سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع (1-2)

 

صفحو :1

مهراڻ تحريڪ آزادي نمبر

ايڊيٽر:نفيس احمد شيخ

هيءُ پرچو

تحريڪ آزادي جي ممتاز تذڪره نگار

سنڌ جي سپوت

عالمي شهرت يافته شاعر، عالم ۽ دانشور

سائين جي.الانا

جي نالي سان منسوب ڪجي ٿو،

جنهن جون پاڪستان جي جدوجهد ۾ مخلصانه

خدمتون سدائين ياد رهنديون.

 

گذارش

(ايڊيٽوريل)

تحريڪ آزادي نمبر

 

مهراڻ جو هيءُ پرچو ”تحريڪ آزادي نمبر“ جي نالي سان، هڪ خاص پرچي جي صورت ۾،مهربان پڙهندڙن آڏو پيش ڪجي ٿو. هن پرچي جي اشاعت جو مقصد اهو آهي ته آزاديءَ جي تحريڪ جي حوالي سان، پاڪستان جي قيام جي جدوجهد ۾ ”سنڌ“ جيڪو تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي، اُن جي مختلف گوشن کي اُجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي، جيئن آئينده جي محققن لاءِ ان قسم جي مواد جي فراهميءَ ۾ آساني پيدا ٿئي ۽ ساڳئي وقت اهلِ وطن اڳيان سنڌ جي سونهري خدمتن جي تفصيلي ڄاڻ ميسر ٿئي.

پاڪستان جي قيام جي جدوجهد ۾ سنڌ جيڪو بنيادي، اهم ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي، اُن جي اهميت ۽ افاديت کان انڪار ڪري نه سگهبو. هن پرچي ۾ آيل مواد مان اها ڳالهه چٽيءَ طرح روشن ٿئي ٿي ته وطن عزيز پاڪستان جي اصلي خالق ”سنڌ“ ئي آهي، ڇو ته برصغير ۾ سڀ کان اول، 1938ع واري سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس ڪراچيءَ جي پليٽ فارم تان ننڍي کنڊ جي ورهاڱي ۽ آزاد مسلم رياست جي قيام لاءِ هڪ تاريخي ٺهراءُ پاس ڪيو ويو، جيڪو سنڌ جي هڪ سپوت شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو تيار ڪيل ۽ پيش ڪيل هو. ان ٺهراءُ وسيلي پاڪستان جي عمارت جو بنيادي پٿر رکيو ويو. ان طرح، ساڳي ئي ڪانفرنس ۾، سنڌ جي هڪ ٻي عظيم المرتبت شخصيت، سر حاجي عبدالله هارون پنهنجي خطبه استقباليه ۾، برصغير جي ورهاڱي لاءِ واضح پروگرام پيش ڪيو. اڳتي هلي، اها ”سنڌ“ ئي هئي، جنهن جي صوبائي اسيمبليءَ 1943ع ۾ برصغير جي سڀني اسيمبلين کان اڳ، پاڪستان جي قيام لاءِ باقاعده ٺهراءُ پاس ڪيو جنهن جو پيش ڪندڙ هو جناب جي. ايم. سيد.

خود پاڪستان بنجڻ کان پوءِ سنڌ نئين مملڪت کي دارالحڪومت لاءِ پنهنجو شهر ڪراچي پيش ڪري، لکين نووارد مسلمانن کي جيءَ ۾ جايون ڏئي، معياري انصار هـُـجڻ جو ثبوت ڏنو.

مٿيان چند نقطا فقط نموني طور هن مختصر ابتدائيه ۾ بيان ڪيا ويا آهن، ورنه 1938ع کان به گهڻو اڳ، سنڌ، مختلف سياسي تحريڪن ۾ پنهنجي مخلصانه خدمتن وسيلي، قيام پاڪستان لاءِ، مرحليوار ميدان هموار ڪندي پئي رهي، جن مان ”سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائي“ هڪ مرڪزي ۽ بنيادي نـُـڪتي جي حيثيت رکي ٿي. اڄ سمورا سياسي مبصر متفق آهن ته بمبئيءَ کان عليحدگيءَ جي وسيلي ئي آزاد مسلم رياست جي قيام لاءِ ميدان تيار ٿيو، ۽ ان تحريڪ کي تڪميل تي پهچائيندڙ هئي سنڌ!

هاڻي بنهه ويجهڙائيءَ جي ڪجهه سالن دوران، سنڌ جي اُن تاريخي ڪردار کي مڃڻ ۽ ان جي اهميت جي اقرار ڪرڻ جا ڪجهه آثار پيدا ٿيا آهن، ورنه پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ لاڳيتو هڪ وڏي عرصي تائين، قومي سطح تي، سنڌ جي انهن خدمتن کي ڄاڻي ٻـُـجهي نظرانداز ڪيو ويو ۽ دانسته طور تي، مسلسل اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي ويئي ته مسلم مفادن جي تحفظ ۽ نگراني ۽ پاڪستان جي قيام جي سلسلي ۾ قربانيون ڏيندڙ اهي ڪارڪن، سياسي رهنما ۽ دردمند دل رکندڙ مسلم رهنما ۽ رهبر، سڀ جا سڀ، ڪن ٻين صوبن ۽ علائقن سان تعلق رکندڙ هئا- ۽ سنڌ ته رڍن ٻڪرين جو صحرائي علائقو پئي رهي آهي، جت انسانن جي اُپجڻ جو ته تصور به نٿي پئي ٿي سگهيو. ٻين سڀني حقيقتن ۽ خدمتن کي ريٽڻ سان گڏ، اها روايت به عزت ماب تصور نه ڪئي وئي، جنهن موجب باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي جاءِ ولادت ”جهرڪن“ سان مشهور هئي. لهـٰـذا، کاري در جي وزير مينشن کي پوچي پالش ڪري، قائد جي ”شانائتي جاءِ ولادت“ طور پيش ڪيو ويو.

سنڌ بابت مجموعي اُن ڏکوئيندڙ روش ۾، هاڻي ڪجهه ڪجهه تبديليءَ جا آثار پيدا ٿي رهيا آهن. هاڻي قومي پريس ۾، ڪڏهن ڪڏهن اهڙا مضمون ۽ فيچر به نظر اچڻ لڳا آهن، جن ۾ سنڌ جي مشاهيرن، تاريخ ساز هستين، مقتدر شخصيتن ۽ مخلص سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن جي قومي ۽ وطني خدمتن جو تذڪرو ڪيو ٿو وڃي، ورنه ان کان اڳ سنڌ جي ”زرخيز قومي خدمتن“ کي ريٽي، ان کي ”سياسي ويرانو“ ڪري پيش ڪرڻ ۾ ڪڏهن به وسان ڪونه ٿي گهٽايو ويو‍!

اسان ڪڏهن به اها دعويٰ نه ٿا ڪري سگهون ته ڪو ”مهراڻ“ جي هن شماري ۾ آيل مواد سان، سنڌ جي انهن سمورين خدمتن کي، سڀني پهلوئن کان اُجاگر ڪرڻ ۾ ڪا ڪاميابي حاصل ڪري سگهيا آهيون، جن وسيلي برصغير جي مسلمانن کي پاڪستان جي نالي ۾ هڪ آزاد مسلم رياست فراهم ٿي سگهي. اسان کي پنهنجي تشنگيءَ جو پورو احساس آهي، جنهن جا ڪجهه سبب به آهن. هونءَ به چند سـَـوَن صفحن جي هڪ شماري وسيلي سڀني موضوعن سان تفصيلي انصاف ٿيڻ مشڪل به آهي. اهڙن ڪمن لاءِ ته ڪنهن مڪمل پراجيڪٽ جي ضرورت آهي ۽ ڪيترن ئي جـُـلدن تي مشتمل اشاعتي سيريز وسيلي ئي جامع احاطو ٿي سگهي ٿو. ان هوندي به، اسان پنهنجي هن پرخلوص پيشڪش وسيلي، تحريڪ آزاديءَ جي ڪن خاص موضوعن ۽ مشاهيرن کي سميٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جن وسيلي تحريڪ آزادي ۽ قيام پاڪستان جي جدوجهد جا ڪي خدوخال نمايان نظر اچن ٿا. جيئن عرض ڪيو اٿم، ته ان تشنگيءَ جا ڪي سبب به آهن، ته اُن ڏس ۾ ان نـُـقطي کي بيان ڪرڻ ناموزون نه رهندو، ته ڪجهه رٿيل موضوعن تي اسان جي ڪن مانوارن لکندڙن وٽان، باوجود وعدن ۽ لاڳيتي ڪوشش جي، اسان کي مواد دستياب ٿي ڪو نه سگهيو. اها شڪايت ڪا نه آهي، حڪايت ضرور آهي، جنهن کي ظاهر ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي، ڇو ته اگر سندن علمي تعاون حاصل رهي ها، ته رٿابندي جا چند ٻيا خال خوش اسلوبيءَ سان پـُـر ٿي سگهن ها ۽ سڄي سلسلي جي هڪ تاريخ مرتب ٿي سگهي ها. بهرحال، ٿوري وقت ۾، جيڪو ڪجهه به پنهنجن مهربان محققن جي تعاون سان اسان کي حاصل ٿي سگهيو آهي، اهو ان توقع سان هـِـت شايع ڪجي ٿو، ته انشاء الله، آئينده ڪنهن درد مند کي حوصلو عطا ٿي سگهندو، جيئن هن موضوع تي ڪا جامع تصنيف تيار ٿي قارئين آڏو اچي سگهندي ۽ اها سنڌ جي هڪ وڏي خدمت هوندي.

هن موقعي تي اسان پاڪستان جي هڪ نامور علمي اداري قائد اعظم اڪيڊميءَ جي ذڪر ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿا سگهون، جنهن وٽان اسان کي گهربل مواد ۽ ڀرپور علمي سهڪار، آخر تائين ميسر ٿي نه سگهيو، حالانڪه بظاهر ڪافي گرمجوشي ڏيکاري ويئي هئي.

اسان، هن موقعي تي، جڏهن ويجهڙائيءَ جي ڪجهه سالن کان، قومي سطح تي، وقتاً فوقتاً، سنڌ جي شاندار سياسي ۽ ثقافتي، تهذيبي ۽ صحافتي، علمي ۽ ادبي خدمتن جي تسليميءَ جا پڙاڏا، ڪجهه اڻ چٽا، ٻڌڻ ۾ ايندا رهن ٿا، تڏهن اربابِ اختيار کان مطالبو ٿا ڪريون ته قيام پاڪستان جي جدوجهد ۾ سنڌ جي ورتل تاريخي حـصي کي ”عملي اقرار“ ڏيڻ لاءِ هيٺينءَ ريت، ابتدا طور، ڪجهه برجستا اپاءَ به ورتا وڃن، ڇو ته ”محبت“، ٺلهي مڃتا سان نه، پر ”عمل“ سان ئي وڌندي آهي.

(1) سنڌ جي صف اول جي عظيم المرتبت قومي هستين مثلاً: رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، سر سلطان محمد شاهه آغا خان سوم، پير غلام مجدد سرهندي، حسن علي آفندي، سر حاجي عبدالله هارون، پير صبغت الله شاهه شيد، پير پاڳاري، شيخ عبدالمجيد سنڌي، مولانا عبيدالله سنڌي، شهيد الله بخش سومري، سر غلام حسين هدايت الله، سر شاهنواز ڀٽي، خانبهادر محمد ايوب کهڙي، وغيره، جي ورسين جي موقعن تي ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان خاص دستاويزي پروگرام نشر ڪيا وڃن، ڇو ته مٿين عظيم مسلم رهنمائن جا سونهري ڪارناما انهن بزرگن جي مخلصانه خدمتن کان ڪنهن پر گهٽ ڪونهن، جن جي باري ۾ قومي نشرياتي ادارا اڪثر پروگرام پيش ڪندا رهندا آهن.

(2) مٿين تاريخ ساز شخصيتن بابت اخبارن جا خاص ايڊيشن شايع ڪرڻ لاءِ قومي پريس کي پابند بنايو وڃي.

(3) ملڪ جي سمورن وڏن شهرن جي نمايان رستن ۽ چوڪن تي انهن هستين جا مبارڪ نالا لکيا وڃن.

(4) ملڪ جي ڪـُـنڊ ڪـُـڙڇ ۾ ڦهليل پاڪستان نئشنل سينٽرن کي پابند بنايو وڃي ته سنڌ جي مٿين عظيم هستين جي ياد ۾ خاص تقريبون منعقد ڪن، خاص پروگرام، مذاڪرا ۽ جلسا ڪيا وڃن ۽ ان طرح انهن سينٽرن کي وڌيڪ فعال بنايو وڃي.

(5) نصابي ڪتابن ۾، انهن هستين جي ڪارنامن کي بيان ڪيو وڃي، جيئن ملڪ جو نئون نسل انهن جي خدمتن کان واقف ٿي سندن نقش قدم تي هلڻ لاءِ رهنمائي حاصل ڪري.

(6) اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ انهن هستين جي ورسين ملهائڻ لاءِ خاص اپاءَ ورتا وڃن، سندن ياد ۾ مذاڪرا منعقد ڪيا وڃن ۽ انهن روشن نالن تي شاگردن کي انعام ڏنا وڃن، ان ڏس ۾ سنڌ جي چند ٻين مقتدر شخصيتن مثلاً شمس العلما ِّ ڊاڪٽر دائود پوٽو، مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ - آءِ - قاضي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، پير حسام الدين راشديءَ کي پڻ شامل ڪرڻ گهرجي.

(7) تحريڪ آزاديءَ جي ٻن ممتاز زنده رهنمائن -- جناب - جي - ايم - سيد ۽ محترم پير علي محمد راشديءَ جي ذاتي ڪـُـتبخانن ۾ موجود تحريڪ بابت قيمتي مواد هٿ ڪري، شايان شان طريقي سان محفوظ ڪيو وڃي، جيئن مستقبل جي مورخن لاءِ ڪم اچي سگهي. ساڳيءَ طرح انهن هستين کان جامع انٽرويو ڪيا وڃن، جيئن تحريڪ بابت سندن معلومات محفوظ ٿي سگهي.

(8) پاڪستان ٽيليويزن جي پروگرام ”چهري“ ۾ سنڌ جي شخصيتن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ هن وقت ڪيئي ممتاز شخصيتون موجود آهن، جن جي سياسي ۽ قومي، علمي ۽ ادبي، ديني تحقيقي،ثقافتي ۽ تهذيبي خدمتن تي وطن عزيز کي بجا طور تي ناز آهي. ضرورت آهي ته اهڙن هستين جا انٽرويو پيش ڪيا وڃن.

(9) سنڌ ۾ تحريڪ آزادي ۽ قيام پاڪستان جي جدوجهد جي حوالي سان، ڪن تاريخي هنڌن کي ”قومي اهميت وارا ماڳ“ قرار ڏئي انهن جي تقدس کي قائم ڪيو وڃي، مثلاً سنڌ مدرستـه السلام ڪراچي ۽ سکر ۾ مسجد منزل گاهه.

سنڌ مدرسي کي ته پنهنجي اهميت کان علاوه باباءِ قوم قائد اعظم رحه جي ابتدائي درسگاهه هـُـجڻ جو شرف حاصل آهي، پر ان جي افاديت کي ڪڏهن به محسوس نه ڪيو ويو آهي. ضرورت آهي ته ان عظيم درسگاهه کي ”قومي ورثي“ جي حيثيت ۾، شايان شان طريقي سان سنڀاليو وڃي ۽ اُن جي حفاظت ڪئي وڃي.

سکر ۾ مسجد منزل گاهه اُهو تاريخي ماڳ آهي، جنهن جي سوال تي برصغير جي ورهاڱي جو ابتدائي تصور اُڀريو ۽ اُن جي نتيجي ۾ پاڪستان جو قيام عمل ۾ آيو. مسجد منزل گاهه جي موجوده حالت ۽ حشر ڏسي، صاحبِ احساس جو ڪنڌ شرم کان جهـُـڪيو وڃي، ڇو ته چوڌاري گند ڪچري جا ڍير لڳا پيا آهن. 1983ع ۾ محترم پير علي محمد راشدي، اهو ماڳ ”پـَـسڻ“ کان پوءِ جنگ اخبار ۾ پنهنجي ڪالم ۾ اُن جو روح فرسا ”اکين ڏٺو احوال“ ڏنو هو. اهو احوال هٿ ڪري، پڙهي، پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائڻ جي ڪوشش ڪجي.

اسان جي تقاضا آهي ته مٿين تجويزن تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪي اپاءَ ورتا وڃن ۽ ان طرح سان ئي سنڌ جي تاريخي خدمتن جي عملي مڃتا ٿي سگهندي ۽ اهي اپاءَ ئي حقيقي معنيٰ ۾ وطن عزيز پاڪستان ۾ قومي يڪجهتي ۽ يگانگت، ڀائيچاري ۽ محبت کي مستحڪم بنائي سگهندا.

محڪمهِّ آثار قديمه ۽ سنڌ:

مهراڻ جي رني ڪوٽ نمبر (3/1884 ع) جي ايڊيٽوريل ۾، اسان رني ڪوٽ جي حوالي سان، سنڌ جي قديم آثارن بابت محڪمهء آثار قديمه جي بي توجهيءَ جو هڪ تفصيلي تذڪرو شايع ڪيو هو، ته ڪيئن نه سنڌ جا عظيم تهذيبي ۽ ثقافتي ماڳ، محڪمي طرفان مناسب تحفظ ۽ نگهداشت نه هئڻ ڪري، برباد ٿي رهيا آهن. ان ڏس ۾، اسان کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي محسوس ٿئي ته سنڌ جي سڄاڻ علمي ۽ ثقافتي حلقن ان گفتگوءَ کي حقيقتن تي ٻڌل قرار ڏيئي، ان جي پٺڀرائي ڪئي آهي، ته سنڌ جي قديم آثارن کي بچائڻ لاءِ محڪمي کي پنهنجا فرائض ادا ڪرڻ کپن.

ٻئي طرف، محڪمهء آثار قديمه پاڪستان، ان ايڊيٽوريل جو رسمي نوٽيس وٺي، دفتري خانه پـُـري ڪئي آهي. محڪمي جي ڪراچي آفيس مان، ايڊيٽر مهراڻ ڏانهن 5- فيبروري 1985ع واري خط وسيلي اها ڄاڻ ڏني ويئي هئي ته ان ايڊيٽوريل ۾ بيان ڪيل نقطن بابت چڪاس ورتي پئي وڃي، جن کان آگاهه ڪيو ويندو. محڪمي طرفان بعد ۾، اسان کي ڪنهن به آگاهيءَ جو انتظام نه ڪيو ويو آهي (۽ نه وري ڪا اميد ئي رکي سگهجي ٿي).

مذڪوره ايڊيٽوريل ۾ اسان سانگهڙ ضلعي ۾ واقع ڏيپر - گهانگهري جي ماڳ جي تباهيءَ جو هن طرح ذڪر ڪيو هو:

”... پاڪستان جي محڪمهء آثار قديمه جي سنڌ جي عظمت جي اهڃاڻن کان بي ڌياني فقط هڪ ”رني ڪوٽ“ تائين محدود ڪانهي، پر سنڌ جي سمورن ثقافتي ماڳن سان سندن اها روش، بدقسمتيءَ سان شروع کان ئي جاري ۽ ساري آهي! ٻين آڳاٽن متعدد مثالن کي ڇڏي ڪري، فقط هڪڙي ڏيپر گهانگهري جي ماڳ جي مسمار ٿيڻ جي دلخراش خبرن کي وٺجي، جيڪي ويجهڙائيءَ ۾ لاڳيتو اخبارن ۾ اينديون رهيون آهن. سانگهڙ هسٽاريڪل ائنڊ ڪلچرل سوسائٽيءَ جي عهديدارن ۽ سمورن علمي حلقن جي مسلسل پڪارن تي سنڌي پريس ادارتي نوٽ به لکيا ته ان جي تاريخي کنڊرن کي بچايو وڃي،جن کي ڊاهي، زرعي آباديءَ لائق زمين بنايو پيو وڃي، پر اڃا تائين ڪو به عملي قدم کڄي نه سگهيو آهي، نتيجي ۾ ان ماڳ جو باقي حصو پڻ زرعي آباديءَ ۾ تبديل ٿي ويندو...“

اسان جي مٿئين بيان جي تصديق، تازو هڪ سرڪاري اشاعت مان پڻ ٿئي ٿي. حڪومت سنڌ طرفان سانگهڙ ضلعي جي انتظاميا، ضلعي بابت هڪ سپليمينٽ شايع ڪئي آهي. هلال پاڪستان، ڪراچي، مؤرخـه 12- مئي 1985ع ۾ شايع ٿيل ان سپليمينٽ جو متن اسان جي آڏو آهي، جنهن ۾ ”ڏيپر – گهانگهري“ جي عنوان سان آيل احوال ۾، متعلقه ٽڪرو هت نقل ڪجي ٿو:

”... ڪيترن ئي سالن کان ٻـُـڌ اسٽوپا جي آسپاس زمين الاٽ ڪئي پئي وڃي. ڪيتري ئي ايراضي ٽريڪٽرن ۽ بلڊوزرن سان هموار ڪري، آباديءَ لائق بنائي وئي آهي. دڙن کي هموار ڪري، وڻ پوکيا ويا آهن. مختلف ادارن ۽ ماڻهن، اختياريءَ وارن ۽ حڪومت جو ڌيان ان ڳالهه ڏانهن ڇڪايو ۽ اپيلون ڪيون، پر ڪو به کڙ تيل ڪو نه نڪتو ۽ اهو تاريخي هنڌ ختم ٿي رهيو آهي.“

مٿيون موضوع هاڻي ڪنهن به طويل تبصري يا تشريح جو محتاج نه رهيو آهي، جو سنڌ سرڪار طرفان شايع ڪرايل سپليمينٽ ۾ به، اسان جي اداريه جي پوري پوري توثيق ۽ تصديق ٿئي ٿي.

ٻئي طرف محڪمهء آثار قديمه پاڪستان جي افسوسناڪ غفلت جي پيش نظر اسان حڪومت پاڪستان کان مطالبو ٿا ڪريون، ته محڪمي کي هاڻي بنا دير جي، مرڪزي تحويل مان ڪڍي، صوبائي سنڌ سرڪار جي حوالي ڪيو وڃي، ڇو ته سنڌ سرڪار وٽ سنڌ جي ثقافتي ماڳن جا محافظ ۽ تهذيبي ورثي جا نگران موجود آهن، جي پنهنجي قديم آثارن جي احسن طريقي سان نگهداشت ڪرڻ جي اهليت رکن ٿا.

اسان هن موقعي تي واضح الفاظ ۾ مرڪزي سرڪار جي وزارت ثقافت و سياحت کي ٻڌائڻ ٿا گهرون ته سندن آرڪيالاجي ڊپارٽمينٽ، سنڌ جي قديم آثارن جي حفاظت جي ڏس ۾ سراسر ناڪام رهيو آهي، جو مهراڻ جي مذڪوره اداريه کان سواءِ وقتاً فوقتاً سنڌي پريس ۾ سنڌ جي علمي حلقن طرفان جيڪي شڪايتون شايع ٿينديون ٿيون رهن، تن جو خاتمو ٿي نه سگهيو آهي. اسان ذاتي طرح، ان موضوع جي پٺڀرائي ۾ اهو نـُـڪتو به بيان ڪري سگهون ٿا ته جنهن محڪمي پنهنجي طرفان لکت جي باوجود تفصيلي وراڻي ڏيڻ ۾ ڪاميابي حاصل نه ڪئي آهي، ان کي پنهنجي اصل فرائض جي ادائگيءَ ۾ ڪهڙي سرجوشي ٿي سگهي ٿي؟

-- نفيس احمد شيخ

1985-2-1ع

 

قـُـرآن ڪـَـرِيم جـُـون مـُـقـَـدس آيـَـتــون ۽ نـَـبـِـي ڪـَـرِيم صلي الله عليہ وآلہ وسلم جـُـون حـَـدِيثوُن تـَـوهان جـَـي دِيني مـَـعلومات ۾ اِضـَـافي ۽ تـَـبليغ لاءِ شـَـايع ڪـَـيون وَڃن ٿـِـيون. اُنهن جـَـو اِحترامُ تـَـوهان جـَـو فـَـرض آهي. ان ڪـَـري جـِن صـُـفحن تي اُهي هـُـجن تن کي صـَـحيح اِسـُـلامي طـَـريقي مـُـطابق بـَـيحـُـرمتي کان مـحفوظ رَکيو وَڃي.

 

قائداعظم محمد علي جناح

از: جي. الانا

انگريز، جيڪي برصغير ۾ واپارين جي صورت ۾ آيا هئا، جن دوستانا ۽ مفيد معاهدن جي استدعا ڪندي، رعايتون حاصل ڪيون ۽ نتيجي ۾ انهن هندستان ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي، جيڪا شهنشاهي ڇـَٽ ۾ هڪ چمڪندڙ موتي مثل هئي. پر 1857ع ۾ هڪ نئين باهه ڀڙڪي، موثر انقلابي شعلو ڀڙڪيو، جيڪو حقيقت ۾ اسان جي ڌاري حڪومت کان آزادي واري جدوجهد جو نمايان باب آهي. باغين جي غصي واري باهه هندستان جي ٻين ڪيترن ئي حصن ۾ به پکڙجي ويئي. گونڊل نالي هڪ شاهوڪار رياست، جا ڪاٺياواڙ ۾ واقع آهي، اتي ٺاڪر صاحب جي حڪمراني ۾، هندستان جي ٻين حصن ۾ سجاڳي ۽ سياسي وڳوڙ هوندي به امن ۽ آشتي جو دور هو. گوندل، رياست جي گاديءَ وارو هنڌ، وڏي ۾ وڏو شهر هو. پر ان جي گهڻي آدمشماري ڳوٺن ۾ رهندڙ هئي. پانيلي به انهن مان هڪ ڳوٺ هو، جنهن جي آدمشماري هندستان جي پهرين بغاوت وقت هڪ هزار کان به گهٽ هئي. هن خاموش ننڍڙي ڳوٺ ۾، ان وقت هڪ پوڙهو محنتي انسان پونجا ڀائي نالي رهندو هو، جيڪو اسماعيلي خوجو هو. هتي سندس وڏا روزمره جو ڪم ڪار ڪندي، فوت ٿي چڪا هئا. پانيلي جي ماڻهن جو خاص ڌنڌو پوکي راهي هو. پونجا ڀائي انهن مان هڪ اهڙو شخص هو، جنهن کي ڪجهه آڏاڻا هئا، جن تي هو تمام گهڻو وقت، ٿڪجي پوڻ تائين ڪم ڪندو هو. هن محنت ۽ مشقت کيس پنهنجي اولاد سان خوشحال ۽ سکي زندگي گذارڻ جي قابل بنايو.

پونجا ڀائي کي ٽي پٽ، والجي ڀائي، بٿو ڀائي، جناح ڀائي ۽ هڪ ڌيءَ ماڻ ٻائي نالي هئي. جناح ڀائي، جيڪو ننڍي ۾ ننڍو هو، سو اندازاً 1850ع ڌاري پيدا ٿيو هو، جيڪو پنهنجن ڀائرن کان وڌيڪ چست ۽ چالاڪ هو. سندس جوان ۽ آرزومند ذهن ۾ پانيلي هڪ ننڍي جڳهه محسوس ٿي، جتي سندس سامهون هڪ ئي اميد هئي، جيڪا اها هئي، ته هو پنهنجي پيءُ جي آڏاڻن جو پنهنجن ٻن ڀائرن وانگر وارث هو، ۽ جتي ٿوري فائدي لاءِ سڄي زندگي گذارڻي ٿي پئي. هن يڪدم محسوس ڪيو ته اها زندگي گذارڻ جي قابل نه آهي. گونڊل جي پر رونق شهر سندس ذهن ۾ ڪجهه حاصل ڪرڻ جي خواهش پيدا ڪئي ۽ هو چپ چاپ پانيلي ڇڏي رياست جي گادي واري هنڌ گونڊل ۾ اچي رهيو. اتي اهو ڌنڌو وڏو به هو، ته تيز به. جناح ڀائي جي هوشياريءَ مفيد راهون ڳولهڻ ۾ ڪا دير ڪانه ڪئي. سستو خريد ڪري ۽ نفعي سان وڪڻي، هن جلد ئي ڪافي پئسو ميڙيو. سندس عموماً خالي رهندڙ ٻـَـٽون ڀرجڻ شروع ٿيو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ ڪافي دولت گڏ ڪري ورتائين، جيئن هو فخر سان واپس گهر وڃي پنهنجي پيءُ کي ٻڌائي ته هو واپار ۾ چڱيءَ طرح ڪامياب ويو آهي. پٽ جي ڪامياب تجارت کان فخري طور پيءُ خوش ٿيو. وڏي شهر ۾ وڏي منافعي جي اميد رکي سندس والدين خوش آئينده مستقبل لاءِ مطمئن ته هئا، پر کين اها اڻ تڻ هئي ته آخر گونڊل شهر کان پري هو، جتي سندن نوجوان پٽ اڪيلو رهيو ٿي. سندس پيءُ ماءُ اهو فيصلو ڪيو ته پانيلي ڇڏڻ کان اڳ جناح ڀائي جي شادي ڪرائي وڃي. موزون رشتي جي تلاش ۾ هو ڌرافا نالي هڪ ڳوٺ وڃي نڪتا، جيڪو پانيلي کان اٽڪل ڏهن ميلن جي مفاصلي تي هو، جتي اسماعيلي خوجه جي معزز خاندان جي نينگري مٺي ٻائي نالي رهندي هئي. ”ڇوڪريءَ جي مائٽن سان ملاقات ڪئي وئي، جن سندن پٽ لاءِ پنهنجي نياڻيءَ جو رشتو قبول ڪيو ۽ 1874ع ڌاري جناح ڀائي جي مٺي ٻائي سان شادي ٿي(1) “.

پنهنجي ڪنوار سان گڏ جناح ڀائي گونڊل آيو ۽ پنهنجي ڌنڌي ۾ مشغول ٿي ويو، جنهن ۾ هو پنهنجي اميدن کان به وڌيڪ ڪامياب ويو ۽ هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن کيس پنهنجين اميدن، ارادن ۽ اعليٰ خيالن جي ڀيٽ ۾ گونڊل ننڍو نظر آيو. هن ڪراچيءَ بابت ٻڌو هو، ته اهو نئون ۽ شاهوڪار شهر آهي ۽ بمبئي پڻ، جيڪو واپار ۽ ڪارخانن جي خيال سان آسمان جي بلندين کي پهچي چڪو هو. ڪجهه دير لاءِ هو سوچ ۾ پئجي ويو ته کيس ڪراچيءَ وڃڻ کپي يا بمبئي، تان جو 1875ع ۾ گونڊل کي خيرباد چئي، ڪراچيءَ اچي مستقل طور رهڻ جو ارادو ڪيائين. ڪراچي، جنهن جي ان وقت آدمشماري پندرهن هزار هئي، پر اتي وڏي ڪاروبار جون روشن اميدون هيون. ڪراچي ان زماني ۾ مکيه طور کڏي تي مشتمل هئي، جيڪو مڇيءَ جي گودامن تائين محدود هو. کارادر، جتي ڳتيل مٽيءَ جا گهر هئا، پر اتي وڏن تجارتي مرڪزن جا دفتر ۽ ڪجهه گهر به هئا. مٺو در، جتي گوڏي جيڏي کڏ کوٽڻ سان مٺو پاڻي ملي سگهندو هو. ۽ صدر جتي انگريز فوج جي ڇانوڻي هئي ۽ ان جي آسپاس بازارون ۽ دڪان هـُـئا. جناح ڀائي کارادر ۾ نيو نهام روڊ جي هڪ بلڊنگ مان ٻن ڪمرن وارو هڪ گهر مسواڙ تي ورتو ۽ پنهنجي رهائش جي ويجهو پنهنجي آفيس به کوليائين. جناح ڀائي ۽ مٺي ٻائي جنهن بلڊنگ ۾ رهندا هئا، سا پٿر، چوني ۽ گچ جي ٺهيل هئي. هنن جيڪو گهر خريد ڪيو هو، سو پهرين ماڙ تي هو.

جناح ڀائي پنهنجو ڪاروبار رواجي نموني شروع ڪيو، پر ٿوري ئي وقت ۾ هو آسودو ٿي ويو ۽ سندس نالو ڪراچيءَ جي وڏن واپارين ۾ شمار ٿيڻ لڳو. سندس ڪاروبار نه صرف اندرون ملڪ ۾ وڏي پئماني تي ڦهليو، پر اهو سمنڊ پار پڻ پکڙجي ويو. ٻه اسم، جن سان سندس ڪاروباري تعلق هو، سي هئا لاک ۽ کونر، جن جو ڪاروبار هو ڪراچيءَ جي هڪ انگريزي فرم ذريعي ڪندو هو. گرهام جهازران ۽ واپاري ڪمپنيءَ جو مئنيجر فريڊرڪ لي ڪرافٽ جناح ڀائي جو دوست ٿي ويو، جنهن سان هو انگريزيءَ ۾ ڳالهائي سگهيو ٿي. انهن ڏينهن ۾ ڪو ان قسم جو هندستاني واپاري ورلي ملندو هو، جو انگريزي سٺي نموني ڳالهائي سگهي.

مٺي ٻائي هينئر ٻار جي ماءُ هئي ۽ سندس پهريون ٻار پٽ ٿيو، جيڪو کارادر جي هڪ دائي 25 ڊسمبر 1876ع تي آچر ڏينهن هن دنيا ۾ آندو. اهو ٻار ڪمزور، تمام ننڍو، وڏن هٿن وارو ۽ وڏي مٿي وارو هو. ٻار جي مائٽن کي ڊاڪٽر بار بار يقين دهاني ڪرائيندو رهيو ته ٻار جي صحت صحيح آهي ۽ کين ڪنهن به قسم جي ڳڻتي ڪرڻ نه گهرجي. هنن ٻار جو نالو محمد علي رکيو، هي سڀني ۾ وڌيڪ دادلو ٻار هو، توڙي جو کين ڪل چار ڌيئرون ۽ ٽي پٽ ٻيا به هئا. رحمت، مريم، شيرين، فاطمه، محمد علي، احمد علي ۽ بنده علي. جڏهن محمد علي اڃا ڇهن مهينن جو هو ته مٺي ٻائي جي اها دلي خواهش هوندي هئي ته پنهنجو پهريون ٻار عقيقي لاءِ حسن پير جي درگاهه تي وٺي وڃي، جيڪا پانيلي ويجهو گنوڊ ۾ هئي، ۽ هن ان معاملي ۾ پنهنجي مڙس کي راضي ڪري ورتو، ته هو ساڻس گڏ ڪراچي کان گنوڊ هلندو جتي ڪي قدر ٻيڙيون ۽ ڍڳي گاڏيون هونديون هيون. حسن پير هڪ اسماعيلي مبلغ هو، جيڪو ايران کان خشڪي ذريعي هندستان ايندي سنڌ ۽ ملتان ۾ ترسيو هو، جتي هن ڪيترن هندن کي مسلمان بنايو ۽ ڪڇ جو رڻ پار ڪندي، مستقل طور پانيلي ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئائين، جيئن پنهنجي تبليغ جو سلسلو جاري رکي سگهي. هڪ رات جيئن هو ڀاڏر نديءَ جي ڪناري مراقبي ۾ مشغول هو ته هڪ وڏي وير ڪناري جي حدن کان اڳتي وڌي ويئي ۽ ان حسن پير کي ڌڪي وچ نديءَ ۾ آندو ۽ اهڙيءَ ريت هڪ مسلمان صوفيءَ جو هن دنيا مان لاڏاڻو ٿيو.سندس لاش هيٺ لڙهندو رهيو ۽ ٻي صبح جو گنوڊ ويجهو نديءَ جي ڪناري رابريز ڪناري لڌو، جتي سندس درگاهه تعمير ڪئي ويئي. عقيقي جي رسم کان پوءِ پيءُ - ماءُ پنهنجي پٽ محمد علي کي پانيلي ۾ پنهنجي اباڻي گهر گهمائڻ وٺي ويا ۽ پوءِ ويراوال کان ڪراچي واري رستي واپس آيا. سندس ماءُ کي يقين هو ته هو پنهنجي وقت ۾ هڪ وڏو ماڻهو ثابت ٿيندو.

محمد علي کي پهريائين قابل استادن ذريعي سندس گهر ۾ گجراتي پڙهائي ويئي ۽ 4 جولاءِ 1887ع ۾ هن سنڌ مدرسة الاسلام ۾ داخلا ورتي. جڏهن هو 11 سالن جو هو، تڏهن پهرين درجي ۾ ٿيو. هن 30 جنوري 1892ع ۾ سنڌ مدرسو ڇڏيو، جڏهن هو پنجين درجي جو شاگرد هو. اسڪول رجسٽر ۾ سندس اسڪول ڇڏڻ جو سبب هن ريت لکيل آهي: ”شاديءَ لاءِ ڪڇ ويو“. جناح ڀائي جي ڪاروبار کيس شاهوڪار بنايو ۽ هو اڪثر نوجوان محمد علي جي مستقبل بابت فريڊرڪ لي ڪرافٽ سان صلاح مشورو ڪندو هو. جڏهن  محمد علي 16 سالن جو هو، تڏهن هن کيس صلاح ڏني ته هو پنهنجي پٽ کي لنڊن موڪلي، جتي هو گرهامس شپنگ ڪمپني اينڊ ٽريڊنگ ڪمپنيءَ جي مرڪزي دفتر ۾ ڪاروبار متعلق سکيا حاصل ڪري. سندس والد کي اهو مشورو وڻيو، پر سندس ماءُ ان ڳالهه تي راضي نه هئي ته سندس پٽ شاديءَ کان اڳ ٻن سالن لاءِ يورپ هليو وڃي. محمد علي پنهنجي ماءُ جي خواهش کي قبول ڪيو، جنهن هن لاءِ پانيلي جي اسماعيلي خوجن جي هڪ نينگري ايمي ٻائي پسند ڪئي، جا هن محمد علي لاءِ مناسب زال سمجهي. هي انهن ٿورن اهم فيصلن مان هڪ هو، جو محمد علي پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻين جي صلاح تي هليو هو. جناح ڀائي، مٺي ٻائي ۽ محمد علي پانيلي روانا ٿيا، جتي محمد علي جي ايمي  ٻائي، جيڪا 13 سالن جي هئي، سان شاندار نموني  وڏي ڌوم ڌام سان شادي ڪرائي وئي. ڄاڃي ڪراچي واپس آيا ۽ نوجوان محمد علي پنهنجي ڪنوار ايمي ٻائي سان پنهنجن مائٽن جي گهر ۾ ترسيو. هو انگلينڊ جي ڊگهي سفر جي تيارين ۾ مشغول ٿي ويو.

جڏهن هو انگلينڊ پهتو ته سردي زورن تي هئي ۽ هو اهڙي موسم جو هيراڪ نه هو. ”مون هڪ ڌاريو ماحول ڏٺو. مان ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪو نه سڃاڻندو هوس. ٿڌ، ڪوهيڙي ۽ سياري مون کي لنڊن ۾ تمام گهڻو پريشان ڪيو. پر پوءِ جلد ئي مان انهن حالتن جو هيراڪ ٿي ويس ۽ بلڪل خوش گذارڻ لڳس.“(1)  هڪ اخبار جي اشتهار ذريعي گهر ۾ هي مهذب ۽ هوشيار نوجوان خرچ ڏيندڙ مهمان جي حيثيت ۾ انهن سان 35- رسل روڊ، ڪينسنگٽن ۾ رهڻ لڳو، جتي هاڻي ڪورٽ ڪائونسل هڪ تختي هڻي ڇڏي آهي، جنهن تي لکيل آهي، ”قائداعظم محمد علي جناح 1948ع-1876ع پاڪستان جو باني، 1895ع ۾ هتي رهيو.“ قائد اعظم محمد علي جناح هڪ ننڍي ڇوڪر جي حيثيت ۾ جڏهن خاص ڪپڙن ۾ هڪ بئريسٽر کي ڏٺو، تڏهن دل ۾ چيائين ته: ”آءٌ خود بئريسٽر ٿيڻ چاهيان ٿو“. سندس اها تمنا نيٺ پوري ٿي. هن واپاري ٿيڻ جا سڀ خيال ترڪ ڪري ڇڏيا ۽ ”لٽل گو“ ۾ پڙهڻ جو فيصلو ڪيائين، جتي لنڊن ۾ بئريسٽريءَ جي امتحان جي داخلا واسطي پهريون امتحان ڏيڻو پوندو هو. هن سخت محنت کان پوءِ ”لٽل گو“ امتحان پاس ڪيو ۽ 1893ع ۾ لنڪنس اِن ۾ داخلا ورتي. ”مون لنڪنس اِن ۾ ان ڪري داخلا ورتي، جو ان جي وڏي دروازي تي قانون ٺاهيندڙن جي فهرست ۾ حضور اڪرم صلي الله عليـه وسلم جن جو نالو مبارڪ به هو“(1) . هن لنڪنس ان ۾ پنهنجي نالي ۾ تبديلي آڻي ”ايم. اي. جناح“ ڪري ڇڏيو.

هن 1895ع ۾ ٻن سالن اندر بئريسٽريءَ جو امتحان پاس ڪيو ۽ هي هندستان جي بئريسٽرن ۾ عمر جي لحاظ کان ننڍي ۾ ننڍو هو. ان دوران کيس صدمو رسيو. ڪراچي ڇڏڻ کان ٿورا هفتا پوءِ سندس نوجوان زال ايمي ٻائي فوت ٿي ويئي، ۽ 1895ع ۾ سندس والده محترمه پڻ وفات ڪري ويئي، جنهن کي هو تمام گهڻو پيار ڪندو هو. لنڊن ۾ شاگرديءَ واري زماني ۾ شاگردن جي گروهه ۾ سندس وڏي دلچسپي هوندي هئي ۽ هو عموماً ديوان عام ۾ وڃي ان دور جي وڏن وڏن اڳواڻن جون تقريرون ٻڌندو هو. تنهن کان پوءِ دادا ڀائي نوروزجي، جيڪو هندستان جو چوٽيءَ جو جهونو سياستدان هو، جو انگريزي پارليامينٽ جي جڳهه لاءِ سينٽرل فنس بري جي حد مان چونڊ لڙي رهيو هو، محمد علي جناح ان جي چونڊ واري ڪم ۾ پنهنجو پاڻ کي ننهن چوٽيءَ تائين وقف ڪري ڇڏيو ۽ دادا ڀائي نوروزجي  ان چونڊ ۾ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو. پارليامينٽ جي ڪم ۾ هندستان جي مفاد خاطر ڪم ڪندڙ دادا ڀائي نوروزجي جي مداح قائداعظم محمد علي جناح چيو: ”مان لنڊن ۾ هجڻ ۽ پارليامينٽ ۾ گهڙڻ چاهيان ٿو. مون کي اميد آهي ته اتي اثر پيدا ڪندس ۽ اتي آءٌ برطانيه جي مدبرن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيهندس“(2) چار سال ٻاهر رهڻ کان پوءِ محمد علي جناح 1896ع ۾ واپس ڪراچيءَ موٽي آيو، انهيءَ لاءِ ته جيئن هو پنهنجي پيءُ کان ڌنڌي بابت معلوم ڪري، جيڪو بيهي ويو هو، ۽ ڌنڌي ۾ لڳايل موڙي ۽ قرض جي ادائيگي لاءِ ڪورٽن ۾ ڪيس هلي رهيا هئا. جيتوڻيڪ کيس وڪيلن جي ٻن وڏين ڪمپنين هرچند راءِ وشنداس ائنڊ ڪمپني، ۽ لعل چند ائنڊ ڪمپني کيس سٺيون آڇون ڪيون، پر هو پنهنجي بيهي ويل ڌنڌي ۽ مرحوم ماءُ جون يادگيريون کڻي، مستقبل ٺاهڻ لاءِ بمبئي روانو ٿيو. ”سڪندري بخت وارو غربت جي وڻ ويڙهيءَ ۾ وڪوڙجي چڪو هو. وٽس دنيا جي فتح ڪرڻ لاءِ به تيار هو، پر فقط ڀرپور جواني، همت، مردانگي ۽ آسون اميدون هيون“.(3)

هن بمبئي جي هڪ هوٽل ۾ ڊگهي عرصي لاءِ هڪ ڪمرو ڀاڙي تي ورتو، ۽ بمبئي جي هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجو نالو رجسٽر ڪرايو. شروع جا چند ورهيه هن مايوس ڪن گذاريا ڇاڪاڻ ته وٽس ڪو به ڪيس ڪو نه آيو، پر هن پنهنجي هلت چلت مان محسوس ٿيڻ نه ڏنو ته هي بئريسٽر ڪهڙين مشڪلن  ۾ آهي. ”هو چپ چاپ گذاريندو هو ۽ اڪيلائي ۾ سخت غمزده ۽ پريشان رهندو هو، پر اهو ڪنهن کي نه ٻڌائيندو هو ته هو ڪو پريشان آهي(1)“. هي هڪ سٺو شهسوار هو، هميشـه ٻين کان مٿڀرو، شڪل صورت جو سهڻو، ان دور ۾ سدائين سٺا ۽ سهڻا ڪپڙا پهريندڙ: گهڻن وائسرائن سندس متعلق چيو ته ”هن جهڙو سٺو لباس پهريندڙ، اسان هندستان ۾ ڪو نه ڏٺو.“ سندس هڪ دوست، هن جو بمبئي هاءِ ڪورٽ جي قائم مقام ائڊووڪيٽ جنرل ميڪ فرسن سان تعارف ڪرايو، جنهن کيس تمام گهڻو پسند ڪيو ۽ کيس پاڻ وٽ ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي. اهڙو مثال هندستان جي ڪنهن بئريسٽر لاءِ ورلي ٿيو هوندو. ٿوري عرصي کان پوءِ ميڪ فرسن مسٽر محمد علي جناح جي سر چارلس اوليونٽ انصاف کاتي جي نگران وٽ سفارش ڪئي، جنهن کيس عارضي طور پريزيڊنٽ مئجسٽريٽ مقرر ڪيو. جڏهن عارضي مقرريءَ جو مدو پورو ٿيو، تڏهن کيس سر اوليونٽ پندره سؤ روپيا جي پگهار سان ترقي ڏيڻ جي آڇ ڪئي. محمد علي جناح سر اوليونٽ جا ٿورا مڃيندي ان آڇ کان انڪار ڪيو ۽ چيائين ته ”سائين، اوهان جي مهرباني، آءٌ ٿورن ڏينهن ۾ ايترا ڪمائڻ جي لائق ٿي ويندس.“ ۽ اهي ڏينهن واقعي پري ڪو نه هئا. محمد علي جناح جي بار ۾ ايتري شهرت ۽ ترقي هڪ فطري ڳالهه هئي. ٿورن سالن بعد جڏهن محمد علي جناح سراوليونٽ سان مليو ته هو قائداعظم محمد علي جناح جي ايڏي ڪاميابيءَ تي ڏاڍو خوش ٿيو. “هن سندس ڪوششن ۽ اٽل ارادن جي همت افزائي ڪئي ۽ وڌيڪ چيو ته ”تو منهنجي آڇ نه قبولي تمام سٺو ڪم ڪيو(2) “. طبعيت جي پختگي ۽ بي ڊپائي سبب سندس بي انتها عزت ڪئي ويندي هئي. ”محمد علي جناح وڪالت جي شروعات واري دور کان وٺي سدائين وڏي همت ۽ طبعيت جي آزادگيءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، هو ڪڏهن به ڪنهن جج يا وڪيل کان بيزار نه ٿيو(3)“. مخالف وڪيل يا ججن جي وچ ۾ عاقلانا مقابلن جا ڪيترائي واقعا مشهور آهن. ”وڪيل جي حالت ۾ هن هميشـه پنهنجو ڳاٽ اوچو رکيو، توڙي جو ڪيڏا خراب حالات ڇو نه آيا هجن. هي اسان جو هڪ جرئتمند وڪيل رهيو آهي، ڪو به جج کيس ٺڳي نه سگهيو ۽ ڪڏهن به پنهنجي توهين برداشت ڪري نه سگهيو(4)“. هينئر سندس وڪالت نانءِ چڙهي چڪي هئي ۽ هن پنهنجي پوڙهي پيءُ کي بمبئي اچڻ لاءِ چيو. جناح ڀائي پنهنجي ڪٽنب سميت اچي بمبئي نڪتو ۽ خدڪ ڀرسان خوجه محلي ۾ هڪ فليٽ مسواڙ تي وٺي رهڻ لڳو، جتي نوجوان محمد علي جناح هر آچر تي ساڻن وڃي ملاقات ڪندو هو. کين پئسو ڏوڪڙ جام ڏيندو رهندو هو ته جيئن هو عزت واري زندگي گذاري سگهن. کيس سياست سان دلچسپي هئي. ساڻس ملڻ وارا اهو محسوس ڪندا هئا ته هي هڪ ڏينهن مستقبل جو وڏو اڳواڻ ٿيندو. ”شايد اهو ڪنهن مستقبل جي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته هي... قومي جدوجهد آزادي جي ڪنهن خطرناڪ يا شاندار موڙ تي هندستان جي آزادي جو ”ماذني“ جيئن امر بنجي ويندو... (1)“.

سندس سياسي زندگيءَ جي شروعاتي دور مان معلوم ٿي سگهيو ٿي ته: ”هو تشدد ۽ دستور خلاف ڪارگذارين ذريعي پنهنجو سياسي مقصد حاصل ڪرڻ جو حامي نه هو“(2) . سندس سياسي نظريا دادا ڀائي نوروزجي، گوڪل، سريندرناٿ بئنرجي وانگي پنهنجي جاءِ تي مضبوط هئا. ”هن جا سياسي نظريا داداڀائي نوروز جي گوڪل، سريندرناٿ بئنرجي ۽ سي. آر. داس تشڪيل ڪيا هئا، جن کي هن پنهنجو سياسي مرشد ڪري ورتو هو، ۽ جن لاءِ کيس بي انتها عزت هئي“(3) . 1906ع ۾ ڪانگريس جو ڪلڪتي ۾ اجلاس ٿيو، جنهن جو دادا ڀائي کي صدر ڪيو ويو. قائداعظم محمد علي جناح ان سان پرنسپل سيڪريٽري جي حيثيت ۾ گڏ هو. سڀئي ڄڻا دارڀانگا جي مهاراجا جي چورنگي واري جاءِ ۾ رهيا. ان وقت محمد علي جناح ڪانگريس جو ميمبر هو. سندس وشواس هو ته قومي آزادي، مسلم - هندو اتحاد ذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿي. مهاتما گانڌي 1914ع ۾ ڏکڻ آفريڪا کان موٽي آيو. هن سان محمد علي جناح جي ملاقات هڪ باغ جي دعوت ۾ ٿي. اها دعوت سر جهانگير بي. پيٽٽ، مهاتما گانڌيءَ جي اعزاز ۾ ڏني هئي. مسلم ليگ جو بنياد 1906ع ۾ پيو، پر محمد علي جناح ان کان پاسيرو رهندو آيو. آغا خان جي زير قيادت مسلمانن لاءِ غير مخلوط چونڊ جي مقصد لاءِ شملا وفد، مورلي منٽو سڌارن جي موجب ڪامياب موٽيو. 1910ع ۾ ڪانگريس جي اله آباد واري گڏجاڻيءَ ۾ جناح جداگانه نمائندگيءَ واري اصول جي خلاف هڪ ٺهراءُ پيش ڪيو، توڙي جو اُن ٺهراءَ مسلمانن لاءِ مناسب نمائندگيءَ جي گهر ڪئي.

جيتوڻيڪ هي مسلم ليگ جو روايتي ميمبر ڪو نه هو، پر مسلم ليگ هميشـه کانئس صلاح مشورا ۽ هدايتون حاصل ڪندي رهندي هئي. 1910ع ۽ 1911ع ۾ کيس مسلم ليگ جي گڏجاڻي کي خطاب ڪرڻ لاءِ گذارش ڪئي ويئي هئي. هن مسلم ليگ جي تصور ۽ تخيل ۾ لچڪ ۽ اڳتي وڌڻ جو نئون روح ڦوڪيو. 1912ع ۾ آغا خان جي صدارت ۾ مسلم ليگ جي گڏجاڻي ۾ به هن شرڪت ڪئي ۽ ان وقت پارٽي دستور کي وسيع بنيادن تي نئين شڪل ڏني ويئي. هن گڏجاڻي ۾ هيءَ رٿ بحال ڪئي ويئي ته مسلم ليگ هندو مسلم ايڪتا ۾ ويساهه رکي ٿي. محمد علي جناح کي تمام گهڻي خوشي ٿي ته هو هندن ۽ مسلمانن کي پاڻ ۾ ويجهو آڻڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.

جڏهن آغا خان 1912ع ۾ مسلم ليگ جي صدارت تان ڇهن سالن گذرڻ بعد استعيفا ڏني، ته سندس جاءِ تي محمودآباد جو راجا محمد علي محمد خان مسلم ليگ جو صدر ۽ سيد وزير حسن سيڪريٽري جنرل چونڊجي آيا ۽ مسلم ليگ جي مرڪزي آفيس کي عليڳڙهه مان لکنو آندو ويو. سيپٽمبر 1913ع ۾ مسلم ليگ مولانا محمد علي ۽ سيد وزير حسن کي هن مقصد سان برطانيه موڪليو ته هو حڪومت برطانيه کي آگاهه ڪن ته حڪومت هند هڪ ظالمانه حڪم سان ڪانپور جي هڪ پراڻي مسجد کي شهيد ڪري ڇڏيو هو، ان ڪري هندستان جا مسلمان مظاهرن ڪرڻ لاءِ گهٽين ۾ نڪري آيا. انگلينڊ ۾ مولانا محمد علي ۽ سيد وزير حسن قائداعظم محمد علي جناح سان ملاقات ڪئي، جيڪو ان وقت موڪلن تي هو. هنن قائداعظم کي مسلم ليگ ۾ اچڻ جي گذارش ڪئي. محمد علي جناح هن شرط سان مسلم ليگ ۾ اچڻ جي هام واري ته: ”سندس هيءَ قدم وسيع ترقي جي مفاد سان بي وفائي جو پاڇولو به نه سمجهيو وڃي، جنهن لاءِ هن پنهنجي سڄي زندگي وقف ڪري ڇڏي.“(1)  محمد علي جناح جي مسلم ليگ ۽ ڪانگريس لاءِ اتصال واري حيثيت هئي. ڊسمبر 1913ع ۾ ڪراچي ۾ ڪوٺايل ڪانگريس جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو ۽ اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته: ”مون کي هن پليٽ فارم تان هن شهر ڪراچي ۾ خطاب ڪندي ڪيڏي نه خوشي ٿي جو آءٌ هن ۾ ڄائو آهيان ۽ منهنجي ڀر ۾ منهنجا اهي دوست به آهن، جن سان مان ٻاروتڻ ۾ کيڏيو آهيان.“

1914ع ۾ جنگ عظيم شروع ٿي چڪي هئي، انڪري مسلم ليگ ان سال پنهنجو ساليانو اجلاس سڏائي ڪو نه سگهي. 1915ع ۾ ڪانگريس بمبئي شهر ۾ ساليانو اجلاس ڪوٺايو. محمد علي جناح به اهو فيصلو ڪيو ته مسلم ليگ به بمبئي ۾ پنهنجو ساليانو اجلاس ساڳئي وقت تي ڪوٺائي. بمبئي جي گورنر مسٽر ولنگٽن انتظاميه کي هـُـشي ڏئي ڇڏي ته مسلم ليگ جي راهه ۾ رنڊڪون وجهن، جيئن جلسو ٿي نه سگهي، مگر محمد علي جناح ان للڪار کي قبول ڪيو. بمبئي جي آفيسر شاهي ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي ڪامياب گڏيل اجلاس کان پريشان ٿي وئي. محمد علي جناح ان مسلم ليگ اجلاس ۾ اها رٿ پيش ڪئي ته هڪ ڪميٽي ويهاري وڃي، جيڪا هندستان ۾ سياسي سڌارن لاءِ تجويزون ڳولي. مولانا ابوالڪلام آزاد، جيڪو ان وقت مسلم ليگ ۾ هو، تنهن مسلم ليگ جي اڳواڻ محمد علي جناح جي ان رٿ جي زبردست تائيد ڪئي ۽ ڪانگريس به اهڙي مقصد سان هڪ ڪميٽي تشڪيل ڪئي. ٻئي ڪميٽيون 1916ع ۾ ڪلڪتي ۾ مليون. سياسي سڌارن تي متفق ٿيا ۽ هڪ دستاويز تيار ڪيو ويو، جنهن کي ”لکنو ٺاهه“ سڏيو وڃي ٿو. قائد اعظم محمد علي جناح لکنو ٺاهه جي پٺڀرائي لاءِ هڪ ياداشت نامو تيار ڪيو، جنهن تي امپريل ڪائونسل جي قانون ساز اداري جي 19 ميمبرن صحيحون ڪيون، جنهن کي 19 جو ياداشت نامو ڪوٺيو وڃي ٿو. ان ٺهراءُ ۾ مسلم ليگ اسيمبلي ۽ خود مڪاني چونڊن لاءِ غير مخلوط چونڊ جو اصول قبول ڪيو ويو هو. 1916ع ۾ بمبئي جي صوبائي سياسي اجلاس کي احمد آباد ۾ خطاب ڪندي محمد علي جناح چيو ته: ”اقتدار اعليٰ جو آفيسر شاهيءَ کان عوام ڏانهن انتقال هندستان جي مسئلن جو اصلي روح آهي“.  ڪانگريس مسلم ليگ وارو لکنو ٺاهه، مانٽيگو چيلمسفورڊ جي 1919ع وارن سڌارن لاءِ ڄڻ هڪ رهنمائي اصول جو درجو رکي ٿو.

پهرين سيپٽمبر 1916ع تي ڊاڪٽر مسز ايني بيسنٽ هوم رول ليگ شروع ڪئي. محمد علي جناح 1917ع ۾ ان جو ميمبر ۽ بمبئي برانچ جو صدر ٿيو. هن چيو ته، ”هوم رول ليگ جي صدر جي حيثيت سان اهو دهرايان ٿو... جيڪي رٿون ۽ تجويزون اسان لکنو ٺهراءُ ۾ ڏنيون آهن، تن تي باضابطي عمل ڪيو وڃي“. محمد علي جناح پهريون 1909ع ۾ امپريل قانون ساز جو ميمبر چونڊيو ويو هو، ۽ دوباره بمبئي مان به رفيع الدين احمد کي وڏيءَ گهڻائيءَ سان شڪست ڏئي ڪامياب ٿيو. ساڳئي سال ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي گڏيل وفد جو ليڊر بنايو ويو ته جيئن انگلينڊ وڃي اتان جي عوام کي واقف ڪري ته هندستان ۾ سڌارا لکنو ٺاهه ۾ 19 جي ياداشت نامي جي روشني ۾ ڪيا وڃن. تيج بهادر ساپرو، سري نواسا شاستري ۽ سيد وزير حسن وفد جا ميمبر هئا. جنگ جي وڌي وڃڻ ڪري هندستان جي ڌارئي حڪمران جا حواس انتشار جو شڪار هئا. عين وقت تي مهاتما گانڌي بت وانگر هن جي سياسي پروي تي اڀري رهيو هو. ان وقت مهاتما گانڌي ۽ قائداعظم محمد علي جناح ٻه ماڻهو هئا، جن جو هندستان جي سياست تي قبضو هو. ”مهاتما گانڌي هڪ تصوراتي ماڻهو هو، کيس ڏيکاءُ جي عادت هئي ۽ ڳجهارتن ۾ ڳالهائيندو هو... محمد علي جناح ۾ اهي ڳالهيون ڪو نه هيون“.(1) 30 اپريل 1918ع ۾ دهلي ۾ جنگ ڪانفرنس ٿي. ان وقت قائد اعظم محمد علي جناح رٿ پيش ڪئي ته هندستان ۾ آئيني سڌارا آندا وڃن ۽ غير نمايان طور هندستانين جو جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ذڪر ڪيو ۽ چيو ته، ”جيڪڏهن برطانيه جي مرضي آهي ته هندستان جنگ ۾ شريڪ ٿيندو، ته هندستان ۾ آئيني سڌارا ضرور آندا وڃن“. مهاتما گانڌيءَ غير مشروط طور هندستاني ماڻهن جي فوج ۾ ڀرتي ۽ امداد جو يقين ڏياريو. 8 جولاءِ 1918ع تي حڪومت مانٽيگو چلمسفورڊ سڌارا اخبارن ۾ ڏنا، جن جي گڏيل طريقي سان آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. مگر قائد اعظم محمد علي جناح چيو ته، هو هنن سڌارن کي هڪدم نامنظور نه ڪندو ”پر ٿوري بحث مباحثي کان پوءِ انهن ۾ ردوبدل ڪندو“. 11 نومبر 1918ع تي صلح نامو عمل ۾ آيو. جنگ ختم ٿي ۽ ڊسمبر ۾ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس دهليءَ ۾ گڏجاڻي ڪئي. مسلم ليگ جي صدارت مولوي فضل الحق ۽ ڪانگريس جي پنڊت مدن موهن مالويه ڪئي. مسلم ليگ سڌارن جي رٿ کي جزوي طور بحال ڪيو، پر ڪانگريس ڪلي طور انهن کي رد ڪري ڇڏيو. ڪانگريس جي اشارن تي هندستان جي وڏن وڏن شهرن ۾ مظاهرا ٿيا. پوءِ هڪدم حڪومت رولٽ ايڪٽ پاس ڪيو. رولٽ ايڪٽ واري بل تي ڳالهائيندي قائداعظم محمد علي جناح چيو ته، ”منهنجو پهريون اعتراض اهو آهي ته هي ايڪٽ قانون ۽ انصاف جي مکيه اصولن جي بلڪل خلاف آهي. مثال طور جيئن شاهدي ۽ طور طريقي جي مڃيل اصولن مطابق ته ڪنهن به ماڻهوءَ کان آزادي نه کسي ويندي، انصاف واري کاتي جي جاچ پڙتال کان سواءِ ڪنهن کي به آزاديءَ کان محروم نه ڪيو ويندو“. مهاتما گانڌي ستياگره جي اپيل ڪئي. محمد علي جناح جيئن ته آئيني ذهن رکندڙهو تنهن وائسراءِ ڏانهن هڪ کليل خط لکيو جنهن ۾ هن وائسراءِ کان ڪاري قانون کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو هو. هن لکيو هوس، ”امن جي وقت اهڙو ڪارو قانون پاس ڪرڻ کان پوءِ حڪومت کي مـُـهذب حڪومت سڏائڻ جو ڪو به حق ڪونهي“. محمد علي جناح قانون ساز اداري جي ميمبريءَ تان احتجاج طور استعيفا ڏئي ڇڏي.


(1) الانا: قائداعظم جناح ص- 3

ا(1) رينچ، سر ايولن: دي امارٽل ايئرز هچنسن، لنڊن، 1945ع، ص 132

(1) قائداعظم، ائڊريس ٽو دي ڪراچي بار ائسوسيئيشن، 1947ع

(2) الوا، جوچم: ليڊرس آف انڊيا ٿيڪر اينڊ ڪمپني، بمبئي، 1943ع، ص 65

(3) فئڊو، سروجني: ائن ايمبسيڊر آف يونٽي گڻيش اينڊ ڪمپني، مدراس.

(1) الوا: متذڪره صدر، ص 64

(2) سيد. ايم- ايڇ: محمد علي جناح، ص 10-11ج

(3) سيتاواد، سر چمن لال: ريڪليڪشنس ائنڊ رفليڪشنس ص 66

(4) الوا: متذڪره صدر، ص 79

(1) نائڊو، سروجني: متذڪره صدر، ص 2

(2) جي. الانا: متذڪره صدر، ص 61.

(3) رئوف، اي. اي: ميٽ مسٽر جناح ص 35.

(1) نيڊو، سروجني، متذڪرهِّ صدر.

(1) مهتر، ايم: وي آف دي گريٽ انڊين ڪانفلڪٽ ص 13.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com