عبدالستار پيرزادو
جي.ايم.سيد
پيرزادو صاحب سنڌ جي موجوده پارليامينٽري سياستدانن ۾ مکيه درجو رکي ٿو.
پاڪستان آئين ساز اسيمبليءَ، سنڌ اسيمبليءَ ۽
مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ هن جيڪو اهم پارٽ ادا
ڪيو، سو لائق ستائش آهي. سنڌ اسيمبليءَ ۽ مغربي
پاڪستان اسيمبليءَ ۾، هن جي شخصيت هميشه حاوي
رهندي هئي. سندس مقابلي جو ٻيو ماڻهو اتي ڪونه هو.
اسيمبليءَ اندر پارليامينٽري ڪاروبار لاءِ، هي
اهڙي لياقت رکي ٿو، جنهن جهڙا فرد ڇٽا لڀندا.
هي سکر شهر جي مشهور معروف ولي الله شاهه خير الدين عليـه الرحمت جي درگاهه
تي پيرزادن جي خاندان مان آهي، جي پراڻي سکر ۾
گهڻي وقت کان خاص خانداني حيثيت، طاقت ۽ لڳ لاڳاپو
رکندا آيا آهن. هن جي والد ميان عبدالرحمان کي ٽي
فرزند ٿيا:(1) حاجي ميان عبدالرزاق، (2) مسٽر
عبدالستار، ۽ (3) مسٽر عبدالغني.
مسٽر عبدالستار پراڻي سکر ۾، 4 - جولاءِ 1907ع تي ڄائو هو. ابتدائي تعليم
پراڻي سکر جي سنڌي اسڪول ۾ ورتائين. سيڪنڊري تعليم
پهريائين ميولس اي. وي. اسڪول ۾ ورتائين، پوءِ تلڪ
ميونسپل هاءِ اسڪول سکر منجهان 1923ع ۾ ميٽرڪ جو
امتحان ڏنائين. انٽر آرٽس، ميٿيمٽڪس ۾ امتيازي
درجي سان 1925ع ۾ پاس ڪيائين. آگسٽ 1927ع ۾،
انگلينڊ تعليم لاءِ روانو ٿيو، جتي لنڊن يونيورسٽي
ڪاليج ۾ ميٿميٽڪس ۾ ڊگري ڪورس واسطي ۽ ”لنڪنس اِن“
۾ بار لاءِ داخل ٿيو. هن اُتي 1929ع ۾، بار جا
امتحان ڏنا ۽ جولاءِ 1930ع ۾ بارسٽر ٿيو. ڊسمبر
1930ع ۾ موٽي آيو ۽ جڊيشل ڪمشنر جي ڪورٽ مان
سـَـنـَـد وٺڻ بعد، سکر ۾ وڪالت ڪرڻ شروع ڪيائين.
پهريان چار سال هي سمورو وقت پنهنجي وڪالت جي ڪم ۾ مشغول رهيو. 33 - 1932ع
۾، هي اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر سکر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو،
۽ 38 -1937ع ۾ هڪ سال لاءِ، جيڪب آباد ضلعي جو
پبلڪ پراسيڪيوٽر ٿي رهيو. 1934ع ۾، هي سکر
ميونسپلٽيءَ ۾، ميمبر چونڊجي آيو، ۽ ميونسپل اسڪول
بورڊ سکر جو چيئرمن چونڊيو. ٻئي سال سکر
ميونسپالٽيءَ جو وائيس پريزيڊنٽ چونڊيو ويو.
سنڌ جدا ٿيڻ بعد، سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ هي سکر تڪ مان چونڊجي آيو، ابتدا
۾ هي سر غلام حسين وزارت جو مددگار ميمبر ٿي رهيو.
1938ع ۾، سر غلام حسين جي وزارت کي شڪست آئي ۽
الهه بخش وزارت قائم ٿي، ته ان ۾ هن کي
پارليامينٽري سيڪريٽري ڪري کنيو ويو. 1940ع ۾ سکر
منزل گاهه مسجد واري سوال تان الهه بخش وزارت کي
شڪست آئي، ۽ مير بنده علي خان جي وزارت قائم ٿي.
هيءُ الهه بخش سان گڏ مخالفت ۾ رهيو. وري جڏهن
1940ع ۾، مير بنده علي خان جي مسلم ليگ ۽ وزارت کي
شڪست ملي، ۽ الهه بخش وزارت قائم ٿي، ته هن کي
وزير ڪري کنيو ويو. پبلڪ ورڪس، اريگيشن ۽ صحت جا
کاتا هن جي چارج ۾ هئا. سيپٽمبر 1942ع تي خانبهادر
الهه بخش، ڪانگريس جي ”ڪـُـئٽ انڊيا“ تحريڪ جي
سلسلي ۾ برٽش حڪومت طرفان سختيءَ جي پاليسيءَ
اختيار ڪرڻ تي، صداي احتجاج ڪندي، پنهنجا لقب
سرڪار کي واپس ڪيا، ان تي سندس وزارت کي ڊسمس ڪيو
ويو. سر غلام حسين وزارت ٺاهي، جنهن ۾ پيرزادي
صاحب کي نه کنيو ويو. مئي 1943ع ۾، الهه بخش مرحوم
شهيد ٿيو. ان کان پوءِ هي ڪجهه وقت لاءِ، سياست
طرف گهٽ توجهه ڏيئي، پنهنجي وڪالت جي ڪم ۾ مشغول
رهيو.
1945ع تائين هي مسلم ليگ کان ٻاهر رهيو. سال جي آخر ۾ نئين چونڊن لاءِ
تياريون ٿيڻ لڳيون. ان وقت ڪانگريس کان سواءِ، ڪا
به پارٽي مخالفت ۾ نه هئي، ان ڪري به مسلم ليگ ۾
شامل ٿي ويو. جنوري 1946ع جي چونڊن ۾، هي مسلم ليگ
ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ چونڊجي آيو. ٿوري وقت کان
پوءِ جڏهن سر غلام حسين جي وزارت لوڏي ۾ آئي، ته
هن کي تعليم، لوڪل سيلف گورنمينٽ ۽ قانون جا کاتا
ڏيئي وزير مقرر ڪيو ويو. ساڳئي سال ۾ هو مسلم ليگ
طرفان آئين ساز اسيمبليءَ تي ميمبر چونڊيو ويو،
جتي هي ”پبلڪ پرينسپلس ڪميٽي“ جو چيئرمين ٿي رهيو.
سيپٽمبر 1946ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ وزارت کي اڪثريت
نه ٿي. گورنر ٻي پارٽيءَ کي وزارت ٺاهڻ جي چانس
ڏيڻ کان سواءِ نئين سر چونڊون ڪرايون. انهن ۾ وري
هي چونڊجي آيو، ۽ سر غلام حسين جي وزارت ۾ وري
دوباره وزير مقرر ٿيو. هن دفعي روينيو ۽ قانون جا
کاتا سندن حوالي ڪيا ويا. ان وقت هن موجوده سنڌ
ڪوڊ تيار ڪرايو، جنهن ۾ سڀ قانون نئين سر سڌاريا
ويا هئا. 14 - آگسٽ 1947ع تي پاڪستان بنجڻ تائين
ان جاءِ تي وزير رهيو. ان کان پوءِ سر غلام حسين
کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو، ۽ خانبهادر کهڙي
سنڌ جي وزارت ٺاهي. ان ۾ پيرزادي صاحب کي شامل نه
ڪيو ويو.
سيپٽمبر 1947ع تي، هن کي اقوام متحده ۾ پاڪستان طرفان موڪليل نمائندن ۾ شامل
ڪيو ويو، جتان ڊسمبر ۾ واپس آيو. سگهو ئي هن کي
مرڪزي حڪومت پاڪستان ۾ وزير ڪري رکيو ويو، جتي
فوڊ، زراعت ۽ صحت جا کاتا هن جي حوالي رهيا. مسٽر
منڊل جي ڀارت وڃڻ بعد هن کي هيلٿ کاتي جي عيوض
قانون جو کاتو مليو. مرڪزي وزارت ۾ گورنر جنرل
غلام محمد خان جي هٿان سر ناظم الدين جي وزارت جي
ڏينهن ۾ ڊسمس ٿيڻ تائين رهندو آيو. مرڪزي وزارت جي
ڏينهن ۾ پڻ هن ڪيترائي قانون پاس ڪرايا.
اپريل 1953ع تي، سنڌ ۾ نئين سر چونڊون ٿيون. ان ۾ خانبهادر کهڙو، قاضي فضل
الله، غلام نبي خان پٺاڻ وغيره، پروڊا ڪري ميمبر
چونڊجي نه سگهيا. مسلم ليگ پارٽي ميمبرن جي اڪثريت
چونڊجي آئي. هي اسيمبليءَ جو ميمبر ڪونه هو، پر
مير غلام علي خان جي مدد سان هن کي پارٽيءَ جو
ليڊر چونڊي، وزيراعليٰ ڪيو ويو. 23 - مئي 1953ع تي
هن اها چارج ورتي. ان وقت آئون ۽ ٻيا ڪي دوست
متحده محاذ طرفان چونڊجي آيا هئاسون ۽ مخالفت ۾
ويٺاسون. هن جو رويو مخالفن سان همدردانه رهيو.
سندس مدد سان اسان ڪراچي موٽي سنڌ کي ڏيڻ لاءِ
ٺهراءُ پاس ڪرائي سگهياسون. اهڙيءَ طرح سنڌين جي
حقن جي درخواست اسيمبليءَ کان پاس ڪرائي، مرڪزي
حڪومت کي موڪلي سون. سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي
ٺهرائڻ جي تجويز به ان وقت ۾ پاس ڪرائي سگهياسون.
هن سنڌي ادبي بورڊ لاءِ ڏهه لک ۽ شاهه لطيف ڪلچرل
سينٽر لاءِ حڪومت طرفان 25 لک رپيا منظور ڪيا، جي
پوءِ ون يونٽ ٺهڻ ڪري نه ملي سگهيا.
1954ع ۾، سندس وزارت جي ٽن وزيرن - قاضي محمد اڪبر، سيد علي محمد شاهه راشدي
۽ خانصاحب غلام رسول ڪيهر- ڪن ڳالهين تان ناراض ٿي
بغاوت ڪئي، ليڪن هن مرڪزي حڪومت جي مشوري سان
وزيرن جو تعداد وڌائي پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪري
ورتي، ۽ ٽنهي وزيرن کي ڊسمس ڪري ڇڏيو. انهيءَ وقت
ڌاري آئين ساز اسيمبليءَ جي بنيادي حقن واريءَ
ڪميٽي اڳيان مغربي پاڪستان جي صوبن کي ملائي ون
يونٽ ۾ داخل ڪرڻ جي تجويز پيش ٿي. هن ان جي مخالفت
ڪئي، ۽ رٿ کري پيئي. رٿ جي فائدي ۾ صرف ٽي ووٽ
ٿيا. گورنر جنرل مسٽر غلام محمد پوءِ زوريءَ ان
تجويز کي پاس ڪرائڻ لاءِ رٿون رٿڻ لڳو. ان وقت
مسٽر غلام محمد ولايت ويل هو ۽ سندس غير حاضريءَ ۾
آئين ساز اسيمبليءَ، گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ ۾
ترميم ڪري، گورنر جنرل کان ڪجهه اختيار کسي ڇڏيا.
ولايت کان واپس اچڻ بعد هن پاڪستان جي آئين ساز
اسيمبليءَ کي ڊسمس ڪري ڇڏيو، تنهن کان پوءِ ون
يونٽ کي ٺاهڻ لاءِ هن مغربي پاڪستان صوبن جي سڀني
وزيراعظمن جي ڪانفرنس ان مسئلي تي غور ڪرڻ لاءِ
گهرائي. ان ڪانفرنس ۾ پيرزادي ون يونٽ يا زونل
فيڊريشن ٺاهڻ جي مخالفت ڪئي. نومبر 1954ع ۾ هن تي
مرڪزي حڪومت طرفان زور پيو ته ون يونٽ جو ٺاهڻ
قبول ڪر يا استعيفا ڏي. هن پنهنجي پارٽيءَ ۽ اسان
کي گهرائي صلاح ڪئي، جتي سڀني کيس يڪراءِ چيو ته
اسيمبليءَ جو اجلاس گهرائي، ان کان ون يونٽ جي
خلاف ٺهراءُ پاس ڪرائي، کين موڪلي ڏي. اڃان انهيءَ
اجلاس سڏائڻ جي تيارين ۾ هو ته هن کي استعيفا ڏيڻ
لاءِ چيو ويو. هن ون يونٽ قبول ڪرڻ يا استعيفا ڏيڻ
کان انڪار ڪيو. ان تي هن کي 9 - نومبر 1954ع تي
ڊسمس ڪيو ويو، جنهن تي هن اخبارن ۾ پنهنجي راءِ
بابت بيان ڏنو.
خانبهادر محمد ايوب کهڙو ان وقت پروڊا هيٺ سياست کان ڊسڪئاليفاءِ ٿيل هو.
گورنر جنرل ان کان ون يونٽ جي فائدي ۾ ٺهراءُ پاس
ڪرائڻ جو انجام وٺي، سندس ڊسڪئاليفڪيشن دور ڪري،
کيس وزيراعليٰ مقرر ڪيو، جنهن ۾ پير علي محمد
راشدي ۽ قاضي محمد اڪبر وزير ڪري کنيائين. ترت ئي
مون کي جيل ۾ موڪليو ويو. خانبهادر کهڙي حيدرآباد
۾، 21 - ڊسمبر 1954ع تي، سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس،
پوليس ۽ اي.پي.آر جي پهري هيٺ گهرائي، ان جي
اسپيڪر مير غلام علي خان کي نظربند ڪري، ٿرپارڪر
جي مـِـٺــِـي ڳوٺ ڏانهن اُماڻي، ميمبرن کان
زوريءَ ون يونٽ جو ٺهراءُ پاس ڪرايو. ٺهراءَ جي
مخالفت ۾ صرف چار ميمبر ويا. پيرزادو صاحب اجلاس ۾
شريڪ نه ٿيو.
سگهو ئي پوءِ مغربي پاڪستان صوبو وجود ۾ آيو. ان جو وزيراعليٰ ڊاڪٽر خانصاحب
کي مقرر ڪيو ويو. کهڙو ۽ دولتانه صاحب ون يونٽ جا
معمار ان جي وزارت ۾ شامل ڪيا ويا. ٿوري وقت بعد،
1956ع ۾، مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جي ميمبرن جي اڻ
سڌيءَ طرح چونڊ ٿي. مسلم ليگ وارن ڊاڪٽر خانصاحب
جي عيوض سردار بهادر خان کي وزيراعظم چونڊڻ ٿي
گهريو. مرڪزي حڪومت طرفان ان جي مخالفت ٿي ۽ ڊاڪٽر
صاحب کي اجازت ڏني وئي ته ميمبرن کي ڊپ ۽ لالچون
ڏيئي، هر صورت ۾ پنهنجي وزارت مضبوط ڪري. مسلم ليگ
جي دور حڪومت کان ماڻهو تنگ اچي چڪا هئا، ۽ سگهو
ئي ڊاڪٽر خانصاحب کي اڪثريت حاصل ٿي ويئي. سنڌ مان
سندس وزارت ۾ قاضي فضل الله، مير علي احمد خان ۽
پيرزادي صاحب کي کنيو ويو. پيرزادي کي قانون ۽
زراعت جو پورٽفوليو چارج ۾ ڏنو ويو. سندس وزير ٿيڻ
بعد، اسيمبليءَ اندر پارليامينٽري ڪاروبار زياده
تر هي هلائيندو هو.
جيتوڻيڪ اسان مخالفت ۾ ويٺا هئاسون، پر وزارت کي شڪست کان بچائڻ ۾ مدد ڪندا
هئاسون. مسلم ليگ پارٽيءَ ٻه - ٽي دفعا ان کي
ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان ۾ ناڪامياب ٿي. ان تي
مسلم ليگ اسيمبلي پارٽيءَ اسان سان ساز باز لاءِ
گفتگو ڪئي. اسان شرط وڌو ته ون يونٽ ڊاهڻ جي
ٺهراءُ کي پاس ڪرائڻ ۾، اسان جي مدد ڪندا، ته اسان
ساڻن شريڪ ٿي سگهنداسون. ان تي هنن لکيت ۾ اسان
سان اهڙو سمجهوتو ڪيو. جڏهن اهو ٺهراءُ اسيمبليءَ
اڳيان پيش ٿيو، ته نواب گرماني، گورنر مغربي
پاڪستان جي زور بار پوڻ تي، ڊاڪٽر خانصاحب ان
ٺهراءُ جي مخالفت ڪرائي. پيرزادو عبدالستار ان تي
ناراض ٿي، هال ڇڏي ويو. ليڪن اسپيڪر جي مدد سان
اهو ٺهراءُ، هنن ٽائيم اندر پاس ڪرڻ کان روڪي
ڇڏيو، ۽ ٽائيم پوري ٿيڻ ڪري ٺهراءُ رهجي ويو. ان
تي اسان مخالفت سان گڏجي، ڊاڪٽر خانصاحب جي وزارت
جي مخالفت ڪئي، جنهن تي هائوس ۾ ميجارٽي نه هئڻ
ڪري، گورنر کان اسيمبلي مهمل ڪرائي ويئي. ڪجهه وقت
حڪومت گورنر جي هٿ ۾ رهي. ان کان پوءِ وري سردار
عبدالرشيد جي هٿ هيٺ نئين وزارت ٺهي، جنهن ۾ به
پيرزادي کي وزير ڪري کنيو ويو. انهيءَ عرصي ۾ رئيس
غلام مصطفيٰ خان ڀرڳڙيءَ طرفان ون يونٽ کي ڊاهڻ جو
ٺهراءُ ٻيهر مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيو.
هن دفعي ريپبليڪن پارٽيءَ سان اسان ٺهراءُ پاس ڪرڻ
جو لکيت ۾ سمجهوتو ڪيو هو. ٺهراءُ اچڻ بعد قانوني
حجت اٿاري ويئي ته اهو ٺهراءُ صوبائي اسيمبليءَ
اڳيان اچي نٿو سگهي. پيرزادي، وزير قانون هئڻ ڪري،
راءِ ڏني ته اهو ٺهراءُ اچي سگهيو ٿي. ان تي
ٺهراءُ پاس ٿي ويو.
1958ع تائين هي مغربي پاڪستان حڪومت ۾ وزير ٿي رهندو آيو. مارشل لا ملڪ سان
لاڳو ٿيڻ بعد هي سياست کان ڪناره ڪشي ڪري، وڪالت
ڪرڻ لڳو.
سنڌ جي اڪثر سياست عمل جي پيرو سياستدانن وانگر هن پڻ طاقت ذريعي خدمت ڪرڻ
کي ترجيح پئي ڏني آهي. ملڪ جي ڪنهن قومي هلچل يا
سياسي تحريڪ ۾ هن ڪو نمايان حصو نه ورتو آهي،
انڪري هر ڪنهن گروهه جي وزارت ۾ شامل پئي رهيو
آهي. باوجود گهڻو وقت طاقت ۾ رهڻ جي، هيءُ اسيمبلي
اندر پوئلڳ ميمبرن جو وڏو گروهه پاڻ سان ڪٺو رکي
نه سگهيو، ان جو مکيه سبب اهو چيو وڃي ٿو ته
پنهنجن کاتن سان تعلق رکندڙ سوالن کي ترت فيصل ڪرڻ
جي منجهس قوت نه هئي. ميمبرن کي راضي ڪرڻ لاءِ هو
حد کان ٻاهر نه ويندو هو. اڪثر ميمبر ڪم جا يار
هوندا آهن. صرف ڳالهيون کين راضي نه رکي سگهنديون
آهن. ازانسواءِ ٻيا وزير، خصوصاً قاضي فضل الله ۽
مير غلام علي خان، سدائين ميمبرن کي پاڻ وٽ رهائي،
انهن کي کانا کارائيندا هئا. هي ان ڳالهه ۾ ڪشاده
دست نه هو. هي ميمبرن جي هر گهـُـر کي پوري ڪرڻ
لاءِ تيار نه هو. زياده دور انديش هئڻ ڪري،
سيڪريٽرين جي راءِ خلاف اڪثر حالت ۾ فيصلو نه ڪندو
هو.
هيءُ هندستاني وڏي راڳ جو شوقين ۽ سنڌي ڪافين ۾ دلچسپي وٺندو رهيو آهي. پاڻ
به سٺو راڳ ڳائي ڄاڻي. باغن ۽ گلن ۾ خاص دلچسپي
اٿس، پاڪستان باغن جي سوسائٽيءَ جو پريزيڊنٽ رهي
چڪو آهي، کيس ان لاءِ آمريڪن گارڊننگ انسٽيٽيوٽ
کان ميڊل به مليل آهي. هيءُ نازڪ ۽ محبت واري دل
رکندڙ آهي، ان ڪري خوف ۽ مشڪلات جي وقت ذرا ڪمزور
ٿيو وڃي. عمل جي ميدان ۾ جدوجهد بدران آسان رويءَ
سان اڪثر زياده چاهه ڏيکاريو اٿس.
(نوٽ: هي مضمون ان وقت جو لکيل آهي، جڏهن پيرزادو صاحب حيات هو.__ادارو )
(”جنب گذاريم جن سين“ تان کنيل)
قاضي فضل الله
جي.ايم.سيد
قاضي صاحب جو والد ميان عبيدالله پرائمري اسڪول جو ماستر هو. کيس چار فرزند
ٿيا:
(1) قاضي ميان عبدالحڪيم، (2) قاضي ميان نور
الدين، (3) حڪيم شمس الدين احمد ۽ (4) قاضي فضل
الله. انهن مان پهريون نمبر فرزند 1911ع ۾ وفات
ڪري ويو، کيس اولاد ڪونه ٿيو. ٻيو نمبر فرزند ميان
نور الدين حيات آهي. زمينداري سنڀاليندو آهي، هن
کي ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون آهن. ٽيون نمبر حڪيم ميان
شمس الدين احمد صاحب سنڌ جي چوٽيءَ جي حڪيمن مان
ٿي گذريو آهي. 1919ع ۾ شروع ٿيل خلافت تحريڪ ۾
حڪيم صاحب گهڻو بهرو ورتو، صوبه سنڌ خلافت ڪميٽيءَ
جو جنرل سيڪريٽري پڻ ٿي رهيو هو. سندس اکر نهايت
عمدا هئا، طب تي ڪيترا ڪتاب لکيا اٿس، يار ويس ۽
فياض ڪارڪن هو، کيس نرينو اولاد ڪونه ٿيو.
قاضي ميان فضل الله سڀني ڀائرن ۾ ننڍو آهي. هو 15 - جنوري 1902ع تي، نوشهري
جي ڳوٺ ۾ ڄائو هو. ابتدائي تعليم ڳوٺ جي سنڌي
اسڪول ۾ وٺي، سيڪنڊري تعليم ڇهن درجن تائين نوشهري
مدرسه هاءِ اسڪول ۾ ورتائين، پوءِ سنڌ مدرسة ڪراچي
مان 1920ع ۾، مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. اتان
ساڳئي سال عليڳڙهه ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ ويو. خلافت
تحريڪ ڪري عليڳڙهه يونيورسٽيءَ جي ڪن شاگردن
مولانا محمد علي جوهر جي چوڻ تي عليڳڙهه ڪاليج کي
انگريزن جي مددگارن جو مکيه اڏو سمجهي، بائيڪاٽ
ڪيو. انهن شاگردن مان قاضي فضل الله به هڪ هو.
اتان هي شاگرد اچي جامع مليه دهليءَ ۾ پڙهڻ لڳا،
جن مان ڪيترا 1921ع جي شروع ۾، مولانا محمد علي جي
حڪم موجب پڙهڻ ڇڏي اچي قطع تعلقات ۽ خلافت تحريڪ ۾
ڪم ڪرڻ لڳا. قاضي صاحب به انهي ڪري پڙهڻ ڇڏي،
1923ع تائين قومي ڪارڪن ٿي رهيو. پوءِ جڏهن خلافت
هلچل جهڪي ٿي ته 1923ع ۾ قاضي صاحب حيدرآباد جي
نيشنل ڪاليج ۾ پڙهڻ شروع ڪيو. تان 1923ع ۾ ڪراچيءَ
جي ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ۾ اچي داخل ٿيو، ۽ 1927ع ۾
بي.اي. جو امتحان پاس ڪيائين. ان کان پوءِ شهاڻي
ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهي، 1929ع ۾ ايل.ايل.بي. جو
امتحان پاس ڪيائين.
قاضي ميان فضل الله پوءِ سال 1931ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪرڻ شروع ڪئي. ساڻس
گڏ مسٽر محمد حنيف صديقي شڪارپور وارو وڪالت ڪندو
هو. ٿوري وقت کان پوءِ هي مڪاني سياست ۾ حصو وٺڻ
لڳو. خانبهادر محمد ايوب کهڙي سان دوستي ٿيس.
1944ع ۾ لاڙڪاڻي ميونسپالٽيءَ تي ميمبر چونڊجي
آيو. سنڌ جدا ٿيڻ تي، جنوري 1937ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ
جي چونڊن ۾ هن ۽ خانبهادر محمد ايوب کهڙي، شيخ
عبدالمجيد سنڌيءَ کي دعوت ڏيئي، رتيديري ۾ مير خان
تڪ مان سر شاهنواز خان ڀٽي، لاڙڪاڻي ضلعي جي بااثر
زميندار ۽ ان وقت سنڌ سرڪار جي صلاحڪار وزير جي
سامهون اميدوار بيهاريو. ڀٽي خاندان جون
زمينداريون ۽ لڳ لاڳاپا انهيءَ تڪ ۾ گهڻا هئا،
ليڪن قاضي صاحب ۽ سندن دوستن جي سرجوشيءَ ۽ محنت
ڪري، شيخ صاحب ڀٽي صاحب کي شڪست ڏيئي ويو. ان
ڪاميابيءَ ۾ جيڪڏهن ڪجهه دخل شيخ صاحب جي مقبوليت
جو هو، ته گهڻو حصو قاضي صاحب ۽ کهڙي صاحب جي اڻٿڪ
ڪوششن جو هو. ان وقت کان قاضي صاحب جي سياسي شهرت
۽ اثر ضلعي ۽ سنڌ ۾ ظاهر ٿيڻ لڳو. 1939ع ۾ هي
ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ لاڙڪاڻي جو چيئرمين چونڊيو ويو،
جتي هن ڳوٺاڻي تعليم ۾ چڱي دلچسپي ورتي. ان کان
پوءِ 1945ع ۾ هن کي ضلعي لاڙڪاڻي لوڪلبورڊ جو
پريزيڊنٽ چونڊيو ويو، جنهن عهدي تي هي گهڻي وقت
تائين هلندو آيو. 1946ع ۾ جڏهن سنڌ اسيمبليءَ ختم
ڪري، گورنر موڊي نيون چونڊون ڪرايون، ته هي ڏوڪري
- وارهه تڪ مان سنڌ اسيمبليءَ تي چونڊجي آيو.
1947ع ۾، جڏهن پاڪستان قائم ٿيو ۽ سر غلام حسين،
گورنر موديءَ جي پنجاب وڃڻ کان پوءِ، سنڌ جو گورنر
ٿيو، ته خانبهادر محمد ايوب کهڙي سنڌ جي وزيراعليٰ
جي چارج ورتي. ان جي وزارت ۾، قاضي صاحب کي وزير
ڪري رکيو ويو، ۽ کيس لئنڊ روينيو جو پورٽفوليو ڏنو
ويو. ٻئي سال ۾ ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڇني، مرڪزي
حڪومت جي ماتحت ڪرڻ جي سوال تان، خانبهادر کهڙي جو
مرڪزي حڪومت سان اختلاف ٿيو ۽ ان وقت جي گورنر
جنرل مسٽر محمد علي جناح هن جي وزارت کي ڊسمس ڪري،
پير الاهي بخش جي وزارت وجود ۾ آندي، ته کهڙي صاحب
سان گڏ هيءُ به وزارت کان ٻاهر نڪتو. ان بعد ڪجهه
وقت لاءِ پير الاهي بخش صاحب سنڌ جو وزيراعليٰ ٿي،
ڪم هلايو. 1949ع ۾، منهنجي اليڪشن پٽيشن ۾ ٽربيونل
جي فيصلي موجب جڏهن پير صاحب کي ميمبريءَ کان خارج
ڪيو ويو، ۽ سندس جاءِ تي وزيراعظميءَ جي چارج مسٽر
يوسف هارون کي ڏياري ويئي، تڏهن ان وزارت ۾ قاضي
صاحب کي هوم منسٽر ڪري کنيو ويو. يوسف هارون سنڌ
اسيمبليءَ جو ميمبر ڪونه هو. هن پهرين سانگهڙ،
پوءِ نوابشاهه، پوءِ دادوءَ جي ضمني چونڊن ۾
چونڊجڻ جي ڪوشش ڪئي، ليڪن خانبهادر کهڙي جي مخالفت
ڪري، هو ٽنهي تڪن مان چونڊجڻ جي اميد نه ڏسي،
اميدوار نه بيٺو. ان ڪري هن خانبهادر کهڙي جي
طرفدار وزير قاضي فضل الله کي وزارت مان ڪڍي مير
غلام علي خان کي آندو. ان کان پوءِ منجهن سمجهوتي
ٿيڻ بعد 20 - جنوري 1950ع تي وري قاضي صاحب کي
يوسف هارون جي وزارت ۾ آندو ويو، جتي کيس هوم کاتو
چارج ۾ ڏنو ويو.
8 - مئي 1950ع تي، يوسف هارون کي پاڪستان سرڪار آسٽريليا ۾ سفير ڪري موڪليو.
ان جي جاءِ تي قاضي صاحب کي وزيراعليٰ ڪري رکيو
ويو. سندس وزارت ۾ مير غلام علي خان ٽالپر، سيد
ميران محمد شاهه ۽ آغا غلام نبي خان پٺاڻ وزير
مقرر ٿيا. ٿوري وقت کان پوءِ مرڪزي سرڪار جي
وزيراعظم لياقت علي خان جي کهڙي صاحب تي ڪاوڙ جهڪي
ٿي ۽ کيس ڪورٽ ۾ سڀني چارجن کان آزاد ڪيو، ته وري
کهڙي صاحب 25 - مارچ 1951ع تي وزيراعليٰ جي چارج
ورتي، جنهن ۾ قاضي صاحب کي هوم منسٽر ڪري کنيائين
۽ سندس وزارت ۾ ٻيا ساڳيا وزير - مير غلام علي
خان، سيد ميران محمد شاهه ۽ آغا غلام نبي خان
رهيا. وقت گذرڻ تي وزارت ۾ اختلاف پيدا ٿيا ۽
وزيرن هڪٻئي جي پروڊائون حاصل ڪيون، جنهن تي سنڌ
جي گورنر ميان دين محمد 28 - ڊسمبر 1951ع تي آئين
کي سسپينڊ ڪري، حڪومت پنهنجي هٿ ۾ رکي. 1953ع ۾
سنڌ اسيمبليءَ جون نيون چونڊون ٿيون. ان ۾
خانبهادر کهڙو، قاضي صاحب ۽ ڪي ٻيا صاحب قانوني
رڪاوٽن ڪري، اسيمبليءَ ۾ چونڊجي نه سگهيا، جنهنڪري
مرڪزي حڪومت جي مشوري ۽ مير غلام علي خان جي مدد
سان پيرزادي عبدالستار وزارت ٺاهي، ان وزارت ۾
قاضي صاحب پنهنجي ڀاڻيجي قاضي عبدالمنان کي وزير
ڪري کڻايو. ان وزارت جي دور ۾ لوڪل سيلف گورنمينٽ
ائڪٽ کي درست ڪرڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي قاضي صاحب جي
چيئرمينيءَ هيٺ مقرر ٿي، جنهن ائڪٽ کي درست ڪرڻ
لاءِ ڪي تجويزون ڏنيون.
9 - نومبر 1954ع تي، سنڌ کي ون يونٽ ۾ ملائڻ کان انڪار ڪرڻ تي پاڪستان جي
گورنر جنرل مسٽر غلام محمد، پيرزادي وزارت کي ڊسمس
ڪري، خانبهادر کهڙي تان پروڊا جون پابنديون هٽائي،
ان کي وزيراعليٰ مقرر ڪيو. شرط اهو رکيل هو ته سنڌ
اسيمبليءَ کي هو ڪنهن به طرح سنڌ کي ون يونٽ ۾
ملائڻ جهڙو ٺهراءُ پاس ڪرائي ڏيندو. 25 - جنوري
1955ع تي، قاضي ميان فضل الله صاحب جيئن سنڌ
اسيمبليءَ ڏي وڃي رهيو هو، ان کي رستي تان
خانبهادر کهڙي گرفتار ڪرائي، سکر جيل ۾ رکارايو،
جتان هو هاءِ ڪورٽ جي حڪم هيٺ آزاد ڪيو ويو. وري
هن کي ڪراچيءَ ۾ ڇهن مهينن لاءِ نظربند ڪيو ويو.
ان کان پوءِ 21 - جون 1955ع تي حيدرآباد ۾ مرڪزي
اسيمبليءَ سنڌ اسيمبليءَ ۾ چونڊون ٿيڻ واريون
هيون، جن ۾ قاضي فضل الله به اميدوار هو. ان ڏينهن
کيس صبح جو اسيمبلي هال جي ٻاهران گرفتار ڪري هالن
جي جيل ۾ موڪليو ويو، جنهنڪري هو چونڊ ۾ ڪامياب نه
ٿي سگهيو. سندس گرفتاريءَ لاءِ اهو به بهانو بڻايو
ويو هو ته هن اسان سان گڏ اسيمبلي هال کي بم سان
اُڏائڻ جو منصوبو رٿيو هو. اهو ڪيس ون يونٽ ٺهڻ
کان پوءِ مغربي پاڪستان حڪومت جي وزيراعظم ڊاڪٽر
خانصاحب مرحوم ڪڍارايو هو.
1955ع جي آخر ۾، مغربي پاڪستان جو صوبو قائم ٿيو. 1956ع جي جنوريءَ ۾ مغربي
پاڪستان اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون، جنهن تي قاضي
صاحب ٺٽي ضلعي ۽ لاڙڪاڻي ضلعي ٻنهي مان ميمبر
چونڊجي آيو. هن ٺٽي ضلعي جي ميمبريءَ تان استعيفيٰ
ڏيئي، لاڙڪاڻي واريءَ جاءِ تان ميمبر ٿي رهڻ قبول
ڪيو. ان کان پوءِ، ڊاڪٽر خانصاحب کي مغربي پاڪستان
حڪومت جو وزيراعظم مقرر ڪيو ويو. هن ريپبلڪن پارٽي
جي وزارت ٺاهي، جنهن ۾ قاضي صاحب کي وزير ڪري
رکيائين ۽ کيس آبپاشيءَ جو کاتو ڏنو ويو. قاضي
صاحب مغربي پاڪستان جي وزارتن ۾ 8- آڪٽوبر 1958ع
تي، مارشل لا قائم ٿيڻ تائين وزير رهندو آيو. ان
بعد لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪرڻ ۽ زمين سنڀالڻ جي ڪم ۾
مشغول رهيو آهي. کيس ٻين سڀني بااثر سياستدانن
وانگر سياست کان ڪجهه عرصي لاءِ خارج ڪيو ويو آهي.
هيءُ صاحب يار ويس، دوستيءَ جو سچو، مهمان نواز، اعليٰ قسم جو منتظم ٿي رهيو
آهي. خوبين سان گڏ مشڪلات جي وقت ۾ منجهس سست ۽
ڪمزور ٿيڻ جو مادو به رهي ٿو. خانبهادر کهڙو هر
قسم جي مشڪلاتن هوندي، سر مٿي ڪري پيو هلندو آهي.
قاضي صاحب دل هاريو، گوشي ۾ ويهو رهي. موجوده
معاشري ۾ سياسي ليڊر لاءِ ذرا سخت جان ۽ شير دل
ٿيڻ لازمي آهي.
لاڙڪاڻي ضلعي ۾ کهڙو صاحب ۽ قاضي صاحب ڪنهن وقت ۾ بي تاج بادشاهه ٿي رهيا
هئا. ڪا به ٻي طاقت سندن مقابلو ڪري نه پئي سگهي.
هن وقت مارشل لا کان پوءِ آفيشل طبقي جي دست
اندازي ڪري، حالتون بدلجي چڪيون آهن. ٻين زميندارن
وانگر لاڙڪاڻي ضلعي جا اڪثر زميندار پڻ طاقت جا
پوڄاري آهن، سدائين اڀرندڙ سج جا سلامي پئي رهيا
آهن. پوءِ جڏهن سر شاهنواز خان ڀٽي جو فرزند مسٽر
ذوالفقار علي خان مرڪزي حڪومت پاڪستان ۾ وزير
خارجه هو، ته به هن حڪومت وقت، قديم خانداني
لاڳاپن ۽ شخصي لياقت جي اثر سبب مرڪزي اسيمبليءَ
جي ضمني چونڊ ۾، هو کهڙي ۽ قاضي صاحب جي گڏيل
اميدوار کي شڪست ڏياري، پنهنجي عزيز پير بخش خان
ڀٽي کي ڪامياب ڪري ويو. آئينده پڻ کهڙي ۽ قاضي
صاحب ٻنهي دوستن جي اتحاد، دورانديشيءَ، همت ۽
سياسي دانشمنديءَ تي مدار آهي، پنهنجي وڃايل طاقت
کي ڪيئن ٿا حاصل ڪن.
(”جنب گذاريم جن سين“ تان کنيل).
|