سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع (1-2)

 

صفحو :32

* ”مهراڻ“ مقالا نمبر ڏسي روح کي راحت ملي. سال 1984ع نمبرن جي نذر ٿيو، اها به وقت جي اهم ضرورت آهي ته جيئن علمي، ادبي ۽ تحقيقي موضوعن تي مواد يڪجا موجود هجي ته تحقيق ۽ مطالعي لاءِ آساني رهي. مقالا نمبر سٺي ڪوشش آهي، ان لاءِ سڀني ليکڪن کي لک مبارڪون آهن، جن سچن موتين جهڙا مقالا لکيا آهن ۽ اوهان کي به نو لک مبارڪون آهن جو اوهان اهي سچا موتي ميڙي چونڊي، موتين - مالها ۽ هيرن - هار جوڙي سينگاري، اسان تائين پهچايو آهي. قدردانن لاءِ اوهان جي محنت ۽ چونڊ جو هر مقالو علمي خزانو ۽ موتين - مالها ۽ هيرن - هار آهي. اهل علم ۽ قدردان ئي ان جو اندازو لڳائي سگهن ٿا.

علامه قاسمي صاحب جي نگراني ۽ اوهان جي ادارت مهراڻ ۾ سنڌي علم و ادب کي تمام سهڻي نموني سينگاريو ۽ سنواريو آهي. خالق ڪائنات اوهان ۾ ڏات ۽ ڏانءُ جي لياقت ۽ طاقت سمائي آهي، جو موقعي آهر، هر ڪم سهڻي پيرايي ۽ سليقي سان ادا ڪري سگهو ٿا. اها سڀ رب ڪريم جي ڪرم نوازي ۽ عطا آهي.

مهراڻ ۾ پير حـُـسام الدين شاهه راشدي جو پهريون مقالو ”سنڌ ۽ ايران جا لاڳاپا“ علمي ميدان ۾ نئين شي آهي. جيتوڻيڪ عرب ۽ هند جي تعلقات بابت سيد سليمان ندوي جو ڪتاب به اهم آهي. سنڌ ۽ ايران جي لاڳاپن تي راشدي مرحوم جو اهو تحقيقي مقالو مختصر، جامع ۽ معلومات افزا آهي.

انهي مقالي جي مترجم غلام محمد لاکي صاحب به ترجمي کي وڻندڙ ۽ سهڻي نموني ۾ نباهيو ۽ ادا ڪيو آهي. ان کان پوءِ هر هڪ مقالو سنڌي ٻوليءَ لاءِ تجويزون، سنڌ جا سهروردي بزرگ، گچيرو، شڪارپور، شاهه ايليا، نوح نبي جي ٻيڙي، جامع ابن طولون، لاڙڪاڻي ضلعي جا ڪتب خانا، سنڌي ٻولي جو جائزو، سڪندر جي سنڌ تي ڪاهه، ڪافي، شاهه جي شعر تي عربي جو اثر، سنڌي طب ۽ وفات وارن اديبن تي تاثر - اهي سڀ علمي، تحقيقي ۽ معلومات سان ڀرپور مقالا آهن. بهرحال، مهراڻ جو مقالا نمبر سڄو پرچو سراسر سون آهي.

اميد ته اڳين تحقيقي ۽ علمي ادبي نمبرن جيان اوهان جي پيار جو هي پورهيو به پرت سان پيار وارن وٽ اگهامندو. اوهان جي رات ڏينهن جي محنت ۽ ڪوشش جو پارکو ۽ قدردان دل و جان سان داد ڏيندا.

عبدالرسول قادري

(سڪرنڊ)

* رسالي مان پهريون مضمون سائين راشدي صاحب وارو ”سنڌ ۽ ايران جا لاڳاپا“ ۽ سائين ڊاڪٽر الانا صاحب جو سنڌي ٻوليءَ تي مضمون ڏاڍو متاثر ڪيو. مهراڻ بيشڪ هڪ بيش بها خزانو آهي. الله سائين اوهان جي ڪوششن کي شال هميشه ڪامياب ڪري.

هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ خالص سنڌي ادب سان گڏ جيڪڏهن ”Semi- Literary Science“ وارا مقالا به هجن ته سنڌي ادب ۾ چڱو سائنسي دنيا ڏانهن به واڌارو ٿيندو. بهرحال، هيءَ صرف هن ناچيز جي راءِ آهي.

بدرالدين لاڙڪ

(ڪراچي)

* مهراڻ جي مقالا نمبر ۾، سنڌ جي سپوت سيد حسام الدين راشديءَ صاحب جو مضمون ”سنڌ ۽ ايران جا لاڳاپا“ پڙهي دل باغ بهار ٿي ويئي. لاکي صاحب گهڻي محنت سان ترجمي جو فرض نباهيو آهي، ۽ ان مان اصليت جو هڳاءُ پيو اچي. پير صاحب مرحوم جي ٻين اردو مقالن مان، سواءِ هڪ اڌ جي، سمورا مون وٽ گهڻي عقيدت سان سانڍيل آهن ۽ توهان اگر مهراڻ لاءِ پسند ڪندا ته پيش ڪري سگهبا. پير صاحب جا مون وٽ يادگار خط پڻ موجود آهن، جي مختلف دؤرن ۾، مختلف هنڌن تان لکيل آهن. مقالا نمبر جا ٻيا مضمون پڻ سنڌ بابت گهڻي ڄاڻ ۽ تحقيق تي ٻـَـڌل آهن ۽ انهن جي مانائتن لکندڙن کي مبارڪ ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي، خاص ڪري ڊاڪٽر سدا رنگاڻي صاحب کي.

غلام مصطفيٰ خان ڀيو

(شڪارپور)

* مهراڻ جو مقالا نمبر هڪ شاندار ايڊيشن آهي. سنڌ جي تاريخ ۽ ادب بابت بهترين مواد کي سميٽي، هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ لاءِ مبارڪباد قبول ڪندا. سنڌيءَ وانگر سرائڪي زبان ۾ پڻ ڪيترو ئي بهترين ادب موجود آهي، جنهن کي شايع ڪرڻ مهراڻ تي لازم آهي، ڇو ته سنڌي ۽ سرائڪي ٻوليون، سنڌ ۾ هڪ جيتريون عزيز آهن. اُميد ته سرائڪي ٻوليءَ ۾ شعر ۽ ڪهاڻيون شايع ڪندا رهندا.

مسز طلعت جسڪاڻي

(حيدرآباد)

* رسالو مهراڻ، سنڌي ادب جو هڪ ستون آهي. اُن جي ادبي خدمتن ۽ انتظاميا جي اعليٰ ڪارڪردگيءَ کان انڪار ڪونهي. مان مهراڻ گهڻي وقت کان پڙهندو ٿو اچان. مقالا نمبر وڌيڪ دلچسپ ۽ معلوماتي آهي. رني ڪوٽ نمبر تي جن اعليٰ قدر شخصيتن پنهنجي پسندگيءَ جو اظهار ڪيو آهي، اِهو ئي سندس افاديت جو آئينو آهي. ليڪن عام لکندڙ ۽ پڙهندڙ دوستن کي رسالي جي نون ۽ تازن موضوعن سان به ڪافي دلچسپي آهي. منهنجي خيال ۾ مهراڻ کي نئون نسل به پڙهي ٿو، جو هلڪي ڦلڪي مواد مان وڌيڪ لطف حاصل ڪري ٿو.

مير غلام الله خان ٽالپر

(مور جهنگو، ڪنري سنڌ)

* مهراڻ جي مقالا نمبر ڏسڻ سان ئي نيڻ ٺري پيا. پڙهي دل خوش ٿي وئي. حقيقت ۾ مواد سان گڏ رسالي جي ظاهري سونهن به سرس آهي، ته دل مان دعا نڪري وڃي ٿي، رسالي ۽ سندس مرتب جي حق ۾. مهراڻ مقالا نمبر جهڙي طرح ٽائيٽل جي سونهن ڪري ڏسندڙ جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ٿو، اهڙيءَ طرح مواد ۾ معياري هئڻ ڪري گراهڪ کي خريداريءَ لاءِ آماده پڻ ڪري ٿو. بتدريج مهراڻ ۾ جا نواڻ اچي رهي آهي، سا نگاهن کان لڪل ڪانه آهي، ان ۾ اوهان جو حصو وڌيڪ آهي. اوهان جي محنت ئي رسالي کي وڌيڪ معياري بڻايو آهي، جنهن لاءِ اوهان مبارڪ جا مستحق آهيو. جيڪڏهن خاص نمبرن ڪڍڻ تي مائل آهيو ۽ ايندڙ پرچو شايد تحريڪ آزادي نمبر ٿئي ته ان بعد ڪهاڻي نمبر ڇو نه؟ روايت به قائم ٿيندي ۽ موضوع ۾ نواڻ پڻ ايندي.

انيس انصاري

(لاڙڪاڻو، سنڌ)

* مهراڻ جي مقالا نمبر جي اشاعت تي گهڻي محنت ڪئي اٿـَـوَ. مضمونن ۾ شڪارپور تي ٻه مضمون ڏيئي، هن تاريخي شهر جي حق ادائي ڪئي اٿـَـوَ. سنڌ جي ٻين شهرن تي به مقالا ڏيندا رهندا، جيئن سنڌ جي ماضيءَ جي عظمت اجاگر ٿيندي رهي. ادبي لحاظ کان، مهراڻ جو معيار ڏينهون ڏينهن وڻندڙ محسوس ٿي رهيو آهي، ان لاءِ سنڌي ادبي بورڊ کيرون لهڻيون.

خليل مورياڻي

(شڪارپور)

* مهراڻ جي خاص نمبرن جي مسلسل پيشڪش مبارڪ، پر هاڻي ذائقي جي تبديلي به لازمي آهي. سنڌ ۾ اڄ ڪلهه جيڪو بهترين سنڌي تخليقي ادب لکجي رهيو آهي، اميد ته ان کي شايع ڪرڻ کان مهراڻ غافل نه رهندو. مقالا نمبر نالي خاص پرچي ۾ پير حسام الدين راشدي صاحب جو مقالو وڌيڪ وڻيو، جو ان ۾ پير صاحب سنڌ جي شاندار ماضيءَ جي ڪيترن ئي اهم پهلوئن جي نشاندهي ڪئي آهي. ساڳيءَ طرح شاهه صاحب تي ڊاڪٽر سدا رنگاڻيءَ جو مضمون وڏيءَ محنت سان تيار ڪيل آهي، جيڪو ”لطيفيات“ ۾ هڪ شاندار اضافو آهي.

فتح محمد شيخ

(حيدرآباد)

* سه ماهي مهراڻ مقالا نمبر نظر مان گذريو. دل باغ و بهار ٿي ويئي، ڇاڪاڻ ته سڄو پرچو تاريخي مقالن سان ڀريل نظر آيو. سنڌ ۽ ايران جا لاڳاپا سنڌ جا سهروردي بزرگ، گچيرو، وغيره تمام بهترين تاريخي معلومات افزا مقالا آهن. انهن سڀني مقالن ۾ وري سائين غلام محمد لاکي جو ترجمو ڪيل سائين حسام الدين راشدي جو مقالو ”سنڌ ۽ ايران جا لاڳاپا“ هڪ بهترين ۽ اڻ لڀ مقالو هو. اميد ته آئينده به اهڙن قيمتي مقالن، خاص طور سائين حسام الدين راشدي جي فارسي ۽ اردو مقالن جو ترجمو ڪرائي مهراڻ جهڙي معياري رسالي ۾ جاءِ ڏيندا رهندا. اهڙن قيمتي مقالن جي ترجمي لاءِ سائين غلام محمد لاکي جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. ڇاڪاڻ ته سائين غلام محمد جي ترجمي ۾ اصليت جي بوءِ ايندي آهي.

 محمد پنهل ڏهر جعفري

(ڳوٺ غلام محمد ڏهر)

پوسٽ: ڏهرڪي

* ”مهراڻ“ پنهنجي مواد ۽ پيشڪش جي لحاظ کان هڪ معياري رسالو آهي. تازو پرچو مقالا نمبر پڙهي ڏٺم. ڪهاڻين ۽ شعرن جي ڪمي شدت سان محسوس ٿي، اميد ته تخليقي ادب جي ڀاڱن کي ايندڙ پرچن ۾ نظرانداز نه ڪندا، جيئن اداريه ۾ ڄاڻايو اَٿو. مهراڻ ۾ فوٽو پڻ شايع ڪرڻ گهرجن، ائين ڪرڻ سان پرچي جي زيب زينت ۾ اڃا به اضافو ٿيندو.

 محمد شريف طالب

(حيدرآباد)

* مهراڻ جو مقالا نمبر، مهراڻ جي اشاعت ۾ هڪ نئين پيشڪش آهي. ان ۾ شامل ڪيل مقالا نه رڳو علمي ادبي حلقن لاءِ، پر سنڌي ادب جي پانڌيئڙن لاءِ هڪ عظيم شاهراهه جي حيثيت رکن ٿا. مون کي توقع آهي ته مهراڻ خاص نمبرن سان گڏوگڏ پنهنجي عام رواجي اشاعت تي به خاص توجهه ڏيندو رهندو.

انور هالائي

(هالا نوان)

* تازو پرچو مهراڻ نظر مان نڪتو. لاڳيتو خاص نمبرن جي ڪري سنڌ جي شاعري ۽ افسانوي ادب پڙهڻ کان محروم آهيون. اميد ته ان لاءِ اُپاءَ وٺندا. مقالن ۾ غلام محمد لاکي صاحب، پير صاحب جي مضمون جو شاندار ترجمو ڪيو آهي ۽ ان کي وڏيءَ جاکوڙ سان، وضاحتن ۽ نوٽن سان سنواري سينگاري آڏو آندو آهي، ان لاءِ لاکي صاحب کي مبارڪ هجي. حضرت نوح نبيءَ جي ٻيڙي جي تلاش ۽ ڊاڪٽر سدا رنگاڻيءَ جي مضمون متاثر ڪيو. انگريزي ادب مان ڪي شاهڪار ترجمو ڪرائي مهراڻ ۾ شايع ڪندا رهو ته سنڌي ساهت ۾ سـُـهڻو واڌارو ٿيندو رهندو.

 ”سوز“ هالائي

(هالا نوان)

* گذارش ته ٽماهي ”مهراڻ“ جو ”مقالا نمبر“ اڀياس هيٺ آهي. ڪافي محنت ڪئي آهي توهان مواد هٿ ڪرڻ ۾ ۽ مواد کي سهيڙڻ ۾! مون اڳ به هڪ خط ۾ ذڪر ڪيو هو ته ٽماهي ”مهراڻ” اسان وٽ دستاويز جي حيثيت رکي ٿو ۽ مستقبل ۾ به رکندو، جنهن لاءِ جـَـس لهڻو.

توهان ”مقالا نمبر“ ۾ مواد موڪلڻ لاءِ اپيل ڪئي آهي. ڪافي ڏينهن اڳي مون اوهان ڏي ڪجهه مواد ”ٽيڙو“ جي عنوان سان موڪليو هو، جنهن جو توهان 3-4-1982ع تي جوابي خط به موڪليو (جنهن لاءِ مهرباني). اُن خط ۾ توهان وڌيڪ مواد موڪلڻ لاءِ چيو. مون وڌيڪ مواد موڪليو، ليڪن سواءِ هڪ ”غزل“ ڇپجڻ جي، ٻيو مواد نه ڇپجي سگهيو ۽ غالباً ان جو سبب مختلف ”نمبر“ شايع ڪرڻ ئي ٿي سگهي ٿو. بهرحال، اميد ٿو ڪريان ته مٿيون مواد ”مهراڻ“ جي زينت بڻبو.

ٽماهي ”مهراڻ“ جي چندي بابت به ”مقالا نمبر“ ۾ ذڪر ڪيل آهي ۽ اداري جي مجبورين جو به ذڪر ڪيل آهي. بهرحال، پڙهندڙن جو اداري سان ساٿ رهندو. انشاءَ الله سنڌي ادب جي لاٽ اوچي ڳاٽ ٻـَـرندي رهندي. انهيءَ ۾ ئي اسان جي عزت آهي ۽ ”مهراڻ“ جو جياپو، سنڌي قوم ۽ سنڌ وطن جو جياپو آهي. انشاءَ الله جوت جلندي رهندي.

 اياز کتري

(سجاول)

* رني ڪوٽ نمبر ڏاڍي چاهه ۽ چـَـس سان پڙهيو هئم. الاجي مقالن جو اثر هو، جنهن ۾ سـُـرور وري ڪوئيٽا جي موسم ٿي ڀريو، يا وري ادبي اُڃ هئي، جيڪا ٿي پڙهڻ سان اُجهاڻي. مختصر ته توهان کي داد ڏيڻ کان رهي نه ٿو سگهان، جو اهڙي ڪوشش ڪري نمبر ڪڍيو اٿو. هاڻي ته رڳو ”رني ڪوٽ“ ڏسڻ جو چاهه وڌي ويو اٿم. گذريل رات ”مقالا نمبر“ پڙهي پورو ڪيم. سچ پڇو ته جڏهن پورو ڪيم، تڏهن رسالو رکيم.

توهان طرفان گذارش ۾ سنڌي ادب جون تقاضائون ڏاڍيون وڻيون. مقالن ۾، ڳوٺ جي ناتي سان، شڪارپور تي لکيل جمال ابڙي ۽ انيس انصاري صاحب جا مضمون ڏاڍا وڻيا. تحقيقي مقالن ۾ راشدي صاحب ۽ رئيس ضياءَ الدين بلبل جا مقالا تمام سٺا ۽ محنت سان لکيل آهن. ڊاڪٽر سدا رنگاڻي، ميمڻ عبدالغفور ۽ هدايت پريم جن جا لکيل مقالا به پسند آيا. ”ويا سي وينجهار“ وارو سلسلو به سٺو آهي ۽ جاري رکڻ کپي.

بدر الدين اڄڻ

(ڪوئيٽا)

* مهراڻ رسالي جو مقالا نمبر وڏي شوق مان پڙهيم. اها هڪ تمام سـٺـي ڪوشش آهي، جو سنڌي ساهت بابت انيڪ موضوعن تي سٺا مضمون گڏ ڪيا ويا آهن، انهن مان سنڌي ساهت سان نـَـون چاهه رکندڙن کي هڪ هنڌ گڏيل معلومات ملي سگهي ٿي.

مضمونن مان حضرت نوح نبي جي ٻيڙيءَ جي تلاش وڌيڪ وڻيو، جو ان ۾ گهڻي دلچسپي سمايل آهي. جيئن ته اسان جو واسطو تعليم سان آهي، ان ڪري ڇا اهو مناسب نه رهندو ته تعليمي نظرين ۽ تعليم جي مقصديت بابت ڪي سٺا فڪري مضمون مهراڻ وسيلي پڙهڻ لاءِ ملي سگهن، خاص ڪري علامـہ آءِ-آءِ-قاضي جي تعليمي نظرين بابت ڪو تفصيلي مواد ملي سگهي. مهراڻ ۾، ڪجهه سال اڳ، ”تعليم، ڇو ۽ ڇالا؟“ نالي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو هڪ مضمون توهان ڇپيو هو، ان طرح جا ٻيا مضمون اچي سگهن ته جيڪر سـُـٺو ٿئي. ان طرح سان تعليم جي شعبي سان تعلق رکندڙن لاءِ سـُـٺو مواد فراهم ٿي سگهندو.

 شمشاد ميمڻ

(حيدرآباد)


 

ويا سي وينجهار

(جي. الانا جي ياد ۾)

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

هن سال جي بهار اڃا پنهنجي ڦوهه جوانيءَ ۾ پير ئي نه پاتو، جو سنڌ ۽ پاڪستان جي هڪ جڳ مشهور شخصيت، موت جي خزان جو ٻل بڻجي وئي. مشهور دانشور ۽ عالم، جي. الانا، جنهن 1906ع ۾ هڪ غريب خاندان ۾ جنم ورتو ۽ پنهنجي محنت خواهه مشقت سان سياسي ۽ علمي، ادبي ۽ سماجي خدمتن، انساني حقن جي رکوالي ۽ عالمي امن جي بقا جي جدوجهد ۾ بين الاقوامي شهرت جي بلندين تي پهتو، 8- مارچ 1985ع تي اجل جي آواز تي لبيڪ چئي وڃي اڻ ڏٺي دنيا وسائي. سندس وفات سان گڏ هڪ دور جي پڄاڻي ٿي، هڪ ڪهاڻيءَ جو خاتمو ٿيو ۽ تاريخ جو ورق ورائجي ويو.

مرحوم الانا جي 79 ساله زندگي پنهنجي دامن ۾ اڻ ڳڻيا داستان لڪايو، اسان کي سبق حاصل ڪرڻ، سوچڻ ۽ لوچڻ لاءِ آماده ڪندي رهندي. سندس زندگيءَ جو آغاز، بلاشبه ڏکن ۽ دردن سان ٿيو، پر پوءِ حياتيءَ جي پٺاڻي تائين هن زندگيءَ جو هرڪو روپ ماڻيو، اهو روپ جنهن ۾ هزارين خوشيون هيون، اڻ ڳڻيون نعمتون هيون ۽ بيشمار شادمانيون هيون، ان ڪري هو هن دنيا مان ويندي ويندي ڪيترن ماڻهن تي ته ميارون رکيون ويو هوندو، ليڪن سندس زندگي هن جي هر ميار کان بچيل هئي، ڇو ته جيترو مرحوم زندگيءَ کي ڏٺو، ان کان ٻيڻو ٽيڻو کانئس حاصل ڪيائين. معمولي واچ ميڪر جي فرزند جي. الانا، محنت ۽ مقدر جي ساٿ سان پنهنجو پاڻ کي پنهنجي دور جو نه رڳو ڌن - ڌڻي بڻايو، پر سياست، تجارت ۽ علم ادب جي دنيا ۾، هزارن ستارن ۾ پاڻ کي چوڏهينءَ جو چنڊ به مڃرائي ويو.

مرحوم الانا جي شخصيت، ڪردار ۽ خدمتن تي گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي ۽ اڃا گهڻو ڪجهه لکيو ويندو، ليڪن ضرورت هن ڳالهه جي آهي ته سندس زندگيءَ جا اُهي پهلو اجاگر ڪيا وڃن، جيڪي سندس ساٿين، دوستن ۽ عقيدتمندن جي اڳيان کـُـلئي ڪتاب جيان ظاهر رهيا.

 ساڻس منهنجو به سالن کان وٺي نيازمنديءَ جو رستو رهيو. مون ڪڏهن به محسوس نه ڪيو ته ڪو ڄمار جو فرق اسان جي رشتن ناتن کي تصنع ۽ تڪلف جو رنگ ڏيندو هجي. هن بزرگ ڪڏهن به پنهنجي ڄاڻ، تجربي، ڄمار ۽ دولت جي ديوان کي وچ ۾ نه آندو ۽ مون کي پنهنجي شخصيت خواهه ڪردار جا اهڙا روپ ڏيکاريا، جن کي ڏسي آئون روز بروز سندس سادگي، شرافت ۽ وڏماڻهائپ جو قائل ٿيندو ويس. بلاشبه هو هڪ معمولي انسان هو، جنهن انتهائي غير معمولي ڪارناما سرانجام ڏنا.

سندس آخري ڪچهريون مون کي چڱيءَ طرح ياد آهن: جڏهن مٿس هارٽ اٽيڪ ٿيو ۽ ڊاڪٽرن جي مشوري سان پاڻ مڪمل آرام ڪري رهيو هو، تڏهن اهڙين حالتن ۾ به اسان جون ملاقاتون ٿينديون هيون. مون کي ياد ٿو پوي ته هڪ اهڙيءَ ملاقات ۾ مرحوم نه رڳو پاڻ روئي ويٺو، مگر منهنجون اکيون به آليون ڪري ڇڏيائين. ٿيو ائين هو، جو جڏهن آئون سندس خير عافيت معلوم ڪرڻ ويس ته پاڻ ٽيپ رڪارڊر ٻـُـڌي رهيو هو. علڻ فقير جو مڌر آواز سندس روح کي راحت ڏئي رهيو هو. مون کي ڏسي ٽيپ رڪارڊر بند ڪري، چوڻ لڳو: ”در محمد! مون ۾ ۽ علڻ فقير ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ اسان ٻئي ساڳئي تند تنواريون ٿا، اسان ٻئي سنڌ ۽ سنڌواسين جي خدمت ڪريون ٿا. فقير پنهنجي آواز سان جو ڪم ڪري رهيو آهي، اهو آئون قلم سان ڪري رهيو آهيان. اسان ٻئي هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهيون، اسان ٻئي هڪ جهڙا آهيون...“

مون ڏٺو ته سندس اکيون ڀرجي آيون ۽ پوءِ مون کان پڇڻ لڳو ته: ”در محمد! سچ چئه ته مون سنڌ جي ڪيتري خدمت ڪئي آهي ۽ تاريخ ۾ مون کي ڪهڙو مقام ملندو؟“ مرحوم جو اهو سوال اڄ جي نقادن، علم دوستن ۽ ادب پرور انسانن کان پنهنجي علمي حيثيت تعين ڪرائڻ جو هڪ مطالبي برابر آهي. مرحوم جو ڪجهه ڪيو، ان جو معاوضو، عزت ۽ احترام جي صورت ۾، کيس پنهنجي به دور ۾ مليو، پر پوءِ به اڃا ڪيتريون ڳالهيون رهجي وڃن ٿيون، جن جي صفائي پاڻ ئي ڪرڻي آهي ۽ مرحوم کي سندس موڪلائي وڃڻ کان پوءِ پنهنجي علمي، ادبي، سياسي تاريخ ۾ جوڳي جاءِ ڏيڻي آهي.

مرحوم جي. الانا پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز واپاريءَ ۽ مقامي سياسي ڪارڪن جي حيثيت سان ڪيو. سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ بعد وارين حالتن ۾ سندس انهن روپن ۾ نکار آيو. کيس سنڌ مسلم ليگ لاءِ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ هو پنهنجي ڪوششن سان معمولي واپاريءَ مان مٿي چڙهي وڃي ناميارن تاجرن جي صف ۾ شامل ٿيو. تهان پوءِ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو ميئر ٿيو. ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر بڻيو ۽ کيس ٻاهرين دنيا ۾ ملڪ توڙي شهر جي نمائندگي ڪرڻ جو موقعو مليو.

پاڻ پنهنجي وت ۽ وس آهر آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ قيام پاڪستان جي جدوجهد ۾ هڪ مخلص ڪارڪن طور دل کولي ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين.

سهڻي شيءِ سڀ کي وڻي، پر اسان ماڻهن کي وري ڦـَـري ئي ڪين! تڪڙي نظر لڳيو پئيس. هتان جي ماڻهن وڻندڙ خواب ڏٺا، پر وقت جي حالتن انهن جي تعبيرن کي ئي بگاڙي ڇڏيو. اهڙين حالتن ۾ مرحوم الانا ”پهرين وڏي مارشل لاءِ لڳڻ کان پوءِ محسوس ڪيو ته سياست جي ٻيڙيءَ تان لهي، پاڻ تري وڃي ڪنهن ڀر ٿجي. کيس لکڻ پڙهڻ سان شوق اڳ ئي هوندو هو. پاڻ بهترين مقرر هو ۽ ڪجهه وقت ”سنڌ سينٽينٽل“ اخبار جو ايڊيٽر به رهيو هو. سندس انگريزي شاعري تنهن وقت جي مشهور انگريزي اخبار ”ڊيلي گزيٽ“ ۾ به ڇپبي هئي، تنهن ڪري وقت جي بدلجندڙ حالتن جو رخ ڏسي پاڻ منهن ڦيري وڃي علم ادب جي دنيا آباد ڪيائين. مٿئين پس منظر ۾ اردو خواه انگريزيءَ ۾ هڪ ضخيم ناول به لکيائين.

حقيقت ۾ سياست ڇڏڻ کان پوءِ هو هڪ ناول نويس جي حيثيت سان علم ادب جي دنيا ۾ آيو. ستاويهن سالن جي عرصي ۾ پاڻ ناميارو شاعر، محقق ۽ مؤرخ ته مڃيو ويو، پر ناول نويس جي حيثيت ۾ نه ته هن ئي پاڻ کي ظاهر ڪيو ۽ نه وري ٻئي ڪنهن ئي کيس تسليم ڪيو. جيڪڏهن سندس ڪا حسرت رهجي وئي ته اها هئي ته حالتون سازگار ٿين ۽ هن جو اهو ناول شايع ٿئي، مگر سندس اها خواهش ڪڏهن به پوري ٿي نه سگهي!

مرحوم الانا پنهنجي ڄمار جو آخري عرصو سنڌ، سنڌي ادب ۽ سنڌ جي تاريخ ڏانهن توجهه ڪرڻ ۾ وقف ڪري ڇڏيو هو. پهرين هـُـن لاکيڻي لطيف جي منتخب ڪلام جو انگريزيءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو. ان کان پوءِ شاهه عنايت، شاهه لطيف، سچل ۽ ساميءَ جي چونڊ ڪلام جو منظوم ترجمو ڪيائين. انهن عظيم شاعرن جي فن ۽ فڪر کان متاثر ٿي کيس به ساڳي ڍنگ ۽ رنگ ۾، پر انگريزي زبان ۾ شاعري ڪرڻ جو شوق جاڳيو. مرحون اهڙي قسم جا ڪيترائي بيت انگريزيءَ ۾ لکيا، جيڪي جيڪڏهن ڇپجي وڃن ته چڱو خاصو ڪتاب جڙي پوي.

بهرحال، هن سادي ۽ سٻاجهي انسان پنهنجي ڄمار ۾ گهڻو ڪجهه ڏٺو ۽ سٺو، ڪافي ڪجهه ڄاڻيو ۽ ماڻيو. هو پنهنجو وارو وڄائي ويو. هو اڄ اسان ۾ ڪو نه آهي، پر سندس چڱيون ڳالهيون پيون ڳائبيون.

هن پنهنجي پسماندگان ۾ هڪ بيوه، هڪ پـُـٽ پيار علي الانا ۽ ٻه ڌيئر: مسز مهرالنساء شعبان ۽ مسز سلطانه هاشواڻي ڇڏيا آهن.

مختصر سوانحي خاڪو: محترم جي. الانا جي قومي ۽ ملڪي، علمي ۽ ادبي، ثقافتي ۽ تهذيبي سياسي ۽ تجارتي خدمتن بابت مختصر سوانحي خاڪو پيش ڪجي ٿو:

- الانا صاحب 1906ع ۾ ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو ۽ سينٽ پئٽرڪس هاءِ اسڪول، ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۽ فرگوسن ڪاليج پونا ۾ تعليم حاصل ڪئي. جوانيءَ ۾ ئي هو سياست ۾ گهڙيو ۽ پاڪستان تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين. مرحوم الانا ويهن سالن تائين ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو ميمبر رهيو. 1948ع ۾ هو ميئر چونڊيو ويو. ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جو ڇهن سالن تائين صدر رهيو. پاڪستان جي واپار ۽ صنعت وارن ايوانن جي فيڊريشن جو 1948ع کان 1956ع تائين الانا صاحب باني صدر به هو. 1949ع ۾ هو انٽرنيشنل اسلامڪ چيمبر آف ڪامرس جو صدر بڻيو هو. 1956ع کان 1958ع تائين اولهه پاڪستان جي قانون ساز اسيمبليءَ جو ميمبر به رهيو. مرحوم جي. الانا هڪ سؤ کان وڌيڪ بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي ۽ 1962ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ۾ به پاڪستاني وفد جو اڳواڻ رهيو. 1948ع کان 1957ع تائين هو انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن جو ميمبر به هو. هن انساني حقن بابت گڏيل قومن جي ڪميشن ۾ 1974ع کان 1979ع تائين پاڪستان جي نمائندگي به ڪئي. هو ڪميشن جو چيئرمين به رهيو ۽ چليءَ ۾ انساني حقن وارين حالتن جو اڀياس ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جي هڪ ورڪنگ گروپ جي اڳواڻي به ڪيائين.

الانا صاحب هڪ شاعر ۽ ليکڪ جي حيثيت ۾ به عالمي شهرت حاصل ڪئي. هو لنڊن جي رائل سوسائٽي آف آرٽس جو ميمبر ۽ يونائيٽيڊ پوئيٽ لاريٽ انٽرنيشنل جو نائب صدر به هو. مرحوم الانا ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سينيٽ ۽ ان جي اڪئڊمڪ ڪائونسل جو ميمبر به هو. سندس انگريزيءَ شاعري جا ترجما اردو، بنگالي، سنڌي، گجراتي ۽ ڪجهه يورپي ٻولين ۾ ٿي چڪا آهن. 1976ع ۾ منيلا ۾ يونائيٽيڊ لاريٽ ائسوسيئيشن کيس انساني حقن لاءِ ”انٽرنيشنل پوئيٽ لاريٽ“ (ملڪ الشعراء عالم) جو لقب ڏنو هو.

سندس مکيه تصنيفون هن ريت آهن: قائداعظم دي اسٽوري آف نيشن، پاڪستان موومينٽ، هسٽارڪ ڊاڪيومينٽس، اَور فريڊم فائيٽرس، پاڪستاني پوئٽري، لو ٽيلس آف دي ايسٽ، دي سائيلينٽ وائسز آف انٽيوشن، انسيز ايڊ ايڪوز (چونڊ نظم)، دس اسپيڪ مئن (محبت ۽ ارپنا جا نظم)، رفليڪشن آف ريسپيڪٽ، ريورنس اينڊ روالٽ، سم آف يئسٽرڊيز، اي روزري آف اسلامڪ ريڊنگس، دي سائيلينٽ اور (چونڊ نظم)، هزهائينس آغا خان ٿرڊ، ورلڊ وڌ ان (صوفياڻي نظم) دي پاڪستان موومينٽ اسٽرگل، شاهه عبداللطيف - دي رسالو (انگريزيءَ ۾ ترجمو).

پنهنجي سياسي ۽ ادبي وابستگين سان گڏوگڏ هو برک بينڪر ۽ واپاري به هو. الانا صاحب اسٽينڊرڊ بئنڪ لميٽيڊ جو چيئرمين، اسٽيٽ بئنڪ جو ڊائريڪٽر، فيڊرل بئنڪ فار ڪوآپريٽوز جو ڊائريڪٽر، پاڪستان ۾ هاليڊي - اِن هوٽلن جو صدر ۽ ايڪسان ڪيميڪلز لميٽيڊ (پاڪستان جو ڊائريڪٽر به هو.)

مرحوم جي. الانا کي جيئن ته سنڌي شعر و ادب سان بيحد دلچسپي هوندي هئي، ان ڪري، پاڻ پنهنجي عمر جي پوئين حـصي ۾ سنڌي شعر چوڻ به شروع ڪيائين. سندس ڪلام ”بيتن“ ۽ ”ڪافين“ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي بـُـنيادي موضوعن کي پنهنجو ڪري طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس سنڌي ڪلام جو مجموعو ”ڪي پڙاڏا، ڪي سڏ“ جي عنوان سان شايع ٿيل آهي، جنهن کي جناب عنايت بلوچ ترتيب ڏنو آهي.

ان طرح سندس مشهور انگريزي ڪتاب ”اور فريڊم فائيٽرس“ جو سنڌي ترجمو پڻ قائداعظم اڪيڊمي ڪراچي شايع ڪيو آهي، جيڪو ڊاڪٽر اياز حسين قادري ۽ ڊاڪٽر نواز علي شوق جو ڪيل آهي.

 ”اسان جي آزاديءَ جا اڳواڻ“ ڪتاب جي اشاعت جي موقعي تي، رونمائي تقريب ۾، سنڌ جي مشهور عالم جناب علامـه غلام مصطفيٰ قاسمي پنهنجي مضمون ۾، ڪتاب جو هن طرح جائزو ورتو هو:

”اسان جي آزاديءَ جا اڳواڻ“ ڪتاب جي معياري هجڻ لاءِ ته جناب جي. الانا جهڙي بين الاقوامي شهرت رکندڙ اديب، دانشور ۽ پيدائشي سياستدان جو تاليف ۾ نالو ئي بس آهي، پر جڏهن ته هن ڪتاب جي تجزيي ۽ افتتاح لاءِ هيءُ ميڙ گهرايو ويو آهي، ان ڪري دستوري طرح ڪجهه ڳالهائڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهان.

ڪتاب جو موضوع آهي وطن عزيز جي قومي سورمن ۽ اڳواڻن جي قربانين، سياسي افڪارن ۽ سندن زندگيءَ جو مختصر جائزو ۽ احوال. ان سلسلي ۾ ٻه رايون ٿي نه ٿيون سگهن ته سنڌي ساهت ۽ ادب جو هيءُ پهريون ئي معياري ڪتاب آهي، جنهن ۾ هن اوکي موضوع کي وڏي خوش اسلوبيءَ سان نباهيو آهي. اهڙا اڳواڻ ايڪيهه آندا ويا آهن. جن مان ڪيترن سان ڪتاب جي مؤلف جناب جي. الانا جون ملاقاتون ٿيل آهن. جيئن مهاڳ ۾ مؤلف لکي ٿو: ”اها منهنجي خوش نصيبي آهي جو هنن ايڪيهن آزاديءَ جي سورمن مان اٺن سان ملڻ جا موقعا نصيب ٿيا هئم- انهن ملاقاتين جون يادگيريون مختلف بابن ۾ بيان ڪيون ويون آهن“.

ڪتاب جي شروع ۾ 20 صفحن جو ”اسان جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد- مختصر جائزو 1562-1947ع“ جي عنوان سان ڏنو ويو آهي.

منهنجي نظر ۾ اهي ابتدائي ويهه صفحا ساري ڪتاب جو روح آهن، جنهن ۾ خالص فلسفهء ِّ تاريخ جي بنياد تي بحث ڪيو ويو آهي. پاڪستان جي قيام ۽ وطن جي آزاديءَ جو مکيه ڪارڻ قومي جذبو قرار ڏنو ويو آهي، جنهن لاءِ محرڪ تهذيب، سڀيتا، مذهب ۽ آزاديءَ جي نظريي کي قرار ڏنو ويو آهي. اها سورنهن آنا سچي حقيقت آهي ڇو ته قومن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪا به قوم ايستائين ڪاميابي حاصل نه ڪندي آهي، جيستائين تصوراتي دنيا کان نڪري پاڻ ۾ عمل جو جذبو ۽ عزم پيدا نه ڪندي آهي. قرآن حڪيم ۾ نبي اڪرم صلي الله عليه وسلم کي خطاب ڪندي فرمايو ويو آهي: ”فاذا عزمت فتوڪل علي الله“، اي پيغمبر! جڏهن تون ڪنهن ڪم لاءِ پاڻ ۾ عزم (عمل لاءِ جذبو) پيدا ڪيو ته پوءِ الله تي توڪل ۽ ڀروسو ڪر. مطلب ته اهڙي جذبي کان پوءِ ڪاميابي تنهنجا قدم چمندي ۽ الله به تنهنجو مددگار رهندو.

هن جائزي ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي آزاديءَ واري تحريڪ جون ٽي ارتقائي منزلون بيان ڪيون ويون آهن. اهو سارو بحث مؤلف جي سياسي، فڪري ۽ قومي بصيرت جي سـُـڌ ڏئي ٿو. منهنجي خيال ۾ اها فڪري وسعت ۽ گهرائي مؤلف کي وسيع علمي مطالعي ۽ ماحول جي جائزي مان هٿ آئي هوندي، پر حقيقت جي نوعيت ٻڌائي ٿي ته دنيا جي عظيم ترين انقلابي ۽ مفڪر، منهنجي بزرگ استاد امام عبيدالله سنڌيءَ سان مؤلف جي روح رهاڻين جو به هن تحرير ۾ وڏو اثر ۽ اولڙو نظر اچي رهيو آهي. بهرحال، هيءُ جائزو هن ڪتاب لاءِ اها اهميت رکي ٿو، جيڪا علامه ابن خلدون جي مقدمي کي تاريخ لاءِ آهي.

جائزي کان پوءِ جڏهن آزاديءَ جي اڳواڻن جو احوال آندو ويو آهي ته سڀ کان اڳ ۾ امام رباني عليـه الرحمت جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هن مان مؤلف جي مذهب سان محبت ۽ ديني اڳواڻن سان عقيدت جو پتو پوي ٿو. هجري ٻئي هزار سال جو شروع بيشڪ مسلمانن جي عروج جو دور هو، ان دور ۾ جيڪي بدعتون جاري ٿيون يا دين جي ڪن عالمن مفاهمت ۽ چاپلوسيءَ کان ڪم ٿي ورتو، شيخ احمد امام ربانيءَ جي تجديد انهن لاءِ مهميز هئي. هن ڀاڱي ۾ اڪبر اعظم جي دين اِلاهي، الحاد ۽ ٻين الزامن بابت جيڪي حوالا آندا ويا آهن، جهڙوڪ مسلم ڪميونٽي آف پاڪستان سب ڪانٽيننٽ، مجددس ڪنسيپشن آف توحيد وغيره. اِهي سڀ ڪتاب هڪ خاص نظريي کي آڏو رکي لکيا ويا آهن. اڪبر بابت انهن جو اصلي ماخذ ملا عبدالقادر بدايونيءَ جون تحريرون آهن. بدايونيءَ جي اڪبر سان عداوت ڪنهن کان به ڳجهي نه آهي. ڀلا جيڪڏهن اڪبر في الواقع اسلام کي ڇڏي ڏنو هو ته هو پنهنجي درٻار ۾ ملا مبارڪ سنڌيءَ جي ٻن يگانه روزگار عالمن علامه ابوالفضل ۽ فيضي ۽ ٻين عالمن کي پنهنجي ويجهو نه رکي ها. خود امام رباني کي علامه فيضيءَ جو گهاٽو دوست ٻڌايو ويو آهي. علامه فيضيءَ جي سفارش سان ئي ان جي اڪبر جي درٻار ۾ رسائي ٿي. چيو وڃي ٿو ته جهـُـڪي سلام نه ڪرڻ تي اختلاف پيدا ٿيو وغيره. ان ۾ به ڪيترا اڪابر عالم اهڙي سختيءَ جا قائل نه هئا. امام ربانيءَ جو همعصر شيخ عبدالحق محدث دهلوي، جنهن برصغير ۾ حديث نبويءَ کي رواج ڏنو، اهو به امام ربانيءَ جي سخت گير پاليسيءَ جي خلاف هو. ان ڪري هـُـن اخبار الاخيار ۾ شيخ احمد جو احوال ئي نه آندو آهي.

باقي رهيو بدايوني، ان تي اڪبر احسان ڪيو، جو کيس معاف ڪري حج تي اُماڻي ڏنو. اتي ڪو ٻيو مطلق العنان بادشاهه هجي ها ته غريب بدايونيءَ جي الائي ڪهڙي حالت هجي ها. هو حرمين پهچي به ڪوڙن الزامن کان باز نه آيو. ان تي اڪبر، مڪي جي شيخ الاسلام کي خط لکيو ته ”مان اسلام جو ادنيٰ خادم آهيان. مان پنهنجي لاءِ اها سعادت ٿو ڄاڻان ته مڪي پهچي حرم کي ٻهاري ڏيان وغيره“. اهو خط ”انشاءابوالفضل“ ۾ پڙهي سگهجي ٿو.

اصل ڳالهه اها هئي ته پاڻ کان گهڻو وڌيل غير مسلم آباديءَ تي ڏنڊي جي زور سان حڪومت ڪرڻ جٽادار نه رهي ها، ان ڪري اڪبر جي اها سموري ڊپلوميسي پاليسي هئي، جنهن جو بنياد نيڪ نيتيءَ تي هو. ان طرح هن برصغير ۾ مسلمانن جي حڪومت کي مضبوطي بخشي. کانئس ڪي غلطيون ضرور ٿيون، پر اهي اهڙيون نه آهن، جو ان جي ٻين اعليٰ ڪارنامن کي وساري ڇڏجي. مان سمجهان ٿو ته مؤلف کي اهو پهلو به ضرور معلوم هوندو، پر ان جنهن مقصد کي آڏو رکيو آهي ان لاءِ ئي اهو انتخاب ڪيو ويو آهي.

امام ربانيءَ جي احوال ۽ نظرين جي بيان کان پوءِ شاهه ولي الله صاحب جو احوال آندو ويو آهي. هن ۾ مؤلف موصوف تحقيق جو پورو حق ادا ڪيو آهي. اڳتي هلي حيدر علي، ٽيپو سلطان ۽ حاجي شريعت الله جي احوال لکڻ کان پوءِ هوش محمد قنبراڻي جو اٺن ورقن تي مشتمل مفصل احوال ڏنو ويو آهي. ان طرح انصاف کان ڪم وٺي، تحريڪ آزاديءَ ۾ سنڌ جي حـصي کي به فراموش نه ڪيو ويو آهي.

هن کان پوءِ سر سيد احمد خان جو احوال آندو ويو آهي. سر سيد احمد جي تحصيلي ملڪات جي باري ۾ شاهه غلام علي جو ذڪر ٻڌائي ٿو ته جناب جي. الانا کي اُن وقت جي اوليائن ۽ عالمن جي احوال تي ڪيڏو نه عبور آهي. سر سيد احمد لاءِ شروع ۾ شاهه غلام عليءَ جي حضور ۾ حاضر ٿيڻ هڪ اهڙو عظيم ڪارنامو ۽ اُن لاءِ فخر جو باعث آهي، جو هن کان پوءِ ان جي مخالفن جا سمورا اعتراض ڪـَـک وانگر هوا ۾ اُڏامي وڃن ٿا.

نواب محسن الملڪ، جمال الدين افغاني ۽ نواب وقار الملڪ جي احوال کان پوءِ سيد امير عليءَ جو احوال آندو ويو آهي. هن صاحب جي شخصيت ۽ ڪردار تي روشني وجهڻ لاءِ مؤلف جي. الانا صاحب جو اهو لکڻ ته ”هن شخص جي ڪوششن سان بکايلن کي کاڌو ۽ اُگهاڙن کي ڪپڙو مليو، بيمارن کي شفا حاصل ٿي، الخ“، ڪافي آهي. ان کان وڌيڪ ڪنهن ماڻهوءَ جي ڪردار جي بلندي ٿي نه ٿي سگهي ته اهي ٻين انسانن جي ڪم اچن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com