس پهتو، ته لارڊ ري گورنر بمبئي، ڪاليج جي افتتاح لاءِ ڪراچي پهچي چڪو هو. افتتاح لارڊ ري، ۽ مسٽر شونداس چاندومل هٿان تاريخ سترهين جنوري 1887ع تي ٿي گذريو. ان وقت رڪارڊ تي ڪل اٺاويهه شاگرد هئا. هي ڪاليج پوءِ مسٽر ڏيارام ڄيٺمل جي خدمتن جي ڪري، سندس نالي معنون ٿيو ۽ ڊي - جي سنڌ ڪاليج سڏيو ويو. هي سنڌ سڀا جي آخرين وڏي ڪاميابي هئي.

(8)

سنڌ سڀا ۾ اختلاف پهريون ڀيرو، آڪٽوبر 1884ع ۾ هڪ ميڙ دوران ٿيو، جتي لارڊ رپن کي مانپتر ڏيڻ وارو فيصلو ٿيو. ان جو ذڪر اڳ ئي ٿي چڪو آهي. هي اختلاف هن انجمن لاءِ ته فيصله ڪن ٿيو، پر ساڳئي وقت سنڌ جي سياست ۾ پڻ ان کان پوءِ ڪافي تبديلي آئي. سنڌ جا مسلمان هڪ طرف ۽ هندو ٻئي طرف - هن واقعي بعد ٿيا. هن واقعي بابت ڏيارام گدومل جي سوانح نگار، هن ريت روشني وڌي آهي:

”آڪٽوبر 1884ع ۾ سنڌ سڀا جو ڪراچيءَ ۾ ميڙ ٿيو. فيصلو ٿيو ته لارڊ رپن کي مانپتر ڏجي ۽ سندس لاءِ سنڌ ۾ شناخت پيدا ڪجي. سندس آجيان لاءِ، سموري هندستان ۾، جدا جدا ڀاڱن مان هزار کن مانپتر تيار ٿيا هئا. سنڌ ۾ به هيءَ رٿ آئي ته کيس سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ مانپتر ڏجي. خانبهادر حسن علي آفندي چيو ته مانپتر بجاءِ فقط هڪ خط لکي موڪلجيس ته بس آهي. ڏيارام گدومل، آفنديءَ جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته جڏهن هندستان جو هر  ڀاڱو مانپتر ڏئي ٿو ته پوءِ سنڌ جي پوئتي پوندي ته مٿس لعنت آهي. آفندي هن لفظ تي ناراض ٿي، لعنت لعنت چوندو سڀا مان نڪري ويو ۽ مسلمانن جي وڃي جدا انجمن ٺاهيائين، جنهن جي تحريڪ سان مدرسو برپا ٿيو“ (ص 19).

دراصل آفندي صاحب ’مجمع محمدي‘ اڳ ۾ ئي ٺاهي چڪو هو، جيئن اسان مٿي ٻڌايو آهي. البته هن معاملي، هميشه لاءِ سنڌي هندن ۽ مسلمانن کي علحده ڪري ڇڏيو. ان بعد سنڌي مسلمانن عليڳڙه ڏي نهاريو ۽ هندن وري ڪانگريس جو رخ رکيو. ان بعد هندستان جي هندن ۾ جيڪا سياسي طرح تبديلي آئي، ان متعلق هڪ سوانح نگار، اجهو هن ريت لکيو آهي:

”ڏيارام به نيٺ ته عامل هندو هو، سو آخر تائين گانڌيءَ جي فڪر جي پوئلڳي ڪندو رهيو“.

ساڳيءَ ريت، مسٽر هيرانند جو اضافي سوانح نگار لکي ٿو:

”هاڻي سنڌي مسلمانن ۽ هندن ۾ جيڪو گهڻو فرق آهي(1932ع ۾)، سو ان وقت ابتدائي مرحلن ۾ هو. سنڌ سڀا سنڌ جي سڀني طبقن کي متحد ڪرڻ لاءِ آهي، سا گهڻو وقت پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري سگهي. هيءَ علحدگي لارڊ رپن ۽ ڊفرن جي زماني ۾ پيدا ٿي“.

ورندي سال يعني سال 1885ع ۾ ”آل انڊيا ڪانگريس“ جو بنياد پيو، ته سڀا جي اهلڪارن جو سڄو ڌيان ان طرف ويو. ڪانگريس جي ٻئي سالياني اجلاس، سنڌ سڀا جيڪو وفد موڪليو، ان ۾ ساڌو هيرانند پڻ شامل هو. بعد ۾ سياسي پليٽ فارم تان، مسٽر هيوم جي تقرير کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌ ۾ پکيڙيو ويندو هو. ڏيارام ڄيٺمل جي وفات (21-8-1887ع) - هن سياسي انجمن جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو، جيئن ليکڪ ٻڌائين ٿا:      

“He was a tower of strength to the pepole, and the Sindh Sabha Practically died with his death (Hiranand - P 270)”

ساڌو هيرانند هن موت جو، پنهنجي ڀاءُ موتيءَ کي هن ريت اطلاع ڏنو.

”عزت ماب مسٽر ڏيارام ڄيٺمل ڪالهه گذاري ويو. کيس ڇاتيءَ جي بيماري هئي. سندس موت، سنڌ لاءِ وڏو هاڃو آهي“. 22 آگسٽ 1887ع.

هاڻي هيرانند پڻ اخبارن ۾ رهڻ پسند نه ڪيو ۽ استعيفا ڏئي، 5- نومبر 1887ع تي حيدرآباد روانو ٿيو. ان بعد پاڻ حيدرآباد ۾ پنگتي سڌاري جي ڪمن کي لڳي ويو ۽ پڻ عورتن لاءِ هڪ رسالو ڪڍيائين. هن صاحب ”سنڌ هندو سڀا“ ٺاهي، شايد ”سنڌ سڀا“ جي خاتمي جو اعلان ڪيو. هن انجمن جي خاتمي ۽ حسن علي صاحب پاران محمدن ايسوسيئشن ٺاهڻ، جيڪا صورتحال پيدا ڪئي، ان تي مرحوم اٻوجهي هن ريت روشني وڌي آهي:

جڏهن دين اسلام هٿ حڪمران هو
وڏو ڀاءُ هندو ۽ ننڍو مسلمان هو
وڏي جو ننڍو ڀاءُ وڏو قدردان هو
ننڍو پڻ وڏي تي سدا جان فشان هو
ٻهراڙيءَ ۾ آهي اڃا رسم جاري
هندو ۽ مسلمان آهن ڀتر ڀائي.

وٺي ها اهو ڏينهن ڏاڍا سڌارا
وڃن ها سڀئي سنڌ جا سور ساراّ

 

(9)

جيئن مون مٿي لکيو آهي ته سنڌ جي هن پهرين سياسي تنظيم ۾، هندن ۽ مسلمانن ۾ جيڪو تفرقو پيو، ان اڳتي هلي، سنڌ جي هنن ٻن طبقن کي اڃا به علحده ۽ الڳ ٿلڳ ڪيو ۽ اڳتي هلي هڪ ڌر ڪانگريس ڏي رجوع ٿي ته ٻي ڌر مسلم ليگ کي پسند ڪري، اسلامي ملڪ پاڪستان ٺهرائڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. البته هي ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته آخر حسن علي آفندي رپن جي ڇو مخالفت ڪئي، ڏيارام گدومل جي هڪ لفظ کي بنياد بنائي علحدگي ڇو اختيار ڪئي ۽ ٻه سال پوءِ خود انگريز حاڪمن هٿان ”سنڌ مدرسته الاسلام“ جو افتتاح ڪرائي ۽ خانبهادريءَ جو لقب وٺڻ ڇو پسند ڪيو؟

سنڌ سڀا کي اڪثر سياسي تذڪره نگارن تمام گهڻو نظر انداز ڪيو آهي. مثال طور تازي دور ۾ جديد سياسي تاريخ جي حوالي سان منهنجي دوست ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جا ٻه ڪتاب منظر تي آيا آهن، پر انهن ۾ اکر به هن تنظيم جي حوالي متعلق نظر ڪو نه ٿو اچي. هي صورتحال گهڻو ڪري سنڌ جي سڀني اهلِ قلم حضرات سان لاڳو آهي. ڪن ليکڪن ته مورڳو ان کي ادبي تنظيم سڏيو آهي، جيڪو پڻ بنهه غلط  آهي. مون ”سنڌ سڀا“ جو ذڪر، اول ۾ پنهنجي دوست جناب مدد علي سنڌي صاحب جي ڪچهرين ۾ ٻڌو. سندس خيال آهي ته هي انجمن پوري ننڍي کنڊ جي پهرين سياسي پارٽي آهي، پر تاريخي مطالعو ۽ اڀياس ان جي تصديق کان ناڪاري آهي. البته ان کي سنڌ جي پهرين سياسي تنظيم سڏي سگهجي ٿو. مدد علي صاحب جو چوڻ آهي ته وٽس هن موضوع تي ڪافي مواد موجود آهي. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته پوءِ اهڙو مواد جلد منظر تي اچڻ گهرجي. اها سنڌ جي سياسي تاريخ جي وڏي خدمت ٿيندي. منهنجي ناقص ڄاڻ موجب هن موضوع تي مواد جي ڏاڍي کوٽ آهي، البته مون کي جيڪو ڪجهه مليو، ان کي مون پوري ذميداريءَ سان اهل علم ۽ اهل ذوق آڏو آندو آهي. ڪٿي ڪٿي قياس ۽ گمان کان پڻ ڪم ورتو آهي، ڇو ته حوالن ۽ ڪتابن جي کوٽ ڪري، سنڌ سڀا متعلق هي سڄو خاڪو مون کي پنهنجي ليکي تيار ڪرڻو پيو آهي. مون هتي ڄاڻي واڻي سنڌ سڀا کي سياسي پارٽيءَ بجاءِ تنظيم يا انجمن سڏيو آهي. منهنجي خيال ۾ ”پارٽي“ اکر وسيع ۽ همـہ گير مطلب لاءِ ڪم اچي ٿو، جڏهن ته مختصر سياسي ميڙ کي ”انجمن“ يا ”تنظيم“ سڏڻ ئي بهتر ٿيندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com