سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع (1-2)

 

صفحو :30

پير علي محمد راشدي

جي.ايم.سيد

سنڌ جي سياستدانن ۾ ميان علي محمد شاهه جو درجو يڪتا قسم جو آهي. هتي جا اڪثر سياستدان يا صفا آئيڊيلسٽ آهن يا رڳو سياسي عمل جا پوئلڳ آهن، هيءُ ٻنهي جو مرڪب آهي.

هيءُ آئيڊيلسٽ به نرالي قسم جو آهي، جنهن جو افلاطون (Plato) جي سياسي آئيڊيلزم سان تعلق نه آهي، جو 23 سو ورهيه اڳي جا سياسي نظريا پيش ڪري ويو آهي، سي اڃا تائين عمل ۾ اچي ڪين سگهيا آهن. پر هن جي ميڪاوَلي قسم جي آئيڊيلزم آهي، جو سورهين صدي عيسويءَ ڌاري اٽليءَ ۾ پيدا ٿيو. دنيا جا اڪثر ملڪ ۽ مدبر اڄڪلهه اِنهيءَ نظريي مطابق هلن ٿا. تفاوت ٻنهي نظرين ۾ هيءَ آهي ته پهريون يوٽوپيائي (خيالي جنت جون) ڳالهيون پيش ڪري ٿو، ۽ ٻيو حقيقت جي دنيا جون عمل ۾ اچڻ جهڙيون. ازانسواءِ پهريون نظريو طريقه ِّڪار جي چونڊ جي پابندي نه ٿو رکي، ان وٽ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهڙا به طريقا اختيار ڪرڻ جائز آهن. گهڻن ئي فيلسوفن ۽ مذهبي ماڻهن انهيءَ نظريي جي نڪتچيني ڪئي آهي، ليڪن عملي طور گهڻي وقت کان سڀ ڪامياب سياستدان ۽ مدبر اُن جي ئي ڏسيل طريقن جي پيروي ڪري رهيا آهن.

هيءُ صاحب راشدي سيدن مان آهي، جي لڪياري سيدن جي شاخ شمار ڪيا وڃن ٿا. انهن جي نسب جو سلسلو سيد علي مڪيءَ جي سنڌ ۾ اچڻ کان شروع ٿئي ٿو، جنهن بابت چوڻ ۾ اچي ٿو ته هو مڪي شريف کان سن 512هه مطابق سن 1118ع ڌاري لڏي سنڌ ۾ آيو ۽ اڳتي هلي، سندس اولاد لڪيءَ جي مشهور معروف ولي الله، شاهه صدرالدين عليـه الرحمت ان جو هن طرح اولاد آهي: سيد صدرالدين بن شاهه محمود بن سيد محمد بن شاهه حسين بن شاهه ڇڪن بن سيد علي مڪي. شاهه صدرالدين عليـه الرحمت جو ڀاءُ سيد بهاءالدين هو. راشدي خاندان جي جدامجد سيد راشد، نسب جو شجرو هيٺينءَ طرح سيد بهاءالدين تائين پهچي ٿو.

 سيد محمد راشد عليـه الرحمت بقا سيد محمد امام بن فتح محمد بن سيد شڪرالله بن سيد عثمان بن شاهه کٽڻ بن شاهه سنجر بن شاهه بولن بن شاهه حسين بن سيد امير علي بن سيد ناصر الدين بن سيد عباس بن  سيد بهاءالدين عليـه الرحمت.

سيد محمد راشد شاهه پهرين شعبان سن 1313هه مطابق 6- جون 1818ع تي وفات ڪئي. کيس ٻه فرزند ٿيا: سيد ميان صبغت الله شاهه اول، جو صاحب دستاريه يا پاڳارو سڏيو ويو، ۽ محمد ياسين شاهه، جو علم جو صاحب يا جهنڊي وارو سڏجڻ لڳو. پير ميان صبغت الله شاهه 5 رمضان سن 1246هه مطابق 18 فيبروري سن 1831ع ۾ وفات ڪئي. کيس ٻه فرزند ٿيا: سيد علي محمد شاهه وڏو (ان جي اولاد مان هيءُ راشدي صاحب آهي)، ۽ (2) سيد علي گوهر شاهه (ان جي اولاد مان پير پاڳاري وارا آهن). سيد علي محمد شاهه، ننڍي ڀاءُ جي فائدي ۾ دستبردار ٿيو. ٻنهي ڀائرن جا سال وفات هن طرح آهن). سيد علي محمد شاهه، وفات 14- ربيع الاول سن  1284هه مطابق 17- جولاءِ سن 1867ع ۽ سيد علي گوهر شاهه عرف بنگلي ڌڻي، تخلص ”اصغر“، وفات 11- جمادي الاول سن 1263هه، مطابق 28- اپريل سن 1847ع.

سيد علي محمد شاهه کي پنج فرزند ٿيا، جن مان سيد ميان پير شاهه هڪ هو. (وفات 22 - شعبان 1341هه، مطابق 12 جنوري 1931ع). سيد ميان پير شاهه کي سيد محمد حامد شاهه فرزند ٿيو (وفات 31- مارچ 1937ع). جنهن کي ٽي فرزند ٿيا: (1) سيد علي محمد شاهه راشدي (جنهن جو احوال هتي ڏجي ٿو)،(2) سيد حسام الدين شاهه راشدي (سنڌ جو مشهور عالم ۽ اديب)، ۽ (3) پير احمد شاهه (17- سيپٽمبر 1919ع تي ڄائو). ٻئي طرف پير علي گوهر شاهه کي پير حزب الله شاهه عرف تخت وارو، تخلص ”مسڪين“، فرزند ٿيو (وفات خميس 4- محرم 1308هه، مطابق 21- آگسٽ 1890ع)، ان جو فرزند پير ميان شاهه مردان شاهه ٿيو (وفات اڱارو 7 ربيع الاول  1340هه)، جنهن جو فرزند ميان صبغت الله دوم ٿيو (شهادت 20- مارچ 1943ع، 8 بجي صبح)، ان جو فرزند موجوده پير صاحب پاڳارو سيد سڪندر علي شاهه ملقب به ”شاهه مردان شاهه ثاني“ آهي.

سيد علي محمد شاهه راشدي 12- جمادي الثاني سن 1324هه، مطابق، 5- آگسٽ سن 1905ع، ساڍي 5 بجي صبح جو جمعي ڏينهن تولد ٿيو. هن ابتدائي تعليم مولوي محمد سومار، ويٺل ڳوٺ ڊکڻ، وٽ ۽ مولوي محمد صديق، ويٺل ميرپورخاص، وٽ ورتي. سنڌي چار درجا ۽ فارسي ”سڪندر نامه“ تائين پڙهيائين. ٿوري عربي به پڙهيو. پوءِ انگريزي تعليم ماستر محمد رفيق، ويٺل مائونٽ اَبـُـو، وٽ ورتائين. ان جي وڃڻ کان پوءِ نصرت اسٽيشن جي ماستر وٽ انگريزيءَ جا سبق وٺندو رهيو. قريباً چئن درجن جي سطح جيتري انگريزي تعليم ورتائين. ان کان پوءِ محنت ۽ مطالعي سان سنڌي، پارسي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ مهارت حاصل ڪري ويو.

صحافتي زندگي:

سن 1924ع ڌاري هيءُ ”سنڌ نيوز“ اخبار جو نامه نگار ٿي احوال موڪلڻ لڳو، انهيءَ سال 15- ڊسمبر 1924ع تي، سنڌ تعليمي ڪانفرنس حيدرآباد ۾ حصو وٺڻ لاءِ آيو، جتي منهنجي ساڻس واقفيت ٿي. سن 1926ع کان سن 1931ع تائين هيءُ سنڌ محمدن ائسوسيئيشن جو سرگرم ڪارڪن رهيو، جنهن جو صدر سر شاهنواز خان ڀٽو ۽ سيڪريٽري خانبهادر ولي محمد حسن علي هئا. سن 1926ع ۾ سر شاهنواز خان ڀٽو ۽ سيڪريٽري خانبهادر ولي محمد حسن علي هئا. سن 1926ع ڌاري هن اخبار ”الحزب“ شڪارپور مان ايڊٽ ڪئي. سن 1928ع ۾ اخبار ”الراشد“ جي ايڊيٽريءَ جا فرائض بجا آندائين. انهيءَ وقت ڌاري هڪ جماعت ”انجمن سادات راشديه“ جي نالي سان برپا ڪئي هئائون، جنهن جو صدر پير حزب الله شاهه دوم عرف جيئل شاهه هو ۽ پاڻ ان جو سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيائين. هن اخبار ”الامين“، سکر ۾ سن 1925ع کان 1928ع تائين ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيو. سن 1927ع تائين خانبهادر محمد ايوب کهڙي جو سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيائين. ان وقت خانبهادر کهڙي بمبئيءَ کان سنڌ جي جدائيءَ لاءِ جا هلچل هلائي هئي، ان جي چارج ۾ هيءُ هو. هن سن 1929ع ۾ ”سنڌ زميندار“ اخبار سکر جو ڪجهه وقت لاءِ ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيو، جا مرحوم آغا نظر علي خان جي نظرداريءَ هيٺ کهڙو صاحب ڪڍرائيندو هو. سن 1933ع ۾ هن جا لاڳاپا سر شاهنواز خان ڀٽي جي گروهه سان ٿيا، جي ڀٽي صاحب جي سنڌ ڇڏي پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر ٿي وڃڻ تائين قائم ڪيائين. سن 1934ع ۾ سکر مان اخبار ”ستاره سنڌ“ ڪڍڻ شروع ڪيائين، جنهن جو پاڻ مئنيجنگ ڊائريڪٽر ٿي رهيو. اها اخبار سن 1937ع تائين نڪرندي رهي. اُن ۾ عمدا ادبي ۽ سياسي مضمون پوندا هئا. سن 1936ع ۾ اخبار ”صبح سنڌ“ ڪڍڻ شروع ڪيائين، جنهن ۾ ”اتحاد پارٽيءَ“ جي فائدي ۾ مضمون نڪرندا هئا. سن 1937ع جي اليڪشن کان اڳ اها اخبار عام ماڻهن ۾ ”اتحاد پارٽيءَ“ جي اميدوارن جي پروپيگنڊا لاءِ ورهائبي هئي. هن سن 1940ع کان انگريزيءَ ۾ ”مسلم وائس“ نالي هفتيوار اخبار پهرين سکر مان پوءِ ڪراچيءَ مان ڪڍڻ شروع ڪئي، جنهن ۾ سياسي ۽ ادبي مسئلن تي مضمون لکندو هو. اها اخبار سن 1946ع تائين هلندي رهي. سن 1945ع جي آخر ۾ جڏهن اسان جا اختلاف مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ سان پيدا ٿيا ۽ ”الوحيد” اخبار مخالف پروپيگنڊا ڪرڻ لڳي ته اسان شڪارپور مان نڪرندڙ ”قرباني” اخبار ۽ پريس خريد ڪري ڪراچيءَ ۾ آندي. پهرين ان جو مولوي خير محمد نظاماڻي ايڊيٽر هو، پر ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن ڏٺو ويو ته پارٽيءَ جي هو صحيح ترجماني نٿو ڪري ته اخبار جي نظرداريءَ جو ذمو ميان علي محمد شاهه کنيو. ايڊيٽريءَ ۾ نالو ٻين جو هوندو هو، مگر ان جا اهم مضمون ۽ ايڊيٽوريل هيءُ لکندو هو. مشهور ڪتاب ”فرياد سنڌ” اول مضمونن جي صورت ۾ انهيءَ روءِ ”قربانيءَ” ۾ ڇپيو هو، جن کي پوءِ ڪتابي صورت ڏيئي سنڌ ۾ ورهايو ويو هو. اها اخبار سن 1937ع ۾ کهڙي صاحب جي دور وزارت ۾ بند ڪرائي ويئي. سن 1948ع کان جڏهن سنڌ جي مشهور انگريزي اخبار ”سنڌ آبزرور“ جو انتظام، کهڙي صاحب جي هٿ ۾ آيو، ان وقت کان سن 1949ع تائين، ٻن سالن لاءِ، هي ان اخبار جو ايڊيٽر ٿي رهيو، جنهن ۾ حالتن کي نظر ۾ رکي، سنڌي نقطي نگاهه پوريءَ طرح پيش ڪندو رهيو. ان ۾ ”ڊان“ اخبار جي فرقيوار پروپيگنڊا جو پوري حوصلي ۽ همت سان مقابلو ڪيائين.

سن 1952ع ۾ هفتيوار اخبار ”اسٽيٽسمئن“ ڪڍڻ شروع ڪئي، جا نالي خاطر اڄ تائين پير صاحب پاڳاري طرفان مسٽر اوويس ڪڍندو رهي ٿو. ڪجهه وقت لاءِ هيءُ پاڪستان نيوز پيپرس ائسوسيئيشن جو پريزيڊنٽ ٿي رهيو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ هندستان، مصر ۽ انگلينڊ ۾ وفد وٺي دوري تي ويو.

چين ۾ پاڪستاني سفير جي عهدي تان سبڪدوش ٿيڻ بعد، هن ڪجهه وقت هانگ ڪانگ ۾ سڪونت اختيار ڪئي، جتان مشرق بعيد جي سياسي ۽ ملڪي حالتن بابت مضمون لکي، ڪراچيءَ جي روزانه اردو اخبار ”جنگ ڏانهن موڪليندو رهيو، جي ان ۾ ”مڪتوبـه ِّء مشرق بعيد“ جي عنوان سان ڇپيا هئا. هانگ ڪانگ ڇڏي پاڪستان اچڻ بعد، مضمونن جو اهو سلسلو اڃا تائين ”مشرق و مغرب“ جي عنوان سان جاري رکندو اچي ٿو. اهي مضمون جتي معلومات جو هڪ وڏو خزانو آهن، اتي سندس سياسي فڪر ۽ طرز تحرير جو پڻ يادگار نمونو آهن.

ادبي زندگي:

هن کي عمدن اديبن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. تاريخ، جنسيات، شڪار ۽ عام معلومات جي ڪتابن ۾ هن جو گهرو مطالعو آهي. هن ڪيترا ڪتاب لکيا آهن، جن مان سواءِ مختصر چوپڙين جي ٻيا ڇپجي نه سگهيا آهن. سندن ادبي تحريرن ۾ ”اهي ڏينهن اهي شينهن“ غير معمولي اهميت رکي ٿو، جو سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿيو آهي. هيءُ ادبي بورڊ تي سن 1940ع کان سن 1958ع تائين ميمبر طور رهندو آيو. هن کي جيڪڏهن ٻين مشغولين کان علحده ڪري، ادب جي ميدان ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو وڃي، ته سنڌي ادب جي وڏي خدمت ٿي پوندي.

سندس سياسي زندگي:

جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو، هن سياسي ڪمن ۾ حصو ”سنڌ محمدن ائسوسيئيشن“ ۾ سن 1926ع ۾ داخل ٿيڻ جي وقت کان ورتو. ان کان پوءِ ”انجمن سادات راشديه“ برپا ڪرايائين ۽ ان طرفان اميدوار بيهاري، ”الراشد“ اخبار ذريعي پروپيگنڊا ڪيائين، ليڪن سندن ڪو به اميدوار ڪامياب نه ٿي سگهيو. سنڌ جي بمبئي علائقي کان جدائيءَ بابت تحريڪ سنڌين طرفان شروع ٿي هئي، ان ۾ خانبهادر کهڙي طرفان جا پروپيگنڊا ڪئي ويندي هئي، ان ۾ لکڻ جو ڪم هي سرانجام ڪندو هو. ڪتاب ”اسٽوري آف دي سفرنگ آف سنڌ“، جو کهڙي صاحب طرفان ڇپايو ويو هو، ان ۾ هن جي محنت ڪيل هئي. سن 1933ع کان سن 1936ع تائين ضلعي لوڪلبورڊ لاڙڪاڻي جي اسڪول بورڊ جو ميمبر به رهندو آيو. سن 1924ع ۾ ”سنڌ پيپلس پارٽي“ جا سر شاهنواز خان ڀٽي جي ليڊر شپ هيٺ قائم ٿي هئي، ان جي برپا ڪندڙن مان هيءُ هڪ هو.

 سن 1936ع ۾ سر حاجي عبدالله هارون جي ڪوشش سان ”سنڌ اتحاد پارٽي“ ٺاهي ويئي، ان جي ابتدائي بانيڪارن مان هيءُ هڪ هو. پوءِ پارٽيءَ طرفان بيهاريل اميدوارن جي مدد ۾ هيءُ ”صبح سنڌ“ اخبار ۾ مضمون لکندو رهيو. سر شاهنواز خان ڀـُـٽي ۽ سر حاجي عبدالله هارون، پارٽيءَ جي ليڊر ۽ ڊيپوٽي ليڊر، جي شڪست بعد جڏهن اتحاد پارٽيءَ جا باقي رهيل ميمبر مخالفت ۾ وياسون، ته هيءُ اسان سان شريڪ ڪار هو. ڪانگريس ۽ اتحاد پارٽي جي ڪارڪنن سن 1937ع ۾ عوام سان رابطي پيدا ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ ڪانفرنسون ڪوٺائڻ شروع ڪيون. انهن مان ڪن ۾ هيءُ شريڪ ٿيو هو. سن 1937ع جي آخر ۾ سر غلام حسين جي وزارت سان پروگرام جي بنياد تي ڪوئليشن ڪرائڻ ۾ هن جو هٿ هو. سن 1938ع جي اوائل ۾، سر غلام حسين وزارت، قبول ڪيل پروگرام جي سرانجام ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڏيکاري، ته ان جي ڪڍڻ لاءِ جيڪا رٿا تيار ٿي، ان ۾ هن حصو ورتو. سر غلام حسين جي وزارت کي شڪست آئي ۽ الهه بخش وزارت وجود ۾ آئي. هن نئين وزارت ٺهڻ کان پوءِ پارٽيءَ طرفان پروگرام کي سرانجام ڪرڻ لاءِ جيڪي تجويزون ان وزارت کي ٺاهي ڏنيون ويون هيون، انهن ۾ هن جو خاص هٿ هو.

نڪتل وزيرن طرفان ڪيل پروپيگنڊا کي منهن ڏيڻ، عوام سان وزيرن جي رابطي پيدا ڪرڻ ۽ آفيشل طبقي جي دٻاءَ کي ڪمزور ڪرڻ واسطي پير الاهي بخش جو ساريءَ سنڌ ۾ گشت جو پروگرام رٿيو ويو، ان جي تيار ڪرڻ ۾ پير صاحب سان گڏجي ان کي ڪامياب بڻائڻ ۾ هن جو وڏو هٿ هو. گشت پوري ڪرڻ بعد ڪاموري طبقي ۾ خاص ناراضگي پيدا ٿي. انهن گورنر جي ذهن تي اها ڳالهه آندي ته ڪامورن جي طاقت ڪمزور ٿيڻ مان حڪومت جو اثر ماڻهن تان لهي ويندو، ان سموريءَ پاليسيءَ لاءِ هنن مون کي ۽ علي محمد شاهه کي جوابدار ٺهرايو. مون کي ته پارٽيءَ ۾ خاص پوزيشن رکڻ ڪري ڪجهه ڪري نٿي سگهيا، پر هـُـنن آهستي ڪري، وزيرن تي زور آڻي، راشدي صاحب کي وزارت جي مشير ۽ مددگار جي جاءِ تان هٽرائي ڇڏيو. ان ڪري پروگرام جي سرانجاميءَ ۾ سستي ۽ ڪوتاهي ٿيڻ شروع ٿي، ماڻهن ۾ پيدا ڪيل اميدون پوريون نه ٿي سگهيون، ۽ ميمبرن ۽ عوام ۾ شڪر رنجيون پيدا ٿيڻ لڳيون. الهه بخش وزارت، پنهنجي مدد ڪندڙ پارٽين جي مشوري خلاف، گورنر جي چوڻ تي، ڍلون وڌايون، جنهن تي اتحاد پارٽي ورهائجي ٻه حصا ٿي ويئي، اسان مخالفت ۾ وياسون ته هي به مخالفت ۾ هليو آيو. ڪانگريس پارٽي اُن سوال تي جا ڦڙتي اختيار ڪئي، ان کي بيانن جي ذريعي مون اخبارن ۾ ظاهر ڪيو، جن جي تيار ڪرڻ ۾ هـِـن ۽ مسٽر ٽهلراماڻيءَ جو هٿ هو.

نيٺ حاجي عبدالله هارون تنگ ٿي، مسلم ليگ ۾ هليو ويو. ان اسان جي صلاح سان صوبه سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس جو اجلاس جناح صاحب جي صدارت ۾، 8 ۽ 9 آڪٽوبر سن 1938ع تي ڪراچيءَ ۾ سڏايو، جنهن ۾ ساري هندستان جي مکيه ليڊرن شرڪت ڪئي هئي. ان ڪانفرنس جي موقعي تي عاليشان سرگس سڏائڻ ۽ ڪانفرنس کي ڪامياب بڻائڻ ۽ ڪانفرنس ۾ پيش ڪيل 45 پاس ٿيل ٺهرائن وغيره جي تيار ڪرڻ ۾ هن جو وڏو هٿ هو. حاجي عبدالله هارون جي ان موقعي تي پڙهيل صدارتي خطبي ۽ ڪانفرنس جي رپورٽ تيار ڪرڻ جو مدار هن تي هو.

سنڌ ۾ مسلم ليگ قائم ٿي، ان وقت سنڌي ڪارڪن ٻن راين ۾ ورهايل هئا. هڪڙن جي راءِ هئي ته شيخ عبدالمجيد صاحب کي صدر چونڊجي. هن جي راءِ هئي ته حاجي عبدالله هارون مرڪزي اسيمبليءَ جو ميمبر هو، کيس آفيس ۽ ڪلارڪ وغيره هئا، ابتدا ۾ پارٽي نظام لاءِ خرچ ڪري سگهڻ جهڙو هو-- ان ڪري کيس پريزيڊنٽ چونڊجي. آئون صاف آئيڊيلسٽ هئڻ ڪري شيخ صاحب جي فائدي ۾ هوس، پر هن جي سياست عمليءَ کان متاثر ٿي، حاجي صاحب کي صدر چونڊڻ ۾ مدد ڪيم. هن سيٺ صاحب جو پرسنل سيڪريٽري ٿي، مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو. بعد ۾ آل انڊيا مسلم ليگ طرفان خارجيه معاملات سان تعلق رکڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي حاجي عبدالله هارون جي چيئرمنيءَ هيٺ مقرر ٿي، راشدي صاحب ان جو سيڪريٽري ٿي ڪم ڪرڻ لڳو.

پوءِ سنڌ مسلم ليگ طرفان، سکر جي مسلمانن جي چوڻ تي، مسجد منزل گاهه سرڪار کان واپس ڪرائڻ لاءِ هلچل شروع ٿي. هن مسلم ليگ طرفان پروپيگنڊا ڪرڻ ۽ ستياگرهه ۽ انتظام ڪرڻ جو سمورو آفيس ڪاروبار هلايو. اسان کي جيل ۾ موڪليو ويو. کهڙو صاحب نظر بند ٿيو. هن خلاف وارنٽ نڪتا. هي حاجي صاحب سان گڏجي دهليءَ هليو ويو.

اُتان ٿيندي، هن مسلم ليگ پنجاب کي منظم ڪرڻ لاءِ، نواب شاهنواز خان ممدوٽ جو سيڪريٽري ٿي ڪم هلايو، ۽ اُتان الهه بخش وزارت کي شڪست ڏيئي ڪڍڻ لاءِ پڻ لکندو رهيو. الهه بخش وزارت کي شڪست ملي ۽ نئين وزارت ٺهي. مون کي زور ڪري ان ۾ رکيو ويو، جو ان کان سواءِ هندو ميمبر مسلم ليگ جي باقي وزيرن سان سمجهوتي ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. هيءُ ان ڳالهه تي ناراض ٿيو. چي: هندن هيءُ ٺهراءُ عارضي طرح ۽ مصلحت خاطر ڪيو هو، ۽ ٿوري وقت بعد هو ان وزارت کي ڪڍي، وري الهه بخش وزارت آڻڻ وارا هئا، وزارت جو سمورو مدار هندن جي رحم ڪرم تي هو، وزارت ماڻهن جي اميد مطابق ڪم نه ڪرڻ ڪري ضرور بدنام ٿيڻ واري هئي، وغيره. مسلم ليگ اسيمبلي پارٽيءَ جي ميمبرن ۾ شخصي لالـچ يا عهدن کان پري رهڻ ڪري منهنجو وقار قائم ٿيل هو، ان کي نقصان پهچڻ هن برداشت ڪرڻ نٿي گهريو.اهو سڀ مون سان شخصي محبت ۽ مون لاءِ عزت هئڻ ڪري ڪيائين ٿي. هو سر زمين تي نه هو، پرپٺ صلاح ڏنائين ٿي ته طئي ٿيل وعدن کي وساري، هڪدم نئين وزارت وجود ۾ آندي وڃي-  ڇاڪاڻ ته هندو مسلم فساد وقت سوين ناحق گرفتار ٿيل مسلمانن جي ڇڏائڻ، مسجد منزل گاهه واپس ڪرائڻ ۽ عوام جي حوصلي کي بلند رکڻ لاءِ اهو ضروري هو. وزارت منهنجي شموليت کان سواءِ ٺهي نٿي سگهي.

مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾،

اڀا ائين چـَـوَن، متان پاند پسائيين!

مٿي چئي آيو آهيان ته هيءُ سياسي عمل ۽ آئڊيلزم جو مرڪب آهي. ليڪن آئڊيلزم ۾ مقصد جي حصول لاءِ طريقه ء ِّڪار جي هن کي پرواهه نه هئي. آئون سياسي عمل کان پري، خيالي دنيا ۾ افلاطوني آئڊيلزم جو پوئلڳ هوس، جنهن جو عملي دنيا ۾ ڪو به وجود ئي ڪونه هو. مون سان هلڻ لاءِ هن عام ماڻهن وارو رويو اختيار ڪيو. باوجود گهڻو وقت سنگت ۾ رهڻ جي، منهنجي دل جي نزاڪت کي پوري طرح پرکي نه سگهيو هو. سندس ان رويي مون کي گهڻو صدمو رسايو جنهن جو اڳتي هلي هن کي احساس ٿيو. 8- مئي 1940ع تي سکر مان هڪ خط ۾ لکي ٿو ته ”آئون ڪراچي ڇڏڻ کان اڳ توکي ملي ڪين سگهيس. مون ڏٺو ته تون مون سان گفتگو بعد متاثر ٿي ويو هئين. ان لاءِ معافي گهريم ٿي، وري وقت ٿورو هو. اهڙن سخت لفظن ۾ حقيقتن جو اظهار ڪرڻ حالت مطابق مون مناسب سمجهيو هو، پر پوءِ مون سمجهيو ته مون کي توسان گستاخانه گفتگو نه ڪرڻ گهرجي ها. مون کي تنهنجي عزت ڪرڻي آهي. تو کي وڃائڻ نٿو گهران. هن سياسي دنيا ۾ مون کي صرف تو ۾ ئي اميدون آهن. اميد ته خط لکي مون کي دلداري ڏيندين ته تو مون کي معاف ڪيو آهي.“

واقعي اسان وزارت نازڪ وقت ۾ ورتي هئي. سوين گرفتار ماڻهن کي ڇڏائڻو هو، منزل گاهه مسجد کي ٽربيونل اڳيان مسجد ثابت ڪرڻو هو، هندو مسلم فسادن جي ڪارڻن ۽ جوابداريءَ جو فيصلو ٿيڻ وارو هو، ۽ ان ڪم لاءِ ڪن لائق ۽ قابل وڪيلن جي مدد جي ضرورت هئي. مسلمانن ۾ اڳي ئي ان وقت لائق ۽ قابل وڪيل گهٽ هئا، جي باقي هئا، تن کي پئسي جي لالـچ هئي، جا اسان پوري ڪري نٿي سگهياسون. مسجد منزل گاهه جي ٽربيونل اڳيان ڪيس ڪرڻ جو ڪم ڊاڪٽر محمد عالم لاهور واري هٿ ۾ کنيو، پر پيسي نه هئڻ ڪري هو موٽي هليو ويو. هندن طرفان ڪيترا لائق وڪيل موجود ٿي ويا، ليڪن مسلمان پڙهيل گروهه طرفان حد درجي جي بي اتفاتي ڏيکاري ويئي. ان وقت جنهن تندهيءَ، محنت ۽ قابليت سان هن انهن سڀني ڳالهين جي سرانجامي ڪئي، سا ڳالهه لائق ستائش آهي. اهڙو ڪم صرف مقصدن لاءِ جنون رکڻ وارا ماڻهو ڪري سگهن ٿا. رواجي ماڻهوءَ جي جاءِ نه آهي. هن ٽربيونل اڳيان منزل گاهه مسجد کي ثابت ڪرايو. هن ناحق گرفتار ٿيل ماڻهن کي، وڪيلن جي معرفت آزاد ڪرائڻ لاءِ سخت ڪوشش ورتي. هن پبلڪ اڳيان هندو مسلم فسادن جي ڪارڻن تي ڪتاب لکي پيش ڪيا. انهن ڳالهين ۾ مرحوم حاجي عبدالله هارون ۽ خانبهادر کهڙي کيس مدد ڪئي.

وزارت متعلق سندس مٿي ٻڌايل رويي بعد مون فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته وزارت کي ڇڏڻو هوم، پر مناسب موقعي جي تلاش ۾ هوس. آخر مولانا ابوالڪلام جي معرفت مرحوم الهه بخش کي وزارت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ رضامند ڪري، استعيفا ڏئي ٻاهر نڪتس. مرحوم حاجي عبدالله هارون ان وقت صوبه سنڌ مسلم ليگ جو پريزيڊنٽ ۽ راشدي صاحب جنرل سيڪريٽري هئا، پر منهنجي فيصلي کي روڪي نه سگهيا. مون الهه بخش کي وزارت ۾ آڻي، هڪ ٻيءَ وزارت جو کين وعدو ڏيئي، آل پارٽيز وزارت وجود ۾ آندي. اڳتي هلي، مير بنده علي خان کي استعيفا ڏيڻي هئي. هنن جناح صاحب طرفان وزيرن کي حڪم ڪرايو ته وزارت تان استعيفا نه ڏين. مير بنده علي خان کي وڌيڪ ڇا گهربو هو! هـُـن ته ويٺي وجهه ڳوليا، تنهن استعيفا ڏيڻ کان انڪار ڪيو.

ٻئي سال جي شروعات ۾ خود مسلم ليگ وزارت شڪست کائي ٻاهر نڪتي، ۽ وري الهه بخش وزارت وجود ۾ آئي.

ان کان پوءِ هن ۽ مون مسلم ليگ کي زور وٺائڻ لاءِ هر ڪا ڪوشش ڪئي. جيستائين حاجي عبدالله هارون زنده هو، مسلم ليگ جي آفيس ۽ انتظام ۾ هن جو وڏو دخل هو. ليڪن مسٽر يوسف هارون پيءُ وانگر هن ڏکڻي، خودسر ۽ خوددار ڪارڪن کي پاڻ سان گڏ هلائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو. حاجي صاحب ٻي شيءِ هو. ان لاءِ هڪ مثال پيش ڪريان ٿو:هڪ ڏينهن ڪلفٽن تي گهمڻ ويس، ته بيچ تي حاجي عبدالله هارون ۽ راشدي صاحب ٻيئي ڪرسين تي ويٺا هئا، آئون به ساڻن وڃي ويٺس. مون ڏي نهاري، حاجي صاحب فرمايو ته ”شاهه صاحب! هي.....راشدي غضب جو ماڻهو آهي. آئون کيس پوريءَ طرح سڃاڻان ٿو، هي يا مون کي بادشاهه بڻائيندو يا جيل ۾ موڪليندو. شاهه صاحب، باوجود هـِـن جي خامين جي ههڙا ماڻهو ملڻ مشڪل آهن.“ ان مثال مان حاجي صاحب جي عظمت ۽ راشديءَ جي قابليت ۽ لياقت جو پتو پئجي سگهي ٿو.

ان کان پوءِ هيءَ مسلم ليگ کان ٿڌو ٿيڻ لڳو. سندس گهڻو وقت سنڌ کان ٻاهر گذرڻ لڳو. ان وقت مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ ۽ ٻين مڪاني ڪارڪنن جي طريقه ڪار مان نااميد ٿي چڪو هو. 15 - نومبر 1943ع تي هن دهليءَ مان هڪ ڊگهو خط موڪليو، ان ۾ هن پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو. اهو خط ڊگهو هئڻ ڪري هتي نٿو ڏجي، ان جو لب لباب اهو هو ته ”مسلم ليگ هينئر مسلمانن جي اتحاد ۽ پاڪستان جي نالي ۾ چورن جي جاءِ پناهه ٿي پيئي آهي. ان جا ڪارڪرده عوام جا دشمن آهن...توکي مڙس ٿي، انهن ڳالهين خلاف مقابلو ڪرڻ گهرجي، پوءِ کڻي ٻيا سڀ رفيق ان مقابلي ۾ اڪيلو ڇڏي وڃن. جيڪڏهن زمانو تنهنجي اصولن ۾ رنڊڪ وجهي، ته ان سان به لڙڻ گهرجيئي.“ مون سمجهيو ته هيءُ وقتي جوش ۾ اچي ائين لکي رهيو هو، ان ڪري کيس، شيخ صاحب ۽ رئيس ڀرڳڙيءَ وارن کان چؤچواءُ ڪرائي وري مسلم ليگ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ آماده ڪيم، ليڪن حالتون روز بروز ناقابل برداشت ٿينديون وييون. اسان جا مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ سان اختلاف وڌندا ويا.

سن 1946ع ۾ مرڪزي اسيمبليءَ جي چونڊ ٿيڻ واري هئي. هيءُ مسلم ليگ جي اميدوار مسٽر يوسف هارون خلاف چونڊن ۾ بيٺو. آئون صوبه مسلم ليگ جو صدر هوس. هيءُ ان جو مکيه رڪن هو. هيءُ ڄاڻي واڻي مخالفت ۾ اميدوار بيٺو هو. کيس خبر هئي ته اليڪشن ۾ پئسي جي ضرورت هئي، جو وٽس ڪونه هو. وزارت هن جي مخالف جي همدرد ۽ مددگار هئي. جنهن مسلم ليگ جماعت جو نالو اسان سنڌ ۾ ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائي ڇڏيو هو، يوسف صاحب ان طرفان اميدوار بيٺل هو. کـَـٽڻ جي اميد ڪانه هيس، تنهن هوندي به هيءُ بيٺو. ان جو مطلب آئون سمجهي ويس. هن زور ڪري، مون کي هاءِ ڪمانڊ سان اختلاف ۾ آڻي، مسلم ليگ مان ٻاهر ڪڍائڻ ٿي گهريو. جي آئون سندس ساٿ نه ڏيان، ته هيءُ اهو بهانو بڻائي مسلم ليگ کان الڳ ٿي وڃي ها.

آئون هن وقت تائين اهو محسوس ڪري ويو هوس ته وڏيون جماعتون مختلف خيالن جي ماڻهن سان ڀريون پيئيون هيون. اهي هڪ پارٽيءَ وانگر هڪ نظريي، هڪ طريقي ڪار ۽ هڪ ئي محڪم پاليسيءَ مطابق ڪونه ٿي هليا. انهن ۾ ڪيترا مختلف گروهه مختلف نظرياتي بنيادن تي پيدا ٿي پيا هئا، جي سندن پوزيشن جماعت اندر مضبوط ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هئا. اڳي پوءِ ان ۾ مون لاءِ جاءِ نه هئي. سوال رڳو اهو هو ته موقعو ۽ مهل ڏسي، صلاح مصلحت بعد قدم کڻجي ها. ليڪن هـِـن ائين نه ڪيو ۽ قدم کڻي ويٺو. هاڻ مون کي فيصلو ڪرڻو هو ته ساٿين سان گڏ مسلم ليگ ۾ پنهنجو نقطي نگاهه پيش ڪندو رهان يا انهن مان مکيه ۽ اثرائتا ماڻهو الڳ ٿيندا وڃن ۽ ٺلهيءَ صدارت جي جاءِ خاطر اتي رهيو پيو هجان. مسلم ليگ ۾ منهنجا همسفر ۽ دوست گهڻائي هئا، پر انهن ۾ اهل راءِ ٿورا هئا. شيخ عبدالمجيد، رئيس ڀرڳڙي ۽ راشدي صاحب انهن مان مکيه هئا. پهريان ٻه اڳيئي تنگ هئا. هيءُ به ڀڄڻ جو قدم کڻي چڪو هو. مون به فيصلو ڪيو، ۽ مسلم ليگ جي صدر هوندي، مسلم ليگ اميدوار جي خلاف هـِـن جي مدد ڪيم. نتيجو اهو ٿيو ته آهستي ٿي، اسان سڀني کي مسلم ليگ مان ٻاهر نڪرڻو پيو.

چونڊن کان پوءِ ڪانگريس سان گڏ اسان ڪوئليشن ٺاهي. هيءُ ”قرباني“ اخبار ذريعي اسان جو نقطي نگاهه عوام اڳيان پيش ڪندو رهيو. ان تي ڪي ننڍيون چوپڙيون به لکيائين.

نئين اسيمبلي هلي نه سگهي. گورنر نيون چونڊون ڪرايون، اسان اسيمبليءَ کان ٻاهر نڪتاسون. مون اليڪشن پٽيشن داخل ڪئي. ان ۾ هن تمام گهڻي مدد ڪئي.

کهڙي صاحب کي ڪراچيءَ جي سوال تي جڏهن مرڪزي حڪومت وزارت عظميٰ تان ڊسمس ڪيو، ته هـِـن سندس مدد ڪئي. پاڪستان بنجڻ بعد ڪيترا مسلم ليگ وارا ساٿي بزدل ٿي، مسلم ليگ ۾ موٽڻ لڳا، راشدي صاحب به ”ياران جهرمر لاتي اسان ڏا روح نه رهيا“ جي قول موجب وڃي مسلم ليگ ۾ داخل ٿيو، ۽ سن 1953ع جي نين چونڊن ۾ مسلم ليگ طرفان سنڌي اسيمبليءَ ۾ چونڊجي آيو.

ان کان اڳ ۾ گورنر دين محمد جڏهن سنڌ سان قلم 12 - الف لاڳو ڪري، حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ رکيون، ته هـِـن ان کان ٽي نمايان ڪم ڪرايا:

(1) پير صاحب پاڳاري جي گادي وري بحال ڪرائڻ

(2) فرنٽيئر ريگيوليشن رد ڪرائڻ، ۽

(3) ڪرمنل ٽرائيبس ائڪٽ رد ڪرائي، حرن کي لوڙهن ۾ حاضرين کان آزادي ڏيارڻ.

نين چونڊن بعد هيءُ پيرزاده وزارت ۾ روينيو وزير 1953ع کان 1954ع تائين ٿي رهيو. ان عرصي ۾ هن جاگيرن کي رد ڪرڻ جو حڪم ڪيو.

سنڌ اسيمبليءَ ۾ اسان سان ڪراچي واپس ڏيارڻ واري ٺهراءَ پاس ڪرائڻ ۽ سنڌ جي حقن جي ٺهراءَ پاس ڪرائڻ ۾ شامل رهيو.

ان وچ ۾ هن جا پيرزادي صاحب سان اختلاف پيدا ٿي پيا. هيءَ قاضي محمد اڪبر سان گڏ پيرزاده وزارت مان ٻاهر نڪري ويو. پيرزادو مرڪزي حڪام جي مدد سان وزارت ۾ 12 وزير ڪري پنهنجي پوزيشن سنڀالي ويو. ان جي ردعمل ۾ هن کهڙي صاحب سان گڏجي، گورنر جنرل سان سازباز ڪري، سن 1955ع ۾ وزارت ٺاهي ۽ پوءِ ناجائز طريقن سان سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن کان سنڌ کي پنجاب سان ملائي ون يونٽ بنائڻ جو ٺهراءَ پاس ڪرايو.

سياست ۾ عجيب اتفاق ٿين ٿا. کهڙي ۽ هـِـن، محنتون ڪري، سنڌ بمبئيءَ کان جدا ڪرائي هئي، سي ئي وري ان کي ون يونٽ ۾ شامل ڪرڻ جا ڪارڻ بڻيا! پير الاهي بخش، جنهن مرڪزي حڪام جي چوڻ تي ڪراچي مرڪز جي حوالي ڪئي هئي، ان انهيءَ ٺهراءَ جي مخالفت ڪئي!

ون يونٽ ٿيڻ کان پوءِ هيءَ سن 1954ع ۾ ڪجهه وقت مرڪزي حڪومت ۾ اطلاعات ۽ نشريات جي کاتي جو وزير ٿي رهيو. انهيءَ ايام ۾ هن حيدرآباد سنڌ ۾ براڊڪاسٽنگ اسٽيشن کولي، سنڌين کي هڪ ريڊيو اسٽيشن ڏني.

مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ جڏهن مسلم ليگ ۽ ريپبليڪن پارٽيءَ جي وچ ۾ اختلاف ٿي پيا، ته هـِـن چوڌري محمد علي صاحب وزيراعظم جي چوڻ تي مسلم ليگ جي مدد ڪئي. ان تان چوڌري صاحب کي وزارت تان ڪڍيو ويو. هيءَ دانشمندي ڪري پاڪستان سرڪار طرفان 21 سيپٽمبر 1957ع تي فلپائين جي سفير جي عهدي تي هليو ويو. اتان ٿوري وقت کان پوءِ سن 1962ع ۾ هي چين جو ڏهن مهينن لاءِ سفير مقرر ٿيو. مـُـدي گذرڻ بعد، هن سفارت تان 1963ع ۾ رٽائر ڪيو. سفارت تي وري هن کي انڪري نه کنيو ويو، جو هڪ نئينءَ حڪومت جي پاليسيءَ موجب اهي عهدا گهڻو ڪري سرڪاري عملدارن کي ڏنا ٿي ويا. ڪجهه وقت هانگ ڪانگ ۾ رهڻ بعد، هو موٽي پاڪستان آيو. هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو، جتي سندس مکيه مشغولي ”جنگ“ اخبار لاءِ ”مشرق و مغرب“ سلسلي جا هفتيوار مضمون لکڻ آهي.

هيءُ غير معمولي ذهانت ۽ قابليت جو مالڪ آهي. سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ سياست ۽ ادب تي بهترين مضمون لکي سگهي ٿو. جي لکڻ يا پڙهڻ جي ڪم کي هٿ ۾ کڻندو، ته ڏينهن رات ويهي ڪم ڪندو رهندو. اهڙيءَ طرح ڪيئي ڏينهن ۽ راتيون سانده مشغول رهندو آهي، پر جي آرام ڪندو آهي، ته ساڳيءَ طرح راتيون ڏينهن لاڳيتو ستو پيو هوندو آهي. اهو مشڪل مسئلو آهي ته هن کي اديبن ۾ شمار ڪجي يا سياستدانن ۾. پر جنهن صورت ۾ هن سياست ۾ گهڻو پارٽ ورتو آهي، ان ڪري کيس انهيءَ صف ۾ شمار ڪيو اٿم.

ساڳيءَ طرح اهو سوال به فيصل ڪرڻ ڏکيو ٿيندو ته سياستدانن ۾ هن کي آئيڊيلسٽ جي لسٽ ۾ شمار ڪجي يا سياسي عمل جي. مٿي ٻڌائي آيو آهيان ته پنهنجي خيال ۾ هو ٻنهي جو مرڪب آهي. طبيعت جي موجب هيءُ ٻنهي جي درميان بدلبو رهي ٿو. خدا سائينءَ هن کي عقل عنايت ڪيو آهي، سو اسان وانگر ”رڳو ئي رڃ“ نٿو گهري. هو ”ڪڏهن ڪوٽن ۾ آهي، ڪڏهن رڃ ۾.“

هن جي مون سان سن 1925ع کان خط و ڪتابت رهي آهي. انهن خطن مان سندس مختلف ذوق زندگيءَ جو پتو پئجي سگهي ٿو. ڪن خطن ۾ اهي سياسي اڳڪٿيون ڪيون آهن، جي ڪو ڇٽو سياستدان ڪري سگهي ٿو. هي صاف دماغيءَ (Clear headedness) ۾ يڪتا آهي. سندس قول ۽ فعل اڪثر هڪٻئي جو ساٿ نه پئي ڏنو آهي. قول ۾ سٺن مفڪرن ۾ شمار ٿي سگهي ٿو، سندس فعلن تي دل کان وڌيڪ دماغ اثر انداز پئي رهيو آهي. گهڻيءَ ڏاهپ، سياسي عمل جي نقطي نگاهه کان، کيس ڄاڻي واڻي تڪليف ۾ وڃڻ کان پئي روڪيو آهي. اهڙا ڪيترا مثال آهن، جڏهن ٻين کي سرويچيءَ جي تلقين ڏيئي پاڻ ڏاهپ جي ۽ سر بچائڻ جي راهه پئي ورتي اٿس. مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ صحيح طريقن جي استعمال جي هروڀرو پرواهه نه پئي ڪئي اٿس. پير ۽ زميندار گهر ۾ پيدا ٿيڻ سندس انقلابي جذبي ۾ گهڻي رڪاوٽ وڌي آهي. اميرانه زندگيءَ جي عادت، دل لڳين، گذرمعاش جي وسيلن جي گهٽتائيءَ، اڪثري حالتن ۾ بوجو بڻجي، کيس دلي جذبات جي تقاضا موجب اڏامن ۾ رڪاوٽ پئي وڌي آهي.

سندس طبيعت اڪثر سيمابي رهي آهي، جنهن ۾ اعتدال جو فقدان پئي رهيو آهي. اِهائي حالت سندس گهرو معاملن، سياسي طرز عمل ۽ عقيدن سان لاڳو رهي آهي. عام چوڻيءَ موجب هن جي هڪ وقت ٻائي، ٻئي وقت ٻانهيءَ کان پري ٿيو وڃي.

”چنيسر سين چاڳ، متان ڪا منڌ ڪري،

ڏمــــريــو ڏهـــاڳ، ڏئي کـــي سهاڳڻيين.“

زندگيءَ ۾ هن ٻين سان گڏجي پئي ڪم ڪيو آهي، پر ان لاءِ هن جا معيار مخصوص رهيا آهن. اڄ کهڙي سان، ٻئي ڏينهن ڀـُـٽي سان. اڄ مخالف پارٽيءَ ۾، ٻئي ڏينهن حڪومت سان. هڪ ڏينهن ڪنهن ماڻهوءَ جي عشق ۾ راتيون ڏينهن پئي رنو اٿس ته وصال کان پوءِ وري اهو رخ ئي بدلجي پئي ويو اٿس.

سندس انهن ڳالهين کي سندس مخالفن بعضي ابن الوقتيءَ يا دل جي نامحڪميءَ سان پئي مشابهت ڏني آهي، پر اها ساڻس سراسر بي انصافي ٿيندي. سڀني انسانن وانگر هو به عيبن کان خالي نه آهي. اسان سڀني وانگر هو به عمل ۽ ردعمل جي وقتي جذبن ۾ اڪثر لڙهي پئي ويو آهي - ۽ پوءِ پنهنجي هر ڪم لاءِ عقلي جواز پيدا ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي اٿس. آئون پنهنجي زندگيءَ تي نظر ٿو ڊوڙايان ته اتي به مون کي ساڳي ردوبدل نظر اچي ٿي. جتي هڪ صوفي منش ماڻهو محبتي راهه کان ٿڙڪي، نفرت جي لهر ۾ لڙهي، سڀ ۾ پرين پسڻ بدران، انسانن کي هندن ۽ مسلمانن ۾ ورهائي، ملڪ جي ورهاڱي جو ڪارڻ بڻجي ٿو، اتي هن به ان چڪر ۾ اچي ڪي ڪم ڪيا آهن، جن تي بجا طور نڪته چيني ٿي سگهي ٿي، ليڪن باوجود ان جي هيءُ بينظير ماڻهو آهي. خدا حياتي ڏئيس، جي هن جي دل وري عقل تي فتح حاصل ڪري وڃي، ته اڳيان داغ ڌوپي وڃنس.

(ڪتاب: ”خط ۽ مضمون“ مان کنيل.)


 

مولانا دين محمد وفائي

 

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي

سنڌ جي سرزمين پنهنجي گود ۾ ڪيئي نيڪ مرد ۽ علم جا پارکو پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي فيض جي پالوٽ سان اِنسان ذات جي خدمت ڪئي آهي. اهڙن ڀاڳوند ۽ ڀلارن شخصن ۾ مولانا دين محمد ”وفائي“ ولد خليفو حڪيم گل محمد ڀٽيءَ جو نالو به ورتو وڃي ٿو. سندس ولادت تعلقي ڳڙهي ياسين (موجوده ضلعو شڪارپور) جي ڳوٺ کٽي عرف نبي آباد ۾، تاريخ 27 - رمضان المبارڪ 1311هه مطابق 14 - اپريل 1893ع تي ٿي ابتدائي تعليم پنهنجي والد بزرگوار کان ورتائين. نون سالن جي عمر ۾، اڃا ”پندنامه عطار“ تائين مس پهتو، ته يتيم ٿيو، جنهن ڪري تعليم ۾ رخنو پيس. پوءِ ته جيئن تيئن ڪري پنهنجي عزيز مولوي محمد عالم وٽان فارسيءَ جا ڪتاب پڙهي پختو ٿيو.

سمجهه سوائي ٿيڻ ساڻ، علم جي حصول خاطر ٻاهر نڪتو. ڳڙهي ياسين ۾ مولانا محمد قاسم ۽ اوسته ڀليڏنه آباد ۾ مولانا خادم حسين وٽان ڪجهه عربي ڪتاب پڙهيو. پوءِ لاڙڪاڻي جي جيد عالم، عمدهِ العلما ِّ ابوالفيض مفتي غلام عمر جتوئي رح (1833 - 1835ع) وٽ پهتو. سال 1907ع کان 1911ع تائين عربيءَ جو علم پوريءَ ريت وٽانئس وٺي، سيالڪوٽي تحصيل پوري ڪيائين. پنجن سالن جي مختصر مدت ۾ منطق ڪبريٰ سان رسالا، مـُـلا جلال ۽ مرزا زاهد جا ڪتاب پڙهي پورا ڪيائين. ذهن تيز هئس، جنهن ڪري ٿوري عرصي ۾ وڏي ڄاڻ وٺي ويو. سندس دستار فضيلت جي موقعي تي، مولانا غلام عمر جتوئيءَ جو استاد، علامه مخدوم حسن الله صديقي پاٽائي رح (1850 - 1920ع) پڻ موجود هو. اُڻويهن سالن جي عمر ۾ سکر مان شادي ٿيس. هڪ سال بعد رفيقهِّء حيات گذاري ويس. آخر استاد جي اجازت سان ڪراچيءَ ويو ۽ اتي سنڌ مدرسته الاسلام ۾ تعليم ڏيڻ لڳو. ملازمت دوران وقت جي جيد عالم، مخدوم پاٽائيءَ سان وڌيڪ ڏيٺ ويٺ ٿيس. سندس صحبت ۾ رهي، ججهو علم پرايائين.

پوءِ ته ڏينهون ڏينهن سندس ناموس وڌڻ لڳو. سال 1914ع ۾ جيلاني پيرن جي ٻارڙن کي پاڙهڻ لاءِ راڻيپور پهتو. اتي ٻه سال رهيو. انهيءَ عرصي ۾ سکر مان ٻي شادي به ڪيائين، جنهن مان اولادي ٿيو.

انهن ڏينهن ۾ ”قاديانيت“ جو فتنو پيدا ٿيو. انهيءَ کي بي اثر بنائڻ لاءِ، حڪيم محمد صادق جي سرپرستيءَ هيٺ ”صحيفه قادري“ نالي رسالو 1916ع ۾ جاري ڪيائين. پنهنجي تحريرن ۾ قاديانين جو رَدُ لکيائين. ان کان علاوه رسالي ۾ مذهب، اخلاق، طب ۽ تعليم وغيره بابت ڪافي مواد ڏنائين.

سال 1917ع جي اَوائل ۾، تعلقي ڏوڪريءَ جي ڳوٺ ٺـُـلاه ۾ آيو، ۽ ٺلاه جي مدرسي سان وابستگي رکيائين اتي پير حاجي امام الدين شاهه راشديءَ جي پٽن کي ديني درس ڏيندو رهيو. ٺـُـلاه ۾ قيام دوران ڪيترن عالمن جي صحبت نصيب ٿيس. ازانسواءِ ٺلاه ۾ پيل پير جهنڊي وارن جي قديم ۽ معياري ڪـُـتبخاني مان استفادو حاصل ڪرڻ جو موقعو به مليس. جهنڊي وارو بزرگ، سيد محمد راشد شاهه به سندس علمي فضيلت جو معترف هو.

ماهه اپريل 1918ع ۾، ٺلاه مان، حڪيم سيد عبدالغفار راشديءَ جي مدد سان ماهوار ”الڪاشف“ ڪڍيائين، جنهن ۾ علمي، ادبي، تاريخي، ۽ طبّي مضمون ڪثرت سان شايع ٿيا. خاص ڪري فقهه ۽ طب بابت سوال جواب، ۽ عالمن، فاضلن ۽ ولين جا احوال منجهس محفوظ ٿيا.

پهرين مهاڀاري لڙائيءَ جي نتيجن، انهن ڏينهن ۾ پوري ايشيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آندو. خدا جي فضل سان سنڌ ڪنهن حد تائين اڃا صلح جو گهوارو بڻيل هئي. هوڏانهن فريبي فرنگين جي وڌندڙ چالبازين، مسلمانن کي سخت تنگ ڪرڻ شروع ڪيو. ناانصافيون وڌي ويون، ايتري قدر جو مسلمانن سان حد درجي جون زيادتيون ٿيڻ لڳيون. مسلمانن هيءَ حالتون پنهنجي لاءِ سازگار نه سمجهي، هڪ آواز ٿي ”خلافت تحريڪ“ ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتو. اها قومي هلچل تيزيءَ سان وڌي. مولانا صاحب جي دل ۾ اسلام لاءِ بي پناهه محبت هئي ۽ اسلامي جذبي سان سرشار هو. انهيءَ خاطر سندس حياتي وقف ٿيل هئي. هو اهي حالتون ڏسي، هڪدم ٺلاه ڇڏي، سال 1919ع ۾ ”خلافت تحريڪ“ ۾ شامل ٿيو.

مولانا صاحب تحريڪ ۾ ايندي ئي، هڪ سرگرم ڪارڪن جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. انگريزن لاءِ هيءَ تحريڪ دردِ سر بڻجي وئي. هن تحريڪ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ ڪيترائي حربا هلايا، مگر ڪو به وس ڪونه هلين. مولانا وفائي صاحب پنهنجي قلم توڙي زبان ذريعي انگريزن خلاف باهه ٻاري ڇڏي.

مارچ 1920ع ۾ ”خلافت ڪانفرنس“ لاڙڪاڻي ۾ ڪوٺائي وئي. سندس روحِ روان مولانا تاج محمود امروٽي رح (1844 - 1929ع) هو. مولانا ابوالڪلام ”آزاد “، مولانا عبدالباري لکنوي ۽ مولانا شوڪت علي جهڙن شينهن دل انسانن هن ڪانفرنس کي رونق بخشي. هن تاريخي گڏجاڻيءَ ۾، مولانا وفائيءَ کي ”جمعيت العلماءِ سنڌ“ جو ”ناظم“ مقرر ڪيو ويو. ان کان پوءِ وفائي صاحب مستقل طرح ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيو.

هن ئي مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ سنڌ جي مسلمانن جي گڏيل ڪوشش سان ڪراچيءَ مان روزنامه ”الوحيد“ جاري ٿي، سندس ايڊيٽر قاضي عبدالرحمان هو. مولانا وفائيءَ جي علمي بصيرت کان سنڌ وارا بخوبي واقف هئا. سندس صلاحيتن مان فائدو وٺڻ لاءِ کيس ادارت ۾ ”معاون مدير“ ڪري شامل ڪيو ويو. اڃا ست مهينا مس گذريا، ته بمبئي سرڪار ”الوحيد“ کان ڏهه هزار رپين جي ضمانت طلب ڪئي. هوڏانهن قاضي عبدالرحمان کي هڪ سال لاءِ جيل اماڻيو ويو. الوحيد تي هيءَ اوچتي مصيبت ڪڙڪندي ڏسي، مولانا وفائي ٻيهر ٺلاه موٽيو. اتي ترسڻ دوران مطالع ۾ رڌل رهيو.

انهيءَ عرصي دوران ”مولانا محمد علي جوهر وارو مقدمو“، ڇهن قومي اڳواڻن تي، خالقڏنه هال ڪراچي ۾ به هلي پورو ٿيو، جنهن ڪري جميعت العلماءِ سنڌ جي سيڪريٽري، پير غلام مجدد سرهندي کي به ٻه ورهيه جيل جي سزا ٻڌائي وئي. سندس خالي جاءِ، مولانا وفائي سنڀالڻ لاءِ پورن پنجن مهينن بعد وري ڪراچيءَ ويو. ستت ئي ”چيلمسفورڊ سڌارن“ هيٺ ”الوحيد“ جو نئين سر اِجراءَ ٿيو، ۽ باقاعدگيءَ سان نڪرندي رهي. مولانا وفائي، سيڪريٽريءَ جي عهدي سان گڏجي ادارت جا فرائض به سنڀالڻ لڳو. اخبار مسلمانن جي حقن جي ترجمان ثابت ٿي ۽ وقت بوقت سندس خاص نمبر به نڪرندا آيا. سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ جي سلسلي ۾، تاريخ 15 - جون 1936ع تي، الوحيد جو ”سنڌ آزاد نمبر“ پڻ وڏي آب و تاب سان شايع ٿيو، جيڪو ادبي دنيا ۾ مثالي ۽ بنيادي حيثيت جو حامل آهي.

مولانا وفائيءَ جو شروع کان ئي ”صحافت“ سان اُنس رهيو. هن انهيءَ پيشي کي پنهنجي حياتيءَ جو مقصد بڻايو. ويتر مولانا عبدالعزيز ولد محمد سليمان قريشي ٿريچاڻيءَ جي صحبت، سنواري ڇڏيس. مولانا ٿريچاڻي پنهنجي وقت جو وڏو عالم، محقق ۽ ناميارو صحافي ٿي گذريو آهي. مولانا تاج محمود امروٽي رح جي فڪر جو مٿس گهرو اثر رهيو. سکر مان هفتيوار ”الحق“ جاري ڪيائين ۽ خلافت جي هلچل ۾ سرڌڙ جي بازي لڳايائين. عمر جو وڏو حصو ديني تبليغ، اسلام جي اشاعت ۽ روحانيت جي تعليم ۾ همه تن مصروف رهيو. دوستن ۽ احبابن جو به وڏو حلقو هوس، جن ۾ مولانا وفائي سرفهرست هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com