سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1985ع (1-2)

 

صفحو :2

مهاتما گانڌي 6 - اپريل 1919ع تي مڪمل هڙتال ڪرائي. هندستان جي ڪيترن شهرن ۾ فساد به ٿيا. 11- اپريل 1919ع امرتسر ٿاڻي تي سياسي اڳواڻن کي ڇڏائڻ لاءِ ماڻهن جو وڏو ميڙ ڪٺو ٿيو. ٻئي ڏينهن تي امرتسر جي شهرين جليان والا باغ ۾ احتجاجي جلسو ڪوٺايو. امرتسر شهر جنرل ڊائر جي وقتي سنڀال ۾ ڏنو ويو، جيئن هو نظم وضبط ڪري سگهي. سندس جنگي سپاهين، مشين گنن، رائفلن ۽ سنگينين سان جليان والا باغ ڏانهن پيش قدمي شروع ڪئي. اٽڪل ويهه هزار ماڻهو باغ ۾ موجود هئا. اتي پهچڻ سان جنرل ڊائر فوج کي پرامن ۽ بي هٿيار ماڻهن جي ميڙاڪي تي، چتاءُ بنا، فائر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته، ”جيئن (سندس خيال موجب) بددماغ هندستاني ڪو سبق سکن. پنجاب مٿان هڪدم مارشل لا هنيو ويو. هن مارشل لا ۾ گهڻو مسلمانن جو نقصان ٿيو. 1920ع ۾ برطانيه جي پارليامينٽ ڏانهن هڪ ڪچو چٽو موڪليو ويو، جنهن مارشل لا جي سختيءَ جي منظوري ڏني. ڪموڪي، مريدڪي ۽ نروار ڳوٺن تي باقاعده بم اڇلايا ويا هئا. ڳوٺن جي چڱن مڙسن کي کلئي عام ڦٽڪن جي سزا ڏني وئي ته هو جيئن ”پاڻ به چپ رهن ۽ ڳوٺاڻن کي به چپ رهڻ جي تلقين ڪن“.(1) پنجاب جي مسلمانن جي هن الميه تي قائد اعظم کي تمام وڏو دلي صدمو رسيو. ”مسلمانن کي سڀ کان وڌيڪ نقصان رسيو“.(2) هتي هندستان ۾ وڏي قضيه جي ڪري ماتم متل هو ۽ جنرل ڊاير مٿان ڦٽڪار وسندي رهي، هوڏانهن انگلينڊ ۾ جنرل ڊاير جا مداح انعام لاءِ چندو ڪٺو ڪرڻ ۾ رڌل هئا. سر والنٽائين ڪيرول لکيو ته، ”پنجاب حڪومت اڃا رنن زالن ۽ يتيمن جي ڏک جو ازالو نه ڪري سگهي آهي ته اسان جو انگريزي عوام پنهنجو ٻٽون کولي جنرل ڊاير جا کيسا ڀري رهيو آهي.“(3) جليان والا باغ ۾ 2000 ماڻهو شهيد ٿيا. ”پر اوچتو ئي اوچتو انقلاب جو اڳواڻ مهاتما گانڌي پيلو نظر اچڻ لڳو. هن کي وڏو صدمو رسيو. هن پنهنجي غلطي محسوس ڪئي ۽ قبول ڪيو ته اها غلطي هماليه جيتري وڏي هئي.“(4) هن وقت مهاتما گانڌي ڪانگريس ۽ هوم ليگ جو عظيم ليڊر هو ۽ محمد علي جناح هڪ عام ميمبر. گانڌيءَ جي غلط فيصلن سبب محمد علي جناح احتجاج طور 3- آڪٽوبر 1920ع ۾ هوم رول ليگ تان استعيفا ڏني. ناگپور جي اجلاس ۾ مهاتما گانڌي عدم تعاون جي تحريڪ جي رٿ پيش ڪئي، جنهن کي گهڻو ڪري سڀني اڳواڻن جي حمايت حاصل هئي. محمد علي اعتراض ڪرڻ لاءِ اٿي بيٺو. ”مان هن رٿ جي مخالفت ڪريان ٿو“... جا الفاظ چيائين ته جلسي وارن مٿس چٿرون ۽ نعرا هڻي شور ڪيو. شور ۽ هل  ۾ محمد علي جناح جو آواز دٻجي ويو. پر پوءِ هو پنجاهه هزار جي وڏي ميڙ کي خطاب ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.هن عوام کي متاثر ته ڪيو پر انهن کان ووٽ وٺي نه سگهيو. ناگپور جي عوامي گڏجاڻيءَ کان پوءِ بمبئيءَ ۾ عوامي اجلاس ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ هن چيو ته، ”مون کي يقين آهي ته هيءُ (مهاتما) ملڪ کي تمام غلط رستي ڏانهن وٺي وڃي رهيو آهي.“ ناگپور واري اجلاس کانپوءِ محمد علي جناح ڪانگريس تان استيفيٰ ڏئي ڇڏي. محمد علي جناح اهنسا ۽ عدم تعاون وارين تحريڪن بابت سچ کي ثابت ڪري رهيو هو. هن چيو ته ”اسان انساني فطرت کي شايد وساري ڇڏيو آهي“. ملڪ اندر مار ڌاڙ، لٽڻ ڦرڻ ۽ باهين ڏيڻ جا ڪيترا واقعا ٿي گذريا آهن. 1922ع ۾ بمبئي ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ٽن سيڪريٽرين مان هيءُ به هو. هن اجلاس ۾ تعزيراتي فارمولي کي واپس وٺڻ، شيڊيشر ميٽنگ جي قانون ۾ ترميم ڪرڻ ۽ ڪانگريس، ليگ ۽ حڪومت جي وچ ۾ گول ميز ڪانفرنس جي انعقاد لاءِ مطالبا ڪيا ويا هئا.

محمد علي جناح 16 ورهين جي ڄمار ۾ 1892ع ۾ ايمي ٻائي سان شادي ڪئي هئي، جيڪا شاديءَ کان ستت پوءِ وفات ڪري وئي. 1917ع ۾ هن جي عمر 41 سال ٿي چڪي هئي. ۽ پهرين زال جي وفات کان پوءِ هو واندو ويٺو هو، پر 1917ع ۾ هن کي سوڊنش ۽ ليڊي پيٽٽ جي نهايت خوبصورت ڌيءَ، نوخيز پارسي رتنا ٻائي سان محبت ٿي ويئي. هنن ڪلڪتي ۾ 18- اپريل 1918ع تي شادي ڪئي. ”مس رتنا ٻائي مسٽر ڊنشا- پيٽٽ جي اڪيلي ڌيءَ، ڪلهه مسلمان ٿي ۽ اڄ عزت ماب ايم - اي- جناح سان شادي ڪرڻ واري آهي.“ (1) هوءَ سونهن، سوڀيا ۽ عقل ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئي. ”اڄ دنيا ۾ ڪا به عورت ڪانهي، جيڪا سندس سونهن سوڀيا ۾ مقابلو ڪري سگهي.“(2) رتنا ٻائي مان محمد علي جناح کي فقط هڪ ڇوڪري دينا 15- آگسٽ 1919ع تي ڄائي. رتنا ٻائي 1928ع ۾ وفات ڪئي. ۽ رتنا محمد علي جناح سان سياسي ڪمن ڪارين ۾ پاڻ به دلچسپي وٺندي هئي ۽ بحث مباحثن ۾ حصو وٺندي هئي. هن کي اميد هئي ته ملڪ کي هڪ ڏينهن آزادي ملندي“.(3)

1923ع ۾ امپريل ڪائونسل جي بمبئي مان چونڊ لڙڻ واسطي ووٽرن کي هڪ اپيل ۾ لکيو ته: ”منهنجي چونڊ لڙڻ جو فقط اهو ئي مقصد آهي ته مون کان جيترو ٿي سگهي، اوهان جي مفادن جو وڌ ۾ وڌ تحفظ ڪريان“. هو بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو. 1924ع ۾ لاهور ۾ مسلم ليگ جو کليو اجلاس ٿيو هو، جنهن جي صدارت قائداعظم ڪئي. پنهنجي صدارتي تقرير ۾ هن چيو ته: ”آزاد، هندو- مسلم اتحاد سان ڏي وٺ جوڳي آهي.“ گانڌيءَ پنهنجي هڪ جدا بيان ۾ چيو ته: ”مان جناح سان متفق آهيان ته هندو- مسلم اتحاد جو مطلب آزادي آهي.“ جولاءِ 1925ع ۾ دهلي، اله آباد ۽ ڪلڪتي ۾ هندو- مسلم خوني فساد ٿيا. اهي گهڻي وقت تائين سياسي زندگي لاءِ موذي مرض بنيا رهيا. مئي 1927ع ۾ سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار انڊيا اعلان ڪيو ته سائمن ڪميشن مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا هندستان جي حالتن جو جائزو وٺي رپورٽ ڏيندي. قائداعظم وڏي غصي سان اعتراض ڪيو ته هڪ به هندستاني ڪو نه آهي. سندس چوڻ تي هڪ احتجاجي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جيڪا بمبئي ۾ 19 نومبر 1927ع ۾ گڏ ٿي. جنهن ۾ قائد اعظم رٿ ڏني ته: ”جنهن بي جان بـُـت وانگر ڪميشن بنائي هندستان موڪلي پئي وڃي، سان هندستان لاءِ قابل قبول نه آهي.“ 3 فيبروري 1928ع تي سائمنس ڪميشن بمبئي ۾ ٿي. ان جو ڪارن جهنڊن سان استقبال ڪيو ويو. هر شهر ۾ ”سائمن موٽي وڃ“ جا ڪميشن نعرا ٻڌا. پوءِ اها ڪنهن ٻئي شهر ۾ نه وئي. 31 مارچ تي سائمن ڪميشن سخت ناڪاميءَ جو منهن ڏسي واپس موٽي وئي.

20- مارچ 1927ع تي محمد علي جناح جي چوڻ تي مسلم ليگ جي اڳواڻن جي اها گڏجاڻي دهليءَ ۾ ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ يڪراءِ سان رٿ پاس ڪئي وئي، جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويو ته سڌارن ۾ مسلم مطالبن کي به نظر ۾ رکيو وڃي. قائد اعظم جي تعريف ڪندي، ايم. سي. چاڳلا چيو ته ”اهو محمد علي جناح جي جادوءَ جي ڏنڊي جو ڪرشمو آهي ته جيڪو ڪم ناممڪن هو، سو ممڪن پيو نظر اچي“. دهلي رٿ کي بعد ۾ جناح جي اڳواڻيءَ هيٺ ”مسلمانن جا مطالبا“ جي نالي سان ڪوٺيو ويو، جنهن کي ٿورو وقت پوءِ هندن جي طرفان ڪنهن نه ڪنهن طور پسند ڪيو ويو. آخر مدراس جي ڪانگريس اجلاس ۾ نهرو (موتي لال) ڪميٽي ٺاهي وئي. قائد اعظم محمد علي جناح مارچ 1929ع ۾ مسلم ليگ جي دهلي اجلاس ۾ چوڏهن نڪتن واري رٿ پيش ڪئي، جنهن ۾ مسلم ليگ نهرو رپوٽ جي مخالفت ڪئي. ساڳئي سال جي مئي واري مهيني ۾ انگلينڊ جي ليبر پارٽي اقتدار ۾ آئي، جنهن جو وزير اعظم مسٽر رامسي ميڪڊونالڊ بڻيو. آڪٽوبر ۾ لارڊ ارون هندستان جي وائسراءِ هڪ بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ هن ڄاڻايو ته برطانيه جي حڪومت هندستان جي اڳواڻن جا سياسي خيال معلوم ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن ايندڙ سڌارا انهن جي روشنيءَ ۾ ڪيا وڃن. قائد اعظم هڪ عوامي پڌرائيءَ ۾ چيو ته ”اسان کي پورو پورو ڀروسو آهي ته هندستان جا نمائندا جيڪي عاليجاه جي حڪومت سان مقابلا ڪندا، سي اهڙا ئي هوندا، جيڪي هندستاني عوام جي وڏي اعتماد سان سندن وري نمائندگي ڪندا“. هندستان جي وائسراءِ جي بيان جي نتيجي ۾ گول ميز ڪانفرنس لنڊن ۾ سڏائي وئي ۽ سڀ کان پهرين محمد علي جناح کي هندستان جي مسلمانن جي نمائندگي واسطي دعوت ڏني وئي. 20- نومبر 1930ع تي افتتاحي تقرير ۾ هن چيو ته ”مون کي خوشي آهي، جو اسان هندستان جي نئين ملڪ جو جنم ڏسي رهيا آهيون... اتي هندستان ۾ ڪنهن به فرقي جو ڪو اهڙو ماڻهو ڪونهي، جنهن وڏي جذبي سان ان خيال جو اظهار نه ڪيو هجي ته هندستان کي پنهنجي مڪاني حڪومت نه هجي... مسلمان پنهنجي برادريءَ جي بچاءَ جي گهر ڪن ٿا“. قائد اعظم محمد علي جناح پهرين گول ميز ڪانفرنس ۾ هندستان لاءِ عام طور ۽ مسلمانن لاءِ خاص طور هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. سروجني نئڊو، محمد علي جناح جي گول ميز ڪانفرنس ۾ سندس ڪردار متعلق لکيو آهي ته ”جناح جڏهن ڪميٽيءَ کي پنهنجي حاضريءَ جو شرف بخشيو، تڏهن سندس مؤثر قوت ۽ بهترين اظهار خيال ۽ بي مثال دلائل ۽ صحيح اندازو ان ڪانفرنس ۾ ظاهر ٿيو ۽ مسلمان صحيح طريقي ۽ پوري نموني سان سندس پٺيءَ لڳا“(1) .

پهرين گول ميز ڪانفرنس کان پوءِ هن انگلينڊ ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پر وري ڪائونسل ۾ وڪالت شروع ڪيائين ۽ وقتي طور هندستان جي سياسي ڪارگذارين کي ڇڏي ڏنائين.

اپريل 1934ع ۾ هـُـو واپس هندستان موٽي آيو ۽ سياست ۾ ڀرپور حصو وٺڻ لڳو. ساڳئي مهيني مسلم ليگ ڪائونسل جي صدارت ڪندي، هن تقرير ۾ چيو ته ”مسلمان پنهنجي قومي مڪاني حڪومت جي مطالبي ۾ باخبر آهن“. آڪٽوبر 1934ع ۾ مرڪزي اسيمبليءَ ۾ بنا مقابلي جي چونڊيو ويو ۽ مرڪزي اسيمبليءَ ۾ آزاد پارٽيءَ جو اڳواڻ ٿيو. ان پارٽيءَ جا ميمبر گهڻو ڪري مسلمان هئا. فيبروري 1935ع ۾ هن اسيمبليءَ کي خطاب ڪندي چيو ته ”مان گول ميز ڪانفرنس جي آخري نشست ۾ مدعو ڪو نه هيس، ڇو ته وفاقي رٿ جو آءٌ هڪ قوي ۽ وڏو مخالف هوس.“ عاليجاه جي حڪومت 2- جولاءِ تي 1935ع واري انڊيا ائڪٽ جي منظوري ڏني. قائد اعظم آڪٽوبر 1935ع تي تبصرو ڪندي چيو ته ”هيءُ دستور اسان جي مٿان مڙهيو ويو آهي“. جڏهن گورنمينٽ آف انڊيا 1935ع ايڪٽ تحت فيبروري 1937ع ۾ چونڊون شروع ٿيون ته مسلم ليگ قائد اعظم جي اڳواڻيءَ ۾ چونڊ لڙڻ واسطي پهريون ڀيرو پارليامينٽري بورڊ بنايو. ڪانگريس يارهن صوبن مان پنجن صوبن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي. ۽ مسلم ليگ کي ڪا خاص ڪاميابي حاصل ڪو نه ٿي. اهي 484 مسلمان ميمبرن مان فقط 108 نشستون حاصل ڪري سگهيا. ڪانگريس اڪثريت وارن صوبن ۾ پنهنجا اختيار سنڀاليا ۽ اقتدار جي شراب جي نشي ۾ مدهوش ٿي وئي. جواهر لال نهرو ان جي صدر جي حيثيت ۾ غير ذمه دارانه بيان ڏنا، ڄڻڪ هندستان ۾ ڪانگريس ئي سڀ ڪجهه هئي. قائد اعظم حاضر جوابيءَ ۾ بيان ڏنو ۽ چيو ته ”هو سڄي دنيا جو بار پنهنجي ڪلهي تي سمجهي ٿو. پنهنجي ڪم ۾ خيال ڪرڻ بجاءِ پرائي ڪم ۾ هروڀرو به پنهنجي ٽنگ اڙائي ٿو“. مسلم ليگ جي مرڪزي آفيس ۾ مسلمانن جون شڪايتون پهچڻ لڳيون ته هندو وزيرن پنهنجن پنهنجن صوبن ۾ مسلمانن کي ايذاءَ ۽ عدم مساوات جو شڪار بنايو آهي. 20- مارچ 1938ع تي مسلم ليگ هڪ ڪاميٽي ٺاهي، جيئن مسلمانن جي تڪليفن جي سببن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ۽ مرڪزي رپورٽ پيش ڪري. ان ڪاميٽيءَ جو روح روان پير پور جو راجا هو. سندس رپورٽ کي پير پور جي رپورٽ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ان رپورٽ ۾ ڪانگريس حڪومت جي سندس ظلمن جي ڪري خوب مذمت ڪئي وئي هئي. ڪانگريس جو صدر سڀاش چندرابوس هو. هن ۽ قائد اعظم جي وچ ۾ ڊگهيون ڊگهيون لکپڙهون هلنديون هيون ته ڪانگريس ۽ مسلم ليگ، جن ڌار ڌار هندن ۽ مسلمانن جي مفاد جو تحفظ ٿي ڪيو، سي ڪنهن جاءِ تي ملن ۽ جيڪي تڪرار ۽ ڏڦيڙ ۽ جيڪي هڪ ٻئي لاءِ شڪايتون آهن، تن کي دور ڪن. سڀاش چندرابوس قائد اعظم ڏانهن لکيو ته ”ورڪنگ ڪميٽيءَ کي ايڏو اختيار نه آهي ته اها پنهنجي ڌرين جي وچ ۾ تڪرار نبيري سگهي“. هندو مسلم مسئلي نبيرڻ لاءِ آخري موقعو به هليو ويو. ”ڪانگريس جيڪڏهن مسلم ليگ سان سٺو برتاءُ ڪري ها ته پاڪستان وجود ۾ نه اچي سگهي ها.“(1) جواهر لال نهرو ڪانگريس پارٽيءَ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو هو، جنهن چيو ته ”هندستان ۾ فقط ٻه پارٽيون آهن، هڪ آهي انگريز ۽ ٻي آهي ڪانگريس“. قائد اعظم گجگوڙ ڪندي جواب ڏنو هو ته ”نه، ٽين پارٽي به آهي، جا آهي مسلمان.“

مسلم ليگ تنظيم ۽ تشهير جي لحاظ کان ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي چڪي هئي. آڪٽوبر 1937ع ۾ لکنو اجلاس ۾ مسلم ليگ پنهنجي صدر قائد اعظم کي اهو اختيار ڏنو ته ”هو مرڪزي قانون ساز اداري ۾ مسلم ليگ پارٽي بنائي“. اهڙي نموني صوبن ۾ به مسلم ليگ پارٽيون بنايون وڃن. مسلم ليگ اڳتي وڌي رهي هئي. اها هاڻي پاڻ کي اقليت نه سمجهي رهي هئي ته جيئن ڪنهن کي ايلاز منٿون ڪري پنهنجي مفادن جو تحفظ ڪري سگهي ۽ رعايتون وٺي. 1935ع واري ايڪٽ کي صوبائي گورنرن پنهنجي طريقي سان سمجهڻ سبب، صوبائي گورنرن ۽ ڪانگريس پارٽي ۾ تفريق پئجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 22- آڪٽوبر 1939ع ۾ ڪانگريسي وزيرن استعفائون ڏنيون ۽ قائد اعظم مسلمانن کي گذارش ڪئي ته هو 22 ڊسمبر 1939ع تي ”يوم نجات“ ملهائين. 22 مارچ 1940ع تي هڪ تاريخي مسلم ليگ اجلاس لاهور ۾ گڏيو، جنهن جي صدارت قائد اعظم ڪئي ۽ پاڪستان ٺهراءُ پيش ڪيو، جو بحال ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته ”اتر اولهه ۽ اوڀر هندستان وارن ڀاڱن کي گڏائي جدا رياستون بنايون وڃن، جنهن ۾ شامل ٿيندڙ علائقا هڪ مڪمل آزاد رياست جي روپ ۾ هوندا“. اجلاس کان پوءِ قائد اعظم سيڪريٽري کي چيو ته ”اقبال اڄ اسان ۾ ڪونهي، پر اسان کيس زندهه ڪيو آهي. هو ضرور ڏسي ڏاڍو خوش ٿئي ها ته اسان اهو ڪجهه ڪيو آهي، جيڪو هن چاهيو ٿي“.

ٻي جنگ عظيم 1937ع ۾ ٿي ۽ 1940ع ۾ جنگ جا اُگرا نتيجا اتحادين جي نقصان ۾ وڃي رهيا هئا، جن جو هندستان جي مستقبل تي اثر پئجي رهيو هو. 8 آگسٽ 1940ع تي وائسراءِ هند ڪي آڇون ڪيون، جن کي ”آگسٽ جون آڇون“ چيو وڃي ٿو. 31 آگسٽ کان 2 سيپٽمبر تائين بمبئي مسلم ليگ ورڪنگ ڪمپنيءَ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ”ان شهنشاهه برطانيه جي حڪومت جو شڪريو بجا آندو، جنهن مسلم ليگ جي مطالبن کي پورو ڪيو... مسلم ليگ اهو وري ثابت ڪيو ته مسلمان هندستان جي هڪ الڳ قوم آهن“، پر ساڳئي سال جي سيپٽمبر ۾ مسلم ليگ ”آگسٽ آڇن“ جي مذمت ڪئي. ان وقت جاپان اتحادين خلاف جنگ ۾ ٽپي پيو هو ۽ اهو هندستان لاءِ هڪ وڏو خطرو هو. برطانيه جي حڪومت هن تاڙ ۾ ويٺي هئي ته جنگ وقت هن کي سڀني پارٽين جي امداد جي ضرورت آهي. مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽي ڊسمبر 1941ع ۾ ملي، جنهن ملڪي بچاءَ جو بار هن شرط سان خوشيءَ سان کڻڻ قبول ڪيو ته ”مسلمانن کي مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتن ۾ مناسب حصو ملندو.“ 22 مارچ، سر اسٽئفورڊ ڪرپس سياسي مشن وٺي هندستان آيو. ڪرپس جي اعلان ”مسلمانن جي ڪجهه مسئلن کي حل ڪيو، پر گهڻو نه، ڪانگريس لاءِ ان گهڻو ڪجهه ڪيو(1)“. اپريل 1942ع ۾ مسلم ليگ الهه آباد ۾ گڏجاڻي ڪئي، ”جتي هنن ظاهر ڪيو ته اڻ سڌيءَ طرح پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ جا امڪان ظاهر ٿي چڪا آهن... پر ان تي افسوس ڪيو ته ردوبدل لاءِ رٿون چٽيون نه آهن. وڌيڪ چيو ته... ڪاميٽي وٽ موجوده رٿن کي ٿڏي ڇڏڻ کان سواءِ ڪو ٻيو رستو ڪونهي. 24 ڊسمبر 1943ع ۾ ڪراچي ۾ مسلم ليگ جي اجلاس کي خطاب ڪندي قائد اعظم چيو ته ”اسان جي پٺيان لکين ماڻهو آهن، پنهنجو جهنڊو آهي. پنهنجو پليٽ فارم آهي ۽ هاڻي اسان کي پاڪستان جو پورو يقين ٿي چڪو آهي... تون اسان کي تباهه نه ڪري سگهندين... برطانيه کي هندستان ڇڏڻو پوندو... ۽ ورهاڱو ڪرڻو پوندو“.

قائداعظم جي جواني نه رهي هئي، صحت به خراب رهندي هيس، مگر ان هوندي به هندستان ۾ طوفان وانگر ڦهلجي چڪو هو. مسلم ليگ جي تنظيم بابت هدايتون ٿي ڏنيون، رائحه عمل ٿي سوچيو، کين محسوس ٿي ڪرايو ته پاڪستان سندن مقدر آهي. 11- مارچ 1944ع ۾ عليڳڙهه جي  شاگردن کي خطاب ڪندي فرمايو ته ”اسان پنهنجي منزل کي ويجهي کان ويجها ٿيندا پيا وڃون.“ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي ويڇن ۽ وٿين کي ختم ڪرڻ واسطي قائداعظم محمد علي جناح مهاتما گانڌي جي وچ ۾ 9- سيپٽمبر کان 27- سيپٽمبر تائين بمبئي ۾ مسلسل گڏجاڻيون ٿينديون رهيون، مگر ڳالهيون ناڪام ٿيون ۽ قائد اعظم هڪ بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ هن چيو ته، ”لاهور قرارداد موجب هندستان جي ورهاڱي ۾ نه فقط مسلمانن پر ٻين جو به ڀلو آهي.“ گانڌي لکيو ته، ”هندستان جو ورهاڱو ٻن ڀائرن جو ورهاڱو آهي.“ معلوم ٿئي ٿو ته ڪانگريس پاڪستان جي يقين منطق کي قبول ڪرڻ لاءِ پاسو بدلايو هو. مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي وچ ۾ ڳالهين جي ناڪامي جو سبب سمجهائيندي لوئس فچر لکيو آهي ته، ”گانڌي ۽ جناح وچ ۾ ٻه قومي نظريو هڪ ديوار بنيل هو“(1)

ٻي عظيم جنگ اتحادين جي فائدي ۾ وڃي رهي هئي ۽ هندستان جي وائسراءِ لارڊ ويول شهنشاهه برطانيه جي حڪومت ڏانهن هڪ ياداشتنامو موڪليو، جيڪو حڪومت جي خيال ۾ هڪ انقلابي نظريو هو. ان وقت ڪانگريس ڀولاڀائي ڊيسائي جي اڳواڻيءَ ۾ مرڪزي قانون ساز اداري ۾ پنهنجي حيثيت کي وڌيڪ مستحڪم ڪري ورتو هو. ان زماني ۾ لارڊ ويول انگلينڊ ويو، موٽي اچڻ تي هڪ بيان رستي اعلان ڪيو ته مسلمانن ۽ هندن جي انتظامي ڪائونسل ڪوٺائي ويندي، جنهن جا ميمبر ”هڪجيترا هوندا“. اجلاس 25- جون 1944ع تي شملا ۾ ڪٺو ٿيو، جنهن کي ”شملا اجلاس“ ڪوٺيو وڃي ٿو. ”شملا ڪانفرنس“ ملڪ کي متحد رکڻ لاءِ هڪ آخري محاذ هو ۽ جڏهن جنگ ختم ٿي ته اشتراڪي قوت جي لهر ان کي وڪوڙي ويئي، فقط هابسن جي ورهاڱي واري پسند وڃي رهي“(2) .

شملا ڪانفرنس هلي رهي هئي ته انگلينڊ ۾ سياسي صورتحال بدلجڻ شروع ڪيو. چرچل جي جنگي وزارت کي پنهنجا ٽپڙ ويڙهڻا پيا. ليبر پارٽيءَ جي اڳواڻ ڪليمنٽ ائٽلي وزيراعظم ۽ لارڊ پئٿڪ لارينس سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار انڊيا ٿيو.

ڊسمبر 1945ع ۾ مرڪزي چونڊون ٿيون، جنهن ۾ مسلم ليگ پاڪستان جي بنياد تي چونڊ لڙي ۽ مسلمان نشستن مان ستاسي سيڪڙو حاصل ڪيو. قائد اعظم اعلان ڪيو ته 11- جنوري 1946ع تي سڄي هندستان ۾ مسلمان ”يوم فتح“ ملهائين. 1946ع جي شروعات ۾ قائداعظم ستن ڄڻن جي هڪ ڪميٽي ٺاهي، جنهن جو سيڪريٽري مون کي بنايو ويو. منهنجو ڪم اهو هو ته آئون سنڌ قانون ساز اداري جي پنجٽيهه نشستن لاءِ چونڊ واسطي باقاعدي بندوبست رکان. مسلمانن جي اڪيلي زناني سيٽ تي جينو ٻائي بيگم جي. الانا بنان مقابلي ڪامياب ٿي آئي ۽ ٽيهن ٻين نشستن کٽڻ بابت اسان کي يقين هو. اسان کي دادو ضلعي جي نشست واسطي يقين ڪو نه هو، ڇو ته اتي، حيدرآباد جي ليگي اميدوار قاضي محمد اڪبر جي مقابلي ۾ دادو ضلعي جي طاقتور قوت، جي. ايم. سيد، ضلعي جي مضبوط سيد ۽ پير جي روپ ۾ موجود هئي. قائداعظم مون کي هن اليڪشن واسطي ضرورت کان وڌيڪ پئسا ڏنا ۽ چونڊ کان ٻه هفتا اڳ جڏهن ٻيهر ڪراچي آيو ته وري به هن مون کي پئسا ڏنا. قائداعظم چيو ته جي. ايم. سيد واري نشست کٽڻ اسان لاءِ وڏي اهميت جي حامل آهي، سڄي هندستان جون نظرون ان چونڊ ۾ کتل آهن. هن مون کي الوداعي نصيحت ۾ چيو ته، ”جيتوڻيڪ چونڊ وارو مرحلو هينئر نازڪ موڙ ۾ داخل ٿي چڪو آهي، پر اهو خيال ضرور رکيو وڃي ته چونڊ ۾ بي ايماني وارا اپاءَ اختيار نه ڪيا وڃن... مان نٿو چاهيان ته تون ووٽرن کي رشوت ڏئين... اهو ڊوهه آهي، آئون دوکي ۽ بي ايماني کان وڌيڪ شڪست کي پسند ڪريان ٿو“. مون قائد اعظم جي نصيحت تي اکر به اکر عمل ڪيو ۽ اسان سنڌ ۾ سڀ مسلم نشستون کٽي ورتيون.

24- مارچ 1946ع تي ڪئبينيٽ مشن هندستان آئي ۽ 4- اپريل تي دهليءَ ۾ قائداعظم مشن ميمبر سان ملاقات ڪئي. مشن کي اهو ڏيکارڻ واسطي ته هندستان جا مسلمان پاڪستان جي نظريه جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن، قائداعظم صوبائي ۽ مرڪزي قانون ساز ادارن جي مسلم ليگي ڪامياب ميمبرن جي گڏجاڻي ڪوٺائي. گڏجاڻي پنهنجي ڪارروائي 9- اپريل 1946ع تي شروع ڪئي. مرحوم حسين شهيد سهروردي رٿ پيش ڪئي ته هندستان جي مسلمانن جو بچاءَ فقط پاڪستان بنجڻ ۾ آهي، جيڪا متفق طور بحال ڪئي وئي. گڏجاڻي جي آخر ۾ قائداعظم چيو ته: ”سياسي اقتدار کان سواءِ اوهان پنهنجي ايمان ۽ معاشي معاملات جو تحفظ ڪيئن ڪري سگهندؤ؟“

ڪئبينيٽ مشن 5- مئي تي شملا ۾ اجلاس ڪوٺايو، جنهن ۾ چئن نامور مسلم ليگي اڳواڻن قائد جي سربراهي ۾ حصو ورتو ۽ ڪانگريس مان به چار ميمبر هئا. 15- تي ڪئبينيٽ مشن پنهنجي ناڪاميءَ جي اعتراف ۾ هڪ بيان ڪڍيو.

6- جون 1946ع ۾ قائداعظم مسلم ليگ جي دهلي ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي، جنهن ۾ ترت قدم لاءِ فيصلا ڪيا ويا. ”اهو طئي ڪيو ويو ته ڪئبينيٽ مشن اڻ سڌي طرح پاڪستان جي رٿ کي قبول ڪري چڪي آهي ۽ مسلم ليگ ڪائونسل کي هڪ دستور ساز مجلس بنائڻ گهرجي. جيڪڏهن منفي حالات منهن ۾ اچن ته پوءِ ٿوري ڍر ڏئي ڇڏجي“. مجلس عمل اهو به فيصلو ڪيو ته 16 آگسٽ 1946ع تي ”سڌي قدم“ جو ڏينهن ملهايو وڃي. فرقيوار فسادن، حالتن کي دگرگون ڪري ڇڏيو. قتل ۽ غارتگري روزمره جو ڌنڌو ٿي ويو. بهار جي مسلمانن تي ظلم ۽ تشدد ڏسندي خود مهاتما گانڌي اهو قبول ڪيو ته: ”جيڪي مون ان ڏينهن صبح جو ڏٺو، تنهن مان مون کي ڏاڍو صدمو رسيو ۽ منهنجو يقين بهاري هندوءَ جي وعدي مان نڪري چڪو آهي“.(1) 25- آڪٽوبر 1946ع تي مسلم ليگ مرڪزي وزارت ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ فيصلو ڪيو. هندستان جي عبوري حڪومت ۾ مسلم ليگ جي شرڪت هندستان ۾ پاڪستان جي وجود جو نشان رهي هئي. ”جيڪو ڪجهه ڍڪيل ڇپيل هو، سو ظاهر ٿي چڪو هو. جيڪو گمنام هو، تنهن کي نالو ڏنو ويو.“(1) 2- ڊسمبر 1946ع تي دعوت ملڻ تي قائداعظم، لياقت علي خان، جواهر لال نهرو ۽ بلديو سنگهه هندستان جي سياسي حالتن تي سوچڻ خاطر سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار انڊيا سان ملڻ لاءِ لنڊن روانا ٿيا. ڳالهيون ناڪام ٿيون. 20 فيبروري 1947ع تي وزيراعظم ايٽلي هڪ بيان جاري ڪيو ته: ”اهو اسان جو پڪو ارادو آهي ته اسان هندستان ۾ اقتدار منتقل ڪريون. اقتدار جون واڳون ذميدار هندستانين کي ڏيون ۽ اهو عملي ڪم جون 1948ع کان اڳ ٿيڻ گهرجي“.

24- مارچ 1947ع تي لارڊ مائونٽ بيٽن، لارڊ ويول کان وائسراءِ جي چارج ورتي. هو جون 1948ع کان اڳ هندستان ۾ اقتدار منتقل ڪرڻ جي ارادي سان پهتو هو. نئين وائسراءِ محمد علي جناح ۽ مهاتما گانڌي کي ڳالهين لاءِ مدعو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ اڳواڻن ٻنهي فرقن کي جهڳڙي فساد بند ڪرڻ لاءِ اپيلون ڪيون. قائداعظم سندس ڀيڻ مس فاطمه جناح جي مان ۾ ڏنل هڪ خانگي دعوت ۾ چيو ته، ”مون کي پاڪستان کان محروم ڪرڻ لاءِ ڪانگريس ورثي طور هر شيءِ تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي، پوءِ سندس ڳچيءَ جا ڳٽ ڇو نه هجن“(2) . هندستان جو وائسراءِ شخصي طور ڳالهائڻ ۽ برطانيه حڪومت جا خيال معلوم ڪرڻ لاءِ انگلينڊ ويو ۽ 31- مئي 1946ع تي دهلي واپس وريو. وائسراءِ ٻنهي ڌرين جي رضامندي حاصل ڪئي، جنهن کي 3 جون واري رٿ چيو وڃي ٿو ۽ قائداعظم آل انڊيا ريڊيو دهلي تان پاڪستان مسلم ليگ پاران رٿ متعلق پنهنجا خيال ظاهر ڪيا، ۽ آخر ۾ ”پاڪستان زنده آباد“ جو اکر اچاريو. جون جي 9 تاريخ تي مسلم ليگ ڪائونسل جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ مشن پلان متعلق اظهار قبوليت ڪيو ويو ۽ ليگ جي پاران قائد کي وڌيڪ ڳالهين لاءِ اختيار ڏنو ويو.

ان ئي وقت اهو فيصلو ڪيو ويو ته هندستان ۾ اقتدار منتقل ڪرڻ 10- آگسٽ 1947ع تي عمل ۾ اچي. برطانيه جي حڪومت ڪاغذن جي تيارين ۾ لڳي وئي، جيئن هندستان جي آزاديءَ جو بل پارليامينٽ کي منظور ڪرڻ لاءِ پيش ڪري سگهجي. ڪانگريس اهو فيصلو ڪيو ته هندستان جو پهريون گورنر جنرل لارڊ مائونٽ بيٽن ٿئي ۽ مسلم ليگ متفق طور منظور ڪيو ته قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان جو پهريون گورنر جنرل ٿئي. هندستان جي آزاديءَ جو بل پارليامينٽ ۾ 4- جولاءِ 1947ع تي پهتو. 15- جولاءِ تي منظور ڪيو ويو ۽ 18- جولاءِ تي شهنشاهه منظوريءَ جي مهر هنئين. اقتدار جي منتقلي 15- آگسٽ 1947ع تي طئي ٿي.

پنجاب ۽ بنگال جي سرحدي سوال کي نبيرڻ لاءِ سرحد ڪميشن بنائي وئي، جنهن جو صدر سر ريڊ ڪلف بنيو. ڪميشن جا مسلمان ۽ هندو ميمبر سرحد جي ڳالهين ۾ ڪنهن به آخري فيصلي تي نه آيا، جنهن ڪري سر ريڊ ڪلف پنهنجو غلط ۽ جانبدارانه فيصلو ڪيو، جنهن موجب جيڪي پنجاب ۽ بنگال جا حصا پاڪستان ۾ اچڻا هئا، سي هندستان کي مليا. اتر اولهه سرحدي صوبي ۽ آسام جي ضلع سلهٽ ۾ آزاد راءِ شماري ڪرائي وئي، جن وڏي اڪثريت سان پاڪستان سان الحاق جي فائدي ۾ ووٽ ڪيا.

قائداعظم جي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ هڪ ٻئي کان وڌيڪ اهم واقعن جي ڪري سندس شخصيت تاريخ جي صفحن ۾ هڪ سونهري باب جو اضافو آهي. ”قائداعظم جي رششن ۽ تاريخ ساز هستي انتهائي ڪمال کي پهچي ۽ 46- 1947ع جي اهم سال تي ختم ٿي. هن وقت هو تاريخ آهي ۽ سندس ياد اڻمٽ آهي-- ڪليمنسيو لائيڊ جارج، چرچل، ڪرزن، مسوليني ۽ مهاتما گانڌي - انهن سڀن کي مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏٺو آهي، پر محمد علي جناح سڀني کان نمايان آهي. ماڻهن مان ڪو به اخلاقي جرئت، تدبر ۽ فهم فراست ۾ محمد علي جناح کان وڌيڪ نه هو“(1).

5 آگسٽ تي لارڊ مائونٽ بيٽن قائد سان هڪ خانگي ملاقات ڪئي. ٻن ڏينهن کان پوءِ هـُـو دهلي مان گورنر جون وڏيون ذميواريون سنڀالڻ لاءِ ڪراچي پهتو، جتي هو 71 سال اڳ ڄائو هو. 11 آگسٽ 1947ع تي پهرين دستور ساز مجلس ڪوٺائي وئي ۽ اسان سڀ گيلري ۾ سڀ کان پهريان لفظ نئين ملڪ پاڪستان جي نئين تاريخ ۾ پهرين صفحي تي لکبا ڏسي رهيا هئاسون. اجلاس متفق طور قائداعظم کي دستور ساز مجلس جو صدر چونڊيو ويو ۽ ان تي اجلاس ۾ وڏي جوش و خروش سان ايم.اي.جناح قائداعظم جو لقب ڏنو ويو. 13 آگسٽ تي لارڊ مائونٽ بيٽن هوائي جهاز رستي ڪراچي پهتو. 14 آگسٽ تي قائداعظم مس فاطمه جناح سان گڏ اسيمبلي بلڊنگ ۾ آيو، جت لارڊ مائونٽ بيٽن شهنشاهه برطانيه پاران هڪ شاندار تقريب ۾ پاڪستان جو اقتدار قائد جي حوالي ڪيو. اسان جي لاءِ اهو ڏينهن آزاديءَ جو ڏينهن هو ۽ قائداعظم جي لاءِ وعدي وفائي جو ڏينهن هو. کيس پتو پيو ته منزل تي پهچي چڪا آهيون، پر اڃا جدوجهد باقي آهي.

ورهاڱي کان ٿورو پوءِ هندستان ۽ پاڪستان ۾ فرقيوارانه فسادن جو هڪ سلسلو شروع ٿيو، جنهن ۾ ڪافي مالي ۽ جاني نقصان ٿيو. پوءِ به اها فضا فساد آلود هئي. مسلمانن جي مشڪلاتن جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو. ته دهليءَ جي مسلمانن آزاد لکي ٿو ته: ”مسلمانن کي ايتريون تڪليفون ڏنيون ويون آهن، جو هو پنهنجو حوصلو وڃائي چڪا آهن...منجهائن بيوسيءَ جو احساس نمايان آهي. سندن حياتي ۽ مال خطري ۾ آهن...“(2)، ”گانڌي گاديءَ جي هنڌ رت جون نديون ڏسي دهشت زده ٿي ويو“.(3) هندستان ڪشمير جي وادي جي مسلمانن جي مستقبل جي سوال تي غير شريفانه ڪردار ادا ڪيو. هن بدقسمت وادي جي عوام ڊوگرن ۽ هندستاني سپاهين جي بوٽن هيٺان رڙيون ڪيون. حيدرآباد دکن جي مسلمانن متعلق، هندستان جي مسلم دشمن رويي، پاڪستان جي جذبات کي مجروح ڪيو آهي. فوجي ڪارواين جي مدد سان هندستان منگرول، مناودار ۽ جهونا ڳڙهه هڙپ ڪري ويو. پاڪستان نئين سري سان هر شيءِ بنائي رهيو هو ۽ هندستان تاڙ ۾ هو ته جيئن پاڪستان جي لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪري ۽ ان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏي. پاڪستان هڪ ڏينهن پاڻ ڀرو ٿيڻو هو. اهي اهڙيون مشڪلاتون، جن قائداعظم جي دل تي گهرو اثر ڇڏيو، جنهن زندگي جو وڏو حصو جدوجهد ۾ گذاريو هو ته سندس تندرستي هن وقت روشن ڏئي ۾ تيل جا آخري ڦـُـڙا هئي.

جون 1948ع ۾ گهڻي ڪم سبب قائد تمام ڪمزور ٿي چڪو هو. ڊاڪٽرن جي مشوري تي هو آرام واسطي ڪوئيٽا ويو. پهرين جولاءِ 1948ع تي هن بئنڪ دولت پاڪستان جو افتتاح ڪيو. اسان مان جنهن به سندس تقرير ٻڌي، تنهن کي صدمو رسيو ته سندس صحت انتها درجه خراب هئي. ڪراچي ۾ رهڻ کان چوٿين ڏينهن کيس وري ڪوئيٽا نيو ويو ۽ بعد ۾ زيارت. جولاءِ جي آخر ۾ سندس حالت سخت خراب ٿي. لاهور جي مشهور ڊاڪٽر ڪرنل الاهي بخش کي گهرايو ويو. ڊاڪٽرن جاچ مان اهو معلوم ڪيو ته قائد کي ڦڦڙن جي تڪليف هئي. هنن چيو ته هي بيماري ڪم از ڪم ٻه سال پراڻي آهي. جيئن ته قائد کي فراغت گهٽ ملي، ڇو ته هـُو هميشه هندستان جي مسلمانن جي مفاد ۾ رات ڏينهن ڪم ڪندو رهيو، کيس ايترو وقت ڪو نه مليو جو ڪنهن ڊاڪٽر سان مشورو ڪري سگهي. 13 آگسٽ تي سندس بدن ۽ پيرن تي سوڄ پيدا ٿي پئي ۽ رت جو دٻاءُ به گهٽجي چڪو هو. ڊاڪٽرن کيس موٽائي ڪوئيٽا آندو. سيپٽمبر جي پهرين ڏينهن ڊاڪٽرن کي معلوم ٿيو ته هن جي بچڻ جا امڪان تمام گهٽ آهن. 11 سيپٽمبر تي کيس وائڪنگ جهاز ۾ ڪوئيٽا کان ڪراچي آندو ويو. ساڳيءَ رات 10 بجي پنهنجي بستري ۾ آرام سان سمهيو پيو هو، جو سندس ساهه جو پکيئڙو بدن جي پڃري مان پرواز ڪري ويو!

مان اتي پهريون پهتس. جڏهن قائداعظم جي مٿان سفيد چادر ڏٺي ته مون کي محسوس ٿيو ته ان ڏينهن قوم هڪ سال جي ننڍي عمر ۾ يتيم ٿي وئي، ۽ هن ننڍي کنڊ جو عظيم مسلمان اڳواڻ پنهنجو ساهه قوم مٿان قربان ڪري موڪلائي ويو. اسان کي هو ان وقت ڇڏي ويو، جڏهن ان جي اسان کي تمام سخت ضرورت هئي.

(”اسان جي آزاديءَ جا اڳواڻ“ مطبوعه قائداعظم اڪيڊمي، ڪراچيءَ تان شڪريه سان کنيل.)


(1) هارليمن، بي. جي: امرتسر اينڊ اَور ڊيوٽي ٽو انڊيا ص 133.

(2) ايضاً، ص 32.

(3) ڪيرول، سروالنٽائين: انڊيا اولڊ اينڊ نيم ص 184-185.

(4) منشي، ڪي. ايم: آئي فالو دي مهاتما” ص 6-7.

(1) دي اسٽيٽس من ڪلڪته، 19-4-1918ع.

(2) بوليٿو، هيڪٽر: جناح ص 192 (هيڪٽر بوليٿو کي ديوان چمن لال ٻڌايو).

(3) دوارڪاداس، ڪانجي: رتي جناح بمبئي، ص 16.

(1) آغا خان: متذڪره صدر، 295.

(1) برائيٽ، ايس جڳت: سڀاش بوس اينڊ هز آئيڊياز لاهور، انڊين پرنٽنگ ورڪس، 1946ع

(1) ڪوپلينڊ، آر دي ڪرپس مشن ص 36.

(1) فچر، لوئس: دي لائيف مهاتما گانڌي پارٽ ٽو، ص 195.

(2) مينن، وي پي: دي ٽرانسفر آف پاور ان انڊيا.

(1) پياري لال: مهاتما گانڌي- دي لاسٽ فيز ص 652.

(1) امبيڊڪر، بي. آر: پاڪستان آر پارٽيشن آف انڊيا ص 334.

(2) ڪيمپبيل - جانسن، ايلن: مشن وٿ مائونٽ بيٽن ص 56.

(1) آغا خان: متذڪره صدر، ص 292

(2) آزاد، مولانا: انڊيا ونس فريڊم ص 216-209

(3) مورائيس، فرينڪ: جواهر لال نهرو ص 341.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com