سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع (1-2)

 

صفحو :11

---- 2 ----

آل انڊيا مسلم ليگ جو 31- اجلاس

جناب سيد غلام مرتضيٰ شاهه (ايم. ايل. اي.(

استقباليه ڪاميٽيءَ جي چيئرمين جي تقرير

جناب قائداعظم، محترم خواتين ۽ معزز حضرات!

آل انڊيا مسلم ليگ جي استقباليه ڪاميٽيءَ طرفان آئون اوهان سڀني حضرات جو هن ”سر زمين سنڌو“ ۾ خير مقدم ڪريان ٿو.

”سنڌو“ مان منهنجو مطلب ايشيا کنڊ جو اهو ڀاڱو آهي، جو درياهه سنڌ ۽ ان سان ملحقه ندين جي ڪنارن سان لاڳو ملڪ آهي. قديم زماني ۾ سنڌ ۽ هند جدا ملڪ سڏبا هئا ۽ سنڌ ۾ ڪشمير، صوبه سرحد، پنجاب، بلوچستان ۽ موجوده صوبه سنڌ شمار ڪيا ويندا هئا، ليڪن جيئن زمانو گذرندو ويو، تيئن اهو نالي وارو ملڪ ايراضيءَ ۾ گهٽبو ويو، تان جو هينئر درياهه سنڌ جي فقط آخري حـصي واري ايراضيءَ سان وڃي منسوب ٿيو آهي. اڄ انهيءَ حقيقت کان بخوبي واقف رهي، اسان انهيءَ منزل ڏانهن دوباره وک وڌائي رهيا آهيون، جنهن ۾ اهي سنڌ جا مختلف حصا وري ملي، هڪ ٿي ويندا، جنهن جو راز ”پاڪستان“ جي پياري نالي ۾ مضمر آهي.

حضرات! سنڌ جي ماضي کي قدرت شاندار بنايو هو ۽ اسان کي اميد آهي ته سنڌ جو مستقبل به اهڙو ئي شاندار ٿيندو. ڪيترن ڳالهين ۾ هن سرزمين جي تاريخ يگاني ۽ يڪتا آهي. هيءُ ملڪ قديم تهذيب جو گهوارو ٿي رهيو آهي، جنهن جي تصديق موهن جي دڙي ۽ ٽئڪسيلا جون  کوجنائون ڪري رهيون آهن. هن سر زمين ۾ ڪيترائي نسل رلي ملي هڪ ٿي ويا آهن. هتي دراويدي، سامائيٽ، آريه، منگول ۽ حبشي نسلن جا نشان اڃا تائين نمودار آهن. هتي ڪيئي قومون آيون ۽ هن سرزمين نه فقط نسلن ۽ قومن کي گڏي هڪ ڪري ڏيکاريو آهي، بلڪ جنهن پيماني تي متضاد فلسفات ۽ مختلف مذهبن جو اختلاف ڪري ڏيکاريو آهي، ان جو مثال دنيا جي ڪنهن ٻئي حـصي ۾ مشڪل نظر ايندو. ٻـُـڌ ڌرم جيتوڻيڪ سر زمين هند ۾ ظهور ورتو، تڏهن به ان جا عقيدا جيتري قدر اڃا تائين سرزمين سنڌ ۾ اثرائتا نظر اچن ٿا، اوترا سندس ظهور واري زمين تي اڄ پيدا نه آهن ۽ مهاتما ٻڌ جو ”نفي“ (نروان) وارو پڙهايل سبق هن ملڪ جي ماڻهن اڃا نه وساريو آهي. جڏهن اسلام هن سرزمين تي پير پاتو، تڏهن ٻڌ جي ”نفيءَ“ واري تعليم ۾ ”اثبات“ جو اضافو ٿيو. ويدانت ۽ وحدانيت جي فلسفن جو به هڪ ٻئي تي جيترو اثر هن ملڪ اندر پيدا ٿيو، اوترو ٻئي ڪنهن هنڌ ڪو نه ٿيو. هڪ طرف هندو جوڳين تي وحدانيت اثر وڌو ۽ بت پرستي گهٽجڻ لڳي ته ٻئي طرف مسلم درويش شناس راڳ مان مستفيد ٿيا ۽ اهڙي طرح هندو ۽ مسلم عقائد هڪ ٻئي کي وڌيڪ ويجها آيا.
گرو نانڪ صاحب جي سکيا انهيءَ حقيقت جو هڪ خاص مثال آهي. مذهبي اتحاد پيدا ڪرڻ لاءِ شاهه ڀٽائي جهڙن صوفي شاعرن جي نيڪ ڪوشش هميشه هلندي رهي آهي. هن سرزمين جي باشندن خيالي اتحاد جي قيام جو جيڪو عملي ثبوت پيش ڪيو آهي، سو ناقابل ترديد حقيقت آهي ۽ انهيءَ ڪري ڇوت ڇات جا فرق، ڦير هن سرزمين ۾ ايتري قدر نظر نٿا اچن، جيتري قدر ٻين هنڌن تي اهي نمايان ڏسجن ٿا. واپار ۽ تجارت جي ذريعي مشرق ۽ مغرب جي مختلف تهذيبن کي ملائي هڪ ڪرڻ لاءِ قدرت طرفان جيڪا ڪوشش هن سر زمين تي ٿي آهي، اهڙي ٻئي هنڌ ڪٿي به ڪا نه ٿي آهي. هڪ طرف ديبل جو بندر بحري تجارت جو مرڪز هو ته ٻئي طرف سنڌ جا قافلا بين الاقوامي تجارت جو سلسلو بخارا ۽ سمرقند تائين جاري رکندا رهيا. درياءِ سنڌ جي زرخيز زمين ڪيترين ئي قومن کي ڪشش ڪري هن سر زمين تي آندو، جن مان گهڻيون هت پنهنجو وطن ڪري ويهي رهيون، جنهن جو ثبوت هڪ طرف آثار قديمه ۽ ٻئي طرف تاريخي ڪتاب پيش ڪري رهيا آهن
.

سياسي نقطه نگاهه کان هيءُ ملڪ گهڻن ئي قومن ۽ نسلن جو آماجگاه ٿي رهيو آهي. هن ملڪ جي زرخيزيءَ تازه طبع جنگي نسلن کي اُلهندي طرف کان هت اچڻ لاءِ گهڻو ڪري پئي حرصايو آهي ۽ جيڪڏهن انهن مان ڪي قليل ڦرلٽ جي مال تي راضي ٿي هتان موٽي هليا ويا ته گهڻا هت اچڻ بعد موٽي وڃڻ تي مائل نه ٿيا، جنهن ڪري هن ملڪ جي ماڻهن جي رڳن ۾ هميشه تازه خون موجزن رهندو آيو آهي. انهيءَ ڪري ئي بابل، مصر، ايران، يونان، عربستان ۽ افغانستان جا آثار اڄ به آسانيءَ سان هت نظر اچي سگهن ٿا، جن جي اثر جي مقابلي ۾ جنوبي هندستان جو جيڪڏهن ڪو اثر هن سرزمين تي آهي ته اهو ڪو به وزن ڪو نه ٿو رکي. مٿيون مختصر احوال هن ملڪ جي شاندار ماضيءَ بابت محض هن مراد سان عرض رکيو اٿم ته جيڪي ماڻهو هينئر ”هندي“ تسلط هيٺ فريفته ٿي سنڌ جي شان ۽ عروج کي وساري ويٺا آهن يا وساري ڇڏڻ لاءِ تيار آهن، تن جي ستل غيرت کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ هي حقيقتون تازيانه جو ڪم ڏئي سگهن.

گاهي گاهي باز خوان اين دفتر پارينه را

جنهن صورت ۾ اوهان کي هن ملڪ جي شاندار ماضيءَ مان ڪي ٽڪرا يادآوريءَ لاءِ پيش ڪيا اٿم، تنهن صورت ۾ اهو به ضروري آهي ته هن ملڪ جي مستقبل بابت ڪي پنهنجا رايا توهان اڳيان پنهنجي خيال موجب ظاهر ڪريان. انسان ابتداءِ آفرينش کان وٺي ارتقائي مرحلا طئي ڪندو پنهنجي اصلي مقصد يعني انسان ذات جي وحدت افڪار و ڪردار ڏي وڌي رهيو آهي. ان جون مذهبي خواه سياسي، نسلي خواه اقتصادي هنگامه آرايون ۽ تمنائون صرف ان مقصد عام کي پهچڻ لاءِ جدا جدا ڪوششون آهن، تواريخ جي هر هڪ صفحي مان توهان کي هن ارتقائي امر جو سلسلو صاف ڏسڻ ۾ ايندو. اوائل ۾ انسان ذات ننڍن ننڍن ڪٽنبن ۾ ورهايل هئي ۽ پوءِ ڪٽنبن مان گڏجي قبيلا قائم ٿيا، جن وري پوءِ قومن جي صورت اختيار ڪئي. انهيءَ اتحاد جا بنياد ڊپه مختلف هئا، جن مان ڪي هي هئا، ملڪ، زبان، طريقئه زندگي ۽ خيالات. ڪجهه وقت کان پوءِ ماده پرستي تي اتحاد جو بنياد آهستي آهستي ڪمزور ثابت ٿيڻ لڳو ۽ ان جي عيوض تخيل وڌيڪ مقبوليت حاصل ڪرڻ لڳو. نيٺ عربستان جي ريگستان مان هڪ نئون آواز اٿيو، جنهن قبيلن ۽ قومن کي اهڙي نئين طريقي سان ملائي متحد ڪري ڇڏيو، جنهن جهڙي ڪاميابي دنيا جي تواريخ مان اڳي ڪنهن به طريقي حاصل نه ڪئي هئي. اِهو طريقو اُهو هو، جنهن نسل، رنگ، طريقئه زندگي، ملڪ ۽ زبان وغيره جا امتياز، جن تي اتحاد جو بنياد اڳي رکيو ويندو هو، سي خارج ڪري ڪڍي ڇڏيا. جيتوڻيڪ شروع ۾ انهيءَ آواز جو اثر قديم دنيا جي وڏي حـصي کي ويڙهي ويو، تڏهن به دنيا وري پراڻن خيالات ۽ خرافات ۾ غلطان ٿيڻ لڳي، جنهن جو نتيجو هيءُ نڪتو جو ملت جو شيرازو منتشر ٿيڻ لڳو ۽ جيڪي انهيءَ نئين طريقي جا امانتدار هئا، سي هڪ ٻئي کان ڇڄي تفرقي جي قيد ۾ اچي تنزل طرف هلڻ لڳا. ان خاميءَ کي سنڌوءَ جي سر زمين جي ڪن دانا ۽ دور نظر هستين محسوس ڪري ورتو، جن مان شاهه ولي الله، سيد احمد ۽ سيد جمال الدين افغاني قابل ذڪر آهن. جن ملت اسلام جي اصلي تعليم تازه ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. الحمدلله جو موجوده دور اهو آواز نئين سر اٿاريو، جنهن جي اثر جي برڪت سان اڄ توهان پنهنجي ملت جي تازه دمي ڏسي رهيا آهيو.

ٻئي  طرف مغرب به گهڻي خونريزي بعد محسوس ڪرڻ لڳو آهي ته جيستائين انساني اتحاد جو بنياد بلڪل بدلايو نه ويندو، تيستائين دنيا جو ڪو ڪلياڻ ڪو نه ٿي سگهندو. اڄ به خيالن جي يڪاني جي دعويٰ عام شيوو ٿي رهي آهي، مگر اهي خيالات وري وري پيا آزمائجن، جي ناقص آهن ۽ اڳئي آزمائي ڏٺا ويا آهن ته برابر ناقص ۽ بي سود آهن، جنهن ڪري وري به ناڪامياب ثابت ٿين ٿا ۽ هڪ جنگ مٿان وري ٻي جنگ پيدا ڪن ٿا. دنيا جي مشڪلات جا بي اثر حل جدا جدا نالن هيٺ سرسري غور ڪرڻ سان وري وري پيش ڪيا وڃن ٿا، جن کي ڪو به جٽاءُ حاصل نٿو ٿئي ۽ ٿورن سالن اندر جي انسان جي تواريخ ۾ ڪن گهڙين برابر آهن، پاڻيءَ جي ِچٽ وانگر چـَـٽ ٿيو وڃن! جيتوڻيڪ عالمگير اَخوت ۽ انساني اتحاد جي جستجو اڄ شروع ٿي چڪي آهي، تڏهن به حقيقي همنوائي ۽ ابدي اصلاح تيستائين قائم نه ٿي سگهندا، جيستائين ڪ دنيا جي موجوده سياسي، اقتصادي ۽ مذهبي نظريات جو ڪو خاطر خواه حل هٿ نه ڪيو ويو آهي. انهيءَ قسم جي حل هٿ ڪرڻ ۽ ان کي عملي صورت اختيار ڪرائڻ لاءِ تواريخي روايات جي بنياد تي ڪنهن خاص ملڪ ماحول ۽ دماغي تربيت جي ضرورت آهي. انهيءَ عالي مقصد جي سرانجاميءَ لاءِ سنڌوءَ جي سرزمين جا باشندا دنيا جي ٻين ڀاڱن جي رهاڪن کان قدرت زياده قابل بنايا آهن. قديم زماني جي تواريخ شاهد آهي ته هن سرزمين ۾ مختلف نسل، تهذيبون، مذهبي فلسفا ۽ سياسي طريقا ڪيئن گڏجي هڪ ٿيا آهن. دنيا جي نئين نظام قائم ڪرڻ ۽ مشرق ۽ مغرب کي پاڻ ۾ ملائڻ لاءِ ”سرزمين سنڌو“ خاص پيغام ڏيندي، جنهن جا آثار آئون اڳئي ڏسي رهيو آهيان. ان پيغام جي ابتدا هن سرزمين تان ٿيندي. جيتوڻيڪ روس ۽ آمريڪا جا اقتصادي ۽ سياسي عقيدا هڪ ٻئي جا مخالف آهن، تڏهن به جيڪڏهن دنيا جي نئين نظام کي نزديڪ تر آڻڻ لاءِ هو پاڻ ۾ گڏجي ڪوشش وٺي سگهن ٿا ته ملڪ خضر حيات خان ۽ سرڇوٽو رام ڇو نه گڏجي مٿيون پيغام پهچائڻ لاءِ همنوا ٿي مثال پيش ڪري سگهن ٿا؟ ليڪن ارمان آهي ته عارضي ۽ بي بقا ڳانڍاپي آڻڻ لاءِ هند جا ڪي باشندا هن سر زمين جي ماڻهن کي ڀنڀلائي ۽ ڀڙڪائي رهيا آهن ۽ اسان جي هن سرزمين جا ڪي مسلم خواهه غير مسلم دوست انهن جي گمراه ڪندڙ پروپئگنڊا جي اثر هيٺ اچي ويا آهن ۽ هنن تواريخ خواه حقيقت کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي ۽ ”متحده قوميت“ ۽ ”متحده هندستان“ جا آواز اٿاري رهيا آهن. مگر سرزمين سنڌوءَ جا باشندا نه فقط هندستان مگر ساري روءِ زمين کي متحد ڪرڻ گهرن ٿا! الله تعاليٰ شال اسان جي دوستن کي راهه هدايت نصيب ڪندو  مگر جيڪڏهن هو غير جي جادو بيانيءَ جي ڄار کان پاڻ کي آجو نه ڪندا ته ان مان اجايو فتنو ۽ فتور پيدا ٿيندو!

سر زمين سنڌوءَ جا باشندا هاڻ سجاڳ ٿي چڪا آهن ۽ دنيا جي نئين نظام جي تنظيم ۾ بهرو وٺڻ لاءِ هنن کي غير جي اثر کان ضرور آزاد ڪرائڻ گهرجي!

آئون وري به پنهنجي ملڪ جي غير مسلمن کي اپيل ٿو ڪريان ته اسان سان هٿ هٿ ۾ ڏيئي پنهنجي وطن کي آزاد ۽ خودمختيار بنائڻ ۾ مدد ڪريو. ”مسلمانن کان خريد ڪريو“ جي تحريڪ جڏهن اسان شروع ڪئي ته هنن هاءِ گهوڙا مچائي ڏني، جنهن مان هنن ظاهر ثبوت ڏنو ته اسان جي انهن دوستن ۾ قوميت جو احساس بلڪل ڪو نه آهي. اسان جا مسلمان هنر خواهه دولت ۾ پٺتي پيل آهن، تنهنڪري اسان جي غير مسلم هموطن دوستن کي جيڪڏهن قوميت جو صحيح جذبو هجي ها ته جيڪر اسان جي انهيءَ تحريڪ جي تائيد ڪري مسلمانن کي همٿائي ملڪ ۾ جمهوري حڪومت جو بنياد ۽ ان جي باشندن جي اقتصادي بهتريءَ جو باعث بنجي پون ها. مگر جڏهن به ڪي مسلمان پنهنجي مسلم ڀائرن جي حالت سڌارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته کين همٿائڻ جي عيوض اسان جا غير مسلم دوست پاڻ مسلمانن جي مخالفت ۽ ان تي اعتراض ڪن ٿا، مگر هو نٿا ڏسن ته سندن اها روش سندن قومي احساس جي قلت ۽ سندن تنگدستيءَ جو مظاهرو ڪري ٿي، جنهن مان قومي اتحاد جي اميد بلڪل نابود ٿي وڃي ٿي. ان هوندي به جيڪڏهن هو انهيءَ روش تان نه هٽندا ته پوءِ اسان مسلمانن لاءِ فقط هي رستو رهندو جو اسان الله تعاليٰ تي توڪل رکي پنهنجي نجات ۽ فلاح جي رستي تي وک اڳتي وڌايون.

هن موقعي تي آئون هند جي مسلمانن کي اپيل ٿو ڪريان ته جيتوڻيڪ اسان جي هن سرزمين جي غير مسلم باشندن جو مفاد مسلم مفاد سان ناموافق به نه آهي، تڏهن به هو هند جي غير مسلمانن سان ملي اسان کي هند جو غلام بنائڻ ۾ هنن جي حمايت ڪري رهيا آهن، فقط انهيءَ سبب ڪري جو اسان مسلمان آهيون. ان صورت ۾ هند جي هر هڪ مسلمان جو فرض آهي ته اسان جي هن سرزمين کي آزاد ۽ خودمختيار ڪرڻ ۾ اسان جي مدد ڪري. پاڪستان جي تحريڪ ۾ هند جي مسلمانن جيڪي نيڪ ڪوششون ڪيون آهن، تن جو مون کي پورو پورو اعتراف آهي. مگر آئون سمجهان ٿو ته اهي اڃا ڪافي نه آهن. قوم جي خودمختياري ۽ آزادي فقط ٺهراءُ پاس ڪرڻ ۽ اخباري پروپئگنڊا ڪرڻ سان حاصل ڪا نه ٿيندي. انهيءَ مقصد لاءِ وڏي جدوجهد ۽ گهڻي قرباني جي ضرورت آهي. هن سرزمين جا باشندا قرباني ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ حالتون به سازگار آهن، مگر اسان کي ضرورت مخلص ڪارڪنن ۽ سرمايي جي آهي.

مخلص ڪارڪنن مان منهنجي مراد اهي مرد ۽ عورتون آهن، جي ملت ۽ مذهب خاطر هن ملڪ ۾ اچن ملت جي سياسي ۽ معاشرتي ترقي لاءِ خدمت ڪن ۽ اسان جي ماڻهن کي منظم ڪري آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ڪن.

سرمايي مان منهنجو مطلب آهي ته هند جا مسلم سرمائيدار آئينده پنهنجي تجارتي ۽ هنري سرگرمين کي هن سر زمين ڏانهن منتقل ڪن، جيئن آئينده هي ملڪ اقتصادي طرح پاڻ تي مدار رکندڙ ۽ پنهنجي ضرورت جي پوري ڪرڻ جو پاڻ ڪفيل ٿي سگهي.

 اهي ٻه خاميون دور ڪرڻ ۾ اوهان هند جا مسلمان، اسان جي گهڻي مدد ڪري سگهو ٿا. تاريخ شاهد آهي ته مٿي ذڪر ڪيل مقصد لاءِ هن کان اڳي به توهان سيد احمد بريلوي ۽ اسماعيل شهيد  جهڙا مجاهد بزرگ اسان لاءِ موڪليا آهن. ڇا اڄ اوهان وٽ انهن جهڙا ماڻهو موجود نه آهن؟ مون کي يقين آهي ته اڄ به اهڙا احمد ۽ اسماعيل توهان وٽ موجود آهن، مگر شايد هند جي سر زمين اندر سندن سرگرميون کين اجازت نٿيون ڏين جو ٻئي پاسي متوجهه ٿي سگهن. جيڪڏهن گجرات ۽ بمبئيءَ جون عورتون هندو تسلط قائم ڪرڻ خاطر صوبه سرحد تائين وڃي سگهيون آهن ته ڇا اسان توهان ڀائرن ۾ اميد رکي نٿا سگهون؟ اسان جي مستقبل سان توهان جو مستقبل وابسته آهي. هند ۾ اوهان ڀلي ڪهڙي اوج تي به هجو، تڏهن به مون کي يقين آهي ته اسان جي وطن جي مضبوطيءَ کان سواءِ توهان جو اهو اوج پائدار ڪين ٿي سگهندو. هند ۾ توهان جو وجود اسان جي سرزمين جي اقتدار ۽ استقامت تي ئي مدار رکندو. ملت کي منزل مقصود تائين پهچائڻ لاءِ هيٺين ٽن ڳالهين جي درڪار آهي:

(1) ملت جي منتشر شيرازي کي منظم ڪري وحدت ڪردار پيدا ڪرڻ.

(2) ملڪ جي اقتصادي حالت درست ڪري ان کي پنهنجي پاڻ تي مدار رکندڙ ۽ پنهنجو پاڻ ڪفيل بنائڻ.

(3)  آئينده جي سياست مليه جو پروگرام اسلامي مساوات ۽ اخوت تي تعمير ڪرڻ. پهرين ضرورت تڏهن پوري ٿيندي، جڏهن ساري ملت ۾ مجاهدانه روح ڦوڪي ملت جي هر هڪ بالغ فرد کي “نئشنل گارڊ” ۾ داخل ڪيو ويندو.

ٻيءَ صورت جي پوري ڪرڻ ۾ توهان هند جا مسلمان اسان جي گهڻي مدد ڪري سگهو ٿا. هن ملڪ جا باشندا گهڻو ڪري زراعت پيشه آهن، تجارت ۽ صنعت کان بي بهره آهن. اوهان جو پيسو ۽ تجربو اسان جي اها خامي دور ڪري سگهن ٿا. اسان توهان کي سڀ قسم جون سهولتون ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. توهان جي انهيءَ ڪم کي توهان لاءِ آسان ڪري ڏيڻ لاءِ ”مسلمانن کان خريد ڪريو“ جي تحريڪ اسان اڳئي شروع ڪري ڏني آهي ۽ خداتعاليٰ جي فضل سان انهيءَ تحريڪ چڱو اثر پيدا ڪيو آهي. انهيءَ تحريڪ جي اثر کي پايه تڪميل تائين پهچائڻ ۾ دير فقط تجربي ۽ سرمايي جي آهي. جنهنڪري اسان کي اميد آهي ته هن باري ۾ توهان اسان جي دستگيري ڪندا.

اسان جي مخالف هينئر اسان جي ملت کي هڪ مرڪز تي گڏ ٿيندو ڏسي اسان جي ملت جي شيرازي کي منتشر ڪرڻ لاءِ سرمائيداري ۽ غير سرمائيداري جو حربه(هٿيار) ڪتب آڻڻ شروع ڪيو آهي ۽ غريب طبقي  کي ڀنڀلائي شاهوڪار طبقي خلاف ڀڙڪائڻ لڳا آهن. بدقسمتيءَ سان ڪيترا سادا ماڻهو انهيءَ هٿيار جا شڪار ٿيا آهن ۽ ملت جي مخالفن جا ايجنٽ ٿي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ قوم جي مسڪنت جي مڪر سان ملت ۾ خانه جنگي ۽ تباهي پيدا ڪري رهيا آهن. امڪان آهي ته ڪي بکايل ۽ بي علم ماڻهو صياد جي دام تزوير ۾ گرفتار ٿي وڃن. تنهنڪري  اهو نهايت ضروري آهي ته هن مسئلي کي خاطر خواهه نموني ۾ حل ڪرڻ لاءِ ترت تدارڪ ڪيو وڃي، جنهن لاءِ اسان مان مخلص ڪارڪنن، مسڪين هارين ۽ غريب مزدورن کي مسلم ليگ جي جهنڊي هيٺ منظم ڪري انهن جي اقتصادي ۽ سياسي بهتريءَ واسطي سڀ ممڪن ڪوشش ڪن، جيئن مخالفن جي فتني ۽ شرارت کي هميشه لاءِ روڪي رد ڪري ڇڏجي.

دوستو! تواريخي نقطئه نگاهه کان هيءَ ڪانفرنس وڏي اهميت رکي ٿي. هن وقت تائين مسلم ليگ ملت کي آزاد ۽ خودمختيار قومي حڪومت جي بنياد تي متحد ڪرڻ لاءِ پئي ڪوشش ڪئي آهي. خدا جي فضل سان هينئر مسلمان انهيءَ اصول تي متحد ۽ متفق ٿي چڪا آهن ۽ هينئر انهيءَ منزل تي پهتا آهن جڏهن عملي قدمن کڻڻ جي ضرورت پيدا ٿي آهي. ملت جي سياسي تواريخ ۾ هيءَ هڪ نئين دور جي شروعات آهي.

آخر ۾ آئون وري به توهان جو شڪريو ادا ڪريان ٿو جو هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ هن سياري جي موسم ۾ دور دراز ملڪن مان ڪهي هت ڪراچيءَ تائين آيا آهيو. پنهنجي مهمانن جي آسائش جي انتظام ڪرڻ لاءِ اسان پنهنجي ناقص حال سارو وس مان ڪين گهٽايو آهي. ممڪن آهي ته ڪيتريون اوڻايون رهجي ويون هجن، مگر اميد آهي ته توهان اسان جون خاميون خيال ۾ نه آڻيندا.

ضميمو نمبر-1

انگريزي راڄ دوران سنڌ ۾ سياسي پارٽيون ۽ پريشر گروپ

1.

آل انڊيا مسلم ليگ

2.

آل انڊيا نئشنل ڪانگريس

3.

آل انڊيا خلافت ڪاميٽي

4.

انڊين نئشنل ليگ

5.

برٽش امپائر ليگ

6.

خاڪسار تحريڪ

7.

مسلم نئشنلسٽ پارٽي

8.

هوم رول ليگ

9.

جمعيت العماءِ هند

10.

امن سڀا

11.

سنڌ زميندار ائسوسئيشن

12.

ائنٽي سيپريشن ڪاميٽي

13.

ائنٽي نان ڪو آپريشن سوسائٽي

14.

دي نئشنل ليگ سروس

15.

ستياگره سڀا

16.

سنڌ آزاد پارٽي

17.

سنڌ محمدن ائسوسئيشن  پارٽي

18.

سنڌ پروگريسو پارٽي

19.

سنڌ اسيمبلي ڪوئيلشن پارٽي

20.

سنڌ پوليٽيڪل ڪلب

21.

سنڌ پيپلز پارٽي

22.

سنڌ ساگر پارٽي

23.

سنڌ سڀا

24.

سنڌ بلوچستان ڪميونسٽ پارٽي

25.

سنڌ سوراج پارٽي

26.

سنڌ سوشلسٽ پارٽي

27.

سنڌ پيپلز ڪانگريس پارٽي

28.

سنڌ ليگ آف پروگريس

29.

سنڌ ليبر پارٽي

30.

سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي

31.

سنڌ نيشنل پارٽي

32.

سنڌ هندو زميندار سڀا

33.

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي

34.

سوراج پارٽي

35.

سول لبرٽيز يونين

36.

سوراج سڀا

37.

فرينڊس آف يونين

38.

لوئر سنڌ جاگيردارس ائسوسئيشن

39.

اپر سنڌ جاگيردارس ائسوسئيشن

40.

انجمن حمايت الاسلام

41.

سنڌ هندو سڀا

42.

آل انڊيا مهاسڀا

43.

نئشنل ڪنويشن ڪلب

44

هاري پارٽي

45

سنڌ مسلم ليگ

 

 

نوٽ: هنن سمورين پارٽين ۽ پريشر گروپن جو مختصر تعارف منهنجي ڪتاب “انگريزي دور ۾ سياسي چرپر“ ۾ ڏنو ويو آهي.

 

ضميمو نمبر-2

آل انڊيا مسلم ليگ جي ساليانه ميڙن جو وچور

اجلاس نمبر

ڪٿي ٿيو

صدر جو نالو

تاريخون

1.

ڪراچي

سر آدم جي

29 “ 30 ڊسمبر1907ع

2.

امرتسر

سيد علي امام

30 ۽ 31 ڊسمبر 1908ع

3.

دهلي

پرنس آف ارڪوٽ

29 ۽ 30 ڊسمبر 1909ع

4.

ناگپور

سيد نبي الله

28 کان 30 ڊسمبر 1910ع

5.

ڪلڪتو

نواب سليم الله

3 ۽ 4 مارچ 1912ع

6.

لکنؤ

ميان محمد شفيع

22 ۽ 23 مارچ 1913ع

7.

آگرو

سر ابراهيم رحمت الله

30 ۽ 31 ڊسمبر 1913ع

8.

بمبئي

مظهرالحق

30 ڊسمبر 1915ع کان 1 جنوري 1916 ع

9.

لکنؤ

ايم. اي. جناح

30 ۽ 31 ڊسمبر 1916ع

10.

ڪلڪتو

عبداللطيف احمد

30 ڊسمبر 1917ع کان 1 جنوري 1918ع

11.

دهلي

اي. ڪي. فضل الحق

30 ڊسمبر 1918ع

12.

امرتسر

حڪيم اجمل خان

29 کان 31 ڊسمبر 1919ع

13.

ناگپور

ڊاڪٽر انصاري

30 کان 31 ڊسمبر 1920ع

14.

احمد آباد

مولانا حسرت موهاني

30 ڊسمبر 1921ع

15.

لکنؤ

رئيس غلام محمد ڀرڳڙي

1 اپريل 1923ع

16.

بمبئي

سيد رضا علي

30 ۽ 31 ڊسمبر 1924ع

17.

علي ڳڙهه

سر عبدالرحيم

30 ۽ 31 ڊسمبر 1925ع

18.

دهلي

شيخ عبدالقادر

29 کان 31 ڊسمبر 1926ع

19.

ڪلڪتو

مولوي محمد يعقوب(جناح گروپ)

30 ڊسمبر 1927ع

 

لاهور

 سر محمد شفيع(شفيع گروپ)

31 ڊسمبر1927ع

20.

ڪلڪتو

مهاراجا آف محمود آباد

26 کان 30 ڊسمبر 1928ع

21.

22.

الله آباد

دهلي

سر محمد اقبال

چوڌري ظفرالله خان

29 کان 30 ڊسمبر 1931ع

26 کان 27 ڊسمبر 1931ع

23.

هاوراهه

دهلي

ميان عبدالعزيز(عزيز گروپ)

حافظ هدايت حسين(هدايت گروپ)

21 آڪٽوبر 1933ع

25 ۽ 26 نومبر 1933ع

24.

بمبئي

سيد وزير حسين

11 ۽ 12 اپريل 1936ع

25.

لکنؤ

ايم. اي. جناح

15 کان 18 آڪٽوبر 1937ع

26.

پاٽنا

ايم. اي. جناح

26 کان 29 ڊسمبر 1938ع

27.

لاهور

ايم. اي. جناح

22 کان 24 مارچ 1940ع

28.

مدراس

ايم. اي. جناح

12 کان 15 اپريل 1941ع

29.

الله آباد

ايم. اي. جناح

3 کان 6 اپريل 1942ع

30.

دهلي

ايم. اي. جناح

24 کان 26 اپريل 1943ع

31.

ڪراچي

ايم. اي. جناح

24 کان 26 ڊسمبر 1943ع

 

 سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس -- 1938ع

ڪريم بخش خالد

        چوڏهين صدي هجري جي اهم واقعن ۾، پاڪستان جي بڻجڻ کي تاريخي اهميت حاصل آهي. عالمي تاريخ جي اڀياس مان معلوم ٿو ٿئي ته دنيا جي نقشي تي پاڪستان ئي هڪ اهڙو ملڪ آهي، جيڪو نظرياتي بنيادن تي، انهن ماڻهن جي جدوجهد سببان قائم ٿيو، جيڪي هڪ خاص نظريي تي پختو يقين رکن ٿا، ۽ ان جي حفاظت لاءِ جان ۽ مال جي قرباني ڏيڻ خاطر هر وقت تيار رهن ٿا.

 قديم آثارن جي کوجنا ڪندي، اها حقيقت ثابت ٿي چڪي آهي ته هيءُ ملڪ جاگرافيائي لحاظ کان هميشـه هڪ مليل ۽ گڏيل علائقو رهيو آهي، ۽ هتان جي ماڻهن جون مذهبي ۽ تمدني روايتون گهڻو ڪري هڪجهڙيون ئي رهيون آهن. مقامي خصوصيتن ۽ هڪٻئي سان لاڳاپن جي فروغ جي محدود وسيلن سببان، انهن ۾ ڪي قدر فرق ڏسڻ ۾ ايندو، پر اهو تفاوت سندن تاريخي لاڳاپن ۾ ڪنهن رخني جو سبب بڻجي نه سگهيو، ۽ هو تاريخ کان اڳ واري دور کان وٺي اڄ تائين مختلف طريقن سان، تسبيح جي داڻن وانگر پاڻ ۾ مليل رهندا پئي آيا آهن، ۽ اهي لڳ لاڳاپا اُنهيءَ وقت لازوال بنيادن تي قائم ٿيا ۽ مضبوط بڻيا، جڏهن 93 هجري (712ع) ۾، مهراڻ جي وادي اسلام جي خورشيد تابان جي روشن ڪرڻن سان منور ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ اُتر- اولهه هندستان جو وسيع علائقو توحيد جي نعمت سان سرفراز ٿيو.

 سنڌ -- باب الاسلام

آزاديءَ جي جدوجهد جي مختلف مرحلن ۾، بغاوت، عدم تعاون، ترڪ موالات، سماجي سڌارا، جديد تعليم جو فروغ ۽ انگريز سان سندس ئي داؤ پيچ ذريعي مقابلو ڪرڻ شامل هئا. انهن سڀني تحريڪن ۾، هندستان جي مسلمانن نه فقط ڀرپور حصو ورتو، پر اها حقيقت آهي ته هنن نمايان ڪارناما سرانجام ڏنا. هن قومي جدوجهد جو آخري مرحلو پاڪستان جي تحريڪ هئي، جنهن ۾ مسلمانن گڏجي، والهانه طور تي، نهايت جوش جذبي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. مختلف سوچ ويچار ۽ علائقن سان لاڳاپو رکندڙ ماڻهن، فڪري ۽ عملي وحدت جو مظاهرو ڪيو ۽ قائداعظم جي بي لوث ۽ عهد آفرين قيادت، کين آزادي ۽ ڌار وطن جي خداداد نعمتن سان نوازيو. ان مان اسان کي هيءُ سبق پڻ مليو ته ٻڌي ۽ فڪري ايڪو ئي ڪاميابيءَ ۽ سرفرازيءَ جي ڪنجي آهي. قائداعظم جو هيءُ قول مشهور آهي ته براعظم هند ۾، پاڪستان جي تصور جو بنياد انهيءَ وقت پيو هو، جڏهن هتي پهريون غير مسلم، توحيد جو ڪلمو پڙهي، اسلام جي حلقي ۾ شامل ٿيو هو، ۽ اسان کي معلوم آهي ته اهو تاريخ ساز واقعو سنڌ جي سرزمين تي ٿيو هو، انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته سنڌ فقط ”باب الاسلام“ ئي نه، پر پاڪستان جو پڻ دروازو آهي. تنهنڪري آزاديءَ جي هلچل ۽ پاڪستان قائم ٿيڻ جي ڏس ۾، سنڌ جي اهميت جي اندازي لڳائڻ لاءِ، قائداعظم جو اهو قول، ثبوت طور پيش ڪري سگهجي ٿو.

سنڌ جي بمبئي پريزيڊنسي کان جدائي

1847ع تائين چارلس نيپئر،سنڌ جو گورنر  رهيو پر سندس وڃڻ کان پوءِ، سنڌ کي بمبئي  پريزيڊنسيءَ ۾ شامل  ڪيو ويو. اهو قدم سراسر انتظامي  ڏاڍ ۽ سياسي سازش  هو. انهيءَ  جوڙجڪ سببان ظلم ۽ ڏاڍ  جو اڻ کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويو، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي باشندن جدوجهد شروع ڪئي، سنڌ ۾ مسلمان گهڻائيءَ ۾ هئا، بمبئيءَ سان  ملائڻ  جي ڪري، سنڌ جي ماڻهن  لاءِ نه  فقط انتظامي  دشواريون ۽ تڪليفون پيدا ٿيون، پر نوڪرشاهيءَ  رشوت، رسائي ۽ لاپي جي ڌم لڳائي ڏني، هڪ طرف  بمبئيءَ  جي مارواڙي واڻين  ۽  حڪومت  برطانيه  جي سٽاءَ، سنڌ جي مسلمانن لاءِ، جن ۾ اهي مسلمان به شامل  هئا جيڪي پيڙهين کان  مختلف علائقن  مان هجرت ڪري سنڌ ۾ آباد ٿيا  هئا ۽ مقامي  ماڻهن جي معاشرتي  ۽ تمدني زندگيءَ جو اڻٽٽ حصو بڻجي چڪا هئا، تن جي لاءِ ڏکيون حالتون پيدا ڪري وڌيون ته ٻئي طرف مسلم اڪثريت کي بي اثر اقليت ۾ تبديل ڪري، هندو غلبي کي هٿي ڏني. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ شبهو ناهي ته هيءُ قدم به انهيءَ مسلم دشمني وارن اپائن مان هڪ هو، جيڪي برطانوي حڪومت، پنهنجي سامراجي عهد جي شروعاتي ڏينهن کان وٺي پاڪستان قائم ٿيڻ تائين، مسلمانن جي ٻيهر اوسر جي خلاف عمل ۾ آڻيندي رهي.

بمبئيءَ کان سنڌ جي  آزادي، دورس سياسي  اهميت واري هئي، تنهن ڪري انهيءَ  تحريڪ ۾  برطانوي  هندستان جي  ٻين علائقن  جا مسلمان رهنما، سنڌ جي اڳواڻن  سان ٻانهن ٻيلي ٿيا، مثال  طور: حاجي  سر عبدالله  هارون، رئيس  غلام محمد  ڀرڳڙي،شيخ  عبدالمجيد  سنڌي، سر غلام حسين هدايت الله، سر شاهنواز ڀٽو، خانبهادر  محمد ايوب  کهڙو، سيد ميران  محمد شاهه، پير علي  محمد شاهه راشدي، جناب جميشد  نسروانجي ميهتا، سيد غلام  مرتضيٰ شاهه سان گڏو گڏ  قائم اعظم  محمد علي جناح، سر سلطان محمد شاهه آغا خان، ميان سر محمد شفيع، جناب شفاعت احمد خان، صاحبزاده سر عبدالقيوم  وغيره  پڻ انهيءَ  تحريڪ ۾ سرگرم عمل رهيا، پر قائداعظم  جي سياسي بصيرت، حب الوطني جي مستقبل  سان سندس  والهانه دلچسپي، هن معاملي  ۾ سنڌ جي مسلمانن جي ڪاميابيءَ  جو ڪارڻ بڻي، چنانچه جيئن هيءَ  هلچل  منظم نموني  ۾ اڳتي وڌي ته قائداعظم  نهايت  جرئت سان انهيءَ  مطالبي جي پٺڀرائي  ۽ توثيق  ڪندو رهيو، جڏهن ته سنڌ جي هندو مفاد پرستن ۽ بمبئيءَ  جي مارواڙي شاهوڪارن  ان جي کلم کلا مخالفت ڪئي، تقريري  ۽  تحريري معرڪا ٿيا، اخبارن ۾  بيان بازي سان  گڏو گڏ موافقت  ۽ مخالفت ۾ ڪتابچا ڇاپيا ويا. هندن وٽ ان آئيني تجويز  جي خلاف ٻيو ته  ڪو قانوني ۽  تاريخي دليل  ڪو نه هو، انهيءَ  ڪري هنن هروڀرو  انتظامي مونجهارن ۽ مالي کوٽ  جي بنياد تي ، انهيءَ  جائز گهر جي  مخالفت ڪئي،  ۽ بمبئيءَ  جي وڏن آفيسرن  جي ذريعي، جـيڪي سنڌ کي شڪار ، تفريح ۽ ناجائز ڪمائيءَ  جو علائقو سمجهي ويٺا  هئا، گڏيل  مفاد خاطر  غلط رپورٽون  تيار ڪرائي، سنڌ  جي جدائيءَ واري  مسئلي کي سبوتاز ڪندا رهيا، پر قائد اعظم جي تقريرن، بيانن  ۽  مسلم ليگ  جي ٺهرائن  مان ظاهر ٿئي ٿو ته  هند سطح  تي قائد اعظم ۽ مسلم  ليگ  هميشه هن  مطالبي  جي  ڀرپور پٺڀرائي پئي ڪئي.

بمبئي پريزيڊنسيءَ سان ڳنڍيل  هئڻ ڪري سنڌ جا باشندا 1847ع کان 1908ع  تائين انگريزن  ۽ هندو اڪثريت جي ٻٽي غلاميءَ  جي زنجيرن ۾ جڪڙيل رهيا. جڏهن 1909ع ۾ منٽو- مارلي سڌارن  کان پوءِ ، سنڌ علائقي  جي  چئن  نمائندن کي  بمبئي ڪائونسل  ۾ چونڊجڻ جو حق مليو، ته خوش قسمتيءَ  سان رئيس غلام  محمد ڀرڳڙي به چونڊجي ويو، جيڪو برجستو قومي  ڪارڪن ۽  خود دار  وطن دوست  هو، انهي ڪري بمبئي ڪائونسل ۾ سنڌ جي مسئلن  تي بحث  مباحثي جا  امڪان پيدا ٿي پيا، انهيءَ  کان علاوه، سنڌ  ۾ صوبائي ڪانفرنسن ڪوٺائڻ سببان عوام ۾ سياسي سجاڳي  پيدا ٿي. اهي ڪانفرنسون  سکر (1908ع)، حيدرآباد (1909ع)، لاڙڪاڻي (1916ع)، شڪارپور (1917ع)، ڪراچي (1918ع)، جيڪب آباد (1919ع) ۽ سکر 1920ع) ۾ ٿيون ۽ سنڌ  جي ٻين مسئلن سان گڏ ، بمبئيءَ کان جدائيءَ جي سوال بابت پڻ ماڻهن ۾  جاڳرتا پيدا ٿي.

31- ڊسمبر 1925ع  تي عليڳڙهه ۾ سر عبدالرحيم جي صدارت ۾، ڪل هند مسلم ليگ جي اجلاس  ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان  جدا ڪرڻ جو ٺهراءُ يڪراءَ منظور ٿيو، قائد اعظم، سر علي امام، سر محمد شفيع، مولاناشوڪت  علي، مولانا  محمد علي، سيٺ يعقوب حسن، ڊاڪٽر  سيف الدين ڪچلو، مولانا حسرت موهاني، جناب آصف  علي، جناب آل نبي، جناب تصدق احمد خان شيرواني ۽ صاحبزاده آفتاب احمدخان  بحث ۾  حصو ورتو. ٺهراءُ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ پيش ڪيو هو.

ان کان پوءِ 1927ع ۾ قائداعظم جي تحريڪ تي دهليءَ ۾ مسلمان اڳواڻن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ مسلمانن لاءِ هڪ آئيني فارمولا تيار ڪيو ويو، جيڪو پوءِ ”دهلي مسلم تجويزون“ جي نالي سان مشهور ٿيو. انهن تجويزن ۾ سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪرڻ جو مطالبو به شامل ڪيو ويو هو. انهيءَ کان علاوه، قائداعظم جي مشهور ”چوڏهن نڪتن“ (مارچ 1929ع) ۾ به اهڙي تجويز شامل هئي.

1928ع ۾ راجا صاحب محمودآباد جي صدارت هيٺ ڪل هند مسلم ليگ جي اجلاس، ۽ 1929ع ۾ دهليءَ ۾ سر آغا خان جي صدارت ۾ ڪوٺايل ڪل هند مسلم ڪانفرنس به سنڌ جي جدائيءَ جي ٺهرائن جي پٺڀرائي ڪئي.

نومبر 1928ع ۾ سائمن ڪميشن جي اڳيان، ڪراچي ۾ خانبهادر محمد ايوب کهڙي جي سرپرستيءَ هيٺ هڪ وفد(خانبهادر ولي محمد حسن علي، مير ايوب خان ۽ جناب عبدالرحمان بئرسٿر، ان جا ميمبر هئا)، سنڌ جي جدائيءَ لاءِ زوردار نموني ۾ ڪيس پيش ڪيو. 7 مئي 1929ع تي بمبئيءَ ڪميٽيءَ جي ميمبرن سائمن ڪميشن کي رپورٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ سنڌ جي جدائيءَ جي مخالفت ڪئي ويئي هئي، پر سنڌ مان نامزد ڪيل هڪ ميمبر سيد ميران محمد شاهه اختلافي نوٽ لکيو، جنهن بابت هن ڄاڻايو آهي ته اهو قائداعظم جي صلاح سان لکيو هئائين.

اهڙين غير يقيني حالتن ۾، 26 مئي 1930ع تي جناب محمد ايوب کهڙي، پير علي محمد شاهه راشدي جي مدد سان، هڪ ڪتاب ”سنڌ جون مصيبتون (Suffering of Sindh) “ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جي جدائيءَ جو مسئلو، تاريخي پس منظر ۽ مضبوط دليلن سان پيش ڪيو ويو هو. عمر جي آخري دور ۾، قائداعظم بابت پنهنجي ياداشتن کي قلمبند ڪندي کهڙي صاحب ڪراچيءَ جي روزنامه”ڊان“ (انگريزي) ۾ لکيو هو ته اهو ڪتاب قائداعظم جي چوڻ تي تيار ڪيو ويو هو.

سکر بيراج جي تعمير

سنڌ جي جدائيءَ ۽ آزاديءَ جي جدوجهد جي سلسلي ۾ سکر بيراج جي تعمير جو ذڪر ضروري آهي، ڇو ته سکر بيراج پاڪستان تحريڪ جي استحڪام جو هڪ اهم ستون ثابت ٿيو. قائداعظم ان جي اهميت کان پوريءَ طرح آگاهه هو. 4 فيبروري 1924ع تي، امپيريل ليجسليٽو اسيمبليءَ ۾ قائداعظم سکر بيراج لاءِ سامان جي خريداري بابت حڪومت هند کان سوال پڇيا هئا. بيراج جي اڏاوت جو ڪم 1923ع ۾ شروع ٿي چڪو هو، پر اصل رٿا ۾ اهڙي ڦير ڦار ڪئي ويئي هئي، جيڪا سنڌ جي عيوضين کي پسند نه هئي. قائداعظم جي سوالن مان ظاهر ٿو ٿئي ته سنڌ سان سندس دلچسپي فقط ان جي سياسي معاملن تائين محدود نه هئي، پر هو ان جي معاشي مضبوطي ۽ اقتصادي خوشحاليءَ لاءِ به ايترو ئي فڪرمند هو. گول ميز ڪانفرنس برطانيه سرڪار هندستان کي وڌيڪ آئيني سڌارا ڏيڻ جي سلسلي ۾ 1930ع ۽ 1933ع جي وچ واري عرصي ۾ گول ميز ڪانفرنسون لنڊن ۾ ڪوٺايون. 12 نومبر 1930ع کان 19 جنوري 1931ع تائين، پهرين گول ميز ڪانفرنس منعقد ٿي. برطانوي هندستان مان جن مسلمان عيوضين شرڪت ڪئي، تن ۾ قائداعظم به شامل هو. 20 سيپٽمبر  1930ع تي، ڪراچي ۾ جناب جي.ايم.سيد پنهنجي بنگلي تي، قائداعظم جي اعزاز ۾ عصرانه(شام جي چانهه) جو انتظام ڪيو، جنهن ۾ علامه آءِ-آءِ قاضي، جناب حاتم علي علوي، جناب محمد ايوب کهڙو ۽ سيد ميران محمد شاهه به شريڪ ٿيا. ان موقعي تي قائداعظم کي سنڌ جي جدائيءَ واسطي ڪوشش ڪرڻ لاءِ عرض ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح 1 آڪٽوبر 1930ع تي، حاجي سر عبدالله هارون، جناب محمد ايوب کهڙي ۽ جناب جي.ايم.سيد طرفان، قائداعظم ۽ سر شاهنواز ڀٽي جي مان ۾، ڪارلٽن هوٽل (ڪراچي) ۾ رات جي ماني (ڊنر) جو بندوبست ڪيو، جتي کاڌي کان پوءِ تقرير ڪندي کهڙي صاحب گول ميز ڪانفرنس جي موقعي تي، جنهن لاءِ ٻئي ڏينهن هو انگلينڊ روانا ٿي رهيا هئا، سنڌ جي جدائيءَ لاءِ ڪوشش ڪرڻ واسطي کين عرض ڪيو. گول ميز ڪانفرنس جي دوران، برطانوي هندستان جي فرقيوارانه مسئلن کي حل ڪرڻ، ۽ آئيني سڌارن جي مسودي لاءِ تجويزون مرتب ڪرڻ خاطر، گهڻيئي سب ڪميٽيون ٺاهيون ويون هيون، جن مان هڪ سب ڪميٽيءَ (نمبر9) ارل رسيل جي سربراهيءَ ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرڻ جي سوال جو جائزو ورتو. ان ڪميٽيءَ جي اڀياس مان ظاهر ٿو ٿئي ته سنڌ جي مسئلي جي حل ۾ فقط هڪ ئي رڪاوٽ هئي ۽ اُها هيءَ هئي ته بمبئي سرڪار ۽ هندو نمائندا انهيءَ ڳالهه تي ڳنڍ ڏيئي بيٺا ته مالي لحاظ کان سنڌ جو جدا صوبو پنهنجي پيرن تي بيهي نه سگهندو، انتظامي خرچن جو بار کڻي نه سگهندو ۽ هميشه کوٽ ۾ رهندو. هن سلسلي ۾ بمبئي سرڪار جي وفد جي اڳواڻ سر شاهنواز ڀٽي، جيڪو ڪائونسل جو مسلم ميّمبر ۽ محمدن ائسوسيئشن جو صدر به هو، ۽ بمبئي سرڪار جو ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو ميمبر سر غلام حسين هدايت الله شيخ، ٻنهي الڳ الڳ، انگن اکرن ۽ انتظامي نوعيت وارن دليلن ۽ انهيءَ وقت جي ٻين صوبن جا مثال ڏيندي، ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سکر بيراج ٺهڻ کان پوءِ ٿورن سالن ۾ ئي، نه فقط مرڪزي قرض ادا ڪيا ويندا، پر سنڌ مالي لحاظ کان پاڻ ڀرو صوبو بڻجي پوندو.

”رسيل ڪميٽي“ جي رپورٽ مان هي پڻ ظاهر ٿئي ٿو ته قائداعظم پنهنجي آئيني، منطقي ۽ غير جانبدار دليلن جي ذريعي ڪميٽيءَ جي فيصلي کي سنڌ جي حق ۾ بدلائي ڇڏيو. قائداعظم چيو ته ”جيڪڏهن سنڌ کوٽ وارو علائقو آهي ته پوءِ بمبئي سرڪار هروڀرو ڇو ان کي پاڻ سان شامل رکڻ تي ضد ڪري ٿي؟ مان سنڌ کي جدا صوبائي حيثيت ڏيڻ جي فائدي ۾ آهيان، پر جيئن ته منهنجو تعلق بمبئي سان آهي، انهيءَ ڪري مان بمبئيءَ جي مفاد جي پڻ خلاف ناهيان“. هن تجويز پيش ڪئي ته هڪ مالي ڪميٽي ٺاهي وڃي، جيڪا صحيح نموني ۾ جاچ پڙتال ڪري ۽ مالي معاملن جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪري. هندن انهيءَ تجويز جي مخالفت ڪئي، پر مالي ڪميٽي مقرر ڪئي ويئي ۽ ان جي رپورٽ موجب بمبئي سرڪار ۽ هندو نمائندن طرفان پيش ڪيل انگ اکر غلط ثابت ٿيا ۽ ڪميٽيءَ سنڌ کي بمبئيءَ جي ڊگهي غلاميءَ مان آزاد ڪرڻ جي سفارش ڪئي، جيڪا برطانيه سرڪار طرفان پڌري ڪيل”فرقيوارانه فيصلي“ ۾ شامل ڪئي ويئي ۽ قانون حڪومت هند، مجريه 1935ع هيٺ سنڌ کي جدا صوبو بنايو ويو.

قومي جدوجهد جو آخري مرحلو

گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت کان پوءِ قائداعظم لنڊن ۾ ئي ترسي پيو، پر پوءِ مسلمانن جي لڳاتار عرضداشتن سببان وطن واپس آيو. 1934ع جو واقعو آهي ۽ ساڳئي سال جي آخر ۾ مرڪزي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. قانون حڪومت هند مجريه 1935ع جي لاڳو ٿيڻ سببان، هندستان جي سياسي حالتن ۾ ڦيرو اچڻ اڻ ٽر هو، انهيءَ ڪري قائداعظم ان قانون جي ڪن قلمن(سيڪشنس) سان سخت اختلاف هوندي به هندستان جي مسلمانن جي سياسي رهنمائي ۽ نين حالتن جي مقابلي ڪرڻ جي ذميواري قبول ڪئي. 1936ع ۾ مسلم ليگ جي نئين سر جوڙجڪ جي سلسلي ۾، ملڪ جي ڪيترن ئي هنڌن جو دورو ڪيو ۽ عام چونڊن لاءِ منشور اهڙيءَ طرح بڻايو، جيئن چونڊن کان پوءِ صوبائي اسيمبلين ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ گڏيل وزارتون ٺاهي سگهن. انهيءَ جو آئيني بندوبست، فرقيوارانه فيصلي (ڪميونل ايوارڊ) ۾ موجود هو. جيئن ته مسلم اڪثريتي صوبن جي اسيمبلين ۾ مسلمانن کي سندن آباديءَ جي تناسب کان گهٽ سيٽون ڏنيون ويون هيون (جهڙوڪ بنگال، پنجاب ۽ سنڌ) جڏهن ته مسلم ٿورائيءَ وارن صوبن جي اسيمبلين ۾ وري کين نسبتاً وڌيڪ نشستون مليل هيون. بهرحال، گڏيل وزارتون ٺهي نه سگهيون، جنهن جو هڪ سبب ته هيءَ هو جو مسلم ليگ چونڊن ۾ ڪا نمايان ڪاميابي حاصل ڪري نه سگهي، جڏهن ته ڇهن صوبن ۾ ڪانگريس قطعي اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي. انهيءَ ڪاميابيءَ جي بنياد تي، انهن صوبن ۾ ڪانگريس جماعتي وزارتون بڻايون. باقي صوبن ۾ مسلم جماعتن کي، غير مسلم ميمبرن جي سهڪار سان ئي وزارتون بنائڻيون پيون، جيڪي ڪي قدر ڪمزور ۽ بي اثر ثابت ٿيون.

قانون حڪومت هند مجريه 1935ع هيٺ، سنڌ صوبي قائم ڪرڻ لاءِ ”آرڊر- ِان – ڪائونسل“ جو مسودو 23 - جنوري 1936ع تي پڌرو ٿيو، جنهن موجب پهرين اپريل 1936ع کان سنڌ کي جدا صوبو تسليم ڪيو ويو، ۽ جيستائين نين چونڊن کان پوءِ سنڌ جي آئيني حڪومت وجود ۾ اچي، تيستائين سنڌ لاءِ گورنر مقرر ڪري، سموريون اختياريون کيس سونپيون ويون. کيس ٻه صلاحڪار (سر شاهنواز ڀٽو ۽ سر غلام حسين) ۽ 25 ڄڻن جي صلاحڪار ڪائونسل ڏني ويئي. پهريون گورنر سر لانسليٽ گرهام مقرر ٿيو، جيڪو پهرين اپريل 1936ع تي بمبئي کان ڪراچي پهتو.

سنڌ ۾ فيبروري 1937ع ۾ عام چونڊون ٿيون ۽ اسيمبليءَ جو پهريون اجلاس اپريل 1937ع ۾ ٿيو. سر غلام حسين هدايت الله پهريون وڏو وزير ٿيو، پر هڪ سال ۾ ئي سندس وزارت ٽٽي پيئي ۽ خانبهادر الله بخش سومري، هندو ميمبرن جي سهڪار سان نئين وزارت بنائي.

ائين ته سنڌ ۾، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي ڪوششن سان 1918ع ۾ مسلم ليگ قائم ٿي چڪي هئي، پر صحيح نموني ۾ هڪ منظم، فعال ۽ متحرڪ جماعت وانگر 1938ع ۾ ئي منظر عام تي نمودار ٿي. انهيءَ ڪري 1937ع جي چونڊن کان پوءِ، اسان ڏسون ٿا ته اسيمبلي ۾ مسلم ليگ پارٽي جو ڪو وجود ڪو نه هو. جنهن جوش، جذبي ۽ ولولي ۽ اُمنگ ۽ آرزو سان صوبائي خودمختياري حاصل ڪئي ويئي هئي، سو جذبو ڄڻڪ ختم ٿي چڪو هو ۽ اُن جي اُبتڙ خود غرضي، سياسي سوديبازي ۽ غير يقيني حالتون پهرين وزارت جي زوال جو سبب بنيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com