رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجو
زاهده ميمڻ
(مترجم: مراد علي مرزا)
اسلامي تاريخ جي اصطلا ۾ خليفه لفظ جي معنيٰ آهي
اسلام جي پيغمبر حضرت محمد صلي الله عليـہ وآلـہ
وسلم جو نائب. پاڻ سڳورن جي وفات وقت ان جي ضرورت
هڪدم محسوس ڪئي ويئي هئي. پوءِ جڏهن مسلمانن جو
سربراهه چونڊيو ويو، ته هن کي خليفو سڏيو ويو. سن
632ع (1) ۾ پاڻ سڳورن جي جانشين جي حيثيت ۾ حضرت
ابوبڪر صديق رضه جي چونڊ سان خلافت جي اداري جي
شروعات ٿي.مسلمان تاريخدانن، خلافت جي تاريخ کي
چئن دورن ۾ ورهايو آهي. پهريون دور ٻٽيهه سال هليو
۽ اهو ”خلافت راشده“ (پاڻ سڳورن جي وفات کان پوءِ)
جي نالي سان مشهور آهي. ٻيو دور اسلام ۾ باهمي جنگ
سان شروع ٿيو ۽ خلافت جو عهدو معاويه جي هٿ چڙهيو،
جيڪو اُميه خاندان جو باني هو. هن پهريون ڀيرو
خانداني حڪومت جو بنياد رکيو. سال 750ع (132) هجري
۾ اُميه خاندان جي جاءِ عباسين ورتي، پر خلافت جو
تصور ساڳيو ئي رهيو. اُهو ٽيون دؤر ڇهه سئو ورهين
کان وڌيڪ سال 750ع کان 1258ع (132 هه کان 656 هه)
تائين هليو. سال 1258ع ۾ بغداد جي تباهيءَ کان
پوءِ عباسي گهراڻي جو خاتمو ٿيو، پر خلافت جي منصب
کي ختم ٿيڻ جي بدران جاري سمجهيو ويو. سن 1261ع ۾
احمد طاهر قاهره ۾ عباسي گهراڻي کي ٻيهر قائم ڪيو
۽ اهڙيءَ طرح اهو دور سال 1517ع تائين هليو. انهن
سڀني پوئين عباسي خليفن کي مسلم اُمت جا روحاني
اڳواڻ ڪري سمجهيو ويندو هو، پر سندن سياسي حيثيت
ڪا به نه هئي(2).
سن 1517ع ۾ عثمانيه گهراڻي جي سلطان سليم اول مصر
فتح ڪيو ۽ خلافت جو منصب عثمانيه ترڪي جي حوالي
ٿيو ۽ سلطان، خادم الحرمين وشريفين جو لقب اختيار
ڪيو(3).
هندستان جي مغل بادشاهن اڪبر ۽ جهانگير عثمانيه
سلطنت جي بادشاهه کي مسلم اُمت جو سربراهه ڪري
قبول نه ڪيو ۽ هنن پنهنجي نالي جو خطبو پڙهيو(4).
البت شاهجهان ۽ اورنگزيب عثمانيه درٻار ۾ پنهنجا
سفير موڪلي تعلقات قائم رکيا.
خلافت جي شروعات جو هڪڙو سبب هيءُ عقيدو به هو،
ته سڄي دنيا جا مسلمان هڪ ئي ملت جا فرد آهن، کڻي
اُهي ڪهڙي به ملڪ، ٻوليءَ ۽ ثقافت سان تعلق رکندا
هجن. جيڪڏهن دنيا جي ڪنهن به حـصي ۾ رهندڙ مسلمانن
تي ڪا تڪليف اچي، ته انهن جي مدد ڪرڻ، ٻين مسلمانن
جو فرض هو.
تنهن ڪري، ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ، خلافت جي
اداري ۽ خليفي جي شخصيت جي تمام وڏي اهميت هئي.
خليفي کي مسلم اُمت جو روحاني اڳواڻ سمجهيو ويندو
هو. ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي نه رڳو ترڪيءَ جي
تقدير جي ڳڻتي هئي، پر پهرئين عالمي جنگ جي شروع
ٿيڻ کان اڳ توڙي پوءِ، خلافت جي باري ۾ به گهڻو
فڪر هو(5).
ويهين صديءَ جي شروعات ۾ مسلمان ملڪن ۽ خاص ڪري
ترڪيءَ جي لاءِ انگريزن جيڪا نيتي اختيار ڪئي هئي،
تنهن سبب هندستان جي مسلمانن جي ڳڻتيءَ ۾ ڏاڍو
واڌارو ٿيو هو. سن 1907ع ۾ انگريزن، روسين سان،
جيڪي ترڪيءَ جا روايتي دشمن هئا، هڪ ٺاهه تي
صحيحون ڪيون، جنهن کي “اينگلو رشين ٺاهه” چيو وڃي
ٿو. انهيءَ ٺاهه جي ڪري، ايران جي آزاديءَ کي پڻ
وڏو خطرو ٿي پيو هو. سن 1911ع ۾ اٽليءَ، والاريل
ٽريپوليءَ تي حملو ڪري ڏنو(6)، جنهن ڪري اٽلي ۽
ترڪيءَ جي وچ ۾ جنگ شروع ٿي ويئي. انهن حالتن
هندستاني مسلمانن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو، ڇاڪاڻ
ته ترڪيءَ جو سلطان نه رڳو عثمانيه سلطنت جو
سربراهه هو، پر سلطان سليم اول جي ڏينهن کان مسلم
اُمت جو خليفو پڻ هو. تنهنڪري ترڪيءَ جو سلطان،
هاڻي ڄڻ ته اسلامي اتحاد جي هڪ بـُـنيادي علامت
هو.
جڏهن بلقان جي جنگ (1912ع کان 1913ع تائين) لڳي،
تڏهن هندستان جي مسلمانن ڊاڪٽر انصاريءَ جي
اڳواڻيءَ ۾ زخمي ترڪي فوجن جي امداد لاءِ هڪ طبي
وفد اماڻيو ۽ هڪ وڏي رقم گڏ ڪري چندي طور موڪلي.
مولانا ظفر علي خان پاڻ ترڪي وڃي اها رقم اتي
پهچائي. انهيءَ کان پوءِ سال 1913ع ۾ هندستاني
مسلمانن لکنؤ ۾ ”انجمن خدامِ ڪعبه“ جي نالي سان هڪ
جماعت ٺاهي. اها جماعت فرنگي محل ۾ ٺاهي ويئي.
مولانا الباري فرنگي محل ان جو صدر چونڊيو ويو ۽
سيڪريٽري جي عهدن لاءِ مولانا شوڪت علي ۽ مشير
حسين قدوائيءَ کي منتخب ڪيو ويو. انهيءَ جماعت ۾
ساڳئي ڏينهن تي جيڪي ٻيا شريڪ ٿيا، اهي هئا، مولوي
سلامت الله، مولوي محمد قاسم، مولوي نصيرالدين،
ڊاڪٽر نذير الدين حسن ۽ قطب ميان. اها انجمن هڪ
مذهبي جماعت هئي، پر ان جو اهم ڪارنامو اهو هو جو
ان جماعت عالمن کي سياست جي ميدان ۾ آندو.
ساڳئي طريقي جي هڪ ٻي، پر سياسي طرح ٿوري غير
سرگرم جماعت مولانا عبيدالله سنڌيءَ دهليءَ ۾
ٺاهي، جنهن کي ”نظارة المعارف“ سڏيو ويو. ان جماعت
جو مول متو اهو هو ته انگريزي تعليم يافته ماڻهن
کي عربي سيکارجي ۽ مذهب جي تعليم ڏئي پوءِ کين
قرآن شريف جو اڀياس ڪرائجي(8).
جيئن ته مولانا عبيدالله سنڌي پنهنجي سياسي ڪم کي
جاري رکڻ جي سلسلي ۾ ننڍي کنڊ مان ٻين ملڪن ڏانهن
روانو ٿي ويو، تنهنڪري اها جماعت ترقي ڪري نه
سگهي. بعد ۾ مولانا سنڌي وطن واپس آيو ۽ دهليءَ ۾
جامعه مليه ۾ پڙهائڻ لڳو. ٻئي پاسي ”انجمن خدامِ
ڪعبه“ تمام سرگرم جماعت ثابت ٿي. مولانا عبدالباري
۽ شوڪت علي ننڍي کنڊ جي مختلف شهرن ۾ جلسن ۽
اخبارن جي ذريعي ان جي مقصدن کي عام ماڻهوءَ تائين
پهچايو. ديني مدرسن جهڙوڪ فرنگي محل، ديوبند وغيره
جي شاگردن ۽ مذهبي اڳواڻن جي مريدن جي وسيع حلقي
ذريعي ان انجمن جو پيغام ننڍي کنڊ جي ڪنڊ ڪڙڇ
تائين پهچايو ويو. ڪن ماڻهن جي صلاح تي لکنؤ ۾
انجمن جي گڏجاڻي انهيءَ مقصد سان ڪوٺائي ويئي ته
حڪومت جي فرمانبرداريءَ جو کلم کـُـلا اعلان ڪيو
وڃي ۽ جنگ جي سلسلي ۾ ان جي ڪوششن جي حمايت ڪجي.
عبدالباري انهيءَ گڏجاڻيءَ ۾ ان شرط سان شامل ٿيڻ
تي هام ڀري ته جنگ جو کڻي ڪهڙو به نتيجو نڪري، پر
حڪومت اعلان ڪري ته جده سميت سڀئي پاڪ جايون محفوظ
رهنديون ۽ ٻيو ته گڏجاڻي اها تجويز به منظور ڪندي،
جنهن ۾ ترڪي کي جنگ ۾ شامل نه ٿيڻ جي درخواست ڪئي
ويندي. حڪومت اهو شرط قبول ڪيو ۽ اعلان ڪيو ته پاڪ
جايون محفوظ هونديون ۽ عالمن کي چيو ويو ته هڪ
اهڙي فتويٰ جاري ڪن جنهن ۾ ٻڌايل هجي ته ترڪن سان
همدردي ڪرڻ ڏوهه آهي. ڪن عالمن انهيءَ فتويٰ تي
صحيحون ڪيون، پر عبدالباري ان تي صحيح ڪرڻ کان
انڪار ڪري ڇڏيو. درالعلوم ديوبند جي سربراهه
مولانا محمودالحسن پڻ انهيءَ فتويٰ تي صحيح ڪرڻ
کان انڪار ڪيو(9). سن 1914ع ۾ پهرين عالمي جنگ لڳي
۽ انگريزن ۽ سندن اتحادين جي برخلاف ترڪيءَ
جرمنيءَ جو ساٿ ڏنو. انهيءَ جنگ ۾ انگريزن
هندستاني فوج کان ترڪن تي حملو ڪرايو. جيئن ته
هندستاني فوج ۾ مسلمان سپاهين جو هڪ وڏو تعداد هو،
تنهنڪري انگريزن جي خيال مطابق اها هڪ تمام نازڪ
صورتحال هئي، پر فرمانبرداريءَ جي پراڻي عادت
پنهنجو ڪم ڏيکاريو(10).
پهرين عالمي جنگ ۾ ترڪيءَ هارايو، جنهنڪري اتحادين
خاص ڪري انگريزن ۽ فرانسيسين عثمانيه سلطنت کي
ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جا سانباها شروع ڪيا. ان خيال کان
مسلمانن ۾ ڏاڍي بيچيني پکڙي ته اسلام جا مقدس شهر
عيسائين جي اثر هيٺ ايندا، تنهنڪري ترڪيءَ جي
امداد ڪرڻ لاءِ خلافت جي مذهبي اهميت تي خاص ڪري
زور ڏنو ويو.
سن 1918ع ۾ مسلم ليگ جو هڪ اجلاس مولوي فضل الحق
جي صدارت هيٺ دهليءَ ۾ ٿيو. انهيءَ اجلاس جي وڏي ۾
وڏي خصوصيت اها هئي ته ڪيترن ئي عالمن ان ۾ شرڪت
ڪئي ۽ سياست ۾ سرگرميءَ سان بهرو ورتو.(11).
سڄي ننڍي کنڊ ۾ 17- آڪٽوبر 1919ع تي يومِ خلافت
ملهايو ويو، جنهن کان پوءِ جلد ئي خلافت ڪانفرنس
سڏائي ويئي، جنهن جو پهريون اجلاس 24 نومبر 1919ع
تي مولوي فضل الحق جي صدارت هيٺ دهليءَ ۾ ٿيو. ان
اجلاس ۾ ڪيترين ئي تجويزن جي منظوري ڏني ويئي.
مسلمانن کي گـُـذارش ڪئي ويئي ته فتح جي جشن ۾
شريڪ ٿيڻ کان پاسوڪن، اهو به فيصلو ڪيو ويو ته
جيڪڏهن حڪومت مسلمانن جي مطالبن کي رد ڪري ڇڏي ته
اهي انگريزي مال خريد ڪرڻ کان انڪار ڪن ۽ حڪومت
سان ڪو به سهڪار نه ڪن. حقيقت ۾ ترڪِ موالات جي
اها اسڪيم مهاتما گانڌيءَ جي صلاح سان اختيار ڪئي
ويئي، جنهن خلافت جي مسئلي تي پنهنجي همدردي
ڏيکاري ۽ جيڪو انهيءَ جلسي ۾ موجود هو. خلافت جي
مسئلي تي مسلمانن سان گانڌيءَ جي سهڪار جو ڪارڻ
سندس اهو يقين هو ته مسلمانن جي اهڙي حمايت حاصل
ڪرڻ ۽ انگريزن سان وڙهڻ جي لاءِ هندستانين ۾ ايڪو
پيدا ڪرڻ جو اهڙو وجهه سؤ سالن ۾ به نه ايندو.(12)
6 - ڊسمبر تي جمعيت العلماءَ عدم تعاون جي باري ۾
هڪ ٺهراءُ منظور ڪيو. سال 1919ع جي آخري هفتي ۾
مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جا اجلاس امرتسر ۾ ٿيا ۽ اهو
انتظام ڪيو ويو ته خلافت ڪاميٽي ۽ جمعيت العلماءَ
به انهيءَ هنڌ گڏجاڻيون ڪن. ڪانفرنس جي گڏجاڻي
مولانا شوڪت عليءَ جي صدارت هيٺ ٿي، جنهن ۾ فيصلو
ڪيو ويو ته گانڌيءَ جي رهنمائيءَ ۾ خلافت تحريڪ کي
منظم ڪيو وڃي. ڪانفرنس اهو به فيصلو ڪيو ته خلافت
جي سلسلي ۾ مسلمانن جي مطالبن کي پيش ڪرڻ لاءِ هڪ
وفد هندستان جي وائسراءِ وٽ اماڻيو وڃي. 10. جنوري
1930ع تي ڊاڪٽر انصاريءَ جي اڳواڻيءَ هيٺ هندن ۽
مسلمانن جي اڳواڻن جو هڪ اهم وفد وائسراءِ لارڊ
چيمسفورڊ سان مليو ۽ هن کي ترڪي سلطنت جي حفاظت ۽
خليفي جي حيثيت ۾ سلطان جي خودمختياريءَ جي ضرورت
کان واقف ڪيو. پر ان وفد جي ڪوشش جو ڪو به نتيجو
نه نڪتو، تنهنڪري فيصلو ڪيو ويو ته محمد عليءَ جي
اڳواڻيءَ ۾ سواءِ ڪنهن وقت وڃائڻ جي خلافت وفد
انگلينڊ موڪلڻ گهرجي. انهيءَ وفد جي ارڪان
برطانيه، فرانس ۽ اٽليءَ جو دورو ڪيو ۽ سياستڪارن،
عالمن ۽ صحافين سان ملاقات ڪري خلافت تحريڪ جو
معاملو هنن آڏو پيش ڪيو. پر اتي به هنن کي ڪا خاطر
خواهه ڪاميابي نه ٿي ۽ آڪٽوبر 1930ع ۾ اهو وفد ملڪ
موٽي آيو. انهيءَ عرصي ۾ 10- آگسٽ 1930ع تي ترڪن
سان اتحادين ”سيورس ٺاهه“ تي صحي ڪئي، تنهن
مسلمانن جون اميدون مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيون. انهيءَ
ٺاهه هيٺ عثمانيه سلطنت جو هڪ وڏو حصو اتحادي
طاقتن جي قبضي ۾ اچي ويو، جنهن کي هنن پاڻ ۾
ورهائي کنيو. انهيءَ ڪري هندستان جي مسلمانن عدم
تعاون تحريڪ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. آگسٽ مهيني جي
آخري ڏينهن تي سڄي ننڍي کنڊ ۾ يوم خلافت ملهايو
ويو. انگريزن جي خلاف اها شايد هڪ تمام وڏي عوامي
تحريڪ هئي، جنهن ۾ هندن ۽ مسلمانن گڏجي آواز
اٿاريو هو. 1921ع کان 1922ع تائين هڪ سال جي عرصي
۾ ٻنهي قومن جا ٽيهه هزار ماڻهو جيل اُماڻيا
ويا(14).
خلافت تحريڪ جو هڪ تمام اهم نتيجو اهو نڪتو جو ان
مان هجرت تحريڪ جنم ورتو. اها خلافت تحريڪ جي هڪ
ذيلي تحريڪ هئي. خلافت تحريڪ جي اثرائتي پرچار سبب
هندستان ۾ خاص ڪري سنڌ، سرحد ۽ پنجاب جي ماڻهن ۾
ڏاڍي بيچيني پکڙي. ڪي مسلمان عالم ۽ استاد ان راءِ
جا هئا ته هندستان دارالسلام نه پر دارالحرب آهي،
تنهنڪري هندستانين جو اهو مذهبي فرض آهي ته اهي
پنهنجي مذهب خاطر، ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هجرت ڪري وڃن.
مسلمانن انگريزي راڄ ۾ رهڻ نه ٿي گهريو، تنهنڪري
سنڌ ۽ سرحد مان ڪيترائي خاندان پنهنجا گهر گهاٽ
ڇڏي افغانستان ڏانهن هجرت ڪري ويا. هجرت جي انهيءَ
تجويز جي علي برادران ۽ ٻين برک اڳواڻن وڏي همت
افزائي ڪئي. ان باري ۾ ابوالڪلام آزاد هڪ زبردست
اپيل ڪئي (15)، هن جيڪا مشهور فتويٰ جاري ڪئي، اها هن ريت هئي:
”ياد رکو، اوهان جي حڪومت نيست ونابود ٿي ويندي.
ياد رکو، هندستان هاڻي دارالحرب آهي. اسان کان
اسان جي مذهبي آزادي ڦري ويئي آهي. بغداد ۾ ڌاريون
فوجون ڪاهي پيون آهن. ڪنوارين ترڪي ڇوڪرين جي
بيحرمتي ڪئي ويئي آهي. سيورس ٺاهه ڪاغذ جو هڪ
بيڪار ٽڪرو آهي، جنهن کي پرزا پرزا ڪرڻ تمام ضروري
آهي. موجوده حالتن ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي. هر مسلمان تي
واجب آهي ته هجرت ڪري“(16).
مولانا عبدالباري فرنگي محل پڻ هڪ فتويٰ جاري ڪئي.
مڪاني عالمن پڻ هجرت ڪرڻ جي تبليغ ڪئي. عام ماڻهن
کي ٻڌايو ويو ته افغانستان جو امير سندن انتظار ۾
آهي ۽ جيئن ئي اهي اتي پهچندا ته کين سرسبز زمينون
ڏنيون وينديون. عام مسلمانن لاءِ اهڙي تسلي ڪافي
هئي. اها هجرت سنڌ کان شروع ٿي، جتي ڪيترن ئي
خاندانن پنهنجون زمينون ۽ جائدادون وڪڻي افغانستان
ڏانهن وڃڻ لاءِ درهِّ خيبر ڏانهن رخ رکيو (17).
سال 1915ع ۾ هجرت تحريڪ شروع ٿي، جڏهن اسلاميه
ڪاليج لاهور ۽ پشاور جا سورهن شاگرد پشاور ڏانهن
هجرت ڪري ويا. هجرت جو اهو سلسلو ٿورن وقفن کان
سواءِ سال 1923ع تائين هلندو رهيو. ارڙهن هزار
ماڻهو افغانستان ڏانهن ويا، جتي سندن آجيان ڪرڻ
بدران کين واپس ڪيو ويو. انهيءَ واپسيءَ جي ڪري
ماڻهن کي ملڪيت جو تمام وڏو نقصان ٿيو. اهي ماڻهو
سفر جون صعوبتون تڪليفون ۽ بيماريون برداشت ڪري
سلامتيءَ سان واپس آيا تن ڏٺو ته هاڻي سندن ڪو به
گهر گهاٽ نه هو ۽ نه وري وٽن ڪا دولت هئي، ڇاڪاڻ
ته سندن جائداد انهن ماڻهن جي هٿن ۾ هئي، جن وٽ
هنن پاڻ اها ڪوڏين جي ملهه وڪڻي ڇڏي هئي (18).
ان جو نتيجو اهو نڪتو جو ماڻهن ۾ ڌن دولت جي سخت
نقصان کان پوءِ هجرت تحريڪ کي ترڪ ڪيو ويو. گانڌي
پڻ چؤري چؤرا واقعي کان پوءِ فيبروري 1922ع ۾
تحريڪ عدم تعاون کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. ويتر
جو نومبر 1923ع ۾ انقره جي ترڪي قومي حڪومت سلطان
جي منصب کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ اتي جي
اسيمبليءَ عبدالحميد کي خليفو چونڊي هن جا اختيار
گهٽائي ڇڏيا، ته خلافت تحريڪ وڌيڪ ڪمزور پئجي
ويئي. 3- مارچ 1924ع تي ڪمال اتاترڪ جي رهنمائيءَ
۾ ترڪي قومي اسيمبليءَ خلافت جي منصب کي ختم ڪري
ترڪيءَ ۾ جمهوريت قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو(19).
انهيءَ اعلان کان پوءِ، ته خلافت تحريڪ بلڪل ختم
ٿي ويئي. ڏٺو وڃي ته ان تحريڪ ۾ هڪ وڏي جذباتي
اپيل هئي ۽ هجرت ڪرڻ جي سڏ جو هتي جي سادن ۽ اسلام
پسند ماڻهن وڏي جوش ۽ جذبي سان جواب ڏنو هو.
انهيءَ تحريڪ جي سڀ کان نمايان ۽ اهم شخصيت جان
محمد جوڻيجو هو، جنهن خلافت تحريڪ کي منظم ڪرڻ ۾
ڏاڍي سرگرمي سان حصو ورتو هو ۽ افغانستان ڏانهن
هجرت ڪري وڃڻ ۾ سڀني کان نمايان هو. اسان جي لاءِ
هن جو اڀياس دلچسپيءَ کان خالي ڪونهي. هو سال 1304
هجري ۾ لاڙڪاڻي جي ويجهو ڌامراهه ڳوٺ ۾ ڄائو هو.
سندس پيءُ حاجي ڪريم بخش هڪ وڏو زميندار ۽ پنهنجي
تر جو مشهور ماڻهو هو. هـُـن پنهنجي پٽ کي ڳوٺ جي
مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو، جتي هن ديني تعليم حاصل
ڪئي. پوءِ ٻارنهن ورهين جي ڄمار ۾ هن ڳوٺ خيرو
ديرو (تعلقو رتوديرو) جي ڳوٺاڻي اسڪول ۾ داخلا
ورتي. سنڌ مدرسة السلام مان هن مئٽرڪ جو امتحان
پاس ڪيو، جتي سندس ملاقات بئريسٽر حسن علي
عبدالرحمان ۽ علي گوهر ڀٽو سان ٿي. هنن جي صحبت جو
مٿس ڏاڍو اثر ٿيو ۽ جڏهن علي گوهر ڀٽو تعليم حاصل
ڪرڻ لاءِ ملڪ کان ٻاهر ويو ته هو به سندس پٺيان
ويو.
سن 1910ع ۾ هو انگلينڊ ڏانهن روانو ٿيو ۽ ٽن ورهين
۾ بئريسٽريءَ جو امتحان پاس ڪيائين. تعليم پوري
ڪرڻ کان پوءِ هو اتي ئي رهيو پيو هو. سندس مائٽن
جي چوڻ مطابق هن جي پنهنجي ملڪ ڏانهن واپس اچڻ جي
مرضي نه هئي. سندس ماءُ ۽ پيءُ کي تنهنڪري ڏاڍي
ڳڻتي هئي. چيو وڃي ٿو ته جان محمد جوڻيجي اتي هڪ
خواب ۾ ڏٺو ته پاڻ لنڊن شهر ۾ پئي گهميو ته اوچتو
کيس ڳل تي چماٽ لڳي ۽ هن منهن ورائي ڏٺو ته هڪ شخص
ڏسڻ ۾ آيس جنهن چيس ته ”تون هت موجون پيو ڪرين ۽
هوڏانهن تنهنجا مائٽ تنهنجي لاءِ پيا روئين“(20).
انهيءَ واقعي کان پوءِ هو لاڙڪاڻي موٽي آيو ۽ اتي
پورهيتن ۽ مسڪينن خاص ڪري هارين جي ڀلائيءَ لاءِ
ڪم ڪرڻ لڳو، جتي کيس ڏاڍي مقبوليت حاصل ٿي. رئيس
غلام محمد ڀرڳڙي (پهريون سنڌي بئريسٽر) لاڙڪاڻي ۾
مسلم ليگ جي شاخ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ جان
محمد جوڻيجو سنڌ جي انهن ٿورن ميمبرن مان هڪ هو،
جيڪو مسلم ليگ جو پهريون ميمبر ٿيو هو. انهيءَ
واقعي سان هن پنهنجي عوامي زندگيءَ جي شروعات ڪئي.
(21)
مارچ 1918ع ۾ شيخ عبدالعزيز جي صدارت هيٺ سنڌ ۾
انگريزي - عربي تعليم جي موضوع تي سکر ۾ هڪ
تعليمي ڪانفرنس برپا ٿي. جان محمد جوڻيجي انهيءَ
ڪانفرنس ۾ ڏاڍيءَ سرگرميءَ سان بهرو ورتو ۽ تجويز
ڪيل اسڪول لاءِ ٻن وظيفن ڏيڻ جو اعلان ڪيو، پر
خلافت تحريڪ کان پوءِ انهيءَ تجويز تي ڪو به عمل
نه ٿيو.
ترڪيءَ جي سوال تي پهرين ڪل هند مسلم ڪانفرنس لکنؤ
۾ برپا ٿي. اتي فيصلو ڪيو ويو ته 17- آڪٽوبر 1919ع
تي سڄي هندستان ۾ ”پهريون يوم خلافت“ ملهايو ويندو
۽ ترڪي خلافت جي سالميت جي لاءِ خاص دعائون گهريون
وينديون. انهيءَ موقعي تي پنهنجي گهر جي ويجهو
عيدگاهه ۾ جان محمد جوڻيجي هڪ گڏجاڻيءَ جو انتظام
ڪيو. نومبر 1919ع ۾ ڪل هند خلافت ڪانفرنس دهلي ۾
ٿي، جنهن ۾ هڪ تجويز اها به منظور ڪئي ويئي ته ان
”امن مشن“ جو مـُـڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويندو، جيڪا 13
۽ 16 نومبر تي گڏ ٿيڻي هئي. جمعيت العلماءَ هند پڻ
ان تجويز جي حمايت ڪئي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ هڪ وفد
سنڌ مان به شريڪ ٿيو، جنهن ۾ جان محمد جوڻيجو به
هو. دهليءَ مان واپس اچي هن پير تراب علي شاهه جي
مدد سان انهيءَ تحريڪ جو پرچار ڪيو. اَمن مشن واري
ڏينهن تي لاڙڪاڻي ۾ هڙتال ڪئي ويئي ۽ ڪارا جهنڊا
چاڙهيا ويا (22).
4- جنوري 1920ع تي حيدرآباد ۾ خلافت تحريڪ جي
گڏجاڻي ٿي،جنهن ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي ماڻهن تي ٿيندڙ
ظلم جي موضوع تي جان محمد جوڻيجي تقرير ڪئي.
ٻي خلافت ڪانفرنس 7 ۽ 8- جون 1920ع تي لاڙڪاڻي ۾
ٿي. اها ڪانفرنس جوڻيجي جي ڪوشش جو نتيجو هئي.
انهيءَ ڪانفرنس جي صدارت پير جهنڊو ڪئي هئي، جنهن
۾ مولانا شوڪت علي، محمد علي، غلام محمد ڀرڳڙي،
مولانا عبدالجبار لکنوي، مولانا آزاد، سيٺ حاجي
عبدالله هارون، مولانا امروٽي، مهاتما گانڌي ۽
ڊاڪٽر ڪچلو شريڪ ٿيا هئا. اتي فيصلو ڪيو ويو هو ته
هڪ وفد بمبئي وڃي هندستان جي وائسراءِ سان ملي ۽
سنڌ جي ماڻهن تي سرڪاري ڪامورن جي طرفان ٿيندڙ
ڏاڍاين کان کيس واقف ڪري. آخرڪار هڪ وفد بمبئي
روانو ٿيو، جتي 26 ڏينهن تائين رهڻ کان پوءِ به
وائسراءِ هنن کي ملڻ لاءِ وقت نه ڏنو. بمبئي ۾
هوندي ئي اهو وفد ڪل هند خلافت ڪانفرنس ۾ شريڪ
ٿيو، جنهن جي صدارت غلام محمد ڀرڳڙي ڪئي هئي. ان
وفد جو اڳواڻ جان محمد جوڻيجو هو. مارچ 1920ع ۾
اهو وفد سنڌ موٽي آيو (23). 17- اپريل 1920ع تي
سيوهڻ ۾ مولانا عبدالڪريم ”درس“ جي صدارت ۾ خلافت
ڪميٽي جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ جان محمد جوڻيجي تقرير
ڪئي ۽ ”هجرت“ جي رٿ منظور ڪئي ويئي(24). بعد ۾ 2 ۽
3 مئي 1920ع تي جيڪب آباد ۾ مولانا تاج محمود
امروٽي جي صدارت هيٺ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ انهيءَ رٿ تي
عمل ڪيو ويو، ۽ جان محمد جوڻيجي سرداريءَ جي ڪرسي،
ميونسپل ڪمشنري، لوڪلبورڊ جي رڪنيت ۽ بئريسٽريءَ
جي ڊگري تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو. هن سرڪاري ڍل
ڏيڻ کان پڻ انڪار ڪيو (25). 17- اپريل 1920ع تي
خلافت ڪانفرنس دادو ۾ پڻ ٿي، جتي هجرت ڪرڻ جي رٿ
منظور ڪئي ويئي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ هڪ صوبائي
ڪاميٽي ٺاهي ويئي، جنهن جو صدر پير تراب علي شاهه
۽ سيڪريٽري جان محمد جوڻيجو چونڊيا ويا. جوڻيجو جي
گهر ۾ هجرت دفتر کوليو ويو، جتي ڪيترن ئي ماڻهن
هجرت ڪرڻ لاءِ پنهنجا نالا لکايا. 24- مئي 1920ع
تي حيدرآباد ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ هنن وائسراءِ
ڏانهن پيغام اُماڻيو. انهيءَ پيغام جو نتيجو اهو
نڪتو جو جان محمد جوڻيجي کي ڊيڄارڻ ۽ پريشان ڪرڻ
لاءِ هڪدم سندس زمينن لاءِ گهربل پاڻي ڏيڻ بند ڪيو
ويو (26).
20- جولاءِ 1920ع تي هجرت ڪندڙ ماڻهن سان ڀريل هڪ
خاص ريل گاڏي افغانستان ڏانهن رواني ٿي. لاڙڪاڻي
مان 750 مهاجر پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي جان محمد
جوڻيجي جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌ کان افغانستان ڏانهن
هجرت ڪري ويا. 24- مارچ 1924ع تي خلافت ڪانفرنس جو
اٺون اجلاس مولانا شوڪت عليءَ جي صدارت ۾ سکر ۾
ڪٺو ٿيو، جنهن ۾ اجلاس جي سيڪريٽري عبدالستار آدم
پنهنجي رپورٽ ۾ هجرت جي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ جوڻيجي جي
تعريف ڪئي ۽ چيو ته اها ننڍي کنڊ جي سياسي تاريخ ۾
هڪ سنگِ ميل جي حيثيت رکي ٿي. ان هجرت تي انگريز
سرڪار کي سخت تشويش ٿي. 19- جولاءِ 1920ع تي پهرين
ريل گاڏي جلال آباد پهتي، جتي افغان حڪومت هنن جو
زبردست آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ کين گهربل سڀئي سهولتون
ڏنيون. آڪٽوبر ۾ رئيس المهاجرين (جان محمد جوڻيجو)
هڪ وفد وٺي هندستان آيو ۽ مولانا محمد عليءَ سان
مليو. بعد ۾ ٻنهي گڏجي هندستان جي شهرن ۽ ڳوٺن جو
دورو ڪيو ۽ هجرت تحريڪ جي تبليغ ڪئي (27).
نومبر جي آخر ۾ الهه آباد ۾ ڪانگريس ڪانفرنس ۾
شرڪت ڪرڻ کان پوءِ هو لاڙڪاڻي موٽي آيو، جتي کيس
سنڌ جي جڊيشل ڪمشنر طرفان هڪ نوٽيس مليو، جنهن ۾
جيڪب آباد ۾ ڪيل سندس تقرير تي اعتراض ڪيل هئا ۽
کيس چيو ويو هو ته پاڻ ذاتي طرح ڪراچي اچي انهن
الزامن جا جواب ڏي. هن ڪراچي وڃڻ کان انڪار ڪري
ڇڏيو، پر هن پنهنجي جواب ۾ لکيو ته افغان بادشاهت
جي شهريءَ ۽ انجمن - مهاجرين هند جي عيوضيءَ جي
حيثيت ۾ اوهان کي جواب ڏيڻ لاءِ ٻڌل ناهيان، پر
افغان حڪومت جي رعيت هجڻ جي حيثيت ۾ انهن آڏو
ذميدار آهيان (28)“ اُتان هو بمبئي ويو، جتي هن کي
بمبئي خلافت ڪميٽيءَ طرفان مهاجرين جي لاءِ پنجاهه
لک روپيا چندو مليو، جيڪو هن هڪدم ڪابل موڪلي
ڇڏيو. پوءِ ڪابل ڏانهن ويندي کيس پشاور ۾ ويهن
ڏينهن تائين روڪيو ويو، جتي هن هڪ عام جلسي ۾
تقرير ڪري، پاڻ کي هندستاني هجڻ جي بدران افغاني
ڄاڻايو ۽ انگريز سرڪار جي سخت مذمت ڪئي. انهيءَ تي
هن کي پشاور بدر ڪيو ويو، جتي هن فارسي زبان ۾
تقرير ڪئي.
بعد ۾ مولانا محمد علي جوهر سان گڏجي خلافت
ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ اجمير ويو، پر
بيماريءَ سبب اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو. هن اجمير
۾ 16- اپريل 1921ع تي وفات ڪئي. سندس جنازي نماز
مولانا حڪيم معين الدين اجميري پڙهائي ۽ کيس اجمير
۾ ساگر تلاءُ جي ويجهو دفن ڪيو ويو. هيٺ شيرل شاعر
جو چيل هڪ طويل نظم ڏجي ٿو، جنهن پڻ هجرت تحريڪ ۾
شرڪت ڪئي هئي. انهيءَ نظم ۾ جان محمد جوڻيجي جي
زندگيءَ ۽ خدمتن جي تعريف ڪيل آهي ۽ هجرت تحريڪ جو
سهڻو بيان ڏنل آهي:
جان محمد جوڻيجو سورهيه سامايو،
راضي تنهن تي رب ٿيو، تنهن کي واحد وڌايو،
سخي هو سخاوت ۾، ڪيائين روح اندر رايو
ڳالهه اُها ڳايو، مرد تنهن ملوڪ جي.
مرد تنهن ملوڪ کي، ڏاتر ڏنا ڏاڻ،
عهدو وڪالت بئريسٽريءَ جو ورتائين همت ساڻ،
علم پڙهي عالم ٿيو، هيس انگريزي اهڃاڻ
هاڻ ڪيان روح رهاڻ، ساراهه سپرين جي.
ٻڌو ساراهه سپرين جي، جنهن کي مولا ڏنو مان،
هٿ هوس حاڪمن جو، شاهي جنهن جو شان،
ڪامل ٿي ڪورٽون ڪيون، ٻڌي بات بيان،
جيءَ اندر آهن جولان، سڪ تنهنجي ساهه کي.
سڪ تنهنجي ساهه کي، اندر نه آهي آرام،
کائڻ نه آهي خوشيءَ جو، چش نه ڏئي طعام،
هجرت تي سنڀري هليو، ڪري اهو انجام،
اڳ ۾ ٿي امام، قافلو ڪيائين ڪيترو.
قافلو ڪيائين ڪيترو، لکين خرچ کڻي،
جيڪا رضا رب جي، واهه تنهن کي وڻي،
مهاجرن جي محبت ۾، پاڻ ڪيائين پڻي،
لاڙڪاڻي تي لقب هڻي، ريل چڙهي ”رڪن“ ڏي هليا.
ريل تي چڙهي ”رڪن“ کؤن، ٿيا سکر روانا،
عرض ڪيائين الله کي، اسين آهيون تنهنجا ٻانها،
داڻي پاڻي نصيب جي، آهي انهيءَ ۾ معنيٰ،
پوءَ اچي ملتانا، ٽپهرو ڪيائين ڏينهن جو.
ٽپهرو ڪيائين ڏينهن جو، هليا چڙهي لاهور،
اُتي عزت ملي امير کي، سر ڪيائون گهور،
کائڻ آندائون خوشيءَ مؤن، ڏنائون زور،
اهڙي ئي دستور، ”راولپنڊي“ رڙهي هليا.
”راولپنڊي“ رڙهي هليا، ”ڪانولپور“ ڪاهي،
واڳ وس نه پنهنجي، ڏور وڌي ڏاهي،
گاڏي ڇٽي ڇوهه مؤن، ڏس ڇا منجهؤن ڇاهي،
”پشاور“ ۾ لاهي، ڏينهن ڇڏيائون ڪيترا.
اتي ڏينهن رهي ڪيترا، هليا پيادا ڪلي پنڌ،
رفيق ٿياسون راهه مؤن، راهي مٿي رند،
رکيائون سڪ سرير ۾، خودي ڪيائون بند،
اچي ٿياسون هڪ هنڌ،”بيني ڪوٽ“ جنهن کي چون.
بيني ڪوٽ جنهن کي چون،رکيائون جلال آباد جوش،
عقل ڇڏي ويو اڳ ۾، ڪو نه رهيو هوش،
ڪو نه وڙهي ڪنهن سان، دشمن توڙي دوس،
مڙني ڪئي خاموش، محبت رکي من ۾.
محبت رکي من ۾، ”ڪابل“ ڪيائون ڪاهه،
دونهان درد دکائيا، عشق آندو آڙاهه،
پنڌ اڙانگو پٽيون، رهي آيا راهه،
اهڙو ئي آهي الله، ”امير صاحب“ ڏٺائون اکين سان
امير صاحب عزت ڏني،مولوي عبيدالله صاحب سڏائي،
دعوت کاڌائون دل سان، راتيون رهائي،
”سنڌين“ چيو سڪ مان، آيا آهيون سرڙا لهرائي،
توڻي وجهين ڪهائي، ”جان محمد“ چيو جوش مان.
امير کي ائين نه گهربو هو، ڏنائين مهاجرن کي
موڪل،
سيءُ رکيائين سرير ۾، نه ڪيائين توڪل،
ڳجهه اندر جون ڳالهيون، تون جوش اندر ۾ جل،
راهي ٿيا رلمل، موٽي پنهنجي ملڪ تي.
موٽي پنهنجي ملڪ تي، آيو ”جان محمد“ جائي،
رات ڏينهان روح ۾، هيس وات اها وائي،
دانهون ڪيائين درد مؤن، ڪونهي حال ڀائي،
نصيب داڻو پاڻي کائي، هلي آيا ”هندستان“ ۾.
”هندستان“ ڏي روانا ٿيا، خواجه اجمير شريف،
سڪ رکيائين ساهه ۾، ڪهڙي ڪريان تعريف،
ملڪ ڇڏي مسافر ٿيو، سهي گهڻي تڪليف،
اکيون ڪڪوريون ڪيف، مانجهي تنهن ملوڪ جون.
مانجهي تنهن ملوڪ جي هئي، عمر ٽيهه ورهيه پوري،
رضا تي راضي رهيو، ڪيائين صبوري،
مرڻ جي مهل تي، موت رکيائين منصوري،
آيا ملائڪ حضوري، سڪرات ڏٺائين ڪا نه ڪا.
سڪرات ڏٺائين ڪا نه ڪا، ساهه ڏنائين سنهنجو،
”شيرل“ چوي شهيد ٿيو، وطن ڇڏي پنهنجو،
سوال ڪريان تو کي سيدا، ڪر نه ڪانيارو ڪنهنجو،
هٿ آهي منهنجو، دامن دستگير جي.
جان محمد جوءِ مان، ويو ڪست منجهان ڪاهي،
مال، مڏيون ڦٽيون ڪري، ويو لاڳاپا لاهي،
جنهن کي سڪ سرير ۾، ڏور وڌي ڏاهي،
اجمير ۾ آهي، مقبرو ملوڪ جو.
مقبرو ملوڪ جو، جودئون جوڙيائون،
جهنڊا تنهن جوان جا، خوب کوڙيائون،
ماتم ڪيائون من ۾، ڳل ڳوڙها ڳاڙيائون،
پريت پاڙيائون، جو صوبو هو سنڌ جو.
صوبو هو سنڌ جو، ملڪن جو مير،
صاحب ٿي صاحبي ڪئي، جو بادشاهي وزير،
شهيد ٿيو شوق مان، نيڻين وهايان نير،
اتر وارا پير، پناهه ڏيندين پرديسيءَ کي.
پناهه ڏيندين پرديسيءَ کي، جنهن صدقو ڪيو ساهه،
ميڙي محمد ڄام جي، تو کي آڻيندو الله،
حضرت ٿيندءِ حامي، ڪندءِ سنئين راهه،
باري آهي بيپرواهه، آهيان سام اوهان جي سيدا.
حوالا
1. شاهه معين الدين ندوي، تاريخِ اسلام، جلد اول،
ص 129.
.2.
History of the Freedom Movement, Part I, Vol III
p 205.3.
3. عبدالقادر ملوڪ شاهه بدايوني، منتخب التواريخ،
ص 430.
4. سليم وحيد سليم، تزڪِ جهانگيري.
5.
History of the Freedom Movement, p 206.
6. Razi Wasti, The Political Traingle in India
1858-1924, p 216.
7. T.V. Arnold,، The Caliphate, pp 141-146.
8. غفار، قاضي عبدال، حياتِ اجمل (علي ڳڙهه)، ص
129.
9. History of the Freedom Movement،
Vol III،
Part I، p 213.
10. K.K. Aziz, The Journal of the Research
Society of the Punjab, Vol III، No 4, Oct 1966, pp 113-114.
11. History of the Freedom Movement, Vol III,
part I, p 213.
12. R.E. Majumdar, History of the Freedom
Movement of India Vol III, p 60.
13. Ibid.
14. K.K. Aziz, A Short History of Pakistan, pp
186-188.
15. Shafique Ali Khan, Two Nation Theory, p 567.
16. Azim Hussain, Fazal-i-Hussain, p 105.
17. History of the Freedom Movement,،
p 225
18. Shafique Ali Khan, Two Nation Theory p 567
19. K.K. Aziz, A Short History of Pakistan, p
188.
.20
دين محمد وفائي، يادِ جانان، 1340 هه، ص ص 1-4.
21. شيخ عبدالمجيد سنڌي، الرحيم (سنڌي مضمون).
22. ايضاً
23. دين محمد وفائي، يادِ جانان، ص ص 12-14
24. علي محمد راشدي، روزنامه جنگ، 23- اپريل
1974ع.
25. دين محمد وفائي، يادِ جانان، ص 15.
26. الوحيد - سنڌ آزاد نمبر، ص 167.
27. شيخ عبدالمجيد سنڌي، الرحيم،
28. دين محمد وفائي، يادِ جانان، ص ص 32-33.
(پاڪستان اسٽڊيز سينٽر، سنڌ يونيورسٽي جي رسالي
”گراس روٽس“ جلد نمبر 1، 1977ع تان شڪريه سان
کنيل).
مولانا عبيدالله سنڌي
جي.الانا
اُڻويهين صديءَ جي شروع ۾ سـِـک، پنجاب ۾ اقتدار
اعليٰ جا ڌڻي هئا، ۽ ڪيترائي سک گهراڻا پنجاب
حڪومت جي انتظاميه ۾ آفيسر طور ملازم هئا. گلاب
راءِ به انهن مان هڪ آفيسر هو، جنهن جو گهراڻو
سـُـک سانت جي زندگي گذاري رهيو هو. اهو به چڱو
آهي ته ماڻهوءَ کي سٺي نوڪري ۽ سٺي پگهار به هوندي
آهي، پر اُن کان وڌيڪ وڏي نوڪريءَ ۾ ٺٺ ٺانگر ۽
رعب تاب به هوندو آهي، سو گلاب راءِ پنهنجي گهراڻي
جي اقتصادي حالتن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ واسطي، پنهنجي
پـُـٽ جسپت راءِ کي هڪ اهڙي قسم واري سودمند نوڪري
وٺرائي ڏني. جڏهن سکن جي طاقت پنجاب ۾ ختم ٿي ويئي
ته اهي ماڻهو جن جو گذر بسر ئي نوڪريءَ تي هو، سي
اوسي پاسي روزگار جي تلاش ۾ واجهائڻ لڳا. اهڙي
نموني جسپت راءِ جو پٽ رام سنگهه پنهنجي اباڻن ڪکن
کي ڇڏي اچي سيالڪوٽ ۾ پنهنجو سونارڪو ڌنڌو ڪري،
پنهنجي ٻچن جو روزگار ڪرڻ لڳو. سندس برادريءَ جي
ٻين ماڻهن حڪومت ۾ ننڍين نوڪرين تي اڪتفا ڪئي يا
واپار ۾ هلڪو ڌنڌو شروع ڪيو. سيالڪوٽ ۾ رام سنگهه
جو ڌنڌو چڱو متو. هن سيالڪوٽ جي سک گهراڻي جي هڪ
ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي. رام سنگهه کي پهريائين هڪ
ڇوڪري ڄائي، جنهن جو نالو جيوڻي رکيو ويو. ڇوڪريءَ
ڄمڻ کان پوءِ هڪ ڇوڪرو چيان والي ڳوٺ ۾ 10 مارچ
1872ع تي ڄائو، جيڪو بعد ۾ مولانا عبيدالله سنڌي
سڏجڻ ۾ آيو.
رام سنگهه پنهنجي پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ چوٿين مهيني
وفات ڪري ويو ۽ ان کان پوءِ سندس پٽ ۽ نياڻي جسپت
راءِ جي نظر هيٺ رهڻ لڳا. ٻنهي ٻارڙن جي مٿان سندن
ڏاڏي جو پاڇو ويهه مهينا مس رهيو، جو هو به راهه
رباني وٺي هليو. ٻن ٻارن جي جوان ماءُ باقي عمر
پنهنجي پيءُ جي گهر پناهه وٺڻ جي ارادي سان وٽس
وئي، جنهن کيس ٻنهي ٻارن سميت خوشيءَ سان رهائڻ
قبول ڪيو. جنهن جي مرڻ کان پوءِ هن مصيبت ماريل
عورت کي پنهنجي ڀائرن جي پاڇي ۾ رهڻ کان سواءِ
دنيا ۾ ڪا به جڳهه ڪانه هئي. هن جا ٻه ڀائر ضلعي
ديري غازي خان جي ڄام پور ۾ تپيدار هئا، جن پنهنجي
ڀيڻ ۽ ڀاڻيجن کي خوشيءَ سان پاڻ وٽ رهايو. ڇهن
سالن جي يتيم ٻار ڄام پور جي هڪ اُردو اسڪول ۾
داخلا ورتي ۽ 1887ع ۾ ڄام پور جي مڊل اسڪول ۾ پڙهڻ
شروع ڪيو. ننڍڙي ابهمڙي پنهنجو پاڻ کي هڪ هوشيار
شاگرد ثابت ڪيو ۽ ڪلاس ۾ پهريون نمبر اچڻ لڳو. اڃا
مڊل اسڪول ۾ پڙهندو هو، جو سندس هڪ همڪلاسيءَ آريه
سماجي ڇوڪر کيس هڪ ڪتاب ”تحفة الهند“ نالي کيس
ڏنو،جيڪو هن وڏي چاهه سان پڙهيو ۽ جنهن کان هيءُ
ڏاڍو متاثر ٿيو. ٽئين درجي ۾ ئي هو جو سندس شوق
اسلام جي مطالعي لاءِ ٿيو. اسلام متعلق جيڪو به
ڪتاب هٿ لڳندو هوس، سو پڙهي وٺندو هو. اوچتو ئي هن
مسلمان ٿيڻ جو ارادو ڪيو. اهو ڄاڻندي ته سندس
ماءُ، ڀيڻ ۽ ماما وغيره سندس مسلمان ٿيڻ تي ناراض
ٿيندا، سو هو گهر کان ڀڄي، سيالڪوٽ جي ڪنهن ڳوٺ ۾
رهڻ لڳو. اُتي به سندس هم ڪلاسي مسلمان دوست کيس
مولانا محمد اسماعيل شهيد جو لکيل ڪتاب ”تقويت
الايمان“ ڏنو، جيڪو سندس مسلمان ٿيڻ جي راهه ۾ هڪ
سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. ”مان اهو پڙهي اسلام جي
وحدانيت جو قائل ٿي ويس(1)“.
جيئن اسلام سيکاريو آهي: سندس هي عمل ڏيکاري ٿو ته
هي ننڍي ٽهيءَ کان وٺي هڪ انقلابي ذهن جو مالڪ هو
۽ هن جي زندگيءَ جي درياهه ۾ پنهنجي طريقي جو
سامونڊي سفر اختيار ڪيو، توڙي جو کيس پنهنجي
گهراڻي کي رنج ڪرڻو پيو. ”هاڻي مون روزانو نماز
پڙهڻ شروع ڪئي ۽ پنهنجو نالو بدلائي ”تحفة الهند“
جي مصنف جي پٺيان عبيدالله رکيم(1)
“. پوءِ هو کليو کلايو چوندو رهيو ته ”هو مسلمان
ٿي چڪو آهي“. آخر ۾ هن لکيو آهي ته “هن اسلام هڪ
هندو عالم کان سکيو، جيڪو پاڻ کي پنڊت - مولوي
چوائيندو هو. 15- آگسٽ 1887ع تي مان خدا جي مدد ۽
مهربانيءَ سان مسلمان ٿيس. مون سان گڏ منهنجو دوست
عبدالقادر گڏ هو. مان عربي جي مدرسي جي ٻئي دوست
سان ڪوٽلي رحم شاهه ضلعي مظفر شاهه پهتس. 9-
ذوالحج 1304 هه ۾ منهنجو طهر ٿيو. جيئن منهنجا
عزيز اقارب ناراض ٿيا، تنهن ڪري ٿوري وقت کان پوءِ
آئون سنڌ لاءِ راهي ٿيس ۽ رستي ۾ آئون ان شاگرد
دوست کان عربي سکندو رهيس(2)
“.
مولانا پنهنجي آتم ڪهاڻي لکندي پنهنجون يادگيريون
قلمبند ڪندي فرمائي ٿو ته: هن جو ڀلارو بخت هو جو
ڀرچونڊي جي بزرگ مولانا محمد صديق جو شاگرد بڻيو،
جنهن پنهنجي مريدن جي ڀريءَ ڪچهريءَ ۾ چيو ته:
”عبيدالله اسلام واسطي عزيز اقارب ڇڏيا آهن. هن
کان پوءِ آئون هن جو پيءُ به آهيان ته ماءُ به“.
مولانا سنڌي ڀرچونڊي جي بزرگ ڏانهن ايڏو ته رجوع
ٿي ويو جو، ”مون سنڌ کي پنهنجو بنايو يا سنڌ
منهنجي بنجي ويئي. مان حضرت صاحب جن کان قادري
راشدي طريقي تي سبق وٺندو رهيس“. تعليم کي وڌيڪ
جاري رکڻ لاءِ هن بزرگ کان اجازت ورتي. ”اهو بزرگ
صاحب جي ئي دعا جو اثر هو جو آئون شيخ الهند
مولانا محمودالحسن جو شاگرد بنيس“. هن بهاولپور جي
هڪ مسجد ۾ عربي به پڙهڻ شروع ڪئي. 17 سالن جي عمر
۾ هن ديوبند جي دارالعلوم ۾ داخلا ورتي جتي هن
قرآن، حديث، فلسفه ۽ منطق جو گهرو مطالعو ڪيو.
“ديوبند ۾ آئون خواب ۾ رسول مقبول (صه) ۽ امام
ابوحنفيه (رح) جي زيارت کان مستفيض ٿيس“(3)
. مولانا سنڌي ديوبند ۾ شيخ الهند وٽ پڙهيو ۽ سندس
شخصيت کان گهڻو متاثر ٿيو. اهو اثر سندس زندگي تي
سڄي عمر رهيو. هن ديوبند مان علم جي تحصيل وڏي
ڪاميابي سان ڪئي. شيخ الهند جي اجازت سان گنگوهه ۾
مولانا رشيد احمد وٽ ويو، پر گنگوهه ۾ سندس ترسڻ
بلڪل ٿوري عرصي لاءِ ٿيو. هو گنگوهه ۾ پهتو ئي مس
ته سندس طبيعت ناچاڪ ٿي پئي ۽ علاج واسطي دهلي
روانو ٿيو. دهلي کان صحتياب ٿي گنگوهه پهتو ته
مولانا محمد صديق ڀرچونڊي ڇڏي وڃي دارالبقا ڀيڙو
ٿيو هو. اها خبر ٻڌڻ سان ڀرچونڊي، ضلع سکر لاءِ
روانو ٿيو ۽ 20- جمادالثاني 1308 هه ۾ اتي پهتو.
مولانا سنڌي سکر ۾ ئي هو، جو اسلاميه اسڪول جي هڪ
اُستاد محمد عظيم خان جي ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي.
هن پنهنجي شاديءَ جو سڏ پنهنجي ماءُ ڏانهن به
موڪليو ۽ تاڪيد ڪيو هئائين ته سکر ضرور اچي شادي ۾
شريڪ ٿئي. مولانا سنڌيءَ جي ماءُ گهڻي عرصي رنج ۽
جدائيءَ کان پوءِ پنهنجي پياري پٽ جي شاديءَ ۾
شريڪ ٿي ۽ بعد ۾ ساڻس گڏ رهندي آئي. شاديءَ کان
پوءِ به سڄيءَ سنڌ جي ڪتب خانن ۾ پاڻ کي شاگرد
سمجهي،علم ۽ ادراڪ جي تحصيل ڪندو رهيو. پڙهي پڙهي
آخر وقت جو هڪ وڏو عالم بنجي ويو. شاهه ولي الله
جي لکتن کيس گهڻو ڪجهه متاثر ڪيو، جنهن ڪري مولانا
سنڌي شاهه ولي الله کي پنهنجو امام ڪري مڃيو.
مولانا لکي ٿو ته “آئون ان قابل ٿيس جو اسلام جي
فلسفه کي چڱيءَ پر پروڙڻ ۽ سمجهڻ لڳس(1)
“. تمام گهڻي ۽ مسلسل مطالعي، مولانا محمد اسماعيل
شهيد جي فلسفه کي سياسي اصولن ڏانهن رجوع ڪيو،
جيڪو فطرتي طور انقلابي هو. هن جي حياتي ۽ سکيا
مولانا سنڌيءَ کي اُن جو گرويده بنائي وڌو، ”مان
مولانا محمد اسماعيل شهيد جي لکت مان انقلاب ۽
اسلام بابت هڪ باب تي عمل ڪيو ۽ ان کي پنهنجي
سياسي زندگي ۽ پروگرام لاءِ بنياد قرار ڏنو(2)
“.
هو 1315 هه ۾ ديوبند واپس آيو. هن حديث ۽ فقـه
تي مقالا ۽ مضمون لکيا، جيڪي ديوبند جي علمي حلقن
۾ بيحد پسند ڪيا ويا. هو ديوبند ۾ گهڻو وقت ترسي
نه سگهيو. کيس اندروني احساس مجبور ڪيو ته هو سنڌ
ڏانهن واپس وري. کيس يقين هو ته سنڌ ئي سندس ڪم ۽
خدمت لاءِ صحيح مقام هو. هن امروٽ ۾ اچي سنڌيءَ ۽
عربيءَ جا ناياب نسخا گڏ ڪرڻ شروع ڪيا، جيئن هو
درس تدريس جو سلسلو جاري رکي ۽ پنهنجي نظريي موجب
ئي تعليم ڏئي. اهو ڪو مولانا سنڌيءَ جو اڪيلو خيال
نه هو، پر جيڪي نظرياتي انسان دنيا پيدا ڪيا آهن،
انهن به مالي ذريعن جي ڪميءَ سبب اهڙي نامڪمل
خواهش جو اظهار ڪيو آهي. سکڻو هنيانءُ آخر ڪيترو
ڪم ڪندو؟ ۽ خالي هڙ سان آخر ڇا ٿو ڪري سگهجي؟ پر
1319 هه ۾ حضرت مولانا محمودالحسن جو سڏ پهتو ته
هڪدم ديوبند پهچي وڃ. مولانا سنڌي وڏي
فرمانبرداريءَ سان ديوبند پهتو. شيخ الهند کيس
ديوبند ۾ جمعيت البصر کي پڙهائڻ جو ڪم حوالي ڪيو.
مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا محمد صادق سنڌيءَ
سان گڏ چئن سالن تائين پڙهائيندو رهيو. شاگردن ۾
سندس مرتبو افضل ۽ اعليٰ هو. بعد ۾ شيخ الهند جي
حڪم سان مولانا سنڌيءَ کي دهليءَ موڪليو ته جيئن
مولانا سنڌي دهليءَ جي نوجوان مسلمان دانشورن سان
رابطي ۾ رهي، جيڪي هندستان جي مسلمانن کي ايڪتا ۾
پوئي رهيا هئا. دهليءَ ۾ مولانا جي چوٽيءَ جي
مسلمان دانشورن سان دوستي ٿي وئي، جنهن ۾ مولانا
محمد علي، مولانا ابوالڪلام آزاد، ڊاڪٽر انصاري ۽
نواب وقارالملڪ اچي وڃن ٿا. ”اهڙي طريقي سان
منهنجو هندستان جي مسلمان سياستدانن سان تمام
ويجهو رابطو ٿي ويو(3)
“.
مولانا عبيدالله سنڌي دهليءَ جي فتحپور مسجد ۾
ديني ڪلاس شروع ڪيو،جنهن ۾ تمام گهڻن مسلمانن
داخلا ورتي. انهن شاگردن ۾ مولانا پنهنجا نظريا ۽
خيالات پکيڙيندو رهيو. پوليس کي جڏهن اهو پتو پيو
ته مولانا مٿان سخت چوڪسي شروع ڪئي ويئي. آخرڪار
مولانا کي ڪنهن بهاني اٽڪائي ڇڏيائون، ۽ سندس
نظرياتي اسڪول به بند ٿي ويو. ٽيهن سالن کان وڌيڪ
عرصو هن پڙهڻ ۽ بعد ۾ مسلمانن جي سياسي اصلاح
واسطي غور و فڪر ۽ منصوبه بندي ۾ گذاريو. هن ڏٺو
ته سندس وطن ۽ هم مذهب بيچيني ۽ سياسي شڪنجي ۾
ڦاٿل هئا. مغربي بيٺڪي نظام پوري جوڀن ۽ جواني جي
ڦوهه ۾ هو. اخبارن ۽ ٻين ذريعن وسيلي سرحدن ڀرسان،
مسلمان ملڪن جي سياسي غلامي ۽ اقتصادي بدحالي جو
کيس پورو پتو هو. سندس انقلابي خيالن جو پڙاڏو پري
پري سرڪاري جاسوسن تائين پهچي چڪو هو، جيڪي ڌارئي
سامراج وٽ وڪامي چڪا هئا ۽ سامراجي مفادن جي قوت
جا محافظ بنجي چڪا هئا. پر ان کان اڳ هو پوليس جي
اکين ۾ ڪنڊو هو. هندستان جي بدتر سياسي حالات کان
ڄڻڪ مايوس ٿي چڪو هو. شاهه ولي الله ۽ مولانا محمد
اسماعيل شهيد جي انقلابي نظرين کان ڪافي متاثر هو.
انهن سڀني جي ساڀيان ڏسڻ جو منتظر هو، جڏهن ڌڪاريل
ڌاريا سامراجي هندستان کان هميشه هليا ويندا ۽
سندس هموطن هڪ آزاد ۽ خودمختيار قوم بڻجي سک جو
ساهه کڻندا. جڏهن هو ڪنهن سياسي رستي جو متلاشي هو
ته عين ان وقت شيخ الهند جو کيس ڪابل پهچڻ جو حڪم
مليو. ”مون کي ان متعلق ڪجهه به هدايتون مليل ڪين
هيون ته مون کي ڪابل پهچي ڇا ڪرڻ گهرجي، ان ڪري
مون وٽ هن ترڪِ وطن متعلق ڪو به جذبو نه هو، پر
خدا تعاليٰ منهنجي هن رستي مان سڀ رنڊڪون ڪڍي دور
ڪري ڇڏيون، جنهنڪري آئون رضا ڪارانه طور هندستان
ڇڏي سولائيءَ سان افغانستان پهچي ويس. مان دهليءَ
جي سياسي دوستن کي ڪابل ڏانهن اوچتي هجرت متعلق
اطلاع ڏئي نه سگهيس“(1)
.
هن مان صاف ظاهر آهي ته مولانا کي پتو هو ته
جيڪڏهن پوليس کي سندس ارادي متعلق پتو پئجي ويو ته
سندس افغانستان وڃڻ رڪجي سگهيو ٿي.مولانا عبيدالله
سنڌيءَ جي افغانستان ۾ وڏي آجيان ٿي. انهيءَ مان
اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته شيخ الهند ڳجهي نموني،
مولانا سنڌيءَ جي ڪابل پهچڻ جو اطلاع اڳ ۾ اتي
پهچائي ڇڏيو هوندو. ”ڪابل حڪومت جي تعاون سان مان
هندستان ۾ ڇڏيل اڌ گيدي ڪم کي اڳتي وڌائڻ جي قابل
بڻجي ويس. 1916ع ۾ مون کي امير حبيب الله خان حڪم
ڏنو ته هندن جي تعاون سان ڪابل جي سرحدن اندر آئون
سياسي ڪم شروع ڪريان. پوءِ مان ڪانگريس جي پارٽي ۾
رجسٽر ٿيس ۽ ان جي پروپئگنڊا شروع ڪيم. امير امان
الله جي دور حڪمراني ۾ مون 1922ع ۾ ڪابل ۾ ڪانگريس
جو بنياد رکيو ۽ ڊاڪٽر انصاري جي مدد سان ان آفيس
کي مرڪزي آل انڊيا ڪانگريس سان متعلق ڪيو ويو.
اهڙو فيصلو گايا اجلاس ۾ ڪيو ويو برطانوي هندستان
کان ٻاهر ڪانگريس جي هيءَ پهرين شاخ هئي، ۽ مون کي
فخر آهي ته آئون ان جو پهريون صدر آهيان“.
ڪابل ۾ ڪانگريس جي شاخ جي بنياد وجهڻ کان هڪ سال
پوءِ هو ماسڪو ڏانهن روانو ٿيو، جتي هو ست مهينا
رهيو. مولانا جي سامراج دشمن رويي جي ڪري، جنهن
کان روس جي حڪومت باخبر هئي، سندس چڱيءَ پر آجيان
ڪئي ۽ کين سماجوادي نظام جي ڳوڙهي مطالعي واسطي سڀ
سهولتون مهيا ڪري ڏنيون. ”اهو صحيح ناهي ته مون ان
وقت، ساٿي لينن سان ملاقات ڪئي. هن جي طبيعت ايڏي
ناچاق هئي، جو هو ويجهي کان ويجهي دوست سان به نه
ٿي ملي سگهيو...“ ”جيتوڻيڪ آئون سماج وادي نظام
کان متاثر هوس، پر شاهه ولي الله جي اصولن جيڪو
مون ۾ يقين پيدا ڪيو هو، تنهنڪري هر ڪنهن ازم کان
آزاد هوس.“(2)
ماسڪو ۾ ترسڻ وقت هن روس ۾ ترڪيءَ جي سفير سان
واقفيت پيدا ڪري ورتي. ان جي مدد سان هن ترڪي جي
دوري جي اجازت ورتي ۽ لڪ چوري سفر جو بندوبست ترڪي
حڪومت پاڻ ڪيو. ”برطانوي حڪومت جي سي.آءِ.ڊي کي
مولانا جي ترڪيءَ جي دوري جو اڳواٽ ڪو به پتو نه
پئجي سگهيو“.(3)
اهو هن مان ظاهر آهي ته برطانوي حڪومت مولانا کي
خطرناڪ ماڻهو سمجهي پنهنجا گماشتا سندس ڪڍ لائي
ڇڏيا هئا. برطانوي حڪومت جي ناراچنچو ۾، وطن کان
ڪوهين دور هو، پر ان ڳالهه کان بيپرواهه. کيس فقط
اها
اُڻ تـُـڻ هئي ته سندس وطن آزاد ٿئي. تحقيق هن
خطرناڪ زندگي گذاري ۽ خطرن ۾ وڪوڙيل هجڻ جي باوجود
ڏاڍو مطمئن هو. مولانا صاحب پورا ٽي سال ترڪيءَ ۾
هندستان جي آزاديءَ لاءِ منصوبه بنديءَ ۾ گذاريا ۽
ٻين مسلمان ملڪن کي به مغربي سامراج سان ٽڪر کائڻ
لاءِ همٿايو، اهو سامراج جيڪو سندن آزاديءَ سان
کيڏي رهيو هو.
مغربي سامراج جي بيٺڪي نظام خلاف چونڊ لاءِ
انقلابي حريت پسند زير زمين ڪم ڪري رهيا هئا. ان
ردِ عمل ۾ اسلامي دنيا جو هر مسلمان ملڪ ڄڻڪ ويل ۾
ڦاٿل هو. مڪي ۾ اسلامي دنيا جي مسلمان ملڪن مسلم
ڪانگريس جو اجلاس 1344 هه ۾ ڪوٺايو، جتي هر مسلمان
ملڪ کي شريڪ ٿيڻو هو. مولانا سنڌي ان کي بهتر
سمجهيو ته ٻين مسلمان ملڪن جي سياسي اڳواڻن جي
تجربن مان هي فائدو حاصل ڪيو ويو، ۽ سندس تجربن
مان ٻيا مسلمان ملڪ فائدو حاصل ڪندا. اهڙو خيال دل
۾ رکي، مولانا اٽليءَ رستي ترڪيءَ کان مڪه معظم
ڏانهن روانو ٿيو. برطانوي حڪومت جي سي.آءِ.ڊي ۽
گماشتن، مولانا جي سفر دوران راهه ۾ رنڊڪون وجهندا
آيا، جيئن مولانا وقت تي رسي نه سگهي. هو پنهنجي
مقصد ۾ ڪامياب ويا، ۽ مولانا 1345 هه ۾ ان وقت مڪي
پهتو، جڏهن اجلاس ختم ٿي چڪو هو. مولانا انهن
مسلمان ملڪن جي اڳواڻن سان ملڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جيڪي
اجلاس کان پوءِ مڪه معظمه ۾ ترسيا پيا هئا. اهڙيءَ
طرح مولانا ڪنهن حد تائين اسلامي دنيا سان رابطي
وڌائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. مڪه معظمه ۾ کيس دوستن جي ڪتب
خانن ڏسڻ جو وڏو موقعو مليو، جنهن مان باقاعده
مطالعو ڪري پنهنجي علم کي وسيع بنايو. مڪه معظمه
اسلامي دنيا جو مرڪز آهي. هر مسلمان ملڪ جا اڳواڻ
هتي ايندا رهندا هئا. مولانا صاحب جو اهو خيال هو
ته هن طريقي سان هر مسلمان ملڪ جي تازه ترين سياسي
صورتحال معلوم ڪري سگهجي ٿي.
1935ع وارو گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ پاس ٿي چڪو هو،
تنهنڪري اميدون پيدا ٿيون ته مرڪز ۽ صوبائي حڪومتن
۾ مقامي گهڻائيءَ واريون پارٽيون حڪومت ڪنديون.
هندن ۽ مسلمانن ۾ سياسي سجاڳي اچي وئي هئي ۽
برطانوي سرڪار ذمه دارانه احساس طور مکيه مطالبن
کي مڃڻ لاءِ واپاري ذهنيت واري ڏي وٺ واري طريقي
پهريان سبق سکي رهي هئي. 1936ع ۾ آل انڊيا ڪانگريس
مولانا عبيدالله سنڌي تان پابنديون هٽائڻ ۽
هندستان ۾ اچڻ لاءِ گهرون پيش ڪيون،جن جي سڀني
پارٽين تائيد ڪئي. 1937ع جي شروع ۾ ڪن صوبن کي به
خودمختيار حيثيت ملي. انهن به برطانوي حڪومت کان
مطالبو ڪيو ته مولانا کي هندستان جو پاسپورٽ ڏنو
وڃي، جيئن ته هو پنهنجي جنم ڀومي ۾ واپس پهچي.
برطانوي حڪومت وڏي ڪن لاٽار کان پوءِ پهرين نومبر
1937ع تي مولانا صاحب کي اطلاع ڏنو ته هو هندستان
وڃي سگهي ٿو. پهرين جنوري 1938ع تي کيس هندستان جو
پاسپورٽ ڏنو ويو. هو اڳ ۾ ئي هندستان پهچڻ کان
پوءِ هندستان ۾ سياسي منصوبه بندي ۽ سياسي
ڪارگذارين متعلق سوچي رهيو هو. جيتوڻيڪ هي ڪافي
معمر هو پر دل جو جوان هيس. هو سخت بي چينيءَ سان
انتظار ڪري رهيو هو ته ڪڏهن سندس ماتر ڀومي
برطانوي غلاميءَ مان آزاد ٿيندي.
|